سفرناما

لنڊن جا ڏينهن اسڪاٽ لينڊ جون راتيون

هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبد الحئي پليجي جو اسڪاٽ لينڊ ۽ لنڊن بابت لکيل سفرنامو آهي.
پرويز لکي ٿو:
”عبدالحئي پليجو صاحب جو سفرنامو پڙهڻ مهل ائين پيو لڳندو آهي ته اُهو نه رڳو سفر نامو آهي، جنهن جي پڙهڻ سان تفريح جو مزو ماڻي سگهجي ٿو، پر ساڳئي وقت ڄڻ اُها اُن مخصوص خطي جي مڪمل ڊيٽا تي مشتمل هڪ ڊاڪيومينٽري آهي، جنهن مان تاريخ ۽ جاگرافيءَ جا شاگرد ڀرپور ڄاڻ حاصل ڪري سگهن ٿا. تاريخ۽ جاگرافي علم جا ٻه اهڙا شعبا آهن، جن جي اهميت ۽ افاديت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي. تنهنڪري عبدالحئي پليجو صاحب جي سفرنامن کي محض هڪ تفريحي ادب ئي نه، پر اُن سان گڏ انهن کي نصابي ڪورس جي خاص ڊاڪيومينٽس جي به حيثيت ڏيئي سگهجي ٿي. تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي شاگردن کي اپيل ٿي ڪجي ته هو مختلف ملڪن جي باري ۾ ڀرپور ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ عبدالحئي پليجو صاحب جا سفر ناما مددي ڪتابن جي حيثيت ۾ ضرور پڙهن.“
Title Cover of book لنڊن جا ڏينهن اسڪاٽ لينڊ جون راتيون

ملٽري جيل ۽ ڊوريز بيٽري يا توپخانو

هي فوجي جيل محل جي سپاهين لاءِ سن 1842 ۾ ٺهيو 1880 ۾ اُن کي وڏو ڪيو ويو. 1923ع ۾ اهو آخري ڀيرو استعمال ٿيو هو. انهيءَ وقت لشڪر کي شهر کان ٻاهر ٺهيل ريڊ فورڊ بيريڪس ۾ رکيو ويو. هي جيل ٻين عوامي جيلن جهڙو ٺهيل آهي، جنهن کي پرٿ سڏين ٿا. انهيءَ کي کليل هال جي پاسن تي کولين جون ٻه قطارون ٺهيل آهن.
ڊوريز بيٽري نالي توپخانو محل جي ڏکڻ طرف ڪئپٽن ٿيو ڊور ڊوري (Theodore dury) هڪ فوجي انجنيئر سن 1708ع کان 1713ع جي وچ ۾ قائم ڪرايو. هن وقت هتي رکيل توپون ارڙهن پائونڊ وزني گولا فائر ڪنديون هيون. اهي سن 1810ع ڌاري ٺاهيون ويون هيون.
آرڊيننس اسٽور هائوس ۽ اسپتال سن 1753ع ۾ هڪڙي معمار وليم اسڪنر جي نقشي موجب، هڪ ڪورٽ يارڊ جي ٻنهي طرفن تي فوجي ساز و سامان، هٿيارن ۽ بارود ۽ ٻئي سامان لاءِ ڪجهه تعداد ۾ گدام يا جايون اڏيون ويون. بارود رکڻ جي مکيه جاءِ ڪورٽ يارڊ جي اولهه طرف وارن ڪمرن ۾ هئي. سن 1897ع ۾ اها ڊاهي انهيءَ هنڌ تي ٻن ڪمرن تي مشتمل عمارت اڏي فوجي اسپتال قئام ڪئي وئي جيڪا هن کان اڳ ۾ گريٽ هال جي هڪ ڀاڱي ۾ قائم هئي.
ڪورٽ يارڊ جي اتر طرف قائم اسلح خانو قائم هو. اهو هاڻي يونائيٽيڊ سروسز ميوزم ۾ تبديل ٿي ويو آهي. اسپتال واري عمارت جي اولهه طرف محل جي حفاظتي ديوار ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هن طرف سياحن جي گهمڻ تي بندش آهي. بادشاهه چارلس ٻئي جي دور حڪومت ۾ (سن 1649ع کان 1685ع تائين) هڪ ٻي حفاظتي ديوار پڻ انهيءَ طرف کان ٽڪريءَ جي ڏند تي ڏياري وئي ۽ ان جي ڀرسان چوڪيءَ وارن سپاهين جي پيادل هلڻ لاءِ هڪ رستو پڻ تعمير ڪرايو ويو. هن ديوار ۾ هڪ پويون گيٽ سيلي پورٿ نالي آهي جتان 9 مارچ سن 1689ع ۾ وڪسائونٽ ڊنڊي محل جي گورنر وٽ اچي کيس پنهنجي منشا ٻڌائي ۽ بادشاهه جيمس ستين جي حمايت ۾ اتر ۾ فوج تيار ڪرڻ لاءِ واپس ٻاهر روانو ٿي ويو. محل جو گورنر جلاوطن بادشاهه جي پاران محل جي حفاظت لاءِ مڪمل تيار رهيو ۽ نيٺ محل کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. سن 1715ع ۾ جيڪبائيٽس حمله آورن هن سيليپورٽ گيٽ واري ديوار ڊاهڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي. انهيءَ جي پيش نظر ميجر جنرل ويڊ محل جي مذڪوره اولهه طرف وارين ديوارن کي اوچو ڪرڻ جي سفارش ڪئي. فوجي معمار وليم آدم ٺيڪيدار جي حيثيت ۾ ڪم شروع ڪيو. سن 1828ع ڌاري مرمت جو ڪم مڪمل ٿيو. سن 1628ع ۾ پاڻي جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ محل جي پٺيان هڪڙو ننڍڙو کوهه جيڪو فقط 2.5 ميٽر يعني 10 فوٽ اونهو کوٽيو ويو.
ايڊنبرگ محل اسڪاٽ لينڊ ملڪ جي شان شوڪت جي علامت آهي. جنهن ٽڪريءَ تي هي محل اڏيل آهي، اها ٽڪري سائنسدانن جي مفروضي موجب 340 سال اڳ هڪڙي زبردست زير زمين زلزلي جي نتيجي ۾ لاوا جي صورت ۾ پيدا ٿي. هن هنڌ انساني آباديءَ جا اهڃاڻ فقط ٽي هزار سال کن اڳ جا مشاهدي ۾ آيا آهن. انهيءَ دور کي تهذيبي طور برانز ڌاتو وارو پويون دور سڏيو وڃي ٿو.
پهرئين عيسوي صديءَ ۾ هتي ڪاهي ايندڙ رومي لشڪر هن ٽڪريءَ تي هڪڙي خوشحال وسندي ڏٺي هئي. سن 600ع کان ڪجهه اڳي ڊن ايڊن (Din Eidyn) يعني ايڊن جو قلعو وارو مفروضو مروج هو ۽ سن 600ع ۾ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي قائم هال ۾ بادشاهه جنگ جو طبل وڄرائي ماڻهن کان بادشاهه جي خدمت ڪندي سندس حمايت ۾ ان جي مخالفت حمله آورن سان مقابلو ڪندي مري وڃڻ لاءِ تيار رهڻ جو وچن وٺندي ڏٺو ويو.
هيءَ ٽڪري راڻي مارگريٽ جي وفات واري وقت ۾ نهايت اهم شاهي قلعي جي حيثيت اختيار ڪري چڪي هئي. راڻيءَ سن 1093ع ۾ وفات ڪئي. سموري وچئين دور دوران ايڊنبرگ وارو محل اسڪاٽ لينڊ جي مکيه محلن ۾ نمايان حيثيت جو حامل رهيو ۽ ان جي ڪهاڻي گهڻي ڀاڱي اسڪاٽ لينڊ ملڪ جي ئي ڪهاڻيءَ تي مشتمل آهي.
سورهينءَ صديءَ جي اوائل ۾ هولي روڊ هائوس محل اڏجڻ سبب شاهي رهائشگاهه اوڏانهن منتقل ٿي. تنهن هوندي به ايڊنبرگ محل علامتي طور تي پوري بادشاهت جي دل واري حيثيت ۾ برقرار رهيو.
هي محل وقت گذرڻ سان سرڪار جو فوجي مرڪز ٿي پيو. وچئين دور جي تقريباً گهڻي اڏاوت کي فوجي استعمال ۾ آندو ويو. پراڻيون ديوارون ڊاهي نئين سر مورچابند ڪوٽ ۽ ديوارون اڏيون ويون.
انهن ۾ توپ خانا ۽ ڪيترائي مورچا ٺاهيا ويا. هن محل جو آخرين محاصرو سن 46 1745ع ۾ جيڪ بائيٽ حمله آورن ڪيو هو. انهي وقت کان وٺي هيءُ مضبوط محل اسڪاٽ لينڊ جي سگهاري قومي علامت طور قائم آهي.
اسان هن تاريخي قلعي کي ڏسي پوءِ ايڊنبرا شهر جي سير تي روانا ٿياسين. ايڊنبرا جو شهر ٻن حصن يعني اولڊ ٽائون ۽ نيو ٽائون ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. رهائش ۽ هوٽل وارو علائقو نيو ٽائون ۾ آهي ۽ بازاريون شاپنگ مال گهمڻ ڦرڻ سير ۽ شاپنگ اولڊ ٽائون واري علائقي ۾ ٿيندي آهي. سو اسان به هوٽل شاليمار ۾ ماني کائي پوءِ هن علائقي ۾ گهمڻ لاءِ روانا ٿياسين. هن علائقي ۾ چار مک بازارون آهن. جيڪي:
1) Castle Hill.
2) Lawn Market.
3) High Street.
4) Canon Gate.
آهن. هي علائقو اسڪاٽلينڊ انگلينڊ ۽ يورپ جي ٻي مثال تفريح ماڳن مان هڪ آهي. ايڊنبرو ۾ سياحن جي گهمڻ لاءِ.
1. ڪلاسيڪل ميوزڪ هال.
2. ٿئيٽر ڊرامن لاءِ
3. اوپيرا.
4. ڊانس هال.
۽
5. بيشمار ڪلب نائيٽ ڪلب ۽ (Concert) ڪانسرٽ هال آهن، جت توهان کي ڏينهن رات هزارين سياح ملندا. جنهن ۾:
1. فسٽويل ۽ ڪنگسي ٿيئٽر.
2. اسڪاٽ بيلٽ.
3. اسڪاٽ اوپيرا.
4. اسڪاٽ آرڪيٽسرا.
5. گليمرس ڪلب ميراڊو (Glamorous Club Merado)
۾ هر جمعي تي (Cut price drink) گهٽ قيمت تي ڊرنڪ ۽ داخلا مفت هوندي آهي. سندس ٽائيم آهن شام پنج کان رات ڏهه. هن ڪلب ۾ هڪ نه ٻئي ڇنڇر جي رات خاص پروگرام ٿيندو آهي جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهو شريڪ ٿين. ايڊنبرگ شهر ۾ وڏي ۾ وڏو نائيٽ ڪلب آهي.
ريوو ليوشن (Revolution) جنهن ۾ ڏهه بارون ۽ ٻه هزار ماڻهن لاءِ هڪ ئي وقت ڊانس فلور آهي. هن ڪلب جو خاص پروگرام آهي. اسٽوڊنٽس نائيٽ هي ڪلب صرف چار ڏينهن اربع خميس جمع ۽ ڇنڇر کليل هوندو آهي. باقي ڏينهن بند هوندو آهي. تمام گهڻي رش ڪري ميلي جو سمان هوندو آهي. باقي اسڪاٽ روايتي ميوزڪ گهڻو ڪري سياحن کي سفردوران ڏيکاريندا آهن، جنهن ۾ اسڪاٽ لينڊ جو هڪ قسم جو بئنيڊ خاص ائٽم هوندو آهي. جيڪي هو پنهنجي روايتي لباس پائي جنهن ۾ چيڪ نما ڪپڙي جي چڍي ۽ اهڙائي گوڏن تائين جوراب ڪاري يا ڳاڙهي واسڪوٽي وار بلڪل سنڌي چوٽي وانگيان ٺهيل عورتن جا وار جيڪي روايتي ڊانس ڪن ۽ مرد وري وات سان ساز وڄائين جنهن کي هو (CEILIDHS) يا (Scottish reo downs) چون عورتن وارو اهو اسڪاٽ ناچ وارو پروگرام ڏاڍو دلچسپ هوندو آهي. ننڍي پيماني تي هي پروگرام وڏين هوٽلن ۾ به پيش ڪندا آهن، ماڻهو پنهنجو ٽائيم ۽ پيسو خرچ ڪري ڪڏهن ڪڏهن ٿو ملڪ کان ٻاهر گهمڻ وڃي، سو هر سياح کي انهي ملڪ جا هي روايتي ثقافتي پروگرام ضرور ڏسڻ گهرجن، هون به روبرو فون تي خطن ۽ اي ميل ذريعي سون جي تعداد ۾ ماڻهو ملڪ کان ٻاهر گهمڻ وارا يا پڙهڻ وارا اڪثر مشورا پڇندا آهن. آئون ڪوشش ڪري سڀني کي جواب ڏيندو آهيان. آئون حج ۽ عمرو ڪرڻ وارن کي به چوندو آهيان ته مذهبي فريضي کان پوءِ سعودي ملڪ جا ٻيا شهر به ڏسو جيئن توهان کي عربن ۽ هن ملڪ جي تهذيب ثقافت ۽ سياست جي معلومات حاصل ٿئي. اسان شهر گهمڻ جي شروعات ايڊنبرو جي مشهور پرنسيس اسٽريٽ کان ڪئي جيڪا ايڊنبرو جي سٺي ۾ سٺي بازار آهي. جيڪا تقريبن هڪ ميل ڊگهي ٿيندي. ۽ گهمڻ ۽ شاپنگ کان سواءِ به پنهنجي سونهن ڪري سڄي اسڪاٽلينڊ ۾ ڏاڍي مشهور آهي ۽ جيڪو سياح ايدنبرو اچي ۽ هي بازار نه ڏسي معنيٰ انهي اسڪاٽلينڊ يا ايڊنبرو ڏٺو ئي ڪو نه. اسان به پنڌ ئي پنڌ هن بازار ۾ خريداري ڪئي. گهمياسين ۽ ماني کاڌي پرنسيس اسٽريٽ گولڊن ايج جي ارڙهين صدي ۾ قائم ٿئي. هن بازار جي شروعات هڪ شاندار باغ کان ٿئي ٿي. جنهن جو نالو پرنسيس گارڊن آهي.
اسان هتي تمام گهڻو گهميو، تنهن ڪري ٿڪجي پياسين، سو واپس پنهنجي هوٽل تي پهچي ڪجهه دير آرام ڪيوسين. تنهن کان پوءِ وري به هڪڙي ڪلب ۾ وياسين، جتي اسان کي روايتي اسڪاٽ لوڪ موسيقي ٻڌايائون. هن ڪلب ۾ داخلا لاءِ ڪا به ٽڪيٽ ڪا نه هئي، صرف اسڪاچ شمپيئن يا بيئر جي هڪڙي بوتل خريد ڪرڻي هئي. اسان رات دير سان گهر روانا ٿياسين ۽ وري صبح سوير هڪ ٽوئر بس ۾ چڙهي سڄي اسڪاٽ لينڊ جي سير تي روانا ٿياسين. بس اسان کي هوٽل تان صبح نوين بجي کنيو ۽ وري نوين بجي رات جو هوٽل تي لاٿو. اسڪاٽ لينڊ ۾ رات جو ٽين بجي به فجر جهڙي روشني لڳي پئي هوندي آهي. آئون هڪ دفعي رات جو ٽين بجي ننڊ مان اُٿيس ته پردن پٺيان به ٻاهر جهڙي فجر واري روشني محسوس ٿي ۽ پري بيٺل موٽرڪارن جون نمبر پليٽون به صاف نظر پئي آيون. اسڪاٽ لينڊ ۾ اسڪاچ شراب جون ٽي سئو کان به وڌيڪ ڊسٽيلريز يعني بَٺيون موجود آهن، جن مان ڪجهه اسان کي به ڏيکاريائون. هنن وسڪي ٺاهڻ وارن جي اسڪاچ مالٽ وسڪي سوسائٽي Scotch Malt Whisky society نالي پنهنجي هڪڙي تنظيم آهي جنهن تحت برٽش ڊسٽيلري انڊسٽري مئگزين به شايع ٿيندي آهي. اسڪات لينڊ ۾ شراب جا ڪارخانا گهڻو ڪري اسڪاٽلينڊ جي اترئين سامونڊي پٽي تي Morey District موري ڊسٽرڪٽ جي Grampain گرامپيئن علائقي ۾ قائم آهن. اڳوڻي دور ۾ هي تاريخي علائقو پنهنجن قلعن ۽ جنگي ميدانن سبب مشهور هو ۽ هاڻ وري راندين جي ميدانن خاص ڪري گاف Golf راند جي ميدانن ڪري سڄي اسڪاٽلينڊ ۾ ڏاڍو مشهور آهي.
هن ئي علائقي ۾ جيڪو هڪ سئو تيرهن ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي، شراب جا پڻ سوين ڪارخانا موجود آهن. خاص ڪري اسپي Spey نديءَ جي ڪپ تي. شراب کي مقامي ماڻهو Usage Beatha يوزيج بيٿا يعني آب حيات سڏيندا آهن، چون ٿا ته امريڪين هن علائقي مان پاڻي کڻي وڃي آمريڪا ۾ شراب ٺاهيو پر اهي اسڪاٽلينڊ جهڙو شراب ڪو نه ٺاهي سگهيا ۽ نيٺ کين شراب ٺاهڻ جا اهي ڪارخانا بند ڪرڻا پيا. انگلينڊ ۾ شراب پيئڻ لاءِ قانوني طرح سان ماڻهوءَ جي عمر گهٽ ۾ گهٽ ارڙهن سال هئڻ گهرجي. پاڻ وٽ وري ووٽ ڏيڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ عمر ارڙهن سال مقرر آهي. انگلينڊ ۾ سورهن سالن جو ٻار شراب خانن ۾ ڪجهه مخصوص ڪمرن کان سواءِ پنهنجي مائٽن يا سنڀاليندڙن سان گڏ داخل ٿي سگهي ٿو. باقي توهان شراب پي گاڏي هلائي نٿا سگهو. البت گاڏيءَ ۾ شراب رکي سگهو ٿا. آمريڪا ۾ گاڏيءَ اندر نه البت ڊگيءَ ۾ شراب رکي سگهجي ٿو. انگلينڊ ۾ توهان شراب خانن اندر ڏينهن جو ساڍي يارهين بجي کان رات جو يارهين بجي تائين شراب پي سگهو ٿا. رهائش وارين هوٽلن ۾ به اهو ساڳيو قانون لاڳو آهي. ڪجهه شراب خانا آرتوار جي ڏينهن به کليل هوندا آهن، جن مان ڪن ۾ عريان رقص به ٿيندو آهي ۽ داخلا في به ڪانهي. اسان جنهن علائقي ۾ گهمڻ وڃون پيا ان جو نالو Gram pain گرام پين آهي. هن ئي علائقي ۾ اسڪاٽلينڊ جي پهاڙي علائقي جا اوچي ۾ اوچا جبل آهن جيڪي وڻن ۽ گلن سان ڍڪيا پيا آهن. هن ئي خطي جي ندين ۾ دنيا جون مشهور مڇيون Salman سالمن ۽ Trout ٽرائوٽ ٿين ٿيون. هن خطي ۾ Balmoral Place نالي انگلينڊ جي راڻيءَ جو خانگي محل آهي، جتي هوءَ موڪلن دوران اچي رهندي آهي. اهو محل راڻي وڪٽوريا جي وقت ۾ ٺهيو.
هتي Kerachers ڪراچرس نالي هڪڙي ڪمپني مڇيءَ جي کاڌن تيار ڪرڻ ڪري ڏاڍي شهرت رکندڙ آهي. سڄي اسڪاٽ لينڊ جا ماڻهو توڙي هتي ايندڙ سياح هن ڪمپنيءَ جا مڇي وارا کاڌا ڏاڍي شوق سان کائيندا آهن. پاڻ وٽ ڪراچي ڪلفٽن ۾ آغا سپر اسٽور تي اهي ساڳيون مڇيون دٻن ۾ بند ملنديون آهن. اسڪاٽلينڊ جي هنن سحرانگيز حسين وادي ۾ سڄو ڏينهن گذاري اسان رات جو ڏهين وڳي پنهنجي رهائشي هوٽل تي پهتاسين، جت سڄي ڏينهن جي مسافريءَ سبب فرخ ۽ نور ته ماني کائڻ کان سواءِ ئي سمهي پيا. آئون ۽ منيٰ ٿورو سوپ پي وڃي آرامي ٿياسين. صبح جو سوير پنهنجو سامان کڻي اچي ايڊنبرا ريلوي اسٽيشن تي پهتاسين، جتان ريل گاڏيءَ ۾ چڙهي اسڪاٽلينڊ جي هنن حسين وادين کي آخري سلام ڪندا اسان لنڊن روانا ٿياسين. يورپ ۽ آمريڪا صنعت، تجارت، ايڊورٽائيزمينٽ، تعليمي ادارن ۽ سياحت مان ڪمايل پيسي جي زور تي پنهنجن ملڪن کي گل و گلزار ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ ڪري سڄي دنيا هاڻ خود به خود اوڏانهن هلي وڃي. پاڪستان جي صوبي خيبرپختون خواهه جا اُتريان علائقا قدرتي سونهن ڪري اڏي ته حسين آهن، جو جيڪڏهن اتي به ايتري دولت خرچ ڪجي ۽ امن امان قائم ڪجي، ۽ اهي سڀ سهولتون جيڪي سياحن کي يورپ ۽ آمريڪا ۾ حاصل آهن، سي هتي به مُيسر ڪجن ته هي سر سبز ۽ حسين واديون به جيڪر يورپ کان به وڌيڪ حسين ۽ پرڪشش لڳن. پر پاڻ وٽ هڪ نه پر لک مسئلا آهن. جيڪو ٿورو گهڻي پيسو ٻين ملڪن کان اوڌر تي ملي ٿو سو به اسان جي فوج ۽ حاڪمن جي عياشين تي خرچ ٿيو وڃي، نه ته اسان جا ڪامورا ته ايڏا ايماندار ۽ ديانتدار آهن جو جيڪر کين پيسا هٿ ۾ ملن جو هِن ملڪ کي چار چنڊ هڻي ڇڏين. سنڌ ۾ تازو جڏهن ٻوڏ آئي ته SDO کان پُڇيم ته توکي بندن جي سار سنڀال لاءِ گهڻا پيسا مليا، پاڻ چئين ته پنجويهه لک. مون پڇيس ته انهي مان گهڻو خرچ ٿيو، پاڻ ٻڌايائين ته خرچ ڇا جو مڙئي زمينداري ڇيڙن تي ماني کارائڻ ۽ پٽرول وغيره تي چاليهارو هزار کن مس خرچ ٿيا، پوءِ وري جي ٻي سال جڏهن سڄي سنڌ جي بندن جي ٻنهي ڪپرن تي ڇهه، فٽ اضافي مٽي وڌي ويئي تڏهن سڄي بندن تي مقرر ڪامورن جي زبان تي سدائين سرويچ جو هي شعر ته ٻئي ڪنڌيون مهران جون جنت الفردوس آهن ٻڌڻ ۾ ايندو هو.
