قاسم پٿر جي سياست شروعات
يارمحمد ابن حيات پنهور سنڌ جو هڪ يگانو ڪردار رهيو آهي، جنهن سنڌ جي قومي ۽ ادبي تحريڪ ۾، خاص ڪري ون يونٽ واري دور ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، فقير عبدالغفور الستيءَ جي لفظن ۾ ”هو سنڌ جي عشق ۾ مجذوب ٿي ويل شخص هو.“
ابن حيات 1920ع ڌاري دادو ضلع جي ڳوٺ ’کارڙي‘ ۾ ڄائو، پاڻ 1949ع ڌاري، ’اداره ادبي انجمن‘ قائم ڪيائين. 1951ع ۾ ’پرهه ڦٽي پبليڪيشن‘ قائم ڪيائين. جنهن هيٺ ڪيترائي ڪتاب منظر عام تي آندائين. ابن حيات پنهور جهمپير ۾ ماستري به ڪئي ته سنڌي ادبي بورڊ ۾ ملازمت به. بئنڪ ۾ نوڪري به ڪيائين. پر اهي سڀ نوڪريون سنڌ جي عشق ۾ هو سدائين داءُ تي لڳائڻ جي لاءِ تيار هوندو هو، ابن حيات پنهور جي سنڌ سان ان عشق جي ڪيفيت بيان ڪندي خالد سنڌي، ابن حيات پنهور جي ڪتاب ”ڪروڙ پتي“ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
”.... مان سندن هڪ قومي ڪارنامي طرف ڌيان ڇڪائڻ ضروري ٿو سمجهان. 1969ع ۾ جنرل ايوب خان جي آخري دور ۾ جڏهن مون ون يونٽ ٽوڙائڻ جي لاءِ بک هڙتال شروع ڪئي ته جن دوستن منهنجو سڀ کان وڌيڪ ساٿ ڏنو، ابن حيات پنهور انهن ۾ سڀني کان اڳرو هيو. بلڪه بک هڙتال جي فيصلي ٿيڻ وقت ابن حيات بضد رهيو ته سڀ کان اول بک هڙتال تي ويهي، ليڪن مون ۽ ع . غ سنڌي (هاڻوڪي عبدالغفور الستي) قاسم شورو، ديدار جتوئي، محمد دائود بلوچ ۽ ٻين دوستن ابن حيات جي عمر ۽ نوڪري کي سامهون رکي سندس تجويز نامنظور ڪئي ۽ آخري فيصلو منهنجي ئي حق ۾ ٿيو.... مون کانپوءِ بک هڙتالين جي هڪ وڏي لسٽ هئي، ليڪن پنهور صاحب ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اسانجون سڀ دليلون ۽ دلائل رد ڪري اچي بک هڙتالي ڪئمپ ۾ (جيڪو جيئي سنڌ (هاڻوڪو حيدرچوڪ) چوڪ تي لڳل هو) بک هڙتال تي ويهي رهيو، سندس خلوص ۽ جذبن کي سڀني سلام ڪيو، ليڪن جلدئي کيس سنڌي ادبي بورڊ جي نوڪريءَ تان هٿ کڻڻو پيو...“
اُن وقت سنڌ ۾ رجعت پرستن، سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن، خاص ڪري ترقي پسند اديبن ۽ انهن مان به خاص ڪري شيخ اياز تي فحاشي پکيڙڻ، هندستان جو ايجنٽ، ڪافر، ملحد، دهريو، اسلام ۽ پاڪستان جو دشمن قرار ڏيئي، وڏي باهوڙ شروع ڪئي. جواب ۾ وطن دوست اديبن به انهن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ شروع ڪيو، انهن جي جواب ۾ مولانا غلام محمد گرامي ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر“ جهڙو شاهڪار ڪتاب لکيو. جنهن ۾ هن رجعت پسندن جي الزامن ۽ اعتراضن جو جواب ڏنو. ساڳئي وقت محترم رسول بخش پليجي ”انڌا اونڌا ويج“ (ڀاڱو پهريون)، پهرين اخبار ”خادم وطن“ ۾ قسطوار لکيو ۽ پوءِ 1967ع ۾ ڪتابي صورت ۾ پڌرو ٿيو، جنهن جو مهاڳ ابن حيات پنهور لکيو، نه رڳو اهو، پر خود ابن حيات پنهور هڪ ڌار ڪتاب لکي انهن رجعت پسندن کي سَنڌائتو ڌڪ هنيو، جنهن جو ذڪر ڪندي، رشيد ڀٽي، شيخ اياز جي ڪتاب ”خط تقريرون ۽ انٽرويو“ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
ان تڪرار ۽ اختلاف راءِ دوران هڪ ٻيو به ڪارگر تنقيدي ڪتاب ڇپيو، هي ڪتاب جهوني اديب ۽ ترقي پسند ابن حيات پنهور لکيو، ڇپرايو ۽ پڌرو ڪيو. پنهور پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب ۽ اسانجا اديب“ ۾ رجعت پرستن جي ترقي پسندن خلاف اجائي گهل گهوڙا ۽ فتويٰ بازيءَ جا سياسي، اقتصادي ۽ نفسياتي محرڪ پيش ڪيا هئا.“
ابن حيات جو ڪعبو ۽ قبلو سنڌ هئي. ان وقت جڏهن حالتون انتهائي خراب هيون، تڏهن سنڌ جي نامياري دانشور سائين محمد ابراهيم جويي پڻ، سرڪاري نوڪريءَ ۾ هئڻ سبب، پنهنجا ڪيترائي ليک ابن حيات پنهور جي نالي سان ڇپرايا هئا، جيڪي ليک هاڻ جويي صاحب جي ڪتاب ”هوءَ جا ٽمڪي باهڙي“ ۾ ان نوٽ سان گڏ شامل آهن ته اڳ ۾ ’هي مضمون ”ابن حيات پنهور“ جي نالي سان ڇپيا ويا هئا.‘
ون يونٽ واري دور ۾ ون يونٽي غدار وڏيرن، ايوب کهڙي ۽ ٻين کي مخاطب ٿي لکيل ابن حيات پنهور جو نظم ”سنڌ جا سوداگر تو تي لعنت لک هزار“ اهڙن غدارن جون ننڊون ڦٽائيندو رهيو، اهو نظم هن ريت آهي:
سنڌ جا سوداگر توتي لعنت لک هزار،
صديون گذريون ڪنهن نه ڪيو هي ذلت جو واپار.
سوين سڪندر، قاسم ڪرڙا، احمد شاهه ابدالي،
آيا ٺوڪر کائي هليا ويا، ويٺا ڪين ٿي والي،
سنڌ سونهاري سالم رهندي، ڪامل آ اعتبار.
سنڌ جا سوداگر توتي لعنت لک هزار.
سيد، سامي سانڍي آهي، منهنجي مٺڙي ٻولي،
پُٽ تون پاڻ سنڀالج، ماءُ ڏني اٿئي لولي،
ڀؤڪو ڀٽائي جو ته ڪرين ها ڪيئن، ڪيئي اقرار؟
سنڌ جا سوداگر توتي لعنت لک هزار.
زال زبان زر ڪڏهن آهن مردن کان کسبا،
سنڌي سورهيه سامهون ٿيندا، پوئتي ڪين پسبا،
مرد مقابل ميدان ٿيندا نڪري ٿي نروار.
سنڌ جا سوداگر توتي لعنت لک هزار.
جيجل جيسين ساهه سسئيءَ ۾، تيسين تون آزاد،
تنهنجا محبت وارا مِٺڙا ٻول سڀن کي ياد،
مرد انهي هوند مري شل جيڪو ڪري انڪار.
سنڌ جا سوداگر توتي لعنت لک هزار.
ابن حيات پنهور محترم جي ايم سيد جي سنڌ متحده محاذ جو ڪجهه عرصي لاءِ حيدرآباد ۾ آفيس سيڪريٽري به رهيو.
