سفرناما

لنڊن جا ڏينهن اسڪاٽ لينڊ جون راتيون

هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبد الحئي پليجي جو اسڪاٽ لينڊ ۽ لنڊن بابت لکيل سفرنامو آهي.
پرويز لکي ٿو:
”عبدالحئي پليجو صاحب جو سفرنامو پڙهڻ مهل ائين پيو لڳندو آهي ته اُهو نه رڳو سفر نامو آهي، جنهن جي پڙهڻ سان تفريح جو مزو ماڻي سگهجي ٿو، پر ساڳئي وقت ڄڻ اُها اُن مخصوص خطي جي مڪمل ڊيٽا تي مشتمل هڪ ڊاڪيومينٽري آهي، جنهن مان تاريخ ۽ جاگرافيءَ جا شاگرد ڀرپور ڄاڻ حاصل ڪري سگهن ٿا. تاريخ۽ جاگرافي علم جا ٻه اهڙا شعبا آهن، جن جي اهميت ۽ افاديت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي. تنهنڪري عبدالحئي پليجو صاحب جي سفرنامن کي محض هڪ تفريحي ادب ئي نه، پر اُن سان گڏ انهن کي نصابي ڪورس جي خاص ڊاڪيومينٽس جي به حيثيت ڏيئي سگهجي ٿي. تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي شاگردن کي اپيل ٿي ڪجي ته هو مختلف ملڪن جي باري ۾ ڀرپور ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ عبدالحئي پليجو صاحب جا سفر ناما مددي ڪتابن جي حيثيت ۾ ضرور پڙهن.“
Title Cover of book لنڊن جا ڏينهن اسڪاٽ لينڊ جون راتيون

مهاڳ : پرويز

گهڻا سال اڳ مون به ڪوئيٽا گهمڻ وارو ستن اٺن صفحن تي مشتمل سفرنامو لکيو ۽ هڪ مقامي رسالي ۾ اُهو شايع به ٿيو. انهن ستن اٺن صفحن ۾ مون صرف ڪوئيٽا، اڙڪ، هنه ۽ مستونگ، شهر جي باغات، گل ٻوٽن، جبلن وچتان خوبصورت روڊن رستن، پهاڙن، وسندڙ مينهن ۽ موسم جي خوبصورتي بيان ڪئي هئي. سا به بنهه مختصر نموني ۾ ، پر پڙهندڙن اُن مختصر سفر نامي کي تمام گهڻو ساراهيو هو.
اُن ان اڳ به مون ڪئين سفرناما پڙهيا ڇو ته دنيا جي مختلف ملڪن، ماڳن، مڪانن ۽ خوبصورت هنڌن ڏسڻ جي شوق ٻين لکين ماڻهن وانگر مون کي به هو ۽ اڃا به آهي. پر هر ماڻهوءَ جي وس ۾ اِهو ڪٿي هوندو آهي ته هو سڄي دنيا گهمي ڦري ڏسي سگهي. سو آئون ته وري به ٿيس غريب ۽ غريب جو ٻار. تنهنڪري سفرناما پڙهي ئي پنهنجي دل کي تسڪين پهچائيندو هوس. ادب جي مختلف صنفن ۾ ڪهاڻي ۽ ناول کانپوءِ سفر نامو ئي منهنجي پسنديده صنف آهي.
ائين ڳچ سال گذري ويا. پوءِ وڃي مون کي خبر پئي ته عبدالحئي پليجو جي لاءِ اهڙا موقعا موجود هئا ۽ اڃا تائين به آهن ته هو صاحب ڪيڏي مهل به ملڪ کان ٻاهر وڃي سگهي ٿو. باقي لکڻ جو ذوق ۽ شوق ماڻهوءَ جي پنهنجي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي. مون کي اشتياق جاڳيو ۽ مون عبدالحئي پيلجو جا سفرناما، جيڪي به هٿ اچي سگهيا، سي ڏاڍي شوق ۽ غور سان پڙهڻ شروع ڪيا. تاج بلوچ جي ماهوار رسالي ”سوجهرو“ جا به اسين ٻئي لکندڙ ۽ پڙهندڙ به رهيا آهيون. تنهن کان پوءِ اسين ٻئي ساڳئي ترجا رهاڪو ڳوٺائي پڻ آهيون. اسان جي ڳوٺن ۾ ڪو 14 يا 15 ڪلوميٽرن جو فاصلو آهي. هو صاحب هاڻوڪي سجاول ضلعي جي ”ٻنون“ شهر ۾ ڄائو ۽ نپنو آهي. سنڌو دريا جي ڪپ تي، بچاءُ بند ٿي اڏيل ننڍڙو شهر ٻنون، جتي ارباب نور محمد پليجي صاحب جي گهر ۾ 1945ع ۾ عبدالحئي پليجي اک کولي هئي ۽ مون پڻ ساڳئي سال جي سيپٽمبر جي 2 تاريخ تي دڙو شهر کي ويجهو ڳوٺ لاکا ۾ جنم ورتو هو.
