باب اٺون: ليباريٽري ۾ ٽائيم بم
ڊاڪٽر هرارِي مطابق هن سلسلي ۾ ليبارٽريز يا تجربيگاهن جي خوردبينن، اليڪٽرانڪ مائيڪرو اسڪوپن، ايم آر آئي ۽ سِي ٽِي اسڪين مشينن ۾ سائنسدانن کي انساني روح، انساني آزاد مرضي ۽ انساني آزاد فيصلو وغيرہ بلڪل نہ نظر نہ ٿا اچن، پر انھن کي فقط مختلف جِينَ، هارمونَ ۽ نيورانَ ۽ انھن جا هڪ ٻئي سان مخصوص رابطا ۽ ڪيميائي عمل نظر ٿا اچن. اڄ جڏهن هڪ ماڻھو ٻئي کي قتل ڪري ٿو تہ ڀلي اُهو اِهو چوندو هجي تہ هن پنھنجي "مرضي" ۽ آزاد "سوچ" سان ان کي قتل ڪيو آهي، پر اڄ جا دماغي سائنسدان اهو چوندا: "هن شخص دماغ ۾ پيدا ٿيندڙ فلاڻن فلاڻن اليڪٽرو ڪيميڪل عملن ۽ مرڪبن جي ڪري اهو قتل ڪيو. اهي اليڪٽرو ڪيميڪل ۽ عمل ان ماڻھو جي جينياتي جوڙجڪ سان واسطو رکن ٿا، ۽ اها جينياتي جوڙجڪ انسانن جي قديم ارتقائي اثرن ۽ اتفاقي جينياتي ميلاپ جي ڪري وجود ۾ آئي آهي". ان جو مطلب اهو آهي تہ اهو قتل موروثي لحاظ کان جينياتي طور دماغ ۾ لکيل هو، يا وري اهو قتل ان قاتل جي جينياتي جوڙجڪ ۽ ان جي خارجي ماحول جي اتفاقي مخصوص ڳانڍاپي جو ردِ عمل هو، پر اهو قتل ڪنھن بہ صورت ۾ ان قاتل جي آزاد خواهش يا "مرضي" نہ هو. اسان جا جذبا جھڙوڪ پيار، نفرت، ڪاوڙ، مقابلو يا فرار وغيرہ اسان جي آزاد سوچ يا آزاد مرضي يا آزاد فيصلي کي ظاهر نہ ٿا ڪن، پر اهي لکين ۽ ڪروڙين سالن جي ارتقا جي سفر ۾ اسان جي دماغ ۾ پيدا ٿيندڙ اربن جي تعداد ۾ مختلف اليڪٽرو ڪيميڪلز ۽ سندن رابطن جي تعداد جي ڳڻپ ۽ انھن جي امڪاني حساب ڪتاب جا اظھار آهن.
ان جو مطلب اهو آهي تہ اسان جو جسم ماضي جي هر تجربي کي دماغ ۾ پيدا ٿيندڙ ڪنھن نہ ڪنھن نيوراني رابطي يا اليڪٽرو ڪيميڪل جي صورت ۾ ياد رکي ٿو، پوءِ اسان جو دماغ هڪ ئي وقت ان صورتحال ۾ ماضي جي ڪاميابي توڙي ناڪامي وارن لمحن ۾ پيدا ٿيندڙ نيوراني رابطن ۽ ڪيميڪلز جي عڪسن (يادگيرين) جو تجزيو ڪري ٿو ۽ ان ئي لمحي پنھنجو فيصلو ڪري ٿو. اهو فيصلو اندر ۾ تہ ڪمپيوٽرن جي حساب ڪتاب وانگر عددن ۾ ظاهر ٿئي ٿو، پر اسان جو دماغ انھن عددن کي اسانجي جذبن جھڙوڪ پيار، نفرت، ڪاوڙ، مقابلو يا فرار وغيرہ سان محسوس ڪرائي ٿو.
