ابن حيات پنهور لئبرريءَ جو افتتاح
اسانجي پاڻ ۾ ڪافي دير ڪچهري ٿي ۽ بحث مباحثو به ٿيو، ان ۾ مونکي قاسم ٻه ڳالهيون خاص طور تي چيون ۽ انهن تي عمل ڪرڻ لاءِ زور ڀريو. پهريون اها ته، توهان تاج جويي جي ڪنهن به بيان ۽ الزام جو جواب قطعي طور تي نه ڏيو ۽ جواب نه ملڻ تي هو پنهنجي موت پاڻ ئي مري ويندو ۽ اوهان هنن جي الزام تراشين جي جواب ۾ وڌ کان وڌ ڪم ڪريو ۽ ان کان سُٺو ٻيو ڪوبه جواب ڪونهي، ٻي ڳالهه اها چيائين ته، اوهان ڪنهن بزرگ اديب جي سرپرستي حاصل ڪريو.
مون کيس ٻُڌايو ته اسين حتي الامڪان اها ڪوشش ڪندا آهيون ته مخالف گروهه جي اخباري الزامن جا جواب نه ڏيو، پر هي ميڊيا جو دور آهي ۽ مجبور ٿي ڪن معاملن ۾ وات ڪڙو ڪري وضاحت ڪرڻي ٿي پوي، ٻيو ته اسانکي اڪثر بزرگ ۽ سينئر اديبن جي سرپرستي حاصل آهي، جن کان اسين نه رڳو صلاحون وٺندا آهيون، پر کين گهربل عزت ۽ احترام به ڏيندا آهيون، اهڙن بزرگ ۽ سينئر اديبن ۾ نورالدين سرڪي، سوڀو گيانچنداڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سراج، شمشيرالحيدري، تاج بلوچ، تاجل بيوس، فتاح ملڪ، امر جليل ۽ ٻيا شامل آهن، جيڪي اسان جي پروگرامن ۾ پڻ ايندا رهندا آهن.
مٿين ڳالهين جي ڪري قاسم جو خيال هو ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کي دعوت ڏجي، مون کيس ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو فون نمبر ڏنو ۽ جڏهن قاسم پٿر، ڪراچي دوستن کي دعوتون ڏيڻ ويو ته نورالدين سرڪي صاحب جي آفيس مان ذوالفقار سيال سان فون تي ڳالهايائين ۽ کيس دعوت ڏنائين، جيڪا هن قبولي.
30 جون تي يعني افتتاح کان هڪ ڏينهن اڳ جڏهن پروگرام کي فائينل شڪل ڏيڻ جي سلسلي ۾ گڏياسين ته مون قاسم کي ڪافي پريشان ڏٺو، چيائين، ”سرڪي صاحب چويٿو ته مون وٽ گاڏي نه آهي، گاڏيءَ جو بندوبست ڪر ته اچان.“ ڳالهه ڳري ٿي پيئي، هاڻ ڇا ڪجي؟ قاسم چيو ”لڳي ٿو ته سرڪي صاحب ڪو نه ايندو. چيف گيسٽ نه ايندو ته پروگرام مزو نه ڪندو.“
مون چيس ته مونکي هڪ حل سُجهي ٿو، سو اهو ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کان پُڇون ٿا، جيڪڏهن هو اچي ٿو ته پوءِ سرڪي صاحب کي به کڻيو اچي. اهو ٻُڌي قاسم مونکي هڪدم ذوالفقار سيال سان رابطو ڪرڻ لاءِ چيو ۽ مون ان ئي مهل ڊاڪٽر ذوالفقار کي فون ڪري کانئس اچڻ بابت پڇيو، هن اچڻ جي پڪ ڏني ته مون کيس سرڪي صاحب کي به کڻي اچڻ جي گذارش ڪئي. ٻي ڏينهن ڊاڪٽر ذوالفقار سيال نه رڳو نورالدين سرڪي، پر ڪامريڊ روچي رام کي به پنهنجي گاڏيءَ ۾ کڻي آيو. ٻئي بزرگ قاسم پٿر جا پراڻا سنگتي هئا. انهن جي اچڻ سان قاسم ڪو خوش ٿيو ڇا. پوءِ قاسم مونکي اڪثر چوندو هو ته جيڪڏهن ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سرڪي صاحب ۽ ڪامريڊ روچي رام کي کڻي نه اچي ها ته شايد پروگرام ايترو سٺو نه ٿئي ها ۽ پروگرام جي ڪاميابي جو ڪريڊٽ توڏانهن ٿو وڃي. ان ڏينهن کانپوءِ منهنجو قاسم سان هڪ نئون رشتو جڙيو ۽ اسان جي وچ ۾ اعتماد وڌيو.
