قاسم پٿر جي ادبي ۽ سياسي ڪردار جي ڀيٽ
ابن حيات پنهور سان ملاقات ۽ متاثر ٿيڻ وارن ڏينهن ۾ قاسم ۽ ڪجهه ٻين دوستن گڏجي ميرپور بٺوري ۾ ”سنڌي ادبي سنگت“ قائم ڪئي. ٻين دوستن ۾ قاسم جو ويجهو دوست ۽ هندستان مان لڏي ايندڙ اردو ڳالهائيندڙ سيّد قمرالحسن، عبدالرحمٰن ڪاٺيارو ۽ عبدالله رنگريز جا نالا اهم آهن. عبدالله رنگريز، ميرپور بٺوري ۾ اخباري هاڪر ۽ مختلف اخبارن جو نمائندو به رهيو. هن پنهنجي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ پنهنجي مختصر ’آتم ڪهاڻي‘ به لکي، جيڪا منهنجي ادارت ۾ نڪرندڙ ’سنجها‘ مخزن جي ٽي پرچي ۾ ڇپي. پوءِ جڏهن 17 آڪٽومبر 1956ع تي، سنڌ مدرسي ڪراچي ۾، سڄي سنڌ جي ادبي سنگتن کي گڏي ’مرڪزي سنگت‘ ٺاهي ويئي ته مٿيان چارئي ڄڻا ’سنڌي ادبي سنگت، ميرپور بٺوري‘ جي نمائندن جي حيثيت سان ان گڏيل ’سنگت‘ ٺاهڻ واري اجلاس ۾ پڻ شريڪ ٿيا، جنهن جو ذڪر عبدالله رنگريز پنهنجي يادگيرين ۾ هنن لفظن ۾ ڪيو آهي:
”هندستان جي ورهاڱي کانپوءِ حيدرآباد دکن مان لڏي ايندڙن مان هڪ شخص سيّد قمرالحسن، ميرپور بٺوري جي سرڪاري اسپتال ۾ ڪمپائونڊر ٿي آيو. هن کي سنڌي لکڻ ۽ سکڻ جو شوق هو. هن جي دوستي پهرين صديق ميمڻ ترائي واري سان ٿي، جيڪو بدقسمتيءَ سان اڻ پڙهيل هو. پوءِ وري ڪاٺوڙ مان آيل محمد قاسم ميمڻ سان ٿي، جيڪو درزڪو ڪم ڪندو هو ۽ سنڌي جا ٻه ٽي درجا پڙهيل هو، پوءِ قاسم جي معرفت سنڌين سان تعلقات ٺاهي سنڌي سکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ لڳو. انهيءَ غير سنڌيءَ جي ڪوشش سان ميرپور بٺوري ۾ سنڌي ادبي سنگت 1952ع ۾ قائم ٿي، جنهن ۾ سيّد قمرالحسن، محمد قاسم ميمڻ، عبدالرحمٰن ڪاٺيارو، محمد اسحاق ميمڻ ۽ آئون هئاسين. جيئن ته ان وقت سڄي سنڌ ۾، ادبي سنگت جا عليحده عليحده يونٽ ڪم ڪري رهيا هئا، تنهنڪري وڏن اديبن کي خيال آيو ته ڇڙو ڇڙ ادبي سنگتن کي گڏي هڪ مرڪزي ’سنڌي ادبي سنگت‘ جو بنياد رکجي. ڇڙو ڇڙ يونٽن کي مرڪز جون برانچون بنائي منظم نموني ڪم هلائجي. ان لاءِ ڪراچي جي اياز قادريءَ، سنڌ سان چاهت رکندڙ هڪ هنڌو (جنهن جو نالو دل تان لهي ويو آهي) جي ڪوششن سان سڄي سنڌ جي ادبي سنگتن کي پنهنجا چار چار نمائندا مرڪزي سنگت ٺاهڻ لاءِ موڪلڻ جو سڏ ڏنو. اهڙو ٽه روزه سڏ ”سنڌ مدرسه“ ڪراچي ۾ گڏجاڻيون ڪرڻ لاءِ جاري ٿيو. ٺٽي ضلعي ۾ صرف ميرپور بٺوري ۾ سنڌي ادبي سنگت(1) جو قيام عمل ۾ آيو. ان ڪري ٺٽي ضلعي مان صرف ميرپور بٺوري جي سنگت ئي پنهنجا چار نمائندا باقاعده سنگت جي گڏجاڻي ڪري، منتخب ڪري موڪليا. جن ۾ مون کانسواءِ عبدالرحمٰن ڪاٺيارو، قاسم ميمڻ (جنهن بعد ۾ پنهنجو تخلص پٿر رکيو) ۽ سيّد قمرالحسن شامل هئاسون....“
سنڌي ادبي سنگت جي اُن اجلاس جي ساروڻين جو ذڪر قاسم پٿر هن ريت ڪيو آهي:
”...... 56-1955ع جي زماني ۾ جڏهن سنڌي ادبي سنگت سرگرم ٿي پئي، تڏهن اسانکي اخبار رستي ڪوٺ ملي هئي ته ڪراچي جي سنڌ مدرسي ۾ گڏ ٿيون. ان وقت سرگرم چهرا موتيرام راموڻي، نورالدين سرڪي، حفيظ شيخ، اياز قادري، احسان بدوي نظر آيا هئا. ان اجلاس بعد چونڊون ٿيون ان بعد اديب دوستن سان ملندا رهندا هئاسون. واقفيت وڌڻ ڪري، حيدراباد اچڻ ٿيندو هو. ادبي بورڊ (تلڪ چاڙهي تي) ابن حيات پنهور ۽ شمشير الحيدري (جيڪو ان زماني ۾ شايد ڪلارڪ هو) سان چانهه جو ڪوپ پيئندا هئاسون ۽ ڪچهريون ٿينديون هيون. اهڙي طرح اسانجي پرورش ٿيندي رهي، اسان ان ادبي پليٽ فارم تان شعور پرائيندي سکندي ۽ وڌندي، سنڌ جي سياست ڏانهن وياسين. اُن شعور جي ڪري اسان گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي پيڙيل مظلوم طبقي، هاريءَ جي مصيبتن جو اندازو لڳائي، هاري سياست سکي، اقتصاديات کي سمجهيوسون، سڄي برِصغير ۾ جيڪي تحريڪون هليون پئي، انهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، اهڙي نموني ادبي پليٽ فارم تان محسوس ٿيو ته سنڌ جا سياسي ڪارڪن جُڙي ٺهي، پنهنجي وطن جي خذمت ڪري سگهن ٿا....“
قاسم پٿر جو سنڌي ادبي سنگت سان اهو رشتو ۽ لاڳاپو ڪڏهن به نه ٽٽو.... پاڻ س . ا . س ميرپور بٺوري (شاخ) سان وابسته رهڻ سان گڏ وقت ضرورت سنڌ سنگت ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهيو. 1988ع ۾ جڏهن محترم تاج جويو سنگت جو سيڪريٽري جنرل هو ۽ مٿس سنگت کي ’جيئي سنڌ محاذ‘ جو ذيلي فرنٽ ڪري هلائڻ سبب، آڱريون کڄڻ لڳيون ۽ محترم رسول بخش پليجي ته مختلف جلسن ۾ تقريرن ۾ اهو چوڻ شروع ڪيو ته ”سنڌي ادبي سنگت يرغمال ٿي ويئي آهي، تنهن کي آزاد ٿيڻ گهرجي.“ ته اهو خدشو پيدا ٿيڻ شروع ٿيو ته متان سنڌي ادبي سنگت گروپن ۾ نه ورهائجي وڃي.... اها ڳالهه نظر ۾ رکندي، تاج جويي جي دوستن، وقتي طور تي تاج جويي کي پٺتي هٽائڻ ۽ ڪنهن مناسب، غير تڪراري ۽ وچٿري ماڻهوءَ کي اڳيان آڻڻ جو فيصلو ڪيو ته قاسم پٿر جي تجويز تي محترم غلام حسين رنگريز کي اڳتي آڻي، کيس اها ذميداري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ۽ محترم غلام حسين رنگريز کي اهو عهدو قبولڻ تي راضي ڪرڻ جي لاءِ به قاسم پٿر ئي گهڻي ڪوشش ورتي. جنهن ڳالهه جو ذڪر ڪندي غلام حسين رنگريز لکي ٿو:
”..... پٿر جي ئي خواهش ۽ ڪوششن سان عبدالواحد آريسر، محمد هاشم کوسي، خالق جوڻيجي ۽ تاج جويي، سنڌي ادبي سنگت کي بحراني صورتحال مان ڪڍڻ واسطي، مونکي موزون ماڻهو سمجهي، مون تي پاڻ خود، سيّد اڪبر ۽ مٿين ٻين دوستن زور ڀريو ته آئون سيڪريٽري جنرل ٿي سنگت کي سنڀاليان.....“
قاسم پٿر سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي باني ميمبرن مان هو ۽ آئون جڏهن سنگت جو سيڪريٽري جنرل چونڊيس ته مون سندس مٿين ڪردار ۽ حيثيت کي نظر ۾ رکندي ’سنگت مرڪز‘ پاران، کيس مڃتا ڏيڻ واسطي ”سنڌ سنگت قاسم پٿر کاهوڙي ايوارڊ“ جاري ڪيو، جيڪو ٻيئي سال سنگت جي بهترين کاهوڙي ورڪر کي ڏنو ويو.
