باب ٽيون : حيوانيات
[/b] ايشيا کنڊ ۾ سنڌ هڪ گرم علائقو آهي. هتي پري پري تائين کليل ميدان موجود آهن، جيڪي چراگاهن جو ڪم ڏين ٿا. ان ڪري هتي چوپايو مال گهڻو ڌاريو وڃي ٿو. گرم ملڪن ۾ چوپائي مال لاءِ مکيه چار ذريعا آهن : هڪ سامونڊي ڪنارو، جتي ٻوڙا اڀرن ٿا. ٻيو وارياسا ميدان، جتي مينهن کان پوءِ ٿري گاهه ڦٽي ٿو. ٽيون جابلو سڌايون، جن ۾ برسات کان قسمين قسمين گاهه ٿين ٿا ۽ چوٿون ٻيلا ۽ ڪٽيون، جن ۾ درياءَ جي اٿل کان پوءِ سنها سنها گاهه پيدا ٿين ٿا.
سنڌ ۾ اهي سڀ ذريعا موجود آهن. هتان جو سامونڊي ڪنارو 180 ميلن ۾ آهي. ٿرپاڪر جو وارياسو علائقو ڏهه هزار چورس ميلن ۾ آهي. ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ نيون آهن. درياءَ جي ٻنهي پاسن کنا چراگاهه آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ پراڻي زماني کان وٺي مال ڌاريو ويندو هو ۽ دولتمند به ان کي ليکيو ويندو هو، جنهن وٽ چوپايو مال جهجهو هوندو هو. ڌن لفظ جيڪو دولت لاءِ ڪم اچي ٿو. ان جي اصل معنى ڌڻ آهي. ڌڻي لفظ جي معنى به اهي ڌڻ وارو ۽ پوءِ ڌڻي معنى ڌن وارو يا شاهوڪار . ڌنار به اصل ڌن مان نڪتو آهي. جنهن جي معنى آهي ڌڻي وارو سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ” سون جي رتي کان رت جي رتي چڱي، ڌڻ ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي، فلاڻو ”ڀاڳيو آهي“ ڀاڳيو جي معنى به مال وارو آهي. لفظ ڳوٺ جو وجود به مال سان آهي. ڳوٺ جو وجود به مال سان آهي. ڳوٺ سنسڪرت جو لفظ گوشت مان نڪتو آهي،جنهن جي معنى آهي. ” ڳئن بيهارڻ جو هنڌ“ ڳوٺن کي چوپائي مال جي حفاظت لاءِ وٿاڻن کي ڍينگرن جا لوڙها ڏنل هوندا هئا.
اسان جي معاشرتي زندگي ۾ مال کي جيڪا اهميت حاصل آهي، ان جو اندازو
” رزق“ لفظ مان لڳائي سگهجي ٿو. جنهن جي معنى آهي اهڙي شيءِ جنهن جي وسيلي ۽ جنهن سان زندگي گذاري سگهجي. سنڌ جي روايتن ۽ سماج ۾ خانداني خوشحالي کي ڳئن، مينهن ۽ ٻڪرين سان تعبير ڪيو ويندو آهي ۽ مال ڍڳي کي انساني ترقي ۽ اوسر جو اهڃاڻ سمجهيو وڃي ٿو. اسان جي ڳوٺاڻي زندگي ۾ خوشحالي ۽ خوشنصيبي ٻڌائڻ لاءِ چيو ويندو آهي. ته ” فلاڻي کي خدا کير ۽ پٽ ڏنو آهي.“ يعنى پٽ جهڙي اولاد سان کير جو لفظ استعمال ڪري، ڪنهن گهراڻي جي آسودگي بيان ڪبي آهي. سڃائي ۽ غربت لاءِ به چئبو آهي ته ” فلاڻي جي در تي ڍڳي به ڪانهي “ يا وري طعني طور چوندس ته ” ڪهڙيون ٿيون اڻ ڏڌيون آهرنس“ مطلب ته جيڪڏهن مال کي سماجي ۽ معاشي زندگي مان خارج ڪيو ويندو ته اسان جي اصلي اوصافن ۽ مخصوص ماحول کي ڌڪ لڳندو . دراصل سنڌ جي هن زنگيني ۽ شادابي ساوڪ ۽ سبزي ساري مال سان ئي وابسته آهي. سنگهار جهڙو پيار ۽ مٺڙو لفظ به مال سان ئي تعلق رکي ٿو. جنهن جي معنى به سنگهه معنى ڌڻ ۽ آر معنى ڌنار آهي . هي لفظ ڀٽ ڌڻي هن طرح ڪم آندو آهي. ” مکڻ ڀرن هٿڙا، سنگهاريون سايون“.
سنڌ ۾ چوپائي مال پالڻ جي شروعات ڇهه سئو ق – م ڌاري ٿي. ان زماني ۾ هت 50 کان 60 سينٽي ميٽر مينهن پوندو هو. آرين جي زماني ۾ چراگاهن ۾ ڳوٺاڻن کي مال چارڻ جي عام اجازت هئي. هر هڪ جو مال گڏ چرندو هو. ان ڪري هو پنهنجي مال تي مخصوص نشان ڪندا هئا. ڌنارن ۽ ڀاڳين کي ان زماني ۾ گوپالڪا چئبو هو. مال کي روزانو ٽي دفعا چاريو ويندو هو ۽ ڪتا به پاڻ سان وٺي ويندا هئا. سنڌين وٽ ملڪيت فقط مال جي هوندي هئي. ان ڪري چاري سانگي ڪڏهن هت ته ڪڏهن هت ويندا هئا. جڏهن کيتي جو رواج پيو، تڏهن مال جي اهميت ويتر وڌي ويئي. هر ڏيڻ ۽ نارڪاهڻ لاءِ هو ڏاند، اٺ ۽ گهوڙا ڪم آڻڻ لڳا. ڳئون، مينهون، رڍون، ٻڪريون، کير، ڏڌ، گوشت ۽ چمڙي لاءِ ڪم اچڻ لڳيون. يونانين جي آمد وقت به هت وڏو مال ڌاريو ويندو هو. پير پيلس لکي ٿو ته ” سنڌ ۾ چوپائي مال جا وڏا وڏا ڌڻ آهن“. سومرن جي دور ۾چوپايو مال گهڻو هو، جنهن مان وڏي آمدني ٿيندي هئي ۽ ڌنار پنهوار، ٻڪرار ۽ ميهار ايڏا ته آسودا ۽ جانٺا جوان هئا جو هنن علاو الدين ترم شيرين جي لشڪر سان مقابلا ڪيا. مغلن ۽ ڪلهوڙن جي زماني ۾ به دولتمند ۽ عزت وارو ماڻهو مال جي گهڻائي واري کي ليکيو ويندو هو. انگريزن جي دور ۾ به سنڌ ۾ مال جهجهي انداز ۾ ڌاريو ويندو هو. پوسٽنس لکي ٿو ته ” سنڌ جا ماڻهو مال جا وڏا وڏا ڌڻ ڌاريندا آهن ۽ ان ئي ماڻهو کي دولتمند ڄاتو ويندو آهي، جنهن وٽ چوپائي مال جا ڍور هجن، پر جنهن وٽ هڪ ٻه ڍور نه هوندا آهن، ان جهڙو سڃو ٻيو ڪونهي.“
پاڪستان جي دور ۾ به اسان جي معاشري ۾ مال جي اهائي حيثيت آهي ۽ اڌ آبادي جو گذران چوپائي مال تي آهي. اسان جي آمدني ۾ حيوانيات جي آمدني جو وڏو حصو آهي. 1949 ع ۾ 955 لک روپيا ٿيا، جيڪو 74 – 1973ع ۾ وڌي 10.336 لک روپيه آمدني ٿي. 5 سالن دوارن اٽڪل 8.23 سيڪڙو اضافو ٿيو.
پالتو جانورن ۾ هن وقت سالياني آمدني جو 9 سيڪڙو ۽ زرعي آمدني جو 28 سيڪڙو حاصل ٿئي ٿو. سنڌ ۾ پاڪستان جي ڪل حيوانيات ۾ ڍڳيون 14 سيڪڙو، مينهون 18 سيڪڙو، رڍون 10 سيڪڙو ۽ ٻڪريون 13 سيڪڙو آهن. سنڌ کي قدرت اعلى نسل جي مينهن ۽ سرخ سنڌي ڍڳين سان نوازيو آهي. جيڪي گرم ۽ سرد هوائن جي باوجود پنهنجي کير جي پيداواري صلاحيت ۾ مشهور آهن. دنيا جي ٻاهرين ملڪن ۾ به انهن جي وڏي گهرج آهي. سال 2000ع جي انگن اکرن مطابق سنڌ ۾ 3946 ٽوٽل مال پايو ويو. ( حوالو: سنڌ اسٽيٽيڪل ايئر بوڪ 2006)
بهرحال سنڌ ۾ چوپايو مال منڍ کان وٺي معيشيت، زراعت ۽ عام ماڻهن جي زندگي ۾ بنيادي ايڪي جي حيثيت رکي ٿو. هت هر جانورن جو تاريخ جي روشني ۾ ذڪر ڪجي ٿو.
[b]1. ڳئون
[/b] هي سنڌ جو سهڻو ۽ پيارو جانور آهي عادتن جو به نيڪ ته سڀاءُ جو به شريف. ان ڪري سٺين عادتن واري ۽ سلڇڻي سڀاءُ واري ڇوڪري کي ” گونگي گانءِ“ چيو ويندو وڃي ٿو. ڳئون کير ڏي، جيڪو ننڊا وڏا شوق سان پيئن. ڳائي کير ۾ برڪت ۽ فائدو آهي. پيغمبر اسلام حضور اڪرم ﷺ فرمايو ته ” اوهان ڳئون جي کير سان علاج ڪريو، ڳئون جي کير تي گذارو ڪريو، ڇو ته ان ۾ شفا آهي.“چوندا آهن ته ڳائو کير بدن کي مضبوط ڪري ٿو ۽ قبضي ختم ڪري ٿو ڳئون گابا ۽ گابيون ڏئي، جيڪي وڏا ٿي هر ڪاهين، گاڏيون ڇڪين ۽ ڳاهه ڳاهين. سنڌي ۾ ڪيتريون ئي چوڻيون ڳئون سان وابسته آهن. جهڙوڪ: ڏندين ڏاند هجڻ، ڍڳي وانگر وهڻ، ٿڪل ڏاند هجڻ، ڏاند کي پنگوهه چون، جنهن جي معنى آهي پهلوان پٽ. ڏاند جي وڏي عزت آهي. ماءُ پٽ کي دعا ڪندي هئي ته منهن جو به ” پُڳ پٽ“ ڳئون اصل سنسڪرت جي گوهيني گانءِ مان نڪتل آهي. انگريزي جو ڪائو ۽ فارسي جو لفظ گائو هم معنى آهن. ڳاين جي مالڪن کي چون گوسائين جيڪو پوءِ ڦري ٿيو ڌڻي يا مالڪ.
ڳئون سڀاويڪ جانور آهي . قرآن شريف جي هڪ سورت جو نالو البقره آهي، جنهن جي معنى ڳئون آهي. ان سورت ۾الله تعالى يهودين کي حڪم ڪيو ته ” منهنجي راضپي لاءِ هڪ متاري ڳئون قربان ڪئي وڃي.“ ان مان معلوم ٿيو ته ڳئون خدا جي راضپي جي علامت آهي. پراڻي زماني ۾ مصر ۽ ڪنعان ۾ ڳئون پرستي جو عام رواج هو. سامرين هڪ سونو گابو ٺاهي، ان جي پوڄا شروع ڪئي . جڏهن حضرت موسى عليه السلام کي خبر پئي ته پوءِ هن انهي ڳابي کي باهه ۾ ساڙي ڇڏيو. حضرت يوسف عليه السلام کان پوءِ جڏهن بني اسرائيل پستي ۾ پيا ۽ هو قبطين جا غلام بڻجي پيا، تڏهن کان هنن هي عادت سکي، مصري ماڻهن جو گذران کيتي تي هو، ان ڪري هو ڍڳين کي قابل پرستش سمجهندا هئا. هندو مذهب ۾ ڳئون جو وڏو مان آهي. شو مهراج جي خاص سواري ”نندي“ نالي هڪ ڍڳو هو. مصر جا قديم رهاڪو هڪ خاص ڍڳي ” اپيس “ کي پوڃيندا هئا. يوناني وري ” سيراپيس“ ڍڳي جي پوڄا ڪندا هئا ۽ مندر کي سيراپيس چوندا هئا. نوشيروان جو سوٽ، مزندران جو حاڪم پاڻ کي گاويار سڏائيندو هو.
سنڌ ۾ ڳئون پراڻي زماني کان پالي ويندي هئي. موهن جي دڙي جا ماڻهو ڳئون ڌاريندا هئا ۽ هڪ ٿوهي واري ڍڳي جي پوڄا ڪندا هئا. ويدڪ زماني ۾ ماڻهن وٽ ڍڳين سان ٽي دفعا پهرجي ويندا هئا. صبح، منجهند ۽ شام ڏهائي به ٽي ڀيرا ڪندا هئا. پهريون دفعو کير گهڻو ملندو هو، ان زماني ۾ ڳئون کي ڪٺو ڪونه ويندو هو، پر انهن جي قرباني جو عام رواج هو. ڳئون مارڪيٽن ۾ وڪامندي هئي. آرين جي اچڻ سان ڳئون جي اهميت وڌي ويئي. هو جيئن ته ايراني ۽ يورپي ماڻهن سان ميرو پربت ۾ رهيا هئا، ان ڪري کين ڳئن جي خبر هئي. هو کيتي ڪندا هئا، ان لاءِ ڳئون کي قدر جي نگاهه سان ڏسندا هئا. دهقاني سگهڙ کي ان وقت جا حاڪم ڳئون دان چوندا هئا.
