لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڏکڻ ڪاڇي جا سگهڙ شاعر

ڪاڇي جو علائقو لوڪ ادب، سُگهڙائپ ۽ شعري ادب ۾ زرخيز رهيو آهي. ھن ڪتاب ۾ زيز ڪنگراڻيءَ ڪاڇي جي آڳاٽن لوڪ ۽ سگهڙ شاعرن سان گڏوگڏ، ويجهي ماضيءَ ۽ موجودہ دور تائين جي سگهڙ شاعرن جو تعارف ۽ ڪلام جو نمونو سھيڙيو آھي. ڪاڇي جي حوالي سان هيءُ ڪم نہ صرف منفرد پر پنھنجي نوعيت جو نئون ڪم بہ نظر اچي ٿو. ڪتاب ۾ 23 سگهڙن کي شامل ڪيو ويو آھي.

Title Cover of book Dakhen Kachhy ja Sugher Shair

سُگهڙ فقير چاڪر خان رُستماڻي

فقير چاڪر خان پُٽ غلام حسين رستماڻي ڳوٺ ڇِني تعلقي جوهيءَ جو رهواسي هو۽ پنھنجي ڳوٺ جو چڱو مڙس ۽ رئيس هو. وڏي گُنَ وارو هو. ڪيئي پروليون، پھاڪا، بيت وغيرہ سندس نالي سان مشھور آهن. حڪمت بہ ڪندو هو. سُگهڙ شاعر ڪوڙو فقير ميراثي سندس خاص صحبتي هو چاڪر خان آخري عمر ۾ نابين ٿي پيو پر تہ بہ وٽس هميشہ ڪچھري لڳندي هُئي. نَوي سالن جي عمر ۾ سن 1904ع ڌاري وفات ڪيائين پر سندس وفات وارو سال بہ درست نہ ٿو لڳي. جلال کٽي جي ڀران چيل شعر ۽ ميرن طرفان جاگير ملڻ واري روايت موجب سندس وفات جو سال درست نہ ٿو لڳي. سينگار شاعري ۾ سندس ڏنل شعر(سينگار) جلال(کٽي) جي بيت ڀران چيل آهي (ص-164 بلوچ) مقامي طرح چاڪر خان لاءِ چيو وڃي ٿو تہ پھريائين پنھنجي ڳوٺ جو رئيس هو پر پوءِ فقيري رنگ چڙهڻ ڪري پاڻ کي فقير سڏائڻ لڳو. قلندر شھباز بابت شعر ساڻس منسوب ڪندي ڳوٺ علي مراد شاهاڻيءَ جي قلندر بخش شاهاڻي ٻڌايو تہ سرائيڪي شعر ۽ قلندر واري انھيءَ شعر پيش ڪرڻ تي ٽالپرن کيس هاڻوڪي ضلعي نوابشاه جي حدن ۾ جاگير پڻ ڏني هئي.
سُگهڙ چاڪر خان رستماڻي جي شاعريءَ ۾ دانائيءَ، خيال ۽ ٻوليءَ سان گڏ موسيقيت منجهان خبر پوي ٿي تہ پنھنجي وقت جو وڏو سُگهڙ شاعرہو، هيءُ ٽالپرن جي آخري ۽ انگريزن جي شروعاتي دور جو شاعر هوجنھن کي سنڌي،سرائيڪي، فارسي ۽ عربي ٻولين جي تمام گهڻي ڄاڻ هئي. هيٺ ڏنل شاعري انھيءَڳالھہ جو ثبوت پيش ڪري ٿي.
سُگهڙ فقير چاڪر خان جو سينگار وارو شعر:

ڪارا ڪيسَ کَٿوُري جهڙا، آزمائِين، عَنبرَ کي
تارَ زُلفَ جي، مارَ مَرن ٿا ، عجب لڳو اڙگر کي
جَلوي جوت جَبِين جي جهَلڪي، ڪيائون قيد قمر کي
مِرگه ٿيا نہ مقابِل يارو، نِسنَگ اَچي نَئِترَ کي
اَبرو قوس ڪَماني ڪِئين، ٿا مارن مُرغَ بَشَرَ کي
مرگان تير سَنباهي بيٺا، جنگِ فِرنَگ فَجَر کي
اَنف ٿيو مِنقار مِثل، ٿو شرمائي شَهپَرَ کي
لب لعل بَد خشانِي مَرجان“، عَجب لڳو اَحمرَ کي
درَ دندانَ رُماني داڻا، سھمائن سَنگ مَر مَر کي
چاھہ زَنخ ڪِنعانِي هويا ، موهِيئَين شاھہ مصر کي
پِستا بوءِ بھاري بِيٺا، عَجب انار عطر کي
قد تَئون سَرو صنوبر صدقي، ڇاهي شانُ شَجَر کي
اي ” چاڪر “ پنھنجو حال اچي ڪر پيش علي اڪبر کي.

