شاعر جي دُعا چنڊ تارن آبشارن جا ڌڻي گُل ٻوٽن ۽ نظارن جا ڌڻي ڇَر ڇولين ۽ ڪنارن جا ڌڻي ڪين سندم سوچ جو ساگر سُڪي ڏات مُنهنجيءَ کي ڏهوڻي سَگھه ڏي ٻارڙن لئه گيت جيئن اهڙا لکان پوپٽن جا رنگ سڀُ تن ۾ ڀريان.