سنڌ شناسي

خوشحال سنڌ

سنڌ جي حيواني، معدني ۽ پيداواري وسيلن جي ڄاڻ ۽ ان جي روشنيءَ ۾ قدرتي شاهوڪاريءَ جي تفصيلن سان ذڪر ڪيل هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو تاريخدان ۽ محقق دادا سنڌي آهي.
هو منڍ ۾ لکي ٿو:
”سنڌ هڪ آسودو ۽ خوشحال ملڪ آهي. سنڌ جي معيشت هڪ تاريخي حقيقت آهي ۽ سندس عظمت فخر لائق آهي. مون ڏٺو آهي ته اسان جو نئون نسل ۽ نوجوان طبقو، پنهنجي جنم ڀوميءَ جي تاريخ سان محبت ڪرڻ ٿو چاهي، پر جيئن ته هي سائنسي ۽ معاشي د‌‌ور آهي ۽ هت هڪ هڪ سيڪنڊ ۽ هڪ هڪ منٽ جي پنهنجي اهميت آهي، ان ڪري وڏا وڏا ڪتاب ۽ ڊگها ڊگها مضمون پڙهڻ لاءِ وقت ملڻ مشڪل آهي، ويتر ٽي وي ۽ ڊش انٽينا جي ميسر ڪيل تفريح، واندڪائي ۾ پڙهڻ واري نظريي کي به گهٽائي ڇڏيوآهي. ان ڪري ئي مان نوجوانن لاءِ مختصر ۽ ننڍن مضمونن ۾ سنڌ جي تاريخ کي سموهي، پنهنجن ديس واسين آڏو پيش ڪريان ٿو.“
  • 4.5/5.0
  • 3905
  • 931
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book خوشحال سنڌ

باب پنجون : متفرقات

[b]سنڌ سوني جهرڪي ( سنڌ جو سون)
[/b] سون قيمتي ڌاتو آهي جنهن کي نه ڪٽ کائي نه سرو لڳي ان ڪري هي ملڪ جي اقتصاديات ۾ اهم حيثيت رکي ٿو، خاص ڪري پرڏيهي ناڻي جي مٽاسٽا ۾ سندس وڏو ڪرادار آهي . اهو ئي سبب آهي جو اهو ملڪ وڌيڪ دولتمند سمجهيو وڃي ٿو جنهن ۾ سون گهڻو هوندو آهي. هيءَ تاريخي حقيقت آهي ته اسان جي سنڌ ۾ سون ايترو ته جهجهو هوندو هو، جو هتان ٻاهرين ملڪن کي موڪليو ويندو هو ۽ ان جهڙو خالص ۽ نج سون ٻيو ڪٿي به نه لڀندو هو. سمير جي ڪتبن ۾ آيل آهي ته ” هت سون جا جهاز سنڌ مان ڀرجي ايندا هئا.“ دارا اول 486 – 522 ق م۾ جڏهن سنڌ تي ڌاڪو ڄمايو ته هتان ڍل طور هر سال ٽي سئو ٽيلينٽ سون ( جيڪو اڄ پنج ڪروڙن جو ٿئي ٿو) ٻن صدين ڪين وصول ڪري ايران موڪليو هو. حضرت سليمان ع هڪ تجارتي معاهدي هيٺ هر ٽئين سال ٻين شين کان سواءِ سون به ڪافي انداز ۾ گهرائيندو هو. ملڪئه سبا سنڌ مان سون گهرائيندي هئي. حضرت موسى ع جي زماني ۾ اوفير جو شهر سون جي پيدائش کان مشهور هو جيئن ته اوفير سون جو هم معنى لفظ آهي ان ڪري محققن جو رايو آيهي ته ” اوفير سنڌ جو پورو نالو هو“. ويدڪ زماني ۾ سنڌ جو سڪو سونو هو، جنهن کي ” نشڪ “ چوندا هئا. هن جو وزن 16 ماسا يا سوا تولو هو. مرد ۽ عورتون وڏي تعداد ۾ سونا هار پائينديون هيون.
ايران جي حاڪم سائرس اعظم ( 858- 530 ق – م ) بابل کي فتح ڪري هندي وڏي سمنڊ تائين رهندڙ قومن تي قابض ٿي ويو ۽ اهڙي طرح مهراڻ جي سموري ماٿري سندن قبضي ۾ اچي وئي هن کي سنڌ مان ڏهن پائونڊن کان وڌيڪ ڍل ملندي هئي. هن جيڪو واپاري سڪو جاري ڪيو، ان ۾ نج سنڌي سون هو، جنهن جو وزن 130 گرين هو. ان ڪري ان سڪي جي دنيا ۾ وڏي عزت هئي. ايلم، ميڊيا ۽ بابل وارا سنڌ ۾ اچي سون خريد ڪندا هئا. سنڌ جو سون اڪتبانا، سوسا ۽ بابل جي خزانن ۾ جمع ٿيندو هو. دارا ٻئي جڏهن ايڪتبانا ( همدان ) تي قبضو ڪيو، تڏهن کيس شاهي خزاني مان 17 لک پائونڊ خالص سنڌي سون هٿ آيو. سڪندر مقدوني هيروڊوٽس جي رپورٽ کي نظر ۾ رکي، جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو، تڏهن هتان کيس ايترو ته سون هٿ آيو، جو هن پنهنجي بادشاهي ۾ سونو سڪو جاري ڪيو. هيروڊوٽس پنهنجي رپورٽ ۾سنڌ جي اهڙين ماڪوڙين جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي واري مان سون جا ذرڙا چونڊي پنهنجي ٻرن ۾ گڏ ڪنديون هيون ۽ سنڌي اهو سون ٻرن مان کڻي ايندا هئا. مئگٿينز سنڌ ۾ سون جي کاڻين جو به ذڪر ڪيو آهي. دراوڙ سون ۽ چاندي جي گهڻائي ڪري انهن جا زيور ٺاهي پائيندا هئا. هن زماني ۾ روم سنڌ مان ايترو ته مال خريد ڪندو هو جو اهو سنڌ کي هر سال پنجاهه لک ٽن سون جي صورت ۾ ڏيندو هو.
عرب جڏهن سنڌ ۾ واپار جي خيال سان آيا تڏهن هنن پنهنجي ياداشتن ۾ سنڌ جي سون جو به ٻين قيمتي شين سان ذڪر ڪيو آهي. هڪ عرب سياح لکي ٿو ته ” عرب جا واپاري جدي کان سنڌ، ان ڪري ايندا هئا، جو چين ۽ هند جي پاڻي ۾ موتي ۽ عنبر هوندو آهي ۽ ان جي پهاڙن ۾ جواهرن۽ سون جون کاڻيون آهن.“ چوٿين صدي ۾ هتان موتي، سون، عطر ۽ جواهرات عرب ويندو هو. ڪارو منڊل جي هڪ راجا جي مرڻ کان پوءِ سندس هڪ مسلمان ڀائيوار کي جيڪي سون ۽ چاندي مليا، ان کي کڻڻ لاءِ 7 هزار ڏاندن جي ضرورت پئي. هي هڪ تاريخي حقيقت آهي ته ڌارين ملڪن جا واپاري، غلامن سان جهاز ڀرائي، سنڌ جي مڪران واري استولا ٻيٽ ۾ سون جي کاڻين جي ڳولا ۾ ايندا هئا. نيئر ڪوس کي، سون جي کاڻين جي خبر هئي، ان ڪري هو فنيقي ۽ مصري ملاحن کي وٺي ٻيٽ جي ڳولا ڪرڻ لاءِ پهتو هو، پر سندس ماڻهو ميدن مٿان مارجي ويا. ان وقت الور ۽ سيتان ۾ سون ۽ چانديءَ جون کاڻيون هيون.