ابن حيات پنهور ڪيترائي ڪتاب لکيا، سهيڙيا ۽ ترجمو ڪيا، جن ۾ ’پيئي جن پروڙ‘، ’توکي ساري ساهه‘، ’قوم ۽ قوميت‘، ’ڪروڙ پتي‘، ’چار داڻا‘، ’ماڻهو ۽ ڌرتي‘، ’قومي گيت‘، ’ون يونٽ ۽ متحده محاذ‘، ’پرهه ڦٽي‘، ’عدم ۽ عمل‘، ’ڀينر آءُ ڀُلياس‘، ’بدوي قومون‘، ’اڃان اڳاهون‘، ’سنڌي ادب ۽ اسانجا اديب‘ شامل آهن، تنهن کانسواءِ پاڻ تاريخ ڪلهوڙا جو سنڌيءَ ترجمو پڻ ڪيو اٿس.
ابن حيات پنهور ’سنڌي ادبي سنگت سنڌ‘ جي بانين منجهان به هو. 17 آڪٽومبر 1956ع ۾ سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ ٿيل ”سنڌي ادبي سنگت ڪنوينشن“ ۾ ابن حيات پنهور جهمپير شاخ جي نمائندي جي حيثيت سان شريڪ ٿيو هو. ابن حيات پنهور کانسواءِ ’سنگت جهمپير‘ جا باقي ٽي نمائندا جماالدين ڪوهستاني، غلام مصطفيٰ ۽ محمد حسن هئا.
هتي هڪ ستم ظريفي جي ڳالهه ڪجي ته بهتر. تازو سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران ڇپيل ’انسائيڪلو پِيڊيا سنڌ يانا‘ جي پهرين ڀاڱي ۾ جڏهن ابن حيات پنهور جي انٽري ڏٺم ته اڻ پوري ۽ اڻ ڄاڻائي تي ٻڌل ملي. ٻيو ته ٺهيو، پر سندس ڪتابن جا مڪمل نالا به ڪونهي، سنڌي ادبي سنگت ۾ سندس ڪردار بابت به اڻ ڄاڻائي تي ٻڌل هي جملو لکيل مليو. ”.... ابن حيات پنهور سنڌي ادبي سنگت جي ٻئي دور ۾ ابتدائي ميمبرن مان رهيو آهي.“ (ص 113).
ابن حيات پنهور 13 جنوري 2003ع تي وفات ڪئي.
مون مٿي عزيز سلام بخاري ۽ ابن حيات پنهور جو مختصر ذڪر ان ڪري ڪيو آهي ته جيئن قاسم پٿر جي مستقل جي زندگي ۽ جدوجهد کي انهن ٻنهي يگانن شخصن جي ڪردار جي پسمنظر ۾ ڏسي سگهجي، جن جو مٿس گهڻو اثر رهيو.
قاسم پٿر پنهنجي ان فڪري استاد ۽ رفيق ’ابن حيات پنهور‘ کي سدائين عزت ۽ احترام سان ياد رکيو ۽ ساڻس پنهنجي دلي وابستگيءَ جو ثبوت ’ابن حيات پنهور‘ لئبرري قائم ڪرڻ جي صورت ۾ ڏنو، جنهن جو اڳتي هلي ڪن دوستن جي مدد سان ميرپور بٺوري ۾ پنهنجي ماڙيءَ جي مٿان هڪ ڪمرو ٺهرايائين ۽ پهرين جولاءِ (ون يونٽ ٽٽڻ واري ڏينهن) 2006ع تي پنهنجي هڪ ٻي رفيق جناب نورالدين سرڪي جي هٿان افتتاح ڪرايائين.