اهو پروگرام ننڍو ئي سهي، پر يادگار حيثيت رکي ٿو. قاسم ان جي وڊيو به ٺهرائي هئي ۽ مانيءَ تي به دل کولي خرچ ڪيو هئائين. ٻي ڏينهن چيومانس ته، ”قاسم.... اوچتو خزانو ڪٿان لڌئي“ ته کلي وراڻيائين ”سنگت ساٿ جي ساٿ سان هر شئي سولي ٿي پئي.“
پهرين جولاءِ، ون يونٽ ٽٽڻ جو ڏينهن به هو. ان ڏينهن سنڌ جي هڪ ڀيرو ٻيهر مغربي پاڪستان جي ڪُک مان صوبائي حيثيت بحال ٿي. تقريرن ۾ ون يونٽ جي ٽٽڻ ۽ اُن ۾ ابن حيات پنهور جي ڪردار جو به ذڪر ٿيو. مقررن کيس زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو.
مونکي تڏهن افسوس ٿيو، جڏهن 10 فيبروري 2008ع تي قاسم پٿر جي چاليهي جي موقعي تي ٿيل تعزيتي ريفرنس ۾ جيڪو قاسم پٿر جي دوستن پاران ’قاسم پٿر يادگار ڪميٽي‘ جي بئنر هيٺ ڪوٺايو ويو هو، جڏهن مون معلوم ڪيو ته ذوالقفار سيال کي پروگرام جي دعوت ملي آهي يا نه، ته خبر پيئي ته نه، پوءِ اهو سوچي آئون مطمئن ٿي ويس ته ”قاسم پٿر يادگار ڪميٽيءَ“ جي ڪرتا ڌرتائن تي ڏک يا معيار اجائي آهي. جو انهن دوستن جي نظر پنهنجي نڪَ کان اڳتي ڪونهي. جنهن جي پڪَ پوءِ قاسم پٿر تي ترتيب ڏنل ڪتاب ’ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا‘ ۽ پوءِ جنهن نموني پروگرام هلايو ويو، ڏسي ٿيو. مونکي قاسم جي هڪ ويجهي دوست مگهن لال شرما ٻُڌايو ته سندس قاسم تي لکيل مضمون ڪميٽي وارن کي ڏنو، پر هنن ڄاڻي واڻي، سعيو ڪري ڪتاب ۾ نه ڇپيو. اهو مضمون پوءِ مون ’سنگت‘ جي پرچي مارچ، اپريل 2008ع ۾ ڇپيو.
ان مهل دل ۾ خيال آيم ته جي قاسم پٿر جيئرو هجي ها ۽ اهو سڀ ڪجهه ڏسي پُڇانس ها ته ”قاسم هي سڀ ڪجهه ڇا پيو ٿئي؟“ ته هڪدم وراڻي ها، ”هنن جا پيٽي مفاد آهن.“
ان ئي چاليهي واري تقريب ۾ ”قاسم پٿر يادگار ڪميٽيءَ“ جي دوستن جن مهمانن کي گهرائي، اسٽيج جو سينگار ڪيو. انهن ۾ سائين روچي رام ۽ محترم قلندر شاهه لڪياري به هئا. روچي رام ته قاسم پٿر جو فڪري، سياسي ۽ ادبي ساٿي هو. پر قلندر شاهه لڪياريءَ، جنهن جي لاءِ منهنجي دل ۾ لک عزتون آهن، گهرائڻ سمجهه ۾ نه آيو.
ان مهل منهنجي ذهن ۾ 2008ع ۾ ٿيل ”ميرپور بٺورو تاريخي ڪانفرنس“ جي حوالي سان، قاسم پٿر سان ٿيل بحث تازو ٿي ويو.
