لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڏکڻ ڪاڇي جا سگهڙ شاعر

ڪاڇي جو علائقو لوڪ ادب، سُگهڙائپ ۽ شعري ادب ۾ زرخيز رهيو آهي. ھن ڪتاب ۾ زيز ڪنگراڻيءَ ڪاڇي جي آڳاٽن لوڪ ۽ سگهڙ شاعرن سان گڏوگڏ، ويجهي ماضيءَ ۽ موجودہ دور تائين جي سگهڙ شاعرن جو تعارف ۽ ڪلام جو نمونو سھيڙيو آھي. ڪاڇي جي حوالي سان هيءُ ڪم نہ صرف منفرد پر پنھنجي نوعيت جو نئون ڪم بہ نظر اچي ٿو. ڪتاب ۾ 23 سگهڙن کي شامل ڪيو ويو آھي.

Title Cover of book Dakhen Kachhy ja Sugher Shair

پنھنجي پاران

مون ڪافي ڏينھن کان پئي سوچيو تہ ڪاڇي جي آڳاٽن لوڪ ۽ سگهڙ شاعرن سان گڏوگڏ، ويجهي ماضيءَ ۽ موجودہ دور تائين جي سگهڙ شاعرن جو ڪلام سھيڙي ڪتاب جي صورت ۾ منظر عام تي آڻڻ گهرجي. ڪاڇي جي حوالي سان هيءُ ڪم نہ صرف منفرد پر پنھنجي نوعيت جو نئون ڪم بہ نظر پئي آيو، جڏهن انھيءَ منفرد ڪم کي عملي جامي پھرائڻ لاءِ جاکوڙ جو مرحلو شروع ٿيو تہ ڏاڍو ڪال پئي محسوس ٿيو. ڇاڪاڻ تہ وقت جي ستم ظريفي جي لَٽ ۾ لٽجي ويل هن علائقي جي لوڪ ادب ۽ سُگهڙائپ کي تلاش ڪرڻ ۽ تحقيق جي بَٺيءَ منجهان گُذارڻ ڏاڍو ڏکيو ۽ مشڪل ڪم لڳو پئي. جڏهن تلاش ۽ تحقيق وارو ڪم عملي طور اڳتي وڌيو تہ نہ صرف حيرت انگيز پر فخر لائق شاعرن جو مواد ملڻ شروع ٿي ويو جنھن اڃان بہ وڌيڪ اتساھہ پيدا ڪيو ۽ هڪ راءِ جڙي تہ ڪاڇو نہ صرف تاريخ تھذيب، تمدن، سياحت ۽ ثقافتي حوالي سان مالامال ۽ مشھور رهيو آهي پر هيءُ علائقو لوڪ ادب، سُگهڙائپ ۽ شعري ادب ۾ بہ زرخيز رهيو آهي. جيتوڻيڪ مان ڪتاب لاءِ گهربل مواد لاءِ خوفزدہ پئي رهيس پر جڏهن مواد سامھون آيو تہ منھنجي خوشيءَ جي حد نہ رهي ۽ ڪتاب ۾ مواد شامل ڪرڻ جي چُونڊ واري ٻُڏتر ۾ مبتلا ٿي ويس. ڪاڇو کير ٿر پھاڙي سلسلي جي ڪڇ وارو ميداني يا صحرائي علائقو آهي جيڪو دادو ضلعي کان قنبر-شھدادڪوٽ تائين کيرٿر جابلو سلسلي جي ڪنار سان ڦھليل آهي. ڪاڇي کي اتر ۽ ڏکڻ ڪاڇي جي حد بندي جي اصطلاح سان سلھاڙڻ جو بنيادي مقصد اهو آهي تہ منھنجي تحقيق ۽ تاليف جو دائرو ڏکڻ ڪاڇي وارو ڀاڱو، خاص طور ضلعي دادو جي تعلقي جوهيءَ ۽ ڪجهہ ميھڙ ۽ خيرپور تعلقن واري ڪاڇي تي منحصر آهي. اتر ڪاڇي ۾ بہ لاڳاپيل موضوع مطابق مواد موجود هوندو پر مون صرف دادو ضلعي واري ڪاڇي جي علائقي جي شاعرن جي مواد سان گڏ تذڪرو شامل ڪيو آهي. ڪاڇو سنڌ جو اٽوٽ حصو آهي ۽ ڪاڇي جي هر حصي جي تھذيب، تمدن ۽ ادب جي تاريخ سنڌ جي تاريخ جو حصو آهي. ڪاڇي جي اڪثر زندگي اَبر آسري رهي آهي. ڪاڇي جون اقتصادي ۽ معاشي حالتون،هتان جي زندگي تي هڪ گهرو اثر ڇڏيو آهي. انھن حالتن جو سڌي يا اڻ سڌي طرح اثر ادب ۽ شاعري تي بہ نظر اچي ٿو. سخنوري ۽ سگھرائپ وارن خيالن ۾ ڏاهپ، دانائي سان گڏ ڪاڇي جي مخصوص زندگي جا اولڙا جهلڪندي محسوس ٿين ٿا. هن ڪتاب ۾ شامل لوڪ يا سگهڙ شاعرن جي مواد جي حوالي سان اهو لکندي سرهائي محسوس ٿئي ٿي تہ ڪاڇي جو خاص طور جوهيءَ تعلقي وارو