باب ٻيون : زراعت
[/b] سنڌ اقتصادي طور تي هڪ زرعي ملڪ آهي. سنڌو درياءَ جي ڪري هتان جي زمين هر دور ۾ زرخيز رهي آهي. درياءَ جي لٽاسي مٽي جي ڪري هتي ڀلا فصل ٿيندا هئا. پراڻي زماني کان هتي پوک ڪئي ويندي هئي. دراوڙ قابل ۽ هوشيار ڪڙمي هئا، هو زمين کي پاڻي ڏيڻ لاءِ بند ٻڌندا هئا ۽ لاباري لهڻ کان پوءِ جڏهن ان جا انبار لڳندا هئا، تڏهن خوشي ڪندا هئا، راڳ ڳائيندا هئا، سوم رسد پي نچندا هئا.
موهن جي دڙي واري زماني جا ماڻهو ٻني آباد ڪندا هئا، ان زماني ۾ ڪڻڪ ۽ جون کان سواءِ ساريون ۽ دالين جا فصل پوکيا ويندا هئا ۽ انهن سان گڏ ڀاڄيون به چڱي انداز ۾ پوکيون وينديون هيون. ويدڪ زماني ۾ يعني آريرن جي دور ۾ سنڌ زراعت ۾ وڏي ترقي ڪئي، آريا جو ڌاتو آر معنى هر ڏيڻ آهي. هن زماني ۾ زمين کي هر ڏنو ويندو هو. وڏن جهنگلن کي ڪٽي اٺاس ۽ سورهاس ٽڪرا ٺاهيا ويندا هئا. جن کي کيت سڏبو هو. هر ڪنهن جي ٻني ڌار هئي ۽ شاهوڪار اهو ليکبو هو، جنهن کي پنهنجي ٻني هوندي هئي. زمين درياءَ جي ڀر واري ڪئي ويندي هئي کوهن جو رواج هو، کوهه ڪوپ مان نڪتل اهي اوٽ معنى اڏ، اهو لفظ به ويدڪ زماني ۾ ڪم ايندو هو. زمين کي پاڻي پهچائڻ لاءِ ڳوٺاڻا گڏجي واهيون کوٽيندا هئا. ان زماني ۾ ست ان پوکبا هئا. داتر معنى ڏاٽو، ڏاٽي سان لابارو ڪندا هئا. ڳاهه ڳاهي ان ڀاڄ ۾ ڇاڻيندا هئا. زمينن کي مال جو ڀاڻ ڏيندا هئا. سڪندر جي آمد وقت سنڌ ۾ سال ۾ ٻه فصل ٿيندا هئا، ان زماني ۾ ڪٽنب جا سمورا ڀاتي گڏجي هارپو ڪندا هئا، اهي فقط سال لاءِ پاڻ وٽ ان رکندا هئا، باقي ناس ڪري ڇڏيندا هئا، سندس چوڻ هو ته گھڻي ان رکڻ ڪري ماڻهو سست ٿيو پوي.
برهمڻن جي دور ۾ سنڌ زرخيز هئي، ملڪ جي آمدني جو خاص ۽ اهم جزو زراعت هو. زمين جي پيداوار جو ڇهون حصو ڍل طور سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائبو هو. هن زماني ۾ هارين کي زمين آباد ڪرڻ لاءِ سرڪاري ڀتو ملندو هو، زمينون هڪ هزار ايڪڙ تي ڦهليل هيون جن کي کيڙڻ لاءِ پنج سئو هر استعمال ٿيندا هئا. هر وزندار هوندا هئا، جن کي 24 ڍڳا ڪاهيندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن هر ڪاهڻ لاءِ گهوڙن کي به ڪم آندو ويندو هو. ڏڪر کي منهن ڏيڻ لاءِ جارا جاين وٽ اناج جا گدام هئا.
711 ع ۾ جڏهن عرب سنڌ ۾ آيا، تڏهن هندستان جي ڌرتي کي سائو ڏٺو، هنن سنڌ کي پنهنجو وطن بڻايو، محمد بن قاسم مختلف شهرن ۾ عربن جو ن آباديون قائم ڪيون، خليفي سليمان اموي حڪم ڪيو ته عرب سنڌ ۾ رهي کيتي ڪن، هر ڪاهين ۽ سکيا ستابا رهن. ان ڪري عربن سنڌ جي زراعت ۾ دلچسپي ورتي، اهو ئي سبب آهي جو اسان جا ڪيترائي زرعي لفظ ۽ محاورا عربي ٻولي سان مطابقت رکن ٿا، جي فصل عرب مان آيا يا عربن هت آندا ڪي زرعي جنسون هتان عربستان ويون، فاري ۽ مجيري جا بنيادي لفظ عربي مان آيا، آئٽ لاءِ عربي ۾ ناعوره آهي، جتان نار نڪتو ۽ اتان ناري ٿيو، جيڪو اڄ هاري ناري سڏجي ٿو، مجيدي عربي لفظ بجير مان نڪتل آهي، جنهن جي معنى محافظ يا سنڀال ڪندڙ آهي. عراق جي آباد زمين وانگر سنڌ جي زمين جي ماپ ٿي ۽ جريب جو آڳاٽو عربي لفظ سنڌ ۾ آهي، خليفي معتصم بالله جي ڏينهن ۾ سنڌ جي گورنر موسى بن عمران زراعت کي ترقي ڏيارڻ لاءِ هڪ بئراج يا بند ٻڌايو، جنهن کي سڪر الميد چئجي ٿو. واهن جي ڪنارن تي دڪا ٻڌا ويا، ته جيئن ماڻهو اچي وڃي سگهن، جن کي ورضهه يعني ڪچي پل سڏيو ويو. جيڪو سنڌي ۾ ڦر ٿيو. اهڙي طرح ان ماڻ جو نالو ڪاسو، عربي ٿانءُ ڪاسد مان نڪتل آهي، چوٿائي عربي لفظ ربع مان آهي ۽ خرار لفظ عربي جي ذريعي ڏنل فارسي ماڻ جو نالو آهي.
پاڻي جي جانڊهن کان سنڌي اڻ واقف هئا، عربن بلوچستان ۽ سنڌ ۾ ان جو رواج وڌو جنهن ڪري آبپاشي اڳي کان ترقي ڪئي، عرب جانڊهن کي رحاالبطريق چوندا هئا، پاڻي جي جانڊاهن جا موجد يوناني هئا، جن پهريائين بغداد جي نهر صراط تي جانڊهه هنئي، پوءِ عربن جي معرفت سنڌ ۾ پهتي، سنڌ جا هاڻوڪا هرلا ۽ نار ايران جو نمونو آهن. عربن سنڌ ۾ نون زرعي جنسن کي به آندو، هن سنڌ ۾ مڪئي جو رواج وڌو، جنهن جو اصل وطن آمريڪا آهي، جتان يورپ وارن جي معرفت ايشيائي ملڪن ۾ پهتي، ماهه جي دال جو اصل وطن يمن هو، عربن جي معرفت ماڻهن کان نه رڳو سنڌ بلڪ ايشيا جا ٻيا ملڪ به واقف ٿيا. مينديءَ جو وطن عربستان آهي، جتان عرب جي وسيلي نه صرف سنڌ پر ساري دنيا ۾ پهتي، پالڪ جو اصل وطن عربستان آهي ۽ سنڌ ۾ ان کي عربن آندو. ياقوت جموي جو چوڻ آهي ته ” عربن مختلف موسمن ۾ ٻجن پوکڻ متعلق وڏي معلومات ڏني. هنن سنڌ ۾ غير ملڪي ڀاڄين جو رواج وڌو. واڱڻ جو اصل وطن ايران هو، جتان عربن سنڌ ۾ آندو ۽ پوءِ هندستان ۾ پکڙيو، ڀينڊيون مصر ۾ پوکبيون هيون، جتان عربن سنڌ ۾ آنديون، خسخس جو رواج عربن جي معرفت سنڌ ۾ پيو، جنهن ڪري هت آفيم جي پوک ٿيڻ لڳي. نيلوفر جا گل، عرب واپارين خراسان مان سنڌ ۾ آندا، يمن جي هڪڙي پوري دور سنڌ جي عربن سنڌ ۾ پوک ڪرائي، جنهن کي ڪر ڪم سڏبو هو، جنهن مان پيلو رنگ لهندو هو. عربن سنڌ جي زرعي جنسن کي عرب ۾ متعارف ڪرايو، هارون الرشيد جي زماني ۾ سنڌ جي ڪپهه کي عراق ۾ وڏي پئماني تي پوکيو ويو، نير، ڪمند، چانور، لاک، کوئنر سنڌ مان عرب پهتا. بابل مشرقي عربستان ۽ عراق ۾ سنڌي چانور پوکجڻ لڳا. سنڌ جي ڪمند کي عربن ايراني نار، شام، مصر ۽ اردن پهچايو، مصر ۾ چانورن کي روسن چوندا هئا. مصر کان ساريون، صقليه (سلي) انڊس پهتيون، عرب هتان نير شام کڻي ايندا هئا، جتان وينس جا جهاز ران يورپ جي ملڪن ۾ سنڌي نير جو نيڪال ڪندا هئا، عربن ئي سنڌ جي سڻي کي عربستان پهچايو جنهن کي ڪتاب الهند چوندا هئا. گدامڙي جو وڻ به سنڌ مان بصر پهتو، ڀنگ جو فصل سنڌ مان مصر پهتو، بڙ جو وڻ سنڌ مان يمن ۾ ويو، پان جي پوک عربن ذريعي عمان ۾ ٿيڻ لڳي. يمن وارا پان جي پتن کي تازي رکڻ لاءِ ماکي ۾ پسائي رکندا هئا. عرب پان کي تنبول سڏيندا هئا، کين معلم ٿيو ته پان چٻاڙڻ سان اعصاب ڪمزور ٿين ٿا، ان ڪري ان جو رواج گهٽجي ويو، پر حجاز وارا شوق سان کائيندا هئا. ٻاهرين ملڪن ۾ پان دوا لاءِ ڪم ايندو هو، سومرن سنڌ جي زراعت کي زور وٺرايو، سومرن حڪمرانن واهه ۾ ڪڙيا کڻايا ۽ آبادي کي وڌايو ۽ سنڌو درياءَ جي هاڪڙي ۽ پراڻ وارن وهڪرن جو پاڻي زمينن کي آباد ڪرڻ لڳو، نوابشاهه، سانگهڙ، ۽ ٿرپارڪر ضلعن جي ايراضي ۾ فصل ڀلا ٿيندا هئا، ماڻهو سکيا ستابا هئا.