محمد بن قاسم جڏهن 711ع ۾ سنڌ تي حمله آور ٿيو تڏهن هن راجا ڏاهر جو سر، حسنه ڏاهر جي ڌيءَ، خزاني ۾ رکيل ٻارنهن ڪروڙ درهمن جو سون ۽ چتر شاهي، حجاج کي موڪليون. ( ملتان جيڪو ان وقت سنڌ جو هڪ حصو هو) جي هڪ برهمڻ کيس، مندر ۾ پوريل سون جو ڏس ڏنو. جڏهن عربن ان کي کوٽيو تڏهن هڪ سونو بت، ٻه سئو ٽيهه مڻ خالص سون ۽ چاليهه مٽ سون جي ٻوري جا نڪتا. ڪل سون هڪ هزار ٽي سئو ويهه مڻ ٿيو. جيڪو شاهي خزاني لاءِ عراق موڪليو ويو. ملتان جي آفتاب مندر ۾ سون جا انبار ڏسي، عربن جي واتان سنڌ لاءِ ” سون جي جهرڪي“ جا لفظ نڪري ويا. قاضي رشيد بن زبير ” الذخائر اولتحف“ ۾ لکيو آهي. ته ” خليفي واثق باالله جي زماني ۾ عمران بن موسى، والي سنڌ کي، سنڌ ۾ قتل ڪيو ويو. جڏهن واثق کي ان جي خبر پئِي، تڏهن عمران جي دولت تي قبضي ڪرڻ لاءِ بغداد ۽ سنڌ ڏانهن پنهنجا خاص ماڻهو روانا ڪيائين، جن عمران جي پٽ ۽ ان جي ڀيڻ کي، قيد ڪري ساري دولت هٿ ڪئي، جيڪا پنج ڪروڙ هئي. ان کان سواءِ 2 هزار عود جون ٽوڪريون پڻ هيون واثق کي سنڌ مان نج سون جيڪو هٿ آيو، ان مان هن دسترخوان ٺهرايو. عمران پنهنجي زندگي ۾ واثق کي سنڌ مان جواهرات، سون ۽ چاندي جا ٺهيل ٿانو، سون جا ٺهيل تاخ ۽ خالص چاندي ايتري مقدار ۾ موڪليا جو ان جي مجموعي قيمت ٻن ڪروڙن کان به وڌيڪ هئي.
سلطان محمود غزنوي کي به سنڌ جي سون جي خبر هئي ۽ هو ان لاءِ سيوهڻ ۾ به پهتو. بعد ۾ هي کاڻيون زلزلن ڪري هميشه لاءِ ختم ٿي ويون. ترخانن جي دور ۾ جڏهن 1555ع ۾ پورچوگيزن ٺٽي کي باهه ڏني، تڏهن ان ۾ هنن 2 لک پائونڊن جون اشرفيون ساڙي ڇڏيون، پورچوگيزن هت سون جو واپار به شروع ڪيو. هڪ پورچو گيز واپاري ” ائنتينو بوڪار“ (1631) لکي ٿو ته ” سنڌ ملڪ تمام شاهوڪار آهي. پورچوگيزن جهاز، هتان هر هڪ 200000 پئٽڪاس موڙي جو سون ۽ چاندي کڻي وڃن ٿا. هت اهڙا ڪيترائي جهاز اچن ٿا.“ ٽالپرن جي دور ۾ سنڌ ۾ سون ۽ چاندي تمام گهڻو هو.ميرن وٽ سونا ٿانو هوندا هئا. ڪتابن کي ڪور به سونا ڏيندا هئا. پاٽنجر، جيمس برنس ۽ ٻيا جيڪي انگريز سفير وٽن آيا، تن ميرن وٽ سون جي گهڻائي جو ذڪر ڪيو آهي ۽ انگريزن جي سنڌ تي چڙهائي جو ڪارڻ به اهوئي هو. ان ڪري 1843 ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ تي حملو ڪيو، تڏهن هنن ميرن جي بيگمات جي بدن تان سونن زيورن لاءِ عورتون مقرر ڪيون ۽ اهڙي طرح هنن جيڪا ڦرلٽ ڪري مال گڏ ڪيو، تنهن ۾ سون جو تعداد تمام گهڻو هو. مورخ لکن ٿا ته انگريزن کي قلعي مان هت آيل سون جي قيمت ڏهه لک اسٽرلنگ پائونڊ هئي ۽ نيپئر کي ستر هزار پائونڊ جو سون مليو. سپاهين ايتري ته ڦرلٽ ڪئي جو سندن کيسن مان سون ۽ جواهر هيٺ ڪرڻ لڳا.
هن وقت به سنڌ ۾ سون جو ڪافي ذخيرو آهي. ماڻهن جي گهرن ۾ به اڪثر ڪري انهي ڪري سون آهي ڇو ته هو پئسن رکڻ جي ڀيٽ ۾ سون سانڍڻ کي اهميت ڏيندا آهن. هت اڃان به سون جون کاڻيون آهن جيڪي کوٽائڻ جي خاص ضرورت آهي. سنڌو درياءَ جي واري مان به سون لڀڻ جا امڪان آهن. 1974ع ۾ هڪ اخباري رپورٽ موجب ” سنڌو ندي جي واري جي چونڊ ڪيل زرخيز تهن مان ڏهه لک واري جي جزن مان 15 جزا سون جا لڌا ويا، جن پنجن جماعتن، انهن علائقن جو جائزو ورتو، تن اڳ ۾ به 41 تولا سون لڌو هو.“
سنڌ ۾ اڄ به هڪ ذات ” ڌوڙڌيا“ آهي، جيڪا مٽي کي پاڻي ۾ پسائي سون ڳوليندي آهي.“

[b]سنڌ جا ڪتاب :
[/b] ڪتاب زندگي حقيقي تصوير آهي. ماحول جي عڪاسي آهي. ليکڪ جي خون جو نچوڙ آهي. مصنف جي سوچ ۽ فڪر جو آئينو آهي. بي بها خزانو ۽ املهه وٿ آهي. ڪلام پاڪ ۾ ڪتاب جو ذڪر آيو آهي ۽ ارشاد آهي ته ” حڪمت ۽ آهيو دانشمندي کان اڳ ڪتاب جو لفظ آهي. “ ڇاڪاڻ ته اهو ئي دانشمندي حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي. سيد غلام مصطفى شاهه جو چوڻ آهي ته ” ڪتاب رڳو، پنن ۽ ورقن جو مجموعو ۽ ميڙ نه آهي، پر اهو انسان جي فڪر وحوص ۽ دل جي احساس جو راز آهي. هر ليکڪ اهو فيض، جيڪو کائنس الله کان مليو آهي، اهو ٻين تائين پهچائڻ لاءِ لکي ٿو “ ته ان ڪري ئي ڪتاب کي اسرارالاهي سڏيو آهي. ڪتاب انسان لاءِ راهه هدايت آهي زاد راهه آهي خد ئي رستي سونهون آهي. انسان لاءِ باعث رحمت ۽ راضيه خداوندي جو ذريعو آهي. جيتري قدر سنڌ جو تعلق آهي، هي اها سر زمين آهي، جنهن ۾ڪتاب لکڻ جي شروعات ٿي. مولانا آزاد بلگرامي پنهنجي ڪتاب ” غزلان هند“ ۾ شيخ علي رومي جو هڪ فقرو ڏنو آهي ته ” اول موضع و ضعت وضعت فيه الڪتب والقجرت منه، ينابيع الحڪمته کان الهند“ يعني سڀ کان پهرين، جنهن سرزمين تي ڪتاب تصنيف ڪيا ويا ۽جتان حڪمت چشما نڪتا، اهو سنڌ (هند) آهي. سنڌ جي علمي عظمت جو اعتراف گهڻن عالمن ڪيو آهي. ابن عدي لکي ٿو ته ” سنڌ وارن وٽ علم ۽ حڪمت جو وڏو ذخيرو موجود آهي.