علائقو آڳاٽي زماني کان سخنوري ۽ دانائي جو ڳڙھہ رهيو آهي. سنڌ جي وڏي سگهڙ شاعر جلال کٽيءَ کان پوءِ واري لوڪ ادب ۾ ڪاڇي جو علائقو نمايان نظر اچي ٿو. جلال کٽي ڪلھوڙا دور جو اهم لوڪ يا سگهڙ شاعر آهي. ۽ سندس ئي دور ۾ ڪاڇي ۾ اهم سگهڙ شاعر بہ پنھنجي فن، سخن ۽ دانائي ۾ پنھنجو مٽ پاڻ نظر اچن ٿا. سندن شعر پختو ۽ ٻوليءَ جي لحاظ بھترين ۽ خيالن ۾ ڳوڙهو ۽ ڳتيل ملي ٿو. جلال کٽيءَ جي دور ۾ سندس ڳوٺ سگهڙائپ جو مرڪز رهيو پر ڪلھوڙن جي آخري دور ۽ ٽالپور اميرن جي دور ۾ سگهڙائپ جو ڳڙھہ موجودہ جوهيءَ تعلقو رهيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌ جي سينگار شاعري ۾ صفعي (ص-161) تي انھيءَ ڳالھہ جي تصديق ڪري ٿو ته، ”جلال جي وقت ۾ موندر (دادو ضلعي جو قديم ڳوٺ) سگهڙ پائي جي رس رهاڻ جو مرڪز رهيو. ٽالپورن واري دور ۾ انھي رس رهاڻ جو مرڪز ڦري موجودہ جوهيءَ تعلقي طرف ٿيو. جتي عالم خان لنڊ ۽ چاڪر خان رستماڻي سگهڙ پائي جو بنياد پختو ڪيو. ولي محمد لغاري، بھاول لغاري، حاجي ڪنڊو رستماڻي، حاجي موندر کوسو، سيوو خان جمالي، اُتي وارين ڪچھرين جا مور هئا. ساڳي دور ۾ سُگهڙ قادر بخش (ميرڻ ڪوٽ) ۽ مانجهي ڊکڻ (حاصل لغاري، لڳ قصبو) کي بہ شمار ڪري ٿو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب حقيقي مسافتن ۽ مسافرين دوران قصبي جي محمد خان لغاري، ڳوٺ ڪمال خان لنڊ جي نبي بخش خان لنڊ سان پڻ ڪچھريون ڪيون.“ انھن آڳاٽن لوڪ ۽ سُگهڙ شاعرن کان پوءِ بہ ڪي اهم سُگهڙ شاعر پيدا ٿيا هوندا پر وقت ۽ حالتن جي دز چڙهڻ سبب اسان کان اوجهل رهجي ويا آهن. موجودہ دور جي بھترين سُگهڙ شاعر فقر علي ڀرڳڙي جي ڪلام تي ويچارجي ٿو تہ بنا هٻڪ چوڻو ٿو پوي تہ فقر علي نہ صرف پنھنجي تر جي وڏن سُگهڙ شاعرن جو تسلسل آهي پر هن وقت فقر علي جهڙو خالص لوڪ ۽ سُگهڙ شاعر مشڪل ملي سگهي. مان ان ۾ حق بجانب آهيان تہ جيڪڏهن انھن سُگهڙ يا ٻين اهم شاعرن جي مواد کي هڪ هنڌ سھيڙڻ وارو ڪم نہ ٿئي ها تہ شايد فقر علي ڀرڳڙي جهڙو بھترين شاعر تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ٿيڻ کان محروم رهجي وڃي ها.
مان سمجهان ٿو تہ ڏکڻ ڪاڇي واري علائقي جون سرحدون دادو ضلعي تائين آهن. انھيءَ ڪري منھنجو ڏکڻ ڪاڇي (دادو ضلعي) جي لوڪ شاعرن سان گڏ ٻين اهم شاعرن جي مواد تي مبني، هيءُ ڪتاب هڪ معمولي سڦلتا بہ آهي تہ هن علائقي جي ادبي تاريخ جي اهم ڪڙِي بہ آهي. هيءُ ڪتاب سنڌ جي لوڪ ادب جي تاريخ ۾ نرالو اضافو ثابت ٿيندو. مون ڪوشش ڪئي تہ ڏکڻ ڪاڇي جو ڪو بہ سگهڙ نہ رهي پر منھنجين سماجي حالتن ۽ ٻين مجبورين سبب ڪي سگهڙ رهجي بہ ويا هوندا. ساڃاھہ وندن سان رابطا بہ ڪيم پر مختيار چانڊيو ۽ ذوالفقار گاڏهي خيرپور ناٿن شاھہ جي هڪ اڌ سگهڙ شاعرن جو مختصر تعارف موڪليو.جنھن لاءِ سندن ٿورائتو آهيان. اميد اٿم تہ ڪتاب سنڌ جي لوڪ ادب جي سلسلي ۾ لاڀائتو ثابت ٿيندو.


عزيز ڪنگراڻي
جوهي
15 جولاءِ 2026ع