تاريخ، فلسفو ۽ سياست

هوموڊيئس: سڀاڻي جي مختصر تاريخ (جو اختصار)

هي ڪتاب چارلس ڊارون جي ارتقائي نظرئي کي تسليم ڪندي تاريخ جو تجزيو پيش ڪري ٿو جنھن ۾ مذهبي تصور پڻ شامل آهن. هي ڪتاب 11 بابن تي ٻڌل آهي، جيڪي ٽن حصن ۾ ورهايل آهن: هومو سيپينز (انسان) دنيا کي فتح ڪن ٿا؛ هومو سيپينز دنيا کي معنيٰ ڏين ٿا؛ ۽ هوموسيپينز بيوس بڻجي وڃن ٿا. هي ڪتاب هڪ عام دنيائي مخلوق يعني هومو سيپينز يا انسانن جي سندن غير اهم ۽ فاني مخلوق منجهان لافاني ۽ خدا بڻجندڙ مخلوق تائين پھچڻ جي تاريخي سفر بابت سڀني اهم انقلابن ۽ تاريخي واقعن تان پردو کڻي ٿو.

Title Cover of book Homo Dues: A Brief History of Tomorrow

هومو ڊيئس: سڀاڻي جي مختصر تاريخ جي مائيڪرو سمري

ڪتاب "هومو ڊيئس:سڀاڻي جي مختصر تاريخ" (Homo Deus: A Brief History of Tomorrow) پروفيسر ڊاڪٽر يُووال نوح هراري جو لکيل آهي، جيڪو سندس ٻين ٻن ڪتابن وانگر دنيا ۾ بھترين وڪامجندڙ ڪتاب آهي. هي ڪتاب چارلس ڊارون جي ارتقائي ۽ صلاحيتن جي فطري چونڊ واري نظرئي تحت لکيل آهي. سندس مواد 11 بابن تي ٻڌل آهي جيڪي ٽن حصن ۾ ورهايل آهن: هومو سيپينز (ماڻھو) دنيا کي فتح ڪن ٿا؛ هومو سيپينز دنيا کي معنيٰ ڏين ٿا؛ ۽ هوموسيپينز بيوس بڻجي وڃن ٿا. ڊاڪٽر هراري مطابق جانورن جي دنيا ٻن سچائين (معروضي ۽ موضوعي) تي مشتمل آهي، جڏهن تہ انسانن جي دنيا ٽن سچائين (معروضي، موضوعي ۽ بين الافرادي) تي ٻڌل آهي. ڪتاب جو مصنف هن ڳالھہ تي ڏکارو آهي تہ انسانن، جانورن کي پالتو بڻائڻ جي چڪر ۾ انھن تي ظلمن جا پهاڙ ڪيرائي چڏيا هئا ۽ اهو سلسلو هن دؤر ۾ وري وڌيڪ تيز ٿيو آهي. هن ڪتاب جو مرڪز ۽ محور هڪ اهڙو سفر رهيو آهي، جنھن ۾ هڪ عام دنيائي مخلوق يعني هومو سيپينز (اسان پارو عام انسان) ارتقا ڪندي غير اهم ۽ فاني مخلوق منجهان لافاني ۽ خدا بڻجندڙ مخلوق (هومو-ڊيئس: هومو معني انسان، ڊيئس معني خدا) تائين پھچڻ وارو آهي. هي ڪتاب انسان جي اُن تاريخي سفر بابت سڀني اهم انقلابن ۽ تاريخي واقعن تان پردو کڻي ٿو.