ايڊنبرگ مان اسڪاٽش ادب، سياست، سياحت، ۽ معيشت بابت ڪجهه ڪتاب خريد ڪيا هئم، تن کي ريل گاڏيءَ ۾ سرسري نظر سان پڙهان پيو. اچو ته اسڪاٽش ادب متعلق توهان کي به ڪجهه ٻڌايان. اسڪاٽش ادب مان مراد اهو ادب، جيڪو اسڪاٽلينڊ رياست جي حدن اندر تخليق ٿيو يا اسڪاٽلينڊ جي شهريت جي حامل ليکڪن جو سرجيل ادب آهي، جيڪو وقت به وقت سازگار حالتن پٽاندر نه فقط هڪڙي اسڪاٽش زبان يعني اسڪاٽلينڊ جي قومي ٻوليءَ ۾ تخليق ٿيندو رهيو، پر اهو انگريزي، اسڪاٽش، گائيلڪ، يعني قديم آئرلينڊ ۽ اسڪاٽلينڊ جي مٿانهن پَٽَن ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻوليءَ، برائيٿونڪ، يعني ويلس ۽ برٽين لوڪن جي ٻولي، فرانسيسي، لاطيني، توڙي ٻين ڪيترين ئي ٻولين ۾ موجوده اسڪاٽلينڊ رياست جي حدن اندر سرجندڙ ادب اسڪاٽش ادب سڏجي ٿو. جهڙوڪ ڇهين عيسوي صديءَ ۾ ابرائيٿانڪ ٻوليءَ ۾ لکيل ادب ويلس رياست جي ادب جي حصي جي حيثيت ۾ اڃا زنده آهي ۽ اهو موجوده جديد اسڪاٽلينڊ رياست جي حدن اندر تخليق ٿيڻ سبب ”اسڪاٽش ادب“ شمار ڪيو وڃي ٿو. بعد وارين صدين ۾ رومن ڪيٿولڪ چرچ جي اثر هيٺ، اسڪاٽلينڊ ۾ لاطيني ٻوليءَ ۾ ادب سرجيو. آڳاٽي انگريزي ٻوليءَ ۾ سرجيل ادب، انگريز ڪليسا جي پوئلڳ انگريز آبادڪارن اسڪاٽلينڊ ۾ آندو. جڏهن کان Alba البا نالي قديم علائقو اٺين عيسوي صديءَ ۾ ترقي ڪري اسڪاٽلينڊ نالي هڪ آزاد ۽ خود مختيار رياست طور وجود ۾ آيو ۽ اتي بادشاهت قائم ٿي، تڏهن کان هتي ترقي پسند ليکڪن جو هڪڙو گروهه پيدا ٿيو، تنهن گائيلڪ ۽ لاطيني، ٻنهي ٻولين ۾ اسڪاٽلينڊ، آئرلينڊ ۽ ٻين ڀروارن تخليق ڪيو. تيرهين عيسوي صديءَ ۾ برپا ٿيندڙ ”ڊيوڊ واري ادبي انقلاب“ کان پوءِ تخليق ٿيندڙ ادب ۾ ترقي پذير فرينچ ٻولي ۽ ثقافت وارو رُجحان ڇانئيل رهيو. جڏهن ته اُن وقت اسڪاٽلينڊ ۾ آباد ٿيندڙ ناروي ۽ اسڪينڊينيويا جي ٻين علائقن کان آيل لوڪن وري Norse نارس يعني ناروي ملڪ جي ماڻهن جي مادري زبان ۾ ادب تخليق ڪرڻ جاري ڪيو. جيئن سنڌي ٻوليءَ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سنڌ جي سورمن ۽ سورمين کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آڻي محفوظ ۽ اَمر ڪري ڇڏيو، تيئن چوڏهين عيسوي صديءَ ۾ مشهور اسڪاٽ شاعر John Barbour جان باربر جو لکيل اسڪاٽ سورمن جي ڪارنامن بابت رزميه شاعريءَ تي مُبني طويل نظمن وارو ڪتاب، جنهن جو عنوان Brus برس هو، حقيقت ۾ اسڪاٽش ادب جو پهريون ڪتاب آهي، جيڪو اڃا تائين ثابت ۽ سلامت آهي.
تنهن کان پوءِ اسڪاٽلينڊ ۾ ڳالهايون ويندڙ تقريباً سڀني ٻولين ۾ يورپ جي وچئين دور جي مشهور عشقيه ڪهاڻين تي شاعريءَ ۾ طبع آزمائي ٿيڻ لڳي. انهن شاعراڻين ڪاوشن جو سلسلو پندرهين عيسوي صديءَ ۾ سرجندڙ دور ۾ شاهي يعني سرڪاري سرپرستيءَ سبب شاعري، نثر توڙي ناٽڪن وارين صنفن ۾ ڪافي ادب تخليق ٿيو. بادشاهه جيمس پنجين جي درٻار سان واڳيل نامياري اديب ۽ شاعر Sir David Lindsay of the Mount يعني مائونٽ واري سر ڊيوڊ لنڊسي جي مشهور تصنيف The three Estaitis ”دي ٿِري اسٽيٽس“ انهيءَ ڏِس ۾ مثال طور ڄاڻائي وڃي ٿي. سورهين عيسوي صديءَ جي آخر ۾ شاهي سرپرستيءَ هيٺ اسڪاٽلينڊ جي شاهي درٻار سان وابسته شاعرن ۽ موسيقارن جي هڪڙي انجمن Castalian Band ڪاسٽيليئن بينڊ جي نالي سان قائم ٿي. بادشاه جيمس ڇهون انهيءَ انجمن جو سرپرست ۽ ميمبر پڻ هو. جڏهن 1603ع ۾ هڪ سياسي معاهدي تحت اسڪاٽلينڊ انگلينڊ جي طابع ٿيو ته شاهي سرپرستيءَ جي عدم موجودگيءَ سبب اسڪاٽش ادب، خاص ڪري شاعريءَ ۾ ماٺار اچي ويئي. اهو جمود پوري هڪ صدي کان پوءِ يعني سن 1707ع ۾ انگلينڊ سان سياسي اتحاد کان پوءِ ٽٽو، جنهن ۾ مکيه ڪرار ناميارن ليکڪن ايلن رامسي، ۽ جيمس مڪفرسن ادا ڪيو. جيمس مڪفرسن جي عظيم تصنيف Occian Cycle ”اوشن سائيڪل“ کيس اسڪاٽلينڊ جو پهريون عالمي شاعر هجڻ جو اعليٰ رتبو حاصل ڪرايو. هن رابرٽ برنس، والٽر اسڪاٽ ۽ ٻين ڪيترن ئي همعصر ۽ جونيئر يعني سيکڙاٽ تخليقڪارن جي همت افزائي ۽ مدد ڪئي، جنهن ڪري رابرٽ برنس اسڪاٽ لينڊ جي قومي شاعر جي حيثيت حاصل ڪئي ۽ والٽر اسڪاٽ کي Waverley Novels ”ويورلي ناولس“ نالي تخليق وسيلي اوڻيهين عيسوي صديءَ واري اسڪاٽلينڊ جي حقيقي معاشرتي يعني سياسي، معاشي، ثقافتي ۽ علمي ادبي صورتحال جي عالمانه اپٽار ڪرڻ سبب عالمي شهرت نصيب ٿي.
مهاراڻي وڪٽوريا جي دور حڪومت جي پڇاڙيءَ ۾ جن اسڪاٽلينڊ ڄاون ليکڪن ادبي دنيا ۾ عالمي شهرت ماڻي، انهن ۾ رابرٽ لوئس اسٽيووينس، آرٿر ڪينن ڊائيل، جي امي برٽي ۽ جارج ميڪدونالڊ پڻ شامل آهن. ويهَئين عيسوي صديءَ ۾ اسڪاٽ لينڊ جي ادبي دنيا ۾ سڌاري ۽ واڌاري واري هڪڙي سگهاري تحريڪ شروع ٿي، تنهن کي اسڪاٽش ادب ۾ پيدا ٿيندڙ نئين جاڳرتا واري تحريڪ سڏين ٿا. انهيءَ تحريڪ جو روح روان، هف ميڪڊائرمِڊ هو، تنهن اسڪاٽ (اسڪاٽ لينڊ جي قومي) ٻوليءَ کي سنجيده، مقامي ۽ معياري ادب سرجڻ واسطي استعمال ڪيو ۽ پنهنجي حلقھ ادب ۾ رائج ڪرايو. اسڪاٽ اديبن جي هن لڏي جي پيروي، ٻي عالمي لڙائيءَ کان پوءِ پيدا ٿيندڙ نئين ٽهيءَ جي اسڪاٽش اديبن ۽ شاعرن ڪئي، انهن ۾ ايڊوِن مارگن جو نالو سر فهرست آهي. کيس سن 2004ع ۾ اسڪاٽ لينڊ سرڪار، پنهنجي افتتاحي تقريب دوران ”اسڪاٽ ٻوليءَ جو قومي شاعر“ واري اعليٰ اعزاز سان نوازيو. سن 1980ع واري ڏهاڪي کان وٺي اسڪاٽش ادب ۾ جاڳرتا جي هڪڙي نئين لهر پيدا ٿي، تنهن جو گِلاسگو جي اديبن واري ترقي پسند گروهه سان گهرو لاڳاپو هو. انهيءَ گروهه جو اڳواڻ اِروِن ويلِش هو. انهيءَ دور ۾ پيدا ٿيندڙ اسڪاٽش شاعرن ۾ مکيه نالو ڪيرول اين ڊُفِي جو آهي، سا پهرين اسڪاٽش شاعره آهي، جنهن کي سندس شاعراڻي ڏات جي مڃتا طور ”برطانيه جي عظيم شاعره“ جي بلند مرتبه اعزاز سان نوازيندي، مئي 2009ع ۾ ”پوئينٽ لاريئيٽ“ جي تاجپوشيءَ لاءِ مخصوص گلن جو ٺهيل تاج پهرايو ويو.
اڪثر سياح حضرات پنهنجن سفرنامن ۾ صرف چٽپٽيون ڳالهيون لکندا آهن، پر آئون ڪوشش ڪري گهُميل ملڪ جي تاريخ، جاگرافي، معيشت، سياست ۽ ادب تي به ٿورو گهڻو لکندو آهيان ته جيئن پڙهندڙن کي انهي ملڪ بابت ڪجهه اهم معلومات ملي.
هينئر ذڪر پيو هلي ”اسڪاٽش ادب“ جو، ته تاريخي طور يورپ جي وِچئين دور ۾ رومي حڪمرانن جي برطانيه مان نڪري وڃڻ کان وٺي Alba البا رياست جي بادشاهيءَ جي قيام ۽ البا رياست جو ”اسڪاٽ لينڊ“ نالي رياست جي قيام تائين واري عرصي دوران سيلٽڪ ٻولين جي گروهه مان اتر برطانيه وارن علائقن ۾ ڪيتريون ئي مختلف ٻوليون ڳالهايون وينديون هيون، انهن جي نتيجي طور هنن علائقن ۾ عيسائيت وارو مذهب پکڙيو، مضبوط ٿيو ۽ لاطيني ٻولي ۽ آڳاٽي انگريزي ٻولي پيدا ٿي.
جديد ادبي تاريخ، جنهن جو بنياد ڪجهه جهونن ماڳن ۽ وستين جي نالن ۽ ڪجهه تاريخي ثبوتن تي مشتمل آهي، ڄاڻائي ٿي ته اتر اوڀر اسڪاٽ لينڊ ۾ رهندڙ قديم لوڪ، جن کي Picts پِڪٽ سڏيو ٿي ويو، اهي ماڻهو برائيٿونڪ ٻولي ڳالهائيندا هئا، پر هن وقت انهيءَ ٻوليءَ ڪو به علمي ادبي مواد يا رڪارڊ موجود ڪونهي. آڳاٽي ويلش ادب جو ڳچ مواد موجوده اسڪاٽ لينڊ ۽ ان جي آسپاس وسندين ۾ تخليق ٿيو، سو به برائيٿونڪ ٻوليءَ ۾ لکيو ويو. ويلس رياست جي ماڻهن جي ويلش ٻولي به انهيءَ برائيٿونڪ ٻوليءَ مان پيدا ٿي ۽ ڪافي عرصو پوءِ ويلس علائقي ۾ لکجڻ لڳي. ويلش ٻوليءَ ۾ لکيل سڀ کان وڌيڪ جهونو صحيفو ”گوڊو ڊِن“ نالي ڪتاب شمار ٿئي ٿو، جنهن جو مصنف ”انِيرِن“ ڄاڻايل آهي. چوڻ ۾ اچي ٿو ته ا ُنيرِن، ڇَهين عيسوي صديءَ ۾ گوڊودن نالي شهر جو رهاڪو، شاعر هو. ويلش ٻوليءَ ۾ لکيل ٻئي قديم ڪتاب جو نالو ”بيٽل آف گِوين يسٽريڊ“ آهي. جنهن جو مصنف ”ٽيليسن“ اندازاً انيرن جو همعصر ۽ فيجڊ جو درٻاري شاعر هو. انهيءَ دور ۾ مذهبي ادب پڻ سِرجيو، جيڪو وري اڃا مختلف، يعني گائيلڪ ٻوليءَ ۾ لکيو ويو. جهڙوڪ ڊالان فور گائيل جو لکيل ”ايليگي فار سينٽ ڪولمبا“ سن 597ع ۾ سرجيو، ۽ ”اِن پريز آف سينٽ ڪولمبا“ بيڪن ميڪ لِنيوگڊيڪ سن 677ع ۾ لکيو. بيڪن ميڪ لِنيوگڊيڪ روم شهر جو باشندو هو. لاطيني ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب ”پريئر فار پروٽيڪشن“ ڇهين عيسوي صديءَ جي وچ ڌاري ”سينٽ ميوگنٽ“ لکيو ۽ ”الٽس پروسيٽر“ نالي ڪتاب، سينٽ ڪولمبا سن 597ع ڌاري لکيو. اسڪاٽ لينڊ رياست جي آڳاٽي دور ۾ انهن علائقن اندر ڳالهائي ويندڙ آڳاٽي انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب ”دِي ڊِريم آف دي روڊ“ مان ورتل چند سٽون ”رُٿويل ڪراس“ نالي صليبي شيلڊ تي اُڪريل لڌيون آهن.
اسڪاٽ لينڊ جي بادشاهه ڊيوڊ اَوَل جي حڪومت کان اڳي ئي اتي عالمن ۽ اديبن جو ترقي پسند حلقو موجود هو. انهن اديبن ۽ شاعرن گائيلڪ ۽ لاطيني ٻولين ۾ ڪافي مقدار ۾ ادب تخليق ڪيو، جنهن جي اشاعت آئرلينڊ ۽ آسپاس جي ٻين علائقن ڏانهن به منتقل ٿيندي رهي. اسڪاٽ لينڊ جي هيٺاهن علائقن جي مختلف وستين، جهڙوڪ لوچ ليوِن ۽ بريچن ۾ به تيرهين عيسوي صديءَ دوران گائيلڪ ٻوليءَ ۾ ادب تخليق ڪندڙ ادبي گروهه موجود هو. يورپي وِچئين تاريخي دور ۾ به آئرش ٻوليءَ ۾ تخليق ٿيل ادب جو اڪثر مواد، ممڪن آهي ته آئرلينڊ جي بدران اوڀر اسڪاٽلينڊ ۾ ئي سرجيو هجي، پر افسوس ته چوڏهين عيسوي صديءَ جي شروعات کان اڳي ئي اسڪاٽ لينڊ ۾ علمي ادبي سرگرمين ۾ ماٺار سبب اهو آئرش ادب ضايع ٿي ويو. ٿامس اووين ڪلينسي، مشهور اديب جو خيال آهي ته ”ليبر پريٽنيچ“ نالي ڪتاب، جنهن کي آئرش ٻولي ۾ ”آئرش نينيئس“ سڏين ٿا، اهو ڪتاب اسڪاٽلينڊ جي شهر ايبرنيٿي ۾ قائم عيسائي خانقاه ۾ لکيو ويو هو. پر انهيءَ جو مسودو فقط آئرلينڊ ۾ محفوظ ڪيل دستاويزن ۾ موجود هجڻ سبب مذڪور دعويٰ کي گهربل اهيمت حاصل ڪانهي. ٻين بچي ويل ادبي دستاويزن ۾ ڏاهي شاعر گِل برائيڊ البانيچ جو لکيل نظم ”هيڊنگ فار ڊِمِيٽا“ به شامل آهي، جيڪو هن 1218ع ڌاري، پنجين صليبي لڙائيءَ جي تجربن بابت لکيو هو.
تيرهين عيسوي صديءَ ۾ اسڪاٽلينڊ ۾ فرينچ ٻوليءَ پڻ علمي ۽ ادبي زبان جي حيثيت ۾ ترقي ڪئي، جنهن ۾ لکيل ڪتاب ”رومن ڊي فرگُس“ اسڪاٽلينڊ ۾ تخليق ٿيل، فرينچ ٻوليءَ ۾ قديم ترين دستاويز آهي. ”اَرٿَريئَن سائيڪل“ نالي فرينچ ٻوليءَ ۾ لکيل ڪهاڻين جي ڪتاب بابت ڊِي ڊِي آر اوون سميت ڪجهه عالمن جو خيال آهي ته انهيءَ ڪتاب ۾ شامل ڳچ ڪهاڻيون پڻ اسڪاٽلينڊ ۾ ئي سرجيون هيون. مٿي ذڪر ڪيل ٻولين کان سواءِ، اسڪاٽلينڊ جي اُتر ۽ اولهه وارن علائقن ۾ آباد ٿيل ناروي جي ماڻهن جي نارس ٻوليءَ ۾ پڻ ڪجهه ادبي مواد سرجيل آهي. جهڙوڪ نارس ٻوليءَ ۾ لکيل مشهور ڪتاب ”آرڪِنئِنگا ساگا“ جيڪو آرڪِني علائقي جي نوابيءَ بابت لکيل هو، اهو به اسڪاٽلينڊ جي علائقي آئس لينڊ ۾ تخليق ٿيو هو. ٻين ٻولين سان گڏ اسڪاٽلينڊ ۾ لاطيني ٻوليءَ ۾ به علم ۽ ادب سرجيو. مثلاً گلاسگو جي شهرين جي فتح بابت ”ڪارمن ڊي مورٽي سمرليڊي“ عنوان سان لکيل نظم ۽ ”انچڪام اينٽيفونر“ عنوان سان لکيل شعر جيڪو سينٽ ڪولمبا جي شان ۾ لکيل هو. وچئين دور ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت جو حامل ادبي شهپارو ”ويٽاڪولمبا“ جي عنوان تحت لکيل ڪتاب، جيڪو لاطيني ٻوليءَ ۾ لکيو ويو، ان جي تخليق جو ماڳ پڻ اسڪاٽلينڊ آهي.
آڳاٽي اسڪاٽ ادب جي مکيه ڀاڱي ۾ جان باربر جو لکيل رزميه شاعريءَ تي مشتمل برُس جي عنوان هيٺ ڪتاب، بادشاهه رابرٽ ثانيءَ جي سرپرستيءَ تحت سن 1375ع ۾ سرجيو. انهيءَ رزميه شاهڪار ۾ جان باربر انگريزن جي اسڪاٽلينڊ تي حملي کان وٺي اسڪاٽلينڊ جي آزاديءَ جي جنگ دوران رابرٽ پهرئين جي شجاعت ۽ همت جو احوال شاندار نموني بيان ڪيو آهي. آڳاٽي ادب جو هي پهريون شاهڪار آهي، جيڪو محفوظ ڪيو ويو. هي ڪتاب حاڪم ۽ امير طبقي توڙي اسڪاٽ عوام ۾ نهايت مقبول آهي. جهڙي طرح انگلينڊ ۾ سندس همعصر شاعر چائوسر کي انگريزي ٻوليءَ جو اولين عظيم شاعر هجڻ جو اعزاز حاصل آهي، ساڳئي طرح جان باربر کي پڻ اسڪاٽلينڊ ۾ اسڪاٽ ٻوليءَ جو پهريون وڏو شاعر هجڻ جو رُتبو حاصل آهي. پندرهين عيسوي صديءَ ۾ ٻيا به عظيم ليکڪ پيدا ٿيا. انهن مان هڪڙي اينڊريو ونٽُون ”اوريجنل ڪرانيڪل آف اسڪاٽلينڊ“ نالي شاعريءَ جو شاندار شاهڪار تخليق ڪيو ۽ بلائينڊ هيري نالي عظيم اديب ”دي واليس“ نالي تاريخي مجازي ڪهاڻين تي مشتمل شاهڪار سرجيو. مَٿِيَن ٻنهي تخليقڪارن تي فرينچ لوڪ ڪهاڻين جو گهرو اثر هو. مثال طور ڪتاب ”دي بيوڪ آف اليگزينڊر“، ”لينسيلاٽ آف دي ليڪ“ ۽ ”دي پورٽِيئس آف نوبليس“. پويون ڪتاب گلبرٽ هي جي تصنيف آهي.
وچئين دور ۾ اسڪاٽ ادب جا معمار، جن کي ”ميڪرس“ سڏيندا هئا، انهن جي شاهي درٻارن سان وابستگي هئي. جهڙوڪ جيمس اول، جنهن ”دي ڪِنگِس ڪوائر“ نالي ڪتاب لکيو. انهن اديبن ۽ شاعرن مان ڪيترائي اعليٰ تعليم يافته هئڻ سبب ”ڪِرڪِ“ نالي اسڪاٽ مذهبي اداري سان پڻ واڳيل هئا. جڏهن ته ڊُنبار جو لکيل ڪتاب ”ليمينٽ فار دي ميڪرس“ جيڪو هُن سن 1505ع ۾ لکيو هو، اهو درٻار ۽ چرچ کان ٻاهر سيڪيولر خيالن جو ثبوت پيش ڪري ٿو. اسڪاٽلينڊ ۾ ڇاپخانا قائم ٿيڻ کان اڳ وارا اديب ۽ شاعر اسڪاٽ شاعريءَ جي معراج تي هئا. مثلاً رابرٽ هينري سن، وليئم ڊُنبار، والٽر ڪينيڊي، گيون ڊگلس ۽ ٻيا.