رات جي وقت يا ڏينهن جو ڳوٺاڻا ڍڳين کي ٻڌي ڇڏيندا هئا، جيئن چورن ۽ گرمي جي تپش کان محفوظ رهن، باقي سمورو وقت کولي ڇڏيندا هئا، ان دور جا ڍڳا به طاقتور هئا، ڏاندن جي سڱن جون چهنبون تکيون هونديون هيون ۽ انهن ۾ زيور وجهندا هئا. ڍڳن کي گاڏين ۽ هرن ۾ ٻڌندا هئا. هن ئي زماني ۾ وڏي ماڻهو وٽ ڪو مهمان ايندو هو ته هو وڏو ڍڳو ڪهي مهماني ڪندو هو.
راجا پورس ته ڍڳن جي مهماني کان مشهور هو، ان ڪري کيس اٿيئي گوار ( ڍڳا ڪهائيندڙ) چوندا هئا. شادين جي موقعن تي وهت گانءِ ( ڦر نه ڏيندڙ ڳئون) ڪهڻ جو عام رواج هو. برهمڻ دور ۾ ڳئون جي پوڄا شروع ٿي ۽ گئو ڪشي تي بندش وڌي ويئي. گوپال، گوبند، گوتم، گوپي وغيره نالن رکڻ جو واهپو وڌي ويو.
712 ع ۾ جڏهن عربن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن حجاج بن يوسف سنڌ ۾ مسلمانن کي ڳئون ڪهڻ کان ان ڪري منع ڪئي ته جيئن کير پيئڻ ۽ چوپائي مالا مان گهڻو ڪجهه ڪمائي سگهجي. مغلن ۽ ڪلهوڙن جي زماني ۾ ڳائي مال جو وڏو مان هو. کير واري ڳئون جي قيمت ٻارنهن روپيه ۽ ڦنڊر جي قيمت ڇهه روپيه هئي. ٽالپرن جي ڏينهن ۾ هڪ هاري وٽ اٺ جوڙا ڍڳن جا، هڪ ڳئون ۽ هڪ گابو ضرور هوندو هو. زميندارن وٽ ته هي مال ڳڻڻ کان به ٻاهر هو . انگريزن جي دور ۾ هتان جي ڍڳن جو وڏو مان هو ۽ سندس مشهوري ديسان ديس هئي. پرتاب نالي هڪ ڍڳو سنڌ جي گورنر ” سرلارنيسٽ گرهام“ پاڻ نيلام ڪيو ته ماڻهن هڪ هزار کان به مٿي واڪ ڏنو. هتان جو ڳائو مال تن ڏينهن ۾ ڄمون ڪشمير، مدراس ۽ فلپائين ٻيٽن ڏانهن اماڻيو ويندو هو. 1809ع ۾ افغان ويڙهه وقت انگريزن ڇهه هزار ڏاند ڪمسريٽ لاءِ خريد ڪيا.
پاڪستان قائم ٿيئڻ کان پوءِ ڳائي مال جي پرورش تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو. هن وقت هت ٽن قسمن جون ڳئون پاليون وڃن ٿيون سرخ يا ڳاڙهي نسل جي ڳئون کير تمام گهڻو ڏي ٿي. هي بدين، ٺٽي، دادو ۽ حيدرآباد ضلعن ۾ ڌارجن ٿيون. حڪومت جانورن جي پرورش جي کاتي جي سنڀال هيٺ هن نسل جي پالنا لاءِ ٻه فارم هڪ ڪراچي ۽ ٻيو ٽنڊي محمد خان ۾کوليو آهي . ٻيو نسل ٿري ڳئون آهي هي کير به سٺو ڏي ٿي پر هن جو ڏاند زراعت ۽ بار کڻڻ لاءِ ڪارائتو آهي. هي نسل ٿرپارڪر ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ ملي ٿو. حڪومت هن جي پالنا لاءِ ضلعي ٿرپارڪر جي نبي سر روڊ شهر ۾ هڪ فارم قائم ڪيو آهي . ٽيون ڀاڳناڙي نسل آهي. هي کير ٿورو ڏي ٿي پر ڏاند تمام ڪارائتو آهي. هي نسل لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ۾ عام آهي. ٿريلي ۽ لاڙي ڍڳن ته قيام پاڪستان کان پوءِ شهرت حاصل ڪئي . سندن پالنا لاءِ ٽنڊ ڄام زرعي يونيورسٽي سان گڏ هڪ فارم مقرر ڪيو ويو.
مطلب ته ڳائو مال سنڌ جي سونهن ۽ ورونهن آهي. ٿر جي غريب ماروئڙن جي زندگي جو دارومدار هن تي آهي. ايڇ ٽي لئمبرڪ لکي ٿو ته ” ٿري بنيادي طرح ڌنار آهي“ ان ميداني علائقي مان مال ڳهڻ ۽ پنهنجو مال يا مال جي پيدائش گيهه، مکڻ،کلون ۽ چمڙو ميدانن ۾ وڪڻڻ تي هميشه کان هريل هوندا آهن ۽ اڄ به آهن.
ان ڪري ئي لطيف به سر سارنگ ۾ هن جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي. دعا جو اندازو ڏسو:
وري وڏي رس جون، ڪيون ڳالهيون ڳنوارن
سيد چئي سڀن، آهه تنهنجو آسرو
ڏاندن ساٿ سيد، چئي ڪي پياريون پهچن
گابا مٿي گس،ڏک نه ڪندا ڏٻرا
[b]2 – مينهن
[/b] مينهن جنهن کي مورخن سنڌو جو ” ڪارو مال “ سڏيو آهي، سنڌ ۾ گهڻو پاليو ويندو هو. مينهن کي پاڻي جي ” پونئري“ چئبو آهي. جنهن کي پوسل ۽ پاڻي وارو علائقو وڻندو آهي. ان ڪري هي مال گهڻو ڪري سنڌو درياءَ جي ڪنارن وارن علائقن ۾ ڌاريو ويندو آهي. جنهن کي ڪچو سڏبو آهي. هت هر سال اونهاري ۾ چاڙهه ڪري علائقو ٻڏي ويندو آهي ۽ پاڻي لهڻ کان پوءِ انيڪ گاهه ڦٽندا آهن، جن کي مينهون مزي سان کائي پاڻي ۾ پيون تڙڳنديون آهن. مينهن کي سنڌ ۾ رزق سان تعبير ڪيو ويو آهي. هتان جي ڳوٺاڻي زندگي تي مينهن جو وڏو اثر آهي. اسان جو رومانوي داستان ” سهڻي ميهار“ مينهن سان واسطو رکي ٿو. ميهار کي سنڌ جي سماج ۾ انفرادي حيثيت حاصل آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي لاکيڻي لطيف ميهار جي منهن کي دعا ڪندي چئي ٿو.
مينهون هن ميهار جو ن الا سڀ بچن
وڇون جي ڪيرن سين، سدا ٿيون سونهن
مون کي ماڻڪين، تاڻي هنيون تار ۾
مينهن سنڌ ۾پراڻي زماني کان ڌاري ويندي هئي. سنڌ ۾ آر چوسيا ( ڪوئيٽه ۽ پشين) کان مينهون اينديون هيون . برهمڻ جي زماني ۾ هتان جو مينهون مشهور هيون. سندن بازارن ۾ گوشت عام وڪامندو هو. عربن سنڌ جي مينهن کي شوق سان پاليو ۽ ڌاريو . بشارالمقدسي لکي ٿو ته هتان جو مينهون سهڻيون آهن ۽ کير گهڻو ڏينديون آهن. منصوره جون مينهون ڀليون آهن احسن التقاسيم ۾ به منصوره جي مينهن جي تعريف ڪئي وئي آهي. آل مهلب وارن سنڌ جون مينهون عراق ۽ شام تائين پهچايون. شام ۽ زط قبيلي سنڌ جي مينهن کي پهچايو جيڪو حضرت ابوبڪر رضي الله تعالي عنه جو زمانو هو.
سومرن جي زماني ۾ سنڌ ۾ مينهون تمام گهڻيون هونديون هيون. وڏي دودي جي گجر مينهن هئي، جنهن کي هنج ۾ کڻي باغ ۾ چاريندو هو. جوانن جي طاقت آزمائڻ لاءِ ميلا ٿيندا هئا، جتي پهلوان سانهن سڱ موڙيندا هئا. محمد سومري سانهن جا سڱ موڙيا هيا.
مغلن، ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دور ۾ به هي مال جهجهي انداز ۾ پاليو ويندو هو. ڊاڪٽر سورلي لکي ٿو ته ” مينهون هن ملڪ جي ماڻهن جو وڏو معاشي وسيلو آهن. هتي جا ماڻهو کير ۽ مکڻ جام کائين ٿا ۽ جيڪو کين بچت ٿئي ٿو، اهو وڪڻي زندگي جون ٻيون ضرورتون پوريون ڪن ٿا. هتي جي ماڻهن جي کير ۽ مکڻ سان سٺي آمدني ٿئي ٿي.“ ان زماني ۾ هڪ هاري وٽ ڏاندن جي جوڙي سان گڏ مينهن به ضرور هوندي هئي. انگريزن جي دور ۾ به مينهن جي اهميت قائم رهي. انگريريز واپاري هن کي ” سنڌ جو ڪارو مال “ سڏيندا هئا.
هئملٽن لکي ٿو ته ” مينهون سنڌ ۾ تمام گهڻيون آهن“. هر هڪ مان هڪ سئو پائونڊن تائين گوشت ملي ٿو. ائٽڪن لکي ٿو ته ” سنڌ جون مينهون، هندستان جي سڀني علائقن کان، کير جي لحاظ کان تمام ڀليون آهن.“ مارنق به لکي ٿو ته ” هن ملڪ ۾ مينهون تمام گهڻي انداز ۾ آهن.“ 1945ع ۾ انگريزن جي ڏينهن ۾ جيڪا مال جي ڳڻپ ڪئي وئي ان ۾ ” ماهو مال“ 702397 هو، جيڪو مجموعي تعداد جو 12 هو.
پاڪستان قائم ٿيئڻ کان پوءِ، هن مال جي پالنا ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو. 1957ع ۾ مينهن جو تعداد هڪ لک ٻارنهن هزار هو. 1960ع ۾ ماهو مال 16،00918 آهي. جيڪو مجموعي تعداد جو 21.6 سيڪڙو آهي. جيڪو سڀ کان وڌيڪ آهي. 73 – 1972 ع ۾ 128446 آهي. 1996ع ۾ سنڌ ۾ مينهن جو تعداد 6515 هيو. جڏهن ته 2000 ع جي انگن اکرن مطابق 4،222 آهي. ( حوالو؛ سنڌ اسٽيٽيڪل ايئر بوڪ 2006).
سنڌ جي صوبائي آمدني ۾ ماهي مال جو وڏو حصو آهي. سنڌ ۾ ڪيترن ئي قسمن جون مينهون پاليون وينديون آهن. جن مان ڪنڊي نسل مشهور آهي. هي ساري سنڌ ۾ عام آهي. هن نسل جي پالنا ۽ واڌاري لاءِ روهڙي ۾ هڪ فارم به ان سلسلي ۾ قائم ڪيو ويو آهي. اڄ به سنڌ ۾ ماهو مال ڪثرت سان پاليو وڃي ٿو. جيئن آبادي ۾ اضافو ٿيندو آهي، تيئن ماهي مال جي پالڻ ۾ به واڌارو ٿيندو رهي ٿو. کير ۽ گوشت جي گهڻي حد تائين ضرورت ماهو مال پوري ڪري ٿو. اڄ به ڪچي واري حصي ۾ مينهن جا گهڻا ڌڻ نظر ايندا آهن جت تي ماروئڙن جو گذران آهي. لطيف سائين مينهن جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي.
مينهون پاڻ مراديون، ٿڌا چرن ٿر
وڏي اوهه آئيون، پٺي لاهي ڦر
ساري اچيو سوا مينهن ڏين کير سڄو
ساڻ وانڍين ور، پري پرچڻ جون ڪيون
[b]3 – رڍ
[/b] رڍ سنڌ جو قيمتي ۽ املهه جانور آهي. جنهن جو اسان جي معيشت ۽ ٻولي تي وڏو اثر آيه. رڍ ڇا ڄاڻي رباب مان، جنهن جي ٻولي ” ٻي“ رڍون مڙيئي ٻوٿ ڪاريون ۽ موڳي رڍ سنڌي ٻولي جون مشهور چوڻيون ۽ محاورا آهن، جن ۾ معنى جامڻ سمايل آهن. رڍ غريب ماروئڙن لاءِ ڪارائتو جانور آهي. هن جي ان ۽ هن جي کل ۽ آنڊا ڪمائتا آهن. وڏا وڏا ڊنگ سيٺيون معصوم رڍ جي ننڍڙي ۽ ابهم ٻچڙي جي کلڙي لهرائي اچي ڪراڪلي پائي پنهنجي سونهن وڌائيندا آهن ۽ مامتا جو خون ڪري رڍ کي رئائيندا آهن. ڪيڏو نه پاپ جو ڪم آهي. ڀاڳيا رڍ جو کير به پيئن ۽ گوشت به کائين . رڍ جي کير ۾ 83.7 سيڪڙو پاڻي،5.30 سيڪڙو سڻڀ، 8.5 پروٽين، 16.6 سيڪڙو کنڊ ۽ 90 سيڪڙو معدني جزا موجود آهن. رڍ جيتوڻيڪ ننڍڙو ۽ نازڪ مال آهي تڏهن به ڪمائتو ۽ مفيد آهي. هن جي ان تمام قيمتي آهي. چوندا آهن ته ” ان ڌن آهي“ هن مان ڀاڳيا وڏو پئسو ڪمائيندا آهن.