ڊاڪٽر يُووال نوح هراري پنھنجي تازي ڪتاب "هومو ڊيئس_سڀاڻي جي مختصر تاريخ" ۾ اهو واضع ڪري ٿو تہ هن ڌرتيءَ تي سڀئي جاندار ڪنھن وقت ۾ هڪ ئي جنس منجهان ارتقا ڪندي ڦٽا آهن. ارتقائي عمل (Evolution) ۽ گهربل صلاحيتن جي فطري چونڊ (Natural Selection) وسيلي انسانن توڙي سڀني جانورن ۾ سوچ ۽ مختلف جذبا جھڙوڪ غصو يا ڪاوڙ (ٻئي جي ڳالھہ يا عمل سان سھمت نہ هئڻ)، همت (مقابلي ڪرڻ جي حوصلو)، خوف (مقابلي جي ڊپ جو غالب اچڻ)، فرار (مقابلي کان پوئتي هٽڻ)، پيار (پنھنجي نسل کي جاري رکڻ ۽ جِين منتقل ڪرڻ)، نفرت (نقصانڪار شيءَ کان پاسو ڪرڻ) ۽ خوشي (پنھنجون جسماني، ذهني، جذباتي ۽ سماجي گهرجون پوريون ڪرڻ) وغيرہ پيدا ٿيا آهن. انھن جذبن جي ڪري جاندار پنھنجو نسل ڪاميابي سان جاري رکندا ٿا اچن. اڄوڪو انسان لکين ۽ ڪروڙين سالن جي ارتقائي عمل جي ڪري لنگورن جي هڪ جنس مان ارتقا جا مختلف مرحلا طئي ڪندي موجودہ صورت تائين پھتو آهي. سندس جذبن جي حوالي سان جديد معتبر دماغي/نيورالاجي معلومات اسان تي واضع ڪري ٿي تہ اهي جذبا جاندارن جي دماغن ۾ ٿيندڙ کربين نِيورانز جي فائرنگ، تعلقات ۽ جوڙجڪ جو حساب ڪتاب ڪندڙ بايو ڪيميڪل الگورڌمز آهن.
مٿيان جذبا سڀني جاندارن ۾ هڪجهڙا آهن، جيڪي اسانجي توڙي جانورن جي دماغن ۾ 80 ارب نيوران گهرڙن جي فائرنگ ۽ انھن جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ پيچيدہ تعلقات جا نتيجا آهن. شعور ۽ روح جي حوالي سان 7 جولاءِ 2012ع ۾ دنيا جي دماغي سائنسدانن "شعور متعلق ڪيمبرج اعلان" ۾ يڪراءِ طور تي اهو واضع ڪيو آهي تہ نہ رڳو انسانن پر ٻين جانورن ۽ مخلوقات ۾ پڻ انسان وانگر پيچيدہ نيوراني، ڪيميائي ۽ دماغي-رابطن جا عمل سندن دماغن ۾ ٿيندا آهن، جيڪي انھن ۾ انسانن وانگر مٿيان احساس ۽ جذبا پيدا ڪندا آهن. مطلب تہ انسان حياتياتي ۽ روحاني طرح سان جانورن کان وڌيڪ بھتر ۽ برتر نہ آهي. ان ڪري سڀني جانورن جھڙوڪ پکين، مڇين، ريڙهيون پائيندڙ نانگن بلائن ۽ ڀونءِ آبي جاندارن (خشڪي توڙي پاڻيءَ ۾ زندھہ رهندڙ جانورن) وغيرہ کي ايذاءُ يا تڪليف پھچائڻ يا انھن جي فطري حياتي کي تبديل ڪرڻ يا انھن جي حياتي کسڻ جي ذميواري يا ڏوھہ ملوث انسان يا انسانن جي مٿان آهي.
سچائي جي حوالي سان هرارِي چوي ٿو تہ جانورن جي دنيا ٻن قسمن جي سچائين تي ٻڌل هوندي آهي: انھن لاءِ هڪ سچائي تہ اها آهي جيڪا سندن چوڌاري انھن کي ڏسڻ ۾ ايندي آهي يا حواسن ذريعي محسوس ٿيندي آهي، هن کي "معروضي سچائي" (Objective Reality) چئبو آهي؛ هن ۾ وڻ ٽڻ، ٻوٽا، جبل، درياءَ وغيرہ شامل آهن، ٻِي سچائي وري ذاتي جذبات، محسوسات ۽ سوچ تي مشتمل هوندي آهي؛ هن کي موضوعي سچائي (Subjective Reality) چئبو آهي؛ هن ۾ ذاتي پسند، ناپسند، پيار، نفرت وغيرہ شامل آهن. انسان ٻنھي سچائين کان علاوہ ٽئين سچائي تي پڻ اوترو ئي بلڪه انھن کان وڌيڪ ويساھہ رکندو آهي، جنھن کي بين الافرادي سچائي (Inter-subjective Reality) چئبو آهي. هي سچائي دنيا ۾ مادِي طور ڪٿي بہ موجود نہ هوندي آهي، پر انسانن جي گهڙيل ڪھاڻين ۾ سندن ويساھہ جي ڪري انھن جي گڏيل سوچ ۾ موجود هوندي آهي.