“ مون کي معلوم آهي ته يونان ۾ اهو سارو ذخيرو سنڌ مان ويوته ابومعشر لکي ٿو ته ” سنڌ جي علم، فن، حڪمت ۽ فلسفي ۽ ان کان سواءِ ساري دنيا جي قومن کان وڌيڪ علم ڏانهن رغبت جو اعتراف دنيا جي سڀني قومن ڪيو آهي. اخبار الحڪماءِ ۾ آيل آهي ته ” دنيا جي سڀني قومن ۾سنڌ، علم ۽ حڪمت جو سرچشمو آهي ۽ سنڌ عدل ۽ سياست جو پهريون مرڪز آهي. اسان جي ملڪ کان دور هئڻ ڪري، سنڌ جا ڪتاب اسان جي عالمن تائين گهٽ پهتا آهن. تاهم به اسان وٽ جيڪو ڪجهه به آهي، اهو تمام گهڻو آهي.“ حضرت علي رضه جو قول آهي ته ” سنڌ جي سرزمين اها علم ۽ برڪت واري زمين آهي، جتان علم وعرفان جو سج اڀريو .“ تاريخ شاهد آهي ته سنڌ ۾ تعليم جو سلسلو نهايت پراڻو آهي. موهن جي دڙي مان هڪ وڏي درسگاهه جا کنڊرات مليا آهن، جنهن جي چئن پاسن کان ننڍا ننڍا ٻه ماڙ ڪمرا آهن، جنهن ۾ شاگرد رهندا آهن. اها جاءِ هڪ وڏو پاٺ شالا هو . ان زماني ۾ تعليم گهڻو ڪري زباني هئي. دراوڙن جي زماني ۾ هت عظيم تمدن ۽ سڌريل زبان هئي. هن زماني ۾ ڪيترائي رشي هئا جيڪي زباني طرح تعليم ڏيندا هئا ۽ زندگي جا اسرار و رموز سيکاريندا هئا. ان وقت مندرن پاٽشالائن جي پروهتن، ويدانيت، الاهيت، فلسفي، طب، نجوم، ادب ۽ اخلاقيات تي ڪيئي ڪتاب لکيا، ايامن کان سنڌ جي مندرن، ديبل، برهمڻ آباد، اروڙ ۽ نيرون ڪوٽ ۾ پڙهايا ويندا هئا. دراوڙن وٽ نورنگي ۽ اهاب نالي منتر هئا، جن پوءِ ڪتابي صورت اختيار ڪئي. آرين دراوڙي شين کي ڪوٺ ڏيئي کائنن وطن پرستي جا جملا لکيا.
آرين جي زماني ۾ ڪتاب کي پستڪ چيو ويندو هو، جنهن جي معنى آهي کل: ان وقت ڪتاب ڍڳن جي کلن تي لکيا ويندا هئا. ان کان پوءِ وڻن جي پنن تي لکيو ويو. ڀوڄ وڻ جو ڇوڏو، پنن جي تهن مٿان رکي، ڇوڏي ۽ پنن جي آرپار ٽنگ ڪري انهي مان ڌاڳو ٽپائي، ڳنڍ ڏيئي ڪتاب ٺاهيندا هئا، جن کي گڙ چئبو هو. ان دور ۾ ڪتاب ٻن قسمن جا هئا پهريون سرتي، جنهن کي رشين الهام ذريعي لکيو. اهي ڪتاب آهن رگويد،يجرويد، سام ويد، اٿر ويد، برهمڻ گڙ ۽ آکاڻيون ۽ ڪٿائون ٻڌي لکيا. اهي آهن مهاڀارت، رامائڻ، منوشا، ستر ۽ ڀڳوت گيتا مورخ سنڌ مولائي شيدائي جو چوڻ آهي ته ” اهي ويد اوائل ۾ سنڌوندي جي ڪپ تي لکيا ويا، جڏهن آرين سرسونڊي کان وٺي سمنڊ تائين سنڌو ندي جي ميدان تي بيٺڪون وڌيون هيون.“ هي ويد ۽ ٻيا ڪتاب ان زماني جي عظيم تخليق هئا، جن جي اڄوڪي دور ۾ به اوتري اهميت آهي. ان زماني ۾ هڪ خاص ڪتاب منو شاستر آهي، جيڪو هڪ هزار سال کان 900 ق – م ۾ جڙي راس ٿيو. هن ۾ هندن کي ذاتين ۾ ورهايو ويو آهي ۽ هر هڪ فرقي جا فرائض بيان ڪيل آهن. هي قانون جو ڪتاب آهي . سڪندر مقدوني اچڻ وقت سنڌين وٽ علم هو ۽ هتي ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ڪيا ويندا هئا. فلادلف، بطليموس جڏهن اسڪندريه ۾ ڪتخانو تعمير ڪرايو، تڏهن سندس گماشتا سنڌ مان ڪتاب خريد ڪري ويا. اهڙن واپارين کي ڪتاب آڻڻ تي وڏا وڏا انعام ملندا هئا. اهڙي طرح ٿور عرصي ۾ 54 هزار هڪ سئو ويهه ڪتاب هتان ويا. مولائي شيدائي لکي ٿو ته ” هن مان صاف ظاهر آهي ته ” سنڌين وٽ علم هو، جن کان تمندن قومون ڪتاب خريد ڪنديون هيون ۽ ڪتاب به برآمدي واپار جي قيمتي چيز هئي.“ سڪندر جڏهن سنڌ مان واپس آيو، تڏهن هو هتان ڪيترائي حڪيم ۽ فلسفي يونان وٺي ويو جن اتي سنڌي ڪتابن جا ترجما ڪيا. سنڌ جي تاريخ بابت پهريون ڪتاب دارا اعظم جي يوناني اميرالبحر سڪائلڪس ( 486 – 522 ع ) مهراڻ تي جهاز راني بابت لکيو.
ٻڌو دور ۾ راجا ڪنشڪ ڪشمير ۾ هڪ علمي مجلس قائم ڪئي جتي سڄي دنيا جا هزارين عالم ۽ بکشو قديم ڪتاب پاڻ سان کڻي اچي شريڪ ٿيا. ڪتابن جي پيچيده حصن ۽ ڏکين مسئلن تي نهايت باريڪ بيني سان بحث ٿيا. پڇاڙي ۾ جيڪي فيصلا ڪيا ويا اهي ٽامي جي چادرن تي لکائي وڇا منشا نالي وڏو شاستر تيار ڪيو هو. واضع رهي ته ان وقت ڪشمير سنڌ ۾ هو. گپت خاندان به ڪتابن ارٿا مشاستر ( سياست نامو) هن دور جو آهي. جنهن ۾ سياست، حڪمت، طب، جهاز سازي، ملڪي تاريخ، حڪومتي انتظام، مردم شماري ۽ کاڻين کوٽڻ کان علاوه هندي معاشرت جي هر پهلوءَ تي نظر وڌي ويئي آهي. هن زماني ۾ ڀرت جو نٽ شاستر موسيقي جو ڪتاب، وشنو سرين جو هڪ ڪهاڻين وارو نصيحت آميز ۽ جڳ مشهور ڪتاب پنج منتر ابيات جو درسي ڪتاب هو. علم تلفظ، علم موسيقي، علم لغات،علم ڪيميا، علم نجوم ۽ علم بدن تي هن دور ۾ تمام عمدا ڪتاب لکيا ويا،جن جو انگ هزارين تائين ڄاڻايو وڃي ٿو. سنڌ جي عالمن طب تي به وڏا ڪتاب لکيا، جنهن ۾ سشرت سنگهتا، آيورويد، چڪتسا، گج آيور، ويداشوتسند ۽ ٻيا ڪتاب مشهور آهن.