رڍ کي ” برهما“ کتري سان گڏ پئدا ڪيو . هي تمام قديم جانور آهي. جنهن جو اصلوڪو ماڳ روهه ولايت يا جابلو ملڪ آهي. ان کان پوءِ هي مال سنڌ ۾ آيو. قديم آريه لوڪ دنبي جو گوشت دل سان کائيندا هئا. ويدڪ زماني ۾ رڍن جو گوشت ٽانڊن تي پچائي کاڌو ويندو هو. ان زماني ۾ ئي رڍن جي اُن مان لوئيون، کٿا ۽ ڦرانسيون ٺاهيون وينديون هيون. موهن جي دڙي جا ماڻهو رڍون پاليندا هئا ۽ ان جي ٻاهر موڪليندا هئا.
سومرن جي دور ۾ رڍون ڌاريون وينديون هيون ۽ سندن اُن ڪتري وڪرو ڪئي ويندي هئي. چنيسر کي ماءُ چيو ته ” ڪتو ڪتر هٿ ڪري تون وڏي واڙ وجهائي.“ مغلن ۽ ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ رڍون گهڻيون ۽ سستيون هيون، ان ڪري خاص ۽ سٺي رڍ صرف اٺن آنن ۾ ملندي هئي. ان زماني ۾ ٿر جي علائقي ۾ رڍون گهڻيون پاليون وينديون هيون ۽ رڍن جي اُن ڪتري کٿيون ۽ ڏوڙا تيار ڪيا ويندا هئا. مولانا وفائي جي لفظن ۾ ” ديس پرديس اوڍيا ويندا هئا.“
انگريزن جي ڏينهن ۾ هي مال هت گهڻو هوندو هو. پوسٽنس لکي ٿو ته ” اڀرندي طرف، ٿر جي رڻ ۽ الهندي طرف کير ٿر جبلن جي لاهين تي رڍون تمام گهڻي انداز ۾ ملن ٿيون .“ ڊاڪٽر ڇٻلاڻي لکي ٿو ته ” سنڌ ۾ ماڻهن جو هڪ حصو رڍن پالڻ ۾ مشغول هوندو هو. اڄ تائين الهندي پاسي جي جابلو علائقي ۽ اڀرندي پاسي جي ريگستاني حصي جي مارن ماڻهن جو گذر گهڻو تڻو رڍن جي پيدائش تي آهي.“ انهن ڏينهن ۾ سئبرلئڪ هڪ سٺي رڍ هڪ شلنگ ۽ مانرق هڪ رڍ هڪ روپئي ۾ ورتي ويندي هئي. 1945ع ۾ جيڪا چوپائي مال جي ڳڻپ ڪئي ويندي هئي تنهن ۾رڍن جو تعداد 6381011 لک هو، جيڪو مجموعي تعداد جو 10.90 سيڪڙو هو.
پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ هن مال ۾ واڌ آئي. 1957ع واري ڳڻپ ۾ رڍن جو تعداد سٺ لک چاليهه هزار هو ۽ 1960ع واي ڳڻپ ۾ 12.30 سيڪڙو هو. جيڪو ساري حيوانيات جو 16.23 سيڪڙو هو. رڍ مان جيڪا اُن ملي ٿي ان جو 1965ع ۾ ايڪو نجاهه لک مڻ وزن هو، جنهن مان چوڏهن لک پائونڊ وٺي ڌاڳو ٺاهيو ويو. 1965ع ۾ ان جي واپار مان 5 ڪروڙ 87 لک روپيه ڪمايا ويا. پاڪستان ۾ اجي قيمت جو اندازو نو ڪروڙ روپيه ساليانو آهي. رڍن جي هڏن مان ساليانو 11 لک 88 هزار مڻ ڀاڻ فارم يارڊ مئنيوز ملي ٿو. رڍن ۽ ٻڪري جي آنڊن مان سرجري ۾ استعمال ٿيندڙ ڌاڳو ٺهي ٿو. 1965ع ۾ پاڪستان ۾ 84 لک 30 هزار مڻ گوشت رڍن مان مليو. 1972ع واري ڳڻپ ۾ رڍن جو تعداد سنڌ ۾ 667591 لک هو. 1996ع ۾
سنڌ ۾ رڍن جو تعداد 3710 هيو.
سنڌ ۾ هن وقت ٻن قسمن جون رڍون پاليون وڃن ٿيون. پهريون ڪاڪو نسل جو ن رڍون، جيڪي حيدرآباد، ٿرپارڪر، دادو ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ پاليون وڃن ٿيون. 1975ع ۾ هن جو تعداد هڪ لک 40 هزار هو . 2000ع ۾ سنڌ ۾ رڍن جو تعداد 4،222 هيو. ( حوالو: سنڌ اسٽيٽيڪل بوڪ ايئر 2006) .سندس وز ن 60 يا 80 پائونڊ آهي ۽ ان جي پئداوار 5 پائونڊ في رڍ ساليانه آهي ۽ هي روزانو ٽي پائونڊ کير ڏي ٿي. رڍ جو ٻيو قسم ڪڇي آهي. جيڪو حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ هزارن جي تعداد ۾ رڍون پاليون وڃن ٿيون. هن جو وزن 70 يا 60 پائونڊ هوندو آهي. ان جي سالياني پيداوار 3 – 4 پائونڊ ۽ کير به 3 – 4 پائونڊ روزانه آهي.
هن وقت به ٿري ماڻهو ۽ ٻيا رڍون شوق سان پاليندا آهن ۽ ان جي اُن مان کٿيون، لوئيون ۽ فراسيون ٺاهي پاڻ به اوڙهيندا آهن ته ڳري ملهه تي وڪرو به ڪندا آهن. هيٺين بيت ۾ شاهه لطيف رح انهي اُن جي ڌنڌي جو ذڪر ڪري ريڍي مال جي سنڌي سماج ۾ اهميت کي نمايان ڪيو آهي. مارئي جي زباني چوي ٿو ته :
پنهوارن پاٻوهو، ڪي وس واهندن
لٿو سي لطيف چئي، ٻڌو ڦڻ ڦرن
اوءِ ٿا ڪورن ڪنئري، سرتيون مٿا سسن
عمر ان گندري، پاسي ڪانڌ ڪتن
[b]4 – ٻڪري :
[/b] ٻڪري سنڌ جو سينگار آهي خوش اخلاق ۽ خوش منظر جانور آهي. سراپا سون ئي سون آهي. سندس گوشت، هڏا، چمڙو، سصتر جو رت، ڏاس، کير ۽ آنڊا سڀ قيمتي آهن. ٻيو ته ٺهيو پر سندس ڦولهڙي به ڪمائتي آهي. ٻڪري مهمان نواز ۽ سخاوت جي سائنڻ آهي. پنهنجن مالڪن لاءِ گويا بئنڪ آهي. ناڻي جي خرزين آهي.
ٻڪري مترڪ ۽ ڀاڳرو جانور آهي. جنهن کي الله جي نبين ۽ مولا پاڪ جي پيغبرن پاليو ۽ چاريو. ٻڪري چاريندڙ کي ٻڪرار چئبو آهي. ٻڪرار هڪ عظيم پيشو آهي. جنهن تي قومن ۽ سندن سردارن سدائين رسيون پئي ڪيون آهن. حضرت شعيب وٽ ٻڪرين جو ڌڻ هو. جڏهن حضرت موسى ع کي پنهنجي نياڻي نڪاح ۾ ڏنائون. تڏهن حق مهر اٺ سال ٻڪرين چارڻ جي مقرر ٿيو. حضرت موسى ع اٺن سالن جي بدران ڏهه سال ٻڪريون چاريون . ان کان پوءِ جڏهن حضرت موسى ع مصر آيا، تڏهن حضرت شعيب ع کيس پنهنجي نياڻي سان گڏ ٻڪرين جو ڌڻ به عنايت ڪيو. حضرت موسى ع جنهن لٺ سان ٻڪرين کي وڻن مان پن ڇاڻي ڏيندو هو، ان کي الله تعالى بعد ۾ اه قوت بخشي جو اها ازدهه ٿي، سڀني جادو جي نانگن کي هڙپ ڪرڻ لڳي. حضرت شعيب ع ۽ حضرت موسى ع کان سواءِ اسان جي پياري پيغمبر ۽ محسن انسانيت حضور اڪرم ﷺ به پنهنجي زندگي جي شروعاتي دور ۾ ٻڪريون چاريون، پاڻ هڪ ٻڪري جي چوڌاري ڦري هڪ قيراط وٺندا هئا.
جيتري قدر ٻڪري جي تخليق جو سوال آهي ته ان لاءِ هندن جي ڪتاب برهمڻ گرنٿ ۾ اچي ٿو ته ” پرجاپتي ( برهما) ماڻهن ۾ پهرين برهمڻ خلقيا ۽ جانورن ۾ اول ٻڪريون پيدا ڪيون.“ هن مان ظاهر ٿيو ته انسان ۽ ٻڪري جو پاڻ ۾ ازل کان رشتو آهي. ڳانڍاپو آهي اهو ئي سبب آهي جو اسان جي سماجي ۽ ادبي زندگي تي ٻڪري جو اثر آهي. سنڌي ٻولي ۾ ڪيترائي محاورا ۽ چوڻيون هن سان وابسته آهن. ٻٽي ٻڪري در تي نه هئڻ، ٻڪر ٻوساٽ ڪرڻ، ٻڪري بڻجڻ . سنڌي ٻولي ۾ چوڻي آهي ته ” اٺ چري ٽيهه، ٻڪري چري ڇٽيهه، جن ڌاريون ٻڪريون تن کي مهل تي پڪريون“. لوڪ ادب جو ٻول آهي ته گهر هجي جهوپڙي، مال هجي ٻڪري، پٽ هجئي ته پڪڙئي اسان جي لوڪ داستانن ۽ قومي روايتن ۾ ” مارئي“ جيڪا سنڌي عورت جو آدرشي ڪردار آهي سا به پنهنجن سرتين سان گڏ ٿر ۾ ٻڪريون چاريندي هئي ۽ شاهه لطيف رح مارئي سان گڏ ٻڪري کي ڳائي سنڌي ثقافت جو جزو بڻائي ڇڏيو.
ٻڪر ٻاٻاڻا، پسان شال پر ڪهين
ٻڪري جو کير دماغ کي تازو توانو ڪري ٿو. گوشت وڌائي ٿو، بدنما داغن کي مٽائي ٿو ۽ انسان کي خوبصورت بڻائي ٿو. ان ڪري پاڻ سڳورن ﷺٻڪري جي کير کي نه صرف ساراهيو آهي، پر واپرايو به آهي. سندن ميزباني ۾ ٻڪري جي کير کي وڏي اهميت هئي. هڪ مهمان کي ستن ٻڪرين جو هڪ ئي وقت ٻڪري جو کير پياريائون. مهاتما گانڌي ٻڪري کي باداميون کارائيندو هو. جڏهن هو لنڊن ۾ گول ميز ڪانفرنس اٽينڊ ڪرڻ ويو، تڏهن پنهنجي قومي غيرت کي قائم رکڻ لاءِ انگريزن جي کاڌي کائڻ کان انڪار ڪندي ٻڪري کي هوائي جهاز ۾ وٺي ويو، جتي صرف ان جي کير تي گذارو ڪندو هو.
سنڌ ۾ دروڙن جي زماني کان ٻڪريون ڌاربيون هيون. ويدڪ دور ۾ ٻڪرين جو وجود ملي ٿو. آريا ٻڪري جي گوشت مٽي جي ٿانون ۾ رڌي ۽ ٽانڊن تي پچائي کائيندا هئا. ٻڪرين جي ڏاس مان ان وقت به کٿا، فراسيون ۽ خرزينون ٺاهيون وينديون هيون. مغلن ۽ ڪلهوڙن جي زماني ۾ ٻڪريون تمام گهڻيون هيون ۽ عام ٻڪري هڪ روپئي ۽ ڀلي ٻڪري چئن روپين ۾ ملندي هئي. ائٽڪن لکي ٿو ته ” بلا شبه ٻڪرين پالڻ لاءِ سنڌ هڪ موزون علائقو آهي.“ ان وقت ٻڪرين جي گهڻائي ڪري گوشت، کير مکڻ عام هو.
انگريزن جي دور ۾ سنڌ جي هر هڪ هاري وٽ ٻئي مال سان گڏ 15 کان 20 ٻڪريون به هونديون هيون . جيڪي به انگريز سياح هت آيا، انهن ٻڪرين جي ڌڻن جو ذڪر ڪيو. 1945ع ۾ جيڪا چوپائي مال جي ڳڻپ ڪئي وئي، تنهن ۾ ٻڪرين جو تعداد 14،14،167 هو، جيڪو مجموعي تعداد جو 24.15 هو.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ٻڪرين جي پالنا تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو. خاص ڪري ٿرپارڪر، بدين، سکر ۽ گهوٽڪي ضلعن جي ريگستاني علائقن ۾ هي مالي عام آهي ڇو ته خشڪ علائقي ۾ ٻڪري کي ڦيٽ جي بيماري نه ٿيندي آهي پر وچولي سنڌ ۾ گهم جي ڪري ٻڪريون ڦيٽجي وينديون آهن. هن وقت سنڌ ۾ ٻڪرين جا ڪيترائي قسم آهن جهڙوڪ: بريون، ماڪڙيون، ڪاڇيڻيون، ڪاموريون، ٽاپريون، ڳاهيون، چانڻيون وغيره. انهن مان هر قسم جي ٻڪري جي پنهنجي پنهنجي خوبي آهي. 1957ع واري مال جي ڳڻپ ۾ ٻڪرين جو تعداد هڪ لک پندرنهن هزار هو. جيڪو مجموعي تعداد جو 15.94 سيڪڙو هو. 1972ع ۾ 9،34،777 هو، 1976 جي ڳڻپ موجب سنڌ ۾ 42،35،000 ٻڪريون آهن. 1996ع ۾ سنڌ ۾ ٻڪرين جو تعداد 9734، جڏهن ته 2000ع ۾ سنڌ ۾ ٻڪرين جو تعداد 8،913 ٿيو. ( سنڌ اسٽيٽيڪل ايئر بوڪ 2006).