پندرهين عيسوي صديءَ جي آخر ۾ اسڪاٽ ادب ۾ نثر جي تخليق به ٿيڻ لڳي. جيتوڻيڪ آڳاٽي اسڪاٽ ادب ۾ به نثر نويسيءَ جو ثبوت موجود آهي، مثلاً ”آچلنليڪ ڪرانيڪل“ اسڪاٽ نثري ادب ۾ پهريون مڪمل طور محفوظ ڪتاب ۽ جان آئيرلينڊ جو لکيل ڪتاب ”دي ميروئر آف وزڊم“ سن 1490ع ۾ لکيو ويو هو. هن دور يعني سن 1450ع کان وٺي فرينچ نثر جو اسڪاٽ ٻوليءَ ۾ ترجمون ٿيڻ لڳو، جنهن ۾ ”دي بُڪ آف دي لا آف دي آرميز“، ”آرڊر آف ڪنچٿوڊ“ ۽ ”سيڪريٽا سيسيٽورم“ ڪتاب سرفهرست آهن. جيمس چوٿين جي دور حڪومت ۾ گيون ڊگلس طرفان ورجل جي ڪتاب جو ترجمو حقيقي شاهڪار آهي ۽ اهو آڳاٽي ادب مان چونڊيل مڪمل ترجمون ليکيو وڃي ٿو. ڊگلس انهيءَ ڪتاب جو مڪمل ترجمون سن 1513ع ۾ پورو ڪيو. شاعرن ۽ اديبن جي سرپرست جي حيثيت ۾ بادشاهه جيمس پنجين ناميارن تخليقڪارن وليئم اسٽيوارٽ ۽ جان بلينڊن جي ڀرپور مدد ڪئي، جن لاطيني ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب ”هسٽري آف اسڪاٽلينڊ“ جو سندن مادري زبان اسڪاٽ ٻوليءَ ۾ ترجمون ڪيو ۽ سن 1527ع ۾، هيڪٽر بوئيس نالي مولف انهيءَ ڪتاب جي نظم توڙي نثر ۾ تاليف ڪئي. سر ڊيوڊ لِنڊسي، ”لارڊ ليون“ يعني ليون جي ڪورٽ جو جج، سفارتڪار ۽ شاندار شاعر هو. هن لنلٿگو محل ۾ سندس لکيل ۽ هلندڙ ناٽڪ، ”دي ٿري اسٽيٽس“ جي وچ تي اداڪارن توڙي ڏسندڙن کي ساهي کڻائڻ واسطي وقفو ڪرايو. اهو سن 1540ع هو. انهيءَ ناٽڪ ۾ هُن چرچ توڙي سرڪار تي بدعنوانيءَ باعث تنقيد ڪئي. اسڪاٽ ادب جو اهو پهريون ناتڪ محفوظ آهي. سن 1580ع کان سن 1590ع تائين بادشاهه جيمس ڇهين پنهنجي جنم ڀوميءَ جي ادب کي فروغ ڏياريو. هن علم عروض بابت پنهنجو لکيل ڪتاب ”سَم روس اينڊ ڪاشنس ٽوبي آبزروِڊ اِن اسڪاٽش پروسوڊي“ سن 1584ع ۾ شائع ڪرايو، تڏهن پاڻ اڃا 18 سالن جو نوجوان هو. هُن انهيءَ ڪتاب ۾ سندس مادري زبان ”اسڪاٽ“ جي شاعريءَ جو جائزو وٺي ان جي سڌاري ۽ واڌاري خاطر مُروِج ادبي صنفن ۾ نئين جاڳرتا وارا ترقي پسند اصول لاڳو ڪرايا. هو ”ڪاسٽيلِيئَن بينڊ“ نالي اديبن، شاعرن ۽ موسيقارن جي انجمن جو سرپرست ۽ ميمبر پڻ هو. وليئم فائولر ۽ اليگزينڊر به انهيءَ انجمن ۾ شامل هئا.

هن دور ۾ بيليڊ يعني داستاني گيت اسڪاٽ ادب توڙي اسڪاٽ عوام ۾ مقبول صنف جي حيثيت حاصل ڪئي. جيتوڻيڪ بيليڊ اسڪاٽ ادب ۾ انهي وقت کان گهڻو عرصو اڳ ئي رائج هو ۽ تيرهين عيسوي صديءَ جي اسڪاٽ ماڻهن جي رسم و رواج بابت قِصا ۽ ڪهاڻيون موجود هيون. انهيءَ وقت جي بيليڊ جي سرجڻهارن ۾ سر پيٽرڪ اپينس ۽ ٿامس دي رائمر مشهور هئا. شروعات ۾ بيليڊ لکيا ڪو نه ويندا هئا، پر اهي داستاني گيت ڳائي وڄائي پيش ڪيا ويندا هئا. انهن کي لکت ۾ گهڻو گهڻو پوءِ آندو ويو. بيليڊ سهيڙيندڙن ۾ مکيه نالا رابرٽ برنس ۽ والٽر اسڪاٽ جا آهن. سترهين عيسوي صديءَ کان وٺي انهن داستاني گيتن کي ادبي صنف جو درجو حاصل ٿيو. اهو ادبي صنف جو درجو ڏيارڻ ۾ رابرٽ سيموئل، ليڊي ايلزبيٿ وارڊلا ۽ ليڊي گرزل بيلي جو اهم ڪردار هو. جيتوڻيڪ انگلينڊ سان اتحاد سبب اسڪاٽ خاص طبقي ۾ انگريزي ٻولي رواج ۾ آئي، پر اسڪاٽ ادب مسلسل ترقي ڪندو رهيو ۽ برطانيه ۾ مقبوليت ماڻيندو رهيو. ايلن رامسي آڳاٽي اسڪاٽ ادب لاءِ نئين جاڳرتا جو بنياد رکيو ۽ دهقاني شاعريءَ جو رحجان پيدا ڪيو ته جيئن ”هيبي اسٽينزا“ صنف ۾ ترقي ٿئي. جيمس مسڪفرسن پهريون اسڪاٽ شاعر هو، جنهن کي ”اوشن“ الي شاعر جو ڪلام هٿ ڪري، انهيءَ جو ترجمون شايع ڪرڻ سبب بين الاقوامي شهرت ملي. سندس تاليفات کي سيلٽڪ ٻوليءَ ۾ تخليق ڪيل آڳاٽي رزميه شاعريءَ واري حيثيت حاصل ٿي. ”فِنگل“ نالي ئي ٻولين ۾ ترجمون ٿيو، ڇو ته انهيءَ تصنيف ۾ اسلوب، ٻوليءَ، قدرتي حسن جو بيان، مجازي گداز، غم ۽ الم جو بيان نهايت وڻندڙ ۽ دلربا انداز ۾ ڪيل هو، جنهن سبب يورپ جي ادبي دنيا ۾ رومانوي انداز تحرير جي تحريڪ پيدا ٿي. انهيءَ تحريڪ جو اثر هرڊر ۽ گوئٽي جي تخليقات ۾ ظاهر ٿيو. رابرٽ برنس ۽ والٽر اسڪاٽ تي پڻ اوشن واري شاعراڻي اسلوب جو گهرو اثر هو. رابرٽ برنس آئيرشائير شهر جو رهاڪو، اسڪاٽ لينڊ جو قومي شاعر تسليم ڪيو ويو. هن اسڪاٽلينڊ ۽ ان کان ٻاهرئين علائقن جو لوڪ ادب پڻ سهيڙيو، جنهن ۾ لوڪ گيتن جو وڏو ذخيرو هو. ادب ۾ رومانوي تحريڪ ۾ سندس مکيه ڪردار هو. سندس مشهور گيت ”آلڊ لينگ سائين“ سال جي آخري ڏينهن وارين تقريبن ۾ خصوصاً ڳايو ويندو هو. سندس ”اسڪاٽس واهاء“ جي عنوان واري گيت کي طويل عرصي تائين غير سرڪاري طور، پر قومي تراني وارو رتبو حاصل رهيو.
والٽر اسڪاٽ وقت جو وڏو شاعر هو. هن ڪيترائي داستاني گيت يعني بيليڊ ميڙيا چونڊيا ۽ شايع ڪرايا. سندس پهرين نثري تخليق ”ويوَرِلي“ سن 1814ع ۾ شايع ٿي. انهيءَ کي اسڪاٽ ادب ۾ پهريون تاريخي ناول قرار ڏنو ويو آهي. هن ٻيا به ڪيترائي تاريخي ناول لکيا، جهڙوڪ: اِوان هو، راب راء ۽ دي هرٽ آف بدلوٿِيئن، جن ۾ هن اسڪاٽ سماج جي سموري سچي عڪاسي ڪئي آهي. جيمس هاگ، ايلن ڪُننگهام ۽ جان گالٽ مذڪوره اديبن ۽ شاعرن جا همعصر تخليقڪار هئا. اُڻيهَئين عيسوي صديءَ جي آخري حصي ۾ به اسڪاٽ ڄاون اديبن ۽ عالمن عالمي شهرت ماڻي. انهن مان هڪڙي رابرٽ لوئس ايسٽيوينسن سن 1886ع ۾ ”اسٽرينج ڪيس آف ڊاڪٽر جيڪل“ عنوان تحت گاٿ قوم جي شهري زندگيءَ متعلق هڪڙو زبردست ناول لکيو ۽ ٻيا تاريخي مهم جوئيءَ متعلق پڻ ناول لکيا، جهڙوڪ: ڪِڊٽيپڊ ۽ ٽريزر آئلينڊ وغيره. مشهور اديب آرٿر ڪينن ڊائيل ”شرلاڪ هومز“ نالي جاسوسي شاهڪار تخليق ڪيو، جنهن ڪري جاسوسي ڪهاڻين ۽ ناولن لکڻ جو رجحان اُسريو. جي ايم سري، پيٽر پان ۽ جارج ميڪڊونالڊ خيالي ڪردار نگاريءَ واري صنف جا اسڪاٽ ادب ۾ پيشرو هئا. ويهَئين عيسوي صديءَ جي شروعات ۾ اسڪاٽ ادب ۾ نئين جاڳرتا جو رُجحان پيدا ٿيو، جنهن ۾ مکيه ڪردار هف ميڪ ڊائرمڊ ادا ڪيو.، هن اسڪاٽ ٻوليءَ ۾ سنجيده ادب جي تخليق خاطر حقيقي ڪوشش ڪئي. هن سن 1936ع ۾ ”اي ڊرنڪِ مين لُڪس ايٽ دي ٿيسل“ نالي تحقيقي ڪتاب لکي اسڪاٽ ٻوليءَ جي تاڃي پيٽي ۾ مختلف متروڪ لفظن، محاورن ۽ مختلف علائقن ۾ ڳالهايا ويندر لھجن کي ڏاهپ سان مِلائي اسڪاٽ ٻوليءَ کي نهايت منفرد صورت ۽ صلاحيت عطا ڪئي. مذڪوره نئين جاڳرتا واري تحريڪ ۾ جن اديبن ۽ شاعرن حصو ورتو، انهن ۾ ايڊوِن موئر، وليئم سوٽار، نيل گُن، جارج بليڪ، نين شيفرڊ، اي جي ڪِرونِن، نائومي مچسِن، ايرڪ لنڪليٽر، لوئس گراسڪ گِبَن،، جيمس برائڊي ۽ ٻيا گهڻائي شامل هئا، جيئن اسان وٽ شيخ اياز، استاد بخاري، نياز همايوني، شمشير الحيدري، امداد حسيني، سرويچ سجاولي، امر جليل، جي ايم سيد، محمد ابراهيم جويو، حسام الدين راشدي ۽ مرزا قليچ بيگ جديد سنڌي ادب جا باني هئا.
اسڪاٽلينڊ ۾ ڪجهه ٻيا ليکڪ، جيڪي ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ پيدا ٿيا، ميڪ ڊائرمد کان متاثر ٿيا ۽ اسڪاٽ ٻوليءَ ۾ لکڻ لڳا، انهن مان مکيه نالا رابرٽ گيريئوچ ۽ سِڊني گُڊسر اِسمٿ جا آهن، جن اسڪاٽ اديبن انگريزي ٻوليءَ ۾ دلچسپيءَ سان شاعري شروع ڪئي، انهن ۾ نارمن ميڪ ڪائگه، جارج بروس ۽ مئُو رائيس لنڊسي جا نالا اهم آهن. اورڪني شهر جو رهاڪو جارج ميڪي برائون ۽ لوئس شهر جو رهاڪو، لين ڪرچٽين اسمٿ، هنن ٻنهي ڄڻن نظم توڙي نثر ۾ سندن اباڻن جزيرن جي سماجي پس منظر ۾ قابل تعريف طبع آزمائي ڪئي. گلاسگو شهر واسي شاعر ايڊون مارگن مختلف يورپي ٻولين مان شاعري چونڊي اسڪاٽ ٻوليءَ ۾ ترجمون ڪرڻ سبب شهرت ماڻي. هي پهريون اسڪاٽ شاعر آهي، جنهن کي سن 2004ع ۾ اسڪاٽ سرڪار هڪ پروقار سرڪاري تقريب منعقد ڪري ”سرڪاري طور اسڪاٽ ٻوليءَ جو قومي شاعر“ جي اعليٰ اعزاز سان نوازيو.
تازو دور درشن چينل تان گلزار کي اندراگانڌي ايوارڊ سان نوازڻ واري تقريب ڏٺِيَم، جنهن ۾ وزير اعظم ڊاڪٽر من موهن سنگهه ۽ سونيا گانڌي به شريڪ ٿيا هئا. انهيءَ تقريب ۾ گلزار ڏاڍي لاجواب تقرير ڪندي چيو ته ڪڏهن ڪڏهن خوشيءَ وارا موقعا به ايڏا ته ڳرا محسوس ٿيندا آهن، جو غم جي واقعن کان به ماڻهوء جي ذهن تي وڌيڪ بار ٿي پوندا آهن. مون اها سڄي تقريب رڪارڊ به ڪئي، پر هتي ذڪر پيو ٿئي اسڪاٽ ادب جو، ته ٻي عالمي لڙائيءَ کان پوءِ پيدا ٿيندڙ ڪيترائي اسڪاٽ ناول نگار، جن سندن حياتيءَ جو ڳچ حصو اسڪاٽلينڊ کان ٻاهر گذاريو، مثلاً موريئل اسپارڪ، جيمس ڪيناوي، اليگزينڊر ٽروشي، حيسي ڪيسن، روبن جينڪِنس ۽ ٻيا، پر سندن تخليقات جو محوَر سندن مادر وطن اسڪاٽلينڊ جي سماجي پس منظر تي مُنحصر آهي. مثال طور 1961ع ۾ موريئل اسپارڪ جو نالو ”دي پرنس آف مس جين بروڊي“ ۽ سن 1956ع ۾ ڪيناوي جو فلم: ”ٽيونس آف گلوري“ لاءِ لکيل مسودو. ميڪلين جا ايڪشن ناول ۽ ڊوروٿي دُنيٽ جا تاريخي فِڪشن ناول اسڪاٽ عوام ۾ مقبول ٿيا.
سن 1960ع ۽ 1970ع وارن ڏهاڪن دوران جيڪي نوان ناول نگار پيدا ٿيا، انهن ۾ شينامَيڪي، ايلن اسپينس، ايلن ماسي ۽ وليئم ميلواني جا نالا قابل ذڪن آهن. سن 1980ع کان وري به اسڪاٽ ادب ۾ سڌاري ۽ نوان جي هڪڙي ترقي پسند تحريڪ، گلاسگو سان وابسته ليکڪن جي ٽولي شروع ڪئي، جنهن جو روجروان فلپ هوبسبام نالي عظيم استاد، نقاد ۽ شاعر هو. پوليگان بُڪس سلسليوار ڪتابن جي ايڊيٽر پيٽر ڪِراوِٽز جو پڻ هن تحريڪ ۾ اهم ڪردار هو. جيمس ڪلمين، الاسڊيئر، لِزلوچهيڊ، ٽام ليونارڊ ۽ اونگهاس ميڪنيڪائيل به مذڪوره تحريڪ جا برجستا ڪارڪن هئا. هن لڏي جي ليکڪن مان اِروِن ويلش جي ناول ”ٽرينسپيٽنگ“ سن 1993ع ۾، وارنر جي ناول ”مارِوَرِن ڪالر“ 1995ع ۾، گري جي ناول ”پوئر ٿِنگس“ 1992ع ۾ ۽ ڪَلمَين جي ناول ”هائوليٽ اِٽ واز، هائوليٽ!“ سن 1994ع ۾ ادبي انعام حاصل ڪيا. ڪرائيم فِڪشن يعني سماجي ڪُڌن ڪرتوتن کي ادب ۾ پڌرو ڪري تنقيد جو نشانو بنائيندڙ اسڪاٽ قلمڪارن ۾ وال مڪڊرمڊ، فريدرڪ لنڊسي، ڪرسٽوفر بروڪمائر، ڪوئينٽِن جارڊن، ڊينائيز مِنا ۽ ايڊنبرگ واري آئن رينڪن جا نالا قابل ذڪر آهن. اديبن ۽ شاعرن جي هن سٿ ۾ ڪيٿلين جيمي ۽ گلاسگو ڄائي ڪيرول اين ڊُفِي جا نالا پڻ اهميت جا حامل آهن. ڪيرول اين ڊفي کي سن 2009ع ۾ ”پوئيٽ لاريئيٽ“ يعني سرڪاري وظيفو حاصل ڪندڙ درٻاري شاعر جو اعزاز مليو. اهو به هڪ عجيب اتفاق آهي ته هوء پنهنجي تخليقات ۾ کلي طرح هم جنس سنجوڳ جو پرچار ڪندڙ پهرين اسڪاٽ شاعره آهي، جنهن کي اسڪاٽ سرڪار، ڪامل شاعره جي حيثيت ۾ ادب جي خدمت عيوض وظيفو ڏيندي اچي.
سنڌي ادب ۾ جنس يا جنسيات تي لکڻ ته ڄڻ ڏوهه برابر آهي، پر ٻي دنيا ۾ ته ٺهيو، فقط هندستان ۽ بنگلاديش ۾ به جنسيات تي گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي. انهيءَ موضوع تي اردو ادب ۾ زاهده حِنا جو ڪتاب ”راه مين اجل هي“ ۽ سنڌي ۾ ”عورت، مرد ۽ فطرت“ رفيه ملاح لاجواب ڪتاب لکيا آهن. اميد ته مون سان گڏ توهان به اسڪاٽش ادب مان ڪافي لطف اندوز ٿيا هوندا.
منيٰ ۽ فرُخ پنهنجي منهن ڪچهري ڪري رهيا آهن، ريل پنهنجي معمول موجب رفتار سان لنڊن ڏانهن هلي رهي آهي ۽ آئون Victoria and Abdul نالي ڪتاب اٿلائي پٿلائي سرسري طور پڙهي رهيو آهيان. ٿيو هِينئن ته برطانيه جي مهاراڻي وڪٽوريا جي دور حڪومت ۾ هندستان مان ٻن مسلمان ملازمن، (1) عبدالڪريم ۽ (2) محمد بخش کي مهاراڻيءَ جي حڪومت جي جوبلي سالگره جي موقعي تي محل ۾ ملازمت لاءِ لنڊن روانو ڪيو ويو. محمد بخش ويچارو ته خبر ڪانهي ته ڪٿي رهيو، پر عبدالڪريم محل جي هڪ معمولي ملازم مان ترقي ڪندو نيٺ وڃي راڻيءَ جي انڊين سيڪريٽريءَ جي عهدي تي پهتو ۽ کيس ”ڪمپَنيئن آف دي انڊيئن امپائر“ C.I.I جي اعليٰ اعزاز سان نوازيو ويو. هو پوءِ عبدل جي نالي سان سڏجڻ لڳو، سو چوويهن سالن جي هڪ ڊگهي قد واري نوجوان جي حيثيت ۾ انگلينڊ اچڻ کان اڳ راجپوتانا رياست جي پوليٽيڪل ايجنٽ جنرل ڊيني ۽ ڏولپور جي راڻي حاڪم وٽ به ڪجهه وقت ملازم رهي چڪو هو. گورنر سر جان ٽيلر خود پاڻ هن کي منتخب ڪري مهاراڻيءَ جي خدمتگار طور انگلينڊ موڪليو هو. هي انگريزي ۽ اردو ڄاڻندو هو. خود راڻي ڪجهه وقت هن کان اردو سکڻ شروع ڪئي، ۽ هن ٿوري وقت ۾ راڻيءَ جي دل ۾ اهڙي ته جاءِ پيدا ڪري ورتي، جو محل جو سڄو انگريز عملو هن جي خلاف ٿي پيو، پر راڻي عبدل جي معاملي ۾ ڪنهن جي به هڪ نه ٻُڌي. نيٺ ڳالهه انهي حد تي وڃي پهتي، جو هندستان جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ لارڊ هملٽن جو هڪ خط جڏهن راڻيءَ ڏٺو، ته هوء خود حيران ٿي وئي. خط ۾ لکيل هو ته راڻي سرڪاري لکپڙهه عبدل کي ڏيکاري ٿي، تنهن ڪري هاڻ سرڪاري لکپڙهه راڻيءَ کي نه موڪلي وڃي. اڳتي اهو ئي سيڪريٽري لکي ٿو ته جڏهن اهو ليٽر راڻيءَ ڏٺو ته هن هر قسم جي لکپڙه عبدل کي ڏيکارڻ ته بند ڪري ڇڏيا پر ان کان پوءِ سڄو سال راڻيءَ مون کي ڪنهن به سرڪاري يا خانگي دعوت ۾ ڪو نه گهرايو. راڻي هندستان جي وائيس راء کي ليٽر لکي حڪم ڏنو ته عبدل کي هندستان ۾ ڪا زمين جاگير طور ڏني وڃي ۽ وائيس راء جڏهن به آگره وڃي ته عبدل جي پيءَ ڊاڪٽر فيروزالدين سان ملي ۽ کيس ٻُڌائي ته راڻي وڪٽوريا محل ۾ عبدل جي ڪم ڪار مان تمام گهڻي خوش آهي! مُنشي عبدل جڏهن به هندستان ويندو هو ته راڻي وڪٽوريا کيس وائيس راء لاءِ سفارشي خط ڏيندي هئي. هڪ دفعي عبدل ۽ وائيس راء جي زال ساڳئي جهاز ۾ انگلينڊ کان سفر ڪري هندستان پهتا. (ڪتاب ملڪھ وڪٽوريا ۽ منشي عبدالڪريم صفحو 80، ليکڪ رضا علي عابدي)
تمام گهڻي مخالف جي باوجود ڪيترا سال راڻيءَ جي محل ۾ رهڻ بعد جڏهن واپس هندستان ويو ته عبدل اتي تمام گمنام ۽ خاموش زندگي گذارڻ لڳو. راڻي وڪٽوريا جو پٽ پرنس آف ويلس جيڪو پوءِ جارج پنجون جي نالي سان هندستان جو بادشاهه ٿيو، سو جڏهن هندستان ويو ته هو آگره وڃي عبدل سان مليو ۽ انهيءَ ملاقات جو سربستو احوال پنهنجي ماءُ راڻي وڪٽوريا کي لکي موڪليو.
عورت سان پيار جا به ڪيترا رشتا آهن، جنهن ۾ ماءُ، ڌيءَ، ۽ زال جا رشتا سڀني رشتن کان وڌيڪ مضبوط ۽ دائمي آهن، ۽ اهڙن مثالن سان سڄي دنيا جي تاريخ ڀري پئي آهي. اچو ته توهان کي به اهڙا ٻه ٽي دلچسپ قصا ٻُڌايان. چون ٿا ته شاهجهان بادشاهه پنهنجي زال ممتاز محل سان ڏاڍي محبت ڪندو هو. بادشاهه کي ممتاز محل مان چوڏهن ٻار ٿيا. راڻي جي وفات کان پوءِ به بادشاهه ٻي شادي ڪا نه ڪئي. تاريخ نويس لکن ٿا ته شاهجهان بادشاهه راڻي ممتاز محل جي وفات کان پوءِ هميشه بيمار رهڻ لڳو، جنهن ڪري صفا ڪمزور ۽ ڏٻرو ٿي پيو. سندس مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جا سڀ وار اڇا ٿي ويا. ممتاز محل جي محبت، سندس جُدائيءَ ۾ رنگ لاتو ۽ بادشاهه راڻي ممتاز محل جي قبر مٿان تاج محل نالي حسين ترين مقبرو ٺهرائي سڄي دنيا کي ۽ خاص ڪري محبت ڪندڙن کي محبت جي ڪڏهن به نه وسرندڙ ۽ دائمي علامت ڏيئي ويو، جيڪو شاعرن لاءِ به هڪ نئون موضوع پيدا ٿي پيو. هڪ شاعر لکيو ته: ایک شہنشاهه نے دولت کا سهارا لیکر، ساري دنيا کی محبت کا اڑايا ہے مذاق، ته وري ٻيو ٿو چوي ته اڪ شهنشاه ني بنوا ڪه حسين تاج محل، ساري دنيا ڪو محبت ڪي نشاني دي هي.