مغلن ۽ ڪلهوڙن جي زماني ۾ زمينون ٻن قسمن جون هيون، پهريون سيلاني جن تي چانور، جوئر ۽ ٻاجهري جي پوک ٿيندي هئي، ٻيو بوسي هئي، جنهن ۾ ڪڻڪ ۽ جوئر پوکي ويندي هئي، ڪپهه، نير، ڪمند ۽ تماڪ جي پوک به ضرورت آهر ٿيندي هئي. مغلن جي زماني ۾ هتي اَن ٿيندو هو، جو دهلي جي درٻار ڍل ۽ ڏن سان صورت ۾ کي زور وٺرايو ۽ ان زماني ۾ هتي زرعي جنسن کي ڪثرت هئي . پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به سنڌ جي زراعت پنهنجي حيثيت قائم رکي، اڄ به اسان جي قومي معيشت جو دارومدار زراعت تي آهي. صوبائي آمدني جيڪا 49- 1948 ع ۾ زراعت جو 32 سيڪڙو هئي اها 75-1974 ع ۾ وڌي 38 سيڪڙو ٿي. زراعت مان نه صرف کاڌ خوارڪ جو ضرورتون پوريون ٿين ٿيون، پر ڪيترن ئي صنعتن جو ڪچو مال به زراعت مان ملي ٿو. سنڌ ۾ 72- 1971ع انگن اکرن موجب ڪل زمين 3 ڪروڙ، 48 لک 48 هزار ايڪڙ آهي، جنهن مان 41 لک 63 هزار ايڪڙن ۾ جهنگ آهي. هڪ ڪروڙ 11 لک 73 هزار ايڪڙ زمين آبادي لائق نه آهي ۽ 45 لک 5 هزار ايڪڙ زمين بيڪار آهي. اهڙي طرح 14 هزار ايڪڙ زمين حال ۾ ڇڏيل ايراضي آهي، باقي 74 لک 35 هزار ايڪڙ زمين آباد ڪئي وڃي ٿي. 71 لک ستر هزار ايڪڙن تي هڪ کان وڌيڪ دفعا آبادي ڪئي وڃي ٿي. اهڙي طرح ساري زمين 92 لک 5 هزار ايڪڙ آبادي هيٺ آهي. سنڌ ۾ 71- 1970 ۾ 47 لک ايڪڙ، 72 – 1971 ع ۾ 59 لک ايڪڙ ۽ 73 – 1972 ع ۾ 71 لک ايڪڙ زمين آباد هيٺ آئي. 05 – 2004 جي انگن مطابق سنڌ جي ڪل زمين 14091 هيڪٽرس جهنگ آهي. جنهن مان 6،161 هيڪٽرز آبادي لائق نه آهي ۽ 1346 هڪٽرس بيڪار آهي. اهڙي طرح 3294 هيڪٽرز زمين آبادي جي لائق آهي. جنهن مان 2451 هيڪٽرز زمين آباد ڪئي وڃي ٿي. جنهن مان 843 هيڪٽرز هڪ کان وڌيڪ دفعا آباد ڪئي پئي وڃي. (Sindh Statical Year Book 2005, 1 Hector = 2.471 acers)
سنڌ ۾ هڪ سال ۾ 12 فصل ٿين ٿا. هتي خاص فصلن جو ذڪر ڪجي ٿو ۽ انهن جو تاريخي پسمنظر به بيان ڪجي ٿو.
[b]1- ڪڻڪ :
[/b] ڪڻڪ سنڌ جو خاص اناج آهي ۽ هتان جي مکيه پيداوار آهي. سنڌ جي آبهوا ڪڻڪ لاءِ موزون آهي، ان ڪري سڀني فصلن کان وڌيڪ پوکي وڃي ٿي. ڪڻڪ جو فصل سرءُ ۾ پوکجي ٿو ۽ اونهاري ۾ پچي تيار ٿئي ٿو. سندس ٻوٽو ٽن کان چئن فوٽن تائين اوچو ٿئي ٿو، پتا سنها ۽ ڪانو لچڪدار ٿئيس، هڪڙي ٻوٽي ۾ گهڻيون ئي شاخون نڪرنس، شاخن جي مٿئين ڇيڙي وٽ ڪڻڪ جا سنگ نڪرن، جن ۾ داڻا پچڻ وقت سڄو ٻوٽو سڪي سونهري رنگ جو ٿيو پوي. ڪڻڪ جي فصل کي سالياني 15 انچن کان 14 انچن تائين برسات جي ضرورت آهي. ڪڻڪ جي في ايڪڙ پيداوار جو مدار آبهوا جي موزونيت ۽ کيتي جي طريقن تي آهي. ڪڻڪ مکيه کاڌو آهي، جنهن ۾ لمحيات وڌيڪ آهي. سنڌ ۾ ڪڻڪ جي پوک قديم زماني کان پوکي وڃي ٿي . هڪ روسي عالم ويليسوف لکي ٿو ته ” دنيا ۾ ڪڻڪ جي پوک جي شروعات سنڌ ۾ ٿي، پراڻي سنڌي ۾ ڪڻڪ کي ڪيڪيه چوندا هئا.“ موئن جي دڙي واري زماني ۾ ماڻهن جي خاص خوراڪ ڪڻڪ هئي. مسٽر انگرکي لکي ٿو ” سنڌ ۾ پيدا ٿيل ڪڻڪ جي تاريخ تمام پراڻي آهي. جنهن جا نشان موهن جي دڙي مان به مليا آهن. واڍڪ دور ۾ ڪڻڪ جنهن انداز ۾ پوکي ويندي هئي، ان زماني ۾ ڍڳن ۽گهوڙن سان هر ڪاهڻ ۽ ڏاٽي سان لابارو ڪرڻ جو رواج هو. درياءَ جي ڀر واري زمين زرخيز هئي، ان ڪري ڪڻڪ جا انبار ٿيندا هئا. چين ۾ ڪڻڪ جي پوک سنڌ کان گهڻو عرصو پوءِ 2 هزار 7 سئو ورهيه ق – م ۾ ٿي.“
سلاطين دهلي جي ڏينهن ۾ هتي ڪڻڪ تمام گهڻي ٿيندي هئي ۽ ڪڻڪ جو في مڻ فقط ٻه آنا هو. ڪلهوڙن ۽ مغلن جي دور ۾ هتي ڪڻڪ عام پوکي ويندي هئي. پوسٽنس لکي ٿو ته ” سنڌ ۾ ڪڻڪ جو بهترين فصل ٿئي ٿو ۽ جتي جتي ڪڻڪ پوکي ويندي هئي، اتي ملڪ ميلن جا ميل اناج جي حسين ڳهن سان سينگاريل هوندو هو. ان وقت ڪڻڪ جو مڻ 12 دام هو، انگريزن جي صاحبي ۾ بئراج جي واهن کان پوءِ 32- 1931ع ۾ڪڻڪ 449117 ايڪڙن تي پوکي ويندي هئي، جيڪا 35- 1934ع ۾ وڌي ٻيڻي ٿي ۽ اٽڪل 1074400 ايڪڙن تي پهتي. اهڙي طرح هتان جي ڪڻڪ انگريزن جي ساري شهنشاهيت جو پورائو ڪرڻ لڳي.
پاڪستان قائم ٿيئڻ کان پوءِ ڪڻڪ جي پيداوار تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو. 52 – 1951ع ۾ سنڌ ۾ ٽي لک 35 هزار ٽن ڪڻڪ ٿي، ٽين پنج سالي رٿا 70 – 1968ع ۾ ڪڻڪ ۾ سٺو واڌارو آيو، 66 – 1965ع ۾ ڪڻڪ 540 ٽن ٿي، جيڪا 70 – 1969 ۾ وڌي ٻيڻي يعني 1120 ٽن ٿي، چوٿين پنج سال رٿا 75 – 1970 ۾ 45 سيڪڙو واڌارو ٿيو. 71 – 1970 ع ۾ 20 لک 49 هزار ايڪڙن تي ڪڻڪ پوکي وئي. جنهن يارنهن لک ٽن پيداوار ڏني. 73 – 1972 ع ۾ 19 لک 15 هزار ايڪڙن مان 10 لک 27 هزار 4 سئو ٽن ڪڻڪ ملي. 75- 1974ع ۾ 18 لک 87 هزار هڪ سئو ايڪڙن مان 10 لک 27 هزار 4 سئو ٽن ڪڻڪ ملي. 79 – 1978 ع ۾ ساري پاڪستان ۾ ڏيڍ ڪروڙ ايڪڙن تي ڪڻڪ پوکي ويئي. جنهن مان صرف سنڌ ۾ ڪڻڪ 19 لک 49 هزار 430 ٽن پيدا ٿي. تازي انگن اکرن مطابق سال 2000 ع ۾ 810.7 هيڪٽرن تي ڪڻڪ پوکي ويئي جنهن کان 2226.5 ٽن ڪڻڪ پيدا ٿي. ان کان علاوه سال 2001ع ۾ 875.2 هيڪٽرن ۾ پوکي ۽ 21010 ٽن پيداوار، 2002ع ۾ 8617 هيڪٽرن ۾ پوکي ۽ 21092 ٽن ۾ پيداوار، 2003 ۾ 787.2 هيڪٽرن ۾ پوکي ۽ 2172.2 ٽنن ۾ پيداوار، 2004 ع ۾ 887.4 هيڪٽرن ۾ پوکي ۽ 2508.6 ٽنن ۾ پيداوار ۽ سال 2005 ۾ 933.4 هيڪٽرن ۾ پوکي ۽ 27503 ٽن ۾ پيداوار ٿي.
(Pakistan Agriculture Statics. 2005 – 06 federal buro of statistics Islambad ( حوالو؛
هن وقت سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي فصل ۽ پيداوار کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. سنڌ ۾ سفارش ڪيل ڪڻڪ جون جنسون مهراڻ 89، سرسبز سوغات ۽ پون آهن. ان کان سواءِ ٽنڊوڄام 83، سنڌ 81 ۽ زيڊ به آهن.
