غلام مصطفيٰ شاهه ۽ قومپرستي
هڪ ڀيري ڪنهن دوست سيّد غلام مصطفيٰ شاهه جو ڪو بيان پڙهي قاسم کي اُن جو حوالو ڏنو ۽ چيس، ”غلام مصطفيٰ شاهه وڏو قومپرست آهي...“
قاسم ٺهه پهه وراڻيو، ”غلام مصطفيٰ شاهه قومپرست ٿي نٿو سگهي.“،
”ادا، هن جا بيان ته پڙهي ڏس.... هن جون ڪوٺايل ڪانفرنسون... سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ پاران گڏجاڻيون ۽ قراردادون ۽ سنڌ ڪواٽرلي جي اشاعت ۽ ٻيا الاڻا فلاڻا ڪم... ۽ تون چوين ٿو ته هو قومپرست نه آهي...“
”هو قومپرست نه پر موقعي پرست آهي.“
”اهو وري ڪيئن!؟“
”ڇاڪاڻ ته هو حج تي ويو هو.“ قاسم جواب ڏنو، انهن ڏينهن غلام مصطفيٰ شاهه حج ڪري موٽيو هو، ۽ اخبارن ۾ اهڙي خبر ڇپي هئي.
”پر حج جو قومپرستيءَ سان ڪهڙو واسطو....؟“
”جنهن شخص جو ڪعبو قبلو ٻي ملڪ ۾ هجي ۽ هن جو روحاني رشتو ڪنهن ٻي ڌرتيءَ سان هجي... اهو قومپرست ٿي نٿو سگهي...“ قاسم وراڻيو.
هڪ ڀيري ڪنهن دوست قاسم کي چيو، ”اڄڪلهه پليجو صاحب، جناح صاحب جي وڏي واکاڻ ٿو ڪري.“
”اُن ڪري ته هو اسٽبلشمينٽ سان ٺهڻ ٿو چاهي...“ قاسم وراڻيو.
”جناح جي واکاڻ جو اسٽبلشمينٽ سان ٺهڻ جو ڪهڙو واسطو؟“ دوست پُڇيس.
”جناح صاحب اسٽبلشمينٽ لاءِ هڪ نشان آهي قبوليت جو... ۽ جناح جي تعريف ئي اسٽبلشمينٽ سان ٺاهه جي ڪُنجي آهي...“
سيّد اڪبر جي ڪتاب ”لفظ ڳالهائين ٿا“ جي مهاڳ ۾ محترم رسول بخش پليجي جي هڪ انٽرويو جو حوالو ڏيئي، هڪ ڏاڍي مزيدار راءِ ڏني اٿس.
”ڏاها رڳو ڄاڙهيون ويٺا هڻندا آهن، هنن جو نظرين سان ڪوبه واسطو نه هوندو آهي، مثال طور: تازو پليجي صاحب ٽي وي تي انٽرويو ۾ چيو: منهنجا آئيڊيل حضرت محمد مصطفيٰﷺ مهاتير محمد، حضرت عمر ۽ مائوزيتنگ وغيره آهن... منهنجا سائين، هڪ ٻئي سان اُبتو بيٺل نظرئي جي ليڊرن کي اوهين ڪيئن ٿا آئيڊيل مڃيو...؟“
آئون جڏهن ’سنڌي ادبي سنگت‘ جو سيڪريٽري جنرل هوس ته اسان 28 آگسٽ 2008ع تي حيدرآباد ۾ ’سنڌي ٻولي اٿارٽي‘ جي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هال ۾ ’سنڌي ٻولي، قومي ٻولي‘ ڪانفرنس ڪوٺائي، جنهن جي صدارت سائين محمد ابراهيم جويي ڪئي. خاص مهمان محترم رسول بخش پليجو هو. ڪانفرنس ۾ سنڌ جي چوٽيءَ جي ليکڪن ۽ دانشورن ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيي، ڊاڪٽر فهميده حسين، حميد سنڌي، ڊاڪٽر هدايت پريم، نصير ميمڻ، جامي چانڊيي، پرويز، آزاد قاضي، قلندر شاهه لڪياري، نواز خان زئور، پرواني ڀٽي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ختم ٿي ته پليجو صاحب گهر روانو ٿيو ۽ سندس هڪ ڪارڪن کي چيائين، ”پرويز ۽ يوسف سنڌيءَ کي چئو ته گهر اچن... آئون سندن انتظار ٿو ڪريان.“
ڪم ڪار لاهي، آئون ۽ پرويز، سڌو پليجي صاحب وٽ وياسين، ڏاڍي سُٺي ڪچهري ٿي. ڪانفرنس جي ڪاميابيءَ تي مبارڪون ڏنائين ۽ منهنجي همت افزائي ڪيائين. ڪچهريءَ دوران پليجي صاحب جي پراڻي سنگت جو به ذڪر نڪتو، جنهن ۾ قاسم پٿر به هو، ڳالهين ڪندي پليجي صاحب هڪ عجيب ڳالهه ڪئي ته، ”قاسم سٺو ورڪر هو... پر هو کيس ڪڏهن به سمجهي نه سگهيو ته هو ڇا ٿو چاهي....؟“
مونکي اوڏي مهل ’پٿر‘ جي افساني ”رتُ آئي ڳاڙهن ٻيرن جي“ جا هيٺيان جملا ذهن ۾ تري آيا.
..... هن چٺي ڪڍي ڏني، چيائين، ’رسول بخش گرفتار ٿي ويو آهي، اڙي هن سائنسي صديءَ ۾ ”انڌا اونڌا ويج“ جو لکندڙ، پشو پاشا جو نقاد، پسي ڳاڙها گل جو فنڪار، شاهه ڀٽائيءَ جو پارکو، تقرير ۾ موتي پوئيندڙ، سنهڙو سانورو اڦراٽي مانيءَ جهڙو، سنڌ جو پتنگ، وڍيو هوئين ته ويهه جو لکندڙ، ميٽنگ ۾ چڙهي پيا هئس، گاريون ٺونشا، چيائين، اهي اٽڪلون ٻين سان ڪريو، سنڌ تاريخ ۾ گهڻا دوکا کاڌا آهن، الر وارا مُرڪندا رهيا، بچائڻ وارا بچائيندا رهيا، گارين ڏيڻ وارا گاريون ڏيندا رهيا. رسول بخش اڙيو رهيو، ايئن جيئن هوشو مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون، اهو گرفتار. ها ادا! رات جو هڪ بجي پوليس گهيرو ڪيو، نوويڪس هيراآباد جي بلڊنگ نه هئي، ڄڻ دُڦيءَ وارو ٻيلو هو، رسول بخش سنڌ جو عظيم فنڪار نه هو، پر ڦل ماڇي، مولچند ٻيلي وارو ڌاڙيل هو....