وري ڄمون ڪشمير جو اڳوڻو وزير اعليٰ شيخ عبدالله پنهنجي سوانح حيات ”آتش چنار“ ۾ لکي ٿو ته عورت ۽ ڪشمير جواهر لال نهرو جي ڪمزوري هوندي هئي. هن انهي سلسلي ۾ ڪافي مثال ۽ ڪيترين ئي عورتن جا نالا نهرو جي معاشقي سان ڳنڍيا آهن. پر خوشونت سنگهه ته پنهنجي آتم ڪٿا ۾ نهرو جي معاشقن جي بيان ۾ انهن عورتن مان کيس پيدا ٿيل ٻارن جو به ذڪر ڪيو آهي. هوڏانهن وري انگريز ليکڪ اسٽينلي ولپرٽ طرفان جناح جي سوانح حيات جي اردو ترجمي جي صفحي 130 تي لکيل اهي ته جڏهن جناح جي زال کي دفن ڪرڻ مهل کيس چيائون ته مرس جي حيثيت ۾ اسلامي رسم مطابق پهرين توهان مٿس مٽي وجهو، تڏهن سندس همت صفا جواب ڏئي ڇڏيو ۽ هو ننڍن ٻارن وانگر روئڻ لڳو. اسٽينلي لکي ٿو ته ”جناح جي دوست ڇاڳلا مون کي ٻڌايو ته جناح سڄي زندگيءَ ۾ انهي موقعي کان سواءِ ڪڏهن به ڪو نه رُنو.“
اسين لنڊن ۾ پنهنجي هوٽل ڀيڙا ٿياسين ۽ رات جا ٻه ٽي پهر آرام ڪري، صبح سوير ناشتو ڪري پوءِ تيار ٿي لنڊن گهمڻ نڪتاسين. اسان جي پهرين منزل لنڊن جي نهايت مصروف بازار ڪيمڊن مارڪيٽ آهي. لندن شهر ۾ هيمپسٽيڊ روڊ جي ويجهو، ڪيمڊن ٽائون ۾ واقع هن بازار کي ”لاڪ آف دي ريجينٽ ڪينال“، ”ڪيمڊن لاڪ“ ۽ ”ڪيمڊن مارڪيٽ“ به سڏجي ٿو. هن مارڪيٽ ۾ قائم دُڪانن تي مختلف قسمن جا ڪپڙا، سينگار جو سامان، گهرن جي سينگار جو سامان، هٿ جي هنر وارو سامان ۽ ترت تيار کاڌو موجود آهي. لنڊن شهر جو هي چوٿون نمبر وڏو واپاري مرڪز آهي، جتي هر هفتي جي پڇاڙيءَ واري موڪل جي ڏينهن، اٽڪل هڪ لک ماڻهو واپار ۽ وندر واسطي اچن ٿا. هن مارڪيٽ جي ڀر ۾ اِنورنيس اسٽريٽ اندر خوردني شين جي مارڪيٽ آهي، جيڪا ويهين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ قائم ڪيل هئي، سان ڪيمڊن مارڪيٽ جي ترقيءَ سبب زوال جو شڪار ٿي وئي. سن 2010ع ۾ اتي ميوات ۽ ڀاڄين جا فقط ٽي دُڪان وڃي بچيا. پر ڪيمڊن لاڪ جي ويجهو سن 1974ع کان هر آچر ڏينهن لڳندڙ هفتيوار بازار ترقي ڪري تمام وڏي واپاري مرڪز واري شڪل اختيار ڪري وئي آهي. هي علائقو توهان کي لنڊن نه پر ڪنهن مشرقي ملڪ جو شهر لڳندو، جتي توهان کي انگريز گهٽ پر دنيا جي ٻين مختلف ملڪن جا ماڻهو ۽ انگلينڊ ۾ رهندڙ غيرانگريز ماڻهو هزارن جي تعداد ۾ ڏسڻ ۾ ايندا. هن علائقي ۾ وڏي تعداد ۾ دڪان ۽ هوٽلون پڻ غير انگريز ماڻهن جون آهن. هتي ڪجهه دڪان پاڪستانين جا ۽ هڪ دڪان سنڌي مجيب ميتلي جو به آهي، جيڪو ننڍين ننڍين سوکڙي نماشين سان سٿيو پيو آهي. اهو دڪان مجيب جا ٽي چار مائٽ هلائي رهيا هئا، جن ۾ سندس هڪ ڀاء به شامل هو. دڪان جي رسيپشن تي ويٺل همراه کي جڏهن ڳالهه ٻولهه مان معلوم ٿيو ته اسين سنڌي آهيون ته پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چَئين ته هن سڄي دڪان مان توهان کي جيڪا به شئي کپي، سا ڪنهن به قيمت کان سواءِ توهان کڻي سگهو ٿا. اسين سندس شڪريو ادا ڪندي روانا ٿي وياسين.
ڪيمڊن مارڪيٽ جي ڪامپليڪس ۾ ڇهه مکيه ڀاڱا آهن. هر ڀاڱي ۾ مخصوص شين جو واپار ٿئي ٿو. هن واپاري مرڪز ۾ تمام گهڻي رش سبب پيدا ٿيندڙ خطرناڪ صورتحال کان بچڻ لاءِ ڪيمڊن ٽائون ٽيوب اسٽيشن تي مسافرن کي آچار جي ڏينهن اڳين کان پوءِ اچڻ تي بندش وڌي وئي آهي. تنهن هوندي به چاڪفارم اسٽيشن ۽ مارننگ ڪريسينٽ اسٽيشن ذريعي هزارين ماڻهو مارڪيٽ ۾ پهچي رش جو سبب بنجن ٿا. واقع! اسان کي به لنڊن ۾ گهڻي ۾ گهڻي رش هن مارڪيٽ ۾ محسوس ٿي. ڪيمڊن لاڪ مارڪيٽ ريجينٽ ڪينال جي ڪپ تي پراڻي بازار واري ماڳ تي ٺهيل آهي. سن 1970ع ۾ ريجينٽ ڪينال وسيلي ٿيندڙ واپار جي خاتمي کان پوءِ هن علائقي ۾ سن 1974ع ۾ هڪڙي عارضي بازار قائم ڪئي وئي. سن 1976ع ۾ هتي موٽر وي جي تعمير جو منصوبو ترڪ ٿيڻ بعد ڪيمدن ٽائون جي هيءَ بازار هتي جي رونق جو سبب بني. هتي اصل ۾ ڪاريگرن جي ٺهيل شين جي بزار قائم هئي. سنڊي ٽريڊنگ ايڪٽ 1994ع تحت آچر تي بازار بند هجڻ واري قانون کان اڳ، هتي ڏاڍي رش ٿيندي هئي ۽ سٺو واپار ٿيندو هو، پوءِ آهستي آهستي وڌيڪ ٻين شين جهڙوڪ ڪتابن، نيلامي شين، نيلامي ڪپڙن ۽ زيورن جا دڪان به چالو ٿيا. هتي هاڻ فاسٽ فوڊ يعني ترت تيار کاڌي جا دڪان به جام آهن. سن 1991ع ۾ مشهور معمار جان ڊڪنسن جي منصوبي موجب اڳوڻي مارڪيٽ واري هنڌ تعمير ٿيل ٽماڙ مارڪيٽ يا بازار چالو ٿي. هن بازار جي عمارت روايتي طور اُڻيهئين عيسوي صديءَ ۾ تعمير ٿيندڙ صنعتي ۽ رهائشي عمارتن وانگر سِرُن ۽ پالٽوي لوهه جي ٺهيل آهي. سن 2006ع ۾ ڪيمڊن لاڪ مارڪيٽ ۽ اسٽيبلس مارڪيٽ جي وچ واري ماڳ تي هڪڙي شاهي بازار اڏي وئي. نومبر 2007ع ۾ اسٽيبلس مارڪيٽ جو وڏو حصو ڊاهي جديد نقشي موجب ٻيهر تعمير ڪيو ويو. اهو مون کي ڏاڍو پسند آ!
تاريخي اهميت جي حامل اسٽيبلس مارڪيٽ جيڪا بيبو ائنڊ او ڊي ڪوبو، رچرڊ ڪيرنگ ۽ ايليئٽ برنارڊ آف چيلس فيلڊ ڀائيوارن جي گڏيل ملڪيت آهي، اها ڪيمڊن لاڪ مارڪيٽ جي وڏي حصي تي مشتمل آهي. اها مارڪيٽ اصل ۾ پڪفورڊ جي گهوڙن جي ڪُڙه ۽ گهوڙن جي اسپتال واري هنڌ اڏيل آهي. هتي گهڻا دڪان ۽ اسٽال ريلوي پل جهڙين وڏين وَنگُن وارين جاين ۾ قائم آهن. هن مارڪيٽ ۾ گهڻا دڪان ڪپڙن جا آهن، پر هتي فرنيچر، گهرن جي سينگار جو سامان، گهرو استعمال جون شيون، هٿ جي هنر واريون شيون ۽ ڪيترن ئي قسمن جي فني شاهڪارن ۽ فنپارن تي مشتمل شيون وڪامن ٿيون. سن 2007ع ۾ هن مارڪيٽ ۾ به چار ماڙ نيون شاهي بازارون ٺهيون، جن ۾ مختلف شين جا دڪان، دفتر، گُدام ۽ نمائش لڳائڻ لاءِ گهربل شاهي هال به تعمير ڪيو ويو. اسٽيبلس مارڪيٽ جي پوئين پاسي سان لڳ پيدل ماڻهن لاءِ فٽپاٿ به ٺاهيو ويو آهي. اسٽيبلس مارڪيٽ جي هڪ واپاري خاتون ساشا روڊوئي، اسٽيبلس هارس هاسپيٽل ۽ ٽيونل کي نوَنِ معمارن هٿان ڀڃڻ کان بچائڻ خاطر سن 2006ع ۾ ”ڪيمڊن اسٽيبلس مارڪيٽ بچايو“ مهم شروع ڪئي. هن ”سُوڪِي جيڪس“ جي فرضي نالي تحت مڪاني حڪومت کي مذڪور مارڪيٽ کي بچائڻ خاطر هڪ عرضداشت پيش ڪئي ۽ پريس ۾ چاره جوئي ڪئي. هن ”ڪيمڊن اسٽيبلس مارڪيٽ بچايو“ عنوان سان هڪ پمفليٽ به شايع ڪرايو. انهيءَ ڏِس ۾ مقامي شهرين طرفان مذڪور مهم بابت ڪيمڊن ”ڪائونسل“ کي به عرضداشتون پيش ڪيون ويون. نتيجتاً ڪيمڊن ڪائونسل جي ڊيولپمينٽ ڪنٽرول ڪميٽيءَ جي چيئرمين سومپر بيان ڏنو ته اسين شهرين جي اسٽيبلس مارڪيٽ جي مخصوص تعميراتي اصليت برقرار رکڻ واري خواهش سان سهمت آهيون ۽ انهيءَ جو احترام ڪريون ٿا. اسان کي ڪيمڊن ٽائون ايريا جي اقتصادي اهميت جو پورو پورو احساس آهي. انهيءَ موجب ئي اڏاوت ڪئي ويندي. چاڪ فارم روڊ جي اوڀر ۾ ريجينٽ ڪينال سان لڳ ڪيمڊن لاڪ وليج نالي واپاري مرڪز بيبو اينڊ او ڊي نالي سئوٽن جي ملڪيت آهي. ڪينال مارڪيٽ نالي بازار ڪوبو، رِچرڊ ڪيرنگ ۽ ايليئٽ برنارڊ نالي ڀائيوارن جي ملڪيت آهي. انهيءَ مارڪيٽ جو دروازو ڍڪيل سُرنگهه وانگر ٺهيل آهي. هن مارڪيٽ کي 9 فيبروري سن 2008ع ۾ باهه لڳي، تنهن ڪري اها وري تعمير ڪري ڪيمڊن لاڪ وليج نالي مئي 2009ع ۾ وري چالو ڪئي وئي. ڪيمڊن مارڪيٽ جي بڪ اسٽريٽ مارڪيٽ نالي ڀاڱي ۾ ڪپڙن جا دڪان آهن. ڪيمدن ٽائون ٽيوب اسٽيشن جي ڀر ۾ اليڪٽر بالرِوم نالي نائيٽ ڪلب سن 1950ع کان قائم آهي. اُنهيءَ ڪلب جي چوڌاري ولائتي مال جا دڪان آهن. ڪيمڊن مارڪيٽ جي انوَرنيس اسٽريٽ مارڪيٽ نالي سئو سالھ قديم بازار ۾ هاڻي ته سبزي ۽ ميوي جا فقط ٽي دڪان باقي آهن. اسان ڪيمڊن مارڪيٽ ۾ ڪافي خريداري ڪئي ۽ سامان کڻڻ لاءِ هڪٻئي کي ورهائي ڏنوسين، تڏهن به ڪافي سامان هر هڪ کي کڻڻو پيو. هاڻ اسان لاءِ مانيءَ جو مسئلو به هو، سو هڪ ويجهي هوٽل تي برگر وغيره کائي، ڪوڪ پي، سامان کڻي ٽيڪسي ڪري پنهنجي رهائش واري هوٽل ڏانهن روانا ٿياسين، ڇو ته هاڻ هيتري ساري بار ساڻ گهمي ڦري ته ڪو نه ٿي سگهياسين. ٻئي ڏينهن تيار ٿي لنڊن جي جڳ مشهور تفريحي ماڳ ”لنڊن آء“ گهمڻ وياسين. نورمحمد سڀني جا ٽڪيٽ خريد ڪيا ۽ اسين پنهنجي واري جي انتظار ۾ قطار ۾ بيهي رهياسين. لنڊن آء نالي هي سيربين يا جهان نما تفريح گاهه ٿيمس نديءَ جي ڏاکڻي ڪپ تي لنڊن شهر ۾ فولاد جو ٺهيل هڪ شاهي ڦيٿي جي سڪل وارو گنبذ ٺهيل آهي، جنهن جي مجموعي اوچائي 443 فوٽ ۽ قطر 394 فوٽ آهي. اهو يورپ ۾ سڀ کان وڌيڪ اوچو فولادي گنبذ ۽ سياحن لاءِ سڀ کان وڌيڪ پُرڪشش عنصر طور موجود آهي، جنهن کي هڪ سال ۾ 35 لکن کان به وڌيڪ سياح ڏسڻ اچن ٿا. اسين به انهن 35 لکن سياحن ۾ شامل آهيون. هي ڦيٿي جهڙو تفريح گاهه جڏهن سن 1999ع ۾ جُڙي راس ٿيو ته اهو دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ اوچو فولادي چڪرو هو، پر سن 2006ع ۾ اسٽار آف نان ڍچانگ نالي 520 فوٽ اوچي ٺهيل چڪري ۽ سن 2008ع ۾ جوڙيل 541 فوٽ اوچي ”سنگاپور فلائير“ نالي فولادي چڪري ان کي مات ڏني. محبوب سنگاپور ۾ ڪافي وقت رهي آيو آهي، تنهن به منهنجي ڳالهه جي تصديق ڪئي ته اهو چڪرو به لاجواب چيز آهي. هي فولادي چڪرو لنڊن شهر ۾ ويهون نمبر اوچي اڏاوت آهي. هن تفريح گاهه کي عام طرح ”لنڊن آء“ ۽ مِلينِيئَم وِيل به سڏيندا آهن. پر وِيههَ جنوري سن 2011ع کان ان جو سرڪاري نالو: ”اِي.ڊِي.ايف. اِنرجي لنڊن آء“ مقرر ڪيو ويو آهي. هي فولادي چڪرو يا گنبذ ٿيمس نديءَ جي ڪپ تي ويسٽ منسٽر پُل ۽ لنڊن برگ آف ليمبيٿ وٽ هنگر فورڊ پُل جي وچ ۾ موجود جوبلي گارڊنس جي الهندي دنگ سان ملي ٿو. انهيءَ جي ٻئي طرف ڊوم آف ڊسڪوري نالي واري مشهور عمارت اڏيل آهي، جنهن ۾ سن 1951ع ۾ ”فيسٽيول آف برٽين“ نالي تاريخي تقريب مُنقعد ڪئي وئي هئي. هن شاهي فولادي سيربين گنبذ يا چڪري جي ڊزائين فرينڪ ايناتولي، نِڪ بيلي، اسٽيوچلٽن، مالڪوم ڪُڪُ، مارڪ اسپيرو هاڪ ۽ هڪ ال ۽ مڙس واري جوڙي جُليا بارفيلڊ ۽ ڊيوڊ مارڪس نالي معمارن تيار ڪئي هئي. تعمير جي مينيجمينٽ ميس ڪمپنيءَ جي حوالي هئي. فولاد جي مکيھ ڪم جو ٺيڪيدار هالينڊيا ۽ سِوِل ٺيڪيدار ٽِلبَري ڊگِلَسِ، ڪَنسَلٽِنگ انجنيئر ٽوني گي ۽ ڀائيوار معمارن پيڙه جي ڪم جو نقشو تيار ڪيو ۽ آبي معاملن واري ڪم متعلق ڊزائين انجنيئر بيڪيٽ رينِڪِينِ تيار ڪئي. نيٿنِيئل لچفِيلڊ اينڊ پارٽنرس ڪمپنيءَ وارن لنڊن آء چڪري بابت منصوبه بندي تعمير ۽ ٿيمس نديءَ جي ڏاکڻي ڪپ تي موجود ديوار ۾ تعميراتي ترميم واري ڪم ۾ توساد گروپ جي مدد ڪئي. هن گنبذ جو رِمِ يعني مکيه چڪرو سائيڪل جي ڦيٿي ۾ اسپوڪن وانگر ڇڪيل فولادي رسين سان ڳنڍيل آهي. ڊسمبر 2006ع ۾ لنڊن آء چڪري ۾ بجليءَ جو نظام ليد ڪمپنيءَ کان نئين سر تعمير ڪرايو ويو. هي فولادي چڪرو يا گنبذ جدا جدا حصن ۾ ٺاهي، ٿيمس نديءَ ۾ ٺهيل مخصوص پليٽفارمن تي آڻي رکيا ويا.