اڄ به سنڌ ۾ ٻاڪرو مال جام پاليو ويندو آهي. خاص ڪري ٿر جي ماڻهن جي زندگي جو مدار هن تي ئي آهي. ڇاڪاڻ ته ٿر ۾ هن مال کي بيماري نٿي ٿئي. شاهه لطيف رح ٻاڪري مال جو هن طرح ذڪر ڪيو آهي.
هن مند مارو سنرا، ويڙيين وڳ وارين
ڇڇئا ڇيڪارئو ڇيلڙا، پٽين پهرائين
نيڻ منهنجا ان کي، جهجهو جر هارين
تاڙا تنوارين، مينهن وسندا موٽ تون
[b]5 – اٺ :
[/b] اٺ سنڌ جو هڪ قديم، ڪمائتو ۽ پالتو جانور آهي . واري جي علائقي ۾ هي جانور بار ڍوئڻ ۽ سواري ڪرڻ جي ڪم ايندو آهي. ان ڪري کيس ” صحرا جو جهاز“ چوند آهن. هن جانور سان اسان جون تاريخي، تهذيبي ۽ معاشي روايتون وابسته آهن. اٺ هڪليندڙ کي جت چئبو آهي. جنهن جو تاريخ ۾ وڏو مقام آهي. هي سنڌ جي اها قديم ذات آهي، جنهن ايراني لشڪر سان گڏجي ” جنگ ذات السلاسل “ ۾ عربن سان جنگ ڪئي هئي. بعد ۾ هن جا سڀ افراد عربي گورنر حضرت ابو موسى اشعري سان گڏجي، حضرت عمر رضي الله تعالي عنه وٽ اسلام قبول ڪيو. هي قبيلو بهادر ۽ سورهيه هو. ان ڪري عربن هنن کي وڏا وڏا عهدا ڏنا. حضرت علي رضي الله تعالي عنه۽ حضرت امير ماويه رضي الله تعالي عنه جي ڏينهن ۾ هنن وٽ خزاني ۽ بحري فوج جا کاتا هئا. عرب مورخن کين زطه ڪري لکيو آهي. حديثن ۾ اچي ٿو ته هڪ جت پاڻ سڳورن جي هٿ مبارڪ تي بيعت پڻ ڪئي. مشهور اسلامي مفڪر، حضرت امام اعظم ابو حنيفه رضي الله تعالي عنه هن سنڌي ذات مان هو. جڏهن ڪلهوڙن ٽالپورن جو پاڻ ۾ تڪرار ٿيو، تڏهن مير بجار خان ڪلهوڙي کي ٻه راجپوت سوڍا قتل ڪري،اٺ تي چڙهي جيسلمير ڏانهن فرار ٿي ويا. سنڌ جي ٽن رومانوي، نيم تاريخي ۽ تهذيبي داستانن سان اٺ جو تعلق آهي. عمر حاڪم مارئي کي ٿر مان اٺ تي کڻي مينهن واءُ ڪري اچي ڪوٽ ۾ بند ڪيو. سسئي جا ڏير پنهون کي ڀنڀور مان کڻي ڪيچ مڪران هليا ويا. همير حاڪم سومري جي وزير راڻي سوڍي کي اٺ، لڊائي
( جيسلمير ) مان کڻي ماٿيلي ( ضلعي گهوٽڪي) ۾ هڪ رات ۾ آڻيندو ۽ نيندو هو. شاهه رحه جي مشهور وائي: ” آءُ راڻا رهه رات، تنهنجي چانگي کي چندن چاريان“ هن واقعي سان واسطو رکي ٿي. بلبل مهراڻ روبينه ۽ جيجي زرينه جو آيل لوڪ گيت ” ڏاچي واليا موڙ مهار“ به اٺ بابت چيل آهي. ” هو جمالو“ به سنڌي ثقافت جو آئينه دار ۽ سنڌي لوڪ ادب جو لافاني گيت آهي ۽ اسان جو قومي ناچ آهي اٺ سان ئي وابسته آهي. اٺ جيڏو، اٺ پيرو، اٺ پتڻ تي هئڻ، اٺ پير ٺاهڻ، اٺ جو سڱ، اٺ قطاري ڏيڻ، سئو ڏاڍي جو سردار هجڻ وغيره سنڌي ٻولي ۾ اٺ جا ڊزن کان به مٿي نالا آهن.
تاريخ ۾ هي جانور آرين سنڌ ۾ آندو . جڏهن هو سنڌ ۾ آيا، تڏهن سندن اٺ مضبوط هاٺي وارا هئا، جن تي سندن ڳرو سامان رکيل هو. برهمڻ جي دور ۾ به هي جانور تمام گهڻو هو. 711ع ۾ جڏهن عربن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن هو سنڌي اٺ ڏسي اچرج ۾ پئجي ويا. هو اٺن جا مدع خوان هئا. هنن ٻن ٿوهن وارن اٺن کي بلخ ۽ فارس پهچايو. عرب جا امير انهن کي فالج سڏيندا هئا ۽ انهن تي شوق سان سواري ڪندا هئا. سنڌ ۾ انهن کي ” پالهه“ سڏيو ويندو هو.
عربن جي دور ۾ سنڌ جو واپار، اٺن رستي هلندو هو. ان ڪري ڍل جو اگهه به اٺن تي مقرر هو. اٽي جي في اٺ تي ٻارنهن درهم ۽ هندستان جي تي في اٺ ويهه درهم محصول هو. 1521ع ۾ جڏهن شاهه بيگ ارغون سنڌ تي ڪاهه ڪئي هئي، تڏهن هڪ هزار اٺ بخشش طور ڏنا هئا. ڪلهوڙن جي زماني ۾ به نڌان علائقي جا اٺ مشهور هئا. هي علائقو مڪران جي آسي پاسي هو، جنهن جو لطيف سائين به ذڪر ڪيو آهي.
مغلن جي دور ۾ سنڌ جي اٺن جي هاڪ هئي. آئين اڪبري ۾ آيل آهي ته ” سنڌ
۾ اٺن جو هڪ عاليشان نسل پيدا ٿئي ٿو ۽ هن وقت گهڻي کان گهڻا ملن ٿا. ڪيترن باشندن وٽ ڏهن هزارن کا ن به وڌيڪ اٺ آهن. اجمير جا اٺ تکي ۾ تکا آهن. بار برداري ۾ اٺ ٺٽي ۾ پاليا وڃن ٿا. درياءَ ۽ سمنڊ جي ڪنارن تي کجي وارن علائقن ۾ ليون، لاڻا ۽ ٻيا گاهه به جام ٿين ٿا، جن مان اٺن لاءِ سٺو کاڄ ملي ٿو“. هن دور ۾ اجمير، گجرات، جوڌپور، بيڪانير، جيسلمير ۽ ڀٽنڊا ۾ سنڌ جا اٺ وڪامندا هئا. ان وقت هڪ اٺ جي قيمت 25 روپيه هئي. ٽالپرن جي زماني ۾ جنگين ۾ لشڪر جي رسائي لاءِ تيز رفتار اٺ استعمال ڪيا ويندا هئا. جن جي معرفت هنگامي حالتن ۾ هزران جي فوج بنا دير ۾ گڏ ڪري سگهبي هئي.
انگريز جڏهن هت آيا تڏهن هنن اٺن کي مال ڍوئيندي ۽ سواري لاءِ ڪم ايندي ڏٺو . ڪَرَو لکي ٿو ته ” صوبي ۾ هر هنڌ اٺ گهڻي انداز ۾ پاليا ويندا هئا ۽ اهي مال ڍوئيندا هئا.“ وليم پاٽنجر لکي ٿو ته ” هتان جو اٺ انهي نسل جو آهي، جنهن کي ٻه ٿوها ٿين ٿا، اهو فقط بار ڍوئڻ لاءِ ڪارگر آهي ڇاڪاڻ ته جسامت ۾ ڳرو، ڊگهن هڏن ۽ ڊگهن وارن سان ڀريل، کل ۽ حيرت انگيز طاقت وارو آهي. هڪ ٿوهي واري اٺ کي، اهي ماڻهو لڳاتار ڪيترن ئي ڏينهن تائين عجيب تيز رفتاري سان سفر ڪرڻ جي ترتيب ڏيندا آهن ۽ انهن جي کاڌي ۽ پاڻي کان سواءِ، رهڻ جي خاصيت سندن مالڪن جي ڇاپن هئڻ يا ڊاڪ زني وارين مهمن لاءِ بطور خاص موزون نٿي ٿئي. جنهن ۾ اٺن کي گهوڙن جي مٿان يقيني برتري حاصل آهي. هڪ ٿوهي وارا اٺ ظاهري ڊول ڊيل ۽ شڪل و صورت ۾ انهن علائقن جي آبهوا مطابق جنهن ۾ اهي پيدا ٿيندا ۽ رهندا آهن. متعجب حد تائين مختلف هوندا آهن، افغان ويڙهه وقت سيٺ نائو مل انگريزي لشڪر لاءِ ٽي هزار اٺ خريد ڪري، جنرل ناٽ ڏانهن امداد موڪلي، جوکين جي سردارن ڄام مهر علي سرجان ڪين کي هڪ هزار اٺ امداد طور ڏنا هئا. 1945ع واري ڳڻپ موجب اٺن جو تعداد 105469 هو، جيڪو مجموعي تعداد جو 1.80 سيڪڙو هو.
اٺ جي ڏاچين جو کير به ڀاڳيا شوق سان پيئندا آهن. اهو کير دوا لاءِ ڪم ايندو آهي. اٺ سنڌ ۾ بار کڻڻ، سواري ڪرڻ، نار ڪاهڻ، هر ڪاهڻ ۽ گهاڻي پيڙهڻ جي ڪم اچي ٿو. هن جي ڏاس مان کٿا، لوئيون ۽ فراسيون ٺاهيون ويندون آهن. اڄ به سنڌ ۾ ڪافي اٺ پاليا وڃن ٿا. پنجاب جو مشهور صحافي الطاف قريشي سنڌ ۾ ” اونڻون کي بڙي بڙي قطارين “ ڏسي اچرج ۾ پئجي ويو. ٻهراڙي جا رهاڪو اڄ به اٺن تي بار ڍوئي پنهنجو گذران ڪن ٿا. خاص ڪري وارياسين علائقن ۾ اٺ اڄ به معاشي ايڪي طور سڃاتو وڃي ٿو. اٺن کي سينگاري ان جو ناچ ڪرايو وڃي ٿو. ابوظهبي جي صدر زين بن سلطان النهيا خيرپور ضلعي ۾ اهڙن اٺن کي هزارين روپيه انعام ڏنا. سنڌ ۾ 1951ع جي انگن اکرن موجب هڪ لک سٺ هزار اٺ هئا. 1960 ع ۾ اٺن جو تعداد 95767 آهي. سنڌ ۾1996 ع ۾ انگن اکرن مطابق 225 اٺ هئا. جڏهن ته 2000 ع جي سروي مطابق 225 اٺ جڏهن ته 2000ع جي سروي مطابق 261 ڳڻپ ۾ اندا ويا. ( حوالو؛: سنڌ اسٽيٽيڪل ايئر بوڪ 2006)
اسان جي عوامي شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه اٺ کي ڏاڍو سارهايو آهي. هن سندس ڊويزن کان به مٿي عبدالطيف اٺ کي ڏاڍو ساراهيو آهي. هن سندس ڊزرن کان مٿي نالا ورتا آهن. هن هڪ بيت ۾ ڏسو ته هو اٺ لاءِ ڇا ٿو چوي
لک لاکيڻو ڪر هو، ڪوڙين ڏيئي ڪاهه
ايلاچيون آهر ۾ ڀوڄ مئي کي پاءِ
ڪٿ نه ڪندو ڪاءِ، جين پلاڻيو ڪاهه
لطيف رح
[b]6 – گهوڙو
[/b] گهوڙو، سنڌ جو پراڻو، سهڻو ۽ گهرو جانور آهي. سنڌي لفظ گهوڙ جو اچار سنسڪرت ۾ گهوٽڪ آهي. هي اصل ۾ دراوڙي لفظ آهي، جيڪو پوءِ سنسڪرت ۽ سنڌي ۾ عام ٿيو. هونءَ سنسڪرت ۾ گهوڙي کي اشو چون ٿا. سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو دراوڙ هئا ۽ ان دور ۾ سنڌو ماٿري گهوڙن کان مشهور هئي. دراوڙن جو گذران جيئن ته شڪار تي هو، ان ڪري گهوڙي تي چڙهي ان جي پٺيان پئبو هو. بجر ويد واري زماني ۾ دشمنن جي پيڇي ڪرڻ لاءِ به گهوڙن کي ڪم آڻبو هو. ان ڪري گهوڙن جو مان وڌڻ لڳو ۽ راجا پنهنجي سواري لاءِ گهوڙن کي ڪم آڻڻ لڳا. راجا ديوتائن تي ( اشو) جو نالو رکڻ لڳا. جهڙوڪ: اشو پتي ۽ اشوني ڪمار رگ ويد واري زماني ۾ سنڌ
۾ ڀلاڀلا گهوڙا هئا. عام طرح ماڻهو مٿن سوراري ڪندا هئا. جنگ مهل گاڏين ۾ ٻڌندا هئا. جنگي جوڌن جي سواري لاءِ گهوڙا ڌار هوندا هئا. جيڪي واچوڙي وانگر اڏامندا هئا. گهوڙن جو شرطون به رکيون وينديون هيون. ان وقت گهوڙن کي تڙ ڪرائي، سينگاري ميدان تي آندو ويندو هو. گاڏين ۾ گهوڙيون جوٽيون وينديون هيون. هندو گهوڙن جو گوشت کائيندا هئا. سنڌ ۾ گهوڙن جو واپار ٿيندو هو. اتر طرف سنڌ جي گهوڙن جا واپاري هوندا هئا. مصر ۾ به پهرين سنڌ جا گهوڙا وڪامندا هئا.