تعليم جي حصول دوران اسين ڪڏهن ڪڏهن حيدرآباد ۾ گڏبا هئاسين. پوءِ آئون زندگي جي راهن ۾ ايترو ته کوئجي ويس جو اسين ڳوٺن جي وچ ۾ بنهه ويجهڙائيءَ جي باوجود به سالن تائين ملي ڪونه سگهندا هئاسين. ائين زندگيءَ جو سفر گذرندو رهيو. هُن جي زمينداري ۽ غير ملڪي دوران ۽ سفر جاري رهيا ۽ نتيجي طور سندس مختلف ملڪن جي سفر نامن بابت ڪتاب ايندا رهيا.
علم تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي ۽ اڃا به ترقيءَ جي راهه تي گامزن آهي. علم جو ڪو پرو پانڌ ڪونهي. علم جو ڇيهه ٿيڻون ئي ڪونهي. هر ايندڙ ڏينهن ۾ علم ۾ واڌارو ٿيندو پيو وڃي. هن کان پوءِ جيڪو علم ايجاد ٿيندو، سو ته الڳ رکو. پر جيڪو هيستائين علم لکت ۾ اچي چڪو آهي، رڳو تنهن کي ئي پڙهڻ ۽ پروڙڻ ۾ به حياتيون درڪار آهن. هڪڙيءَ حياتيءَ ۾ موجوده سموري علم جو احاطو ڪرڻ ممڪن ئي ڪونهي. علم جا ٻيا شعبا ته ڇڏيو، پر رڳو ادبي شعبي کي کڻو. اهو به دنيا جي مختلف ٻولين ۾ سرجندڙ، مختلف صنفن تي مشتمل ادب کي پڙهي پورو ڪرڻ به انساني هڪڙي حياتيءَ جي وس کان ٻاهر ٿي چڪو آهي. ان ڪري جو هڪ ته هر ڪنهن پڙهندڙ وٽ ايترا وسيلا ڪونهن، جو هُو دنيا جو سورو ادب گڏ ڪري سگهي. بيو ته هر پڙهندڙ دنيا جون سموريون ٻوليون ڳالهائي ۽ سمجهي به نٿو سگهجي.
هر ملڪ جي، هر ٻوليءَ جي، هر ليکڪ ۽ شاعر جو پنهنجو ذوق پنهنجو اڀياس، پنهنجو مشاهدو، پنهنجو لهجو، پنهنجي لياقت، شين کي سمجهڻ جي پنهنجي سگهه، ۽ پنهنجي پيشڪش جو انداز به پنهنجو ۽ منفرد هوندو آهي. هر ڪهاڻيڪار، هر ناول نگار، شاعر توڙي سفرناما لکندڙ جي مشاهدي ۽ مطالعي جي سگهه، انداز بيان، پيشڪش جي صلاحيت پنهنجي پنهنجي ملڪي حالتن، رائج قانون، سماجياتي ماحول ۽ معاشي، تهذيبي ۽ ثقافتي حالتن ۽ ضرورتن مطابق الڳ الڳ هوندي آهي.