تنهن کان پوءِ انهن کي گهربل نموني پاڻ ۾ ڳنڍي اينر پيڪ ڪمپنيءَ جي جوڙيل اسٽرانڊ جيڪ سِسِٽم وسيلي اُڀو ڪيو ويو. انهيءَ کي پوءِ هڪ هفتو انهيءَ پوزيشن ۾ رهڻ ڏنو ويو، جنهن دوران معمارن انهيءَ کي اڀو ڪرڻ واري ٻئي مرحلي لاءِ تياري ڪئي. لنڊن آء جي تعمير وارو منصوبو يورپي معمارن تيار ڪيو هو. منجهس ڪم آيل مکيه سامان ڇهن ملڪن مان گهرايو ويو. فولاد برطانيه مان نيدرلينڊس موڪليو ويو، جتي هالينڊيا ڪمپنيءَ اهو گهربل طريقي سان صاف ۽ ڪمائتو بنايو. اسٽيل ڪيبلس يعني فولادي رسيون اٽليءَ مان گهرايون ويون. بيئرنگس جرمنيءَ مان آندائون، اسٽيل ڪيپسول فرانس جي پوما ڪمپنيءَ تيار ڪيا ۽ انهن ۾ لڳل شيشا اٽليءَ جا آهن. اسپنڊل ۽ هب ڪِزيڪ ريپبلڪ ۾ ٺهيا ۽ بجليءَ جو سامان برطانيه جو ڪم آندو ويو. هن گنبذ نما چڪري ۾ لڳل 32 سيل ٿيل ايئرڪنڊيشنڊ بيضوي شڪل جا ڪيپسول، جيڪي ليٽنر پوما ڪمپنيءَ جا ٺهيل آهن، اهي چڪري جي ٻاهرئين مدار ۾ فٽ ٿيل آهن ۽ بجليءَ جي موٽرن وسيلي ڦرندا آهن. هر ڪيپسول جو وزن ڏهه ٽن آهي، ۽ هر هڪ لنڊن جي مختلف جاگرافيائي ڀاڱي يعني برگ سان منسوب ٿيل آهي. هر ڪيپسول ۾ پنجويهن ماڻهن جي چڙهڻ جي گنجائش آهي، جيڪي چڙهي ڪيپسول جي ڦرڻ سان لنڊن آء جي چوڌاري سڄي شهر جو وڻندڙ نظارو ڏسي سگهن ٿا. ڪيپسول اندر هلي ۽ گهمي ڦري به سگهي ٿو، جيتوڻيڪ منجهس ويهڻ لاءِ سيٽون به موجود آهن. لنڊن آء سيربين چڪرو يا گنبذ هڪ سيڪنڊ ۾ 26 سينٽيميٽر برابر 10 انچ جي رفتار سان ڦري ٿو، يعني هڪ ڪلاڪ ۾ 0.9 ڪلوميٽر رفتار سان ڦيرو کائي ٿو. اهڙيءَ ريت هن چڪري جو هڪ مڪمل ڦيرو 30 منٽن ۾ پورو ٿئي ٿو. مجموعي طور انهيءَ جي ڦيري جي رفتار ايتري ته گهٽ آهي، جو انهيءَ جي ڦرندي ئي ماڻهو انهيءَ ۾ چڙهي ۽ انهيءَ مان لهي سگهي ٿو. لنڊن آء تفريح گاهه جي ٻاهران مختلف لباس ۾ ڪيئي مسخرا ٺينگ ٽپا ڏيئي رهيا هئا. ننڍا وڏا توڙي عورتون انهن ساڻ فوٽو ڪڍائي رهيا هئا. مون منيٰ کي چيو ته تون به انهن ساڻ فوٽو ڇڪاءِ. پاڻ چئين ته آئون هنن ساڻ فوٽو ڪو نه ڪڍائينديس. مون کانئس پڇيو ته ڇو نه؟ جواب ڏنائين ته هي مسخرا ساڻن فوٽو ڪڍائيندڙ هر مرد توڙي عورت کي ڀاڪر پائي ساڻن فوٽو ڪڍائين ٿا، سو ڪير ٿو هنن ساڻ فوٽو ڪڍائي! اهو ٻُڌي آئون کِلي ماٺ ڪري رهيس. اسين پنهنجي واري ملڻ تي سڀئي ڄڻا لنڊن آء ۾ داخل ٿياسين. مون کي سينيئر سٽيزن هجڻ ڪري ٽڪيٽ ۾ ويهه سيڪڙو ڊسڪائونٽ به ڏنائون. هر سينيئر سٽيزن کي Soho سوهو کان سواءِ سڄي انگلينڊ ۾ هر هنڌ ملندو. سوهو واري علائقي ۾ هاڻ اهڙي ڪابه شئي ڪانهي. ڪيپسول ۾ چڙهڻ وقت مون کان پڇئون ته ڪيپسول کي توهان جي چڙهڻ لاءِ بيهاريون؟ پر مون کين منع ڪئي. سينيئر سٽيزن ۽ اپاهجن لاءِ اها به سهولت آهي ته ان کي بالڪل بيهاري ڇڏيندا آهن. اسان سڀني هڪٻئي جا فوٽو ڪڍيا. جيئن جيئن ڪيپسول مٿي ٿيندو ويو، تيئن تيئن لطف وڌندو ويو ۽ سڄو شهر حد نظر تائين وڌيڪ صاف نظر ايندو ويو، ڇو ته اڄ سج سچي لنڊن کي پنهنجي روشنيءَ سان جرڪائي رهيو هو. لنڊن ۾ ماڻهن لاءِ سج ائين آهي جيئن پاڻ وٽ محبوب جو درشن ۽ ميلاپ. رسمي طور لنڊن آء جهان نما چڪري يا گنبذ جو انهيءَ وقت جي برطانوي وزيراعظم ٽوني بليئر 31 ڊسمبر سن 1999ع تي افتتاح ڪيو، پر ڪجهه مشيني مسئلن سبب 9 مارچ 2000ع تائين اهو عوام لاءِ کُلي نه سگهيو. درحقيقت اهو پنهنجي افتتاحي تقريب کان وٺي سياحن لاءِ بيحد اهميت جو حامل تفريحي ۽ تعميراتي عنصر تصور ڪيو وڃي ٿو. پهرين جنوري سن 2005ع کان وٺي نئين سال جي آتش گير روشنيءَ جي ڏهن منٽن واري تقريب هن تفريح گاهه ۾ منعقد ٿيندي آهي، جيڪا رج ذريعي سڄي دنيا سان گڏ پاڻ به ڏسندا آهيون. سن 2006ع ۾ تُسادس گروپ لنڊن آء جي ملڪيت ۾ ٻن ڀائيوارن، (1) برٽش ايئر ويز ۽ (2) مارڪس بارفيلڊ فيملي، جيڪي لنڊن آء جي تعمير ۾ مکيه ڀائيوار هئا، انهن جا حصا خريد ڪيا. سن 2007ع ۾ مَرلِن اينٽرٽينمينٽ ڪمپني تُسادس گروپ کان سمورا حصا خريد ڪيا ۽ هن وقت اها هن تفريح گاهه جي سئو سيڪڙو مالڪ آهي. سن 2008ع تائين لنڊن آء واري نالي جي برانڊ ۾ برٽش ايئر ويز جو نالو به شامل هو، پر پوءِ اهو لنڊن آء لوگو مان خارج ڪيو ويو. مَرلِن اينٽرٽينمينٽ ڪمپنيءَ جي مالڪي ڏيکارڻ خاطر 12 آگسٽ سن 2009ع تي هن تفريحي چڪري جو نالو ”مَرلِن اينٽرٽينمينٽ لنڊن آء“ مقرر ڪيو ويو، ۽ ان جو لوگو يعني ان جو تجارتي نشان حقيقي اک سان ٺهڪندڙ ٺاهيو ويو. 2012ع ۾ لنڊن شهر ۾ ٿيندڙ اولمپڪس راندين جي علامتي نشان کي لنڊن آء چڪري تي لڳائڻ لاءِ راندين جي انتظاميه مختلف واپارين ۽ ڪمپنين جي ٺيڪن جي واڪ دوران اعلان ڪيو. 5 جون 2008ع تي اعلان ڪيو ويو ته مارچ 2000ع کان وٺي هيستائين ٽي ڪروڙ ماڻهو لنڊن آء چڪري ۾ سوار ٿي شهر جو نظارو ڪري چڪا آهن. سن 2009ع ۾ لنڊن آء جي مالڪن هن ۾ توسيع آندي ۽ ڪيپسولن کي 12.5 مِليئن پائونڊن جي لاڳت سان اپگريڊ ڪيو ويو. جنوري سن 2011ع ۾ اي.ڊي.ايف. انرجي نالي نيوڪليئر ڪمپنيءَ سان لنڊن آء پلانٽ ۾ گهٽ ڪاربان واري بجلي استعمال ڪرڻ لاءِ ٽن سالن جي مُدي وارو معاهدو ڪيو ويو. لنڊن آء جي تعمير کان 104 سال اڳ يعني سن 1895ع ۾ ايمپائير آف انڊيا ايگزيبيشن لاءِ اَرپس ڪورٽ تي گريٽ وِيل نالي 308 فوٽ اوچو چڪرو ٺاهيو ويو، جيڪو آسٽريلوي انجنيئرن ايڊم گاڊيلن ۽ گريٿ واٽسن جي جوڙيل 200 کان وڌيڪ فولادي چڪرن مان اولين هو. اهو گريٽ وِيل سن 1906ع تائين استعمال ۾ رهندو آيو. انهيءَ ويل ۾ ماڻهن جي چڙهڻ لاءِ چاليهه ڪارون لڳل هيون. هر ڪار ۾ چاليهن ماڻهن کڻڻ جي گنجائش هئي. 1906ع تائين انهن ڪارن ۾ چڙهندڙ ماڻهن جو تعداد اڍائي ڪروڙ ٻڌايو ويو. سن 1907ع ۾ اهو گريٽ ويل مسمار ڪيو ويو. آئون پنجويهن سالن کان لنڊن ايندو رهندو آهيان، پر مون اهو ويل اڳ ڪو نه ڏٺو هو. هن چڪري نما گنبذ يعني لنڊن آء تفريح گاهه کي سڀ کان وڌيڪ ويجهي انڊرگرائونڊ ريلوي اسٽيشن واٽرلو آهي. اسين به ٽيوب ۾ انهيءَ اسٽيشن تي اچي لٿاسين. ويسٽ منسٽر ريلوي اسٽيشن به هن تفريح گاهه کي ڪافي ويجهي آهي. ٿيمس نديءَ جي لانچن ۾ سفر ڪندڙ سياح واٽرلو مِلينِيئَم نالي تڙ تي لهي لنڊن آء ڏانهن ايندا آهن. جڏهن اسين لنڊن آء ۾ پهريون ڀيرو چڙهياسين، تڏهن نور محمد جي ڊيوٽي به واٽرلو ٽيوب اسٽيشن ۾ هئي. اسين اڌ ڪلاڪ لنڊن آء ۾ چڪر لڳائي ان مان لٿاسين، تنهن کان پوءِ نور محمد اسان کان موڪلائي واٽرلو ٽيوب اسٽيشن جتي سندس ڊيوٽي هئي، اوڏانهن روانو ٿي ويو، باقي اسين وري لنڊن جي ۽ دنيا جي عجب ۾ وجهندڙ عجائب گهر نيچرل هسٽري ميوزم گهمڻ لاءِ اوڏانهن روانا ٿياسين. اتي پهچي عجائب گهر ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ڪجهه خريد ڪري کاڌو، ڇو ته لنڊن آء گهمڻ ۾ ٽڪيٽ خريد ڪري پنهنجي واري جي انتظار ۾ لڳو ڪُل هڪ ڪلاڪ، پر هن ميوزم ۾ ماڻهوء کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏينهن صرف ڪرڻ گهرجي، ڇو ته هي هڪڙو لاجواب گهمڻ لائق ماڳ آهي. هن کان اڳي به ڪيترائي ڀيرا لنڊن آيس، پر هي عجائب گهر ڪو نه ڏٺم. هينئر تازو منهنجي نياڻي پرهه سندس پٽ اويس ۽ ڌيءَ آمنه کي لنڊن گهمائڻ آئي، تنهن دوران نيچرل هسٽري ميوزم به ڏٺائين، تڏهن مون کي اهو ضرور گهمڻ لاءِ چيائين ۽ لنڊن ۾ رهندڙ منهنجي نُنهَن ڊاڪٽر رابعه کي به تاڪيد ڪيئين ته بابا ۽ امان جن جڏهن فرانس ۽ اسڪاٽلينڊ گهمي واپس لنڊن ايندا ته کين هي عجائب گهر ضرور گهمائجو. سو امان رابعه ۽ بوبي پهرين اسان کي لنڊن آء گهمائي ۽ بوبي يعني نور محمد پنهنجي ڊيوٽي تي ويو، پر رابعه اسان کي هتي وٺي آئي. هتي ٻاهر توڙي اندر ميوزم ۾ لنڊن آءِ کان به وڌيڪ رش هئي، ڇو ته ميوزم ۾ داخلا ٽڪيٽ ڪانهي ۽ اها فري آهي.
اسان جي گائيڊ ڊاڪٽر رابعه جي هدايت مطابق ميوزم گهمڻ جي شروعات ڪئيسين. هي نيچرل هسٽري ميوزم لنڊن شهر جي ڪينسنگٽن علائقي ۾ ايگزيبيشن روڊ تي قائم ٽِن شاهي عجائب گهرن مان هڪڙو آهي. ٻين عجائب گهرن جا نالا آهن: (1) سائنس ميوزم، (2) وڪٽوريا اينڊ البرٽ ميوزم. نيچرل هسٽري ميوزم ٽيڪسن کان آجو ڪيل فلاحي ادارو آهي، جيڪو انگلينڊ جي خبر رسائيندڙ اداري، راندين واري اداري ۽ ثقافت واري کاتي جي سهڪار سان هلندڙ آهي. هن عجائب گهر ۾ گڏ ڪيل پنجن سائنسي علمن سان واسطو رکندڙ شين، جِنسُن، تقريباً سمورن ساهوارن، جيتن جَڻِيَن، وڻن ۽ ٻوٽن تي مشتمل عناصر جو تعداد اٽڪل ست ڪروڙ کن ٿيندو. هي ميوزم عالمي شهرت جو حامل تحقيقاتي ادارو به آهي، جتي مختلف شين، وڻن ٻوٽن، سمورن ساهوارن ۽ جيتن جَڻِيَن جي سُڃاڻپ، درجي بندي ۽ حفاظت ڪرڻ جي وڏي مهارت حاصل ڪئي وڃي ٿي. مشهور سائنسي عالم چارلس ڊارون جي گڏ ڪيل شين، جيتن ۽ ٻوٽن وغيره وانگر هن عجائب گهر ۾ رکيل لکين شيون تاريخي ۽ سائنسي طور تمام گهڻي اهميت رکندڙ آهن. هتي قائم ڪيل ڪتبخاني ۾ مختلف سائنسي علمن متعلق ڄاڻ ۽ تحقيق واسطي لکيل ڪتاب، رسالا، ميگزين، اخبارون، هٿ سان لکيل مُسَوِدا، فنپارا وغيره به لکن جي تعداد ۾ گڏ ڪيل آهن. ڪتب خاني ۾ رسائي يا داخلا فقط واسطيدار عملدارن کان اجازت وسيلي ٿئي ٿي. قديم جانورن يعني ڊائنوسارس جي هڏائين پڃري جي نمائش سبب هن ميوزم کي عالمي شهرت ملي. اسان کي فقط هن ئي هڏائين پڃري کي ڏسڻ ۾ پورو هڪ ڪلاڪ لڳو. اها واقع حيرت انگيز شئي آهي. سن 1881ع ۾ الفريد واٽر هائوس نالي گهربل عمارت جوڙي، برٽش ميوزم مان نرالي خاصيت وارين مخصوص شين کي آڻي هن عمارت ۾ نمائش لاءِ آويزان ڪيو ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ هن نمائش گاهه کي جيالاجيڪل ميوزم جو نالو ڏنو ويو. هن ميوزم ۾ ڊارون سينٽر گهڻو وقت پوءِ قائم ڪيو ويو. ڊارون جا لکيل ڪتاب ننڍي هوندي ڏاڍو بور ڪندا هئا، پر پوءِ اهي وري وري پڙهڻ سان جيڪا سمجهه ۽ سُرت حاصل ٿي، تنهن دماغ جا سڀ پردا هٽائي ڇڏيا ۽ سموريون دقيل نوسي ۽ مُدي خارج سوچون دماغ مان هميشه لاءِ نڪري ويون، ڪوڙ ۽ سچ ۾ تميز ٿي، هر ڳالهه عقلي بنياد تي سمجهه ۾ اچڻ لڳي ۽ صدين جي مصنوئي ڪوڙن مان زندگيءَ کي نجات ملي. هن ميوزم ۾ سڀ کان پهرين ڊاڪٽر سر هينس سِلون جا گڏ ڪيل سُڪل ٻوٽا، جانورن ۽ انسانن جا سُڪايل هڏاوان پڃرا رکيا ويا، جيڪي هن کان اڳي برٽش ميوزم جي مونٽيگ هائوس نالي عمارت ۾ سن 1756ع ۾ رکيا ويا هئا. سر هينس جا گڏ ڪيل اهي نوادرات برطانوي سرڪار لاٽري وسيلي خريد ڪيا هئا. اُوڻِيهَئِين عيسوي صديءَ جي شروعاتي ڏهاڪن دوران انهن نوادرات جي گهڻائي گم ٿي وئي. ميوزم جي زولاجي واري شعبي جي سن 1806ع تائين رهندڙ انچارج عملدار ڪيتريون شيون رائيل ڪاليج آف سرجنس کي وڪڻي ڏنيون. هُن کان پوءِ مقرر ٿيل عملدار وليئم ايلفورڊليچ ميوزم جي هيٺئين ڀاڱي ۾ باهه لڳارائي. سن 1833ع جي رپورٽ موجب ڊاڪٽر سِلون جي ٺاهيل فهرست ۾ ڄاڻايل 5500 جيتن جا ڍانچا تباهه ٿي ويا. اهڙيءَ ريت ميوزم جي عملي جي نااهلي پڌري ٿي پئي، ڇو ته عملي کي اقربا پروري جي بنياد تي مقرر ڪيو ويو هو. مثلاً هڪڙي ٽُرَسٽِي جي داشته جي ڀائيٽي کي اينٿا مالاجيڪل اسِسِٽنٽ طور مقرر ڪيو ويو، جنهن کي هڪ پوپٽ ۽ ڪِينئين ۾ فرق به معلوم نه هو. زولاجي واري شعبي جي انچارج عملدار جي.اي.گري ميوزم جي عملي ۾ ذهني ناچاڪيءَ جي شڪايت ڪئي. هڪڙي ملازم نالي جارج شا محفوظ ڪيل ڪوڏا ڀڃڻ جي ڌمڪي ڏني. هڪ ٻئي ملازم جيتن وارين پيتين تان نمبر ۽ ليبل لاهي ڇڏيا. ڪوڏن ۽ سپين جي گڏ ڪيل ذخيري مان گِري جي زال ڪوڏن وارا اُگهاڙا ٽِري کڻي ٻاهر اڱڻ ۾ آئي ته ان وقت واڇوڙي لڳڻ سبب ڪوڏن تي لڳل سمورا ليبل لهي اڏامي ويا. انهيءَ وقت لائبرريءَ جي مکيه انچارج ملازم اينٽونيو پانِيزِي کي سائنسي علمن ۽ نيچرل هسٽري ميوزم جي مڙني شعبن کان سخت نفرت هئي. عوام کي نيچرل هسٽري ميوزم ۾ لڳل نمائشون ڏسڻ لاءِ ڪا به ترغيب ڪا نه ٿي ڏني وئي. سن 1835ع ۾ سر هينري ايلس پارليامينٽ جي سليڪٽ ڪميٽيءَ اڳيان بيان ڏنو ته ميوزم جي ڪتب خاني جو مکيه عملدار ۽ سندس ساٿي اهلڪار مذڪوره ناجائز رَوَيي کي مڪمل طور روا رکيو اچن. نيٺ سن 1856ع ۾ رچرڊ اووِن کي برٽش ميوزم جي نيچرل هسٽريءَ وارن شعبن جو سُپرنٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو، تنهن اچي مذڪوره اُوڻائين کي ختم ڪيو. سندس آندل سڌارن کان متاثر ٿي هڪ عالم بيل بِرائِسَن لکيو ته نيچرل هِسٽري ميوزم کي هر شخص جي ڏسڻ لاءِ تيار ڪري مسٽر اووِن اسان جي انهن توقعات کي وڌايو آهي ته هڪ عجائب گهر قائم ڪرڻ جو مقصد ڇا هوندو آهي! اووِن محسوس ڪيو ته نيچرل هسٽريءَ وارن شعبن کي حقيقي طور تي موجود ايراضيءَ کان اڃا وڌيڪ ايراضي گهربل آهي، جڏهن ته برٽش ميوزم وٽ ايتري وڌيڪ گهربل ايراضي ڪانهي. تنهن ڪري انهي مقصد جي حصول لاءِ ڏکڻ ڪينسنگ ٽن علائقي ۾ گهربل ايراضي خريد ڪئي وئي ۽ سن 1864ع ۾ اتي ميوزم جي عمارت اڏڻ لاءِ ان جي نقشي ۽ پلان واسطي وقت جي ناميارن معمارن ۾ چٽاڀيٽي ڪرائي وئي، جن مان سِوِل انجنيئر ڪَيپٽَن فرانسز فائوڪ جو نقشو پاس ڪيو ويو. اهو انجنيئر ٿوري ئي وقت اندر گذاري ويو ته پوءِ اهو منصوبو الفريد واٽر هائوس جي حوالي ٿيو، تنهن نقشي ۾ پنهنجي سوچ آهر جيڪا تبديلي آندي اها ساراهي وئي. اڏاوت جو ڪم سن 1873ع ۾ شروع ٿيو ۽ سن 1880ع ۾ مڪمل ٿيو. نئون ميوزم جُڙڻ کان پوءِ 1881ع ۾ عوام جي ڏسڻ لاءِ کوليو ويو، جيتوڻيڪ سمورا نوادرات نئين عمارت ۾ آڻي رکڻ جو عمل سن 1883ع ۾ مڪمل ٿيو. هن عمارت کي ماحولياتي گدلاڻ کان بچائڻ خاطر عمارت اندر توڙي ٻاهر ٽيرا ڪوٽا يعني پڪن ٽائيلن جو استعمال ڪيو ويو آهي. انهن ٽائيلن تي سِرُن تي مختلف قسمن جي گلڪاري ۽ آڳاٽن ۽ هاڻوڪن جانورن جون تصويرون ٺاهيون ويون آهن. انهن کي ڊاروِن جي نظريئي مطابق ڏيکاريو ويو آهي ته موجوده جانور آڳاٽن جانورن مان ڪِيئن سُڌرِي موجوده حالت ۾ آيا آهن. هي ميوزم اِمپيريئل ڪاليج لنڊن، رائيل البرٽ هال ۽ البرٽ ميموريئل وارين عمارتن جي سِڌِي قطار ۾ انهن سان متصل آهي. رائيل البرٽ هال ۾ پاڪستان ۽ هندستان جا ماڻهو پنهنجا پنهنجا ميوزڪ پروگرام ۽ سياسي جلسا ڪندا آهن، جن کي ٻنهي ملڪن جا ماڻهو تمام مهانگيون ٽڪيٽون خريد ڪري وڏي چاهه سان ڏسندا آهن. تقريباً ٽيهارو کن سال اڳ رائيل البرٽ هال ۾ لتامنگيشڪر جو ميوزڪ ڪنسرٽ پروگرام ٿيو هو. انهي پروگرام جي سچي ڪامينٽري دليپ ڪمار هلائي هئي. پاڻ انهي ڪمپيئرنگ دوران لتا منگيشڪر جي شان ۾ اهڙا ته سٺا ۽ وڻندڙ ٻول ٻوليائين جو انهن مان ڪجهه مون کي اڄ به دل تي تري آيا آهن. لتامنگيشڪر جي آواز جي باري ۾ دليپ ڪمار چيو ته: ”جس طرح ڪسي پهول يا بهتي هوئي جهرني ڪا ڪو مذهب نهين هوتا، اسي طرح لتا جي ڪي آواز ڪا بهي ڪوئي رنگ، نسل يا مذهب نهين. لتا جي جب گاتين هين تو ايسا لگتا هي ڪه جيسي اس ڪي گلي مين سي بهگوان بول رها هي.“
مار! ڪٿان کان ڪٿي وڃي نڪتاسين! نيچرل هسٽري ميوزم الڳ حيثيت سان تعمير ٿي کلڻ جي باوجود سئوکن سالن تائين برٽش ميوزم جو حصو ٿي رهيو، جيتوڻيڪ سن 1866ع ۾ چانسلر آف ايڪس چيڪر وٽ داخل ڪيل دعويٰ تي واسطيدار ادارن ۽ سائنسدانن جهڙوڪ ڊارون، هُڪسلي ويليس وغيره صحيحون ڪري هن ميوزم کي جداگانه آزاد حيثيت ڏيارڻ جي گهُر ڪئي هئي. تقريباً سئو سالن جي مٿاڪُٽ کان پوءِ نيٺ برٽش ميوزم ايڪٽ 1963ع تحت برٽش ميوزم نيچرل هِسٽري هڪ آزاد عجائب گهر جي حيثيت حاصل ڪئي ۽ ان جو پنهنجو الڳ بورڊ آف ٽرسٽير قائم ٿيو، تنهن هوندي به ان جو نالو سڳايو ئي يعني برٽش ميوزم نيچرل هسٽري برقرار رهيو، تان جو ميوزمس اينڊ گيلريز ايڪٽ 1992ع ٺهڻ کان پوءِ ان جو نالو ڦيرائي نيچرل هسٽري ميوزم مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر تنوير عباسي پنهنجي لنڊن جي سفرنامي ۾ هن ميوزم جو پراڻو نالو لکيو آهي. سن 1986ع ٺهڻ کان پوءِ ان جو نالو ڦيرائي نيچرل هسٽري ميوزم مقرر ڪيو ويو. سن 1986ع ۾ جيالاجيڪل ميوزم کي هن عجائب گهر ۾ ضنم ڪيو ويو. هن ميوزم ۾ مشهور عالم سائنسدان چارلس ڊارون جي نالي سان ڊارون سينٽر به قائم ڪيو ويو آهي، جتي سائنسي طور اهميت واريون ۽ ڪمائتيون شيون تجربن، تجزيئن ۽ نمائش خاطر محفوظ ڪيون ويون آهن. ڊارون سينٽر جي فيز پهرئين ۾ رکيل جنسون الڪوهل ۾ محفوظ ڪيل آهن. انهن جو واسطو حيوانات وارن شعبن سان آهي. ڊاروِن سينٽر جو ٻيو ڀاڱو سن 2008ع جي سيپٽمبر مهيني ۾ جُڙي راس ٿيو ۽ عوام لاءِ سيپٽمبر 2009ع ۾ کوليو ويو. هن ڀاڱي ۾ ناياب جِيتَن ۽ ٻوٽن کي محفوظ ڪيو ويو آهي. سينٽر جي هن ڀاڱي جي وچ تي رکيل 8.62 ميٽر ڊگهي سامونڊي مڇ کي گهڻي شهرت ملي آهي. ڊاروِن سينٽر ۾ ملٽي ميڊيا ڪميونيڪشن واسطي مشهور براڊڪاسٽر سر ڊيوِڊ اٽينبرگ جي نالي سان اٽينبرگ اسٽوڊيو قائم ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، جتي روزانه ليڪچر ۽ ڊمانسٽريشنس ٿيندا. ڊارون سينٽر جي مرڪزي هال ۾ ڪارنيگي ميوزم ۾ رکيل 105 فوٽ ڊگهي مڇ جي اصل هڏائين پڃري جو نقل رکيل آهي. انهيءَ نقل ٺاهڻ جو خرچ برٽش ميوزم جي ٽرسٽيءَ جي حيثيت ۾ بادشاهه ايڊورڊ ستين سان گفتگو ڪرڻ بعد اسڪاٽ لينڊ آمريڪن ڪارخانيدار اينڊريو ڪارنيگي 2000 پائونڊ ڀريو. ڪارنيگي انهيءَ ڊائينوسار جا نقل يورپ ۽ آمريڪا جي ٻين عجائب گهرن ۾ به ٺهرائي رکڻ جو فيصلو ڪيو. اسان هت اچڻ کان اڳ به هن ميوزم متعلق ڪافي پڙهيو هو، پر ڊاڪٽر رابعه به انهي جي باري ۾ اسان سان ڪافي ناليج شيئر ڪئي، ڇو ته هوءَ تازو ئي پرهه ۽ ان جي ٻارن کي هي ميوزم گهمائڻ آئي هئي، تنهن ڪري هوءَ هاڻ اسان جي لاءِ سٺي گائيڊ ثابت ٿي رهي هئي. نيچرل هسٽري ميوزم جي نيو وهيل هال ۾ 25 ميٽر ڊگهو ۽ 10 ٽن وزني بِلو وهيل مڇ جو ماڊل رکيل آهي. ۽ ميوزم جي ڊاروِن سينٽر ۾ سن 2004ع ۾ فاڪلينڊ جي جزيرن وٽان ڄار وسيلي پڪڙيل 8 ميٽر ڊگهو آرڪي نالي مڇ پڻ نمائش خاطر محفوظ ڪيل آهي. ٿيمس نديءَ مان پڪڙيل وهيل مڇ جا هڏا پڻ هتي رکيل آهن، جيڪو سن 2006ع ۾ ڀُلجي ٿيمس نديءَ ۾ اچي ڦاٿو هو. هتي ڊائنوڪوچليا نالي هڪ پراسرار آبي جنس جو ڍانچو به محفوظ ڪيو ويو آهي، جنهن کي اَوَلِ شاهي گيسٽر ويوڊ، پوءِ ڪوپرولائيٽ ۽ آخر ۾ وڏي جيت جي پٿرايل خول طور سُڃاتو ويو. هن ميوزم ۾ جهنگلي جيوت لاءِ گهر به ٺهيل آهي. اُتي واسطيدار سائنسي علمن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ پبلڪ پروگرام منعقد ڪرڻ جو پڻ بندو بست ٿيل آهي. جيڪو سياح، اسڪالر يا شاگرد، جنهن کي لنڊن گهمڻ يا اتي پڙهڻ جو موقعو ملي، تنهن کي هي ميوزم ضرور ڏسڻ گهرجي. اهو گهمڻ کان اڳ انٽرنيٽ ئي ڪتابن ۾ هن ميوزم بابت ڪجهه اهم معلومات حاصل ڪري، تنهن کان پوءِ هي ميوزم گهمڻ ۾ کيس وڌيڪ مزو ايندو. چند ماڻهن کان سواءِ باقي ماڻهو روز روز ته لنڊن گهمڻ ڪو نه ٿو اچي، جو ان کي اهڙو عاليشان ميوزم ڏسڻ جو موقعوسدائين ميسر هوندو. نيچرل هسٽري ميوزم جي انتظاميه ڊيوِن ۽ ڊورسيٽ جي جيو راسڪ ساحل کي يونيسڪو طرفان عالمي تهذيبي ورثي طور تسليم ڪرائڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو ۽ اها انتظاميه لائيم ريگس جانورن جي پٿرائيل جسمن جي نمائش لڳائڻ ۾ ڀائيوار طور ڪم ڪندي آهي. سن 2005ع ۾ هن ميوزم ۾ چند عالِمن ۽ علم پرور ماڻهن جا نقل تيار ڪرائي هڪ گيلري ۾ رکيا ويا، جيڪي گيلري گهمندڙ ماڻهن کي سندن ڪهاڻيون، واقعا ۽ ايجادون کِل ڀوڳ واري انداز ۾ بيان ڪري کين واقف ڪن ٿا ۽ وندرائين ٿا. سن 2010ع ۾ بي بي سي وارن ڇهن ڀاڱن تي مشتمل هڪ ڊاڪيومينٽري فلم نيچرل هسٽري ميوزم بابت تيار ڪئي، تنهن جو عنوان هو ”ميوزم آف لائيف ۽ بيهائينڊ دي سِين“ هن ميوزم ۾ ”نيچر لائيو“ عنوان سان هڪ پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سير ڪندڙ ماڻهو ميوزم ۾ تحقيقاتي ڪم ڪندڙ سائنسدانن سان ملي سندن ڪم بابت گفتگو ڪندا آهن. اهي گڏجاڻيون روزانو 30:14 گِرين وِچ مين ٽائيم موجب ٿينديون آهن جن دوران ڪائنات جي پيدائش کان وٺي آبهوا جي تبديليءَ، حياتيات ۽ خِلا بابت علمن تي گفتگو ٿيندي آهي، سياح سوال پڇن ٿا، غير معمولي شين جو معائنو ڪن ٿا ۽ وِڊيو عمل ۾ شامل ٿين ٿا. اهو وڊيو عمل ميوزم جي ويب سائيٽ تي موجود هوندو آهي ۽ انٽرنيٽ تي سڄي دنيا ۾ ڏسجي ٿو. هرٽ فورڊ شائير شهر جي نرالي مزاج واري شخص نالي والٽر روٿسچائلڊ، پنهنجي شهر جي ٽرنگ علائقي ۾ نيچرل هسٽري ميوزم وانگر سندس نالي سان والٽر روٿسچائلڊ زولاجيڪل ميوزم قائم ڪيو، تنهن جو نيچرل هسٽري ميوزم سان سن 1938ع ۾ الحاق ٿيو. اسين انهن چند ماڻهن ۾ شامل هئاسين جيڪي هن ميوزم مان سڀني ماڻهن کان پڇاڙي ۾ نڪتا هئاسين. سواقع عجب ۾ وجهندڙ ۽ حيران ڪندڙ آهي هي نيچرل هسٽري ميوزم!