جيئن مٿي ذڪر ڪيو اٿم ته قاسم پٿر ’سنڌي عوامي تحريڪ‘ جي ترجمان پرچي ’تحريڪ‘ جو ايڊيٽر به رهيو. قاسم چواڻي ته هو فقط نالي ۾ ايڊيٽر هو. باقي سڄي پرچي جو مواد، وغيرهه جي سيٽنگ ٻيا ڪندا هئا ۽ ايڊيٽوريل محترم رسول بخش پليجو لکندو هو. ان پرچي ۾ مختلف وقتن تي قاسم جون ڪيتريون ئي ننڍيون ڪهاڻيون ڇپيون.
پٿر جي ڪريڊٽ تي ”ساڻيهه“ ڪتابي سلسلو پڻ آهي. جنهن جو ايڊيٽر / مرتب پڻ پاڻ ئي هو.
مون وٽ ان ڪتابي سلسلي جو ٻيو پرچو محفوظ آهي، جنهن جو ٽائيٽل ساڌو ۽ ان جي هيٺان ڀٽائي سائين جي هيٺينءَ بيت جي صورت ۾ پنهنجي پڙهندڙن کي پيغام ڏنل آهي.
سُکن واري سڌ، متان ڪا مونسين ڪري،
اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون.
ڪتابي سلسلي جي ان ٻي پرچي جا ڊيمي سائيز ۾ ڪُل 56 صفحا آهن، ۽ صفحي نمبر 37هين کان ’جيولس فيوچڪ‘ جي جيل ڊائري ”سوريءَ جنين سيج“ جي نالي سان ترجمو ڪري ڏني ويئي آهي، جنهن جو مترجم ’نور خان بلوچ‘ ڄاڻايل آهي. قاسم پٿر جي وفات کانپوءِ اخبارن ۾ ڇپيل سندس پروفائيل ۾ اهو ڪتاب ’قاسم پٿر‘ جو ترجمو ڪيل ڄاڻايو ويو هو... جيولس فيوچڪ جو اهو ڪتاب پوءِ ”ڦاسيءَ جي ڇانوَ ۾“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيو ۽ ڪتاب ۾ ڪٿي به مترجم جو نالو ڄاڻايل نه آهي. مون ڪڏهن به قاسم جي واتان ان ڪتاب جي ترجمي جو ذڪر نه ٻُڌو. مون جڏهن قاسم پٿر جي هڪ قريبي دوست ”مگهن لال شرما“ کان اُن جي تصديق ڪرڻ چاهي ته هن وراڻيو ته، ”اهو ڪتاب قاسم پٿر جو ترجمو ڪيل نه آهي، نور خان بلوچ ڪو ٻيو همراهه آهي.“ ان ڪتاب جي ترجمي جي باري ۾ وڌيڪ ڪا معلومات ملي نه سگهي ته اهو ڪتاب ڪنهن جو ترجمو ڪيل آهي، وڌيڪ ان سلسلي ۾ قاسم پٿر جو ڪو ويجهو دوست ئي ترديد ۽ تصديق ڪري سگهي ٿو.
’ساڻيهه‘ جي ٻي پرچي ’ماءُ‘ ۾ ڪهاڻيون، شعر ۽ مضمون به ڏنا ويا آهن جيڪي ڪافي معياري آهن.