حد ادب جي هئي، پليجو صاحب ڳالهائي رهيو هو، وچ ۾ ڳالهه ڪٽڻ مناسب نه هئي، کانئس پُڇي نه سگهيس ته ”اوهان جهڙو ڏاهو ماڻهو کيس سمجهي ڇو نه سگهيو...؟“
قاسم پٿر جي وفات کانپوءِ دوستن مٿس ڪتاب ڇپايو هو، ”ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا“ ان مهل مونکي اُن ڪتاب ۾ عالم شاهه جا لکيل لفظ ذهن ۾ اُڀري آيا، جيڪي هن قاسم پٿر جي لاءِ لکيا هئا.
”.... پليجي صاحب چيو، هي ماڻهو مونکي ٻانهن کان جلهي، سجاول ۽ ٺٽي کان ٻاهر نه ڪڍي ها ته آئون هن منزل تي نه هجان ها...“ (صفحو: 150)
عالم شاهه پاران انهيءَ اعتراف جي باوجود به هن پنهنجي ڪتاب ”ماڻڪ چوڻون جن جو“ ۾ قاسم پٿر جي شخصيت بابت جيڪو ڪجهه لکيو آهي، اُن تي سواءِ افسوس جي ٻيو ڪجهه به چئي نٿو سگهجي. عالم شاهه لکي ٿو:
”.... پليجي صاحب جي ڳالهه همراهن مڃي ۽ فيصلو ٿيو ته قاسم پٿر سنڌ جو دورو ڪري، پندرهن ڏينهن ٻاهر رهي... پٿر پهرين نه نه ڪئي، پر نيٺ همراهه کي سنڌ جي دوري تي روانو ڪيوسين. کيرون مبارڪون ٿي ويون... فاضل صاحب ۽ ٽنڊي محمد خان وارا دوست سڀ گڏ ٿي سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ واري ڳالهه تي خوش ٿيا. ٻئي ڏينهن خبر پئي ته پٿر بٺوري پهچي ويو آهي. پليجي صاحب، فاضل صاحب کي گهرايو ۽ چيائين ته ”پٿر ته بٺوري ويٺو آهي.“ خير هڪ همراهه موڪلي پٿر کي حيدرآباد گهرايو ويو، کانئس پڇيوسين ته ڇا مسئلو آهي؟ تنهن تي هن چيو ته موري پهتس ته رات سهائي چوڏهين هئي، مونکي سڄي رات ننڍ ڪانه آئي، مون سوچيو ته هن پرديس ۾ مون جهڙو حساس اديب اڪيلو ڪٿي ٿو رهي سگهي. جڏهن ته اهڙي ڪا واقفيت به ڪونهي، انهي ڪري انهي ڳالهه کي ڇڏيو، پليجي صاحب کيس چيو، اهو سڄي سنگت جو فيصلو آهي، تنهنڪري انهيءَ تي عمل ٿيڻ گهرجي پر پٿر جون ٽنگون ٽي چوٿين ٺهي ئي ڪانه.“ (ص: 56)
منهنجو مطلب، هتي ڪو مٿين ڳالهه جي حوالي سان، سيّد عالم شاهه کي جواب ڏيڻ ڪونهي، پر رڳو ايترو چوندس ته سيّد عالم شاهه پنهنجي ان ڪتاب ۾ نه رڳو ’قاسم پٿر‘ پر ٻين به ڪيترن ئي پنهنجن پراڻن دوستن جي ڪردار کي نهايت گهٽائي ۽ غير اهم ڪري پيش ڪيو آهي ۽ انهن کان شعوري انڪار جي ڪوشش ڪئي آهي. ان حوالي سان عالم شاهه جا ’قاسم پٿر‘ جي حوالي سان ”ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا“ ۾ لکيل جملا، سندس ڪتاب ”ماڻڪ چوڻو جن جو...“ جي مٿين جملن جي نفي ڪن ٿا.
قاسم پٿر هڪ اهڙو ڪردار هو، جيڪو سڄي عمر سنڌ جي قومي ۽ طبقاتي جدوجهد ۾ متحرڪ رهيو، مايوسي يا ماٺ ڪري ويهڻ سندس لاءِ وڏو ميهڻون هو، قاسم لاءِ ورچي ويهڻ يا آرام ڪرڻ حرام هو.
موجيم که در آسودگي ما عدم ما
ما زندگانيم که آرام نه گيريم.
(حافظ شيرازي)
(بي قرار آهيان، ڇاڪاڻ ته منهنجي آسودگي منهنجو موت آهي، آئون جيئروئي ان ڪري آهيان، جو بي آرام آهيان.)
قاسم چوندو هو ته: ڪٿي به هجو، پر سياسي عمل کان پري نه ٿيو، سياسي عمل ئي نجات جو ذريعو آهي، قاسم، ٻي جنهن ڳالهه تي زور ڀريندو هو، سا اها ته اڀري سڀري، پر پنهنجي جدوجهد هجي. ٻين جي پٺيان نه هلجي، پنهنجي طاقت ٻين جي ايجنڊا جي وَر نه چاڙهجي. پنهنجي هڪ مضمون ”پنهنجي چاڙهيو“ ۾ قاسم لکي ٿو:
”سياسي چرپر زندگيءَ جو اجاگر ڪندڙ عمل آهي، جيڪڏهن ڪو به قوم يا فرد انهيءَ کان لاتعلق ٿيو ته ايئن سمجهو ته هن ٻيئي جهان برباد ڪيا، ٻنهي جهانن مان مراد حال ۽ مستقبل آهي.“
قاسم جي اها سياسي چرپر ئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ وقت جي سرڪار کيس پنهنجو مزمان ڪندي رهندي هئي ۽ هو مقامي توڙي غير مقامي رجعت پسندن جي الزامن جو شڪار رهيو ۽ کيس ’ڪافر‘ چيو ويندو هو. سندس اها سياسي چرپر ئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ جهوڪ جي هڪ مرهيات شاعر ”جان محمد جتوئي“ قاسم تي جيڪو شعر لکيو، تنهن جو هڪ بند هن ريت آهي.
رستو روسي، چاهت چيني
پوءِ به چون ٿا، پٿر سنڌي، ڀتر سنڌي.
قاسم جي زندگي سياسي عمل ۾ ئي گذري، هن نه ڪڏهن موقعي پرستيءَ جو مظاهرو ڪيو ۽ نه ئي ڪڏهن مال ميڙيو، جيڪو حال هئس اُن تي ئي خوش رهيو.
شعرن ۾ ڇڏي خرچي، اسان پنهنجي زندگي
افسوس جو ٻين جان نه ڪٺو مال ڪيوسين.
(ايم ڪمل)
سو، منهنجي خيال ۾، سيّد عالم شاهه، پٿر جي حوالي سان جيڪو ڪجهه لکيو آهي، اهو سواءِ تنظيمي شاونزم جي ٻيو ڪجهه به ڪونهي.