چوندا آهن تہ هڪ ماڻھو ڪا ڪھاڻي ٻڌائيندو تہ ان تي ڪير بہ اعتبار نہ ڪندو؛ ڏھہ ماڻھو يا سئو ماڻھو اها ڪھاڻي ٻڌائيندا تڏهن بہ اها ڪُوڙ ئي رهندي؛ پر جڏهن اها ساڳي ڪھاڻي لکين ۽ ڪروڙين ماڻھو بيان ڪندا تہ اها ڪوڙ مان ڦري سچ ٿي ويندي يا ايئن کڻي چئجي تہ سچ سمجهي ويندي. هن قسم جي سچائي جا ڪجهہ مثال ناڻو يا ڪرنسي نوٽ، ملڪ، ادارا يا ڪارپوريشنون وغيرہ آهن. (ناڻو يا نوٽ اصل ۾ ڪاغذ جا بيڪار ٽڪرا آهن؛ ڌرتي تي قدرتي طرح سان ڪٿي بہ ڪو ملڪ، ادارو يا ڪارپوريشن ٺھيل نہ آهي، اهي اسان ماڻھن جون گهڙيل ڪھاڻيون آهن). انھن ڪھاڻين تي ويساھہ جي ڪري ئي، هرارِي مطابق، انساني تاريخ ۾ چار وڏا انقلاب اچي چڪا آهن ۽ پنجون انقلاب هڪ يا ٻن ڏهاڪن ۾ اچڻ وارو آهي. سڀ کان پھريون انقلاب جنھن کي "وقوفي انقلاب" (Cognitive Revolution) سڏيو وڃي ٿو برپا ٿيو، جنھن تاريخ جي سفر ۾ اڳتي هلي ٻين انقلابن جھڙوڪ زرعي انقلاب (Agricultural Revolution)، صنعتي انقلاب (Industrial Revolution)، سليڪان انقلاب (Silicon Revolution)، سڀني شين جي عظيم رابطن جي انقلاب (Internet of All Things Revolution) جي راھہ هموار ڪئي. هر هڪ انقلاب انسانن جي زندگين ۾ اهم تبديلي پئي آندي آهي.
انسان بنيادي طور تي معروضي سچائي (Objective Reality) جي ڀيٽ ۾ خيالن ۽ تصورن کي وڌيڪ پسند ڪندڙ رهيو آهي. تصوراتي ڪھاڻيون گهڙڻ ۽ انھن تي ويساھہ رکڻ جي نتيجي ۾، اجنبي انسانن هڪ ٻئي سان تعاون ڪرڻ شروع ڪيو. وقوفي انقلاب (Cognitive Revolution) انسانن کي ڪھاڻين گهڙڻ ۽ ٻڌائڻ جي قابل بڻايو. نتيجي ۾ انسان گڏيل تعاون جي ڪري ٻين مخلوقات تي قابض ٿي ويو. ماضي ۾انسانن جهانگلي جانورن کي پالتو بڻائڻ لاءِ انھن تي ظلمن جا پهاڙ ٽوڙي ڇڏيا. مثال طور سوئر هڪ اهڙو جانور آهي جيڪو پنھنجي سُنگهڻ ۽ نڪ وسيلي کاڌي ۽ پاڻي جا ٿاڪ ڳوليندو آهي. ان ڪري ماڻھو انھن کي پالتو بڻائڻ لاءِ انھن جا نڪ ڪٽيندا هئا. (هن وقت وري جينياتي انجنيئرنگ وسيلي انسان ڪيترن ئي جانورن تي هيڪاندو ظلم ڪري رهيو آهي). اهڙي ريت انسانن دنيا کي فتح ڪيو ۽ ڌرتي جيڪا پراڻي وقت ۾ شينھن، هاٿين، بگهڙن، جهانگلي مينھن ۽ پهاڙي هرڻن سان ڀريل هئي، اها انسانن سان ڀرجڻ لڳي ۽ جانور ختم ٿيڻ لڳا.