[b]2 – چانور
[/b] چانور سنڌ جو مکيه فصل آهي. جيڪو اونهاري ۾ پوکبو آهي. هن لاءِ پاڻي گهڻو ۽ مٽي چيڪي گهرجي. ٻوٽي جو رنگ ميرانجهڙو پيلو ۽ پن وڏا ۽ ڳوڙها ۽ ڊگهيرا ۽ سنها ٿين ٿا. هن ٻوٽي کي گرم ۽ گهميل هوا جي ضرورت آهي، گرمي جو درجو 70 ۽ 80 سينٽي گريڊ هئڻ کپي . بارشن جو انداز 40 کان 60 انچ هجي. هي ٻوٽو سرءُ جي موسم ۾ لڻبو آهي. سنڌ جيئن ته هڪ گرم ملڪ آهي ۽ سنڌو درياءَ جي ڪري پاڻي به جام آهي، آبڪلاڻي جي مند ۾ گهم هئڻ ڪري هتي چانورن جي پوک ڀلي ٿئي ٿي. ان ڪري سنڌ وچ ۽ ڏاکڻ ايشيا ۾ چانورن جي پوک ڀلي ٿئي ٿي. ان ڪري سنڌ وچ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾چانورن جي اپت وارو صوبو آهي ۽ سنڌي چينائين، برمين ۽ بنگالين وانگر چانور خور آهن. سنڌ جي سري ۾ اڇا چانور اتان جي ماڻهن جي مرغوب غذا آهي. سري وٺي لاڙ تائين مهراڻ جو ساڄو ڪپ ۽ لاڙ جتي سامونڊي هوائن ڪري گهم رهي ٿي، نيل جي ڊيلٽا وانگر چانورن جي پيداوار جا سٺا هنڌ آهن. سنڌ ۾ چانور پراڻي زماني کان پوکيا ويندا هئا. ويدڪ جي دور ۾ چانور هتان جي خاص پيداوار هئي. برهمڻن جي دور ۾ چانور هتان جو عام کاڌو هو. جڏهن عربن سنڌ فتح ڪئي تڏهن هتان جا چانور عراق پهتا. بابل ۽ مشرقي عربستان ۾ عربن جي معرفت ئي چانورن جي پوک ٿي. مصر ۾ سنڌي چانور اروسڌ سڏجڻ لڳا، مصر کان پوءِ سنڌي ساريون سسلي ۽ انڊلس پهتيون، ان زماني ۾سنڌ ۾ چانور کي اعلى نموني رڌو ويندوهو. ان بطوطا اهڙن لذيذ چانورن کي ڏاڍو ساراهيو آهي. سومرن جي درو ۾ لاڙ ۾ ڀليون ساريون ٿينديون هيون. مغلن ۽ ڪلهوڙن جي زماني ۾ چانڊڪا ۽ لاڙ جا پرڳڻا چانورن جي اپت کان مشهور هئا، انهن ڏينهن ۾ چانورن جو مڻ 5 ميتل ۾ ملندو هو. انگريزن جي دور ۾ سنڌ چانورن جي اپت کان مشهور هئي، پوسٽم لکي ٿو ته ” لاڙ ۾ ماڻهن جو خاص کاڌو چانور آهي ۽ ايتري انداز ۾ ٿين ٿا جو ان مان مالڪاڻي بچت ٿئي ٿي. سنڌ ۾ چانورن جا ڪيترائي قسم آهن جهڙوڪ : سڳداسي، باسمتي، ايري، ڪانگڙو وغيره، پاڪستان قائم ٿيئڻ کان پوءِ چانورن جي پيداوار ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو. 52 – 1951ع ۾ سنڌ ۾ چانورن جي پيداوار 520000 لک ٽن ٿي. 71 – 1970 ۾ سنڌ ۾ چانورن جي پوک 16 لک 59 هزار ايڪڙن تي ڪئي وئي، جنهن جي پيداوار 11 لک 4 هزار ٽن ٿي. 73 – 1972ع ۾ 17 لک 35 هزار ايڪڙن تي چانورن جي پوک ڪئي وئي، جنهن مان 12 لک 3 هزار ٽن چانور پيدا ٿيا. 74 – 1973 ع ۾ 17 لک 45 هزار ايڪڙن تي چانورن جي پوک ڪئي وئي، جنهن مان 12 لک 3 هزار ٽن چانور پيدا ٿيا. 75 – 1974 ع ۾ 16 لک 98 هزار 5 سئو ايڪڙن تي آبادي ڪئي وئي، جنهن مان 10 لک 32 هزار 4 سئو ٽن پيداوار ٿي. 74 – 1973 ع ۾ پاڪستان سڀ کان وڌيڪ چانور سنڌ ۾ ٿيا. جنهن جو مجموعي تناسب 549 آهي، سنڌ ۾ چانور سڀ کان وڌيڪ پيدا ٿين ٿا، ان ڪري پاڪستان حڪومت انهن مان وڌيڪ زرمبادو ڪمائي ٿي. 1973 ع ۾ اٽڪل 2119 ڊالرن جو زرمباد ڪمايو. 1974 ع ۾ پاڪستان 23557 ڪروڙ روپين جا چانور ٻاهر موڪليا. 1975ع ۾ روانگي جي مال ۾ چانورن جو تناسب 2243 سيڪڙو هو. هن وقت سنڌ ۾ سفارش ڪيل چانورن جون جنسون پي آر 83، ڊي آر 82، ايري 6، سدا حيات ۽ لطيفي آهن. جيڪي وڌيڪ پيداوار به ڏين ٿيون ۽ سوادي به آهن. هن وقت سنڌ ۾ 16 لک ٽڻ چانور پيدا ٿين ٿا. جنهن ۾ 90 سيڪڙو ايري، باقي ڏهه سيڪڙو ٻيون جنسون آهن.ملڪ اندر سارين جي پيداوار ۾ سنڌ 50 سيڪڙو فصل اپائي ٿي. هلندڙ سال دوران ايري 9 جنسن وارا چانور جيڪي سنڌ اندر ئي پوکيا وڃن ٿا. اهي 13 لک ٽن ايڪسپورٽ ڪيا ويا. جڏهن ته خوشبوءَ وارا باسمتي سپر ڪرنل ۽ ڊي 98 باسمتي واريون جنسون 6 لک کان 7 لک ٽن ڪرو ٿيون آهن. جڏهن ته 1996 ع دوران ايڪسپورٽ مان 04.07 ملين ڊالر، 1997ع ۾ 5068.68 ملين ڊالر، 1998 ع ۾ 533.57 ملين ڊالر، 1999ع ۾ 279.43 ملين ڊالر، 2000ع ۾ 525.55، 2001ع ۾ 448.23 ملين ڊالر، 2003ع ۾ 510 ملين ڊالر، 2004 ع ۾ 9232 ملين ڊالر، 2005 ع ۾ 1157.82 ملين ڊالر جا چانور ايڪسپورٽ ڪري ملڪي ناڻو ڪمايو. 2006ع ۾ پڻ 2005ع جيترو چانور ايڪسپورٽ ڪري ناڻو ڪمايو. جڏهن ته 2003 ع ۾ 551246 هيڪٽر ايراضي تي سارين جي پوک ڪئي وئي ۽ 1432835 ميٽرڪ ٽن چانور سنڌ ۾ ٿيا. جڏهن ته 2004 ع دوران سنڌ اندر 543853هيڪٽر ايراضي تي سارين جو فصل پوکيو ويو ۽ 1499656 ميٽرڪ ٽن چانور لٿا.
سنڌ ۾ چانورن جي تحقيق لاءِ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏوڪري شهر ۾ قائم نالي رائيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ ڏوڪري ( ڪورس رائيس) يعني بغير خوشبوءَ وارن چانورن تي تحقيق ڪندڙ هڪ واحد ادارو ڪم ڪري رهيو آهي جيڪو 1967ع ۾ قائم ٿيو. رائيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ ڏوڪري ڪافي ڪامياب تجربا ڪيا آهن. ياد رهي ته آءِ آر 8 چانورن جي جنس جيڪا انٽرنيشنل رائيس ريسرچ فلپائن مان گهرائي ان تي رائي ريسرچ انسٽيٽيوٽ ڏوڪري اداري وڌيڪ تحقيق ڪري 1978 ۾ رليز ڪيو ويو ته فلپائن کان به 10 مڻ وڌيڪ في ايڪڙ اها جنس نٿي. ساڳئي اداري آءَ آر 6 ( مهراڻ 69 پراڻي نالي سان) جنهن جي داڻي جي ڊيگهه 6.5 ملي ميٽر آهي ۽ ايري 6 کان کائڻ ۾ سٺي آهي.
(Pakistan Agricultural Statical Year Book 2007) حوالو؛
اهڙي طرح ايري 8، ڊي آر 83، ڊي آر 952 جنسون هن اداري جون ڏنل آهن. جڏهن ته ڊي آر 65، 66، 67 جنسون جاري ٿيئڻ جي فائنل اسٽيج ۾ آهن. ( حوالو؛ روزاني ڪاوش 22 جولاءِ 2007)
[b]3 – ڪپهه
[/b]ڪپهه نقدي فصل آهي ۽ سنڌ جو مکيه فصل آهي. هي گرميءِ جو ٻوٽو آهي، اونهاري جي مهڙ ۾ پوکبو آهي ۽ سيپٽمبر کان ڊسمبر تائين چونڊو ڪبو آهي. ڦٽي جو ٻوٽو ڊگهو ٿئي ٿو. جنهن ۾ ويڪرا پن ٿين. هن پوک لاءِ 70 ڊگري سينٽي گريڊ فارن هائيٽ گرميءَ جي ضرورت آهي. ڪپهه جي ٻوٽي لاءِ سردي نقصانڪار آهي. هن لاءِ ويهن کان چاليهن انچن تائين مينهن جي ضرورت آهي.
سنڌ جي ڪپهه تاريخ ۾ اهم مقام والاري ٿي. هت تاريخ جي زماني کان به اڳ ڪپهه پوکي ويندي هئي. مورخ لکن ٿا ته دنيا ۾ ڪپهه جو پهريون ٻوٽو سنڌ ۾ پوکيو ويو. موهن جي دڙي واري زماني کان ئي سنڌ ۾ ڪپهه جي پوک جا آثار ملن ٿا. ايشوري شهنشاهه بيني پال سنڌ ۾ ڪڪڙا گهرائي پنهنجي ملڪ ۾ پوکايا. آرين جي زماني ۾ ڪپهه هتان جو مکيه فصل هو ۽ چرخن تي ڪپهه ڪتڻ جو رواج هو. ان وقت ڪپهه کان چتور جو شهر مشهور هو. سنڌ مان ڪپهه دنيا جي ٻين حصن جهڙوڪ؛ افغانستان، ايران، چين ۽ برما ڏانهن ويندي هئي.سڪندر مقدوني جي آمد وقت ڪپهه جو فصل تيار هو. يوناني ڪپهه جي پوک ڏسي عجب ۾ پئجي ويا. هيروڊوٽس لکي ٿو ته ” سنڌ ۾ اهڙا وڻ ٿين ٿا جن ۾ پشم ٿئي ٿي. سنڌي ان مان ڪپڙو ٺاهين ٿا، جيڪو پشم کان به نرم ٿئي ٿو ۽ زينن لاءِ گاديلا به ٺهن ٿا، اهو ان کي وار پيدا ڪندڙ ٻوٽو سڏي ٿو.“ ان زماني ۾ مينا ننگر بندر تان وڏي مقدار ۾ ڪپهه ٻاهر ويندي هئي. فرانس 287 ق – م ۾ لکي ٿو ته ڪپهه جي وڻ جا پن شهتوت جي پنن وانگر آهن، رگ ويد ۾ ڪپهه جو فصل عام هو ۽ ٻانڀڻ ڪپهه جا ڳانا پائيندا هئا. جڏهن عربن سنڌ کي فتح ڪيو تڏهن هنن هتان جي ڪپهه کي عربستان نيو. خليفي هارون الرشيد جي ڏينهن ۾ سنڌ جي ڪپهه عراق ۾پوکجڻ لڳي جنهن کي ڪرسيف چيو ويندو هو. 12 صدي ۾ ڪپهه صلقيه مان نڪري انڊس ۾ پوکجڻ لڳي. ان کان پوءِ يورپ وارا ڪپهه مان واقف ٿيا، عربن هن مان پنهنجن جهازن لاءِ رسا تيار ڪيا جن کي حبل سڏيندا هئا. ڪپهه مان زينن لاءِ گاديلا به ٺاهيندا هئا. ان وقت ڪپهه جي پيداوار في ايڪڙ 76 مڻ هئي، ارغونن جي زماني ۾ جوڻ ( بدين جو علائقو) ڪپهه جي واپار کان مشهور هو، تغلقن جي ڏينهن ۾ ڪپهه جا ٻوٽا قدآور ۽ طاقتور هوندا هئا،تاريخ معصومي ۾ آهي ته ڪچي جي ميدان ۾ ڪپهه جا وڻ ايڏا ته وڏا هوندا هئا جو ماڻهو انهن تي چڙهي ڦٽيون چونڊيندا هئا. تحفته الڪرام ۾ آهي ته سنڌ ۾ وونئڻن جو ٻوٽو ٻير جيڏو هوندو هو. ابن بطوطه جڏهن سنڌ ۾ آيو تڏهن هن ڪپهه لاءِ لکيو ته ” سنڌ ۾ ڪپهه جا وڏا وڻ ٿين ٿا، جن تي نانگ رهن ٿا.“ مغلن ۽ ڪلهوڙن واري دور ۾ ساليانو ستر هزار ڳٺڙيون اپت ٿيندي هئي. ان وقت سراسري طرح 25 سيڪڙو زرعي لحاظ کان ڪپهه جي پوک ٿيندي هئي.
1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن هنن ڪپهه جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ نوان تجربا ڪيا. 1846ع ۾ شڪارپور جي ڪليڪٽر گوتنگ پهريون تجربو سي انليد نالي روهڙي ۾ ڪپهه پوکائي ڪيو. 1860ع ۾ رتيديري ۾ مصري ڪپهه پوکي وئي. اهڙي طرح لاڳيتو ڪپهه جون سٺيون جنسون پوکيون ويون. 1921ع ۾ ميرپورخاص ۾ سينٽرل ڪاٽن ڪاميٽي قائم ٿي جنهن ۾ آمريڪي ڪپهه پوکڻ جو تجربو ڪيو. انهن ڏينهن ۾ 11 مختلف جنسن جي ڪپهه سنڌ ۾ پوکي ويندي هئي، جيڪا ڪيترن ئي لکن ٽنن ۾ لهندي هئي. پروفيسر ايم جي ڀٽاوالا جو چوڻ آهي ته ننڍي کنڊ ۾ سنڌ ئي واحد صوبو آهي جيڪو مصر وانگر سٺي ڪپهه پيدا ڪري ٿو. هتي عام ڪپهه جي ڀلي پيداوار آهي، پر عام ڪپهه گهڻي لهي ٿي، 37 - 1934 ع ۾ هت 22 پائونڊ ڪپهه في ايڪڙ لٿي، 42 – 1941ع ۾ 990027 لک ايڪڙن تي ڪپهه پوکي ويئي، جنهن ۾ 35 سيڪڙو آمريڪن ۽ 65 سيڪڙو ديسي ڪپهه هئي. 1947ع جي منڍ ۾ هت 62 لک ايڪڙن تي ڪپهه پوکي وئي، جنهن مان 15 ڪروڙ روپين جي آمدني ٿي. پاڪستان قائم ٿيئڻ کان پوءِ ڪپهه تي سڀ کان وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو. 1948ع ۾ 65 هزار ايڪڙن تي ڪپهه پوکي وئي، ان کان پوءِ ان جي ايراضي وڌڻ لڳي. 52 – 1951ع ۾ پاڪستاني حڪومت سنڌ ۾ ڪپهه جي پوکي کي سڌارڻ لاءِ 15 اسڪيمون تيار ڪيون. جن کي پاڪستان مرڪزي ڪاٽن ڪاميٽي منظور ڪيو، انهن مان ڪي هي آهن . ڊگهي ڌارا واري آمريڪي ڪپهه جي پوک ڪرڻ، لوئر بئراج ايراضي ۾ مصري ڪپهه پوکڻ، مهراڻ جي ساڄي ڪپ تي آمريڪي ڪپهه جي پوک ڪرڻ، ڪپهه ۽ ان جي مختلف قسمن جا ٻوٽا اپائڻ، ولائتي ڀاڻ ذريعي ڪپهه جي في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ ۽ ڪپهه جي تحقيقات لاءِ ميرپور خاص ۾ اسٽيشن کولي ويئي.