•
گوتم ٻُڌ جو چوڻ هو ته، ”انسان جي زندگي لڙائي جڳهڙي، بي چيني، ۽ غم سان ڀريل آهي. ان ڏک جو ڪارڻ سندس حوَس يا سَڌ آهي. ڏک ڀري زندگيءَ کان ڇوٽڪاري جو رستو آهي نرواڻ، نرواڻ معنيٰ ڇوٽڪارو، يعني جوف يا خواهش ڇڏي ڏيڻ.“
زندگي ۾ مون ڪيترن ئي ماڻهن کي پئسن جي حوالي سان سڄو ڏينهن ”پئسو پئسو“ ڪندي رئندي ڏٺو آهي. عام ماڻهو ته پنهنجي ضرورتن جي حوالي سان پئسن نه هئڻ جو ذڪر پيا ڪندا آهن. پر ڏسڻا وائسڻا، سکيا ستابا، ماڻهو به مون اڃان به وڌيڪ پئسي جي وٺ پڪڙ ۾ ڏٺا. ٻيا ته ٺهيو، پر جن همراهن سڄي زندگي ذاتي ملڪيت جي خلاف هئڻ جو راڳ الاپيو ۽ سوشلزم اچڻ کانپوءِ ذاتي ملڪيتون ذاتي ملڪيت ختم ڪئي ويندي، جو پرچار ڪيو، انهن به ان ئي سياست جي آڌار تي جيڪي ذاتي ملڪيتون ڪٺيون ڪيون، بنگلا، محل ۽ ماڙيون، دوڪان ۽ ڪاروبار سيٽ ڪيا، سي به ڪرڪو ڏسي، پر مون قاسم پٿر کي ڪڏهن به پئسو پئسو ڪندي ڪونه ڏٺو يا ٻُڌو، سادي زندگي گذاريندو هو. اجائي ٺٺ ٺانگر، لئه يا ڦوشري سڄي زندگي نه ڪيائين. پهرين شايد هلڪا ڦلڪا ڌنڌا به ڀائيواريءَ تي ڪيائين. خاص ڪري ميڊيڪل اسٽور، پوءِ نياڻي ريشمان نوڪري ۾ چڙهيس ته ان جو پگهار، گهر هلائڻ جي ڪم ايندو هو. ماڙي جي هيٺان ٺهيل هڪ اڌ دوڪان جي مسواڙ به ملندي هين. سندس ڀاڻيج رفيق جي نوڪري هوندي هئي. گهر جو گاڏو ڪيئن هلندو هو، سو هڪ خدا ٿو ڄاڻي ۽ ٻيا سندس گهر جا ڀاتي، پوين ڏهاڪو کن سالن ۾ جڏهن پاڻ ”مخدوم بلاول“ سوسائٽي جي آفيس سنڀاليائين، تڏهن ٿي سگهي ٿو ته ڪجه ”خرچ پکي“ جا پئسا ملندا هجنس. پوءِ ته اتان به ڇڏي آيو... پر مون ڪڏهن به قاسم کي ”يار ڀاڙو ڪونهي... يار ڀاڙو ڪونهي“ جو روئڻو روئيندي ڪونه ٻُڌو. وري سرگرم به ايترو جو سڄي سنڌ کان وڃي نڪرندو هو.
نه ڪي کڻن پاڻ سين، نه ڪي ساڻن پاڻ
اهڙا جن اُهڃاڻ، آءٌ نه جيئندي ان ري.
•
سماجي رشتن نڀائڻ ۾ به قاسم هروڀرو پٺتي نه هوندو هو. دوستن جي خوشي ۽ غمي ۾ هو سدائين پيرڀريندو هو. البت قاسم ۾ مون هڪ ڳالهه جا ڏٺي، سا اها پاڻ ڪٿي به شادي وغيره ۾ تڪلفات جي چڪرن ۾ نه پيو. پاڻ وٽ عام طور تي ائين ٿيندو آهي ته ڪاڄيتا ڪاڄ جي دعوت ڏيندا آهن. ڀليون شاديون، ڪاڄ ڪندا آهن ۽ پوءِ در جلهي ويهي رهندا آهن هڪ عدد رجسٽر يا بندي کڻي، دعوتيل همراهه انهن وٽ ”ٿاري“ لکائيندا آهن.... ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته اها رسم سٺي آهي يا خراب .... فيصلو نه ٿي سگهندو آهي...؟ البت ٻه دليل منهنجي ذهن ۾ سدائين پيا وڙهندا آهن، هڪ اهو ته سنگت ساٿ ۽ مٽن مائٽن کي دعوتي، ماني کارائي، پوءِ انهن کي پئسا وٺڻ هڪ قسم جي ماني کارائڻ جي اُڳاڙي ئي چئبي. ٻيو دليل اهو ايندو آهي اها ٿاريءَ جي رسم هڪ لحاظ کان ڪاڄيتن جي وقتي مدد آهي. ۽ ان ٿاريءَ کي اسان سدائين اُڌاري ڀاڄي ئي چوندا آهيون.
پر قاسم انهن ريتن رسمن ۽ تڪلفات کان آجو هوندو هو، دوستن جي خوشين ۾ باقاعده شرڪت ڪندو هو. پر هو هروڀرو ٿاري لکائڻ جي چڪر ۾ نه پوندو هو. مونکي قاسم جي اها ڳالهه يا اصول ڏاڍو سٺو لڳندو هو. نه ته ٿاري نه هئڻ سبب اسان جهڙا ڪئين همراهه سنگت ساٿ جا سڏ گسائي ويند اهئا ۽ پوءِ ڳچ وقت تائين انهن کان لڪندا وتندا هئا.