"زرعي انقلاب" (Agricultural Revolution) دوران انسانن لاءِ پاڪ ڪتابن جي لکت ۽ خدا جا قانون اهم هئا ۽ ماڻھو انھن جي هدايتن مطابق زندگي گذاريندا هئا. ان دؤر ۾ مذهبي ڪھاڻين جي اثر هيٺ هزارين ۽ لکين اجنبي ماڻھو هڪ ٻئي سان تعاون ڪرڻ لڳا. هڪ طرف ماڻھن آسمانن ۾ اڻ ڏٺل جنت جي حصول لاءِ پئي پتوڙيو تہ ٻئي طرف وري گڏيل افرادي قوت جي ڪري انھن معجزا ڪري ڏيکاريا. زرعي دؤر ۾ قبيلا ۽ ڳوٺ، شھرن ۽ سلطنتن ۾ تبديل ٿي ويا؛ ماڻھن هڪ هنڌ تي هڪ ٻئي سان گڏجي رهڻ سکيو؛ ۽ ڪينال کوٽيا، ڊيم ٺاهيا ۽ احرامِ مصر جھڙا حيرت انگيز عجوبا ٺاهيا. انھن مختلف پيشا جھڙوڪ هاري، لوهار، واڍا، پادري وغيرہ ٺاهيا ۽ ڪيترائي سماجي نظام متعارف ڪرايا جن ۾ لکت، ناڻي ۽ فوج جا نظام شامل هئا. پر ان دؤر ۾ هڪ سلطنت جو ٻين سلطنتن سان رابطو ڪٽيل رهيو.
يُووال نوح هراري مطابق انساني ترقي جا وسيلا ٻہ نہ پر ٽي آهن: مادِي وسيلا، توانائي ۽ تحقيق. ڌرتيءَ تي مادي وسيلا يا خام مال ۽ توانائي جا ذخيرا ڀلي محدود مقدار ۾ هجن، پر تحقيق وسيلي انسانن اڄ تائين اڻ ڏٺل ۽ اڻ سوچيل نت نوان وسيلا پئي ڳوليا آهن. زرعي دؤر دوران اولھہ جي ڪجهہ ملڪن، خاص طور تي برطانيہ ۾، ان دؤر جو اضافي ناڻو تحقيق تي استعمال ڪيو ويو؛ نتيجي ۾ انھن دنيا ۾ صنعتي انقلاب (Industrial Revolution) برپا ڪيو ۽ هڪ نئون مذهب انسان-پسنديت (Humanism) ٺاهيو. هن نئين ڪھاڻي مطابق علم ۽ طاقت جو سرچشمو پاڪ مذهبي ڪتاب نہ پر "انساني جذبا" سمجهيا پيا وڃن. ان ڪري مغربي دنيا ۾ انسان کي ڪنھن مذهبي خدا يا قانون تحت مقدس نہ ٿو سمجهيو وڃي، پر انسان-پسنديت ۾ اعتقاد جي ڪري انسان ۽ انھن جا جذبا اهم آهن. هن دور ۾ برطانيہ ۾ جسماني مشقت وارن ڪمن لاءِ مشينون استعمال ٿيڻ لڳيون ۽ توانائي جا نوان ذريعا ڳولي لڌا ويا. انھن تاريخ ۾ پھريون دفعو ٻاڦ تي هلندڙ انجڻيون ۽ ريل جي رستن جو ڄار سڄي انگلينڊ ۾ وڇايو. هن صنعتي انقلاب ۾ اڳتي هلي انگلينڊ جا سائنسدان ٻاڦ جي انجڻين کي وڌيڪ بھتر بڻائڻ ۽ ٻارڻ کي مشين کان ٻاهر بدران مشين جي اندر ٻارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. نتيجي ۾ نہ رڳو ريل تي هلندڙ ڊيزل انجڻيون پر روڊن تي هلندڙ موٽر گاڏيون ۽ مختلف صنعتن جون مشينون پڻ ايجاد ٿيون. اولھہ جي سڀني غير مسلمان ملڪن ۾ صنعتي انقلاب اچي چڪو آهي ۽ اهي ان جا فائدا وٺي رهيا آهن. انھن جي شھرين کي بنيادي انساني حق حاصل آهن، جھڙوڪ صاف پيئڻ جو پاڻي، متوازن غذا، رهائش ۽ روزگار جا بھترين وسيلا ۽ انھن تائين هر ڪنھن جي هڪ جيتري پھچ، بھترين انصاف، انساني آزادي ۽ انساني جذبن جو احترام وغيرہ. مطلب تہ اتي فلاحي رياستن جو قيام عمل ۾ اچي چڪو آهي. هن تناظر ۾ ڏسجي تہ اسلامي دنيا جا مسلمان اڄ بہ زرعي انقلاب واري دؤر ۾ رهن پيا ۽ اتان جا شھري ڪيترين ئي بنيادي حقن، نعمتن ۽ سھولتن کان وانجهيل آهن ۽ سڀ ڪجهہ يعني عزت ۽ ذلت کي خدا ڏانھن منسوب ڪيو ويٺا آهن ۽ ڪا بہ سائنسي تحقيق ۽ ايجاد نہ پيا ڪن.