ٿيو هيئن جو، هڪ ڏينهن، ڪنهن پروگرام ۾ منهنجي محترم قلندر شاهه لڪياريءَ سان ملاقات ٿي، ڳالهين ڪندي چيائين، ”يوسف! ڇو نه بٺوري تعلقي جي تاريخ لکجي.“
مونکي سندس ڳالهه وڻي ۽ هڪدم هائوڪار ڪيم. ته پاڻ چيائين، ايندڙ مهيني، سندس ڏاڏي سيّد احمد شاهه لڪياري، جيڪو ميرپور بٺوري جي ڀرسان ڳوٺ احمد خان زنئورن لڳ دفنايل آهي، ان جو عرس آهي ۽ ڇو نه ان موقعي تي اها ڪانفرنس ڪجي. ڪانفرنس کانپوءِ دوستن کي موضوع ورهائي ڏجن، ايئن ڪم شروع ڪجي، قلندر شاهه لڪياريءَ سان طئي ڪري آئون هڪ جذبي تحت ڪم تي چڙهي ويس. سڀني دوستن کي دعوتون ڏنيونسين ۽ کين شرڪت جي گذارش ڪئيسين. ان سلسلي ۾ قاسم پٿر سان به مليوس ۽ کيس سڄي ڳالهه ڪري ٻُڌايم ۽ ڪانفرنس ۾ اچڻ جي لاءِ چيم، ڳالهه ٻُڌي چيائين، ”نه ڪونه ايندس.....“
”ڇو ڪونه ايندين؟“ سندس ٺهه پهه جواب تي مون حيران ٿي پڇيومانس ”هاڻ اهو همراهه وري اُتي نئون پير ٺاهڻ ٿو چاهي، اسين کيس ۽ سندس گروهه کي نظرياتي محاذ تي شڪست ڏيئي چڪا آهيون. هاڻ اهي رجعت پسند همراهه وري اوهانجي ڪلهن تي بندوق رکي ٿا هلائين، سو آئون اهڙي ڪانفرنس ۾ نه ايندس، جيڪا منهنجي نظريي جي ابتڙ ماڻهن پاران ڪوٺائي ويئي هجي...“
”پرقاسم! ڪانفرنس جي واڳ ته منهنجي هٿ ۾ آهي.“ چيومانس. ”پرتنهنجي پويان ته هو ئي آهي.... توکي خبر به نه پوندي ته واڳ تنهنجي هٿن مان ڪيئن کسڪي ويئي ۽ تون رڳو حيرت ۾ ڏسندو رهندين.... توکي ان گروهه جي طريقي واردات جي خبر نه آهي.“ قاسم وراڻيو.
گهڻي بحث کانپوءِ به جڏهن قاسم منهنجي ڳالهه نه مڃي ته آئون ساڻس ناراض ٿي اُٿيس ۽ چيومانس، ”قاسم! هاڻ ٽرينڊ بدلجي ويا آهن. ۽ تون اڃا تائين اوڻيهه سئو ٻڙيءَ واري زماني ۾ پيو رهين...“
ڪانفرنس خير خوبيءَ سان ٿي گذري، پروفيسر قلندر شاهه جي سڄي سنگت محترم عزيز جعفراڻي، رسول بخش تميمي، غلام محمد جوهر ۽ ٻيا آيا... صوفي حضور بخش به آيو هو... تقريرون ٿيون.... شعر پڙهيا ويا... ماني کائڻ مهل پروفيسر قلندر شاهه کي چيم، ”سائين! هاڻ گڏجاڻي ڪجي... جيئن تاريخ لکڻ جي حوالي سان دوستن کي موضوع ورهائي ڏجن، يا ڪا ڪميٽي ٺاهجي.... جيئن ڪم جي اڳڀرائي ٿئي....“
پر قلندر شاهه صاحب جو جواب ٻُڌي منهنجا تاڪ لڳي ويا. ”بابا يوسف! آهستي آهستي... هر سال ڪانفرنس ڪبي... ايئن اٺن ڏهن ڪانفرنس ۾ سڀ ڪجهه لکجي ويندو.... ڪميٽي ٺاهي ڇا ڪجي...!“