•
ابن حيات پنهور لئبرري جو افتتاح ڪرايائين ته پوءِ جڏهن به وٽس بٺوري ويندو هوس. چوندو هوسانس لئبرري ۾ ٿا ويهون، پوءِ اتي لئبرري جي فرش تي ويهي ڪچهري ڪندا هئاسين. آئون وري ڇا ڪندو هئس ته ڪچهري به ڪندو ويندو هوس ته ڪتابن جي ڦلهور به جاري رهندي هئي. قاسم جي ان لئبرريءَ ۾ مون اهڙا ڪيترائي ڪتاب ڏٺا، جن جا اڳ ۾ رڳو نالا ٻُڌل هئم. انهن ۾ هڪ سر آغا خان جي آتم ڪهاڻي جو سنڌي ترجمون به هو. جيڪو مونکي پڙهڻ جو گهڻو شوق هو. اتي مون ۽ قاسم پاڻ ۾ اهو به طئي ڪيو ته اسان ڪتابن جي مٽا سٽا ڪنداسين ۽ واپسي جي بنياد تي پڻ هڪٻئي کي ڪتاب پڙهائينداسين، ان فيصلي تحت مون وٽ جن ڪتابن جون ٻه ٻه ڪاپيون هيون، انهن مان هڪ هڪ ڪاپي قاسم جي حوالي ڪيم ۽ قاسم به اهڙا ڪيترائي ڪتاب جن جون سندس لئبرري ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ڪاپيون هيون، انهن ڪتابن جي بدلي ۾ مونکي ڏنيون. ائين اسان هڪٻئي کي ڪافي ڪتاب به پڙهايا. مون کيس سوويت يونين جي اڳواڻ آندري گروڪو جي آتم ڪهاڻي ”سرد جنگ جا پنجاهه سال“ پڙهڻ لاءِ ڏني. جيڪا کيس ڏاڍي وڻي، سنڌي ۾ ان ڪتاب جو ترجمو رئوف نظاماڻيءَ ڪيو آهي. ان ئي فيصلي تحت سر آغا خان جي مٿين آتم ڪهاڻي کانئس پڙهڻ جي لاءِ کڻي آيس، ڪتاب وڏو هو ۽ آئون هوريان هوريان پڙهندو رهيس، جو قاسم جي وفات ٿي ويئي ۽ اهو ڪتاب مون وٽ ئي رهجي ويو.
قاسم جي زندگي جي پوين ٽن چئن سالن ۾ جڏهن منهنجي ساڻس ويجهڙائپ وڌي ته هر سال ٻنهي عيدن تي آئون ۽ منهنجو دوست رشيد آزاد، دوستن سان عيد ملڻ جي لاءِ موٽر سائيڪل تي نڪرندا هئاسين. پهرين ڪانڌڙن ۾ ذوالفقار ڪانڌڙي سان ملندا هئاسين ۽ پوءِ ’لاکن‘ وڃي سائين ’پرويز‘ سان عيد ملي، ميرپوربٺوري قاسم پٿر سان عيد ملڻ ويندا هئاسين، جتي ساڻس ڪچهري به ڪبي هئي ۽ جي مانيءَ جي مهل هوندي هئي ته ماني به کائبي هئي. ماني ٽڪي جي معاملي ۾ قاسم ڪڏهن به دل نه هنئي، ۽ نه ئي وري ڪو وڏو اهتمام ڪندو هو، جيڪو گهر ۾ رڌيل هوندو هو، اهو کڻي ايندو هو ۽ وڌيڪ کوٽ ٽوٽ جي پورائي اوڙي پاڙي مان وٺي پوري ڪبي هئي ۽ ائين قاسم جو دسترخوان ست رڇي بنجي ويندو هو. ڪنهن دور ۾ سنڌ ۾ اهو رواج هوندو هو ته گهر ۾ ڪا چڱي شئي رڌبي هئي يا گهرجي کائڻ لاءِ ڪا چڱي شئي آڻبي هئي ته پاڙي ۾ ضرور موڪلبي هئي، جيڪو هڪ قسم جي پنهنجائپ جو احساس هوندو هو ۽ کوٽ ٽوٽ ۾ پاڙي مان ٻوڙ وٺڻ ۾ ڪو عيب نه پر حق سمجهيو ويندو هو ۽ بنا هٻڪ جي وٽي يا ٿالهي کڻي پاڙي جي ڪنهن گهر ۾ هليو وڃبو هو، هاڻ ته اهي قدر ئي نه رهيا آهن.
اهڙي ئي هڪ ڳالهه جو ذڪر محترم منگهن لال شرما قاسم پٿر تي لکيل پنهنجي تاثر ”ڪالهه گڏيو سون ڪاپڙي“ ۾ هن ريت ٿو ڪري.
هٿين خالي ڪجهه به نه هوندي به وٽس سڀ ڪجهه هو. ساڃهه وند دوست، بٺوري جي تلاءُ جي ڀر ۾، سامهون ٺهيل مٿي ماڙيءَ تي ايندا رهندا هئا. ڪڏهن ته پاڙي ۾ رهندڙ سندس ويجهن عزيزن، سئوٽن، ماساتن ۽ ڀيڻ جي گهران ماراني گهرائي به کارائيندو هو. هڪ ڀيري شهيد فاضل راهو چئن پنجن دوستن سان گڏ آيو. مانيءَ جو وقت هو. کاڌي ۾ چار پنج طعام ڏسي هڪ دوست فاضل کان پڇيو، تو پئي چيو ته قاسم پٿر ويچارو غريب آهي، پوءِ ههڙي سٺي مانيءَ ڪٿان آئي؟ تنهن تي فاضل هڪدم رڙ ڪئي، ”ادا پاڙو پني آيو اٿوَ“ پوءِ ته ٽهڪڙا هئا، حقيقت به ايئن هئي ايئن پيو ياري نباهيندو هو.
هڪ عيد تي جڏهن اسين قاسم سان عيد ملڻ وياسين ته ڏٺوسين ته سندس ماڙيءَ کي تالو لڳو پيو هو، گهر جو در کڙڪايوسين ته قاسم نڪتو تالو کليو، ۽ اسين اندر وڃي ويٺاسين، کلندي چيومانس، ”قاسم ڪريو ٿا سياست ۽ عيد جي ڏينهن به اوطاقن کي تالا....“
کلندي وراڻيائين، ”اڌ ڪلاڪ اڳ ڪي دوست آيا هئا، اهي هاڻ ويا آهن ۽ بس پنج منٽ اڳ گهر اچي ويٺو آهيان.“ ائين چئي کن پل چپ ٿي ويو ۽ پوءِ چيائين، ”ڪو دور هو، جڏهن صبح کان وٺي شام، ويندي رات تائين سنگت ساٿ پيئي عيد ملڻ ايندي هئي ۽ سڄو ڏينهن پيا ڇوڪرا مهمانن کي چانهيون پياريندا هئا ۽ اڄ اوهين ٻيا دوست آهيو، جيڪي عيد ملڻ آيا آهيو، هاڻ ته دوستن لاءِ سڪي مُئا آهيون... هاڻ سڀني جي ڊوڙ وڏيرن جي اوطاقن ڏانهن....“
”ائين ته آهي... پر قاسم ڪجهه ته اسين به ڏوهاري هونداسين...ا سان ماڻهن کي ڏنوئي ڇا آهي... اسان ته ماڻهن جي عام مسئلن ۾ ساڻن گڏ بيٺا ئي نه آهيون...“ مون چيس.
”ماڻهو مفادپرست آهن...“ قاسم وراڻيو.