هن سلسلي ۾ دماغي سائنسدانن هڪ دلچسپ تجربو ڪيو تہ واقعي اسان جو فيصلو آزاد آهي يا اهو دماغ جي اليڪٽرو ڪيميڪلز جي حساب ڪتاب جو نتيجو آهي. انھن مختلف ماڻھن کي دماغ اسڪين ڪندڙ جڳھہ تي ويھاري، انھن کي ٻنھي هٿن ۾ هڪ هڪ بٽڻ ڏنو ۽ انھن کي چيو تہ جڏهن اشارو ڪيو وڃي تہ اهي پنھنجي مرضي سان ڪھڙي بہ هٿ وارو بٽڻ دٻائين (ياد رهي تہ اسان جي جسم جي ساڄي حصي کي دماغ جو کاٻو حصو ڪنٽرول ڪندو آهي ۽ کاٻي کي وري ساڄو حصو). هن تجربي ۾ سائنسدانن ماڻھن جي آزاد فيصلي کان گهڻو اڳ اهو ٻڌائڻ ۾ هر دفعي ڪامياب رهيا تہ اهي ماڻھو هاڻي ڪھڙي هٿ وارو بٽڻ دٻائيندا، ڇو تہ سائنسدانن ماڻھن جي دماغن جي الڳ حصن ۾ پيدا ٿيندڙ اليڪٽراني سگنلز سندن آزاد فيصلي کان اڳ ڏٺا پئي! ان جو مطلب اهو آهي تہ فيصلي کان اڳ ئي دماغ ۾ مخصوص اليڪٽرو ڪيميڪلز يا سگنلز پيدا ٿين ٿا، جن سان اسان اهو محسوس ڪريون ٿا تہ اهو اسان جو آزاد ۽ پنھنجو فيصلو آهي تہ اسان هاڻي ساڄي هٿ وارو بٽڻ دٻايون (يا کاٻي هٿ وارو)، جڏهن تہ اليڪٽرو ڪيميڪلز اهو اڳ ئي طئي ڪري چڪا هوندا آهن.
ساڳيءَ ريت سائنسدانن روبو-ريٽ ليبارٽري (روبوٽ ڪوئن جي ليبارٽري) ۾ ڪوئن جي دماغن ۾ حواسي حصن ۽ محنت جو صِلو محسوس ڪرائيندڙ حصن ۾ بجلي جا اليڪٽروڊ (ڌاتوئي تارون) لڳائي رموٽ ڪنٽرول وسيلي انھن کان بلڪل غير معمولي ۽ عجيب ۽ غريب حرڪتون ۽ ڪم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويا آهن. ايستائين جو ڪوئا تمام وڏي اوچائي تان برقي مقناطيسي سگنل (رموٽ ڪنٽرول طرفان حڪم) جي اثر هيٺ ٽپو ڏئي پنھنجي حياتي وڃائي ويھن ٿا، يا ٻين لفظن ۾ خودڪشي ڪري ڇڏين ٿا. اهو سڀ اهي ڪوئا اليڪٽرو ڪيميڪلز جي اثر هيٺ پنھنجي خوشي سان ڪن ٿا. فوجي شعبي ۾ اهڙي قسم جا تجربا ڪاميابي سان ڪيا ويا آهن. يعني جنگي ميدان ۾ ويڙهاڪ فوجين کي ٽرانسڪرينيل هيلميٽ (Transcranial Direct Current Stimulators or Helmet) پارائي انھن کان بھادري ۽ بي خوفي جا ڪارناما ڪاميابي سان ڪرايا ويا آهن. اهڙن ئي ٻين تجربن دوران هڪ صحافڻ اهو بہ ٻڌايو تہ ان هيلميٽ واري تجربي کان ڪجهہ ڏينھن بعد ۾ هن کي هڪ روحاني تجربو ٿيو. هن محسوس ڪيو تہ هن جي ذهن ۾ تمام گهري خاموشي ۽ سانت اچي وئي آهي ۽ ڪيترائي آواز ۽ تعصب جيڪي اسان کي تڪليف ڏين ٿا، اهي بہ خاموش ٿي ويا آهن؛ هن محسوس ڪيو تہ هوءَ پنھنجي اندر جي وڌيڪ ويجهي ٿي وئي هجي! ٿي سگهي ٿو اهو هڪ ڪُوڙو اثر (Placebo Effect) هجي، پر اها هڪ حقيقت آهي تہ اسان اهڙن طريقن سان هن تيز ۽ شديد گوڙ واري زندگيءَ کي پرسڪون پڻ ڪري سگهون ٿا تہ وري ان کي ناڪاري طرفن ڏانھن پڻ ڌڪي سگهون ٿا. هڪ پاسي اسان اڻ گهربل آوازن، چاهي اُهي والدين، استادن، ميڊيا، مذهبي ماڻھن يا سياستدانن جا هجن، کي ماٺو ڪري سگهون ٿا ۽ پنھنجي سموري توجھہ پنھنجي ڪم تي ڏئي سگهون ٿا؛ تہ ٻئي پاسي وري ڊپريشن ۽ تشويش جھڙن مرضن تي ضابطو پڻ آڻي سگهون ٿا.