اصل وڄي ويس... مونکي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي ۽ قاسم جي ڳالهه به دل سان لڳيم، في الحال ته پنهنجي سادگي ۽ ڪم ڪرڻ جي جذبي ۾ ڪانفرنسن ۾ وڌي چڙهي حصو ورتم، پر پوءِ وري اُن ڪم ۾ حصو نه ورتم ۽ قاسم جي لفظن کي ذهن ۾ ورجائيندو رهيس ته ”ڪم انهن دوستن سان گڏجي ڪجي، جيڪي نظرياتي طور هم خيال ۽ چٽا هجن.“
سو، جڏهن قاسم پٿر جي چاليهي واري ميڙاڪي ۾ اهڙن دوستن کي اڳين صفن ۾ ۽ اسٽيجن جو سينگار ڏٺم ۽ اُت اسان جهڙن سان ڪو هٿ ملائڻ جي لاءِ به تيار نه هو. ته خيال آيم ”جي قاسم پٿر سان رابطي جو ڪو ذريعو هجي ۽ چوانس ته قاسم تنهنجي نالي ۾ هي سڀ ڪجهه ڇا پيو ٿئي“ ته هو ضرور اهو ئي جواب ڏي ها، ”هي سڀ منهنجي نالي ۾ پنهنجا پيٽي مفاد حاصل ڪرڻ ٿا چاهين.“
ساڳئي ڳالهه قاسم پٿر تي مرتب ڪيل ڪتاب ’ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا‘ تي به لاڳو ڪري سگهجي ٿي. جن جو قاسم سان ڪو به نظرياتي واسطو نه هو، هر شئي انهن جي بِلي... ماٺ ڀلي هئي.
سنگت جي ”گولڊن جوبلي ڪانفرنس“ جي دعوت ڏيڻ جي لاءِ سندس گهر ويس. مون کي سندس بيماري يا اسپتال ۾ داخل هئڻ جي خبر نه هئي. بس هڪ ڀيرو ذڪر ڪيو هئائين ته، ”چيڪ اپ ڪرائڻو اٿم“ پر مون اُن ڳالهه تي ڌيان نه ڌريو ۽ سمجهيم ته قاسم کي ڪا هلڪي ڦلڪي تڪليف هوندي. جڏهن گهران پُڇا ڪيم ته قاسم جي نياڻي ريشمان ٻڌايو ته ’فلاڻي تاريخ بابا جي باءِ پاس آهي‘، ”ڇا...!“ تاڪ لڳي ويم.... مون هڪدم ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کي فون ڪري قاسم جي جناح اسپتال جي ڪارڊيو ۾ داخل هئڻ جو ٻُڌايو، خيال اهو هئم ته ذوالفقار سيال، جناح اسپتال ۾ ڊاڪٽر آهي، متان قاسم جي ڪنهن ڪم اچي سگهي، ذوالفقار پوءِ مونکي ٻُڌايو ته هو ٻه ڀيرا قاسم سان وڃي مليو هو.
لئبرري جي افتتاح وارو پروگرام ڏاڍو سُٺو۽ ڀرپور ٿيو. پروگرام جي دعوتي ڪارڊ ۾ قاسم لکيو هو: زندگي رهي نه رهي، اچو ته هڪ ڀيرو گڏجي دل جا حال اوريون. پر سچ اهو آهي ته اُن پروگرام ۾ قاسم کي جن دوستن جي اچڻ جي اميد هئي، انهن مان اڪثر نه آيا. عبدالواحد آريسر، عبدالقادر جوڻيجي ۽ شوڪت شوري جي اچڻ جو هو آخر تائين انتظار ڪندو رهيو. ٻاهران آيل دوستن ۾ هاشم کوسو، قادر بخش طالباڻي، مولابخش کوسو ۽ شاهه رضا پٺاڻ شامل هئا. مقامي طور تي غلام حسين رنگريز، پرويز، صوفي حضور بخش، الهه اوڀايو خشڪ، اسلم خيرپوري، ذوالفقار ڪانڌڙو، غلام رسول پرهياڙ ۽ ٻيا شامل هئا.