”هائو، تون صحيح ٿو چوين.“ مون چيس، ”اسانجي قومي سياست ماڻهن کي فوري رليف ته نٿي ڏي، نه ئي وري اُن مان ماڻهن کي ڪو فوري رليف جو امڪان به آهي... ملڪي سيٽ اپ اهڙو آهي، جنهن ۾ ننڍي کان ننڍو ڪم به وڏيري جي چٺي چپاٽي ۽ سفارش کانسواءِ نٿو ٿئي. آفيسر سندن ٻڌا ٻانها آهن، ۽ وڏيرا چوويهه ڪلاڪ اوطاقون کوليو ويٺا آهن. ڪم ٿئي يا نه ٿئي... پر دم دلاسو... دڙڪو داٻ هر ڪنهن کي...... تنهنڪري منهنجي خيال ۾ ماڻهن تي ميار مناسب ڪونهي.“
ائين قاسم ۽ منهنجي وچ ۾ ڇتو بحث شروع ٿي ويو. نيٺ چيومانس ”قاسم توسان پُڄڻ منهنجي وس ۾ ته ڪونهي، پر اڳ جڏهن اوهان وٽ ماڻهن جي رش هوندي هئي ته اوهين مقامي طور تي ماڻهن سان سندس هر ننڍي وڏي مسئلي تي گڏ بيهندا هئا، جدوجهدون ڪندا هئا، جنهن جي نتيجي ۾ وڏيرن جون اوطاقون ويران ۽ اوهانجون آباد هيون، ۽ وڏيرا گهرن ۾ ويهي رهيا هئا، ۽ ماڻهو به اسان سان گڏ بيٺل هئا ۽ ميرپور بٺورو جدوجهدن جي حوالي سان ’ويٽنام‘ سڏبو هو، هاڻ اسان ماڻهن مان ۽ انهن جي مسئلن مان هٿ ڪڍي ڇڏيا آهن ۽ گهر ويهي رهيا آهيون ته حالت اها وڃي بيٺي آهي، جنهن جو پاڻ روئڻون پيا روئون...“
قاسم جي وفات کانپوءِ ڪنهن دوست جو مٿس لکيل مضمون پڙهيم، جنهن ۾ هن دوست لکيو ته ’قاسم ڊاگ هيمر شولڊ،‘ جيڪو گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل هو، تنهن کان متاثر ٿي پاڻ کي ’پٿر‘ سڏائڻ شروع ڪيو. دوست جو پنهنجو رايو آهي، پر منهنجي خيال ۾ ائين نه هو. ڊاگ هيمر شولڊ، سرمائيدارن جو نمائندو هو، ٿي سگهي ٿو ته قاسم کانئس متاثر رهيو هجي. قاسم سان ڪافي ڪچهريون ٿينديون هيون، پر قاسم ڪڏهن به اهڙو ذڪر نه ڪيو. نه ئي وري مون ڪڏهن کانئس اهو پڇيو ته اوهان پٿر ڇو سڏرائڻ شروع ڪيو؟ سندس وفات کانپوءِ سندس ڪيترن ئي دوستن کان اهو سوال ڪيم، پر ڪنهن به ڪو واضع جواب نه ڏنو. البت هڪ ڳالهه جا مونکي معلوم ٿي ته جڏهن قاسم پٿر ’سنڌي عوامي تحريڪ‘ مان خارج ڪيو ويو ته ڪجهه وقت کان پوءِ سنڌي عوامي تحريڪ وارن هڪ ٻي ڪامريڊ مرهيات رسول بخش ڏيٿي کي ”جبل“ سڏڻ شروع ڪيو. جنهن جو مطلب اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته، اسان وٽ پٿر جي جاءِ تي ’جبل‘ موجود آهي. پٿر ويو ته خير... ساٿي جبل ڏيٿو، جنهن جو نالو اصل نالو رسول بخش ڏيٿو هو. واهه جو دلير ۽ مڻيادار ماڻهو هو. صفا ٻهراڙي جو هو، اڻ پڙهيل، هاري تحريڪ ۾ اچڻ کانپوءِ دوستن ٿورو گهڻو پڙهايس، ائين لکي پڙهي ويندو هو، سدائين مقامي وڏيرن جي هلائن جو شڪار رهيو، پر ڪڏهن به پنهنجي مقصد تان نه هٽيو ۽ نه ئي وري ٿڪجي وڃي ساڻن ٺهيو. توڙ تائين عوامي تحريڪ ۾ رهيو، جڏهن 1988ع ۾ ملڪ جي چئن کاٻي ڌر جي سياسي پارٽين گڏجي عوامي نيشنل پارٽي ٺاهي ته رسول بخش ڏيٿو عرف ساٿي جبل عوامي تحريڪ پاران اي اين پي جي مرڪزي ڪميٽيءَ جو ميمبر نامزد ڪيو ويو، ان ڏينهن مون ساٿي جبل کي ڏاڍو خوش ڏٺو هو، جڏهن پاڻ اجرڪ جو پٽڪو ٻڌيو... عوامي نيشنل پارٽي جي نشتر پارڪ جي ’تاسيسي جلسي‘ ۾ اسٽيج تي مرڪزي ڪميٽيءَ جي ٻين ميمبرن سان گڏ ويٺو هو. هڪ ڀيري مونکي ٻڌايو هئائين ته هن پنهنجي آتم ڪهاڻي به لکڻ شروع ڪئي آهي.
ڳالهه پي ڪئيسين قاسم پاران پاڻ کي ’پٿر‘ سڏائڻ جي. سندس وفات کانپوءِ مون ڪجهه دوستن کان اهو سوال ڪيو، پر سڀني ٻُڌايو ته کين جبر نه آهي. منهنجي خيال ۾ پنهنجي اٽلٽا، همت ۽ جدوجهد جي ڪري ماڻهن کيس پٿر جهڙو سخت قرار ڏنو ۽ سڏڻ شروع ڪيو. ايئن پاڻ ’پٿر‘ سڏائڻ شروع ڪيو هوندو... ۽ پاڻ اُن ئي نالي سان سڏجڻ لڳو.