71 – 1970 ع ۾ سنڌ ۾ ڏهه لک 45 هزار ايڪڙن تي ڪپهه پوکي وئي، جنهن مان 8 لک 19 هزار ڳٺڙيون ڪپهه ٿي. 73 – 1972ع ۾ ڏهه لک 60 هزار ايڪڙن مان 11 لک 18 هزار ڳٺڙيون ڪپهه ملي. 74- 1973 ع ۾ 11 لک 75 هزار ڳٺڙيون ڪپهه ملي ۽ ان سال ۾ سنڌ جي ڪپهه مان 3 لک 88 هزار 999 پائونڊ سوٽي ڌاڳو تيار ڪيو ويو. 75 – 1974ع ۾ 11 لک 89 هزار ايڪڙن مان 12 لک 59 هزار ڳٺڙيون ڪپهه ملي. سنڌ ۾ ڪپهه جي پيداوار ۽ پوکي جي تازن گذريل پنج سالن جي سراسري هي آهي ته ڪپهه 2000ع ۾ 5235 هيڪٽرز ايراضي تي پوکي ويئي ۽ ان مان 696 ڪلوگرام پر هيڪٽرز جي حساب سان پيداوار ملي. اهڙي طرح 2001 ع ۾ پوکي 547.7 هيڪٽرز ۽ پيداوار 759 ڪلوگرام پر هيڪٽرز، 2003ع ۾ 561.4 پوکي ۽ 680 ڪلوگرام پر هيڪٽرز پئداوار، 2004 ع ۾ 635.7 هيڪٽرز جي پوکي ۽ 808 ڪلوگرام پر هيڪٽرز پئداوار ۽ 2005ع ۾ 637.1 هيڪٽرز تي پوکي ۽ 707 ڪلوگرام پر هيڪٽرز جي حساب سان پئداوار ملي.
(Pakistan Agricultural Statical Year Book 2006) حوالو ؛
سنڌ ۾ ڪپهه جون نيون جنسون به پوکيون وڃن ٿيون، خيرپور ۾ ايم 4 ۽ ايم 100 جا ڪامياب تجربا ڪيا ويا، ٽنڊي ڄام ۾ به ديسي 1، سڪرنڊ ۾ 4/63 ۽ 19/10 پوکيون ويون. آمريڪي جنسن مان ايم 4 ۽ ايم 100، سرمست، قلندري، مهراڻ ۽ لطيف ڪپهه جون جنسون پوکيون ويون. هت ڊگهي ريشي واري ڪپهه حيدرآباد ڊويزن ۾ ۽ مصري ڪپهه ٺٽي ضلعي ۾ پوکي ويئي.
[b]4 – ٻيا اناج
[/b] سنڌ ۾ هر سال ٻن قسمن جون پوکون ٿين ٿيون خريف ۾، جوئر، ٻاجهري، چانور، تر ۽ مڱ ربيع ۾ ڪڻڪ جوءَ، سرنهن،چڻا، مٽر ۽ توريون وغيره.
جوءَ سنڌ جو خاص فصل آهي جيڪو ڪينسر ۽ ذيابطيس جي روڪٿام ۽ سنڌن جي سور لاءِ مفيد ۽ ان جو خاص علاج آهي ته جو بورڪ ايسڊ کي جسم مان خارج ڪن ٿا. انسولين جو توازن برقرار رکن ٿا ۽ گٺل هڏن جي جاءِ ڀرين ٿا. سنڌ ۾ ڪڻڪ کان پوءِ جون جو پوک به پراڻي زماني کان پوکي وڃي ٿي. آريه ۽ ويدڪ زماني ۾ جو هتان جي خاص خوراڪ هئي جنهن کي جاوا چوندا هئا. برهمڻن جي دور ۾ جوءَ وڏي تعداد ۾ پوکيا ويندا هئا. هن وقت به سنڌ ۾ جوءَ پوکيا وڃن ٿا.
جوئر خريف جو فصل آهي. عمدي زمين تي پوکيو ويندو آهي. غريبن جي خاص خوراڪ آهي، جنهن جو مغربي مورخن دل کولي ذڪر ڪيو آهي. هي فصل سنڌ ۾ پراڻي زماني کان پوکيو وڃي ٿو. ان وقت جوئر جي ڪاني جي ڊيگهه 16 فوٽ هوندي هئي، گهوڙي تي چڙهيل ماڻهو جوئر جي ٻني ۾ نظر نه ايندو هو. پوسٽنس لکي ٿو ته ” جوئر جو هڪ سنگ 12 کان 14 آئونس جو ٿئي ٿو. سنڌ ۾ 1951ع ۾ 57 هزار ايڪڙن مان 92 هزار 6 سئو ٽن جوئر جي پيداوار ٿي. سنڌ ۾ 06 – 2005ع جوئر 66 هيڪٽرز تي پوکي ويئي ۽ ان مان 43.7 ٽن جوار ملي.
مڪئي به هتان جو خاص فصل آهي، جنهن کي سخت گرمي گهرجي. 71- 1970ع ۾ 12 هزار ٽن، 73 -1972ع ۾ 11 هزار 4 سئو ٽن، 74 -1973ع ۾ 12 هزار 4 سئو ٽن ۽ 75- 1974ع ۾ 10 هزار 9 سئو ٽن پيداوار ٿي. سنڌ ۾ 06 -2005 ع ۾ 3.5 هيڪٽرز تي مڪئي پوکي ويئي جنهن مان 1.6 ٽن مڪئي ملي .
ٻاجهري جوئر کان پوءِ غريبن جو کاڄ آهي .هن کي خشڪ آبهوا، سخت گرمي ۽ پاڻي گهرجي . 70 -1971ع ۾هڪ لک 29 هزار ٽن، 73 – 1972ع ۾ 100 ٽن، 74 – 1972 ع ۾ 94 هزار ٽن ۽ 75 -1974 ع ۾ 34 هزار سئو پيداورا ٿي. هي صوبي سنڌ جو مکيه اناج آهي جيڪو انسانن ۽ جانورن ٻنهي لاءِ ڪم اچي ٿو. 71 – 1970 ۾ 31 لک 88 هزار ٽن، 73 – 1972ع ۾ 28 لک 59 هزار ٽن، 74 -1973ع ۾ 37 لک 45 هزار ٽن، 75 – 1974ع ۾ هڪ لک 2 هزار 4 سئو ٽن پيداوار ٿي. سنڌ ۾ 05 – 2004ع ۾ ٻاجهري 73.3 هيڪٽرز تي ٻاجهري پوکي ويئي جنهن مان 12.7 ٻاجهري ملي .
دال سنڌ جي خاص خواراڪ آهي. غريب غربو هن تي گذران ڪري ٿو، جڏهن ته دال جو اصل وطن يمن آهي ۽ سنڌ ۾ اها عربن پهچائي. ان کان پوءِ اها ايشيا جي ٻين ملڪن ۾ پهتي. مغلن جي دور ۾ ماڻهن جي دال جو مڻ 5 جيتل ۾ ملندو هو، 52 – 1951ع ۾ دالين جي سنڌ ۾ پيداوار 37 هزار ٽن ٿي. سنڌ ۾ 71 – 1970 ع ۾ داليون 3 لک 49 هزار ايڪڙن تي پوکيون ويون، جيڪي 62 هزار 7 سئو ٽن ٿيون، 72 – 1971 ع ۾ 3 لک 28 هزار ايڪڙن مان 85 هزار 5 سئو ٽن پيدا ٿيون، 73 – 1972ع ۾ 3 لک 37 هزار 8 سئو ايڪڙن مان 48 هزار هڪ سئو ٽن دالين جي پيداوار ٿي، سنڌ ۾ 2005 ع ۾ 122.2 هيڪرز تي داليون پوکيون ويون ۽ ان مان 83.5 ٽن داليون مليون. انهن ۾ مڱ، مهري ۽ مٽرن جون داليون اچي وڃن ٿيون.
گوار به سنڌ جي اهم پيداوار آهي. هي گهڻو ڪري چاري لاءِ ڪم ايندي آهي، پر يورپ ۽ جرمني ۾ هن مان نه صرف کاڌو تيار ڪيو وڃي ٿو، پر نانگن جي صنعت ۾ بنيادي ۽ اهم حيثيت رکي ٿي ۽ هن مان ٻيا به ڪيترائي ڪيميڪل تيار ڪيا وڃن ٿا.
سنڌ ۾ تيلي ٻجن جي پيداوار به اهم حيثيت رکي ٿي، هي اناج جو اهم قسم آهي، جيڪو نه صرف اسان جي کاڌي ۾ ڪم اچي ٿو، پر هن سائنسي دور ۾ ڪيترن ئي ڪيميڪل شين ٺاهڻ ۾ به سندس ضرورت پوي ٿي. اسان وٽ توريون، ڄانڀو، سرنهن، سويابين، پواڙي ۽ سورج مکي خاص طور تيلي ٻج آهن. 1974 ع ۾ 122662 ايڪڙن تي ڄانڀو ۽ 132392 ايڪڙن تي سرنهن پوکي وئي. 1975 ع ۾ 19453 ايڪڙن تي ڄانڀو ۽ 115604 ايڪڙن تي سرنهن پوکي وئي، 71 – 1970ع ۾ تيلي ٻج جي پيداوار 4 لک 15 هزار 4 سئو ايڪڙن مان 87 هزار 7 سئو ٽن ٿي. 72 – 1971ع ۾ تيلي ٻج جي پيداوار 4 لک 15 هزار 4 سئو ايڪڙن مان 87 هزار ٽن پيداوار حاصل ٿي. هن وقت سنڌ ۾ تيلي ٻجن جي پوک 97 هزار هيڪٽرن تي ڪئي وڃي ٿي، جنهن مان 22 هزار ٽن تيل حاصل ٿئي ٿو. جڏهن ته اسان جي کپت ستر هزار ٽن آهي. مجموعي تيل جي پيداوار ستر سيڪڙو اسان ڪڪڙن مان حاصل ڪريون ٿا. بوهي مڱ 95 هزار ايڪڙن تي پوکيا وڃن ٿا، کاڌ خوراڪ ۾ اناج کان پوءِ ڀاڄين جا جو وارو اچي ٿو. ٿوم ۽ بصر تاريخي حيثيت رکن ٿا، جيڪي سنڌ مان ٻاهر ويندا هئا. قرآن شريف ۾ به فومها بصلها جو ذڪر آيو آهي. سنڌ ۾بصرن جي في سيڪڙو پيداوار ڏهه ٽن آهي. ٽماٽا اصل آمريڪا جا آهن، جتان ارڙهين صدي ۾ سنڌ آيا، ڇهه هزار هيڪٽرز تي پوکيا وڃن ٿا. جنهن مان 68 هزار ٽن کان وڌيڪ آمدني ٿئي ٿي. هت مرچ هڪ لک 19 هزار ميٽرڪ ٽڻ ساليانو پيدا ٿين ٿا. مطلب ته سنڌ هن سلسلي ۾ به تاريخ جي هر دور ۾ پاڻ ملهايو آهي.