جڏهن آريا سنڌ ۾آيا، تڏهن گهوڙن جي اهميت وڌي ويئي. هو گهوڙن جي قرباني ڪرڻ لڳا، جنهن کي سندن زبان ۾ ” اشو ميڌيگيت“ چئبو هو. سندن عقيدو هو ته ائين ڪرڻ سان منجهن گهوڙي جي رفتار ۽ طاقت پيدا ٿئي ٿي. هنن به گهوڙن کي جنگ ۾ ڪم آندو ۽ گاڏين ڇڪڻ ۽ هر ڪاهڻ ۾ به استعمال ڪيو. آرين گهوڙن کي چوگان بازي ۾ به ڪم آندو. 218 ق- م ۾ جڏهن قرطاجنه جي سپهه سالار، هني پال رو م تي چڙهائي ڪئي، تڏهن ان جي فوج ۾ 12 هزار گهوڙا هئا، جن لاءِ مورخ لکن ٿا ته ” اهي سڀ گهوڙا سنڌي هئا ڇو ته انهن ڏينهن ۾ تن ملڪن جي واپاري تعلق سنڌ سان هو. “ سنڌو ندي جا رهاڪو چچ بن سيلائج کي ڍل ۾ پنج سئو سنڌي گهوڙا ڏيندا هئا، انهن ماڻهن مان ڪرد ذات جا ماڻهو قابل ذڪر هئا.
عربن 711ع ۾ سنڌ کي فتح ڪري گهوڙن جي واپار کي ترقي وٺرائي، حجاج بن يوسف گهوڙن جي واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ سنڌ جي صوبي سينان جي گادي زرنج ۾ گهوڙن جي پرورش جو انتظام ڪيو. هن خراسان ۽ ايران کان گهوڙا گهرائي، مقامي نسل ۾ ٻاهريون تخم پيدا ڪرايو. ان زماني ۾ ڪيڪان سنڌ جو هڪ سرحدي شهر هو، جتان جا اعلى نسل جا گهوڙا مشهور هئا، جيڪي ڪيڪاڻ سڏبا هئا. عربن هتان جا گهوڙا پنهنجي ملڪ ۾ نيا،انهن جو نسل وڌايو ۽ عربي گهوڙا دنيا ۾ مشهور ٿيا. جيڪي اصل ۾ اهي سنڌي گهوڙا هئا. سنڌ ۾ عراقي گهوڙو پنج سئو دينارن ۾ وڪاميندو هو. سنڌ جا گهوڙا مڪران جي بندر کان ٻاهرين دنيا ۾ موڪليا ويندا هئا.
سومرن جي دور ۾ هرمز، قيس، بحرين ۽ عدن کان هر سال ڏهه هزار گهوڙا سنڌ ۾ وڪري لاءِ ايندا هئا. ان وقت سنڌ ۾ في گهوڙي جي قيمت 220 دينار هئي. 1521ع ۾ جڏهن سمن ۽ ارغونن جي جنگ لڳي، تن ۾ سنڌي گهوڙا ڪتب آندا ويا. سنڌ جڏهن دهلي سلطنت جي قبضي هيٺ هئي، تڏهن محمد شاهه تغلق پنهنجي شاهي اصطبل ۾ سنڌي گهوڙن جي خاص پرورش ڪرائي. سنڌ جي گهوڙن جي تيز رفتاري کي ڏسي، هن گهوڙن جي معرفت ٽپال گهرائڻ جو بندوبست ڪيو. اهڙي طرح بصره ۽ ملتان جي وچ ۾ 15 ڏينهن ۾ ٽپال پهچندي هئي. اهڙي ٽپال کي ” اولاق“ چئبو هو. مرزا محمد باقي جي خاص وزير خميسي خان وٽ عراقي، ڪڇي، ترڪي، تازي، زهري ۽ ڪوهستاني گهوڙا هئا. سلطان فيروز شاهه تغلق نئون شاهي اصطبل ٺهرائي گهوڙن جي پرورش لاءِ هڪ علمدار آخوند بيگ مقرر ڪيو . هو هر سال ويهه هزار گهوڙا سنڌ مان خريد ڪندو هو. تغلق بادشاهه گهوڙن رستي خراسان کان تازا ميوا گهرائيندا هئا. علاوءُ الدين خلجي جي ڏينهن ۾ سنڌ جي والين نصرت خان احمد خان فوجين ۾ سنڌي سپاهي ڀرتي ڪيا، جيڪي پاڻ سان سنڌي جنگي گهوڙا به دهلي وٺي ويا. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ به گهوڙن کي جنگ ۾ ڪم آندو ويندو هو. انهن ئي گهوڙن بابت فتح نامي ۾ آهي ته ؛
چه گويم رفتار آڻ بادپا،
که جو يه سراغش نيم ازحبا
به شهباز فکرم هم آهنگ بود
که بروي فضاءِ زمين تنگ بود
ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ جڏهن انگريز سياح هتي آيا، تن سنڌ جي گهوڙن کي ڏاڍو ساراهيو. باربوسا لکي ٿو ” سنڌي گهوڙا جيتوڻيڪ سنها ۽ هڏاوان ٿين ٿا. پر ڏاڍا مضبوط، تيز رفتار ۽ غير معمولي ٿين ٿا.“ پاٽنجر لکي ٿو ته ” سنڌ ۽ بلوچستان جا گهوڙا ڏاڍا طاقتور، مضبوط، قد ڪاٺ جا ۽ وڏا ٿين ٿا پر اهي گهڻو ڪري انتهائي چالاڪ آهن. جيڪي گهوڙا انهي ملڪ کان هندستان ڏانهن آندا ويندا آهن تن مان اڪثر قلات جي ڏاکڻي علائقي ۽ ڪڇ گنڊاوا جا پاليل هوندا آهن. لس ۽ مڪران ۾ انهي جانورن جو نسل ننڍو ۽ گهٽ جوشيلو ٿئي ٿو. ريگستان جي الهندي طرف ڏانهن رهندڙ بلوچي پنهنجا گهوڙا گهڻو ڪري خراسان کان آڻيندا آهن ۽ اهي سردار جن وٽ نسل وٺڻ لاءِ گهوڙيون هونديون آهن سي کين عرب يا ايراني گهوڙن سان لڳ ڪرائيندا ۽ انهي جي ڪري اهي دم جي پختگي، ماٺائي ۽ سونهن ۾ اعلى قسم جا ٿين ٿا.“ ساڳئي طرح پوسٽس لکي ٿو ته ” سنڌ جو گهوڙو تمام مضبوط آهي ۽ طاقتور جانور آهي، جنهن کي خاص طرح بلوچي سردار ۽ جنگجو گهڻي تعداد ۾ استعمال ڪندا آهن ۽ انهن کي تربيت ڏيئي ڪيترائي ڪم ورتا ويندا آهن ۽ انهن کي تربيت ڏيئي ڪيترائي ڪم ورتا ويندا آهن. هت گهوڙن جا مالڪ پنهنجن گهوڙن کي نهايت سٺو کاڌو کارائيندا آهن ۽ شاهوڪار ماڻهو پنهنجن گهوڙن کي سهڻن ۽ قيمتي سنجن سان سينگاريندا آهن. انهن مان سٺي قسم جا گهوڙا خراسان مان پاڻ آڻيا ويندا آهن.“
1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي، هتان جي ٻئي مال سان گڏ گهوڙن کي ڏيساور موڪليو. 1945ع واري حيوانيات جي ڳڻپ گهوڙن جو تعداد 15. 789هو، جيڪو مجموعي تعداد جو 181 سيڪڙو آهي.
پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ 1960 ع واري ڳڻپ ۾ گهوڙن جو تعداد 88243 آهي جيڪو مجموعي تعداد جو 1.19 آهي. جڏهن 1996 ع جي ڳڻپ مطابق گهوڙن جو تعداد پوري سنڌ ۾ 63 آهي ۽ 2000ع مطابق سنڌ ۾ گهوڙن جو تعداد 49 آهي. ( حوالو:سنڌ اسٽيٽڪل ايئر بوڪ 2006) هي سڀ جانورن کان گهٽ آهي. جنهن جو خاص سبب هي آهي جو گهوڙي کي ٻاهر موڪلي زرمبادلو ڪمايو وڃي ٿو. هن وقت سنڌ ۾ ٽن نسلن جا گهوڙا پاليا وڃن ٿا. بلوچي، ڪاٺياواڙي ۽ عربي، بلوچي نسل جا گهوڙا گهڻو ڪري سري ۾ ۽ ڪاٺياواڙي نسل جا گهوڙا وچولي ۽ لاڙ ۾ملن ٿا. عربي نسل جا گهوڙا شوقين ماڻهو هر هنڌ پالين ٿا. اڄ به اسان جي سنڌ ۾ هن شانائتي جانور کي ڳوٺن ۾ وڏو مقام آهي. سنڌ جي ميلن ملاکڙن ۾ گهوڙن جي نمائش ٿئي ٿي. جديد زماني جي تقاضائن ۽ سواري جي جديد سهولتن ڪري گهوڙن جي اهميت روزانو گهٽبي وڃي ٿي ۽ ڪو وقت ايندو جو هي شانائتو جانور ڪتابن ۾ ملندو. شاهه لطيف رح گهوڙي جو ذڪر هن سهڻن ۽ پيارن لفظن ۾ ڪيو آهي.
گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا
ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا
[b] 7 – گڏهه ۽ خچر
[/b] گڏهه سنڌ جو غريب ۽ ڪمائتو جانور آهي. جيڪو سواري لاءِ به ڪم ڏي ته بار ڍوئڻ لاءِ به ڪم اچي. پراڻي زماني کان وٺي غريب ڪمي ڪاسبي هن تي مال کڻي ٻاهر وڪري لاءِ ويندا هئا. ڪنڀر ۽ مهاڻا پنهنجا ٿانو ۽ مڇي کڻي پنهنجي آهتين کي پهچائيندا هئا. ان ڪري گڏهه جو اسان جي معاشرتي زندگي ۽ ٻولي تي به اثر پيو. بيوقوف ماڻهو کي گڏهه سڏيو ويندو آهي جيڪو پنهنجي سڻي ۽ ٻئي کي لفٽ ئي نه ڏي ان کي ”خرمغز “ چئبو آهي. بي سري آواز لاءِ گڏهه جي هينگ محاورو ڪم آڻبو آهي. ” سونٽي هجي ساڻ، ته گڏهه گوهي نه ڪري“ مشهور سنڌي پهاڪو آهي. باشتير گڏهه ضدي ماڻهو لاءِ ڪم آڻبو آهي. وتائي فقير جي ٽوٽڪن ۾ گڏهه ساڻس گڏ هوندو هو. پرمانند ميوارام لکي ٿو ته ” گڏهه جي شڪل ڪهڙي نه سهڻي چٽي آهي گڏهه شڪل جو سادو، ڪم جو جانٺو، ٿڪجڻ جو ئي نه آهي. هلڻ جو اهڙو تڪڙو ڪينهي پر يڪساهي پيو ٽرندو، سٽ هڻندو هلندو، منزل هڻي ايندو ته ليکيندو ئي ڪين“. کاڌو به سهنج سڀاءُ جو،جيڪي مليو سو واهه واهه، خير صلاح ڇاجي، ٽانءِ ڇا جو پٽڪو، ڇوڙي ڇڏيندس جيڪو به ڪک ڪانو مليس سو لنگهائي وجهندو پيٽ ۾، هاري ۽ ڪمي ماڻهو جن تي ملڪ تڳي ٿو تن جو ته ٻيلي آهي. ڇا باغين، ڇا پورهيتن، ڇا رازن، مطلب ته خلقت جي ٽين پتي جو نه ڄاڻان ڪهڙو حال ٿئي ها جي گڏهه نه هجي ها . اهو ويچارو گڏهه آهي، جو هيتري سٽ ٿو سهي ۽ هر دم حڪم ۾ ٻڌو بيٺو آهي. ڇا کير، ڇا ميوو، ڇا ڀاڄي ڀتو، ڇا ڪاٺيون، ڇا آڱر، ڇا پنجهون، ڇا سرون، ڇا چنڇا، پاڻ، سڀ گڏهه کڻي. مطلب ته سڀ کان جيڪو نيچ ۽ گهٽ ڪم سو گڏهه جي نصيب ۾ آهي.
چوندا آهن ته گڏهه ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ کان ڇهه ڏينهن پوءِ پيدا ٿيو. مادي گڏهه جو کير ڳاڙهو ٿئي ٿو. جديد سائنسي دور کان اڳ هن جي کير کي حسن لاءِ ٽانڪ جو درجو حاصل هو. روم جي شهنشاهه نيرو وٽ 5 سئو ماديون پاليل گڏهيون هونديون هيون، جن جي کير سان ملڪئه پويا روزانو صبح جو سوير غسل ڪندي هئي.
منڍ ۾گڏهه نيل ندي جي ماٿري ۾ رهندو هو. ان کان پوءِ هن جو نسل سنڌ ۾ آيو. سنڌ ۾ گڏهن جا ٻه نسل هئا جهنگلي گڏهه هت گهڻا هئا رڻ ڪڇ ۾ سندن تعداد گهڻو هو پوءِ ماڻهن ڪتن معرفت کين پڪڙي گهرن ۾ ڌاريو. هو ٽيهه کان پنجٽيهه ميل في ڪلاڪ ڊڪي سگهندا هئا. آرين جي دور ۾ هتان گڏهه هندستان جي ڪن حصن ڏانهن موڪليا ويندا هئا. خلجين جي زماني ۾ شهنشاهه هند علاءُالدين خلجي ڏانهن سنڌ جي گورنر نصرت خان 1276ع ۾ جيڪو مال غنيمت موڪليو هو، اهو سنڌ جي ٽن هزار خرچن تي موڪليو ويو. مغلن جي زماني ۾به هتان گڏهه ٻاهرين ملڪن ڏانهن ويندا هئا.