ڪن معاملن ۾، قاسم جي سوچ ۽ خيال ٻين کان مختلف ۽ منفرد هوندا هئا. انهن ۾ هڪ فلسطين جو مسئلو به هو. جڏهن ميرپور بٺوري ۾ جساف ۽ سنڌ وطن دوست اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي شاگردن، جن ۾ اسلم خيرپوري ۽ ٻيا شامل، ’ملعون جنرل ضيا‘ جي دور ۾، اسرائيل پاران لبنان ۾ فلسطيني مهاجر ڪئمپن ۾ قتل عام تي مظاهرا ڪيا ته کين گرفتار ڪيو ويو ۽ همراهه فلسطينين سان يڪجهتيءَ جي ڏوهه ۾ سال سال ٽيپ ڪاٽي آيا. هڪ ڀيري قاسم سان انهن جو ذڪر ٿيو ته قاسم چيو هنن اهي مظاهرا غير ضروري ڪيا آهن، انهن جي ضرورت نه هئي. ڊگهو بحث ٿيو. ڳالهه ڦري گهري اچي اُتي بيٺي ته فلسطيني حق تي آهن يا اسرائيل. قاسم جو موقف هو ته فلسطين اصل ۾ يهودين جو وطن هو، جن کي عربن اتان ڪڍيو هو ۽ هاڻ يهودي واپس وطن موٽي آيا آهن ته عربن کي مزاحمت نه ڪرڻ گهرجي. منهنجو ساڻس ان مسئلي تي اختلاف هوندو هو، چوندو هوسانس ته آبادي جي لڏپلاڻ جا ڪيترائي سبب ٿين ٿا ۽ وقت گذرڻ سان گڏ هڪڙيون قومون فنا ٿين ٿيون ۽ ٻيون انهن جي جاءِ والارين ٿيون. جڏهن عربن آفريقا جي ملڪن مصر تيونس، لبيا، مراڪش، سوڊان ۽ ٻين تي قبضا ڪيا ته اهي ملڪ سڌريل، سکيا ۽ ستابا هئا، انهن جي پنهنجي ٻولي به الڳ هئي، جيڪا عربي نه هئي، وقت گذرڻ سان گڏ هنن ويندي مراڪش تائين پنهنجي ٻولي ۽ ڪلچر ڇڏي ڏني ۽ عربي ٻولي ان سڄي خطي جي عام ٻولي ٿي ويئي. انهن جون اصلوڪيون ٻوليون فنا ٿي ويون ۽ اهو سڄو علائقو عرب ڪلچر ۾ رڱجي ’عرب‘ تي ويو ۽ هاڻ هو عرب سڏجن ٿا، پر هو نسلن عرب نه آهن. ساڳئي حالت عراق سان به ٿي، جيڪو ان وقت ايران جو حصو هو. عربن جي بيت المقدس تي قبضي کانپوءِ اتان آبادي جي لڏپلاڻ بابت ڪو به ذڪر ڪونهي. يهودي ته اسلام جي اچڻ کان اڳ انهن علائقن جي عيسائي حڪمرانن وٽ موچڙن جي منهن ۾ هوندا هئا، ۽ انهن يهودين جي گهڻائي مسلمان ٿي ويئي، هونئن به يهودي مذهبي حيثيت سان هڪ قوم نه آهن، هو ته سڄي دنيا جي مختلف هنڌن تان اچي اسرائيل ۾ گڏ ٿيا آهن، جن ۾ ڪي جرمن، ڪي انگريز، روسي، يمني، آمريڪي ۽ ويندي سوڊاني... هنن جون ريتون رسمون ۽ ٻوليون ڌار... بس هڪ قدر مشترڪ آهي ’يهوديت.‘ پر قاسم پنهنجي موقف تي اٽل رهندو هو. کيس پنهنجي موقف تان ٿيڙڻ مون جهڙي سيکڙاٽ ورڪر جي وس ۾ ته نه هوندو هو.
قاسم اسرائيلي سياستدان جنرل موشيٰ دايان کان به ڪافي متاثر هوندو هو، چوندو هو موشيٰ دايان وڏو مدبر سياستدان ۽ جنرل آهي. موشيٰ دايان جي اک تي ڪاري پٽي ٻڌل هوندي هئي. هو عربن لاءِ دهشت جي علامت هو. هن جي جنگي حڪمت عملين عربن کي وڏين شڪستن سان دوچار ڪيو... هونئن به اسرائيلي سياستدان ۽ جنرل وڏا ڏاها آهن، هنن کي پنهنجي ملڪ اسرائيل جو مفاد سڀني سياستن کان مٿي آهي.
اسرائيلي سياستدانن جي ڏاهپ جو ڪِٿ هڪ مثال پڙهيو هوم، جون 1967ع جي عرب اسرائيل، ڇهن ڏينهن واري جنگ ۾ اسرائيل کي زبردست ڪاميابي حاصل ٿي. هن بيت المقدس جي اردني سيڪٽر سميت ڪيترن ئي عرب علائقن تي قبضو ڪري ورتو. انهيءَ جنگ ۾ اسرائيل جي ڪاميابيءَ جو هڪ راز هي به هو. اختلافن جي باوجود متحد ٿيڻ. انهيءَ وقت اسرائيل ۾ ليوي ايشڪول جي حڪومت هئي. ليوي ايشڪول ۽ موشيٰ دايان جي وچ ۾ زبردست اختلاف هئا. انهيءَ اختلاف سبب موشيٰ دايان 1964ع ۾ ڪابينا تان استعيفيٰ ڏيئي ڇڏي. ليوي ايشڪول 1963ع کان وٺي 1969ع تائين اسرائيل جو وزيراعظم رهيو.
1967ع ۾ جمال عبدالناصر جي پاليسيءَ جي نتيجي ۾ جڏهن اهو محسوس ٿيو ته اسرائيل ۽ عربن جي وچ ۾ جنگ ضرور لڳندي ته وزيراعظم ليوي ايشڪول انهيءَ مسئلي تي سنجيدگيءَ سان ويچاريو. کيس محسوس ٿيو ته جنگ جيتڻ لاءِ جنرل موشيٰ دايان جون خدمتون حاصل ڪرڻ بنهه ضروري آهن، جنهن کي جنگي مامرن ۾ غير معمولي مهارت حاصل آهي، تنهنڪري پهرين جون 1967ع تي جنرل موشيٰ دايان کي ڪابينا ۾ جنگي وزير طور کنيو ويو، جلدئي 5 جون تي جنگ شروع ٿي ويئي، جيڪا 10 جون 1967ع تي اسرائيل جي فتح تي ختم ٿي.
انهيءَ کان اڳ جنرل موشيٰ دايان، ليوي ايشڪول تي سخت تنقيد ڪندو هو. ٻيئي هڪٻئي جا سياسي رقيب بنيل هئا، انهي جي باوجود به ليوي ايشڪول سندس فوجي صلاحيتن جو اعتراف ڪندي کيس وزير دفاع بنايو، اهو ئي اختلافن جي باوجود متحد ٿيڻ اسرائيل جي ڪاميابيءَ جو سڀ کان وڏو راز آهي.
۽ قاسم پٿر کي اسرائيلي سياستدانن، خاص ڪري موشيٰ دايان جي اها ادا ۽ حڪمت عملي وڻندي هئي، هڪ ڀيري چيائين اسين هروڀرو فلسطينين جي حمايت لاءِ ٻڌل آهيون ڇا؟ هنن ڪڏهن اسانجي حمايت ڪئي آهي ڇا...؟ اسان کي جيڪڏهن پنهنجي آزادي لاءِ اسرائيل حمايت ڪندو ته اها به قبولينداسين. هڪ ڀيري قاسم اهو به ٻڌايو ته ’سنڌي عوامي تحريڪ‘ ۾ رهڻ دوران، محترم رسول بخش پليجو ۽ فاضل راهو فلسطيني فدائين سان ملڻ جي لاءِ بيروت به ويا هئا، جيئن سنڌي ماڻهن جي جدوجهد جي باري ۾ خاص ڪري عسڪري سکيا جي باري ۾ کانئن مدد وٺي سگهجي... پر شايد کين فلسطينين کان مايوسي پلئه پئي.