ساڻيهه جي ان پرچي جي اداريي ”هڪ قدم اڳتي“ ۾ پرچي بابت لکيو ويو آهي:
”.... ساڻيهه جو ٻيو پرچو اوهانجي هٿن ۾ آهي. ساڻيهه جي پهرينءَ پرچي جي توقع کان وڌيڪ کپت ۽ گهر ڪري، اسانکي ڪامل يقين ۽ اعتماد ٿيو آهي ته اسين جو مواد ساڻيهه ۾، سنڌي عوام آڏو پيش ڪرڻ گهرون ٿا، سو دلين جي گهراين سان قبول ڪيو ويو آهي، انهيءَ مان اسانجي قياس جي تصديق ٿئي ٿي ته ساڻيهه ۾ پيش ٿيندڙ مواد اڄ سنڌ جي اهم تقاضا ۽ ضرورت آهي...“
ورهاڱي کانپوءِ، سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽ سنڌ جي محب وطن ليکڪن ۽ قلم ڪارن جي خلاف رجعت پسند حلقن جي هلائن ۽ باهوڙ جي جواب ۾، سنڌ جي روشن خيال ۽ محبِ وطن اديبن نه رڳو سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان اُن جي بچاءُ ۾ ڀرپور مهم هلائي، پر پنهنجي لکڻين، توڙي عمل ۾ انهن جي اصليت ۽ پراڻ پسندي، اسلام دوستي ۽ وطن دوستيءَ کي وائکو ڪرڻ شروع ڪيو. ان دور جو ذڪر ڪندي، محترم شمشير الحيدري پنهنجي هڪ مضمون ”سنگت: هڪ تحريڪ“ ۾ لکي ٿو:
”.... ادبي ميدان ۾ ان وقت سڄيءَ سنڌ جي شاعرن جي جماعت ’جمعيت الشعراءَ سنڌ‘ ڪم ڪري رهي هئي، ٻيو ڪو پليٽ فارم نه هجڻ ڪري تنوير عباسي ۽ نياز همايوني جهڙا شاعر به اُن ۾ شامل هئا. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو پهريون سيڪريٽري جنرل اياز قادري به هن جمعيت جو اهم ميمبر هو ۽ ان جي ساليانين ڪانفرنسن جو اسٽيج سنڀاليندو هو.
جمعيت جا شاعر، فارسي رنگ تي غزل جي شاعري ڪندا هئا. عربي بحروزن بنا، ڪافيءَ گيت وغيرهه کي شاعري مڃڻ کان انڪار ڪري رهيا هئا، ۽ اهڙن شاعرن کي هو سگهڙ ڪوٺيندا هئا. هو فارسي ترڪيبون استعارا ۽ تشبيهون ته استعمال ڪندا هئا، پر ٻولي ۾ به فارسي ۽ عربيءَ جا ڏکيا لفظ استعمال ڪندا هئا ۽ انهيءَ عمل کي قابليت جو معيار سمجهندا هئا. ذاتي مشاهدي ۽ پنهنجي اصلي احساسن ۽ جذبن بدران هو فارسي محاورا استعمال ڪندا هئا، وٽن مارئي، سسئي يا نوري جي ڪردار جو ڪوبه واهپو نه هو.
..... جمعيت جي اهڙي شاعريءَ، سنڌ ۾ اهڙو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو، جو نه رڳو نوان پيدا ٿيندڙ شاعر، بلڪه عام پڙهندڙ به لطيف ۽ سچل واري ڪلاسيڪي شاعريءَ کان پري ٿيندا ويا.... ٻئي طرف اهي اديب ۽ شاعر هئا، جن ڪلاسيڪي شاعري جي مطالعي سان گڏ، عالمي ادب کي به پڙهيو هو. پر پنهنجي اظهار لاءِ وٽن ڪوبه وسيلو ۽ پليٽ فارم نه هو.... سنڌي ادبي بورڊ جي ’مهراڻ‘ رسالي شايع ٿيڻ سان انهن کي اظهار جو وسيلو مليو ۽ سنگت جي قائم ٿيڻ سان پليٽ فارم. ان طرح سنڌ ادب فڪري طرح منظم ٿيو ۽ ان ۾ اجتماعي مقصديت پيدا ٿي. پوءِ جديد ۽ قديم جي جيڪا تاريخي جنگ لڳي، تنهن ۾ هڪ پاسي کان ڪافر، ملحد، ڪميونسٽ، ڀارت جا ايجنٽ، پاڪستان جا مخالف وغيرهه جون فتوائون لڳايون ويون ته ٻئي پاسي کان تخليقي زور ڏيکاريو ويو. سنگت جي ساري ٿي ۽ وڏي جاکوڙ سان ٻوليءَ، شعر ۽ ادب جو ناتو وري شاهه ۽ سچل جي ڪلاسيڪي ورثي سان جوڙيو ويو. ان دوران سرڪاري خوشامندي ڪندڙ اخبارون، سرڪاري ايجنسين، ظاهر دار مُلن ڇاڇا نه ڪيو هوندو، سو هڪ داستان آهي، پر اهو شايد دنيا ۾ هڪ وڏو مثال آهي ته ٿورن سالن جي مقابلي سان ادب جي ميدان ۾ قديم تي جديد کي فتح حاصل ٿي....“