خچر به گڏهه جو هڪ ترقي يافته نسل آهي.بابل کان اسڪندريه تائين جنهن گاڏي ۾ سڪندر اعظم جو لاش نيو ويو، ان گاڏي کي 64 خچرن ڇڪيو هو. مغلن جي دور ۾ خچرن جي قيمت هزارين روپيه هئي. عربستان ۾ سنڌي خچر گهڻي انگ ۾ وڪرو ٿيا. ابو العباس احمد ڪلڪشبندي جيڪو 8 صدي هجري ۾ سنڌ ۾ آيو سو هتان جي گڏهن ۽ خچرن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ” هتي گڏهه ۽ خچر جام ٿين ٿا. پر انهن جي سواري کي معيوب سمجهيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ عوام ڪڏهن ڪڏهن انهن تي سواري تي سواري ڪري به وٺندو آهي پر معززين ۽ اهل علم مان ڪوبه ڪڏهن خچر تي سوار نه ٿو ٿئي. گڏهه جي سواري کي ته هيڪاري سخت ذلت آميز ۽ باعث ننگ سمجهيو وڃي ٿو . اهو ئي سبب آهي جو اهي بار ڍوئڻ جي ڪم اچن ٿا.“فرانسيسي ماهر حيوانيات بفن لکي ٿو ته ” گهوڙن جو وجود دنيا ۾ نه هجي ها ته اڄ اسان جي دلچسپي جو مرڪز گڏهه هجي ها ڇو ته هو شرافت جو مسجمو آهي ۽فطري طرح هن کي گهوڙي تي اها برتري حاصل آهي، جو هن تي گرمي اثر نه ٿي ڪري، پر گهوڙو گرمي ۾ نڍال ٿي مري وڃي ٿو. انهن سڀني حقيقتن جي باوجود به گڏهه اسان وٽ برائي ۽ نفرت جي علامت آهي.“
انگريزن جي زماني ۾ هت طاقتور گڏهه ۽ خچر هوندا هئا، جيڪي اٺ سان گڏ بار برادري لاءِ ڪم ايندا هئا. جڏهن 1945ع ۾ انگريز حڪومت حيوانات جي ڳڻپ ڪرائي، تڏهن ان ۾ هنن جو تعداد 125598 هو جيڪو جملي حيوانات جو 2.15 سيڪڙو هو. جڏهن ته 2000ع مطابق پوري سنڌ ۾ گڏهن جو تعداد 533 ۽ خچرن جو تعداد 10 آهي. ( حوالو: سنڌ اسٽيٽيڪل ايئر بوڪ 2006)
هن وقت پاڪستان جي ٻهراڙي توڙي شهرن ۾ گڏهه عام نظر ايندا آهن. شهرن ۾ گڏهه گاڏا هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ مال ۽ سامان ڍوئيندا آهن ۽ ڳوٺاڻي ايراضي ۾ چڙهيءَ لاءِ ڪم ايندا آهن. پر اتي اهو مال کڻندو آهي. هاڻي ڳوٺاڻن علائقن مان گڏهه گهٽبو وڃي ٿو. صرف اتي سٺي نسل جا گڏهه ڪن شوقين ماڻهن وٽ ڏسجن ٿا، جيڪي ڊوڙائڻ ۽ گاڏن ۾ ڪم اچن ٿا.
[b]8 – ڪتو
[/b] ڪتو ڪنهن نه ڏٺو هوندو، انسان جو وفادار، دوست ۽ ڪمائتو جانور هر ڳوٺ، واهڻ، شهر ۽ وستي ۾ نظر ايندو. ڳوٺاڻن سان ته هن جو ازلي ناتو آهي. هي حيوان گهر کي پهرو ڏيندو رهندو آهي. سنڌي ٻولي تي ته هن جو وڏو اثر آهي. ان ڪري ڊزن کن محاوارا ۽ چوڻيون هن سان وابسته آهن. ڇتي ڪتي وارو چڪ، دفتر ڪتا کڻي وڃڻ، ڪتن هاب ٿيڻ، ڪتي جو وڙ نه هجڻ، ڪتو ڪڙم جو ويري، بڇڙو ڪتو ڌڻي پڻائي، نه ڪتو ڏسي نه ڀونڪي، ڪتو ڪتي کي نه سهي، دنيا آهي ڍونڍ ان جو طالب آهي ڪتو، سياڻن نفس کي ڪتي سان ڀيٽيو آهي. هنن چوڻين مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪتي جو اسان جي روزاني معاشرتي زندگي تي وڏو اثر آهي . سنڌي ادب ۾ ڪتي تي خاص ڪهاڻيون لکيون ويون ۽ بيت چيل آهن. لطيف سائين سسئي کي ٻوٽيون ٿي ڪيچ جي ڪتن جو کاڄ بڻجڻ جي تلقين ڪئي آهي. ٻانڀڻ ٿي ٻوٽيون ته ڪتا کائنني ڪيچ جا. حمل فقير ته محبوب جي پاسي جي ڪاري ڪتي تائين قربان ٿو وڃي. رشيد ڀٽي جي بهترين ڪهاڻي ”بڻ“ ۽ اياز قادري جي ڪهاڻي ” ڪتي جو موت“ سنڌي ادب جو لافاني شيون آهن. جيڪي ڪتن سان تعلق رکن ٿيون.
سنڌ ۾ ڪتو، پراڻي زماني کان ڌاريو ويندو هو. 15 هزار ق – م جي پراڻي شهر موهن جي دڙي جا ماڻهو ڪتا پاليندا هئا، جن سان هو شڪار به ڪندا هئا ۽ پنهنجو بچاءُ به ڪندا هئا ته هو مٿن ڪتن جي بڇ به ڪرائيندا هئا. ويدڪ دور جا ڪتا نهايت قدآور هوندا هئا ۽ ماڻهو مٿن ڪڏهن ڪڏهن بار به ڍوئيندا هئا. ان وقت سنڌ ۾ مال ڌارڻ ۽ ڳوٺن ۾ رهڻ جو رواج هو. ان ڪري ڪتن کان مال چارڻ ۽ گهر کي پهري ڏيڻ جو ڪم به ورتو ويندو هو. آريا شڪار جا شوقين هئا، ان ڪري اهي ڪتن کي وڏي شوق سان پاليندا هئا. ڪتن جي مدد سان هت شينهن، هرڻ، هاٿي ۽ چيتي جو شڪار ڪيو ويندو هو. سنڌ جا راجا شينهن ۽ مرون سان ڪتن جو ويڙهون به ڪرائيندا هئا. سنڌ جي ڪتن کي هاٿين وانگر جنگين ۾ اهم حصو وٺي تاريخ ۾ خاص ڪردار ادا ڪيو آهي. اٿينز واري جنگ ۾ سنڌي جوج پاڻ سان گڏ ڪتن کي به وٺي ويئي هئي، جن ان جنگ ۾ وڏي بهادري ڏيکاري. سڪندر مقدوني جڏهن سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن هتان جي ماڻهن هاٿين سان گڏ ڪتن کي به آندو هو، جن کي ڏسي يوناني اچرج ۾ پئجي ويا هئا. هيروڊوٽس لکي ٿو ته ” سنڌ ۾ ان وقت ڪتا اهڙا بهادر ۽ طاقتور هئا جو اهي شينهن سان مقابلو ڪندا هئا. اهي جبرا ۽ طاقتور ڪتا سنڌ جا رهاڪو داردستان، ڪشمير، گلگت ۽ چترال مان گهرائيندا هئا. “ ايران جا رهاڪو ڪتا سنڌ مان گهرائيندا هئا ۽ ان لاءِ وڏي رقم ڀريندا هئا. سڪندر کي سنڌ جي راجائن ڪجهه ڪتا سوکڙي طور ڏنا هئا. ايران جي اشڪائي ڪسرائن سنڌ جي ڪتن حاصل ڪرڻ لاءِ بابل جي چئن ڳوٺن ۾ سنڌي ڪتن جو نسل جاري ڪيو. ستين صدي عيسوي برهمڻ چچ سنڌ تي قبضو ڪري لوهاڻي جي جتن سان سزا طور هڪڙو قانون اهو به لاڳو ڪيو هو ته ٻين خدمتن سان گڏ هو واٽن ۽ رستن جي حڪمرانن جي رهنمائي ڪن ۽ گهر کان ٻاهر نڪرن ته پاڻ سان ڪتو ڪاهين، جڏهن چچ ايران جي مدد لاءِ هڪ فوجي دستو موڪليو، تڏهن سنڌي پاڻ سان فوجي ڪتا به وٺي آيا.
عربن سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ ٻي هر شيءَ وانگر هتان جي ڪتن کي به قدر جي نگاهه سان ڏٺو . هنن هتان جي تازي ڪتن جي نسل کي عرب ۾ آندو ۽ ان جي افزائش تي خاص ڌيان ڏنو. عرب حڪمران، سنڌ جي باغي قومن کان خراج طور ڪتا وٺندا هئا. عرب حاڪم عمران برمڪي جاٽن کي حڪم ڏنو ته هو جڏهن به وٽن اچن تڏهن پاڻ سان گڏ هڪ عمدي نسل جو ڪتو به آڻين. ان حڪم ڪري سنڌ جي ڪتن جي قيمت پنج سئو درهم ٿي وئي. سومرن جي دور ۾ ڪتن سان شڪار ڪيو ويندو هو. وڏي پٽ دودي کي جڏهن پڻس ديس نيڪالي ڏني، تڏهن هو پاڻ سان پنهنجا ٻه خاص ڪتا وٺي روانو ٿيو. تن جا نالا ڪڪر ۽ ڀوئرن يا موتي ۽ ڀوئنر هئا. ڪتن سان دودي کي ايڏو پيار هو جو ان وقت انهن لاءِ سونيون سنگهرون جوڙايون ويون، مال جي حفاظت لاءِ پڻ ڪتا ڌاريا ويندا هئا.
ٽالپر حڪمران شڪار جا شوقين هئا، ان ڪري ڪتن کي لاڏ ڪوڏ سان پاليندا هئا. خاص ڪري مير فتح علي خان ۽ مير نصير خان اعلى نسل جا ڪتا ڌاريندا هئا ۽ انهن جي مدد سان هرڻن ۽ مرن جو شڪار ڪندا هئا. مير علي مراد خان وٽ اهڙا ڪتا به جيڪي شينهن سان مقابلو ڪندا هئا. ان دور ۾ ڪتا ڳوٺن جي حفاظت ڪندا هئا. هڪ انگريز سياح چارلس مئسن کي منڇر ڍنڍ جو سير ڪندي اچي ڪتن ورايو ته هن وڻ تي چڙهي ساهه پٽيو.
سر هينري پاٽنجر لکي ٿو ” سنڌ ۾ ڪتا رڍن جي چوڪيداري جو ڪم ڪن ٿا. تازي ڪتن جو هت وڏو قدر ڪيو وڃي ٿو . اهي ڪتا تمام وڏا ۽ طاقتور ٿين ٿا. جڏهن اهي ڪاوڙ ۾ اچن ٿا، تڏهن انتهائي وحشي ٿي وڃن ٿا، پر عام حالتن ۾ اهي ايتري قدر ته غريب طبيعت ۽ ماڻيٺا هوندا آهن جو انهن کان وڌيڪ ماٺيڻن ڪتن جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي “. جهنگلي ڪتو انهي قسم جو ٿئي تو جو جيسين ماڻهو مسلح نه هجي. تيسين انهن مان ڪنهن به هڪ کي مٽائڻ خطرناڪ ٿيندو. اهي ڪتا ويهن ۽ ٽيهن جي ٽولن ۾ گڏجي شڪار ڪندا آهن ۽ اهي هڪ ڍڳي کي پڪڙي منٽن ۾ ماري ڇڏيندا هئا. سنڌ جي اهڙن ڪتن جو ذڪر سر رچرڊ برٽن به ڪيو آهي.
اڄ به سنڌ ۾ ڪن وڏيرن ۽ زميندارن جي بنگلن تي ڪتن جي ماڻهن کان به وڌيڪ خدمت ڪئي ويندي آهي ۽ کين ست رڇيون کارايون وينديون آهن. هزارن لکن ۾ شرطون رکيو وڃن ٿيون. عام طور اڄ به ڪتا مالڪ جي درن جي حفاظت ڪندي نظر اچن ٿا ۽ هر وقت وفادار نوڪري ۽ زرخريد غلام وانگر پهرو ڏيندا رهن ٿا. لطيف رح ڏسو ته ڪيئن نه سندس سهڻن لفظن ۾ ذڪر ڪري، هن جي اهميت ۽ افاديت کي نمايان ڪيو آهي.
ڪتو ڪوٺائين، ڪرين نه ڪار ڪتن جيئن،
ٽڪر کائين سائين جو ڀوڪين ڀي ساڻين،
سائين ڪين، سيبائين، الهڙا انهي عادتين.
[b]9 – هاٿي
[/b]هاٿي، سنڌ جو قديم ۽ شانائتو جانور آهي. جنهن سنڌ جي تاريخ ۽ معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هاڻي سارو سون آهي. سندس هڏا عاج آهن، جيڪي ڪروڙن ۾ وڪامن ان ڪر ي ئي چوندا آهن ته ” هاٿي جيئرو ته لک، مري ته ٻه لک“، هاٿي جا ڏند ڏيکارڻ جا هڪڙا ته کائڻ جا ٻيا“، مشهور سنڌي پهاڪو آهي . جيڪو ٻه روپي ماڻهو لاءِ ڪم ايندو آهي.سنڌ ۾ هاٿي جي موجودگي جا آثار موهن جي دڙي واري زماني مان ملن ٿا. ان زماني ۾ هت هاٿي گهڻي انداز ۾ پاليا ويندا هئا ۽ عاج جو وڏي پيماني تي ڪاروبار هلندو هو. سمير جيڪو دنيا جو قديم ترين شهر هو. سو سنڌ مان عاج گهرائيندو هو. حضرت موسى عليه السلام هڪ معاهدي هيٺ هتان سون ۽ عاج وٺندو هو. حضرت سليمان عليه السلام لاءِ هتان عاج جا ٻيڙا بيت المقدس پهچندا هئا. ڊاڪٽر ڪريم لکي ٿو ته ” عاج جي اصلي پيدائش هن ئي وادي ۾ ٿي.“ هي علائقو پراڻي زماني کان قدرت جي نعمتن سان مالا مال هو، هتي جهنگلن جي ڪثرت هئي. جنهن ۾ ڪافي تعداد ۾ هاٿي هوندا هئا. موهن جي دڙي جا مرد ۽ عورتون گهڻي انداز ۾ عاج جا زيور پائيندا هئا. ان وقت عاج مان بت به ٺاهيا ويندا هئا، جيڪي ٻاهرئين دنيا ۾ وڏي اگهه تي وڪامندا هئا.