عام طرح سفرناما تفريحي ادب جو هڪ حصو آهن، جنهن مان پڙهندڙ مختلف ماڳن، مڪانن، شهرن، وادين، ڍنڍن ڍورن، جبلن پهاڙين، نندين نالن، آبادين، جنگلات ۽ سمونڊن جي ڄاڻ حاصل ڪري، انهن جي خوبصورتيءَ مان لطف اندوز ٿيندو آهي. پر وڌيڪ مزو تڏهن ايندو آهي، جڏهن ان سفرنامي ۾ ڪنهن خاص ملڪ، شهر ۽ ڪنهن خاص ماڳ مڪان جي انگن اکرن سميت تاريخ ۽ جاگرافي به بيان ڪيل هجي. اتي جي ٻولين، ادب، ثقافت، تهذيب، اقتصادي ۽ معاشي ترقي ۽ تنزلي، آزادي ۽ غلامي، آبادي ۽ پکيڙ، زراعت ۽ معدنيات، آبي وسائل، جبلن، دريائن ۽ سمونڊن، موسمي آبهوا، فصلن، آمدني جي وسيلن، آبي جيوت، آمد و رفت جي پراڻن ۽ جديد وسيلن، حڪمرانن ۽ رعيت جي ماضي ۽ حال جو احوال، مستقبل جي رٿابندي، ٿيل ترقي ۽ ترقيءَ لاءِ وٺجندڙ اپائن، سائنسي اپروچ، سياسي صورتحال، راجا ۽ پرجا جي وچ ۾ هم آهنگي، ڪامورن جي فرض ادائگيءَ ۾ ايمانداري ۽ ڪرپشن ۽ زندگيءَ جي ٻين سمورن مامرن متعلق مستند ڊيٽا ڏنل هجي ۽ اهي سموريون شيون عبدالحئي پليجو صاحب جي سفرنامن ۾ موجود هونديون آهن.
عبدالحئي پليجو صاحب جو سفرنامو پڙهڻ مهل ائين پيو لڳندو آهي ته اُهو نه رڳو سفر نامو آهي، جنهن جي پڙهڻ سان تفريح جو مزو ماڻي سگهجي ٿو، پر ساڳئي وقت ڄڻ اُها اُن مخصوص خطي جي مڪمل ڊيٽا تي مشتمل هڪ ڊاڪيومينٽري آهي، جنهن مان تاريخ ۽ جاگرافيءَ جا شاگرد ڀرپور ڄاڻ حاصل ڪري سگهن ٿا. تاريخ۽ جاگرافي علم جا ٻه اهڙا شعبا آهن، جن جي اهميت ۽ افاديت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي. تنهنڪري عبدالحئي پليجو صاحب جي سفرنامن کي محض هڪ تفريحي ادب ئي نه، پر اُن سان گڏ انهن کي نصابي ڪورس جي خاص ڊاڪيومينٽس جي به حيثيت ڏيئي سگهجي ٿي. تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي شاگردن کي اپيل ٿي ڪجي ته هو مختلف ملڪن جي باري ۾ ڀرپور ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ عبدالحئي پليجو صاحب جا سفر ناما مددي ڪتابن جي حيثيت ۾ ضرور پڙهن.
زير نظر ڪتاب ”سُرهي سيج پاسي پرين“ عبدالحئي صاحب جو لنڊن ۽ اسڪاٽلينڊ جي سفرنامي تي مشتمل ڪتاب آهي. مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته سفرنامو معنيٰ تفريحي ادب، جنهن مان پڙهندڙ لطف اندوز ٿئي. اُن کان اڳ جو آئون هن ڪتاب جي باري ۾ ڪا پنهنجي راءِ ڏيان، ٿورو هِن رف پڙهندڙ توجهه ڏين. هِن مواد کي ڇا چوندو؟ حئي صاحب لکي ٿو:
”...جيڪر انگريز سنڌ ۾ نه اچن ها، ته هي بئراج، پُليون، روڊ رستا، تعليمي ادارا، اسپتالون، ريلون، ٽپال جو نظام، ٽيليگرام، سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطي، گرامر-موهن جي دڙي جي دريافت ۽ دنيا ۾ شهرت، ٻهراڙين ۾ اسڪول ۽ شهرن ۾ ڪاليج ۽ يونيورسٽيون، سنڌي شاگردن جو لڊن، بمبئي ۽ عليڳڙهه ۾ تعليم پرائڻ ۽ اتنا ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل ۽ پي. ايڇ. ڊي. ڪري اچڻ، قاعدن قانونن جو ٺهڻ ۽ هر ننڍي وڏي، امير توڙي غريب جو انهيءَ تي عمل ڪرڻ پوليس فورس ٺهڻ ۽ ڪچي توڙي پڪي م انهيءَ تي عمل ٿيڻ“ پهرين ننڍا ڪارخانا ۽ پوءِ وڏن ڪارخانن جو قيام-مطلب ته انگريزن جي هتي اچڻ ڪري سڄي سماج ۾ وڏي پيماني تي تبديلي آئي. جنهن اسان کي علم ۽ عقل جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو. پر ظاهر آهي ته انگريز هتي رڳو انهيءَ لاءِ ته ڪو نه آيا هئا. هو پنهنجي مطلب ۽ مفادن لاءِ آيا هئا. جيڪي هنن حاصل ڪيا ۽ انهن جي پوري ٿيڻ شرط هِتان، برصغير ۽ ٻين ڪيترن ملڪن مان هليا ويا. پر جتي انهن کي پنهنجا مفاد دائمي طرح سان قائم رکڻا هئا، اتي هميشه لاءِ آباد ٿي ويهي رهيا. پر مقامي آباديءَ کي هنن هميشه لاءِ ڪمزور ۽ هيڻو رکيو...“
يا”....هن وقت ايشيا ۽ آفريڪا ۾ عيسائي مشنريءَ جو شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ڄار وڇايو پيو آهي، جنهن تي اربين ڊالر خرچ ٿين پيا. اُهو خرچ ڪير ٿو ڪري؟ اُهي يورپ جا امير ماڻهو ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنيون آهن، جيڪي غريب ملڪن مان ڪمائي سڄي دنيا جي دولت انهيءَ عيسائي مشنري نيٽ ورڪ کي مهيا ٿا ڪن...“
يا”..... ايڊنبرگ محل اسڪاٽ لينڊ ملڪ جي شان و شوڪت جي علامت آهي. جنهن ٽَڪريءَ تي هيءَ محل اڏيل آهي، اُها ٽڪري سائنسدانن جي مفروضي موجب 340 ملين سال اڳ هڪڙي زبردست زير زمين زلزلي جي نتيجي ۾ لاوا جي صورت ۾ پيدا ٿي. هِن هنڌ انساني آباديءَ جا اهڃاڻ فقط ٽي هزار سال اڳ کن جا مشاهدي ۾ آيا آهن. انهيءَ دور کي تهذيبي طور برانز ڌاتوءَ وارو پويون دور سڏيو وڃي ٿو..“
ايڊنبرگ محل جي اڏاوت جا مختلف ادوار ۽ ان ۾ توسيع ۽ تبديلي جي تاريخ ۽ جاگرافي جيئن جيئن ظهور پذير ٿيندي رهي، تيئن سن ۽ صديءَ سميت ڏاڍي تفصيل سان بيان ڪيل آهي. ٿي سگهي ٿو ته اسڪاٽ لينڊ جي هر باشندي کي ايڊنبرگ محل جي باري ۾ ايتري ڄاڻ نه به هجي، جيتري هن سفرنامي جي ليکڪ هن ڪتاب ۾ معلومات مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اڳتي ڏسو ليکڪ لکي ٿو:
”....اسان جنهن علائقي ۾ گهمڻ وڃون پيا، ان جو نالو گرام پين Grampain آهي. هن ئي علائقي ۾ اسڪاٽلينڊ جي پهاڙي علائقي جا اوچي ۾ اوچا جبل آهن، جيڪي وڻن ۽ گلن سان ڍڪيا پيا آهن. هن ئي خطي جي ندين ۾ دنيا جون مشهور مڇيون Salmon سالمن ۽ Trout ٽرائوٽ ٿين ٿيون. هن خطي ۾ Balmoral Palce ناليانگلينڊ جي راڻيءَ جو خانگي محل آهي. جتي هوءَ موڪلن دوران اچي رهندي آهي. اُهو محل راڻي وڪٽوريا جي وقت ۾ ٺهيو هو.