ان قديم۽ جديد جي جنگ ۾ رجعتي حلقن پاران مرحوم رشيد احمد لاشاري اردو ۾ ”ادب ڪي آڙ ۾“ جي نالي سان هڪ ڪتاب لکي ترقي پسند ۽ قومپرست سنڌي اديبن ۽ دانشورن کي ڪافر، مرتد، پاڪستان دشمن، اسلام دشمن، فاحش ۽ ڪميونسٽ ڪري پيش ڪيو. جنهن جي جواب ۾ سنڌ جي هاڪاري عالم ۽ اديب مولانا غلام محمد گراميءَ اردو ۾ هڪ ڪتاب لکيو، جنهن جو ذڪر ڪندي محترم رشيد ڀٽي شيخ اياز جي ڪتاب ”خط، تقريرون ۽ انٽرويو“ (ڀاڱو پهريون) جي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
”.... ان جي جواب ۾، اردو پڙهندڙن عوام ۽ پريس کي، رجعت پرستن جي سازشن ۽ سامراجي منصوبن کان واقف ڪرڻ لاءِ، گرامي صاحب هڪ نهايت مدلل، مدبرانه ۽ عاقلانه ڪتاب اردو ۾ مڪمل بحث ۽ حوالن سان لکي پيش ڪيو، جيئن ته گرامي صاحب، نيم سرڪاري اداري ”سنڌي ادبي بورڊ“ ۾ ملازم هيو، ان ڪري، هن اهو ڪتاب ”ادب ڪي نام پر“، جو سياسي سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي تضادن سان پُر هيو، پنهنجي هڪ هم سفر ’محمد قاسم پٿر سنڌي‘ جي نالي ۾ ڇپرايو. هن ڪتاب ۾ نه رڳو ان ادبي ڇڪتاڻ کي ۽ اُن جي ڪارڻن کي واضع ۽ چٽو ڪيو ويو هو، پر انهن، لئي مان لڪُڻ ڀڃي رئيس سڏائيندڙ جهڙن نقادن جي ذاتي حياتي، ڪردار علم ۽ ڄاڻ کي به پڌرو ڪيو ويو هو.“ (ص: 84)
رشيد ڀٽي جي مٿين مثال مان اهو انداوز لڳائي سگهجي ٿو ته قاسم پٿر ان قديم ۽ جديد جي جنگ ۾ جديد ادب جي حامين ۽ پرچارڪن جي سٿ جو مهڙ وارو سپاهي هو.
قاسم پٿر جي مختصر ڪهاڻين ۽ ننڍڙن تاثرن جو مجموعو ”رت ۽ غلامي“ 1983ع ۾، سنڌ نيشنل پبليڪيشن ميرپور بٺورو پاران ڇپيو. ڪتاب ۾ مهاڳ کانسواءِ ڪُل 19 اسم شامل آهن، جنهن ۾ ٽي تاثر، هڪ ڊرامون ۽ باقي ننڍيون ڪهاڻيون شامل آهن. ڪتاب ڪرائون سائيز جي 112 صفحن تي مشتمل آهي، ڪتاب گهڻن دوستن تائين پهچي نه سگهيو، جو 1983ع ۾ جڏهن قاسم خير پور جيل ۾ هو ته ايف . اي . يو وارن مير پور بٺوري ۾ قاسم پٿر جي گهر تي ڇاپو هنيو ۽ ڪتاب جون 500 ڪاپيون کڻي ويا، جيڪي پوءِ ڪڏهن به واپس نه ٿيون.
ٽن تاثرن مان هڪ تاثر ”ڪو ڳُڻ ٻاروچي جو“ قاسم پٿر پنهنجي پياري دوست ۽ ساٿي مرحوم نجم الدين ميمڻ تي لکيو هو. مرحوم نجم ميمڻ به سياسي سفر ۾ قاسم جو ساٿي هو. هو بنيادي طرح وڏيراڻون ٻار هو، پر پنهنجي طبقي کان بغاوت ڪري، عوامي سياست ۾ آيو ۽ قاسم پٿر سان ئي سياسي سفر ۾ ’سنڌي عوامي تحريڪ‘ مان نڪتو. پوءِ پي . اين . پي ۾ شامل ٿيو، وٽس ڪيترائي سياسي اڳواڻ ۽ ورڪر ايندا هئا. هڪ ڀيري ته مرحوم غوث بخش بزنجو به سندس دعوت تي دڙي آيو، ۽ دڙي ۾، سندس پاران چانهه جي دعوت ۾ شرڪت ڪيائين ۽ آيل ماڻهن کي مخاطب به ٿيو.