اڄ ڪلهه سڄي دنيا ۾ هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ وڃڻ لاءِ پاسپورٽ ۽ ويزا تمام ضروري ڪاغذ واسطيدار ملڪن کان وٺڻا پوندا آهن. انهن کان سواءِ ڪنهن به ٻئي ملڪ ۾ داخل ٿي نٿو سگهجي سواءِ پنهنجي ملڪ پاڪستان جي، خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ جتي لکن جي تعداد ۾ بِهاري، برمي، بنگلاديشي ۽ افغاني سواءِ ڪنهن به اجازت نامي ۽ پاسپورٽ جي رهن ۽ پنهنجي مرضيءَ سان ڪُڌن ڪاروبارن ۾ مشغول آهن. کانئن ڪير به پُڇڻ وارو ڪونهي. نائين اِليونِ جي واقعي کان پوءِ ته يورپ ۽ آمريڪا، توڙي ٻين به ڪيترن ئي مُلڪن ۾ ذري گهٽ پاڪستاني شهرين لاءِ ويزائون ته صفا بند ڪري ڇڏيون آهن. سر ظفرالله خان پاڪستان جو پهريون وزير خارجه ۽ گڏيل هندستان جو ”ليگ آف نيشنس“ ۾ نمائندو پنهنجي آتم ڪٿا ”تخديث نغمت“ ۾ لکي ٿو ته پهرين عالمي جنگ کان اڳ هندستاني ماڻهن لاءِ سواءِ رُوس ۽ تُرڪيءَ جي يورپ جي ڪنهن به ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ ويزا ته ٺهيو پر پاسپورٽ جي به ضرورت ڪا نه هوندي هئي. صرف بينڪ ۾ اڪائونٽ کولڻ لاءِ ماڻهوءَ کي سندس رهائش واري ضلعي جي ڪليڪٽر جو ليٽر کپندو هو، باقي ٿيو خير. ٻي به هڪ ڏاڍي دلچسپ ڳالهه تحرير ڪئي اٿس، جيڪا چاهيان ٿو ته توهان سان به شيئر ڪريان. پاڻ لکي ٿو ته آئون جڏهن پڙهڻ لاءِ سيپٽمبر سن 1911ع ۾ انگلينڊ پهتس، ته اتي هزارن جي تعداد ۾ پنجابي رهائش پذير ڏٺم، جن ۾ اهڙا به ماڻهو هئا، جيڪي صرف پنجابي ڳالهائي سگهندا هئا. ساڳئي ڪتاب جي 29 صفحي تي به بيحد دلچسپ ۽ آئون سمجهان ٿو ته اسان سنڌين لاءِ سبق آموز قصو آهي. هو لکي ٿو ته انگلينڊ ۾ منهنجي پڙهائيءَ واري عرصي دوران انگريزن پنجاب ۾ زرعي زمينون هارين ۾ ورهايون. انهيءَ پاليسي تحت پنجاب جي لُڌيانا ضلعي ۾ به هارين ۾ زمينون ورهايون ويون، پر ڪن هارين کي زمينون ڪو نه مليون ته انهن پنجاب ۾ سرڪاري سطح تي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر کين زمينون ڪو نه مليون، تڏهن وري ڪن ماڻهن کين بيوقوف بنائڻ لاءِ يا همدرديءَ طور صلاح ڏني ته توهان هاڻ لنڊن وڃي اتي وزير هند کي درخواست ڏيو ته توهان کي زمين ملي ويندي. سو هي همراه قرض کڻي يا پنهنجو تڏو توري وڪڻي وڃي لنڊن ۾ انڊيا آفيس پهتا. مزي جهڙي ڳالهه ته کين پنجابيءَ کان سواءِ ٻي ڪا به ٻولي ڪا نه ايندي هئي ۽ انڊيا آفيس ۾ به هنن جي ٻولي سمجهڻ وارو ڪير به ڪو نه هو. پر اتفاقاً مون کي به پنهنجي تعليم جي سلسلي ۾ ان ڏينهن انهيءَ آفيس ۾ وڃڻو هو ۽ آئون جيئن ئي آفيس اندر داخل ٿيس ته آفيس انچارج مون کي چيو ته هنن ماڻهن جي انگريزي ۾ لکيل درخواست ته مون پڙهي آهي، پر ان بابت منهنجو جواب هي همراه ڪو نه ٿا سمجهن، سو مهرباني ڪري تون کين سمجهاءِ، تڏهن مون کين ٻڌايو ته هي صاحب چوي ٿو ته انهيءَ سبجيڪٽ جو اسان سان ڪو به واسطو ڪونهي ۽ نه ئي ڪا اسان انهيءَ سلسلي ۾ اوهان جي ڪا به مدد ڪري سگهون ٿا. جيئن ئي مون هنن کي اها ڳالهه سمجهائي بس ڪئي ته مونکي پڙهائي جي سلسلي ۾ اندر سڏ ٿيو ته يڪدم آفيس اندر هليو ويس ۽ واپس جڏهن آفيس کان ٻاهر آئيس ته اهي ٽيئي همراه اُتي موجود ڪو نه هئا. توهان کي هي قصو ٻڌائڻ جو مطلب صرف اهو هو ته اڄ به سنڌي ماڻهو ڪنهن وڏي مقصد جي حصول لاءِ پنهنجو گهر ڇڏڻ لاءِ تيار ڪو نه آهن، پر سئو سال اڳ به هي اڻپڙهيل ڳوٺاڻا پنجابي زمين ٽُڪر وٺڻ لاءِ انگلينڊ پهچي ويا. تاريخ ٻڌائي ٿي ته دنيا ۾ انهن ماڻهن ۽ قومن ترقي ڪئي، جن پنهنجو شهر ۽ ملڪ ڇڏيو. ان جو مثال مهاجر ۽ پنجابي آهن. يورپين قومون جيڪڏهن آمريڪا ۽ آسٽريليا کنڊ ڳولي نه لهن ها ته اڄ شايد يورپ اندر ئي پاڻ ۾ وڙهيا ويٺا هجن ها ۽ سڄي دنيا جي دولت تي قابض نه هجن ها. اهو ساڳيو مثال يونانين، رومين ۽ مسلمانن لاءِ به ڏئي سگهجي ٿو. اڄڪلهه سڄي دنيا ۾ هي چوڻي عام آهي ته هي سڄي دنيا هڪ ئي ڳوٺ آهي، پر شاهه لطيف تقريباً پوڻا ٽي سئو سال اڳ چيو ته ”چپر مڙوئي ڇاڙڪي“ يعني ڇپر معنيٰ آسمان معنيٰ جهان، معنيٰ هي ڪائنات ئي ڇاڙڪيءَ جيتري تمام مختصر يا ننڍي آهي. اهي به ته انسان هئا جن هزارين سال اڳ چيو ته ڌرتي گول آهي ۽ اها سج جي چوڌاري ڦري ٿي.

اسان ڪالهه هوٽل مان پنهنجو سامان کڻي اچي نور محمد جي گهر رکيو ۽ رات گهر ۾ ڪچهري ڪري سڀئي وڃي آرامي ٿياسين. صبح جو سڀني چيو ته لاڳيتا ٻه ٽي ڏينهن لنڊن گهميا آهيون. اڄ آچر تي نور محمد جي به موڪل آهي، تنهنڪري اڄ پاڻ سڀئي يعني آئون، منيٰ، نور محمد، رابعه ۽ محبوب گڏجي آڪسفورڊ يونيورسٽي ۽ شهر گهمڻ هلنداسين. سو ترت سڀ تيار ٿي اوڏانهن روانا ٿياسين. لندن کان آڪسفورڊ ريل گاڏيءَ جي سفر ۾ ٻه ڪلاڪ لڳن ٿا. ريل گاڏيون ڏينهن رات هلن پيون. هتي هوائي اڏو به آهي، جتان هوائي جهاز ڏيهه توڙي پرڏيهه ڏانهن اڏامون ڪندا آهن. آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ آڪسفورڊ اويئيشن اڪيڊمي نالي هڪ ادارو به قائم آهي، جتي هوائي جهاز اڏائڻ جي سکيا ۽ ٻيا واسطيدار عمل سيکاريا وڃن ٿا. آڪسفورد بس سروس هيٿرو هوائي اڏي ۽ گيٽ وي هوائي اڏي کان آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ لاءِ بسون هلائيندي آهي. لنڊن ۽ آڪسفورڊ وچ ۾ ڪوچ سروس ۽ ٻين ڪمپنين جي بس سروس به چالو آهي. تنهن کان سواءِ ريل گاڏين جو انگلينڊ ۽ برطانيه ۾ ته بي مثال ۽ عاليشان نظام رائج آهي. ٻن ڪلاڪن جي هن سفر ۾ اسين هتي جي ٻهراڙيءَ جا ٻنيون ٻارا ۽ ننڍا وڏا ڳوٺ ڏسندا اچي آڪسفورڊ پهتاسين. هتي سڄي دنيا مان اسان وانگر آيل سياح، شاگرد ۽ سندن مائٽ بي شمار تعداد ۾ اچي گڏ ٿيا هئا. آڪسفورڊ هاڻي هڪ وڏو شهر ٿي ويو آهي. آمريڪا ۽ يورپ جي دولت ۾ جيڪڏهن هيٺيون چار شيون شامل نه هجن ها ته سندن حال شايد پاڻ کان به بڇڙا هجن ها. هڪ ته عرب دنيا جي پيٽروليم جي دولت سِڌِي توڙي اڻسڌيءَ طرح سندن قبضي ۾ آهي. ٻيو ته سندن هٿيارن جو سڄي دنيا ۾ واپار ٿئي ٿو. ٽيو ته سندن تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ غير آمريڪي ۽ غير يورپي شاگردن جي پڙهائيءَ مان حاصل ٿيندڙ دولت به ڪنهن به صورت ۾ گهٽ ڪانهي. چوٿون ته کين سندن ملڪن ۾ ويندڙ سياحن طرفان بي تحاشا خرچ ٿيندڙ دولت به حاصل ٿئي ٿي. آڪسفورڊ شهر ۾ يونيورسٽيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي، پر انهيءَ جي باوجود هتي هڪ سال دوران هڪ ڪروڙ کن سياح يونيورسٽي گهمڻ ايندا آهن. انهيءَ مان اندازو لڳايو ته هر سال سڄي انگلينڊ، برطانيه ۽ سڄي يورپ ۾ ڪيترا ٽوئرسٽ ايندا هوندا. اسان پهرين يونيورسٽيءَ قديم علائقي جو سير ڪيو ۽ اهي ڪاليج ۽ هاسٽلون ڏٺيوسين، جتي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو ۽ اندراگانڌي جن پڙهندا ۽ رهندا هئا. پوءِ انهيءَ هاسٽل ڏانهن وياسين جتي هينئر بلاول ڀٽو زرداري رهندو آهي، پر ويڪيشن سبب پاڻ اُتي موجود ڪو نه هو. آڪسفورڊ يونيورسٽي انگلينڊ جي سڀني کان جهوني ۽ تاريخي طور بالڪل نرالي حيثيت جي حامل مادر علمي آهي، جيڪا لڳاتار نوَن (9) صدين کان وٺي تدريس ۽ تحقيق جو عمل برقرار رکيو اچي. هن عظيم يونيورسٽيءَ جي بُنياد پوڻ جي حقيقي تاريخ ته معلوم ڪانهي، پر سن 1096ع ۾ بادشاهاه هينري ٻئي جڏهن انگريز شاگردن تي پيرس يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ تي بندش وڌي، تڏهن کان وٺي هيءَ يونيورسٽي ترقي ڪرڻ لڳي. سن 1188ع ۾ انگريز تاريخدان جيرالڊ آف ويلس، آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي سمورن استادن اڳيان پنهنجو مقالو پڙهي ٻڌايو هو. سن 1190ع ۾ هن يونيورسٽيءَ ۾ پهريون پرڏيهي شاگرد اچي داخل ٿيو هو، تنهن جو نالو Emo ايمو هو. هو فريسلينڊ جو باشندو هو. سن 1201ع ۾ هن يونيورسٽيءَ جي ناظم اعليٰ کي Magister Scolarum Oxonie ميجسٽر اسڪالرم آڪسوني سڏيندا هئا، تنهن کي سن 1214ع کان Chancellor چانسلر ڪوٺڻ لڳا. سن 1231ع ۾ يونيورسٽيءَ کي ڪارپوريشن يعني انتظامي ۽ مالياتي طور پاڻ ڀرو ۽ آزاد حيثيت وارو ادارو تسليم ڪيو ويو. ساڳئي تيرهين عيسوي صديءَ ۾ آڪسفورڊ شهر جي ماڻهن ۽ يونيورسٽيءَ جي شاگردن درميان فساد ٿيڻ جي نتيجي ۾ يونيورسٽي انتظاميه طرفان قديم رهائشي هال تعمير ڪرايا ويا، انهن هالن اڳتي هلي يونيورسٽيءَ جي ماتحت هلندڙ ڪاليجن جي صورت اختيار ڪئي. انهن ڪاليجن جو انتظام هلائيندڙ اهلڪار کي Master ماسٽر سڏيو ويندو هو. ماسٽر يونيورسٽيءَ طرفان مقرر ڪيو ويندو هو. Balliol College باليئل ڪاليج Merton College مرٽن ڪاليج هن يونيورسٽيءَ جا سڀئي کان وڌيڪ جهونا ڪاليج آهن، جيڪي سن 1249ع ۽ 1264ع درميان قائم ڪيا ويا هئا. انهيءَ کان پوءِ هڪ صديءَ کان به ٿوري وقت اندر پنهنجي قدامت، نصاب، ضابطه عمل ۽ شاگردن کي حاصل سهولتن جي ڪري، آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ وقت جي موجود سمورين درسگاهن ۾ سڀ کان وڌيڪ اعليٰ رتبو حاصل ڪيو، جنهن جي پوپن، بادشاهن ۽ وقت جي اڪابرن طرفان تعريف ۽ تعظيم ٿيڻ لڳي. سن 1355ع ۾ بادشاهه ايڊورڊ ٽِئين، يونيورسٽيءَ کي خراج پيش ڪندي چيو ته هن يونيورسٽيءَ تدريسي عمل ۾ بي بها ڪردار ادا ڪيو آهي. سندس سنَدِ يافته افراد مختلف رياستي ادارن ۾ عاليشان خدمتون سرانجام ڏيڻ تي جس لهڻن! ڪجهه وقت کان پوءِ يونيورسٽي جا عالم ۽ اڪابر استاد سياسي ۽ مذهبي تڪرارن سبب مختلف گروهن ۾ ورهائجي ويا. باليئل ڪاليج جي چوڏهين عيسوي صديءَ واري ماسٽر John Wyclif جان واِڪِلف، ڪليسا جي مرضيءَ خلاف بائيبل کي لاطيني ٻوليءَ بدران انگريزي ٻوليءَ ۾ لکي ڇپرائڻ واسطي وڏي مهم هلائي هئي. سن 1530ع ۾ بادشاهه هينري اٺين پنهنجي راڻي Catherine of Aragon ڪيٿرين آف اريگن کي ڏنل طلاق کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ يونيورسٽيءَ تي گهڻو دٻاء وِڌو. سورهين صديءَ وارن سڌارن جي سرڪاري مهم دوران Arglican Church اينجليڪن چرچ وارن عالمن، Cranmer ڪرينمر Latimer لاٽيمر ۽ Ridley رڊلي تي مذهبي بي حرمتيءَ جي الزام تحت مقدمو هلائي کين آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ اندر کين جيئرو ساڙائي مارايو. انگلينڊ جي گهرو لڙائيءَ دوران بادشاهه چارلس پهرئين، يونيورسٽيءَ جي ڪانووڪيشن هال ۾ حقيقي پارليامينٽ جي خلاف پنهنجي نقلي پارليامينٽ جو اجلاس منعقد ڪرايو هو. سترهين عيسوي صديءَ جي آخري حصي دوران آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي جڳ مشهور مفڪر John Locke جان لاڪ کي غداري ڪرڻ جي شڪ جي بنياد تي مُلڪ بدر ڪرڻ لاءِ دٻاء وڌو ويو. اوڻهين عيسوي صديءَ دوران جڏهن آڪسفورڊ يونيورسٽي سياسي سرگرمين ڪارڻ تياڳيل ليکبي هئي، انهيءَ زماني ۾ يونيورسٽيءَ ۾ قدامت پرست مذهبي رجحان جي زور هوندي به تعليمي ميدان ۾ قابل قدر تدريس، تحقيق ۽ سائنسدانن طرفان نيون ايجادون ٿينديون رهيون. جاميٽري جي پروفيسر Edmund Halley ايڊمنڊ هالي، هڪ فلڪياتي عنصر Comet پُڇر تاري جي وري آسمان تي ظاهر ٿيڻ جي پيشنگوئي ڪئي، جيڪا صحيح ثابت ٿي، ته انهي پڇر تاري کي انهيءَ سائنسدان جي نالي پٺيان ”هيلي“ نالو ڏنو ويو. انهيءَ عرصي دوران يونيورسٽيءَ جي مذهبي قدامت پرست عالمن، جان ۽ چارلس ويسلي وارن سخت مذهبي جنوني جلسا ڪري هڪڙي جنوني عيسائي فرقي جو بنياد رکيو. انهيءَ فرقي کي Methodist Society ميٿڊسٽ سوسائٽي سڏيو ويو. مهاراڻي وڪٽوريا جي حڪومت دوران خصوصي طور مذهبي فسادن جي حوالي سان آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مکيه ڪردار ادا ڪيو. هتي جي مذهبي عالمن جنوني مذهبي تحريڪ برقرار رکندي، اينجليڪن فرقي ۽ ڪيٿولڪ جنوني نڪته نظر به نئين سر اُجاگر ڪيو. آڪسفورڊ جي انهن جنوني مذهبي عالمن مان هڪڙو، جان هينري نويمين، سن 1845ع ۾ رومن ڪيٿولڪ فرقي ۾ شامل ٿيو ۽ پوءِ هو ڪارڊينل يعني پوري ملڪ ۾ سمورن پادرين جو اڳواڻ پادري مقرر ٿيو. سن 1860ع ۾ يونيورسٽيءَ جي نئين ميوزم ۾ عظيم مفڪر، ٿامس هُڪسلي، جيڪو ارتقا جي جديد نظريئي جو وڏو حامي هو، تنهن ۽ هڪ پادري نالي ولبر فورس جي وچ ۾ مشهور علمي مناظرو منعقد ٿيو هو. سن 1878ع کان وٺي جيڪي عورتن جي لاءِ الڳ درسگاهون قائم ٿينديون رهيون، انهن کي سن 1920ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ سان الحاق حاصل ٿيو. سن 1974ع کان وٺي يونيورسٽي سان ملحق 39 ڪاليجن پنهنجي اڳوڻي پاليسي تبديل ڪري، مردن سان گڏ عورتن کي به داخلا ڏيڻ شروع ڪئي، پر يونيورسٽي جو فقط هڪ ئي سينٽ هلڊاز ڪاليج آهي، جنهن ۾ اڃا تائين فقط عورتن کي ئي پڙهايو وڃي ٿو. ويهين عيسوي صديءَ دوران آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي تدريسي عمل ۾ وڏي پيماني تي توسيع، سمورن سائنسي شعبن ۾ تحقيق جي صورت ۾ ٿيندي رهي، جنهن ۾ طب ۽ دواسازيءَ لاءِ علم ڪيميا ۾ خصوصي کوجنا قابل ذڪر آهي. اهڙي نمايان ڪارڪردگيءَ سبب يونيورسٽيءَ عالمي پيماني تي هڪ عظيم مادر علمي ۽ ڏاهپ جي مرڪز طور، پنهنجي روايتي ڪردار کي اُجاگر ڪيو ۽ مستحڪم بنايو. جوڙجڪ ۽ انتظامي طريقيڪار جي حوالي سان، آڪسفورڊ يونيورسٽي پنهنجو انتظام پاڻ ئي هلائيندڙ آزاد علمي ادارو آهي، جنهن ۾ چاليهارو کن ڪاليج مرڪزي ڍانچي يعني يونيورسٽي انتظاميه تحت عمل پيرا آهن. يونيورسٽيءَ جو ناظم اعليٰ، وائيس چانسلر آهي. سندس سروس جو مُدو وڌ ۾ وڌ ست سال آهي. وائيس چانسلر کان سواءِ، پنج پرو وائيس چانسلر به مقرر ٿيل آهن، جيڪي هيٺ ڄاڻايل شعبن کي سنڀاليندا آهن.