قاسم پٿر جي خواهش هئي ته ان پروگرام جي انائونسمينٽ منهنجو دوست رشيد آزاد ڪري. ان کان اڳ به جڏهن، ميرپور بٺوري ۾ ’جيئي سنڌ محاذ‘ پاران ’صد ساله جشن جي . ايم . سيد‘ جو پروگرام ڪيو هئائين. ته به قاسم، انائوسمينٽ لاءِ رشيد آزاد کي چيو هو. پر اتفاق اهڙو ٿي، جو نوڪري جي پيل ونگن سبب رشيد ٻنهي پروگرامن جي انائوسمينٽ نه ڪري سگهيو هو. جشن ’جي . ايم . سيد‘ جي موقعي تي مون قاسم کان اجازت وٺي ”هلال پاڪستان“ اخبار پاران خاص صفحو شايع ڪيو هو. جيڪا ڳالهه قاسم کي گهڻي وڻي هئي. (۽ عجيب ڳالهه آهي ته رشيد آزاد کان انائوسمينٽ واري خواهش ائين پوري ٿي، جو سندس وفات کانپوءِ سندس چاليهي واري تقريب جي انائوسمينٽ جو پُکو رشيد آزاد جي نالي نڪتو.)
رشيد آزاد جي نه اچڻ ڪري، لئبرري جي افتتاح واري تقريب جي انائوسمينٽ هڪ ٻي دوست غلام رسول زنئور جي حوالي ڪئي ويئي ۽ اسان گڏجي ويهي دوستن جي نالن جي ترتيب ٺاهي، جنهن موجب انائونسر کي مقررين کي گهرائڻون هو. پروگرام شروع ٿيو ته انائونسر دوست ترتيب کي پنهنجي پسند ۽ ناپسند موجب گهٽ وڌ ڪري ڇڏيو. اها طئي ٿيل ڳالهه ۽ ڊسيپلين جي خلاف ورزي هئي، جنهن جو مونکي بهرحال گهڻو رنج ٿيو.
ٻي ڏينهن قاسم سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ته مون سندس ڌيان ان خلاف ورزيءَ ڏانهن ڇڪايو. کيس ڏاڍي حيرت ٿي ته مذڪوره دوست ايئن ڪيئن ٿو ڪري سگهي. مون وري ان ڳالهه جو ذڪر نه ڪيو، پر قاسم پنهنجي پَر ۾ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ملاقات ٿي ته قاسم مونکي چيو: مون غلام رسول زنئور کان ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي. هن ان ڳالهه کي مڃيو به ... پر اهو دوست شخصن جي ۽ ڊسيپلين جي اهميت کان اڻ ڄاڻ آهي.... تنهنجو ڪم پنهنجي جاءِ تي گهڻن کان گهڻو آهي... پر پنهنجي طبقاتي بيهڪ جي ڪري توکي مستقبل ۾ به اڃا اهڙا ڪيترائي معاملا سامهون ايندا... پر مايوس قطعي نه ٿجان..!“
1999ع ۾ منهنجو ترجمو ڪيل ڪتاب ”نيلسن منڊيلا جي ڪهاڻي“ ڇپيو ته آئون سيڙجي کيس ڪاپي ڏيڻ ميرپور بٺوري ويس. ڪتاب ته وٺي رکيائين. پر مون کان پُڇيائين. ”تنهنجو مقصد ڪهڙو آهي.... اجايا سجايا ڪتاب پيو ڇپرائين... ڪو چڱو ڪم ڪر...“
مون وراڻيس، ”قاسم! منهنجي زندگي جو مقصد واضع آهي، آئون ڄاڻ ورهائڻ ٿو چاهيان... باقي ڪتاب اجايو آهي، يا سجايو..... اهو ڪتاب پڙهه ته پوءِ ڳالهائينداسين، اڳ ۾ ڪا راءِ نه ڏي...“
قاسم ڪتاب پڙهيو ته کيس گهڻو وڻيو ۽ دل کولي ڪتاب ۽ ترجمي جي ساراهه ڪيائين. البت کيس ڪتاب جي ’ارپنا‘ نه وڻي. چيومانس، ”قاسم، تنهنجي راءِ پنهنجي جاءِ تي، پر جڏهن مولوي سڳورا مون تي ڪاوڙيا ۽ ڪيس داخل ڪيائون، ۽ مون وٽ ٽڪو به نه هو ۽ سنگت ساٿ به مون مان هٿ ڪڍي ويئي هئي ۽ آئون لڪندو پي وتس، ته ان شخص منهنجي مدد ڪئي ۽ منهنجو ڪيس وڙهيو ۽ بنا فيءَ جي وڙهيو. مون وٽ هن جي حيثيت هڪ مُحسن واري آهي.... مون ڪتاب سندس نالي ڪري سندس ڪجهه ٿورو لاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي....“ مون اهو ڪتاب محترم يوسف لغاريءَ کي ارپيو هو. قاسم، جيڪڏهن ڪنهن لاءِ ڪو وڏي ۾ وڏي سخت لفظ استعمال ڪندو هو ته اهو ”واهيات“ هوندو هو، ٻيو ڪو گُٿو لفظ مون قاسم جي واتان ڪڏهن به نه ٻُڌو.