صنعتي طور ترقي يافتہ ملڪن، خاص طور آمريڪا، صنعتي دور جي اضافي ناڻي ۽ نفعي کي وڌيڪ تحقيق ۾ لڳايو ۽ دنيا ۾ "سليڪان انقلاب" (Silicon Revolution) برپا ڪيو. ياد رهي تہ سليڪان هڪ عنصر آهي جيڪو ڪمپيوٽر جي سرڪٽن ۽ اوزارن ۾ استعمال ٿيندو آهي. موجودہ سليڪان دؤر ۾ ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ، سمارٽ فون ۽ سوشل ميڊيا وسيلي دنيا جا ملڪ توڙي ماڻھو هڪ ٻئي سان جڙي ويا آهن ۽ دنيا هڪ عالمي ڳوٺ بڻجي وئي آهي. هينئر هڪ دفعو وري هڪ نئين ڪھاڻي جنم وٺي رهي آهي ۽ علم ۽ طاقت جو سرچشمو "انساني جذبات"کان"هٿراڌو ذهانت ۽ مشيني الگورڌمز" ڏانھن منتقل ٿي رهيو آهي؛ يعني دنيا جا ترقي يافتہ ملڪ هٿرادو يا مشيني ذهانت تي تمام گهڻو ڀاڙي رهيا آهن ۽ پنھنجيون زندگيون آسان بڻائي رهيا آهن. دنيا جي ترقي يافتہ ملڪن جا ماڻھو پنھنجيون زندگيون هٿرادو ذهانت ۽ روبوٽن وسيلي وڌ ۾ وڌ آسان بڻائي رهيا آهن. انھن ملڪن ۾ اهو وقت پري نہ آهي جڏهن موجودہ پيشا جھڙوڪ ڊاڪٽر، انجنيئر، فوجي، نرسز، استاد، ڊرائيور، ويب ڊزائينر وغيرہ ختم ٿي ويندا، ڇو تہ انھن جي جاءِ تي گهٽ خرچ گهرندڙ هٿراڌو ذهانت وارا سافٽويئر ۽ روبوٽ اچي ويندا.