اهڙي ئي ڳالهه نجم عباسي، پنهنجي ڪتاب ’سوچون هڪ سچار جون‘ ۾ به لکي آهي، هو لکي ٿو ته ’مون پنهنجو هڪ ڪتاب ياسر عرفات کي ارپيو، پر هاڻ سو چيان ٿو ته ڇا ياسر عرفات کي ان ڳالهه جي خبر هوندي.... ڇا کيس سنڌي قوم جي خبر هوندي، ان جي مسئلن بابت خبر هوندي، هن ڪڏهن به اسانجي جدوجهد جي باري ۾ نه ڳالهايو آهي، ياسر عرفات ته پاڪستان سرڪار وٽ، سرڪاري مهمان ٿي ايندو آهي، ٻين لفظن ۾ هو اسانجي دشمنن سان گڏ ويٺل آهي، ان صورت ۾ منهنجو کيس ڪتاب ارپڻ، مناسب نه هو... ياسر عرفات کي مظلوم هئڻ جي ناتي پاڪستان سرڪار جو مهمان ٿي اچڻ جي بدران، سنڌي ماڻهن جي جدوجهد جي حمايت ڪرڻ گهرجي.‘
انهن ڏينهن مونکي اسرائيل جي اڳوڻي وزيراعظم مسز گولڊا ميئر جي آتم ڪهاڻي ”My Life“ هٿ چڙهي، جنهن جو ذڪر مون قاسم سان ڪيو. جنهن مونکي صلاح ڏني ته اهو ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائي، ته جيئن سنڌي ماڻهن کي ٻي رخ جي به خبر پوي. مون ساڻس ها ڪئي، پوءِ ٻن ٽن دوستن کي اهو ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ڪري ڏيڻ لاءِ چيم، ڪن نظرياتي اختلافن جي ڳالهه ڪئي ته ڪن وري ٻيون ڳالهيون، پوءِ هڪ دوست اهو ڪتاب ترجمو ڪرڻ لاءِ مون کان ورتو ۽ پوءِ مون وري ان ڪتاب جو منهن ئي نه ڏٺو.
ان ئي جذبي تحت قاسم ٻه ڪتاب پرويز کان به ترجمو ڪرايا، هڪ ’اليگزينڊر پاناگولس‘ جو انٽرويو، جيڪو اوريانا فلاسيءَ جو ورتل هو. جيڪو پوءِ ”پنڌ اڙانگا پٻ جا“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيو ۽ ٻيو بلوچ قومي تحريڪ جي هڪ گوريلا اڳواڻ ’مراد خان بلوچ‘ جو انٽرويو.
مون جڏهن سرحدي گانڌي خان عبدالغفار خان جي ضخيم آتم ڪهاڻي جو اختصاريل ترجمو ڪيو ۽ ان جو ذڪر سيد اڪبر ۽ قاسم پٿر سان ڪيم ته هو ڏاڍا خوش ٿيا، سيد اڪبر ته مونکي ان جو ترجمو به درست ڪري ڏنو ۽ زور ڀريائين ته اهو ڪتاب جلد ڇپائي... ۽ سندس چوڻ اهو به هو ته ان ڪتاب جو تعارف سائين جي ايم سيد کان لکرائڻ گهرجي، جيڪا صلاح قاسم پٿر کي به وڻي. هن اهو ذمون کنيو ته يوسف مون سان سن گڏجي هلي... آئون سائين جي ايم سيد کان ڪتاب تي تعارفي نوٽ لکرائي ڏيندس. پوءِ قاسم جيترا ڀيرا به ’سن‘ ويو ته مونکي هلڻ لاءِ چيائين... بهرحال آئون سن وڃي نه سگهيس. اها منهنجي بدقسمتي هئي، نه ته گهڻو ڪجهه ڏسڻ ۽ سمجهڻ جو موقعو ملي ها.
مون وري ان جو ازالو هيئن ڪيو، جو جڏهن اهو ڪتاب ”منهنجي زندگي ۽ جدوجهد“ جي نالي سان ڇپرايم ته ان جي تعارفي نوٽ طور سائين جي ايم سيد جي تقرير مان هڪ اقتباس ڏنم، جيڪا پاڻ، خان عبدالغفار خان جي ’سن‘ اچڻ تي آجيان طور ڪئي هئائين، آئون ان ڳالهه کي به پنهنجي خوشنصيبي ٿو سمجهان ته مون سيد جي ان سالگرهه ۾ ننڍي کنڊ جي ٻنهي وڏن اڳواڻن کي پنهنجي اکين سان هڪئي اسٽيج تي گڏ ويٺل ڏٺو ۽ ٻڌو.
قاسم اڪثر اها تنقيد ڪندو هو ته اوهين اديب آسائش پسند آهيو، جدوجهدن ۾ حصو نٿا وٺو، ۽ هاڻ اهڙو ادب ٿا لکو جيڪو ماڻهن کي مايوس ٿو ڪري ۽ ڀاڙيو ٿو بنائي. هڪ ڏينهن چيومانس، ”تون اديبن تي تنقيد ته ڪرين ٿو، پر پاڻ ته ڪجهه به نٿو لکين... جي ڀلا لکين نٿو ته آئون ’سنڌي ادبي سنگت دڙو‘ پاران بندوبست ڪريان ٿو، تون ليڪچر ڏي. قاسم ها ڪئي ته مون ليڪچر جو بندوبست ڪيو، موضوع رکيوسين ”اديب جو ڪردار ڇا هئڻ گهرجي؟“
قاسم مقرر وقت تي آيو ۽ ليڪچر ڏنائين، جيڪو نهايت مختصر پر جامع هو، پوءِ ڪافي سوال جواب به ٿيا.
هونئن به قاسم اديبن ۽ شاعرن جي ڪردار جي حوالي سان سدائين چٽو رهيو، گهڻا سال اڳ 27 ڊسمبر 1986ع تي حيدرآباد سنڌ ۾، سنڌي ادبي سنگت هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي هئي، جنهن ۾ قاسم پٿر به تقرير ڪئي، هڪ دوست ان ڪانفرنس ۾ ٻين تقريرن سان گڏ اها تقرير به ٽيپ تان لاٿي، جيڪي سڀ تقريرون ۽ مضمون ڪنهن دوست منهنجي حوالي ڪيا، جيڪي پوءِ مون سڀ ’سنجها‘ مخزن جي فيبروري 1997ع جي پرچي ۾ ڇپي ڇڏيا، ان موقعي تي قاسم جي تقرير جو هيٺيون اقتباس سندس خيالن ڄاڻڻ لاءِ هت نقل ڪريان ٿو.