[b] 5 – ڪمند
[/b]ڪمند سنڌ جي مکيه پوک آهي، جيڪا سال ۾ ٻه دفعا پوکي وڃي ٿي، هڪ سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ ٻي فيبروري مارچ ۾ پوکي ويندي آهي. ڪمند سنڌ ۾ پراڻي زماني کان ئي پوکيو ويندو هو. ويدڪ دور ۾ سنڌ ۾ ڪمند جي پوک جام ٿيندي هئي، جنهن جي رس مان خاص قسم جو شربت ٺاهيو ويندو هو. سڪندر مقدوني جي حملي وقت يونانين هتي ڪمند جي پوک ڏٺي، هيروڊوٽس لکي ٿو ته ” هت ڪمند جي پوک ٿئي ٿي، سنڌي ڪمند جي رس مان ماکي ٺاهيندا آهن ۽ هيون تسانگ چيني سياح، ٻڌ دور ۾ جڏهن سنڌ آيو، تڏهن هن لکيو ته ”اوڀر سنڌ ۾ ڪمند جي پوک ٿيندي هئي.“
711 ع ۾ جڏهن عربن سنڌ تي حڪومت شروع ڪئي، تڏهن ڪمند هتان ايراني نار، آسام، مصر ۽ اردن تائين پهچايو ۽ اتي به سنڌي ڪمند پوکجڻ لڳو. ابن حوقل لکي ٿو ته ” مڪران ۾ ڪمند جام ٿئي ٿو.“ اسلامي سلطنت جي زوال کان پوءِ ڪمند جي پيداوار ۾ گهٽتائي اچي ويئي. انگريزن جي ڏينهن ۾ هت ڪمند جي پوکڻ جا نوان تجربا ٿيا. جڏهن سکر بئراج ٺهيو، تڏهن 3110 ايڪڙن تي ڪمند پوکيو ويو. ڪمند جي گهڻائي جي ڪري 1934ع ۾ نوابشاهه ۾ هڪ کنڊ جو ڪارخانو لڳايو ويو، جتي 3 سئو ٽن کنڊ تيار ٿيندي هئي.
پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ ڪمند جي پوک ڏانهن خاص ڌيان ڏنو ويو ۽ سندس پيداوار وڌڻ لڳي. 71 – 1970 ع ۾ هڪ لک 95 هزار اٺ سئو ايڪڙن تي ڪمند پوکيو ويو ۽ پيداوار 31 لک 77 هزار 4 سئو ٽن ٿي. 73 – 1972ع ۾ هڪ لک 95 هزار هڪ سئو ايڪڙن مان 68 لک 49 هزار ٽن ڪمند پيدا ٿيو. 1974ع ۾ 6 لک 57 هزار 9 سئو ايڪڙن مان 27 لک 23 هزار 5 سئو ٽن ڪمند پئدا ٿيو. سال 2000 ع جي انگن اکرن مطابق 230.6 هيڪٽرز ايراضي تي ڪمند پوکي ويئي ۽ ان مان 12045.7 ٽن پئداوار ٿي. سال 2005 ع دوران پاڪستان ۾ 907.3 هيڪٽرن تي ڪمند پوکي ويئي تنهن مان 44665.5 ٽن ڪمند جي پئداوار ملي.
سنڌ حڪومت ڪمند جي پوک کي ترقي وٺرائڻ لاءِ خاص ڪوششون وٺرايون آهن. زرعي تحقيقاتي مرڪز ٽنڊوڄام ڪمند جون ڪيتريون ئي نيون جنسون ايجاد ڪيون جن ۾ هيٺيون اچي وڃن ٿيون.
PR 100 , CO 574, CO 658. CO 145, B14, B119, NC 0310
هنن جنسن ۾ کنڊ جو سڪڙو گهڻو ٿئي ٿو ۽ پيداوار 12 کان 15 سئو مڻ في ايڪڙ لهي ٿي. اهي جنسون جيتن ۽ بيمارين کان محفوظ رهن ٿيون، کائڻ لاءِ CO0402,CO0436 پونڊيا، 2 ميڪسن، 10556 ۽ 2775 پوگ جنسون تيار ڪيون ويون آهن. ڪمند جي پوک کي همٿائڻ لاءِ سرڪار ٻه تحقيقي مرڪز ٺٽي ۽ نئون ديرو ۾ قائم ڪيا آهن.
سنڌ حڪومت نئين تحقيق موجب هن وقت ڪمند جون ٻيون جنسون به ايجاد ڪيون آهن. اتر ۽ وچين سنڌ لاءِ L113,L116,B14,B119 جنسون آهن. جڏهن ته سنڌ جي ڏاکڻين علائقي لاءِ CO979,BL4,L113، وچولي علائقي لاءِ BL4,L116,1113 ۽ CO154، اتر سنڌ لاءِ BL6,BLI ۽ L116 موزون ڪمند جون جنسون آهن. BBF129 به هن ڏس ۾ سٺي جنس آهي. جنهن ۾ کنڊ جو سيڪڙو ٻين جنسن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ۽ پيداوار ۾ به سٺي جنس آهي.
پاڪستان هن وقت دنيا ۾ چوٿون نمبر ڪمند پيدا ڪندڙ ملڪ آهي. هت ٽي سيڪڙو ٽن ڪمند پيدا ٿئي ٿو، 1978ع ۾ پاڪستان 2 ڪروڙ 74 سئو ٽن ۽ 1979ع ۾ ٻه ڪروڙ 77 لک 26 هزار 5 سئو ٽن ڪمند ٿيو. سنڌ ۾ 1978ع ۾ هڪ لک 20 هزار 3 سئو ايڪڙن تي ڪمند پوکيو ويو ۽ 1979ع ۾ هڪ لک 23 هزار 3 سئو ايڪڙن تي ڪمند پوکيو ويو، جنهن مان 1978ع ۾ 46 لک 60 هزار 4 سئو ٽن ۽ 1979ع ۾ 43 لک 77 هزار هڪ سئو ٽن ڪمند مليو.
93 – 1992ع ۾ پاڪستان ۾ 21 لک 64 هزار ايڪڙن تي ڪمند پوکيو ويو، جنهن مان سنڌ ۾ 12 لک 45 هزار ايراضي هيٺ آئي ڪمند جي سنڌ ۾ ڪل پيداوار 12511 هزار ٽن آهي ۽ في ايڪڙ پيداوار ساڍا 5 سئو مڻ آهي. سنڌ ۾ سال 2001ع دوران 240.7 هيڪٽرز ايراضي تي پوکي ۽ پيداوار 11416.3 ٽن، 2002ع دوران 258.6 هيڪٽرز ايراضي تي پوکي ۽ 1379.6 ٽن پيداوار، 2004 ع دوران 214.9 هيڪٽرز ايراضي تي پوکي ۽ 9357.9 ٽن پيداوار تي جڏهن ته سال 2005ع دوران 183.2 هيڪٽرز ايراضي تي پوک ڪئي وئي. جنهن سان 11243.4 ٽن پيداوار ٿي. (Agricultural Statistics of Pakistan, 1st floor Buru of Statistics Islamabad)حوالو؛
سنڌ ۾ ڪمند مان کنڊ ۽ مٺائي ٺاهڻ جو رواج به پراڻي زماني کان هلندو ٿو اچي. آرين جي زماني ۾ سکر کنڊ ۽ مٺائي جو مرڪز هو، ابن حوقل لکي ٿو ته ” ماسڪان، قزوار، مڪران ۽ طوران ۾ صاف ۽ داڻيدار کنڊ ٺهندي هئي. انگريزن جي ڏينهن ۾ پريتم آباد ضلع نوابشاهه ۾ کنڊ جو هڪ ڪارخانو آباد ڪيو ويو، جيڪو 1945ع ۾ بند ٿي ويو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ٽنڊي محمد خان ۾ کنڊ جو ڪارخانو کوليو ويو. لاڙڪاڻي، روهڙي، خيرپور، دادو ۽ گهوٽڪي ۾به ملون ڪم ڪن ٿيون. سنڌ ۾ جمپي پئداوار جو 59 سيڪڙو ڪمند ڪارخانن ۾ ڪم اچي ٿو، باقي 41 سيڪڙو ڳڙ، کائڻ پيئڻ ۽ جانورن جي چاري لاءِ ڪم اچي ٿو.
سنڌ ۾ کنڊ جي وڏي پئداوار وڏي آهي، جتي ڪمند گهڻو پوکيو وڃي ٿو. ان ايراضي ۾ حڪومت کنڊ جا ڪارخانا کولي رهي آهي ۽ نجي طرح به ماڻهن کي همٿائي رهي آهي. سال 74 – 1973 ع ۾ هڪ لک 97 هزار ٽن ۽ 80 – 1979ع ۾ 70 – 75 هزار ٽن کنڊ پيدا ٿي. سنڌ ۾ هن وقت اٽڪل 15 ڪارخانا ڪم ڪري رهيا آهن ۽ اميد آهي ته ان جو ڳاڻيٺو به سال به سال وڌندو رهندو.
[b]6 – سنڌ جا باغ
[/b] قديم زماني ۾ سنڌ باغن کان مشهور رهي آهي. مهراڻ جي مٺي پاڻي ۽ سنڌ جي زرخيز ۽ پوتر مٽي سنڌ کي سونهن ۽ سرهاڻ بخشي. هت طرح طرح ۽ قسمين قسمين گل ميوا ٿيندا هئا، جن جي هٻڪار ۽ سواد دنيا ۾ ڌوم مچائي ڇڏي، ٻاهريون جيڪو به هت آيو، هن ٻين شين جي ساراهه ڪئي.
هيون تسانگ لکي ٿو ته ” هتان جا ماڻهو گلن جو لباس پائيندا هئا.“ هن مان صاف ظاهر آهي ته هتي باغ جام هئا، ويدڪ دور ۾ هتان جا رهاڪو وڻن جا ميوا کائي، انهن جي ڇانو هيٺيان سمهندا هئا، ان زماني ۾ مٺا ٻير جام هئا، جيڪي پکي به کائيندا هئا، آرين جي زماني ۾ سنڌ انبن کان مشهور هئي. برهمڻ جي زماني ۾ هت راجائن جي زمينن ۽ گهرن جي چوڌاري گلن ۽ ميون جا وڻ جام هئا. الور ان وقت باغن کان مشهور هو. چچ بن سيلاج باغن جو شوقين هو ۽ هن ساري سنڌ کي باغيچو بڻائي ڇڏيو . ديبل ۾ کجورن ۽ ناريلن جا باغات هئا. هيرو ڊوٽس لکي ٿو ته ” سنڌ ۾ هڪ وڻ ٿئي ٿو، جنهن مان ريشم نڪري ٿو.“
عربن جڏهن سنڌ کي فتح ڪيو، تڏهن هنن باغن کي وڌايو، سنڌ جي ميون جو قدر ڪيو،هتان ڪي ميوا عرب کڻي ويا ۽ اتي پوکيائون ڪي عرب مان هت آڻي انهن جي پوک ڪيائون. عربن مختلف طريقن سان وڻن کي پيوند هڻي، طرحين طرحين لذيذ ميوا پيدا ڪيا، کين وڻن جي بيمارين ۽ علاجن جي خبر هئي. اعلى طبقن جي ماڻهن پنهنجي مزاج مطابق خوشبودار گل ۽ ٻوٽا باغن ۾ هڻايا.