نجم ميمڻ، پوءِ دوستن جي صلاح سان 1979ع جي بلدياتي چونڊن ۾ حصو به ورتو ۽ ’ٽائون ڪميٽي دڙو‘ جو چيئرمن به چونڊيو. پرستت ئي هڪ روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ فوت ٿي ويو، قاسم پٿر پنهنجي ان تاثر ۾ نجم ميمڻ جي سياسي سفر جو نقشو هنن لفظن ۾ چٽيو آهي.
”هُن سان منهنجي پهرين ملاقات حيدرآباد ۾ ڇوٽڪي گهٽي ۾ منهن وٽ ٿي، مونکي ٻانهن مان جلهي زوري چانهه پياريائين. ڳوٺ جا ماڻهو هئاسين، انهيءَ ڪري هڪٻئي سان واقفيت هئي، هي ماستر طالب ميمڻ جو پُٽ هو.... چانهه پيئندي سياسي حال احوال پڇيائين، تنهن وقت ون يونٽ جو زمانو هو، سنڌ جي ماڻهن جي ڪا به سياسي اهميت نه هئي. هر ڪو پيو کين بزارين ۾ لتاڙيندو هو. نئون رت هو، چيائين شهري ماحول ۾ ته اسان جي ڪابه عزت نه آهي. جيڪو تيڪو ٿو دٻائي... ڇا ڪريون؟“
چيومانس ته اها ڳالهه رڳو مونکي ٻُڌائڻ جي نه آهي، پر سنڌ جي سڀني ماڻهن کي چوڻ جي آهي.... سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيائين... ڊڪ ڊوڙ، آڌي مانجهي، بسن جي سواري هن جي زندگي جو معمول بنجي ويو. هي نعپ جو خزانچي ٿي. سنڌ هاري ڪميٽي جو ميمبر ٿيو. هاري جي جدوجهد ۾ جڏهن کانئس هارين اڌ بٽئي گُهري ته کِلي چيائين پهرين مون کان شروعات ڪريو.... يارن چيس ته انقلاب سڀني جي عزت وڌائيندو آهي، بُک گهٽائيندو آهي.
ڪتاب جي آخر ۾ ٻه ننڍا تاثر ’جيڪي ساٿي هليا ويا‘ جي عنوان سان ڏنل آهن. جيڪي سندس ٻن وڇڙي ويل ساٿين ’مامون ملاح‘ ۽ ’فتح محمد پنهور‘ تي لکيل آهن. انهن ٻنهي تاثرن ۾، بنهه مختصر لفظن ۾ قاسم هنن جي شخصيت جو چٽ چٽي ويو آهي، مامون ملاح تي لکيل تاثر ۾ سندس باري ۾ لکي ٿو:
”رهندڙ شادي واهه، ڄائو ڳوٺ ۾، چوڏهن سالن جي عمر ۾ چوري شروع ڪيائين. ڏاڍو نالو ڪڍيائين، وڏيرن جو ماڻهون، سنگتياڻي ڪيائين. جنهن تان تڪرار ٿيو، ڳوٺ جي ننڍي وڏيري پئسا خرچي مارون ڪڍايس، بيمار ٿيو، وري نه چڙهيو، ڪنجهندي ڪنجهندي ساهه ڏنائين آخري وقت ۾ چوندو هو ته سَگهو ٿيان ته وڏيري سان پلاند ڪندس....“
قاسم جي ڪهاڻين جا ڪردار به مڙس ماڻهو هئا ته قاسم جي بهادر ۽ مڙس ماڻهن سان دل به هوندي هئي، هو عام زندگيءَ ۾ به دوستن يارن ۽ سياسي ورڪرن کي مڙس ماڻهو ٿيڻ ۽ سدائين چُر پُر ۾ رهڻ جي لاءِ همٿائيندو هو.