”سنڌ جا اديب شاعر، جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهن ٿا، جيڪي سيکڙاٽ آهن، سي سڀ گڏ ٿي سوچين، باقي جيڪي ڏاها ۽ دانشور آهن، انهن کي گذارش آهي ته مصلحت کان ڪم نه وٺن، سندس ذهنن ۾ جيڪي سوچون آهن، انهن جي اظهار ۾ بزدلي جو مظاهرو نه ڪن، ڏاهپ سکن، سڄي دنيا جي ادب ۾ جيڪي ڪجهه ڏسن ٿا، اُن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي ادب ۽ پنهنجي قوم جي خذمت ڪن، سنڌي ماڻهن کي جيڪي ڏک، تڪليفون ۽ عذاب آهن، انهن ۾ ساڻن ڀاڱي ڀائيوار ٿين، ايئن نه ٿئي ته هڪڙا ماڻهو ٽياس تي ٽنگيا پيا هجن ۽ اسان جا اديب وري قاضي قاضن وانگر وڃي پيش پون ۽ وقت جي بلاولن (انقلابين) ڏانهن وفد وٺي وڃڻ ته ”بابا! حالتون خراب آهن، پيش پئو!“ اها صورتحال گهٽ ۾ گهٽ اسان قومپرست ۽ ترقي پسند اديبن ۾ نظر نه اچڻ کپي، پنهنجا ڏک، سک ۽ تڪليفون پنهنجي قوم پنهنجي عوام سان رهي ونڊائڻ کپن، ادبي پليٽ فارم جي حوالي سان آرام، سک ۽ رعايتون حاصل ڪرڻ نه کپن، اسان اديب جڏهن به ڪا مصلحت ڪريون، ڪو ڪمپرومائيز ڪريون يا ڪا سڌي اطاعت ڪريون، ته ٻيا به انسان آهن، منهنجا پاڙيسري آهن، منهنجا هم زبان ۽ هم قوم ماڻهو آهن، اُنهن تي جيڪا يلغار آهي، انهن تي جيڪا مصيبت ڪڙڪيل آهي، ان جو به احساس رکون.“
19 ڊسمبر 2007ع تي قاسم کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري ڏک ۽ صدمي واري ڪيفيت ۾ ميرپور بٺوري جي بس اسٽاپ تي هڪ هوٽل ۾ اچي ويٺاسين ۽ قاسم کي ساري، سندس ڳالهيون ڪندا ۽ انهن ڳالهين جي ذريعي قاسم جي ڪردار ۽ جدوجهد تي ڳالهائيندا رهياسين، جو هڪ دوست ’مرزا غالب‘ جو هي شعر ٻڌايو:
تهي اک شخص ڪي تصور سي منور
اب وه رعنائي خيال کهان
ميرپور بٺوري جي حوالي سان اهو شعر قاسم جي شخصيت تي ٺهڪي ٿو اچي، ميرپور بٺوري ۾ ڪيترائي مهربان، قدردان، دوست، اديب، عالم ۽ سياستدان رهن ٿا، جيڪي سماجي طور تي اسانجي يار قاسم پٿر کان وڌيڪ سُٺي حيثيت ۽ اثر جا ڌڻي آهن، پر قاسم ڪير سڏائي؟ پنهنجي ڪمٽمنٽ ۾، دوستي ۽ ڪشاده دليءَ ۾. جيئن منهنجي هڪ شاعر دوست گل خاصخيلي، قاسم پٿر جي ياد ۾ لکيل پنهنجي منظوم خراج ۾ چيو آهي.
تلاءُ جي ڀرسان ماڙيءَ تي
ڪو سنڌي ماڻهو رهندو هو
واچوڙن جي موسم ۾ ڀي
سو ’پٿر‘ بنجي بيهندو هو
قاسم پٿر جي ترتيب ڏنل ’ساڻيهه‘ ڪتابي سلسلي جي پرچي ”ماءُ“ ۾ ”چڱا ائين چون“ جي عنوان سان ’سڀاش چندر بوس‘ جو هڪ قول ڇپيل آهي.
”هن فاني جهان ۾ هر شئي ختم ٿي وڃي ٿي، پر خيال، مقصد ۽ تصور ختم نٿا ٿين، فرد ڪنهن مقصد يا تصور لاءِ قربان ٿئي ٿو، پر تصور هزارين دلين ۾ وڃي واسو ٿو ڪري، هڪڙو نسل پنهنجا اُمنگ ۽ تصور ٻئي جي لاءِ ورثي ۾ ڇڏي ٿو. ڪو به تصور يا اُمنگ مصيبت ۽ قرباني کانسواءِ غلبو حاصل نٿو ڪري...“
قاسم جي زندگي تي نظر ڊوڙائبي ته مٿيون قول مٿس ٺهڪي ايندو.
گذريل ڪجهه سالن کان آئون ۽ منهنجو دوست رشيد آزاد، هر عيد تي، ميرپور بٺوري وڃي پنهنجي مشترڪه دوستن سان عيد ملندا آهيون، انهن ۾ قاسم سرفهرست هوندو هو، هن ڀيري اضحيءَ واري عيد قاسم پٿر جي وفات جي ٽن ڏينهن کانپوءِ آئي ۽ اسين به دستور موجب ميرپور بٺوري وياسين، جڏهن رشيد بائيڪ قاسم جي گهرواري گهٽيءَ ڏانهن موڙي ته قاسم جي ماڙيءَ وٽ پهچي مون کيس بائيڪ بيهارڻ جي لاءِ چيو ۽ لهي ماڙيءَ واري گهٽي ۾ گهڙي ويس، هڪ نظر قاسم جي گهرجي دروازي تي وڌم ۽ ٻي نظر مٿي ماڙيءَ تي، جتي قاسم جي اوطاق سان گڏ ”ابن حيات پنهور لئبرري“ به آهي ۽ پوءِ موٽي آيس.
”ڇو ڇاٿيو.....؟“ رشيد آزاد پڇيو.
”قاسم کي سلام ڪرڻ ويو هئس....“ وراڻيم.
”پر قاسم ته ڪونهي... تون به عجيب شخص آهين، يوسف سنڌي...“ رشيد چيو.
مون ڪابه ورندي نه ڏني ۽ لانگ ورائي بائيڪ تي ويهي رهيس، منهنجون اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي آيون ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر قاسم جي گهر جي دورازي تي نظر وڌم ۽ دل ئي دل ۾ چيم، ”چڱو قاسم! موڪلاڻي ڪانهي!“
اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين،
آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي، جيءُ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
*
اڄ نه پَسان سي، آتڻ ڪتيم جَن سين،
هاڻي تنين کي، ڪنڌيءَ ڪاڪَ نهاريان.
*
(19 فيبروري 2008ع - دڙو)