•
انهن ئي ڏينهن، منهنجو هڪ ٻيو ترجمو ڪيل ڪتاب. ”مصطفيٰ ڪمال اتا ترڪ جي سوانح“، ”ڀورو بگهڙ“ جي نالي سان شايع ٿي رهيو هو. هڪ ڏينهن مون ساڻس اُن ڪتاب جو ذڪرڪيو ۽ پنهنجي ان خواهش جو اظهار ڪيم ته موڪل ڏي ته ان ڪتاب جي ”تنهنجي“ نالي ارپنا ڪريان.
”مونکي ڏي ڏسان ته پوءِ.... الائي ڪهڙو ڪتاب هوندو... ڪٿي منهنجي خيالن جي ابتڙ ته ڪونهي...“ جواب ڏنائين.
”ارپنا هڪ مڃتا هوندي آهي قاسم...! ان لاءِ ڪتاب ڏيکارڻ ضروري نه آهي... البت اها سا تون پڪ ڄاڻ ته ڪتاب تنهنجي شخصيت ۽ فڪر جي خلاف يا ابتڙ ڪونهي.“ وراڻيومانس.
”تنهنجي مرضي... پر اهو ڪتاب نيلسن منڊيلا جهڙو هجي نه ڪي جهڙو تهڙو...“ قاسم وراڻيو.
پوءِ مون اهو ڪتاب قاسم پٿر ۽ ايس جي ڀاڳيا جي نالي منسوب ڪيو. ان ارپنا تي قاسم گهڻو خوش ٿيو. البت کيس اها ڳالهه نه وڻي ته مون ارپنا ۾ ٻي همراهه ’ايس جي ڀاڳيا‘ کي ڇو شريڪ ڪيو. سندس وڏو اعتراض اهو ئي هو ته ”ڀاڳيا“ خبر ڪونهي ته ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي. ڪٿي منهنجي فڪر جي خلاف شخص ته نه آهي... کيس سدائين ان ڳالهه جو اُلڪو رهندو هوته سندس ڪو به عمل سندس فڪر جي خلاف نه ٿئي. مون کيس ٻڌايو ته ڀاڳيا ٺيڪ ماڻهو آهي. بهرحال اڳتي هلي مونکي ان ڳالهه جو احساس ٿيو ته مون ارپنا ۾ قاسم سان گڏ ڀاڳيا جو نالو ڏيئي، قاسم جي شخصيت سان نا انصافي ڪئي آهي، ڀاڳيا لاءِ لک عزتون، پر هو اهڙو شخص نه آهي، جنهن کي قاسم سان ڳنڍي سگهجي.
منهنجي خيال ۾ اهو پهريون ۽ آخري ڪتاب آهي، جيڪو قاسم جي نالي ارپيو ويو آهي.
آئون، قاسم کي سدائين پيو چوندو هئس ته پنهنجون يادگيريون لک، جو تو لڳ ڀڳ پنجاهه سال سياست کي ڏنا آهن. ڪئين لاڙها چاڙها اکين سان ڏٺا اٿئي، جهرجهنگ جهاڳيو اٿئي، جيلن ۾ ويو آهين ۽ ڪيترن ئي ماڻهن سان مليو آهين، تنهنجا اهي تجربا ۽ مشاهدا سنڌ جي نوجوانن کي ڪم ڏيندا. ۽ سنڌ جي سچي پچي قومي تاريخ لکڻ ۾ ’سورس مٽيريل‘ جو ڪم ڏيندا.