ان کان علاوہ دماغي ۽ نفسياتي تجربن اهو ثابت ڪيو آهي تہ اسان انسانن جي دماغ جو کاٻو پاسو گهڻو ڪري ٻولي سان سلھاڙيل آهي، جڏهن تہ ساڄو پاسو بصارت ۽ اکين جي حواس منجهان ملندڙ تصويري معلومات سان واسطو رکي ٿو. ٿئي ايئن ٿو جو اسان جي دماغ جو هڪ الڳ حصو کاٻي پاسي ۾ موجود ڪھاڻين مان ٺهڪندڙ مواد کي ساڄي پاسي وارن بصري يا تصويري مواد سان ملائي مناسب نئين ڪھاڻي ٺاهيندو آهي، جنھن کي اسان يقين جي حد تائين سچو سمجهاندا آهيون، جڏهن تہ ان ۾ ڪجهہ حصو معروضي حقيقت تہ ڪجهہ وري موضوعي خيال جي آميزش هوندي آهي. وڌيڪ تہ اسان جو دماغ حواسي معلومات ۽ تجربن جي عرصي کي نظر انداز ڪري فقط انتھا ۽ اختتام جي اصول جي پوئواري ڪندو آهي، يعني ان تجربي جي حسي محسوسات جي عرصي جي انتھا يا آخر وارِي ڪيفيت کي وڌائي چڙهائي بيان ڪندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سماج ۾ اسان جون گهڙيل ڪھاڻيون سدائين اهم رهيون آهن ۽ انھن جا اثرات ڪنھن نہ ڪنھن صورت ۾ اسان جي تصويري يا بصري معلومات سان ملي هڪ نئين قابلِ يقين حقيقت جو روپ وٺنديون رهن ٿيون، جن کي اڪثر ماڻھو ڪنھن بہ صورت ۾ رد نہ ٿا ڪري سگهن. اهو ئي سبب آهي جو مائرون ويم جي شديد تڪليف واري عرصي کي ويم جي آخر ۾ مختلف غدودي رطوبتن جھڙوڪ ڪارٽيزول ۽ بِيٽا اينڊورفِنز جي اثرن هيٺ پيدا ٿيندڙ آسودگي ۽ خوشي جي احساس کي لاڳاپيل گهڙيل ڪھاڻي جھڙوڪ معاشري ۾ ماءُ جي عظمت ۽ قرباني جي جادوئي جذبي سان جوڙي ڇڏين ٿيون ۽ سڀ تڪليفون وساري ڇڏين ٿيون.
ساڳي طرح سان مذهب، حب الوطني، قوميت، سياست ۽ جنگ سان سلھاڙيل تڪليفون ماڻھو نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهن ۽ مٿن ٿيندڙ ظلمن کي مسلسل پيا سھندا آهن. هتي اهم نقطو اهو بہ آهي تہ ماڻھن جون ڏنل قيمتي قربانيون پڻ انھن کي پوئتي هٽڻ نہ ڏينديون آهن، پر اذيت ۾ مسلسل واڌارو پيون ڪنديون آهن.