ويدڪ دور ۾ هتان جا رهاڪو پالتو هاٿين سان جهنگلي هاٿي ڦاسائي، کين پاليندا هئا. مٿن سواري به عام ڪئي ويندي هئي. وڏا وڏا راجا پنهنجن نياڻين کي ڏاج ۾ هاٿي ڏيندا هئا ۽ نياڻي لاءِ اهو وڏو اعزاز هو، جنهن تي هو ساري ڄمار فخر ڪندي رهندي هئي. ان وقت سنڌ جي هڪ راجا رشي ( ڳوٺاڻي شاعر) کي جڏهن پنهنجي نياڻي ڏني تڏهن ڏاج ۾ کيس هاٿي به مليو. آريه به هاٿي کي فخر سان پاليندا هئا. جن ماڻهن وٽ هاٿين جا رٿ هوندا هئا، تن جو ڪوبه مٽ ۽ ثاني ڪونه سمجهيو ويندو هو. سنڌ جي هاٿي جي خاص ڳالهه جيڪا تاريخ ۾ نمايان آهي سا آهي سنڌي هاٿي جو جنگين ۾ حصو وٺڻ، سنڌ جي بقا ۽ سالميت لاءِ جتي هتان جي رهاڪن، سر قربان ڪيا، اتي حيوان رت جو نذرانو ڏيئي پنهنجي مالڪ ۽ ملڪ تان خود قرباني جا اڻ مٽ نقش ڇڏيا آهن. 217 ق – م جڏهن يونان جي سردار پائرهس، سمنڊ ٽپي اطلاليه تي حملو ڪيو، تڏهن ان جي لشڪر ۾ به سنڌ جا هاٿي هئا. رومي حاڪم به سنڌ مان هاٿي گهرائيندو هو.
388 ق – م سڪندر مقدوني سنڌ تي حملي آور ٿيو . هت کيس جنگ جي ميدان ۾ چئن ئي طرفن کان هاٿي نظر آيا. ملتان جي جنگ وقت 900 هاٿي سنڌي لشڪر ۾ هئا. ارجبل واري ميدان ۾ سنڌين چار هزار جنگي هاٿي آندا. سڪندري فوج جو هڪ آفيسر هيرو ڊوٽس لکي ٿو ته ” جنگ جي ميدان ۾ سنڌي راجائن، لشڪر جي هاٿين جون قطارون کڙيون ڪيون هيون. جنهن شهر تي يوناني ڪاهه ڪندا هئا، اتي سنڌي هاٿين کي ڇڙواڳ ڇڏي ڏيندا هئا.“ جيڪي اسان جي ماڻهن کي گهڻو پريشان ڪندا هئا. اهي عجيب و غريب جانور يونانين ڪڏهن به ڪونه ڏٺا هئا. سڪندر هاٿين کي قبضي ۾ آڻڻ لاءِ سنڌين کان مدد ورتي. اونيڪري ڊويس لکي ٿو ته ؛ هاٿي سڀني جانورن ۾ سياڻو آهي. سنڌي کيس هٿيار هلائڻ ۽ پٿر اڇلائڻ سيکارين ٿا. جيڪڏهن ڪو پهلوان جنگ جي ميدان ۾ مرندو هو ته هاٿي سندن لاش کي دفنائيندو هو .زخمين کي دشمن جي حملي کان به بچائيندو هو.
409 ق – م ۾ جڏهن دارا اٿينز تي ڪاهه ڪئي هئي تڏهن هن جيڪا پاڻ سان گڏ سنڌي فوج هئي تنهن سان گڏ سنڌي هاٿي به هئا. دارا گشتا سپ اول، سنڌ جو اترين حصو فتح ڪري ايلان سان ڳنڍيو هو. جڏهن هن ايرا ن تي ڪاهه ڪئي، تڏهن پنهنجي فوجين سان گڏ سنڌي سپاهين کي به وٺي ويو، جن ميدان جنگ ۾ هاٿين کي به ڪتب آندو.
635 ع ۾ ايران جي بادشاهه يزد جرد ۽ عربن جي وچ ۾ جنگ لڳي ان وقت سنڌ جي راجا ايران وارن جي مدد لاءِ هڪ فوج موڪلي جنهن ۾ جنگي هاٿي به هئا. هن ۾ عرب فوج جو سپهه سالار حضرت ابو عبيده رضي الله تعالي عنه هڪ اڇي سنڌي هاٿي هٿان شهيد ٿي ويو. طبري جي لکڻ موجب ” اهي سنڌي هاٿي عربن جي هڪ عجوبو هئا، جن مان ڪي هاٿي پڪڙي هنن عربستان نيا.“ برهمڻ جي دور حڪومت ۾ هاٿي سرڪاري طرح پاليا ويندا هئا. چچ وڏا چراگاهه قائم ڪيا هئا. جن ۾ سندن پالنا سان گڏ کين جنگي سکيا به ڏني ويندي هئي. 711 ع ۾ جڏهن عربن سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن راجا ڏاهر اروڙ واري جنگ ۾ هاٿين کي استعمال ڪيو. سٺ هاٿين جا دستا پيادل فوج جي اڳيان پٺيان هئا. راجا ڏاهر پاڻ به هڪ اڇي هاٿي تي سوار ٿي جنگ جي ڪمانڊنگ ڪئي. ان وقت هت هاٿين جو رواج هو. ڪتاب المسالڪ و الممالڪ وارو لکي ٿو ته ” سنڌ جا راجا قدآور هاٿي پالڻ جا ڏاڍا شوقين آهن. وڏيون وڏيون قيمتون ۽ ڪيترو سارو سون ڏيئي خريد ڪندا آهن. سڀ کا ن اوچي هاٿي جو قد نو هٿ آهي . البته سلون جا هاٿي 10 يا 11 هٿ ٿيندا آهن.“
عربن سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ هاٿين جو وڏو انگ عربستان موڪليو. سنڌ ان جي حاڪم مامون الرشيد کي هڪڙو هاٿي سوکڙي طور موڪليو. مامون ان کان ايترو ته خوش ٿيو جو سنڌ جو سمورو علائقو سندن حوالي ڪيو . سنڌي ڇوڪرا عربستان ۾ پنهنجن چالاڪين ۽ اٽڪلن سان هاٿين جا ڪرتب ڏيکاريندا هئا. سنڌ ۾ منصوره ۽ ملتان جي عرب حاڪمن وٽ هاٿي هوندا هئا، جن تي هو سواري ڪندا هئا. منصوره جي عرب حاڪم وٽ اسي جنگي هاٿي هئا. جن مان ٻه اهڙا هئا، جن جي مشهوري ساري هندستان ۾ هئي. انهن مان هڪ جو نالو منفرقلس۽ ٻئي جو حيدره هو.
سومرا حڪمران به هاٿي پالڻ جا شوقين هئا. ڀونگر بادشاهه وٽ ڀورو هاٿي هو. دودي جو مرڪنو هاٿي مشهور هو. ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾، سنڌ جا حڪمران شاعرن ۽ سخن ورن کي ٻين شين سان گڏ هاٿي به انعام ۾ ڏيندا هئا. سنڌ جڏهن تغلق گورنرن جي قبضي ۾ هئي، تڏهن هتان هاٿي دهلي موڪليا ويندا هئا. محمد شاهه تغلق هاٿي ڌارڻ جو شوقين هو. هن وٽ شاهي فيل خانه هئا، جن ۾ هزارين جي تعداد ۾ هاٿي پاليا ويندا هئا. فيل خاني جي علمدار کي شهنائي فيل چوندا هئا. هاٿين جي سوڍن ۾ ترارون ٻڌبيون هيون. مغلن جي زماني ۾ بادشاهن وٽ هاٿين جو وڏو قدر هو. بادشاهه جنهن تي راضي ٿيندو هو ته کيس هاٿي ڏيندا هئا. اڪبر سلطان محمود بکري کي خوش ٿي چار هاٿي ڏنا هئا. مرزا غازي بيگ ترخان، هڪ سنڌي شاعر کي پالڪي سوڌو هاٿي ڏنو هو. ڪلهوڙن جي زماني ۾ جنگ جي ميدان ۾ وقتي طور هاٿي کان ڪم ورتو ويندو هو.
هاٿي جي هڏن کي عاج چوندا آهن. انگريزن جي زماني ۾ هت عاج جي صنعت عروج تي هئي. هئلملٽن لکي ٿو ته ” هاٿي جي ڏندن جو هت کاپو تمام گهڻو هو . زالون ڪلهن کان ٺونٺين تائين ۽ ٺونٺين کان ڪرائين تائين عاج جون ٻانهيون پائن ٿيون. ان کان سواءِ لاٽون، چمچا، عطردانيون، پيپروويٽ، چانهه دانيون ۽ ٻيون ڪيتريون ئي سنهيون ٿلهيون شيون عاج مان ٺهن ٿيون.“ پوئين زماني ۾ پير حزب الله شاهه راشدي هڪ هاٿي مولانا بهائي کي سندس هڪ شعر کان متاثر ٿي انعام طور ڏنو هو. بهرحال هاٿي سنڌ جي تاريخ جو اهم باب آهي. لطيف رح سندس ذڪر هن طرح ڪيو آهي.
ڏٺو ڪال ڪهين، جهنجهار ڪوجهيڙو
هاٿين هڏ مچايا، ريلو رت نيئن،
ڀائن سان سنئين، جئان جيءُ جوکو ٿئي
[b]10 – هرڻ
[/b] هرڻ جو نالو ڀلا ڪنهن نه ٻڌو هوندو. سنڌ جو هي سهڻو ۽ سنهڙو جانور سڀني کي وڻندو آهي. هلڪڙو جسم، هلڪو ريحائون پيٽ، هلڪو ڀورو ڳاڙهو رنگ، ڊگها سنها سنها سڱ، نهايت سهڻو مهانڊو، ننڊا ڪن، هنسي ڳچي، ننڍڙو پڇ، سنهڙا ۽ ننڍڙا هلڪڙا نجملي وار، ڊگهيون مضبوط کڙيون، چست ٽنگون ۽ ننڍا کر هي آهي قدرت جي حسين سورکڙي، ٿر جو بي نظير تحفو، سنڌ جي انمول سوکڙي، جيڪو خالق ڪائنات پنهنجن سنڌي ٻانهن کي عنايت ڪيو آهي. هرڻ جي خاص ڳالهه آهي سندس حسين وڏيون ۽ ڪاريون گول اکيون، جنهن ڪري هرڻ شاعري جو خاص موضوع رهيو آهي. شاعر پنهنجي محبوب جي اکين کي هرڻ جي اک سان تشبيهه ڏيئي سندس حسن جي واکاڻ ڪئي آهي ۽ ان کي ” مرگهه نين “ چوندا آهن. شاعريءَ جي هڪ خاص صنف غزل به هن سان واسطو رکي ٿي. سنڌ جي مشهور شاعر عبدالجبار جوڻيجي جي شاعري جو مجموعو به ” مرگهه ترشنا“ آهي. حميد سنڌي جي ڪهاڻي هرڻي ۽ بردي سنڌي جو نظم هرڻي به مشهور آهن. حضور اڪرم ﷺ هڪ هرڻي جا ضامن پيا هئا. سنڌي لوڪ ادب ۾ هرڻي جو معجزو اهم حيثيت رکي ٿو. جنهن کي سنڌي جي عوامي شاعر رمضان واڍي سهڻي نموني ڳايو آهي. غزني ملڪ جو هڪ سپاهي ستگين هرڻي جي دعا سان بادشاهه ٿيو. ننڍڙا ٻار هرڻي جي ٻچڙي کي ڏاڍو پيار ڪندا آهن. ان ڪري شهر جي وڏن وڏن آفيسرن ۽ ڊنگ سيٺين کي ٻهراڙي جا غريب ماڻهو سوکڙي طور هرڻي جا ٻچا ڏيندا آهن.
سنڌ ۾ هرڻ جو وجود ويدڪ زماني کان ملي ٿو. ان وقت سنڌ جا رهاڪو هرڻن جو شڪار گهوڙن تي چڙهي ڪندا هئا، ڇو ته هرڻ سڀني جانورن کان ڊڄڻو آهي ۽ خطرو محسوس ٿيندي ئي اڇلون ڏيندو ڀڄندو ويندو. سندس اڇلون ڊگهيون ۽ اوچيون ٿينديون آهن، ان ڪري گهوڙو ئي کيس پهچي سگهندو هو. آرين کڏون کوٽي هرڻ جو شڪار ڪندا هئا، جنهن کي مرگهه ڇالا چوندا هئا. ان پوشاڪ پائڻ جو رواج پوءِ ڪيترن ئي صديون جاري رهيو.