اسلام جي آمد کان پوءِ سنڌ جو وڏو ڪتابي ذخيرو، عرب ويو عباسين جي دور ۾، برمڪي خاندان جيڪي اصل سنڌي هئا، تن ڌار الترجمه ۾ هتان جي عالمن، ماهرن ۽ طبيبن کي گهرائي، اهي سنڌي ڪتاب ترجمو ڪرايا. ان دور ۾ جيڪي سنڌي ڪتاب ترجمو ٿيا تن مان ڪي هي آهن. سڌانت جي ڪتب جو ترجمو ابراهيم الفزاري ڪري ان جو نالو سنڌ هند رکيو. آريه ڀٽ جو کنڊيڪا ارجبر ۽ آرکنڊ نالي سان ترجمو ٿيو. طب جي ڪتاب شرٽ جو پڻ ترجمو ٿيو. پنڊت چوڪ جي ڪتاب جو پڻ ترجمو ٿيو. ڌنڻ جو سنڌ ستان، جيڪو ٺيٺ سنڌي زبان ۾ لکيل هو ۽ ماڻڪ جو جانورن جي مرضن تي ڪتاب جا ترجما ٿيا. موسيقي تي پڻ هڪ ڪتاب سنڌ مان ويو جنهن کي ترجمو ڪري ” نافر“ نالو ڏنو ويو. تاريخ جو ڪتاب ” مجمع التواريخ“ به سنڌ مان ويو. سياست ۾ ”ادب الملوڪ “ به سنڌي ڪتاب هو، جنهن ۾ مهاڀارت جي دور جي سياست جا راز ڄاڻايل آهن. اخلاقيات حڪمت ۽ دانائي ۾ پنج ” نستر“ مشهور ڪتاب آهن جن جو ترجمو ڪليله دمنه بالي ڪيو ويو. هي ڪتاب هڪ سنڌي پنڊت جو لکيل آهي . سنڌ جي عالمن عربي زبان ۾ به وڏو ڪتابي ذخيرو ڇڏيو آهي. امام اوزاعي السنڌي حديث جي وڏن امامن مان آهي، ابو معشر عبدالرحمان السنڌي حديث، رجال، فقه ۽ مغازي تي ڪيئي ڪتاب لکيا. عربن جي شروعاتي زماني ۾ قرآن شريف جو ترجمو راجا مهروگ لاءِ منصوره جي هڪ عالم سنڌي ٻولي ۾ ڪيو، جيڪو سنڌ لاءِ وڏو اعزاز آهي ۽ گواهي ڏئي ٿو ته سنڌي ٻولي ۾ ان وقت به ايڏي صلاحيت هئي جو ان کي قرآني تشريح ۽ ذريعو بڻايو وي. سومرن ۽ سمن جي زماني ۾ سنڌ علم جو مرڪز هئي. ارغونن ۽ ترخانن جو دوربه سنڌ ۾ تصنيف ۽ تاليف کان مشهور آهي. مخدوم جعفر بوبڪائي فن تعليم تي ڪتاب ” نهج العظيم“ لکيو، جيڪو اڄ به تدريس ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو. بيان العارفين شاهه ڪريم جو لکيل آهي. منهاج المعرفت اگهم ڪوٽ جي هڪ عالم لکيو، جيڪو تصوف ۽ طريقت جر زمزن تي لکيل آهي. مخدوم نوح رح قرآن شريف جو فارسي ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو برصغير ۾ پهريون فارسي ترجمو آهي. مغل گورنرن جي زماني ۾ ٺٽي جي هڪ عالم عربي ۽ فارسي ۾ نعتون لکيون، جيڪي شاهجهان جي نالي سان منسوب ٿيل آهن. عربي فارسي لغت جو نالو ” منتخب اللغات شاهجهاني “ ۽ فارسي مان فارسي ” فرهنگ راشدي“ آهي. هن ئي زماني ۾ شهنشاهه هند اورنگزيب عالمگير عربي ۾ فقه تي هڪ مستند ۽ جامع ڪتاب لکرايو، ” فتوى عالمگيري“ ان ڪتاب ۾ سنڌ جي ٻن عالمن سيد نظام الدين ٺٽوي ۽ قاضي ابوالحيري ٺٽوي حصو ورتو. هي ڪتاب اٺن سالن ۾ ٻن لکن سان تيار ٿيو.
ڪلهوڙن جو دور تصنيف ۽ تاليف جي لحاظ کان سونهري دور آهي. جنهن ۾ نسخ خط ۾ پهريون ڪتاب ” مقدمه الصلوات“ لکيو ويو، جنهن مان ٻن ڳالهين کي اهميت ملي ٿي. هڪ ته سنڌي زبان مدرسن ۽ تعليمي ادارن ۾ باقاعدي نصابي حيثيت ورتي ۽ سنڌي زبان لاءِ سنڌ جي سڀني مدرسن ۾ اصولي طور هڪ صورتخطي منظور ڪئي وئي ۽ ان ۾ عالمن تصنيف جو ڪم شروع ڪيو. اهڙي طرح ٻه سئو کن ڪتاب لکيا ويا. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح ڏيڍ سئو ڪتاب لکيا.
آخوند عزيز الله متعلوي قرآن شريف جو تحت لفظي ترجمو ڪيو، جيڪو 1877ع ۾ ممبئي مان ڇپيو ۽ هن زماني جي شاعري ۾ ڀٽ ڌڻي جو رسالو هڪ يادگار تصنيف آهي، جيڪو عالمي شهرت جو حامل آهي. مخدوم عبدالسلام شمائل ترمزي جو منظوم ترجمو ڪيو. ميان نورمحمد ڪلهوڙي منشو رالوصيت نالي ڪتاب لکيو جيڪو حڪمران طبقي جو پهريون ڪتاب آهي. ڪلهوڙن جي ئي زماني ۾ مير علي شير فاتح فختلف علمن تي 43 ڪتاب لکيا. سنڌ جو هڪ تاريخي ڪتاب فتح نامه سنڌ عرف چچ نامو آهي. جيڪو اروڙ جي هڪ عالم عربي ۾ لکيو جنهن کي محمد بن علي بن حامد ڪوفي هٿ ڪري فارسي ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو پوءِ سنڌي ۽ اردو ۾ ترجمو ٿيو. ٽالپر حڪمران پاڻ به صاحب تصنيف هئا ۽هنن جي زماني ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا، جن ۾ نورنامو، سيف الملوڪ، ليلى مجنون، حڪايات الصالحين، لاڏاڻو، محراجنامو ۽ سئو مسئلا مشهور آهن.
انگريزن جي زماني ۾ سنڌي ٻولي کي سرڪاري زبان جو درجو حاصل ٿيو ۽ سرڪاري طرح ڪتابن لکڻ کي همٿايو ويو، ان ڪري انگريزي، فرينچ، جرمني، روسي، عربي، فارسي، هندي، بنگالي، سنسڪرت، گجراتي، اردو ۽ ٻين ٻولين مان ڪتاب ترجمو ٿيا. خود انگريز عالمن به سنڌي ٻولي ۾ ڪتاب لکيا، ان کان سواءِ ايسپ جي آکاڻين جو سنڌي ترجمو ٿيو. ميجر ايف جي سنڌي گرامر ۽ سسئي پنهون جا بيت ڇپيا. ڊاڪٽر ٽرمپ شاهه جو رسالو ۽ سنڌي گرامر تي ڪتاب لکيو، ڪئپٽن هيگ سنڌو ماٿري تي هڪ تاريخي ڪتاب لکيو، هن ئي زماني ۾ هڪ سنڌي عالم مرزا قليچ بيگ ساڍا ٽي سئو ڪتاب لکيا. سنڌي ڪتابن جو ڪافي ذخيرو اڄ به لنڊن جي برٽش ميوزم، پئرس جي لوو لئبريري ۽ انڊيا آفيس ۾ موجود آهي.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌي ٻولي جي تاريخ، تحقيق ۽ لسانيات خواهه سائنسي ادب تي ڪافي ڪتاب لکيا ويا. سيد حسام الدين راشدي تاريخ ۽ تحقيق تي 45 ڪتاب لکيا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لوڪ ادب سان گڏ منو سئو ڪتاب لکيا. اسان جن هندو عالمن به سنڌي ٻولي ۾ ڪافي معياري ڪتاب لکيا ويا آهن. لطيف ۽ سچل جي آفاقي پيغامن تي به معياري ڪتاب لکيا آهن. لطيف ۽ سچل جي آفاقي پيغامن تي به معياري ڪتاب لکيا ويا آهن. لسانيات، ادب، تاريخ ۽ تحقيق تي لکيل ڪتابن جو تعداد گهڻو آهي.