1. ترقيات ۽ خارجه معاملن وارو شعبو.
2. تعليمات وارو شعبو.
3. ذاتي، انفرادي ۽ مساوي موقعا مهيا ڪندڙ شعبو.
4. وسيلن ۽ منصوبه بندي وارو شعبو.
5. کوجنا يا تحقيق وارو شعبو.
يونيورسٽيءَ جو چانسلر معمول موجب، مُلڪ جي مشهور ماڻهن مان هڪڙو، تاحيات چونڊبو آهي. هن جو عهدو اعزازي هوندو آهي. هو يونيورسٽيءَ جي سمورين مکيه تقريبن جي سرواڻي يا صدارت ڪندو آهي. آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جو مکيه پاليسي ساز ادارو، يونيورسٽيءَ جي ڪائونسل Council of University سڏجي ٿو. انهيءَ ڪائونسل جا 26 ميمبر هوندا آهن، جن مان چار ميمبر يونيورسٽيءَ کان ٻاهر جي افراد مان چونڊبا آهن، باقي ٻاويهه ميمبر يونيورسٽيءَ جي اسٽاف ۽ ملحق ڪاليجن جي نمائندن مان چونڊبا آهن. هيءَ ڪائونسل تعليمي پاليسي ۽ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ انهن تي عمل ڪرائڻ واسطي هدايتون جاري ڪرڻ وارو واحد ادارو آهي، جيڪو چَئين مکيه ڪاميٽين وسيلي سمورن قائدن، قانونن ۽ پاليسين تي عمل درآمد ڪرائي ٿو. اهي ڪميٽيون آهن:
1. ايجوڪيشنل پاليسي اينڊ اسٽينڊرڊ ڪاميٽي.
2. جنرل پر پرز ڪاميٽي.
3. پرسنل ڪاميٽي.
4. پلاننگ اينڊ رسورسز ايلوڪيسن ڪاميٽي.
يونيورسٽيءَ جي تدريس، تحقيق، توڙي انتظامي معاملن بنسبت قانون سازي ڪرڻ وارو آخري ادارو، يونيورسٽي جي قانون ساز مجلس آهي. انهيءَ مجلس جا 3700 (ٽي هزار، ست سئو) ميمبر آهن، جن کي اڪيڊمڪ برانچ، کوجنا واري شعبي، لائيبرري، ميوزم ۽ انتظاميه وارن شعبن جي ملازمن مان چونڊبو آهي. ماليات ۽ منصوبه بنديءَ بابت هر روز حساب ڪتاب ڪرڻ ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ واريون ذميواريون، يونيورسٽيءَ جي چئين تدريسي شعبن، جهڙوڪ: 1. هيومينٽيز واري شعبي، 2. رياضي ۽ طبعي علمن واري شعبي، 3. طبي علمن واري شعبي ۽ 4. سماجي علمن واري شعبي کي سونپيل آهن. هر هڪ شعبي جو بورڊ چونڊبو آهي. هر شعبي جو اڳواڻ ڪل وقتي ملازمت جي اصول تحت مقرر ڪبو آهي. تدريسي عمل جو تسلسل اڃا ٻئي بورڊ جي ذميواري هوندي آهي. انفرادي طور آزاد ۽ خود مختيار رهڻ جي باوجود، اڳ ذڪر ڪيل 39 ڪاليج وفاقي اصول موجب الحاق قائم ڪندي هن مادر علميءَ جي جوڙجڪ ڪن ٿا. هر هڪ ڪاليج کي پروي ڪائونسل طرفان تصديق ٿيل چارٽر ڏنو ويندو آهي، جنهن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ، يونيورسٽيءَ جي اهلڪارن تي مشتمل هڪڙي مجلس عمل قائم ڪيل آهي. يونيورسٽيءَ ۾ ست دائمي پرائيويٽ هال يعني ڪاليج عيسائي مذهبي نالن سان قائم ٿيل آهن، جن ۾ اڃا تائين مذهبي اثرات موجود آهن. يونيورسٽيءَ جي ٽيهن ڪاليجن ۽ مذڪور ستن پرائيويٽ هالن يا ڪاليجن ۾ شاگردن جي داخلا 1. انڊرگريجوئيٽ، 2. گريجوئيٽ سَنَدُن لاءِ ٿيندي آهي. ست ٻيا ڪاليج فقط گريجوئيٽ سَنَدَ وٺڻ وارن شاگردن جي داخلا لاءِ مخصوص آهن. يونيورسٽيءَ واري All Souls College آل سولس ڪاليج ۾ فقط Fellows فيلوز داخل ٿيندا آهن. ڪيلاگ ڪاليج ۾ پارٽ ٽائم گريجوئيٽ ۽ پڙهائي برقرار رکندڙ شاگرد داخل ڪيا ويندا آهن. هن يونيورسٽيءَ ۾ هر سال دنيا جي هر ڪُنڊ ۽ ڪڙڇ کان هزارن جي تعداد ۾ شاگرد علم حاصل ڪرڻ ايندا آهن، ڇو ته اها دنيا جي قديم ۽ بهترين مادر علميءَ جي حيثيت سان حقيقي ۽ سچن شاگردن لاءِ مثبت ڪشش جو باعث آهي. انهيءَ ئي سبب ڪري هتي هڪ سئو ٽيهن کان به وڌيڪ قومن ۽ ملڪن جا شاگرد داخل آهن. هن يونيورسٽيءَ جا ڏيهي توڙي پرڏيهي کوجنا ڪندڙ ادارن، صنعتي کوجنا ڪندڙ ادارن ۽ تجارتي کوجنا ڪندڙ ادارن سان تدريس ۽ تحقيق واسطي مستحڪم تعلقات قائم آهن. تنهن کان سواءِ يونيورسٽيءَ جون پنهنجون جڳ مشهور لائيبرريون، ليبارٽريون ۽ ميوزم موجود آهن، جتي مطالعي، مشاهدي، مناظري، تحقيق ۽ تجربا ڪرڻ جو بهترين سهولتون مُيسر آهن.
يونيورسٽيءَ جي مخصوص ڪاليجي الحاق واري نظام سبب يونيورسٽيءَ جا اُستاد توڙي شاگرد پاڻ کي هڪ ئي برادريءَ جا ماڻهو، يعني هڪ ٻئي کي پنهنجا عزيز قريب ڪري ليکين ٿا ۽ ان موافق ورتاءُ ڪن ٿا. شاگردن کي هتي عظيم محققن جي ماتحت سِکڻ جا ڪَئين موقعا مُيسِر آهن. هن يونيورسٽيءَ ۾ ان طرفان هڪڙو مالي مدد وارو منصوبو جوڙي، ان تي سن 2006ع کان عمل ڪيو پيو وڃي، جنهن تحت برطانيه جي انهن غريب شاگردن جي مالي مدد ڪئي وڃي ٿي، جيڪي هن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ جي خواهش رکن ٿا. انڊر گريجوئيٽ شاگردن لاءِ پنهنجي پسند جي مضمونن ۾ اعليٰ تعليم جي حصول لاءِ انيڪ موقعا مُيسِر آهن. تدريس واري نظام موجب شاگرد اڪيلي سِر يا ٻن ٽن ڄڻن جي ٽولي جي صورت ۾ سکيا واسطي سدائين پنهنجن استادن سان ملندا رهندا آهن. انهيءَ نظام تدريس جو مکيه مقصد آهي ته شاگردن ۾ منطقي، علمي ۽ آزاد حيثيت سان سمجهڻ ۽ سوچڻ جي صلاحيت پيدا ٿئي. يونيورسٽيءَ جي ٽيهن ڪاليجن ۾ ستن پرائيويٽ هالن يعني يونيورسٽيءَ ۾ مذهبي ادارن طرفان قائم ڪيل ڪاليجن ۾، سواءِ سينٽ هلڊا ڪاليج جي، جتي فقط عورتون داخل ڪجن ٿيون، انڊرگريجوئيٽ ڊگريءَ لاءِ مردن توڙي عورتن، ٻنهي جنسن کي داخلا ملي ٿي. سمورن ڪاليجن ۾ فقط ذهني طور بالغ شاگردن جي داخلا ٿئي ٿي. هيرس مانچيسٽر ڪاليج ۾ داخلا لاءِ اڃا به وڌيڪ سختي ڪئي وڃي ٿي. گريجوئيشن لاءِ ان جي ٻين ستن ڪاليجن، جهڙوڪ 1. گِرِين ڪاليج، 2. لائينيڪر ڪاليج، 3. ٽيمپلٽن ڪاليج، 4. سينٽ اينٽونيوز ڪاليج، 5. سينٽ ڪراس ڪاليج، 6. نيوفيلڊ ڪاليج ۽ 7. وولفسن ڪاليج ۾ ٻنهي جنسن جي شاگردن جي داخلا ٿئي ٿي، جيڪي ڪل شاگردن جو تقريباً ٽيو حصو تعداد ۾ ٿيندا. اهي شاگرد يونيورسٽيءَ جو بيش بها ڀاڱو جوڙين ٿا. اهي هِڪ، ٻن ۽ ٽِن سالن وارين گريجوئيشن ڊگرين لاءِ تدريس ۽ تحقيق ۾ رُڌل هوندا آهن. هي يونيورسٽي تدريس ۽ تحقيق ۾ رُڌل هوندا آهن. هي يونيورسٽي تدريس ۽ تحقيق توڙي پرڏيهي درسگاهن سان سٺن لاڳاپن جي تسلسل واسطي پرڏيهي شاگردن کي خصوصي اهميت ڏيندي آهي، ڇو ته اهي ڪل شاگردن جو چوٿون حصو ته ضرور هوندا آهن. هيءَ يونيورسٽي هر سال سوين شاگردن کي پاڻ ۽ ٻين امدادي ادارن کان وظيفا وٺي ڏيندي آهي، ته جيئن اهي سندن خواهشن موافق تعليمي زيور سان سينگارجن. جڳ مشهور مادر علميءَ جي حيثيت سبب، سموري دنيا مان ڪيترائي استاد، عالم ۽ اڪابر هن يونيورسٽيءَ ۾ تدريسي ۽ تحقيقي عملن ۾ شامل ٿي وڌيڪ کوجنا ڪرڻ لاءِ ڪهي ايندا آهن. هن يونيورسٽيءَ طرفان سموري دنيا جي تعليمي ۽ تحقيقي ادارن سان سهڪاري اپاء جاري ۽ ساري آهن. انهيءَ ڏِس ۾ هن مادر علمي طرفان ڏور اوڀر، ڀارت، پاڪستان، چين، ڏکڻ آفريڪا، آمريڪا ۽ ڪجهه ڏکڻ آمريڪي ملڪن ۾ تدريسي ۽ تحقيقاتي ادارا قائم ڪيل آهن. پرنس يونيورسٽي، ڪيوٽو يونيورسٽي، آسٽريليئن نيشنل يونيورسٽي ۽ پيڪنگ يونيورسٽيءَ سان هن يونيورسٽيءَ تدريسي ۽ تحقيقاتي عمل لاءِ باهمي تعاون جا معاهدا ڪيا آهن. تنهن کان سواءِ هي يونيورسٽي IARU يعني انٽرنيشنل الائينس آف ريسرچ يونيورسٽيز ۽ LERU يعني ليگ آف يورپين ريسرچ يونيورسٽيز نالي تنظيمن جي ميمبر پڻ آهي. برطانيه جي پنجويهن وزيراعظمن ۽ دنيا جي ٻين هزارين سياسي اڳواڻن ۽ تعليمي ماهرن کان سواءِ پاڪستان جي ٻن وزيراعظمن ۽ ڀارت جي هڪ وزيراعظم پڻ هن يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي. شهيد بينظير ڀٽو هن يونيورسٽيءَ جي ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ جي صدر پڻ چونڊي وئي هئي. سابق آمريڪي صدر بِل ڪلنٽن به هتي پڙهيو هو. دنيا جي هڪ سئو ٽاپ يونيورسٽين جي لسٽ ۾ سموري اسلامي دنيا مان فقط هڪ ملڪ ملائيشيا جون ٻه يونيورسٽيون شامل آهن. اها ڪيڏي نه افسوسناڪ ڳالهه آهي! سن 5 2004ع جي ڊيٽا موجب آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ ارڙهن هزارن کان به وڌيڪ شاگردن داخل هئا، انهن جي اٽڪل چوٿين حصي کان به وڌيڪ شاگرد غير برطانوي هئا. يونيورسٽيءَ ۾ ساڍا ڇهه هزار کن شاگرد پوسٽ گريجوئيشن ڪري رهيا هئا. انهن مان اٽڪل چار هزار شاگرد آرٽس ۽ هيومينٽيز گروپن ۾ تحقيق ڪري رهيا هئا. يونيورسٽيءَ جي تعليم جاري رکڻ واري شعبي طرفان پيش ڪيل ڪورسن ۾ هر سال اٽڪل پندرهن هزار کن شاگرد داخل ٿيندا آهن. يونيورسٽيءَ جي داخلا وارو دفتر، برطانيه جي پنجن هزارن کان به وڌيڪ ڪاليجن ۽ اسڪولن سان دائمي طرح رابطي ۾ مشغول رهندو آهي. هڪ خصوصي تحقيق موجب، آڪسفورڊ يونيورسٽي سراسري طور، هر ڪم واري ڏينهن دوران، نصاب کان وڌيڪ، گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو پروگرام ضرور منعقد ڪندي آهي. يونيورسٽيءَ جي اسٽاف ۾ 70 فيلوز رائيل سوسائٽيءَ جا ۽ نوي فيلوز برٽش اڪيڊميءَ جا شامل آهن. يونيورسٽيءَ سِڌي ۽ اڻ سڌي طرح سورهن هزارن کان به وڌيڪ ڪم جي آسامين جو خرچ ڀري ٿي، جيڪي ساڻس لاڳاپيل ڪاليجن، پريس ۽ اسپِن آئوٽ ڪمپنين ۾ موجود آهن. مالي سال 5 2004ع دوران يونيورسٽيءَ ۾ ٿيل تحقيقي ڪمن مان حاصل ٿيل ڪل رقم 263.2 ملِيئَن پائونڊ هئي، جنهن ۾ 183.6 مِليئن پائونڊ ٻاهرين گرانٽس ۽ ڪانٽريڪٽس مان حاصل ٿيا ۽ 79.6 مِلِيئن پائونڊ HEFCE طرفان تحقيق لاءِ گرانٽ طور مليا. آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي هيءَ مختصر ڪهاڻي، اميد ته توهان جي دلچسپيءَ جو باعث به بني هوندي. اسان يونيورسٽيءَ اندر تقريباً پنج ڇهه ڪلاڪ گهمي ڦري، پوءِ هڪ هوٽل تي ماني کائي، واپس ورڻ جي ڪئي. واپسيءَ ۾ اسان هتي هڪ ٻن ريلوي اسٽيشنن تي ريلوي اسٽيشنن جا نالا گرمکي زبان ۾ به لکيل ڏٺا. اسان پنهنجي گهر وڃڻ کان اڳ لنڊن جي مشهور علائقي سائوٿ هال جو سير ڪيو ۽ اُتي چوڌريءَ جي هوٽل تي ماني کاڌي. هوٽل جي ٻاهران نموني طور ڪراچيءَ ۾ هلندڙ مشهور مني بس نمبر W-11 ۽ ڪراچيءَ ۾ هلندڙ هڪ رڪشو به بيٺل ڏٺا. اسين ريل گاڏيءَ مان لٿاسين ته ڏاڍو سيءَ لڳو. سو بوبي سندس ڪوٽ به لاهي مون کي پائڻ لاءِ ڏنو. لنڊن ۾ ايڏي وڏي تعداد ۾ گردوارا، مسجدون ۽ مندر هڪ ٻئي سان گڏوگڏ ڏسي ڏاڍو عجب لڳو! هت لکن جي تعداد ۾ سک ۽ مسلمان پنجابي، هندو ۽ برصغير جا مسلمان رهن، جيڪي هڪٻئي ۾ شاديون به ڪن ۽ تمام امن ۽ شانتيءَ سان پان ۾ گڏجي رهن. هن علائقي ۾ توهان کي انگريز ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ڏسڻ ۾ ايندو. اسان کي ته رڳا هندستاني ۽ پاڪستاني ماڻهو ڏسڻ ۾ آيا. رات ٿي چڪي هئي، تنهن ڪري اسان صرف هڪ هوٽل ۽ ٻن ٽن دڪانن ۾ داخل ٿياسين، پر اُت هڪ به انگريز نظر نه آيو. مانيءَ لاءِ چوڌري جي هوٽل ۾ داخل ٿي ڏٺوسين ته سڄي هوٽل ماڻهن مان ڀري پئي هئي. هيءَ هوٽل لنڊن ۾ سڀني انڊين هوٽلن کان وڏي ۽ ويڪري هئي. اسان پنجن ڄڻن کي بيٺل ڏسي، مالڪ اشارو ڪري هوٽل جي بيري کي چيو ته هنن کي ڪنهن خالي جڳهه تي ويهار، تنهن اسان کي اچي چيو ته ٿورو انتظار ڪرڻو پوندو. اسان کي هت ڪراچيءَ جي هوٽلن جو نه پر لاهور جي Food Street جي هوٽلن جهڙو ماحول لڳو. جڳهه خالي ٿيڻ تي، بيري وٺي اچي اسان کي اتي ويهاريو ۽ پاڻ وري هليو ويو، ڪافي دير کان پوءِ اچي اسان کان آرڊر ورتئين. هت يورپين هوٽلن وارو تر برابر به ماحول ڪو نه ٿي لڳو. نه وري سروس وارو يا ڪو گراهڪ هوٽل اندر انگريز نظر آيو. هت ماحول ۽ گوڙ به پاڪستاني هوٽلن جهڙو هو. بوبي سڀني کان پڇي پوءِ آرڊر ڏنو. هو لنڊن ۾ سالن کان رهي پيو پر پاڻ ٻڌائين ته آئون به هت پهريون دفعو آيو آهيان. آئون سمجهان ٿو ته سڄي لنڊن ۾ هڪ ئي هنڌ ايترا هندستاني ۽ پاڪستاني گڏ ڪو نه رهندا هوندا، جيترا هت ٿا رهن. توهان کي هت پارٽيشن کان اڳ واري هندستان وارو ماحول ڏسڻ ۾ ايندو. ماني ڏاڍي لذيذ هئي ۽ سڀني کي وڻي، ڇو ته پنهنجي مزاج مطابق ٺهيل هئي. اسان کي هت ڪافي دير ٿي چڪي هئي ۽ سردي به تمام گهڻي هئي، سو جلد اچي ريلوي اسٽيشن تي ريل گاڏي ۾ چڙهي پنهنجي گهر روانا ٿياسين.
اسين رات جو دير سان گهر پهتاسين ۽ اُٿياسين به دير سان. ناشتو ڪري دستور موجب نيٽ تي ڪاوش اخبار پڙهي پوءِ پروگرام ٺاهيوسين ته ٻه ڏينهن لنڊن شهر گهمبو، پوءِ ڪيڏانهن شهر کان ٻاهر گهمڻ هلنداسين. منهنجو وڏو پٽ فيمليءَ سميت ۽ ننڍو پٽ جيڪو اڃا ڪنوارو آهي ڪافي سالن کان لنڊن ۾ رهندا آهن ۽ منهنجو پوٽو ته ڄائو ئي لنڊن ۾ آهي، پر اهي سڀ اُتي گهر ۾ توڙي ٻاهر پاڻ ۾ صرف پنهنجي مادري زبان سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندا آهن. جڏهن ته ڪراچيءَ ۾ رهندڙ مٿئين طبقي وارا پنجاهه سيڪڙو سنڌي ڪٽنب ٻاهر توڙي گهرن ۾ اردو ڳالهائيندا آهن. ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ڪٽنب گهرن ۾ انگريزي ڳالهائيندا آهن. اسان پنهنجي ٻچن کي سنڌي زبان ڳالهائڻ کان محروم ڪرڻ جو ته ڪڏهن سوچيو به ڪونهي. پنهنجي اولاد کي پنهنجي زبان کان محروم ڪرڻ، غلاميءَ کي ذهني طرح قبول ڪرڻ جي برابر آهي. اهڙن ماڻهن لاءِ شاهه سائينءَ هي شعر چيو آهي:
جي تو فارسي سِکيو، ته گولو توء غلام،
اُڃيو ٿو آب گهُري، بُکيو تان طعام،
اِيءُ عامن سندو عام، خاصن منجهان ڪو نه ٿيو.