ابن حيات پنهور سان ان ملاقات ۽ پوءِ رفاقت ۽ عزيز سلام بخاري جي ساٿ، قاسم پٿر جهڙي غريب ۽ سادي شخص جي هڏ ڏوکي دل ۾ هن ظلم ۽ جبر تي ٻڌل نظام جي خلاف بغاوت ڪرائي، هن پنهنجي علائقي ۾ فقير عيسيٰ خواجي ۽ رئيس جمال خان لغاري جهڙن ظالم، جابر ۽ گبر وڏيرن جا هارين نارين ۽ ڪمين ڪاسبين تي ظلم ۽ انيڪ ڏاڍ ڏٺا هئا. انهن وڏيرن جي واتن مان نڪتل لفظ ”ڪُن“ يعني ’ٿي پئو‘ جي حيثيت رکندو هو. ٻيئي وڏيرا سدائين چڙهندڙ سج جا سلامي، آمريتن جا ساٿاري ۽ عوام لاءِ آزار رهيا. سندن اٽڪلون ۽ سازشون، عام ماڻهن کي هڪٻئي سان ويڙهائڻ ۽ مٿن حڪومت ڪرڻ واريون رهيون، رئيس جمال خان جي پهچ ۽ رسائي ايتري جو ملڪ جو صدر فيلڊ مارشل ايوب خان به وٽس شڪار ڪرڻ جي لاءِ آيو، ته ٻي پاسي فقير عيسيٰ خواجو به گهٽ نه هو، قاسم پٿر چواڻي:
”..... سنڌ جي هوشيار وڏيرن جي نشاني عيسيٰ خواجو بٺوري ۾ موجود، ايوب شاهي جو دور، وري عيسيٰ جي گاڏيءَ تي دريءَ وٽ خوبصورت اکرن ۾ لکيل هجي ”فرينڊز ٽاٽ ماسٽرز “ ڀلا ڀائي ڇا ڪجي.
سيٺ عيسيٰ خواجي جي مقامي راڄن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ ۽ انهن کي استعمال ڪرڻ جي طريقي جوذڪر ڪندي محترم اعجاز علي خواجي پنهنجي ڪتاب ”نيئر منهنجو نينهن“ ۾ هڪ دلچسپ واقعو بيان ڪيو آهي، جنهن مان عيسيٰ خواجي جي سازشي ذهن ۽ اٽڪلن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
..... هڪڙو دلچسپ ۽ ياد رکڻ جهڙو واقعو ذهن تي تري آيو اٿم، جنهن مان سيٺ عيسيٰ جي طريقي ڪار جي خبر پوندي ته ڪڏهن ڪڏهن جبر سان ته ڪڏهن وري اسانجن غريب خواجن کي ڊيڄاري مٿن نفسياتي اثر وجهي کانئن پنهنجن آمرانه فيصلن تي هاڪار ڪرائيندو هو.
مارچ 1967ع ۾ 12 محرم تي هن پنهنجي بنگلي تي خواجه جماعت جو هڪ ميڙ ڪوٺايو. سڀني ماڻهن کي چانهه جو ڪوپ پياري، ٿڌيون، مِٺيون، لهواريون اوڀاريون ڳالهيون ڪري پوءِ موصوف تقرير شروع ڪئي.
توهانکي خبر آهي ته کٽي، ميمڻ، زنئور ۽ ٻي ڪابه قوم(i) توهانجي دوست ڪونهي. توهانجي قوم جا هزارين دشمن آهن، سڀ توهان جي رت جا پياسا آهن. توهانجي خلاف ڪيتريون ئي سازشون ٿي رهيون آهن، جن جي توهانکي ڪابه ڄاڻ ڪانهي، خواجن سان مقابلي لاءِ بٺوري جي آس پاس ۾ بم گولا ۽ٻيا هٿيار پيا ٺهن، جن جي توهانکي ڪابه خبر ڪانهي، انهيءَ باري ۾ مون گورنر ۽ صدر سان لکپڙهه به ڪئي آهي، مونکي خبر آهي ته آئون ڪهڙيءَ ريت انهن سڀني حرامي ماڻهن کي منهن ڏيئي رهيو آهيان، نه ته جيڪر اهي اوهانکي ڪچو کائي وڃن.
توهين آهيو ڪيترا، تمام ٿورڙا، هڪڙي ننڍڙي قوم، ايترا جو آءٌ توهانکي جيڪر هڪڙِي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري تالو وجهي ڇڏيان ته ڪنهن کي خبر ئي ڪانه پوندي.
اهو آهي سندس طريقه واردات.
سيٺ عيسيٰ جي چهري تي گهاٽي فڪر ۽ دورانديشيءَ جا مصنوعي آثار نمايان، انهن سڀني حرڪتن ويٺلن تي ڪيترو نه متاثر ڪيو هوندو.