هتي Kerachers ڪراچرس نالي هڪڙي ڪمپني مڇيءَ جي کاڌن تيار ڪرڻ ڪري ڏاڍي شهرت رکندڙ آهي. سڄي اسڪاٽلينڊ جا ماڻهو، توڙي هتي ايندڙ سياح هن ڪمپنيءَ جا مڇيءَ وارا کاڌا ڏاڍي شوق سان کائيندا آهن...“
ليکڪ جي هِن تجزيئي کي ٿورو غور سان پڙهو:”.... يورپ ۽ آمريڪا صنعت، تجارت، ايڊورٽائيزمينٽ، تعليمي ادارن ۽ سياحت مان ڪمايل پئسي جي زور تي پنهنجي ملڪن کي گل و گلزار ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ ڪري سڄي دنيا هاڻي خود بخود اوڏانهن هلي وڃي ٿي. پاڪستان جي صوبي خيبرپختون خواهه جا اُتريان علائقا قدرتي سونهن جي ڪري ايڏا ته حسين آهن، جو جيڪڏهن اُتي به ايتري دولت خرچ ڪجي ۽ امن امان قائم ڪجي ۽ اُهي سڀ سهولتيون، جيڪي سياحن کي يورپ ۽ آمريڪا ۾ حاصل آهن، سي هتي به ميسر ڪجن ته هي سرسبز ۽ حسين واڌيون به جيڪر يورپ کان به وڌيڪ حسين ۽ پُرڪشش لڳن. پر پاڻ وٽ هڪ نه، پر لک مسئلا آهن، جنهن ۾ پئسي جي کوٽ ۽ امن امان جو مکيه مسئلو آهي، جيڪو ٿورو گهڻو پئسو ٻين ملڪن کان اوڌر تي ملي ٿو، سو به اسان جي فوج ۽ حاڪمن جي عياشين تي خرچ ٿيو وڃي. ۽ نه وري ڪي اسان جا ڪامورا ايڏا ايماندار ۽ ديانتدار آهن، جو جيڪي کين پئسه هٿ ۾ ملن، تن مان هن ملڪ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏين. سنڌ ۾ تازو جڏهن (2010ع) ٻوڏ آئي، تڏهن هڪ S.D.O کان پُڇيم ته توکي بندن جي سار سنڀال لاءِ گهڻا پئسه مليا؟ پاڻ چيائين ته پنجويهه لک روپيه. مون پُڇيس ته انهن مان گهڻو خرچ ٿيو؟ پاڻ ٻڌايائين ته خرچ ڇا جو! مڙيئي زمينداري ڇيڙن ۽ بيگرن تي، ماني چانهه کارائڻ ۽ گاڏين جي پيٽرول تي چاليهارو هزار کن مس خرچ ٿيا. پوءِ وري ٻئي سال جڏهن سڄي سنڌ جي بندن جي ٻنهي ڪپرن تي پنج ڇهه فوٽ اضافي مٽي وڌي ويئي. تڏهن سمورن بندن تي مقرر ڪامورن جي زبانن تي سدائين ”سرويچ سجاوليءَ“ جو هيءُ شعر پيو ٻڌڻ ۾ ايندو هو ته: ”جنت الفردوس آهي، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون...“
ساڳئي طرح عبدالحئي پليجو صاحب اسڪاٽلينڊ ۾ سرجندڙ ادب جي تاريخ، اتي جي مختلف حصن ۾ ڳالهائجندڙ مختلف ٻولين جي تاريخ۽ انهن ٻولين جي ڀرپاسي جي ٻولين سان تعلق، ادب ۽ شاعريءَ ۾ لکجندڙ ڪتاب ۽ انهن جي ليکڪن، اتي جي ماڻهن جي لوڪ ورثي، رهڻي ڪهڻي ۽ شوقن شغلن متعلق کوڙ ساري ڄاڻ درج ڪئي آهي. هيءُ سفرنامون پڙهڻ سان لنڊن جي هڪ هوٽل جي مالڪياڻي نسرين سان گهاريل حسين گهڙين کان وٺي ايڊنبرگ جي سڄي رات تفريح مهيا ڪندڙ اگهاڙن عياش خانن، رقص گاهن، شراب ۽ شباب جي مدمستين، حسين پارڪن، خوبصورت وادين، سحرانگيز مناظرن ۽ روح کي راحت پهچائيندڙ تفريح گاهن جو ايترو ته ويجهڙائيءَ کان مشاهدو ٿئي ٿو، جو ائين ٿو لڳي، ڄڻڪ پڙهندڙ سفرنامو نه پيو پڙهي، بلڪه هُو پاڻ اُهي ماڳ مڪان، شحر ۽ واديون خود پنهنجي اکين سان پيو ڏسي.