عربن جي دور ۾ ملتان ۽ نصورا باغن ۾ مشهور هئا، ابن حوقل لکي ٿو ” سنڌ ۾ صوف جي برابر هڪ ميوو ٿيندو آهي، جنهن کي ليمو چوندا آهن، هي ڏاڍو کٽو ٿيندو آهي، ٻيو ميوو انب ٿيندو آهي، جيڪو کائڻ ۾ ڏاڍو مزيدا رهوندو آهي، جنهن جي تعريف سنڌ جي عربي شاعر ابو ضلع به ڪئي آهي، هت ڪيلو به سٺو ٿيندو هو.“ جنهن جو اصل وطن ملايا ۽ مشرقي ٻيٽ آهن، جنهن جو ذڪر بشاري به ڪيو آهي. شريف الادريسي لکي ٿو ته ” منصورهه جي آبهوا گرم آهي، هتي ليمن ۽ نارنگين جا باغ گهڻا آهن، هتان جا انب ليمان مشهور آهن.“
بشاري لکي ٿو ته ” سنڌ جي خاص پيداوار ٻه ميوا آهن هڪ جو نالو انب آهي ۽ ٻئي جو نالو ليمون آهي. انب آڙو وانگي آهي، جيڪو ڏاڍو سوادي آهي ۽ ليمون زردالو وانگر آهي، جيڪو ڏاڍو کٽو ٿيندو آهي.“ سودي لکي ٿو ته ” نارنگي ۽ ليمون هتان جي خاص پيداوار آهي، جيڪي اول عمان، شام ۽ پوءِ عراق پهتا ۽ اتان گهر گهر ڦهلجي ويا.“ سنڌي ليمان عراق ۽ مصر ۾ پوکجڻ لڳا. سنڌ جون تازيون نارنگيون عرب واپاري يورپ ۾ وڪڻڻ لڳا، ترنج ايران کان سنڌ ۾ آيو، زيتون عربن خراسان مان سنڌ ۾ آندو، گدامڙي مصر ۾ به هتان وئي، جتي ممين ٺاهڻ ۾ ڪم ايندي هئي. عربن ناريلن کي نارجيل سڏيو آهي. جيتوڻيڪ هنن جو اصل وطن سيلون آهي، پر ديبل ۾ به عام پوکيو ويندو هو جنهن مان سنڌي شراب ٺاهيندا هئا. هتان جون سپاريون حجاز ۽ يمن جا ماڻهو شوق سان کائيندا هئا. جن کي عربن سنڌ مان ئي عمان پهچايو. سنڌ ۾ عربن کان اڳ، انگور نه ٿيندا هئا. عباسي دور ۾ پهريون دفعو انگور سنڌ ۾ پوکيا ويا. انگورن جي ولين ۾ مختلف رنگن جا ڇڳا ۽ ذائقي ۾ مزيداري پيدا ڪئي ويئي. انگورن جي هڪ جريب جي ساليانو ڏهه درهم ڍل هئي، سنڌ ۾ ڊاک جا باغ به جام هئا ۽ ويهند شهر ۾ بادامن جا وڻ به هئا. الائچن، لونگ ۽ ڪارن مرچن کان ديبل مشهور هو ۽ هتان هي شيون ٻاهر وينديون هيون .عربن سفيد، هيڊا، خوشبودار گلاب ۽ نيلوفر جا گل سنڌ ۾ آندا. خسخس اصل مصر ۾ پوکي ويندي هئي، جنهن جو سنڌ ۾ رواج عربن وڌو، ميندي به عربستان مان سنڌ آئي. مطلب ته عربن جي دور ۾ باغباني جو فن عروج تي پهتو. ميون کي خوش رنگ ڪرڻ ۽ پچائي ذائقي دار ڪرڻ تي عربن زور ڏنو، هنن مختلف طريقن سان وڻن کي پيوند هڻي طرحين طرحين جا لذيذ ميوا پئدا ڪيا. مون کي کنڊ ۾ ملائي، عربن مربي جي صنعت جو سنڌ ۾ رواج وڌو. عربن جي دور ۾ سنڌ باغن کان مشهور هئي، مسعودي لکي ٿو ته ” منصوره جي چوڌاري باغ هئا، ويهند الور ۽ ڪير ڪانه جا شهري باغات ڪري مشهور هئا ۽ منصوره ميوي جي گهڻائي ۽ سستائي ڪري اسلامي ملڪن ۾ مشهور هو. “ سنڌ جي باغن مان عربي حڪومت کي وڏي آمدني ٿيندي هئي. حڪومت انگورن جي پيداوار جو پنجون حصو ۽ ٻئي باغات جو چوٿون حصو ڍل وٺندي هئي.
عربن کان پوءِ سومرن ۽ سمن جي دور ۾ سنڌ ميون کان مشهور هئي، ان دور ۾ ٺٽو، اگهيماڻي، ساموئي، درٻيلو، پاٽ، سيوهڻ، باغبان ۽ نصرپور ۾ به باغ گهڻا هئا.
سيوهڻ ايشيا کنڊ ۾ باغن کان مشهور هو، سنڌ جي ننڊن توڙي وڏن شهرن ۾ باغ هئا. جڏهن شاهه بيگ ارغون سمن جي دور ۾ سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن ڪاهان ۽ باغان ڳوٺن مان هڪ هزار اهڙا اٺ هٿ ڪيا، جيڪي نارن کي وهائي، باغن کي پاڻي پهچائي رهيا هئا. جوڻ ۽ فتح باغ ٻه شهر، ريڻ درياءَ تي مرزا شاهه حسن ارغون تعمير ڪرايا هئا، جيڪي باغات جي ڪري مشهور هئا. هن جي زماني ۾ همايون دهلي کان ڀڄِي سنڌ ۾ اچي پناهه ورتي. هو روهڙي جي ڀر واري ڳوٺ ٻٻرلوءِ جي چار باغ ۾ ٻن لکن فوجين سان ڇانوڻي هڻي ويٺو. هي باغ 17 هزار فوٽن تي پکڙيل هو. منجهس کجين ۽ انبن جا وڻ هئا. هتان جا باغ ڏسي همايون کان دهلي ۽ آگري جا باغ وسري ويا. همايون فوج جو هڪ نامه نگار بختيار خان لکي ٿو ته ” هت وڻ ميوا گل گهڻا ٿين ٿا ۽ گلبدن بيگم به هتان جي باغن جي تعريف ڪري ٿي. مير ابوالقاسم نمڪين اروڙ ۾ هڪ بهترين باغ رکايو هو. جتان روزانو وٽس تازو ميوو پهچندو هو.“ مغلن جي دور ۾ هتان جا گدرا مشهور هئا. سيوهڻ جي ايراضي ۾ گدرن جي پوک نهايت سٺي ٿيندي هئي، اتي جا گدرا لذيذ، مٺا ۽ غير معمولي وزن جا ٿيندا هئا. مغلن جي گورنر، مير نمڪين انهن جي پوک جو خاص اهتمام ڪيو هو غ ۽ ملڪان ملڪ اهي سوکڙيءَ طور موڪليندو هو. اڪبر بادشاهه ڏانهن به هن ڪيترائي دفعا اهي گدرا موڪليا هئا، جنهن ولائتي گدرن جي ڀيٽ ۾ هنن کي هر لحاظ کان پسند ڪيو ويو. جهانگير اتان جي گدرن تي ايترو ته اڪن ڇڪن ٿيو، جو پڇاڙي ۾ ان ايراضيءَ جا ٽڪرا خالصي ۾ آڻي ڇڏيا. اتان جا هنداڻا به مٺا ۽ سوادي هوندا هئا. جن کي جهانگير ڏاڍو پسند ڪندو هو.
ڪلهوڙن ۽ ٽالپورن جي زماني ۾ سنڌ باغن جي گهڻائي ۽ پئداوار کان مشهور هئي. هن زماني ۾ سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن جي وسيع ايراضي ۾ باغ هئا. ٺٽي، نصرپور، حيدرآباد، شڪارپور، سيوهڻ، ڀان، درٻيلو ۽ روهڙي ۾ باغ گهڻا هئا. روهڙي کي سنڌ جو چمن چوندا هئا. پاٽنجر لکي ٿو ته ” درياءَ جي اوڀر طرف، روهڙي ۽ حيدرآباد ۾ بهترين قسمن جا عاليشان باغ آهن ۽ اونهاري جي موسم شروع ٿيڻ تي سڄو ملڪ گلاب جي گلن سان ڍڪجيو وڃي. ملڪ جي هر طبقي جا ماڻهوءَ هندو مسلمان ٻئي زندگي جي هن پهلوءَ تي وڌيڪ ڌيان ڏين ٿا ۽ ان تي ڪافي پئسا خرچين ٿا.“ شڪارپوري تفريحي جاين تي ميوا ۽ گل پوکين ٿا ته هئملٽن لکي ٿو ته هتان جا باغ، ميون، گلن سان ٽٻ آهن . خاص ڪري ڏاڙهون ته اهڙا عاليشان ۽ لذت ڀريا آهن جو مون پنهنجي ڄمار ۾ اهڙا ڪين کاڌا. ڊيل هوسٽ لکي ٿو ” سنڌ ۾ گهڻي انداز ۾ انب، ٻير، توت ۽ ڊاک ٿئي ٿي.“ پوسٽن ميون ۾ ليمان، نارنگيون،ترنج، گدامڙي، ڄمون، پستا، هنداڻا، گدرا، بادام ۽ ڪيوڙا لکي ٿو.
انگريزن جي زماني ۾ هت اعلى پائي جا باغ هئا ۽ ميوي جي گهڻائي ڪري اهو سستو به هو. پستا هڪ روپئي سير، باداميون 12 آناسير، کاڄا 4 آنا سير، انبن جو مڻ چئين آني، ڇانهين هڪ پئسي ۾ 4 داڻا، پپيتا هڪ روپئي جا ارڙنهن، انگور ۽ ڊاک ڇهين آني سير ۽ انناس جو چئي آني هڪ دٻو ملندو هو. پاڪستان قائم ٿيئڻ کان پوءِ سنڌ جي باغن ڏانهن خاص توجه ڏنو ويو. 1947ع ۾ سنڌ ۾ باغن هيٺ ايراضي 16785 هيڪٽرز هئي ۽ پيداوار 59189 ميٽرڪ ٽن هئي جيڪا وڌي 66318 هيڪٽرز ۽ پيداوار 51828 ميٽرڪ ٽن ٿي. سنڌ ۾ هن وقت ميرپور خاص باغن جي ڪري مشهور آهي. کيس باغن جو شهر سڏيو وڃي ٿو. هي 129 ايڪڙن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ صرف باغ ئي باغ آهن. ان کان سواءِ سيڪشن بي سب اسٽيشن 1263 ايڪڙن تي، جيمس آباد 80 ايڪڙن تي، هوسڙي 104 ايڪڙن تي ۽ سرحد گهوٽڪي 80 ايڪڙن تي باغن تي مشتمل آهي. ميرپور خاص ۾ميون جو هڪ تحقيقي ادارو کوليو ويو آهي. هن وقت به سنڌ باغن ۽ ميون کان مشهور آهي. خاص ڪري انب،ڪيلو، زيتون، پپيتو ۽ ٻير سنڌ جي خاص پيداوار آهي.
ڪيلي جو اصل وطن ملايا ۽ مشرقي ٻيٽ آهن، هن وقت سنڌ ۾ ڪيلا سڀ کان گهڻا پوکيا وڃن ٿا ۽ اهي به سٺي قسم جا.