اسان ٽيوب ۾ چڙهي پهرين ويسٽ فيلڊ انڊر گرائونڊ مارڪيٽ ڏسڻ لاءِ روانا ٿياسين ۽ ٿوري دير ۾ ئي پهچي هن مارڪيٽ ۾ داخل ٿياسين. هيءَ مارڪيٽ سڄي يورپ ۾ وڏي ۾ وڏي زير زمين بازار آهي ۽ ڏاڍي سُهڻي سپر مارڪيٽ آهي. يورپ ۾ سخت سردي، گهڻي برسات ۽ برفباري ٿيڻ ڪري، هاڻ هتي اهڙيون زير زمين مارڪيٽون ٺاهڻ شروع ڪيون ويون آهن ته جيئن موسمي اثرات کان بچندي سيلاني ۽ خريدار ماڻهو سڄو ئي سال اهڙين محفوظ مارڪيٽن ۾ اچي سگهن ۽ سندن واپار تي ڪو اثر نه پوي. هيءَ بازار ويسٽ فيلڊ لنڊن شهر ۾ سڀ کان وڏو شاپنگ سينٽر، شهر جي هيمر اسمٿ اينڊ فُلهام برگ واري وائيٽ سِٽي نالي علائقي ۾، ويسٽ فيلڊ گروپ وارن سرمائيدارن، هڪ ارب سٺ ڪروڙ پائونڊن جي لاڳت سان تعمير ڪرايو. اهو ٽن طرفن کان يعني ويسٽ ڪِراس روٽ اي 3220 شاهراه، ويشٽ وي اي 40 ۽ ودلين اي 219 شاهراهن سان گهيريل آهي. هي شاهي شاپنگ سينٽر 30 آڪٽوبر سن 2008ع تي چالو ٿيو. هن واپاري مرڪز جي جاءِ وقوع وائيٽ سِٽي ڊسٽرڪٽِ ۾ آهي، جتي اڃا تائين ڪيترائي ٻيا ترقياتي منصوبا زير تعمير يا زير منصوبه بندي آهن. هي واپاري مرڪز برائون فيلڊ نالي ماڳ تي اڏيل آهي، جنهن جي ڪجهه ايراضيءَ تي سن 1908ع ۾ منعقد ٿيل فرانس ۽ برطانيه طرفان گڏيل نمائش لاءِ گهربل اڏاوت ڪئي وئي هئي. انهيءَ نمائش وارن بچيل هال هن مرڪز جي تعمير خاطر زمين صاف ڪرڻ دوران ٺاهيا ويا. انهن هالن جي مُهاڙين کي اڇو رنگ لڳايو ويو هو، تنهن ڪري انهي نمائش واري سموري اڏاوت کي وائيٽ سِٽي نالو ڏنو ويو.انهيءَ ايراضيءَ جو گهڻو ڀاڱو ريلوي کاتي جي گدامن جي نذر ٿي ويو هو. هي واپاري مرڪز پنهنجي تمام گهڻي پکيڙ سبب مشهور آهي. اهو ڏيڍ لک چورس ميٽرن جي ايراضي والاريو بيٺو آهي، جيڪا فوٽ بال راند جي تقريباً ٽيهن ميدانن جي برابر ٿيندي. هي شاپنگ سينٽر جڏهن جُڙي راس ٿيو ۽ چالو ڪيو ويو، تڏهن اهو يورپ ۾ سڀني کان وڏو شاپنگ سينٽر ڄاڻايو ويو. هن واپاري مرڪز کي وڌيڪ ويجهيون زير زمين ريلوي اسٽيشنون هيٺيون آهن. 1. وڊلين، 2. وائيٽ سٽِي، 3. شيفرڊس بُش، 4. شيفرڊس بُش مارڪيٽ ريلوي اسٽيشن.
شيفرڊس بُش اوور گرائونڊ ريلوي اسٽيشن به هن مرڪز کي تمام ويجهي آهي. اسان هتي وائيٽ سٽي ٽيوب ۾ آيا هئاسين. هن شاپنگ سينٽر جي تعمير جو منصوبو ڪجهه گهڻ قومي سرمائيدار ڪمپنين جي هڪڙي گروهه جوڙيو ۽ مکيه ڀائيوار برطانيه ۾ آسٽريليا جي سرمائيدار ڪمپني ملٽي پليڪس گروپ هو. پر اهو ٻين منصوبن ۾ نقصان کائڻ سبب هن منصوبي تان هٿ کڻي ويو ۽ انهيءَ ڪمپنيءَ جو حصو آسٽريليا جي ٻئي ڪمپني ”ويسٽ فيلڊ گروپ“ خريد ڪري، پنهنجي تعميراتي گروپ طرفان اڏاوت جو ڪم شروع ڪيو. ”رابرٽ برڊ گروپ“ جي انجنيئرن ڪم هلايو. هن شاپنگ سينٽر جي واپاري نشان جي حامل ڇِت ڏسڻ ۾ بيحد شاندار هئي. اسان هتي ڪافي فوٽو ڪڍيا. مِنيٰ کي ڇت ۾ لڳل لائيٽن جو نماء ڏاڍو وڻيو. هن پروجيڪٽ جو ڊائريڪٽر جان رابرٽس هو. هي عظيم واپاري مرڪز اٺ هزار مزدورن پنج سال لاڳيتو پورهيو ڪري تيار ڪيو، جنهن ۾ ڪل 255 تمام وڏا اسٽور آهن ۽ سمورا ڏاڍا خوبصورت ۽ خصوصي اهميت جا حامل آهن. اسان پهرين هڪ چڪر ۾ سڄي مارڪيٽ سراسري طرح گهمي ڏٺي، پوءِ ڪجهه دڪانن تان ٿوري ٿوري خريداري ڪئي. آئون ۽ مِنيٰ ڪجهه دير لاءِ هت پيل ڪرسين تي ويهي مووي ڪيمرا ڀرڻ لڳاسين ۽ ويٺي ويٺي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا سياح، جن ۾ ڪارا توڙي ڳورا سڀ شامل هئا، انهن کي مختلف لباسن ۾ ڏسندي مزو پئي آيو. نور محمد، سندس گهرواري ڊاڪٽر رابعه ۽ محبوب پڻ گهُمي ڦري واندا ٿي آيا ته هت ئي هڪ هوٽل ۾ گڏجي ماني کاڌيسين. ماني ته ڇا! بس، نهايت ئي هلڪي غذا، ڪنهن برگر کاڌو ته ڪنهن صرف سُوپ پيتو ته ڪنهن وري صرف آئيس ڪريم تي گُذارو ڪيو. بل ڏيئي، اتي ئي ويٺي سڀني پروگرام ٺاهيو ته هاڻ هت لنڊن ۾ تازي ٺهندڙ هڪڙي نئين تفريحي ماڳ، جنهن کي چون ” او ٽو“ گهُمڻ هلون. اهو تفريح گاهه نور محمد، ڊاڪٽر رابعه ۽ محبوب جو ته اڳئي ڪافي ڀيرا ڏٺل هو، پر منيٰ ۽ ائون اهو پريون دفعو گهمڻ پئي وياسين. بقول شيخ اياز:
ماڻهو چنڊ ٽِپي ويو آهي،
تون ته اُتي ئي بيٺو آهين.
سو دنيا ڪٿ وڃي پهتي آهي پر اسين اڃا وطن ڪارڊ ٺِري ۽ گهوٽڪي مان ئي جان آزاد ڪرائي ڪو نه سگهيا آهيون. لڳي ٿو ته علم ۽ واپار کان پري هئڻ ۽ اهڙين ڪيترين ئي خراب علتن ۽ ڪمزورين ڪري اسين آهستي آهستي هيڻا ۽ نيٺ فنا ٿي وينداسين. هر ضلعي ۾ چاليهه پنجاهه سياستدانن، وڏيرن ۽ ڪامورن جي امير ٿيڻ سان سڄي قوم کي امير ۽ عالم چئي نٿو سگهي. شل اسان کي پاڻهي پاڻ تي رحم اچي! انهيءَ لاءِ اسان ڏوهاري وري سڄي دنيا کي ٺاهيو ويٺا آهيون. چي اسان سان وڏو ظلم لڳو پيو آهي. حقيقت ۾ اسين پنهنجي غلطين کي نظرانداز ڪريو ويٺا آهيون. انهيءَ کي چئبو آهي پاڻهي پاڻ سان ڪوڙ ۽ ٺڳي. جيڪي ماڻهو پاڻهي پاڻ سان ڪوڙ ڪندا، تن جو انجام برباديءَ کان سواءِ ٻيو ڪهڙو ٿيندو!
خير سوچيندي ۽ سِرندي اسان پنهنجي نئين منزل يعني ”دِي اوٽو“ پهچي وياسين. هن عجيب تفريح گاهه جي ڪهاڻي ڪجهه هن طرح آهي ته اهو به هڪڙو زبردست تفريحي مرڪز آهي، جيڪو گِرين وِچ اپٻيٽ تي اڏيل آهي. گرين وچ اپٻيٽ لنڊن شهر جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي واقع آهي. هن تفريحگاهه اندر مختلف راندين جو آکاڙو، هڪ ميوزڪ ڪلب، سائين وَرلڊ نالي هڪڙي سئنيما نمائش لاءِ مخصوص هڪ شاهي هال، ڇٽين سان ڍڪيل هڪ چوڪ، ڪيترائي مئي خانا ۽ ريسٽورينٽ قا/م آهن. هي تفريحي مرڪز اصل ۾ ايڪيهئين صديءَ يعني ٽئين هزاريءَ جي شروع ٿيڻ بابت لڳندڙ نمائش لاءِ اڏيل عمارت جنهن کي ”مِلينِيئَم ڊوم“ جو نالو ڏنو ويو هو، تنهن ۾ واڌارو ۽ سڌارو ڪري قائم ڪيو ويو. انهيءَ کي ڪافي نالن جهڙوڪ ملينيئم ڊوم، دي اوٽو ڊوم ۽ دي اوٽو سينٽر به سڏجي ٿو. اوٽو ڪمپني، جيڪا هاڻي ”ٽيلي فونيڪا يورپ“ جي نالي سان موجود آهي، تنهن هن تفريح گاهه جي سڌاري ۽ واڌاري جو ڪم ڪندڙ ۽ هن مرڪز ۾ قائم آکاڙي ۽ ان جي چوڌاري ڪجهه ايراضي ليز تي ورتي آهي، تنهن کان نالي جو حق خريد ڪيو. سن 2005ع ۾ ٽِئين هزاريءَ بابت نمائش لاءِ ٺاهيل گنبذ نما عمارت جي اندر توڙي ٻاهر، نارٿ گِرِين وِچ اسٽيشن، ڪِيُو اي ٽُو آبي دِ ڪي ۽ مکيه دروازي جي چوڌاري ايراضيءَ ۾ نئين سِر سُڌاري ۽ واڌاري لاءِ گهربل ڪم ڪيل آهي. مون آمريڪا، يورپ توڙي ايشيا کنڊ ۾ ڪيتريون ئي وڏيون وڏيون سپر مارڪيٽون ڏٺيون آهن، پر آمريڪا کان پوءِ دُبَئِي ۾ جيڪي سپر مارڪيٽون ٺهيون آهن، انهن جو جواب ڪونهي. انهن مارڪيٽن ۽ Mall کي ڏِسيو، ماڻهو دنگ رهجيو وڃي! خاص ڪري جيڪا دنيا جي سڀ کان وڌيڪ اوچي سپر مارڪيٽ يا مال ”بُرج خليفه“ نالي تعمير ٿي آهي، انهيءَ جو ته سڄي دنيا ۾ وڏو چرچو آهي. پاڻ هاڻ وري اچون ٿا دِي او ٽو جي احوال تي. هن تفريحي مرڪز ڏانهن اچڻ لاءِ نارٿ گرين وچ ٽيوب اسٽيشن تي اچبو، يا جُوبلي لائين ۽ بس روٽ اختيار ڪبا. سينٽرل لنڊن مان ٿيمس نديءَ ۾ ٻيڙين ۽ لانچن ذريعي به دِي اوٽو ڏانهن وڃي سگهجي ٿو. ٿيمس نديءَ ۾ اوٽو لا ايڪسپريس لانچون به هلنديون آهن. نمائش واري اڏاوت کي تفريح گاهه ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ترقياتي تعميري ڪم اي اِي جِي ڪمپنيءَ ڪرايو. اُهو ڪم ”اين وي اِي“، ”ايڇ.او.ڪي“ ۽ ”بروهَيپولڊ“ نالن وارين ڪمپنين سٺ ڪروڙ پائونڊن عيوض ڪري ڏنو. ”مَيرِيڊِيئَن ڊيلٽا“ ڪمپنيءَ، انگريز حڪومت ۽ انگريز ڀائيوارن سان نمائش واري اڏاوت ۽ ان جي چوڌاريءَ موجود ايراضيءَ جو مقاطو 999 سالن لاءِ حاصل ڪرڻ لاءِ هڪڙو سمجهوتو ڪيو. اي.اِي.جي ڪمپنيءَ مَيرِيڊيئَن ڊيلٽا ڪمپنيءَ کان ڊوم سائيٽ 58 سالن لاءِ لِيز تي ورتي ۽ آکاڙو به 58 سالن لاءِ انگريز ڀائيوارن کان ليز تي ورتو. ترقياتي ڪم جي شروعات گنبذ نما اڏاوت اندر عمارت سازيءَ سان ٿي. گنبذ جي اصل اڏاوت ۾ ڪا به تبديلي ڪا نه ڪئي وئي. البت ٿنڀن ۾ بِلُو رنگ جون بتيون نصب ڪيون ويون ۽ مُجسمن کي پِلازما سان سنگاريو ويو. آکاڙي جي ڇت ٺاهي وئي ۽ آکاڙي جي چوڌاريءَ وِندِرَ ۽ وِرُونهَن واسطي گهربل عمارتون اڏيون ويون. اوٽو تفريح گاهه ۽ نارٿ گِرين وِچ ريلوي اسٽيشن جي وچ ۾ هڪ ڪُشادو رستو ٺاهيو ويو. اصل گنبذ واري عمارت اڳيان پينزُولا اسڪوائر پلازا جوڙيو ويو، جتي خاص تقريبن جو اهتمام ٿيندو آهي. اسٽيشن سان مِلندڙ رستي کي شيشي جي ڇت سان ڍڪيو ويو آهي ته جيئن اسٽيشن توڙي تفريح گاهه لاءِ ايندڙ ماڻهو برسات دوران پُسڻ کان بچن. اوٽو ۽ ڪِيُو اِي ٽُو پائير جي وِچَ ۾ رستي کي به ڍڪيو ويو آهي. پر لنڊن جي آسمان ۾ اڄ سج جي روشني لڳي پئي آهي، برسات جو ڪو به امڪان ڪونهي، نه ته يورپ ۾ بُوندون بس نه ڪن وارو لقاء لڳو پيو هوندو آهي، خبر ئي ڪا نه پوندي آهي ته مِينهِن ڪِٿان اچي نڪتو! تنهن ڪري اڪثر طور گهر کان ٻاهر نڪرڻ وقت تقريباً هر ماڻهوءَ جي هٿ ۾ هڪڙي ننڍي ڇٽي ضرور هوندي آهي.
اينشِٽز ڪمپنيءَ دِي او ٽُو جي ايراضيءَ اندر هڪ سُپر ڪَيسِينو ٺاهڻ جو منصوبو جوڙيو، جنهن تحت تعمير بعد اهو ڪرزِنَر انٽرنيشنل ڪمپنيءَ طرفان هلايو وڃڻو هو، پر اهو منصوبو اوچتو هڪ ڦڏي جي نذر ٿي ويو ۽ ڪجهه وقت لاءِ انهيءَ جي تعمير رُڪجي وئي. نيٺ انهيءَ جي تعمير واسطي انهيءَ جو لائيسنس مانچيسٽر ڪمپنيءَ کي مِليو، ته اي اِي جِي ڪمپنيءَ اعتراض ڪيو ۽ اُهو اُتي ئي رهجي ويو. دِي او ٽُو تفريح گاهه آخرڪار ٽئين ترقياتي تعمير بعد 24 جون سن 2007ع تي بون جو وِي گروپ طرفان پيش ڪَيلَ راڳ رنگ واري پُر وقار تقريب وسيلي عوام لاءِ کوليو ويو. اُنهيءَ کان اڳ اهو تفريح گاهه پنهنجي چوڌاري رهندڙ ماڻهن کي غير رسمي طور گهمايو ويو، جنهن دوران پنهنجي عملي لاءِ دِي او ٽُو پرسمِيئَر نالي هڪ تقريب به منعقد ٿي هئي. هتي فلم ڏسڻ لاءِ اسان ٽڪيٽ ورتا، پر شو چالو ٿيڻ ۾ اڃا ڪجهه دير هئي، تنهنڪري انهيءَ دوران اصل گنبذ اندر ”اوٽو ايرينا“ نالي آکاڙو ۽ وِندِرَ وِرُونهن لاءِ ٺهيل اَوينِيُو ڏسڻ وياسين، جنهن ۾ مختلف بارون، ڪلب ۽ ريسٽورينٽ ٺهيل آهن. گنبذ اندر هڪ وِي آءِ پِي ڪلب لائونج، هڪ آپريشن روم، هڪ ميڊيا سينٽر ۽ ڪيترائي ڊريسنگ روم، موجود آهن. هن تفريح گاهه ۾ جديد قسم جي روشنيءَ، آواز ۽ سِيڪورٽيءَ جو عاليشان سرشتو قائم آهي. تفريح گاهه ۾ داخل ٿيڻ واري مکيه دروازي وٽ سياحن ۽ سندن سامان جي چڪاس جديد ايڪس ري مشين ۽ ڊِٽيڪِٽر مشينن وسيلي ڪئي وڃي ٿي. اسان جي به اُت چڪاس ڪري پوءِ اندر وڃڻ ڏِنئُون. هتي مُختلف راندين لاءِ او ٽُو ارينا نالي ٺهيل آکاڙي ۾ ويهه هزار تماشِبينن جي ويهڻ جي گُنجائش آهي. اڳي هتي راڳ جون محفلون رچائيندا هئا. هي آکاڙو تفريح گاهه کي پوري وِچ تي لنڊن شهر ۾ آمريڪي طرز تعمير موجب ٺهيل ۽ مانچيسٽر آرينا کان پوءِ يورپ ۾ سڀ کان وڏو ۽ گهڻ مقصدي ارينا آهي، جتي سڄي دنيا جي آکاڙن جي ڀيٽ ۾ سدائين رشِ تمام گهڻي هوندي آهي. هن آکاڙي جي ڀر ۾ ”اِن ڊِگ“ نالي ميوزڪ ڪلب ٺهيل آهي. سئينما انهيءَ کان اڃا اڳتي ٺهيل آهي. ميوزڪ ڪلب ۾ چار بارون قائم آهن. جن مان ٻه گرائونڊ فلور تي، هڪ وِي آءِ پي پر پيل لائونج ۾ ۽ هڪ اُتي قائم اسٽالن جي وچ ۾ ”بيچلرس بار“ نالي موجود آهي. پرپِل لائونج ۾ وي آءِ پي مهمانن جي خصوصي خدمت ٿئي ٿي. کين ”ڪِنگس رو“ نالي بهترين فرنيچر سان آراسته هال ۾ ميوزڪ ڪلب ۾ هلندڙ رنگين پروگرام ڏيکاريا ويندا آهن. ڪِنگِس رو هال جي مٿان ٽاپ فلور تي هڪ اهڙو به سرڪِل ٺهيل آهي، جتي اِن ڊگ او ٽُو جي سمورن منظرن کي ڏسڻ ۾ ڪا به رُڪاوٽ حائل ڪانهيءَ نَڪا جهَلَ نه پَلَ، سڀڪو پسي پرينءَ کي! هي ڪِلَب ”اينسِڪو ميوزڪ ڪِلَب لِميٽيڊ“ نالي ۾ اي اِي جِي ڪمپنيءَ جي حصي طور مينيجمينٽ ۾ مشغول آهي.
هن تفريح گاهه ۾ مختلف نمائشي ۽ ثقافتي تقريبن جي انعقاد واسطي، ڦوڪڻي جي شڪل سان مشابهه ٻه طبق اوچي ۽ سُهڻي عمارت جو نالو ”دِي او ٽُو ببُل“ آهي، اُها ايڊن پروجيڪٽ ۾ ڪم آندل مٽيريئل مان ئي انهيءَ پروجيڪٽ واري ڀيڻيءَ تي ئي اڏيل آهي. تعمير کان پوءِ اُها عوام جي گهمڻ لاءِ نومبر سن 2007ع ۾ کولي وئي هئي. مَنجهس پهرين نمائش ”توڪَنِ خامِنِ اينڊ دِي گولڊن ايج آف دِي فرائوهِز“ نالي سان منعقد ٿي. پوءِ اُتي ”باڊي ورلڊس“ نالي نِمائش لڳي. آڪٽوبر سن 2009ع ۾ هتي مائيڪل جيڪسن جي ذاتي استعمال جي شين، سندس ٽوئرن، راڳ جي محفلن جي سي ڊي ۽ فلمن جي ذخيري جي نمائش لڳائي وئي هئي.
هتي جي آکاڙي واري گول عمارت جي چوڌاريءَ اينٽرٽينمينٽ اوينيو شاپنگ سينٽر وانگر اڏيل آهي. اهو ريسٽورينٽ ۽ بارون هلائيندڙ واپارين کي لِيز تي ڏنو ويو آهي. تفريح گاهه جون مختلف عمارتون جهڙوڪ: دِي اوٽو بَبُل، سائين ورلڊ سئينما ۽ اِن ڊِگ او ٽُو ميوزڪ ڪلب هن اوينيو جي حد ۾ شامل آهن. منجهس 25 بارون ۽ ريسٽورينٽ به موجود آهن. هن تفريح گاهه جي ڇت تان سڄي شهر جو چوڌاريءَ نهايت دلڪش نظارو ڏسي لطف اندوز ٿيڻ واسطي مٿي چڙهڻ لاءِ عمارت جي هڪ پاسي کان ڪپڙي جهڙي پر سخت مادي مان ٺهيل رستو بيحد خوبصورت نموني تعمير ڪيو ويو آهي. ڇِت تان لهڻ لاءِ عمارت جي ٻئي پاسي کان ساڳئي قسم جو رستو ٺهيل آهي. چڙهڻ ۽ لهڻ وارن ٻنهي رستن جي ڪُل ڊيگهه هڪ سئو نوي ميٽر آهي. اهو رستو رسمي طور 21 جون سن 2012ع ۾ چالو ڪيو ويو. هن تفريح گاهه ۾ هڪ وڌيڪ ميوزڪ ۽ نائيٽ ڪلب ”پِرائوڊ ٽُو“ نالي سان موجود آهي. هتي فلم شروع ٿيڻ ۾ اڃا به ڪجهه دير هئي، سو اسان هڪ ٿائي هوٽل ۾ وڃي ٿائي قسم جي ماني کاڌي. هوٽل اندر داخل ٿيڻ شرط محسوس ٿيو ته جهڙوڪر اسين بينڪاڪ ۾ ڪنهن هوٽل ۾ ويٺا آهيون، ڇو ته اتي سمورو اسٽاف ۽ سندن لباس، ڀِتِين تي ٽنگيل تصويرون، فرينچر توڙي ڪِراڪري، مطلب ته هوٽل منجهه گراهڪن کان سواءِ هر شئي ٿائي هئي. ماني کائڻ کان پوءِ به ڪافي وقت هن تفريح گاهه ۾ گهمي ڦري نيٺ فلم ڏسڻ لاءِ هتي واري سئنيما ڀيڙا اچي ٿياسين. انهيءَ سائين ورلڊ نالي سئنيما ۾ يارهن اِسڪرين لڳل آهن، تِن مان هڪڙو اسڪاءِ سُپر اسڪرين ست سئو ستر سيٽن واري آڊيٽوريئم ۾ لڳل آهي، سو لنڊن شهر ۾ ٽيونمبر وڏو ۽ برطانيه ۾ ڇهون نمبر وڏو پردو آهي. هن سئنيما جو انتظام سائين ورلڊ ڪمپنيءَ جي حوالي آهي. هتي فلم ڏسڻ لاءِ ٽڪيٽ هتان جي سڀني اسٽالن تان ملن ٿا. هتي عمومن ۽ اڪثر ڪري ٽڪيٽ ملي ويندي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن مشهور فلم جي پهرئين ڏينهن تي اها نه به ملندي آهي.