خوبصورت ليکڪ جي خوبصورتي اِها آهي ته هو پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ ۾ ڪيترو ڪامياب ٿو ٿئي، ۽ اِها خوبي عبدالحئي پليجو جي سفرنامن ۾ جهلڪيون پئي پائيندي آهي.
خوبيءَ کي ڪنهن ٿنڀ يا ٿوڻيءَ جي ٽيڪ جي ضرورت ڪانه هوندي آهي. ماڻهوءَ کي بهتر يا بدتر سندس ڪردار ئي بڻائيندو آهي. سٺي لکڻي، سٺي شاعري، سٺو ادب يا سٺو آرٽ ڪنهن به ايڊورٽائيزمينٽ يا پاڻ پنهنجي هڙان خرچ ڪري هٿرادو پذيرائي حاصل ڪرڻ جو محتاج ڪو نه هوندو آهي. تقريباً ساڍا ٽي سئو سال اڳ جو فقير منش شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائي، هِن دور ۾ پاڻ پنهنجي هڙان خرچ ڪري طليف جا ڏهاڙا، ميلاپ يا ورسيون ته ڪو نه پيو ملهائي، پر لطيف جي پورهئي جو وکر ئي اهڙو آهي، جيڪو پَئي پراڻو ڪو نه ٿيو آهي ۽ اڄ جي دور جي ماڻهن جي به دلين جي ڌڙڪن آهي. اُهي سمورين حقيقتون پنهنجي جاءِ تي ڪنهن به ترديد جون حامل ناهن. پر تنهن هوندي به، ڪڏهن ڪڏهن ڪي بهترين شاعر، اديب ۽ فنڪار ۽ ٻين شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگيءَ جون مالڪ شخصيتون، ڪن تنگ نظر، ڪنهن مخصوص نام نهاد نظريئي جي قيد ۾ ڦاٿل، ڌارين والار پرست ذهنيت وارن ۽ تعصب پرست سوچ تي عمل پيرا رهندڙ ڪرپٽ ماڻهن جي بدعمل جو شڪار ٿي وينديون آهن، ۽ کين سندن حق جيتري پذيرائي ۽ مڃتا به ملي ڪانه سگهندي آهي. سنڌ ۾ به سڳائي رجحان تي عمل پيرا ادارا، لساني ٽولا ۽ حڪمران پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. انهيءَ غلط رجحان جو شڪار ٿيندڙن ۾ سنڌ جا ڪيترائي سون سريکا ۽ سدا ملوڪڙا شاعر ۽ اديب ۽ ليکڪ اچي وڃن ٿا. پر، پر ميار ڪجي ته ڪنهن تي ميار ڪجي. ڏوراپو ڏجي ته ڪنهن کي ڏجي. ڌارين تي ڌارين، پر پنهنجن به پنهنجي وسان گهٽايو ڪونهي! سو دانهن ڏيون به ته ڪنهن کي ڏيون!!
منهنجي دعويٰ آهي، ڀلي ڪير اُن کي چيلينج ڪري، ته موجوده دور ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ سرجندڙ شاعري، ڪهاڻي، آتم ڪهاڻي، سياست ادب ۽ سفرنامي کي جيڪڏهن سرڪاري سرپرستي هيٺ، دنيا جي مشهور ٻولين ۾ ترجمو ڪرائي دنيا جي ماڻهن تائين پهچايو وڃي، جيئن ٻين ملڪن جو ادب اسان تائين پهچي ٿو ته ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته سنڌ جا اديب ۽ شاعر به سڄي دنيا ۾ مڃتا ماڻي سگهن ٿا. پر سنڌين کي غلام سمجهي هر سطح تي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. ته پوءِ دنيا کي ڪيئن خبر پوندي ته سنڌي به ڪي ليکڪ آهن. جيڪي پنهنجي دکن دردن، سورن، اذيتن، پيڙائن ۽ عقوبتن سان گڏ دنيا جي ماڻهن جي اهنجن ۽ ايذائن تي به دانهون ڪوڪون ڪري رهيا آهن...!!

ساٿ سلامت، سنڌ سلامت

پرويز
1 آگسٽ 2015ع