سنڌ ۾ هڪ لک 11 هزار 68 سئو ٽن ڪيلو ٿئي ٿو. 1968ع ۾ صرف ٺٽي ۾ سوا لک مڻ ڪيلو ٿيو. 1970ع ۾ 10 لک مڻ ڪيلو سنڌ ۾ ٿيون، سنڌ ۾ هن وقت 35 هزار ايڪڙن تي ڪيلو پوکيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ هن وقت 134.8 ٽن ڪيلو ٿئي ٿو. ٺٽي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ ڪيلو گهڻو پوکيو وڃي ٿو. ڪيلي کان پوءِ هن وقت سنڌ جو خاص ميوو انب آهي، جنهن کان ميرپور خاص مشهور آهي. 79 – 1980ع ۾ 33 هزار 7 سئو ايڪڙن تي انب پوکيو ويو، جنهن جي پيداوار 2 لک 69 هزار ٽن ٿي. 90 -1989 ع ۾ 24 هزار 4 سئو ستن هيڪٽرن تي انب پوکيو ويو. 89 – 1988ع ۾ پاڪستان 40- 35 سيڪڙو سنڌ جي انبن مان ڪمايو. سنڌ ۾ 2004ع ۾ 49.2 هيڪٽرز تي انب پوکيو ويو، جنهن مان 349.6 ٽن انب ٿيا جڏهن ته 06 – 2005 ع ۾ 50.0 هيڪرز تي انب پوکيو ويو جنهن مان 352.4 ٽن انب مليا. سنڌ ناريلن کان به مشهور آهي. اڄ کان 40 سال اڳ ڪراچي جو گارڊن ويسٽ علائقو ڏونگهي جي تيل پيڙڻ جو مرڪز هوندو هو. هاڻي به ناريل ڪراچي کان جاتي، گهوڙا ٻاري ۾ رحم ڪي بازار تائين ساحلي علائقن ۾ پوکيو وڃي ٿو. نارنگيون به سنڌ ۾ گهڻي انداز ۾ پوکيون وڃن ٿيون.
سنڌ جو عام ميوو سنڌي ٻير ۽ پينڊي ٻير آهن، جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿين ۽ غريب غربو کائي ڍئو ڪري ٿو. مطلب ته سنڌ ميون ۽ ڀاڃين کان مشهور آهي.
[b] 7 – کجور
[/b] کجور، هڪ مقوي غذا آهي، جنهن ۾ 49 پروٽين، 245 مٺاڻ، 347 پاڻي ۽ 42 حصا معدني لوڻ آهي. هي پنهنجي جاءِ تي مڪمل خوراڪ آهي. کجور سان گڏ کير جو استعمال سندس نائٽروجن چرٻي جي اجراءَ جي ڪمي پوري ڪري ٿو. کجور خون جي ڪمي کي ڀري ٿي. سونهن وڌائي ٿي، معدي، جگر ۽ عضون کي طاقت بخشي ٿي. پراڻي ميسو پوٽيميا ۽ مصري تهذيب کان وٺي ماڊرن عرب سوليزيشن تائين انسان ذات جي بقا جو راز کجور ۾ ئي آهي. هڪ روايت موجب حضرت آدم جي تخليق وقت جيڪا مٽي بچي تنهن مان کجور جي وڻ کي پيدا ڪيو ويو. کجور جو اصل وطن خليج فارس ۽ ان جي آسپاس وارا ملڪ جهڙوڪ عراق، ايران ۽ سعودي عرب آهن. مسلمانن سان کجور جي تاريخ ۽ مذهبي روايتون وابسته آهن. هر جهاد ۾ گهوڙن ۽ تيرن سان گڏ، کجور مسلمانن سان هوندي هئي. جنگ جي دوران هو روزو رکندا به کجور مسلمانن سان هوندي هئي. جنگ جي دوران هو روزو رکندا به کجور سان هئا ته افطاري به کجور سان ڪندا هئا. زخمين جي جسمن کان خون جي اخراج جي صورت ۾کجور جو حلوو ٺاهي کين کارائيندا هئا ته خون جي ڪمي پوري ٿي ويندي هئي. اسلام ۽ اسلام جي پيغمبر عليه الصلاولسلام سان کجور جو وڏو تعلق آهي . کجور جي هڪ سڪل ٿڙ جو پاڻ سڳورن ﷺ سان وڏو پيار هو. جيڪو سندن جدائي ۾ ڊاڍيون ڪري رنو هو. اسان جي لوڪ ادب ۾ ان موضوع تي خاص چيل شان آهن، جنهن کي کجي وارو معجزو چئجي ٿو. کجور پاڻ سڳورنﷺ جي مرغوب غذا هئي. فرمايائون ته ” کجور کائڻ ڪري ماڻهو قولنج ( آنڊي جي بيماري ) کان محفوظ رهي ٿو. پاڻ سڳورن ﷺ وٽ افطاري وقت ٽي شيون هڪيون حاضر هونديون هيون. پاڻي لوڻ ۽ کجور.
حضرت عيسى جي ولادت وقت بي بي مريم جو خاص کاڌو کجور هو. ڇو ته پيٽ واري عورت جيڪڏهن کجور کائيندي ته پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو ته ” ان جو ٻار مستقل مزاج ۽ بردبار ٿيندو.“
برضغير ۾ کجور جو وجود تاريخ کان به اڳ جو آهي. سنڌ ۾ پراڻي زماني کان کجور پوکي ويندي هئي. موهن جي دڙي مان کوٽائي ڪندي تمام گهڻي انداز ۾ کجور جو ککڙيون مليون آهن. جن مان معلوم ٿئي ٿو ته ان زماني ۾ هتي کجور جا باغ عام هئا. رگويد واري دور ۾ هت ماڻهن کاڌي ۽ خوراڪ ۾ ٻين شين سان گڏ کجور به ڪم ايندي هئي. ان کان پوءِ سڪندر مقدوني جڏهن 327 ق – م ۾ سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن پاڻ سان گڏ هت کجور کي به هت آندائين. سڪندري فوج ان جون ککڙيون هت ڇڏيون، جنهن ڪري هت وڏي پئماني تي کجور جا باغ وجود ۾ آيا. يونانين جو سنڌين لاءِ هي تاريخي تحفو سدائين خاص ڌيان ڏنو. برهمڻ جي دور ۾ کجي کي فتح جي نشاني سمجهيو ويندو هو. چچ جڏهن 640 ع ۾ جاٽن ۽ لوهاڻن تي پاندين وجهڻ لاءِ مڪران پهتو تڏهن انهن تي فتح حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن يادگار طور، اتي مڪران جي سرحد، ڪرمان مان وٽ کجي جا وڻ پوکيا.
عربن جڏهن سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن کجور کي هت عام پوکيو، ڇو ته هي وڻ سندس قومي نشان هو ۽ جتي هو ويندا هئا اتي اسلام سان گڏ کجور جي توسيع ڏانهن خاص ڌيان ڏيندا هئا. ان وقت سنڌ جي مڪران ۾ کجين جا وڻ جام هئا ۽ هت جل سئو قسمن جي کجور ٿيندي هئي. ان حوقل لکي ٿو ته ” مڪران ۾ کجيون تمام گهڻيون آهن، جنهن مان کنڊ ٺاهي وڃي ٿي منصوره به هڪ گرم شهر آهي. ان ڪري هتي کجيون جام آهن.“ بشاري المقدسي به هت کجين جي گهڻائي جو ذڪر ڪيو آهي. مامون الرشيد جي دور ۾ سنڌ مان ويهه هزار رطل کجور سالياني ڍل ۾، ٻئي سامان سان گڏ ويندي هئي. عربن کجي وڻ کي سنڌ مان اندلس پهچايو.
عربن سنڌ ۾ کارڪن مان بهترين حلوو تيار ڪيو، جنهن کي فانيذ چوندا هئا. اهو ڌارين ملڪن ۾ وڏي اگهه ۾ وڪامندو هو. مڪران ان حلوي جو مرڪز هو، جتان اهو وڏي انداز ۾ ٻاهر ويندو هو. بلڪ ساري دنيا ۾ مشهور هئي. ابن حوقل لکي ٿوته ” اها کنڊ صاف ۽ داڻيدار هئي. اها جلوار کنڊ نالي سان سڃاتي ويندي هئي.“ کارڪن کي سڪائي ڇوهارا ٺاهيا ويندا هئا. جن لاءِ بشاري لکي ٿو ته ” اهي عجيب ۽ شيرين هئا.“
عربن کان پوءِ به هت کجور کي وڏي اهميت هئي ڪلهوڙن، مغلن ۽ ٽالپورن جي دور ۾ روهڙي جي درياءَ جي ٻنهي پاسن تي کجين جا وڏا وڻ هئا. خاص ڪري هتان جا ڇوهارا مسقط جي بهترين ڇوهارن وانگر هئا. ٺٽي، نصرپور، سيوهڻ ۽ حيدرآباد جي باغن ۾ کجور جا وڻ عام هئا. پاٽنجر هن زماني ۾ کجين جي وڻن جا جهڳٽا پري پري تائين ڏٺا هئا.
پاڪستان قائم ٿيئڻ کان پوءِ کجين جي حفاظت ڪئي وئي. سنڌ ۾ کجور روهڙي، سکر ۽ خيرپور جي اتر اولهه وارن علائقن ۾ گهڻي ٿئي ٿي. سڀ کان وڌيڪ باغ خيرپور ۾ آهن. 56 – 1955ع ۾ خيرپور ڊويزن ۾ ٽي هزار ايڪڙن تي کجور پوکي ويئي. 81 – 1980ع ۾ صرف خيرپور ضلعي ۾ 28682 لک ايڪڙن تي کجور پوکي ويئي. سنڌ ۾ 05 – 2004 ع دوران 26.4 هيڪٽرز تي کجي پوکي ويئي جنهن مان 318.2 ٽن کجي جي پئداوار ٿي جڏهن ته سال 06 – 2005ع دوارن 26.7 هيڪٽرز تي کجي پوکي ويئي جنهن مان 192.8 ٽن کجي جي پيداوار ٿي. هر ايڪڙ ۾ چاليهه ٻوٽا ٿين ٿا ۽ هر هڪ ٻوٽي ۾ چار مڻ کارڪون ٿين ٿيون يا ڏيڍ مڻ ڇوهارا ٿين ٿا. جنهن جي قيمت ٻه سئو روپيه في مڻ ٿئي ٿي. ان حساب سان في ايڪڙ پئداوار ٻارنهن هزار ٽن ۽ ڪل رقم 286.8 لک روپيه ٿئي ٿي. ڇوهارن جي مڻ قيمت هن وقت 4000 روپيا آهي ۽ کارڪن جي مڻ جي قيمت 5000 روپيا آهي.
سنڌ ۾ کجين جا 25 قسم آهن، جن ۾ اصيل، توتيل، ٺوٺو، پنج ميل، پتاشو، ڪربلائڻ، ڏيڍي، اوطاقڻ، ٽوٽو، عيدن شاهه جو ڪپڙو ۽ ٻيون جنسون مشهور آهن. کارڪن جا وري 8 قسم آهن، جيڪي هي آهن: ڪچيون، ڏوڪا، لوڻيل، ڏنگ ۽ ڇهارا. بادام کجور ته بين الاقوامي شهرت ماڻي چڪي آهي. جڏهن ته سنڌ جو ڪاري ۽ اڇي رنگ جو ڇهارو دنيا جي سڀني ملڪن کان وڌيڪ انڊيا، بنگلاديش، بيپال ۽ سريلنڪا ۾ وڪرو ٿئي ٿو. گذريل سال خيرپور ضلعي جو ڇوهارو ۽ کارڪون هڪ لک 35 هزار ميٽرڪ ٽن ايڪسپورٽ ڪيو ويو، ان کان سواءِ سنڌ جو کجور يورپ، سنگاپور ۽ آمريڪا ۾پسند ڪيو وڃي ٿو.