جئين مٿي ذڪر ڪيو اٿم ته قاسم پٿر بنيادي طرح پورهيت ۽ هيٺينءَ طبقي سان واسطو رکندو هو، تنهنڪري سندس ڪهاڻين ۾ پڻ پورهيت طبقي جي ماڻهن جي اهنجن ۽ ايذائن جي اُپٽار ٿيل آهي، جنهن جو ذڪر ڪندي ’رت ۽ غلام‘ جي مهاڳ ۾ محترم نورالدين سرڪي لکي ٿو:
”..... حقيقت ۾ پٿر جون همدرديون ۽ وفاداريون انهن سڀني طبقن ۽ ماڻهن سان آهن، جيڪي پنهنجي مدد پاڻ ڪن ٿا ۽ پنهنجي حقن لاءِ وڙهن ٿا. هارين، مزدورن، شاگردن، کانسواءِ پٿر وچولي توڙي اُسرندڙ سرمائيدار طبقن جي حمايت پڻ ڪري ٿو، جن جا قومي حق کسيا ويا آهن. پٿر پنهنجي ليکي هڪ عوامي ماڻهو آهي ۽ نظرياتي طور تي پڻ پورهيتن، ملڪي ماروئڙن ۽ سنڌ جي سانگيئڙن سان دليئون جانيئون ٻڌل آهي، عام ماڻهن سان ويجهو هئڻ سبب پٿر جي ٻولي به سولي ۽ عام طرح ڪتب ايندڙ آهي ۽ هو وري نهايت آسان لفظن ۾ پنهنجي اندر جو حال اوري ٿو ۽ ڪم جي ڳالهه ڪريٿو...
.... فن جي لحاظ کان پٿر جون لکڻيون شاهڪار ڪونه آهن، ۽ نه وري پٿر ڪو آفاقي يا عظيم فنڪار جي دعويٰ ئي ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته بنيادي طور تي پٿر هڪ عوامي اديب ۽ ”ادب، ادب لاءِ“ نه پر ”ادب زندگي“ جي اصول جو حامي ۽ طرفدار آهي، تنهنڪري اسانکي سندس ادبي سادگيءَ ۾ ئي هن جي هڪ سچي ۽ سٺي اديب هجڻ جا اهڃاڻ ملن ٿا.“
مٿئين ڳالهه جي تسلسل ۾ جيڪڏهن پٿر جي افساني ”بد معاش ڪير؟“ جي شروعات پڙهنداسين ته ’پٿر‘ جي دل جي ڳالهه اسانجي سامهون چٽي ٿي بيهندي.
”افسانا ڪهڙا لکون! ماڻهن کي ڪهڙا سور ٻُڌايون، پنهنجا ٻڌايون يا ٻين جا لکون، هلندي ڦرندي، سفر ڪندي، سڄو وطن سور آهي، ڪي ڪردار گهڻو متاثر ڪن ٿا، ڪي ٿورو، ڪن لاءِ لُڙڪ ڀرجيو اچن، ڪن لاءِ ڪِريو پون... ڪن لاءِ نفرت ٿئي ٿي ته ڪن لاءِ همدردي!“
پٿر جي ڪهاڻين جا ’عنوان‘ به دلچسپ، منفرد ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ آهن، جهڙوڪ: جوءِ وٽ، بد معاش ڪير، خدا جو گهر، تو به! هيڏو ڪوڙ، ائين نه ماريو يار، پڳ جي لڄ، مُڇون ڪهڙي ڪم جون، رت ۽ آزادي، ويچارا ماڻهو.
”رت ۽ غلامي“ جي انتساب ۾ به قاسم پٿر جي هڪ للڪار آهي،
انهن ساٿين جي نالي
جيڪي ميدان ڇڏي نه ڀڳا آهن.
قاسم پٿر جي اها للڪار ته هر حالت ۾ سياسي عمل ۾ رهو، پڇاڙيءَ تائين رهي... قاسم پاڻ به آخر تائين سياسي عمل ۾ رهيو ۽ هن ان انتساب جي للڪار جي ذريعي پنهنجن ٿڪل ۽ ڀڳل ساٿين کي جنجهوڙي ٻيهر سياسي عمل جي ميدا ۾ آڻڻ پي چاهيو.