هن وقت ضرورت هن امر جي آهي ته اسان سنڌي ٻولي ۾ انسائڪلو پيڊيا تي بنيادي ڪم ڏانهن ڌيان ڏيون. ٻيو فني، ٽيڪنيڪي ۽ سائنسي ڪتابن لکڻ جي ڪوشش ڪريون. بقول مرزا مراد علي جي جيڪڏهن اسان جي عالمن، استادن ۽ ليکڪن جديد فني علومن تي جهڙوڪ، انجنيئرنگ،اليڪٽرانس، ڪمپوٽر، علم طبعي،علم ڪيميا، علم ارضيات، علم حياتيات، علم طب ۽ اهڙن ٻين عالمن تي،سنڌي زبان ۾ مواد پيش نه ڪيو ته سنڌي زبان اڳتي وڌي نه سگهندي ۽ اسان فقط شاعري ۽ افسانوي ادب تي لکيل چند ڪتابن کي زبان جي ترقي سمجهي، خوش فهمي ۾ رهجي وينداسين ۽ سنڌ ۾ سوين سنڌيدان انهن موضوعن جي استادن جي حيثيت ۾ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ مقرر ٿيل آهن. اهو انهن استادن جو فرض آهي ته پنهنجي روزمره جي مشغولين مان ڪجهه وقت هن طرف صرف ڪن ۽ مٿي بيان ڪيل علومن تي سنڌي زبان ۾ ڪتاب لکن.
بهرحال هن وقت به سنڌي ٻولي ۾ مختلف ادارا ڪافي ڪتاب ڇپرائي رهيا آهن جيڪي عالمي ادب جي معيار جا آهن ۽ سنڌي ٻولي جي معيار کي قائم ڪيو پيا اچن.

[b] سنڌ ۾ ڪپڙي جو هنر
[/b] سنڌ ۾ ڪپڙي ٺاهڻ جو هنر تمام پراڻو آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن دنيا جي ٻين ملڪن جا ماڻهو اگهاڙا گهمندا هئا، غارن ۽ چرن ۾ رهندا هئا، تڏهن سنڌ جا ماڻهو اهڙا ته نفيس ۽ ملائم ڪپڙو ٺاهيندا هئا جو ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي وينديون هيون. ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي لکي ٿو ته ” جنهن زماني ۾ ڪيترن قومن کي اڃان پنهنجي بت ڍڪڻ جي به سڌ ڪانه هئي، تنهن زماني ۾ ئي سنڌو ماٿري جا رهاڪو، ايتري قدر ترقي ڪري ويا هئا جو شاهاڻيون پوشاڪون پهريندا هئا ۽ ٻين کي به خلعتون ڍڪائيندا هئا. موهن جي دڙي واري زماني ۾ گهر گهر ۾ سٽ ڪتيو ويندو هو ۽ اتان ڪپهه مان ٺهيل هڪ ڪپڙي جو ٽڪر به مليو آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هت ڪپڙو تيار ڪيو ويندو هو. لالالجپت راءِ جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ اول اول ڪپڙو موهن جي دڙي وارن ٺاهيو ۽ اهو ڪپڙو ململ جي نالي سان سڏبو هو. جنهن لاءِ سر جان مارشل لکي ٿو ته ” سنڌو ماٿر ۾ ان وقت بهترين ململ تيار ٿيندي هئي جيڪا سنڌ مان مصر، بابل ۽ ڀونچ سمنڊ وارن ملڪن ۾ سنڌو ململ ويندي هئي. بابل ۽ روم جا بادشاهه خواهه قسطنطنيه جون شهزاديون سنڌي ململ استعمال ڪنديون هيون. قرآن شريف جون لفظ ”سندن“ به سنڌي ململ جي معنى ڏيکاري ٿو. حضور اڪرمﷺ به سنڌي ململ ڪم آندي هئي. دراوڙن جي زماني ۾ به سنڌ ۾ سوٽي ڪپڙو خاص ڪري ململ سٺي ٺهندي هئي. آرين جي زماني ۾ پورهتين جو قدر ڪيو ويندو هو، يجر ويد ۾ ڪوري جو ذڪر اچي ٿو. ان زماني ۾ هت سوٽي ڪپڙو تيار ڪيو ويندو هو. موريه گهراڻي جي زماني ۾ سنڌ ۾ ڪپڙي ٺاهڻ جا ڪارخانا هئا، جتي بيواهه ۽ غريب ماڻهو اچي مزدوري ڪندا هئا. برهمڻ جي زماني ۾ به هت اعلى پائي جو سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙو ٺهندو هو.
عربن هونئن ته فاتح جي حيثيت ۾ 711ع ۾ هت آيا، پر تجارت جي لحاظ کان سنڌ سان سندن ناتا پراڻا هئا. هنن جي بيانن مان صاف ظاهر آهي ته سنڌ جو سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙو يهودين ۽ عرب تاجرن جي معرفت سڄي دنيا۾ پهچي چڪو هو. انهن ڏينهن ۾ يمن سنڌ جي ڪپڙي جي منڊي هو، جتان اهو ڪپڙو عرب جي اندرين حصن حجاز، عراق ۽ شام پهچندو هو ۽ اتان اهو يورپ ويندو هو. هت نه صرف سوٽي ڪپڙو، پر ڇيٽون، شالون، ريشمي ڪپڙا، اوني فراسيون ۽ غاليچا به ٺهندا هئا. عربن سنڌ فتح ڪري ڪپڙي جي هنر کي زور وٺرايو. هنن چرخي جي رواج کي هٿي ڏني، هو ان کي ناعوره سڏيندا هئا. عباسي دور ۾ هر شهر ۾ ڪپڙي ٺاهڻ جا ڪارخانا هئا، هنن نه صرف هتان جو ڪپڙو ٻاهر موڪليو پر ٻاهرين ڪپڙي کان به سنڌين کي متعارف ڪرايو، خاص ڪري سوسي جو ڪپڙو تيونس کان فاطمي دور ۾ هت پهتو.
مغلن ۽ ڪلهوڙن جي زماني ۾ ڪپڙي جي صنعت وڏي ترقي ڪئي . هت ٿلهي ۽ سنهي تند وارا سٽ، وڏي ڪاريگري سان ڪتيو ويندو هو، انهي ڪري تند هڪ ڪري هوندي هئي. سنڌي ڪپڙي جي ايڏي ته کپت هئي جو، ان ڪي ٺاهڻ لاءِ ڪڇ ۽ ننگا مان به ڪپهه گهرائي ويندي هئي. ان زماني ۾ سنڌ ۾ ڪيترن ئي قسمن جو عمدو ڪپڙو ٺهندو هو ۽ پري پري تائين ويندو هو. ڪشمير ۽ خراسان مان ڪچو ريشم گهرائي نهايت نفيس ڪپڙو تيار ڪيو ويندو هو. ٺٽي جون ملائم گلبدن اجرڪون ۽ بسترن جو خوبصورت چادرون ٻاهر وينديون هيون. ڪرمان جي نرم پشم مان شالون ٺهنديون هيون. روهڙي جي تسر ايراني واپاري وڏي شوق سان خريد ڪندا هئا. سکر ۽ روهڙي ۾ ان وقت وڏي تعداد ۾ ڪوري رهندا هئا ۽ سنڌ ڪپڙي جو مرڪز ۽ تجارتي منڊي هئي . يورپي واپاري هتان ڪپڙو خريد ڪري يورپ ۾ سٺ سيڪڙي منافعي سان وڪرو ڪندا هئا. ڊچن هت ڇيٽن جو رواج وڌو.