بهرحال سنڌ ۾ کجور اڄ به پنهنجي پراڻي روايت قائم رکيون ٿي اچي. پوري پاڪستان ۾ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٿئي ٿي جيڪا سکر ۽ خيرپور ضلعن ۾ ٿئي ۽ انهي جو فصل جولاءِ جي پهرين هفتي کان لهڻ شروع ٿئي ٿو جڏهن ته ٻئين هفتي ٻنهي ضلعن ۾ وڏي ايراضي تي پوکيل وڻن جي اسيل جنس جي واڍي شروع ٿيندي آهي. کجي لهڻ وقت انهي کي گڏ ڪرڻ ۽ ڇوهارا ٺاهڻ لاءِ 20 هزار ماڻهو روزگار لڳن ٿا. ڇوهارا ٺاهڻ لاءِ 5 لک مڻن کان وڌيڪ ڪاٺيون خريد ڪري باغن ۾ آڻي ڇوهارا ٺاهيا وڃن ٿا. ڇوهارا ٺاهيا وڃن ٿا. ڇوهارا ٻن قسمن جا ٺاهيا وڃن ٿا هڪ اڇو ۽ ٻيو ڪارو. اڇي ڇوهاري کي ٻن کان ٽي منٽ گرم پاڻي ۾ اٻاري سڪايو وڃي ٿو جڏهن ته ڪاري ڇوهاري کي ٺاهڻ لاءِ پاڻي ۾ رنگ ڪاٺو وجهي انهي کي 5 کان 6 منٽن تائين اٻاري ٺاهيو ويندو آهي . ( حوالو: روزاني ڪاوش جمع 10 آگسٽ 2007ع)
[b]8 – سنڌ جا ٻيلا
[/b] ٻيلا ۽ وڻڪار نه صرف ملڪ جي معاشي ترقي لاءِ ضروري آهن، پر انهن جو آبهوا ۽ انسان جي رهڻي ڪهڻي تي به وڏو اثر پوته پوي ٿو. ٻيلا زمين جي زرخيزي ۾ به واڌارو ڪن ٿا ته. ملڪ کي قدرتي حسن ۽ سونهن به بخشين ٿا. جيئن ته سنڌ آڳاٽي زماني ۾ چوماسي هوائن جي دائري هيٺ رهي آهي، ان ڪري هت مينهن گهڻو پوندو هو. ان کان سواءِ سنڌو درياءَ ۾ اٿل ايندي هئي، جنهن ڪري درياءَ جي ٻنهي پاسن کان ۽ علائقن ۾، جهنگ ۽ ٻيلا گهڻا هئا، جن ۾ بانس ۽ بيد جا ڊگها وڻ هئا، جن جي ڊيگهه ستر فوٽ هوندي هئي. 5 هزار سال ق – م۾ اڳ سنڌ ۾ 15 انچن کان 20 انچن تائين مينهن پوندو هو.
يونانين سڪندر سان گڏ سنڌ ۾ تمام گهاٽا ٻيلا ڏٺا، جن ۾ اهڙا وڻ به هئا جن جون شاخون ڇٽي وانگر زمين ڏانهن جهڪيل هيون، جن کي هنن ڇٽي سان تشبيهه ڏني. ويدڪ دور ۾ هتان جي ٻيلن ۾ صندل جا وڻ هئا. وڻن مان گهر، گهرن جا ٿانو، گاڏيون ۽ ٻيڙيون ٺاهيون ويندون هيون. هن زماني ۾ مال لاءِ ٻيلا ۽ چراگاهه عام هئا. خود ڳوٺاڻا هر هڪ ڳوٺ جي چوڌاري وڻ پوکيندا هئا ۽ ايترو ته ڪاٺ ٿيندو هو، جو بٺن پچرائڻ لاءِ ٻيلا وڍرائيندا هئا. ڪلداني، بابلي ۽ اشوري هتان عمارتي ڪاٺ گهرائيندا هئا. برهمڻ جي دور ۾ ڳوٺاڻن کي ٻيلن مان ڪاٺين ڪرڻ ۽ مال چارڻ جي اجازت هوندي هئي. پر جن ٻيلن ۾ بانس ۽ بيد جا وڻ هئا، سي راجائن جي ملڪيت هئا. هندو واپارين بڙ جي وڻ کي يمن تائين پهچايو. عرب واپارين ۽ سياحن سنڌ ۾ وڻن جي گهڻائي جو ذڪر ڪيو آهي. همداني لکي ٿو ته ” هت مصالحا، عنبر، عاج ۽ عمارتي ڪاٺ ۾ سنبل، بيد، بانس ۽ مساڳ جو ڪاٺ عام هوندو هو.“ ابن خرداز به لکي ٿو ته ” 9 صدي ۾ هتان بانس ۽ بيد عربستان ويندو هو.“
سومرن جي دور ۾ هت وڏا ٻيلا هئا. درياءَ جي ٻنهي ڪپن تي گهاٽن ٻيلن ۾ چنيسر ۽ ٻيا شهزادا شڪار ڪندا هئا ان وقت موجوده شهدادپور ۽ سنجهوري تعلقن کان وٺي ڏکڻ طرف ماتلي تعلقي يا اڃان هيٺ لوهاڻي پرڳڻي جي حد هئي. اها سڄي صورتحال ايراضي، سنڌو درياءَ جي دو آبي واري علائقي ۾ هئي. جتان درياءَ جا مکيه ڦاٽ ٿي نڪتا. ان کان اڃان به هيٺ ڏکڻ هيٺ اوڀر طرف پراڻي ۽ هاڪڙي جي دوآبي وارن ڦاٽن ۽ شاخن جو سلسلو جاري هو. اهڙي طرح سومرن جي حڪومت جي ايراضي وارا علائقا جهنگ ۽ ٻيلن سان ڇانيل هئا. 1334ع ۾ جڏهن ابن بطوطه سنڌ ۾ آيو تڏهن هن مهراڻ جي ٻنهي ڪپن تي بانس جا ۽ بيد جا گهاٽا ٻيلا ڏٺا هئا.
ٽالپرن جي حڪومت جي زماني ۾ ٻيلن کي واڌايو ويو. مير حڪمران جيئن ته شڪار جا شوقين هئا، ان ڪري هنن ٻيلن کي وڌايو ۽ انهن جي حفاظت ڪئي. درياءَ جي ٻنهي پاسن جي زرخيز زمين ۾ وڻ پوکايا ويا. ديل هوسٽ جي لکڻ جي موجب ملڪ جي زمين جا ٽي حصا، ٻٻرن ۽ لئي جي وڻن سان ڍڪيل آهن. ان وقت 527 چورس ميل يعني 4343325 ايڪڙ زمين ٻيلن لاءِ وقف هئي، جن ۾ مير حڪمران شڪار ڪندا هئا.
انگريزن سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ ٻيلن ڏانهن خاص توجه ڏنو. انگريز اسسٽنٽ سرجن هيڊل 1836ع ۾ هڪ رپورٽ ۾ لکيو هوته ” لاڙ واري حصي ۾ سنڌو جي ڪناري تي ڪنڊي، تمر، لئي ۽ ڪرڙ جا وڻ جام هئا. سيوهڻ، هالا ۽ حيدرآباد ۾ لئي ۽ ٻٻر جا وڻ هئا. ڊپٽي ڪليڪٽر ليفٽيننٽ جيمس چانڊڪا پرڳڻي لاءِ لکي ٿو ته 1847ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ واهڻن ۽ ڳوٺن جي ڪڙين ۽ رستن تي لاڳيتو لئي ۽ ڪنڊي وڻ هوندا هئا. شيشم ۽ ٻٻر جا وڻ به عام آهن انهن ۾ جانورن لاءِ گاهه به جام آهي.
انگريزن ٻيلن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ هڪ ڌار کاتو فاريسٽ ڊپارٽمينٽ قائم ڪري، ٻيلن جون حدون مقرر ڪيون، 1886ع ۾ مسٽر ڪونمپل ٻيلن کي چئن ڊويزن سکر، نوشهرو، حيدرآباد ۽ جهرڪ ۾ تقسيم ڪيو. سنڌ جي ٻيلن مان انگريزن ڪيترو ئي زرمبادلو ڪمايو. هن دور ۾ سڀ کان وڏو مکي ٻيلو هو، جيڪو ڪيترن ئي سون ميلن ۾ پکڙيل هو. هن ٻيلي سان اسان جون ڪيتريون ئي تاريخي روايتون وابسته آهن.
پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ ٻيلن جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ جوڳا قدم کنيا ويا. 58 – 1957ع ۾ هڪ اسڪيم هيٺ سکر بئراج ۾ پنجاهه هزار ايڪڙ ٻيلا پوکيا ويا. 75 هزار ايڪڙ ڪوٽڙي بئراج ۾ ۽ ڏيڍ لک ايڪڙ زمين گڊو بئراج ۾ مخصوص ڪئي وئي. ان ايراضي ۾ چين ۽ آسٽريليا مان وڻ گهرائي پوکيا ويا. 61 – 1960 ع ۾ سکر بئراج ايراضي ۾ 4 هزار ايڪڙ ۽ ڪوٽڙي بئراج ۾ 22 سئو ايڪڙ ايراضي ۾ ٻيلا پوکيا ويا. انهن جي پوکائي تي سکر ۾ 85 لک ۽ ڪوٽڙي ۾ 6 لک روپيه خرچ ڪيا ويا. ان عرصي ۾ سنڌ جي ٻيلن مان هر سال 5 لک مڻ ڪوئلو ۽ 8 لک مڻ جلائو ڪاٺيون ڪوئيٽا ۽ پنجاب ڏانهن موڪليون ويون.
ايوب خان جي دور تائين ٻيلي کاتي ۽ سنڌ جي ٻيلن جي بهترين ڪاڪردگي ظاهر ٿي. پر ان کان پوءِ يحى خان جي دور حڪومت ۾ ٻيلن طرف ڪوبه توجه ڪونه ڏنو ويو. 1971ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جا ويجها ساٿي ايم اين اي ۽ ايم پي اي ٻيلن جي سرڪاري زمينن تي قبضا ڪيا جن ٻيلن تي ڀيلي ڪيتريون ئي پنهنجون زمينون آباد ڪيون. جيڪي اڄڪلهه ڪيٽن جي نالن سان سڏيون وڃن ٿيون. ضياءَ جي مارشلا واري دور ۾ سنڌ ۾ ڌاڙيل فيڪٽر جنم ورتو تنهن ڪري ضياءَ الحق ڌاڙيلن خلاف هڪ وڏو آپريشن ڪرايو جنهن ۾ سنڌ جي ٻيلن جي پناهه گاهه طور استعمال ٿيندڙن ٻنهي ڪپرن تي آباد ٻيلن کي تباهه ڪيو ويو. بينظير جي ٻنهي دور حڪومت ۾ اها ڳالهه ساڳي نموني رهي. نواز شريف سنڌ ۾ آباد زمين کي تقسيم ڪرڻ لاءِ هڪ جامع پاليسي جوڙي جنهن ۾ من پسند ماڻهن کي ٻيلن جو زمينون الاٽ ڪيون ويون.
گذريل حڪومت ۾ سنڌ جي ڇهه لک کان به وڌيڪ ايڪڙ زمين با اثر وڏيرن ۽ ڪامورن جي قبضي هيٺ رهي ان کان سواءِ قبيلائي تڪرارن سبب ٻيلا قبيلائي تڪرارن جو پناهه گاهون بڻيل آهن. گذريل حڪومت ڪجهه آپريشن جي به شروعات ٿي پر ڪوبه بامقصد نتيجو ڪونه نڪتو.
سنڌ ۾ ٻين قسمن جا ٻيلا ٿين ٿا. هڪ سامونڊي جيڪي ڪراچي سمنڊ جي ڪناري سان آهن ۽ ٻيا دريائي ٻيلا جيڪي سنڌو دريا جي ڪپن سان آهن.
تازي گڏ ڪيل انگن اکرن مطابق سال 03 – 2002 ع دوران پوري سنڌ ۾ 126،350،21 هيڪٽرز ايراضي تي ٻيلن جي موجودگي ڏيکاري ويئي. جنهن مان 1630،836.58 هيڪٽرز تي عمارتي ڪاٺ جي ٻيلن جي موجودگي ۽ 1،112،300.05 هيڪٽرز تي ٻارڻ واري ڪاٺ جي موجودگي ڏيکاري ويئي.
)Statical Year Book of Sindh 2005 – 06حوالو ؛ (
هن وقت ٻيلن ۾ نوان وڻ به پوکيا وڃن ٿا، جن ۾ آئل پام ۽ بيد مشڪ جا وڻ به اچي وڃن ٿا. بهرحال ٻيلا اسان جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. لطيف سائين چيو آهي ته :
وڏا وڻ وڻڪارن جا، جت نانگ سجهن نيلا[b][/b]