جواب ۾ چوندو هو، ”سچ چوڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.“
”ڀلي کڻي سڀ نه لک! جيڪي لکڻ نٿو چاهين، اهي ڀلي نه لک... پر جيڪي سمجهين ٿو ته آن دي رڪارڊ رهن، سي ئي کڻي لک....“ ائين اسانجو اُن ڳالهه تي اڪثر بحث مباحثو پيو ٿيندو هو. وفات کان ڇهه ست مهينا کن اڳ هڪ هنڌ گڏياسين ته چوڻ لڳو، ”منهنجو خيال آهي ته آئون پنهنجون يادگيريون لکان... ڪي ڳالهيون رڪارڊ تي اچن ته بهتر...“
ڪجهه ڳالهه ٻولهه کانپوءِ اهو طئي ڪيوسين ته آئون هڪ سوال نامون ٺاهي کيس ڏيندس... جن مان هو، جن سوالن جا جواب لکي سگهيو، سي لکندو ۽ باقي ٻين سوالن جا جواب ٽيپ ڪبا ۽ پوءِ اهي ٽيپ تان لاهي، صاف ڪري، کيس ڏيکاربا ۽ پاڻ انهن ۾ ڪاٽ ڪوٽ، واڌارا ۽ سڌارا ڪندو. ايئن فائنل ڪاپي تيار ڪبي. مون سوالن کي لکڻ به شروع ڪيو، پر پنڻ کان پڙهڻ ياد ڪونهي، پنهنجن کاسارن ۾ لڳو رهيس ۽ اهو سوالنامون مڪمل ٿي نه سگهيو، تيسين قاسم وڃي مٽي ماءُ جي هنج وسائي.
قاسم ڪيترائي ڀيرا اُن ڳالهه جو اظهار ڪيو ته سندس ڪتاب ”رت ۽ غلامي“ نئين سر ڇپجي، ڇو ته ڇپجڻ کانپوءِ اهو ڪتاب ’پوليس‘ ڇاپو هڻي کڻي ويئي ۽ گهڻن ماڻهن تائين اهو پهچي نه سگهيو هو. 1
جيئن مٿي ذڪر ڪيو اٿم ته قاسم پنهنجي راءِ ۾ بي باڪ هو. منهن تي چئي ڏيندڙ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته بحث ۾ اڳلي دوست سان اٽڪي به پوندو هو. جنهن ڪري، ڪڏهن ڪڏهن ڪٿي دوست کيس ڪن ڳالهين کان جلهيندا به هئا. پر قاسم نموني سان، مام ۾ پنهنجي ڳالهه ڪري ويندو هو، قاسم اهڙي ئي هڪ ڳالهه جو ذڪر شيخ اياز سان ملاقات بابت، سيّد اڪبر جي ڪتاب ”لفظ ڳالهائين ٿا“ جي مهاڳ ۾ لکي آهي:
”شيخ اياز سان آخري ملاقات سندس ڪلفٽن واري فليٽ تي مير ٿيٻي سان گڏ ٿي. مير ٿيٻي مونکي روڪيو ته ڪو به بحث ڪرڻون نه آهي. شيخ صاحب سان ايئن ئي دل لڳي ڪري ٿا اچون. شيخ صاحب ڀائيندو ته گهڻو هو. آڌر ڀاءُ کانپوءِ چانهه پيتي سين. ڪچهري ڪندي شيخ صاحب کي گذارش ڪيم ته هڪ سوال ڪريان، جيڪڏهن دل ۾ نه ڪرينءَ؟ اياز صاحب کي چيم ته تاريخ ۾ ڪڏهن ائين ٿيو آهي ته پيغام ڏيندڙ پنهنجي نظريي جو انڪاري ٿيو هجي، پاڻ بچاءُ ۾ هليو ويو ۽ چيائين، ”آئون ڪٿي ڦريو آهيان.“ چيومانس ”قبلا! مارائي ڇڏيئي سامهون سوئر وڄ، ڪير منهن ڏيندو.“
هڪ ڀيري دڙي آيو ته پڇيائين، ”ٻڌو اٿم اڄڪلهه نمازون ٿو پڙهين؟“
”هائو....“ وراڻيومانس.