فقير چاڪر خان رستماڻي جو سرائڪي شعر:

پڙھہ الحمد وکيجي هر دم قدرت سان قادردي
عشق اُٿاهين هي وڃ اڙدا جٿ جاءِ نہ زور زبردي
ڪُن فَيڪُون ڪَئون اڳ وچ پيتُس سَرڪي شُھد شھردي
لونءِ لونءِ دي وچ لَئون تہ جڳايُس قطري سا ڪوثردي
جند جان دي وچ ميھر دي جنھن ڪون لڳ ڳئي نوڪ نظردي
بي تاب زُليخان وانگون ٿي پئي جنھن ڪون سُڌ نہ پئي ڪا سِردي
ٿي اڌ رات نڪل ٿي ٻاهر ڇوڙ تما سڀ گهردي
رِم جهِم بادل مينھن وسيندي اُلٽي بوند اَپردي
ٻيلي وچ اَويل ٿي ڳيُس جٿ جاءِ مِرون مانگردي
روجهي رڇ بلائين ڀولي ڀَوءَ نہ ڪري باندردي
هاٿي هرڻ گورا گر گورڙي سُڻي هَس ڪُوڪ ڪيھردي
جابو مَم سلھہ (سرھہ) گڊ گينڊي ڪردي ٻيڪ ٻڪردي
ڏردي مور نہ مُڙدي وڃ مھراڻ دي تردي
اهي ڪم ڪُل عشق ڪري نھين هي بات بشردي
چاڪي دلا ڪيتُس هٿان وچ جڏان ڏٺس موج بحردي
ڀيلا ڀُر پيا يار هٿان دي ٺڪِري رهي نہ ٺِڪردي
لڙھہ ڪر يارو ٿئي جارواني ٽڪران نال ٽڪردي
ليٽ پليٽ اُليٽ گهڙي ڪون ڳئي نال تاران دي تردي
سمجهئون ساهڙ سڏڙي ڪريندي پُس موڙي موت ازل دي
هُڻ آندي ڏون ملائڪ پڇاڻي جوڙ بندي دفتر دي
آکيندي هي قسم توسان ڪون خدا دا ميڪون ڏس ڏيوو ميھردي
ضامن ٿيس رسول سچا جو ڪنڌ ڪِتُس محشردي
پئي وڃ حسنين دي پاڙي وچ شھيد شھردي
اي ” چاڪر“ چا رک هردم دل وچ حُب علي حيدردي.

فقير چاڪر خان رستماڻي جو قلندري شعر

*
آءُ توکي شھنشاھہ قلندر نہ چوان ڇو؟
اولاد نبي آل پيغمبر نہ چوان ڇو؟
دل گوش تون شبير جو شبر نہ چوان ڇو؟
دم مست قلندر اچي تو در نہ چوان ڇو؟

*

شھہ غوث قطب لال لکي لال لعل تون
تون مرجين جي بحرين جو روشن جمال تون
خود هُدا نور خدا نور نھال تون
سر بسر عنايت جو بحر بھر حال تون
رھہ راھہ هدايت جي رخ رهبر نہ چوان ڇو؟

*
سر چھرو قلنگيءَ بر سر نور جون نيلون
گُل جاءِ گُلابن ۾ مٿي موڙ مديلون
مھتاب مُنارن تي ٻَرن ڪوڙين قنديلون
بتيون باغ ستارن جي مثل سُرخ سفيلون
فردوس تنھنجي صحن برابر نہ چوان ڇو؟

*
تون شاھہ شھنشاھہ شيعو پاڪ جعفري
جسم علي مُبارڪ سرتاج سروري
اِبن الحُسين هادي خورشيد انوري
فقراھہ تنھنجي فيض وارو عملو حيدري
آءُ توکي آلِ عطرتہ اظھر نہ چوان ڇو؟
*
شريعت ۾ تنھنجي طريقت تمام آ
حقيقت اوهان جي در تي معرفت مدام آ
زبان حنفي حنبلي کي ورد صبح شام آ
تنھنجو شافي مالڪي کي اصُل کان احرام آ
ڪُل مُسلمن جو مير مُهاجر نہ چوان ڇو؟

*
سِر لعل صدر لعل جسم لعل جوهر لعل
گل لالِ گوهر لالِ بيغ برغ ثمر لالِ
عرش لعل قرش لعل شمس لعل قمر لعل
دَر لعل کي هيرو ۽ جواهر نہ چوان ڇو؟

*
مئي مست مُغان مست فيض مست فڪر مست
اندر عشق اثر مست تيغ مست تبر مست
علم زير زَبر مست زمين مست ضمن مست
مستو مست مضنفر کي غضنفر نہ چوان ڇو؟
*
يا لعل حسيني تون شھباز قلندر
مُشڪل منھنجي حل ڪر تھہ تاج قلندر
مسڪين مداحي جو جو ٻُڌ آواز قلندر
ڪر پنھنجي گدا گر کي سرفراز قلندر
” چاڪر “ کي تنھنجي در جو ثناگر نہ چوان ڇو؟