انگريزن جي شروعاتي دور ۽ ٽالپرن جي آخري زماني ۾ ٺٽو، حيدرآباد، نصرپور، سيوهڻ، هالا، ڪنڊيارو، گمبٽ ۽ شڪارپور ڪپڙي جا وڏا مرڪز هئا. ٺٽي ۽ نصرپور ۾ ڪورين جا ٽي ٽي هزار ڪٽنب رهندا هئا. ٺٽي ۾ چونڪري کيس ڀلو ٺهندو هو جيڪو ترڪي ۽ ايران ۾ گهڻو وڪامندو هو. نصرپور جو بافٽو مشهور هو، جنهن جو بر ٻه وال هوندو هو، جيڪو ولايت ۾ ڏاڍو وڪامندو هو. ايسٽ انڊيا ڪمپني ان جا ڇهه هزار وال خريد ڪيا. گمبٽ جو ڪپڙو ڪنڊياري کان بهترين هو ۽ ٿان جي ڊيگهه ساڍا ٻارنهن وال هئي، سنڌ ۾ انهن ڏينهن ۾ جيڪو ڪپڙو ٺهندو هو، تنهن ۾ هرک،سادو ۽ ڇريل سنهو ۽ ٿلهو بافتو، ڇيٽ،ململ، سوسي ۽گربي، لونگيون، گيگم، حلواڻ، کيس، چنيون، تسر، سوڙيون، پٿراڻيون ۽ اجرڪ مشهور هئا. سنڌ جي ڪپڙي جو اوڄ گهاٽو ۽ سهڻو هوندو هو،ان ڪري سڄي مشرق ۾ ان کي گڏ ٿيندڙ مال جو ” گل “ سمجهيو ويندو هو ۽ کيس ٻئي هر ڪپڙي تي ترجيح ڏني ويندي هئي. هئملٽن لکي ٿو ته ” سنڌ جو سوٽي ڪپڙو، هڪ سادي ڊزائن وارو نهايت لسائي سان اڻيل هوندو هو ۽ سندس جوڙيون نه رڳو نرم ۽ نفيس هيون. پر ٻين هنڌن جي جوڙين کان وڌيڪ جٽاءُ دار به هيون. مئڪرڊو لکي ٿو ته درٻيلي ۽ ڪنڊياري جو سوٽي ڪپڙو سنهو هوندو هو، جيڪو يورپي منڊين ڏانهن ويندو هو، ڪنڊياري جون ململون مشهور هيون، جن کي ڏيهي توڙي پرڏيهي مرد ۽ عورتون شوق سان پهريندا هئا. نصرپور جون ململون بر۾ وڏيون هيون، پر نفاست ۽ ڪنڊياري جو ڪپڙو سرس هو. ايسٽ انڊيا ڪمپني 1653ع ۾ ڇهه هزار ٿان، 1656ع ۾ ويهه هزار ٿان، 1868ع ۾ ڇهه هزار ٿان سوٽي ڪپڙي جا خريد ڪيا. ان کان سواءِ ڪمپني 400250 ڳٺڙيون ڪپڙي، سٽ ۽ ڇيٽن جون ممبئي ۽ سورت روانيون ڪيون، اهو ئي سبب آهي جو ڪمپني جا علمدار لکن ٿا ته سوٽي ڪپڙي جي لحاظ کان ٻين سڀني ڪوٺين کان سنڌ جي ڪوٺي اطمينان جوڳي ۽ جاري رکڻ جهڙي آهي.
سوٽي ڪپڙي کان سواءِ هت ريشمي ڪپڙو به سٺو تيار ٿيندو هو. روهڙي جي تسر ۽ ٺٽي جون لونگيون ملڪان ملڪ مشهور هيون، جيڪي عاليشان ۽ دلڪش هونديون هيون. انهن ۾ تاڃي ريشمي هوندي هئي ۽ پيٽو سٽ جو هوندو هو. ريشمي ڪپڙي تي سون ۽ چاندي جي ڌاڳن سان ڀرت ڀريو ويندو هو. سنڌ جون ريشمي لونگيون پرڏيهي مارڪيٽ ۾ هٿو هٿ کڄي وينديون هيون. هتان جو اوني ڪپڙو به مشهور هو، جنهن ۾ غاليچا، ڪمبل، کٿا، دوهران، فراسيون،لوئيون ۽ خرزينون اچي ٿيون وڃن. هالا ۾ سوسي ٺاهڻ جا پنج سئو آڏاڻا هئا، سانگهڙ ۾ کيس ۽سوسين ٺاهڻ ۾ ڇهه سئو ڪاريگر ڏينهن رات رڌل رهندا هئا.
انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ هت ڪپڙي جي صنعت تباهه ٿيڻ لڳي، ڇو ته انگريز حڪومت ولائتي ڪپڙو سستي اگهه تي فراهم ڪري، سنڌ جي ڏيهي هنر کي ڇيهو رسايو. ان دور ۾ ڪپڙي جو واپار هندن جي هٿ ۾اچي ويو، جن ٻڌي ڪري تمام سستي اگهه ۾ ڪورين کان ڪپڙو وٺي کين وڏي اگهه تي سٽ وڪرو ڪيو، ان ڪري هو مسڪين ۽ غريب ٿيندو ويو. اهڙي طرح هي هنر ختم ٿيندو ويو، پر ان هوندي به لاڙڪاڻي جو سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙو، روهڙي جي تسر، ٺٽي جون لونگيون، هالا جي سوسي، کپري جا غاليچا ۽ لوئيون مشهور هيون. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هت ڪپڙي جي صنعت زور ورتو آهي سنڌ جي شهر ڪراچي ۾ ڪافي ڪپڙي جون صنعتون ڪم ٿيون ڪن .

[b]سنڌ جو لباس:
[/b] هيءَ هڪ تاريخي حقيقت آهي ته جڏهن دنيا ۾ انسان چرن ۽ غارن ۾ رهندو هو، ڪچو ۽ ڪنو گوشت کائيندو هو، اگهاڙو گهمندو هو، تڏهن سنڌ جو ماڻهو ايڏي ته نفيس ۽ ملائم ململ سان پنهنجو تن ڍڪيندو هو جو ان کي پوءِ ساري دنيا جي بادشاهن پسند ڪيو. سنڌي لباس ۽ پوشاڪ جون ٻه خوبيون آهن، پهريون ستر ڍڪڻ ٻيو خوشنمائي ۽ سونهن وڌائڻ. سنڌ جو لباس پنهنجين انهن خوبين ڪري اڄ به مشهور آهي. موهن جي دڙي جا ماڻهو اهڙو لباس ڍڪيندا هئا، جيڪو انسان جي ستر پوشي ڪري، عورتون عام طرح سان بدن جي هيٺئين حصي تي گوڏ جي نموني جهڙو ڪپڙو ( پڙو) ڍڪينديون هيون، جنهن جو هي ڪپڙو گوڏن تي اچي ختم ٿيندو هو. مرد معمولي ڪپڙا پهريندا هئا. وڏا ماڻهو ڀرت سان ڀريل چٽن ۽ گلن ٻوٽن وارا ڪپڙا استعال ڪندا هئا. هڪ سادي يا سبيل چادر، مرد اهڙي نموني سان ويڙهيندا هئا، جيڪا کاٻي ڪلهي کي ڍڪي، ساڄي ٻانهن جي بغل وٽان لنگهي پيٽ ڏانهن مڙندي هئي، ان کان سواءِ رڱيل ۽ ڀرت ڀريل شال به ڪم آندي ويندي هئي. ڪئنوس جي نموني جو ٿلهو ڪپڙو ۽ اوني ڪپڙو به ڪم آڻيندا هئا. اجرڪ جيڪو اسان جي ثقافت جو اهڃاڻ آهي، جنهن تي ڳاڙهي ۽ نيري رنگ جا چٽ آهن، موهن جي دڙي جا ماڻهو اوڍيندا هئا. اهڙي طرح کهنبو، عورتن جي اوڍڻ جو پراڻو ڪپڙو آهي، جيڪو موهن جي دڙي جون عورتون ڪم آڻينديون هيون.