عربن جي زماني ۾ سنڌ ۾ هرڻ تمام گهڻو هو، جنهن جو ذڪر سيرافي سياح به ڪيو آهي. سنڌ ۾ هڪ هرڻ جو قسم هو، جنهن مان مشڪ ملندو هو ۽ هت مشڪ ايتري ته گهڻي ٿيندي هئي جو عرب تاجر ان جو واپار ڪندا هئا ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچندي هئي. حضور اڪرم ﷺجي سامهون جڏهن مشڪ جي ڳالهه نڪتي ته پاڻ فرمايائون ته ” ڇا اها سمورين خوشبوءَ وارين شين ۾زياده پاڪيزه خوشبو نه آهي.“
ٽالپرن جي دور ۾ هرڻ تمام گهڻا هوندا هئا. مير حڪمران جيئن ته شڪار جا شوقين هئا، ان ڪري هنن هٿرادو ٻيلا رکائي هرڻن جي نسل کي بچايو. نئٽن ڪرو لکي ٿو ته ” مير فتح علي خان حيدرآباد جي ڀرسان هڪ ٻيلي ۾ ” ڪوٺاپي“ نالي نسل جي هرڻ جي حفاظت ڪئي جنهن جو هو شوق سان شڪار ڪندو هو. مير مراد علي خان سنڌ ۾ ڪارن هرڻن جو رواج وڌو، جيڪو ان کان اڳ سنڌ ۾ نه هو.“ مير حاڪم بازن، ڪتن، چيتن ۽ بندوقن سان هرڻن جو شڪار ڪندا هئا. سر رچرڊ برٽن سنڌ ۾ بازن سان هرڻ جي شڪار ڪرڻ جو ذڪر ڪيو آهي. سنڌ جو شهزادو شاعر مير سانگي به هرڻ جي شڪار جو شوقين هو. سندس هڪ شعر آهي.
بندوقون هڻي ڪي، هرڻ مارجن، وري ڪجي ڪا ڏاڏاڻي ڪار
هرڻ جي کل به ڏاڍي قيمتي آهي، جنهن مان بوٽ، نماز جا مصلا ۽ گاديليون ٺهنديون آهن. هن جا سڱ به سهڻا ٿين ٿا. جيڪي شوقين ماڻهو پنهنجن جاين ۾ بيهاريندا آهن. مير مراد علي خان وٽ هرڻ جا 16 انچ ڊگها سڱ هئا.
اڄ به سنڌ جي ريگستاني علائقي ۾ ڪافي هرڻ ملن ٿا. جنهن جي شڪار تي عرب حڪمران ٻاهران اچي ڪروڙ ها روپيه خرچ ڪن ٿا. 2000 ع جي سنڌ ۾ جانورن جي ڳڻپ مطابق سنڌ ۾ 400 هرڻ هجڻ جي تصديق ڪئي ويئي.
( حوالو: روزاني ڪاوش پهرين جو ن 2007)
[b]11 – جهنگلي جانور
[/b] اسان جي سنڌ ۾ آڳاٽي وقت ۾ جهنگ ۽ ٻيلا گهڻا هئا، جن ۾ ڪيترائي عجيب وغريب رهندا هئا. جن جو سڌو يا اڻ سڌو اثر اسان جي معاشي ۽ معاشرتي زندگي تي پيو. هت انهن جو ذڪر ڪجي ٿو، جن جي ڄاڻ ۽ تاريخ اسان جي نئين نسل جي معلومات ۾ سئو سيڪڙو واڌارو ڪندي.
شينهن کي دنيا ج طاقتور جانور سڏيو ويندو آهي، هي سنڌ ۾ تمام گهڻو هوندو هو. موهن جي دڙي جا ماڻهو شينهن ۽ چيتن جو شڪار ڪندا هئا. ويدڪ زماني جا ماڻهو شينهن ۽ چيتن جي کلن ان ٺهيل پوشاڪون ڍڪيندا هئا. يوناني نيرڪوسن کي سنڌين چيتن جي کلن مان ٺهيل لباس پهرايو هو. آريه شينهن کي پنجوڙن ۾ ڦاسائيندا هئا ۽ ڪي وري ڪتن جي مدد سان به ماريندا هئا. سومرن جي زماني ۾ سنڌ جي ٻيلن ۾ شينهن رهندا هئا. وڏي ڀونگر هڪ شينهن ماريو هو. چنيسر لاءِ به لوڪ داستانن ۾ شينهن مارڻ جو ذڪر ملي ٿو. ٽالپرن جي دور ۾ هت شينهن جام هئا. مير غلام علي ٽالپر لاکاٽ جي جهنگ ۾ شينهن ماريو هو. انگريزن جي زماني ۾ شينهن جو ذڪر ملي ٿو.
سنڌ ۾ ڪارا ۽ ڀورا رڇ به هوندا هئا. اهي ايڏا ته خطرناڪ هئا. جو جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو تي حملو ڪندا هئا، ته ان کي مارڻ کان سواءِ نه ڇڏيندا هئا. لاچار ماڻهو ڪنهن واهه يا ڍنڍ ۾ ٽپو ڏيئي پاڻ کي بچائيندا هئا. هڪ عرب تميم بن عتبي به رڇ کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ هڪ ڍنڍ ۾ ٽپو ڏيڻو پيو، جتان پوءِ نڪري نه سگهيو ۽ اتي ئي مري ويو. عرب اهڙين ڍنڍين کي ” مادر الجوايس“ چوندا هئا.
مهراڻ جي گهاٽن ٻيلن ۾ ويدڪ واري زماني ۾ گينڊا رهندا هئا. جڏهن ابن بطوطه هت آيو، تڏهن هن جيڪي سنڌ ۾ گينڊا ڏٺا تن جوکان قد هاٿي ٿورو ننڊڙو ۽ مٿو هاٿي کان وڏو هو. سندن رنگ ڪارو هو .گينڊن جي سڱن کي عرب جا واپاري چين ۾ وڪڻي گهڻو ناڻو ڪمائيندا هئا. انهن جي سڱن مان جوڙيل صندوق ٽن هزارن روپين ۾ وڪامندي هئي . ٽالپرن جي دور ۾ به هت گينڊا هئا. ميرحسن علي خان وٽ هڪ گينڊي و سڱ هو، جن جي گولائي 36 انچ هئي. سنڌ ۾ گورخور به هونداهئا. يونانين سان جنگ وقت سنڌين هاٿين، گهوڙن ۽ ڪتن سان گڏ گورخور به استعمال ڪيا هئا. نڪولس وٿنگن لکيو آهي ته ” ٿر جون ڀٽون گورخرن جو هنڌ آهي.“
هت باندرن جا ولر هوندا هئا. سنڌ جا باندر اوفير جي بندر تان حضرت سليمان ع بيت المقدس گهرايا هئا. يوناني جو بيان آيه ته جڏهن سنڌ ۾ باندرن جو ٽوليون شهرن ۾ اينديون هيون . تڏهن هندو کين اٻاريل چانور کائيندا هئا. شڪاري کين جيئرو ڦاسائي پاليندا هئا. هن وقت به پاڪستان مان هر سال ستر هزار ڀولڙا ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليا وڃن ٿا. هي ڀولڙا هندستاني ڀولڙن کان وڌيڪ صحتمند هوندا آهن.
سنڌ جاڦاڙها به مشهور هئا. موهن جي دڙي مان ڦاڙهي جا سڱ به لڌا ويا آهن. ٽالپر حڪمرا ن ڦاڙهن جو شڪار شوق سان ڪندا هئا. مير علي مراد خان وٽ ڦاڙهي جا سڱ 26 انچ ڊگها هئا. هت مم جو وجود به ملي ٿو. جنهن جو شڪار ڪمشنر ليوڪس کير ٿر جبل ۾ ڪيو هو، چون ٿا ته هي ماڻهن جا سڀڪجهه چٽي ان کي اپاهج بڻائي ٿي ڇڏي. وڏي ڳالهه ته هت ڏائڻيون به هونديون هيون، جن لاءِ مشهور آهي ته اهي ماڻهن جا هيانءُ ڪڍي کائين ٿيون. اسان جي لوڪ ڪهاڻين ۾ ڏائيڻين جو ڪردار واضع چٽيل ملندو. برهمڻ جي دور ۾ اهڙيون ڏائڻيون چراغن تي چڙهي سواري ڪنديون هيون. هت واگهه به هئا.
ڪشمور تعلقي جي هڪ جنگهل ۾ واگهه گهڻا هئا، جن جو مير مراد علي خان شڪار ڪندو هو. هن واگهن جي کلن مان هڪ تنبو به ٺهرايو، جيڪو پوءِ هڪ انگريز کي تحفي ۾ ڏنو هئائين. ڪبياس هڪ عجيب جانور جو ذڪر ڪيو آهي. جنهن جو قد شينهن جيڏو ۽ منهن ماڻهو جهڙو هو. اهو جانور پڇ سان ڏنگ هڻندو هو. هي جانور يونانين،سنڌ جي ٽڪرين ۾ ڏٺو هو، جنهن کي پڪڙي ايران جي شهنشاهه جي خدمت ۾ آندو ويو. يوناني مورخ هيروڊوٽس جي بيان موجب سنڌ جي سيتان واري حصي ۾ هڪ قسم جون ماڪوڙيون هيون، جيڪي لومڙي جي قد جيڏيون هيون، اهي ماڪوڙيون سنڌ جي مٽي ۽ واري مان سون جا ذرڙا ڳولي پنهنجن ٻرن ۾ گڏ ڪنديون هيون.
گدڙ سنڌ جو مشهور جهنگلي جانور آهي، جنهن جون ڪهاڻيون اسان جي عوامي ادب ۾ عام آهن. هي جانور پنهنجي چالاڪي ۽ ڏاهپ ڪري به مشهور آهي. پنهنجي مطلب لاءِ ڏاڍا ڪم ڪندو آهي. سنسڪرت ۾ هن کي وڏي اهميت آهي. هندي ادب جي مشهور ڪتاب ” ڪليه ۽ دمنه“ ۾ هن جي سياڻپ جون ڳالهيون لکيل آهن . هن ڪتاب جو فارسي ۾ ترجمو ” انورا سهيلي “ جي نالي سان ٿيو. بهرحال هي جانور سنڌ ۾ پراڻي زماني کان ملي ٿو. جڏهن پاٽنجر ڪراچي کان ٺٽي آيو، تڏهن هن هڪ گدڙ ڏٺو، جنهن سندن لفظن ۾ اسان کي خوب ڊوڙايو ۽ نيٺ هڪ کوهه ۾ ٽپ ڏيئي اسان کان ڀڄي ويو. هو لکي ٿو ته : ڪجهه ميل اڳڀرو ملڪ جي اندروني حصي ۾ اسان کي ڪافي تعداد ۾ گدڙ، لومڙ، جهنگلي سوئر، هرڻ ۽ مختلف قسمن جا ٻيا شڪاري جانور ملي پئي سگهيا. پاٽنجر سنڌ جي ڪن ٻين جانورن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ” سنڌوندي جي ڪناري وارن گهاٽن ٻيلن سنڌ ۽ گجرات جي درميان واقع ريگستان جي ايراضي ۽ ٻين حصن ۾ شينهن ۽ چيتو ملي سگهندو.“ چراخ ۽ بهگڙ سڄِي ملڪ ۾ پکڙيا پيا آهن ۽ اهي هتان جي ڌڻن ۾ وڏي تباهي مچائين ٿا. چراخ کان سواءِ ٻيو ڪوبه جانور ماڻهو تي حملو ڪونه ڪندو آهي ۽ سو به ان مهل، جڏهن کيس سخت بک تنگ ڪندي آيه ۽ مخالف چڙي ائين ڪندو آهي.
هندن خاص ڪري برهمڻن جي دور ۾ هت سوئر گهڻا هئا. هندو انهن کي پاليندا هئا ۽ شهرين ۾ سندن ڌڻ هوندا هئا ۽ شهرين ۾ سندن ڌڻ هوندا هئا. ان ڪري عرب فاتحن مسلمانن لاءِ ڌار شهر ٺهرايا. اڄ به سنڌ جي ٻيلن ۾ سوئر گهڻا ملن ٿا. جن جو وڏيرا ڪتن سان شڪار ڪندا آهن. هت واڳون ۽ مانگر مڇ به درياءَ ۾ گهڻا هئا.
سنڌ ۾ نانگ به دلچسپ ۽ خطرناڪ هوندا هئا. جن مان ڪي زهريلا ته ڪي به ضرر. هر ڪنهن جو رنگ، صورت ۽ زهر جو اثر پنهنجو، يوناني مورخ لکن ٿاته ” مهراڻ جي ڊيلٽا تي وڏا ۽ خطرناڪ نانگ رهن ٿا.“ سڪندر مقدوني جڏهن سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن کيس ٻه اهڙا نانگ ڏيکاريا ويا، جن مان هر هڪ جي ڊيگهه سٺ کان اسي فوٽ هئي. 1858ع ۾ هڪ پورچوگيز ٺٽي جي ٻاهران هڪ ايڏو وڏو نانگ ماريو، جيڪو هڪ ڍڳي کي ڳهي رهيو هو. هن وقت به سنڌ ۾ 389 قسمن جا نانگ آهن، جن مان 52 زهري قسمن جا نانگ آهن. مرحوم نواب احمد خان تاجپور وارو نانگن جو بادشاهه سڏبو هو، جنهن وٽ ٽن هزار قسمن جا نانگ هئا. جن سان هو مختلف بيمارين جو علاج ڪندو هو.ٿر ۾ هڪ عجيب قسم جو نانگ آهي. جيڪو سمهيل ماڻهو جي وات ۾ زهر وجهي کيس ماري وجهندو آهي. جنهن کي ” پيئڻ نانگ “ سڏبو آهي. واسينگ يا ڪارو نانگ به مشهور آهي، جيڪو مستي ۾ اچي ڦڻ کڻي انسان تي حملو ڪندو آهي. ڪي نانگ ناڻي تي به پهرو ڏيندا آهن. جن لاءِ اسان جي لوڪ ادب ۾ گهڻيون ڳالهيون وابسته آهن.
بهرحال سنڌ ۾ عجيب و غريب جانور رهندا هئا ۽ رهن ٿا. جيڪي اسان جي تاريخ جو حصو آهن . سنڌ ۾ جهنگلي جانورن جو هڪ وڏو پارڪ کيرٿر نيشنل پارڪ آهي جيڪو ملڪ جي چئن وڏن پارڪرن مان هڪ آهي. جتي اڄ به ناياب جانور ملن ٿا.