ايندڙ دؤر انفارميشن ۽ بايو ٽيڪنالاجي جي سنگم وارو دؤر هوندو. ان دؤر ۾ انسان نہ رڳو "موت" جنھن کي هن وقت تائين دنيا جي اڻٽر حقيقت سمجهيو ويندو آهي، تي ضابطو ۽ فتح حاصل ڪري سگهندو، پر "سڀني شين جي عظيم رابطي" (Internet of All Things) جو انقلاب پڻ برپا ڪري سگهندو. اُن دؤر ۾، جيڪو گهڻو پري نہ آهي (هڪ يا ٻہ ڏهاڪا کن لڳندا)، انسان انفارميشن ۽ بايو ٽيڪنالاجي وسيلي نہ رڳو پنھنجي ڊي اين اي (DNA) جي خرابين کي دُور ڪري سگهندو، پر ٻين پيدا ٿيندڙ بيمارين کي رت جي نالين ۾ گهمندڙ نينو روبوٽس وسيلي ان مهل ئي ختم ڪري سگهندو. نتيجي ۾ انسان فاني منجهان اڻ فاني يا لافاني بڻجي ويندو ۽ ابدي حسن، ابدي جواني ۽ ابدي خوشي حاصل ڪرڻ جي خواب کي حقيقت بڻائي سگهندو. اهي نعمتون هر ڪنھن لاءِ عام نہ هونديون، پر فقط انفارميشن ٽيڪنالاجي، بايو ٽيڪنالاجي ۽ هٿرادو ذهانت ۾ ترقي يافتہ ملڪن جا حڪمران ۽ سائنسدان طبقا، هن ئي دنيا ۽ زندگيءَ ۾ حاصل ڪري سگهندا. مطلب تہ انھن کي جنت لاءِ اڳئين جھان جو انتظار نہ ڪرڻو پوندو. ان وقت جا اسان پارا عام انسان "بيڪار بڻيل انسانن جو وڏو ٽولو" ٺاهيندا، جيڪي خدا بڻيل حڪمران طبقي جي رحم ڪرم تي هوندا. ان دؤر ۾ انسان-پسنديت واري ڪھاڻي بہ پراڻي ٿي ويندي ۽ ان جي جاءِ هڪ نئين ڪھاڻي جنم والاريندي، جنھن ۾ انساني جذبات نہ پر بگ-ڊيٽا ئي وڏو مذهب هوندو، ڇو تہ هٿرادو ذهانت ۽ بگ ڊيٽا تي هلندڙ روبوٽ ۽ ڪمپيوٽر انسانن کان ڪيترائي دفعا بھتر ۽ تيز فيصلا ڪندڙ هوندا. ان دؤر ۾ ڊيٽا جي آزاد وهڪري جي ڪري سڀ انسان ۽ دنيا جون سڀ شيون جھڙوڪ جانور، وڻ، ٻوٽا، ريفريجريٽر، ايئر ڪنڊيشنر وغيرہ هر وقت انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون سان جڙيل هونديون. ان وقت جي خدائي صفتن سان ليس حڪمرانن وٽ، بگ ڊيٽا جي لامحدود نعمتن، تجزين ۽ طاقت جي ڪري عوام يا عام ماڻھو اهم نہ رهي سگهندا ۽ دنيا جا اربين ماڻھو "بيڪار ماڻھن جو هڪ وڏو ٽولو" ٺاهيندا.
اهو ان ڪري جو حڪمران نہ رڳو پنھنجا سڀ ڪم هٿراڌو ذهانت تي هلندڙ روبوٽن ۽ بگ ڊيٽا استعمال ڪندڙ سپر ڪمپيوٽرن وسيلي ڪندا، پر اسان پارن عام ماڻھن جي جسمن، دماغن، سوچن ۽ جذبن تي پڻ اثر انداز ٿي سگهندا. نتيجي ۾ اسان پارو عام انسان گمنامي جي اونداهين ۾ ڪٿي گم ٿي ويندو.
ڪتاب مان جيڪڏهن سبق جي ڳالھہ ڪجي تہ مون ترجمي نگار کي عام انسان (Homo Sapiens) جي فاني هجڻ کان لافاني (Homo Deus) بڻجڻ تائين جو سفر پڙهندي اهو ٿو محسوس ٿئي تہ هر دؤر ۾ انسانن جون ڪھاڻيون ۽ ويساھہ سندن مفادن آهر مٽبا پئي رهيا آهن. اقدار ۽ اخلاقيات جي سڄي راند "طاقت" جي چوڌاري پئي گهمندي رهي آهي. جنھن بہ ٽولي وٽ طاقت اچي ٿي تہ اهو پنھنجن مفادن تحت نين ڪھاڻين ۽ ويساهن جي پرچار ڪري ٿو ۽ پنھنجي طاقت جو استعمال ڪمزورن (جانورن، ماڻھن، نظرين توڙي شين) تي ڪري ٿو، مطلب تہ ٿامس مين (Thomas Mann) بلڪل صحيح فرمايو هو تہ "هر شيءَ سياسي آهي." (Everything is political)!
(هي اختصار “لِٽ لائيٽ” رسالي جي جنوري 2022 جي نائين شماري ۾ منھنجي ڇپيل ڪتابي جائزي جو سنڌي ترجمو آهي ).