آرين جي زماني ۾ ڀرت ڀرڻ جو رواج هو، ان زماني ۾ شاهوڪار ماڻهو جيڪي ڪپڙا پهريندا هئا‏، تن جتي ڪنارن تي زري جي پٽي هڻندا هئا، جا وقت تي لاهي رکندا هئا. ان زماني ۾ ڪن زالن جو ڌنڌو ڀرت ڀرڻ هو. ڀرت جو ڪم ايتري قدر اوچو هو جو ماڻهو خلعتون ٺهرائي ٻين کي سوکڙي طور ڏيندا هئا، سنڌ جي راجا سونيه ڀاويه پنهنجي ناٺي ڪاڪشون رشي کي خلعت ڍڪائي هئي. ان دور ۾ مرد ٽي ڪپڙا پهريندا هئا، هڪڙو ڪپڙو نيوي سڏبو هو، جيڪو چيلهه سان جڙيو پيو هوندو هو، ٻيو ڪپڙو هو ڌوتي ۽ ٽين چادر جنهن کي اوڌي واس يعني مٿان وجهڻ جو ڪپڙو چوندا هئا. اٿر ويد ۾ اشنيش جو لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي معنى آهي پٽڪو يا مٿي ڍڪڻ جو ڪپڙو . هن صاف ظاهر آهي ته پٽڪن ٻڌڻ جو رواج ويدڪ زماني ۾ پيو. عورتون ٻه ڪپڙا ڍڪينديون هيون. ساڙهي هيٺيان ۽ چادر مٿان. ٻاهر نڪرڻ مهل زريءَ جي ڪناري واري ساڙهي پائينديون هيون. سنڌ جا ڀرت ڀريل چوغا ساري دنيا ۾ مشهور هئا. دارا اول جي 5 سئو ق – م تاجپوشي واري سالگرهه جي موقعي تي سنڌ مان هڪ ڀرت ڀريل چوغو گهرايو هو، جنهن تي ڪاريگري سان اهڙو نفيس ڀرت ڀريل هو جو دارا، روم جي شهنشاهه ڏانهن جيڪي شاهي سوغاتون موڪليون، تن ۾ اهو سنڌي ڀرت ڀريل چوغو به هو. جنهن کي اتي اچرج ۽ خوشي سان ڏٺو ويو.
سڪندر مقدوني جي ڪاهه وقت سنڌي سهڻو لباس پهريندا هئا. نيرڪوس سنڌين جي پوشاڪ بابت لکي ٿو ته ” اهي اڇا سوٽي ڪپڙا پهريندا هئا، سندن ڳچين ۾ سفيد انگوڇا ويڙهيل هئا، جن جا پلئو ڪلهن تي لڙڪائيندا هئا، سندن جتيون سفيد چمڙي جون هيون، جن تي ريشمي ڪم ٿيل هو. جتين جي کڙين کي نال هڻائيندا هئا، تنهن ڪري قد ۾ ڊگها نظر ايندا هئا. ان دور ۾ انگوڇو يا پوتڙو اوڍڻ جو عام ڪپڙو هو. يجر ويد ۾ هن کي يوپا وتيا چيو ويندو آهي. هي گهڻو ڪري هٿ جي ڪپڙي طور ڪتب ايندو هو.
ٻڌ ڌرم واري دور ۾ ڪپڙن جو رنگ بدليل هوندو هو، ٻڌ جا پيشوا گيڙو رتا ڪپڙا پائيندا هئا ۽ اها سندن نشاني هئي. تاريخ ۾ کين محمره يعنى گيڙو ڪپڙن وارن سڏيو ويو آهي. برهمڻ دور ۾ سنڌ جي ماڻهن جو لباس ساڳيو ئي هو، البته ڌوتي کي خاص اهميت هئي ۽ ڌوتي جغرافيائي لحاظ کان سنڌ جو خاص ڪپڙو هو. ڪرنل ميڊوز ٽيلر ڌوتي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ” ڌوتي کان وڌيڪ، ڪا ٻي سولي سهنجي پوشاڪ جنهن ۾ هلڻ، ويهڻ ۽ سمهڻ ۾ سولائي ٿيئي، جوڙڻ ئي ناممڪن آهي.“
عرب جي دور ۾ سنڌي لباس جون سٺيون شيون عرب ۾ پهتيون ۽ مسلمان جي لباس جو سنڌ جي ماڻهن تي به اثر پيو. سنڌ جي مشهور ململ ” سندس“ لاءِ اچي ٿو ته يلقاءَ جي عامل فروه بن عمر الجن امي جڏهن اسلام قبول ڪيو، ته هن نبي ڪريم ﷺ جن کي جيڪي تحفا موڪليا، تن ۾ ”سندس“ جي قبا به هئي، جنهن تي سونهري ڪم ٿيل هو ۽ ان کان علاوه ٻيا ڪيترائي ڪپڙا ۽ شيون به هيون جن کي پاڻ سڳورن ﷺ پسند فرمايو. لسان العرب ۾ آهي ته ” حضرت بي بي عائشه رضه جي جسم مبارڪ تي چار ڪپڙا سنڌ جا اوڍيل هئا. سنڌ جي هڪ پوشاڪ ڪڙتو آڳاٽي زماني کان عرب توڙي ايران ۾ رائج هو، جنهن کي عرب ” قرطن“ چوندا هئا. لسان العرب ۾ آهي ته قرطق قبا آهي، ان کي ڪڙتي جو معراب سمجهيو وڃي ٿو، سنڌ جي انهن ڪڙتن بابت سليمان تاجر لکي ٿو ته ” سنڌين جي ڪاريگري جو هي ڪمال آهي، جو هو اهڙو ڪڙتو تيار ڪن ٿا، جنهن ۾ ٻئي آستين، ڪليون ۽ کيسا اڻيل آهن. انهن ۾ سلائي جي ڪابه ضرورت نه آهي. لسان العرب وارو لکي ٿو ته ” گوڏ ۽ لونگي جا ڪپڙا به سنڌ مان عربستان ايندا هئا.“ ابو منصورجو چوڻ آهي ته ” مون ڪوفي ۾ اٺن وارا ۽ ٻيا ماڻهو ڏٺا جيڪي ڌاريدار چادرون خريد ڪري گوڏ ٻڌڻ لاءِ ڪم آڻيندا هئا.