”رت ۽ غلامي“ ڪتاب ۾ شامل ڪنهن به افساني جو عنوان اهو ڪونهي، البت ’رت ۽ غلامي‘ جي عنوان سان هڪ ننڍو افسانو ڪتاب ۾ شامل آهي. قاسم ڪتاب جو نالو به اهو ئي سوچيو هو، پر ان وقت ملڪ تي ’مرد ملعون، مرد منافق جنرل ضياء الحق‘ جي ننگي مارشلا لاڳو هئي، جنهن سبب مٿئين عنوان سان، ڪابه پريس اهو ڪتاب ڇپڻ جي لاءِ تيار نه هئي، تنهنڪري مجبوريءَ جي حالت ۾ ڪتاب جو نالو ”رت ۽ غلامي“ رکيو ويو، انهن حالتن جو ذڪر ڪندي ڪتاب جي حال احوال ۾ پبلشر طور ”لال سنڌي“ لکي ٿو.:
”.... حالتون هي آهن، جو گهوڙ گهوڙا به ڪري نٿا سگهون، پڙهي نٿا سگهون، لکون ته ڪافر، جي ڪوڙي مرڪ ٿا چپن تي آڻيون ته چون ٿا مغز خراب ٿيو اٿوَ، طارق اشرف جو ساهه مُٺ ۾ آهي، سردار پريس وارا چون ٿا ته ٻيلي اسانکي مڙيئي ڇڏيو... پر ملڪ جو صدر صاحب چويٿو ته ادب تي ڪابه پابندي نه آهي...“
قاسم جون ڪجهه ٻيون لکڻيون به آهن، جيڪي ’رت ۽ غلامي‘ ڪتاب ۾ شامل نه آهن، جن لاءِ ڪتاب جي پبلشر لکيو آهي ته، ”ليکڪ جون ڪجهه ڪهاڻيون موجوده حالتن ۾ نه ڏيئي سگهيا آهيون.“
قاسم جي مٿئين ڪتاب ۽ لکڻين کانسواءِ، سندس ڪجهه ٻيون لکيتون به مونکي سُجهن ٿيون، جيڪي هن وقت بوقت لکيون ۽ جيڪڏهن ڪو دوست قاسم جي سڀني لکڻين کي گڏي ڇپائي ته انهن جو پڻ ان ڪتاب ۾ شامل ٿيڻ ضروري آهي.
انهن مان هڪ مضمون ٽوڙهي ڦاٽڪ واري واقعي ۾ شهيد ٿيل شاگرد ’شهيد ذڪريا ميمڻ‘ تي لکيل تاثر ’جوابي ڪاروائي‘ جي نالي سان ’شهيد ذڪريا ميمڻ يادگار ڪميٽي دڙو‘ پاران، شهيد ذڪريا جي ياد ۾ ڇپايل ڪتاب ”شهيد ذڪريا ميمڻ“ (سال اشاعت 1987ع) ۾ شامل آهي. سندس ٻيو لکيل مضمون، بخاري اڪيڊمي حيدرآباد، پاران ڪامريڊ باقر سنائي جي ياد ۾ ڇپايل ڪتاب ”ٻري جن ٻاري“ (سال اشاعت جنوري 2003ع) ۾ ڪامريڊ باقر سنائي تي لکيل ”جوڳي نه ڪنهن جا مٽ“ آهي، قاسم پٿر جو هڪ مضمون ”ماهوار جياپي“ جي ڊسمبر 1992ع جي پرچي ۾ ”پنهنجي چاڙهيو“ جي عنوان سان ڇپيل آهي، تنهن کانسواءِ نامياري ڪهاڻيڪار پرويز تي ماهوار ”ادب“ (نومبر 2004ع) حيدرآباد پاران ڪڍيل ڪارنر ۾ پڻ سندس پرويز تي لکيل هڪ ننڍو تاثر ”پرويز“ جي عنوان سان ڇپيل آهي. مٿين لکتن کانسواءِ اعجاز خواجي جي ڪتاب ”نيئر منهنجو نينهن“ ۽ سيّد اڪبر جي ڪتاب ”لفظ ڳالهائين ٿا“ جا پيش لفظ پڻ قاسم پٿر جا لکيل آهن.
مٿئين قلمي پورهئي کانسواءِ ’سنڌ نيشنل پبليڪيشن‘ ميرپور بٺورو پاران ڇپيل ڪجهه ڪتابن جي ڇپائي جي پويان به قاسم جو هٿ آهي، انهن مان پهريون ڪتابڙو ”هيءَ به ماڻهو“ آهي. ٻه ڪتاب صوفي حضور بخش جا لکيل ’شاهه عنايت شهيد‘ ۽ ’قومي خودمختياري ۽ پليجو‘ آهن. چوٿون ڪتاب حيدر بخش جتوئي مرحوم جي چونڊ مضمونن جي سنڌي ترجمي تي ٻڌل ”سنڌڙي منهنجي ماءُ“ ۽ هاري ڪانفرنس جي موقعي تي هاري ڪميٽي جي جنرل سيڪريٽري صوفي حضور بخش جي پيش ڪيل ”هاري رپورٽ“ شامل آهن.
قاسم پٿر ڪراچي مان نڪرندڙ ماهوار رسالي ’جياپو‘ جي ڪجهه پرچن جو ايڊيٽر پڻ رهيو.