”ڊنو آهين يا دڙي جي اربابن ۾ ڪو ڪم اٿئي... يا چاچهين شمس الدين مان ڪي ڪم ڪڍڻا اٿئي...؟“
”نه ڊنو آهيان، نه اربابن ۾ ڪو ڪم اٿم ۽ نه ئي وري چاچا شمس الدين وٽ پاڻ کي وڻائڻ ٿو چاهيان.“
”پوءِ نمازون ڇو ٿو پڙهين....؟“
”قاسم! نماز پڙهڻ منهنجي لاءِ دلي سڪون حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي... اهو منهنجو روحاني معاملو آهي... هونئن به مذهب هر ماڻهوءَ جو ذاتي معاملو آهي.... نماز ته سائي جي . ايم . سيد، مولانا عبيدالله سنڌي ۽ ٻيا فلاڻا فلاڻا به پڙهندا هئا...“
”پوءِ توکي نئشلسٽ سڏائڻ جو حق ڪونهي...“
”اهو وري ڪيئن...؟“
”اهو عربن جو ڪلچر آهي...“
قاسم پنهنجي ڳالهه تي اڙيو ته ٻي اصل نه ڪندو هو، هاڻ کيس ڪيئن سمجهائجي... پوءِ ڪيتري ئي وقت تائين آئون قاسم جي ٽوڪن جو نشانو بنجندو رهندو هوس ته، ”پڙهين ٿو نمازون ۽ سڏائين ٿو پروگريسو ۽ نئشلسٽ...!“ قاسم جي انهن ٽوڪن ۽ طنزن کان بچڻ لاءِ، جڏهن ”سنڌيڪا اڪيڊميءَ“ پاران منهنجو، ڊاڪٽر محمد حميد الله خان جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو ”محمد رسول الله“ ڇپيو ته مون کيس ڄاڻي واڻي، ان جي ڪاپي نه ڏني، نه ته اڪثر ڪتابن جون ڪاپيون کيس ڏيندو رهندو هوس.
هڪ ڀيري قاسم ڪراچي مان موٽيو ته وٽس قرآن شريف جو هڪ ڏاڍو خوبصورت ترجمي وارو نسخو هو. مون مذاق ۾ پڇيس، ”قاسم.... ڏي خبر... هاڻ تون به....!“
وراڻيائين، ”ڪراچي مان قرآن شريف جو هي نسخو ان ڪري کڻي آيو آهيان ته جيئن فلاڻي کٿابيءَ کي ڏيان.... هن کي ڪتابن گهڻي دلچسپي آهي.... معنيٰ سان قرآن شريف پڙهندو ته سمجهه وڌنديس...“
قاسم ڏاڍي مريادا وارو ماڻهون هو.... هڪ ڀيري ميرپور بٺوري ۾ بس اسٽاپ تي بيٺا هئاسين، جوقاسم ڪراچي واري بس مان لٿو. رمضان جو مهينو هو... ستاويهون يا اٺاويهون روزو هو. اسين پاڻ ۾ گڏياسين... بس اسٽاپ تي هوٽل کليل هئي، سو قاسم کي چيوسين ته ”هل ته چانهه هلي پيئون.“
”هلو ڀلي... پر آئون نه پيئندس جو مونکي روزو آهي...“ قاسم وراڻيو.
”قاسم .... توکي ۽ روزو...!“ اسان حيرت مان پُڇيس...
”هائو!“ قاسم وراڻيو، ”رات ڪراچي ۾ حافظ محمد صديق ميمڻ وٽ ٽڪيل هئس.... اثر تائين پي ڪچهري ڪئيسين... اثر مهل حافظ جي نياڻي سحري کڻي آئي ۽ چيائين، ”چاچا! اڄ اوهان به روزو رکو.... آئون ٻارڙي کي انڪار نه ڪري سگهيس ۽ روزو رکي ڇڏيم...“.