پوءِ قاسم پٿر انهن وڏيرن سان هٿين پئجي ويو ۽ جدوجهد جي ميدان ۾ لٿو ۽ پنهنجو ساٿ وڌائيندو ويو ۽ سنگت ساٿ سان گڏجي هارين کي وڏيرن جي ڇيڙن ۽ بيگرن ۽ ٻين انيائن کان بچائڻ لاءِ کين منظم ڪرڻ ۽ منجهن پنهنجن حقن بابت شعور پيدا ڪرڻ لڳو.
قاسم پٿر جي ان جدوجهد جو ذڪر ڪندي، سندس هڪ دوست ۽ ساٿي پرويز پنهنجي آتم ڪهاڻي ”پيهي جان پاڻ ۾“ لکي ٿو.
.... ان گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ پٿر سنڌيءَ پنهنجا دوست ٺاهڻ شروع ڪيا ۽ مزاحمتي جنگ جو اعلان ڪيو. قاسم پٿر جنهن جي خلاف ڪافر، دهريو، ڦريل ۽ ڪميونسٽ هجڻ جي پروپيگنڊه جا تير وڏڦڙي وانگر هر طرف کان وسي رهيا هجن، اُڀري سامهون آيو. پٿر سڀ کان پهريائين ڪوشش ڪري فقير عيسيٰ جي خاص راڄن چانگن، زئورن، رنگيجن، سوهن ۽ لُنڊن مان سندس مکيه ماڻهو چورائڻ جو ڪم ڪرڻ لڳو ۽ انهيءَ بنهه اڙانگي ۽ خطرناڪ ڪم ۾ هو ڪامياب ويو. زئنورن مان پنهون زئنور مرحوم، زنگيزن مان محمد حسن عرف زٽو زنگيزو مرحوم، لُنڊن مان شير خان لُنڊ، سوهن مان اسماعيل سوهو ۽ چانگن مان احمد چانگ مرحوم، اسماعيل چانگ، مٺو چانگ، مرحوم ڪمال چانگ ۽ زئورن مان ڇٽو زئور سان ياري رکيائين، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان فقير صاحب جا ويجها ماڻهو سمجهيا ويندا هئا. اهڙي طرح فقير عيسيٰ جي حڪمراني ۾ ڏار پوڻ لڳا ۽ پٿر سنڌي ۽ سندس دوستن جي قوت وڌڻ لڳي. انهيءَ دوبدو جنگ دوران ڪيترائي اهڙا مرحلا آيا، جڏهن پٿر سميت سندس ڪيترن ئي سياٿين سان جهيڙا ٿيا. ڪوڙا ڪيس داخل ٿيا. ڪيترائي ڀيرا جيل وڃڻو پيو. پر چري ڪيئن؟ چي ويران وير وڌو جي مصداق پٿر جي ساٿين ۾ واڌارو ٿيندو رهيو.
پوءِ اهي جدوجهدون ايتريون ته وڌيون، جو ميرپور بٺورو سنڌ جو ويٽنام سڏجڻ لڳو. اهڙيون ڳالهيون وڏيرن ۽ انهن جي حوارين کان ڪٿي ٿي سَٺيون. قاسم ۽ سندس سنگت جونالو ٻُڌڻ سان ئي هنن جي اکين ۾ رت مِڙي ٿي آيو ۽ قاسم وري انهن وڏيرن پاران هلائن، سازشن، حملن ۽ هڪلن جي باوجود به ان عظيم سٿ جو ساٿي بنيو بيٺو رهيو ۽ ويو اُن کي وڌائيندو. هڪ اهڙو سٿ جنهن لاءِ شاهه لطيف جو هي بيت ٺهڪي ٿو اچي.
هڻڻ هڪلڻ، ٻيلي سارڻ اي مانجهائين مرڪ
وجهن تان نه فرق، رُڪ وهندي راند ۾.
اهڙي سٿ لاءِ جيڪڏهن اردو جو هي شعر لکان ته به وڌاءُ نه ٿيندو.
تزئين ڪائنات ڪا باعث وھي بنڳ
دنيا سڳ اختلاف ڪي جرات جنھوڻ نڳ ڪي.
۽ نتيجي ۾ جيل ته قاسم پٿر جو ٻيو گهر بنجي ويو ۽ اهو مشهور ٿي ويو ته ”جيل ته قاسم پٿر ڄڻ ٻولي کنيا آهن.“