سنڌ جون جتيون به عرب ۾ مشهور هيون .امام احمد بن حنبل جو قول آهي ته ” سنڌ جو جتيون اهڙيون ته خوشنما ۽ ڀڀڪيدار هيون، جو سنجيده ماڻهو پائڻ پسند نه ڪندا هئا. اهي فقط شهزادن جي پائڻ جي قابل سمجهيون وينديون هيون.“ بشاري لکي ٿو ته ” بغداد ۾ سنڌ جي جتين جو وڏو قدر ٿيندو هو ۽ عربن جي اچڻ سان سنڌ ۾ ٻاهرئين پوشاڪ جو رواج پيو. اهڙن سبيل ڪپڙن مان ڪورمان جا نقاب ( طيالس) سنڌ ۾ وڪامڻ لڳا ۽ في نقاب جي قيمت ويهه دينار هئي، بمپور جون لونگيون به هت آيون، جيڪي صرف امير خريد ڪندا هئا، اهي ويهن سالن تائين هلنديون هيون. جبا عربن سنڌ ۾ آندا، سوسين جو رواج به سنڌ ۾ عربن وڌو، جيڪي تيونس مان هت آيون، عربن ڪوفي، يمن ۽ اسڪندريه جون رنگين چادرون هت وڪرو ڪيون. سنڌ جا رهاڪو جبا، چادرون ۽ ٽوپيون پائڻ لڳا. سنڌي زالون يمن جي چادر کي پسند ڪنديون هيون جيڪا ” رداءِ عربي“ جي نالي سان سڏبي هئي. عورتون اهي چادرون اوڍي بازار مان سودو سلف خريد ڪنديون هيون. عربن سنڌين کي قميص ۽ شلوار کان واقف ڪيو.قميص عربي لفظ آهي ۽ شلوار فارسي اهڙي طرح قميص ۽ شلوار پائڻ جو رواج ” عرب ايران ثقافت “ جو گڏيل اثر آهي. عربن ۽ هندن جي ميل جول جي ڪري لباس به هڪ جهڙو ٿي ويو. ابن حوقل لکي ٿو ته ” سنڌ ۾ مسلمان ۽ هندن جو لباس هڪ جهڙو آهي.“ اصطخري جو چوڻ آهي ته ” منصوره جي ماڻهن جو لباس عراق وارو آهي، البته حاڪمن جي وضع قطع ڊگها وار رکڻ، پهرياڻ پائڻ ۽ رهڻي ڪهڻي هندو راجائن سان ملندڙ جلندڙ آهي. عربن کان پوءِ سنڌين جي پوشاڪ تي اسلام جو اثر پيو، ان ڪري ڊاڪٽر ڇٻلاڻي جي لفظن ۾ ته هندستان جي عام ماڻهو جي برعڪس هن سرزمين سنڌ جي هر رهواسي اڳي توڙي هاڻي پنهنجي بدن کي ننهن کان چوٽي تائين ڍڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ انهي ڪوشش سندس پوشاڪ کي رعبدار ۽ خوشنما بڻايو آهي. ان ڪري ئي ڊاڪٽر ائڊرن درت لکي ٿو ته سنڌتي مرد توڙي عورتون تمام خوبصورت لباس پهرين ٿا. مردن جا اجرڪ، ٽوپ ۽ لونگيون نهايت ئي خوبصورت آهن. جڏهن ته عورتن جون چنيون، ڀريل گج، گلابي ۽ بلو شالون، رنگين سوسيون ۽ گيگم جو سٿڻيون نهايت ئي خوبصورت هونديون آهن. انهن ڪپڙن کي ڏسندي معلوم ٿيندو ته سنڌ جا باشندا ڪيترا نه رنگين مزاج آهن.“
هي ته هئي ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌين جي پوشاڪ جي جهلڪ، ميرن جي لباس لاءِ ڊاڪٽر جيمس برنس لکي ٿو ته ” درٻار ۾ ننڍن شهزادن ۽ اميرن جي لباس منجهان سندن پوشاڪ جو سٺو ذوق بکي رهيو هو ۽ گهڻو ڪري سڀ نهايت خوبصورت پوشاڪن ۾ ملبوس هئا. حاڪمن ۽ سندن درٻارين جي پوشاڪ ۾ گهڻو ڪري هيٺيون شيون هونديون هيون. هڪ سفيد ڪيمخواب جو صفائي سان ۽ سهڻو تيار ڪيل ڊگهو چوغو، هڪ ويڪري ريشمي شلوار، جنهن کي مُرن وٽ ٻڌي ڇڏبو هو، جا گهڻو ڪري گهري آسماني رنگ جي هوندي هئي، هڪ گلابي رنگ جي يورپي ريشم جي صدري، جنهن تي سون يا چاندي جو ڪم ٿيل هوندو هو ۽ ڊگهي گول ( اسطواني) ٽوپي جا ڪجهه ڊگهي ٽوپلي جهڙي لڳندي هئي ۽ سون جي ڪم سان يا ريشمي ڀرت ڀريل ڪيمخواب جي ٺهيل هوندي هئي، هڪ ڪمربند جنهن تي ريشم ۽ سون جو ڪم ٿيل هوندو هو ۽ هڪ ڪشميري شال جا عام طور سفيد رنگ جي هوندي هئي ۽ اڇاتري ڪلهي تي ورايل هوندي هئي. سندن لباس جي تڪميل هڪ ايراني خنجر يا تلوار سان ٿيندي هئي جا ڪمربند سان بڌل هوندي هئي، جنهن تي هيرا جواهر جڙيل هوندا هئا.“ رچرڊ برٽن لکي ٿو ته ” عام سنڌي جي پوشاڪ ڪڙتو، سوٽي ڪپڙي جي صدري، ويڪرن پانچن واي ڪانچ، ڪلهن تي گندي يا چادر، بوڇڻ ڪمربند ۾، سياري ۾ ڪپهه سان ڀريل ڪڙتو ياٺونٺ تائين نمتا پائيندا هئا. غريب ماڻهو ڌوتي يا گوڏ ٻڌندا هئا، گوڏ نيري رنگ جي هوندي هئي. پورهيت يا ڪڙمي، بافتي يا کدر جي گوڏ ٻڌندا هئا، مٿي جي ڪپڙي لاءِ هو لکي ٿو ته ” سنڌ جا ماڻهو مٿي تي ٽن قسمن جو ڪپڙو ڍڪيندا هئا، جو ململ جو ٺهيل هوندو هو. سرندي وارا ماڻهو پڳ ٻڌندا هئا، وچولو طبقو پٽڪو ٻڌندو هو ۽ غريب ماڻهو فينٽر يعنى ڪپڙي جو ننڍو ٽڪر مٿي تي ويڙهيندا هئا.“ ٽيلر لکي ٿو ته ” سنڌين جي عمدي پوشاڪ ۾ چوغو، ڪڙتو، قرمزي گج، سوٽي ڪپڙو، رومال ۽ پٽڪو اچي وڃي ٿو.“ پاٽنجر جو چوڻ آهي ته ” سنڌي ماڻهو چورسي ڪپهه جي ٽڪرن جي ٺهيل ٽوپي پائيندا هئا.“ عورتن جي لباس بابت برٽن لکي ٿو ته ” ان زماني ۾ سرندي واريون عورتون رئي جي مٿان شالورو يا شال ڍڪينديون هيون . وچولو طبقو رئو ۽ ان جي مٿان هرک جي چادر ۽ غريب عورتن لاءِ ڪوبه مقرر اوڇڻ ڪونه هوندو هو. ڪنهن مهل گندي ته ڪنهن مهل بافتي جي چادر. ساڳئي طرح ائٽڪن لکي ٿو ته” هندستان جي سڀني علائقن کان سنڌي ماڻهو وڌيڪ خوبصورت بوٽ پائين ٿا، جن ۾ زميندار ۽ سرندي وارا رنگين جتيون پائين ٿا، جن کي سيم جي زري ۽ سون جي زري به لڳل هوندي هئي.عورتون گل سان جتي پائين ٿيون، جتي تي پڻ موتي ۽ سوني زري يا سيم جڙيل هوندي آهي. غريب ماڻهو کيٿڙا پائين ٿا، جيڪي سادا آهن.“ انگريزن جي اچڻ سان اسان جي پوشاڪ تي وڏو اثر پيو، ڪوٽ، سوٽ، ٽوپلو، بوٽ، بشرٽ ، ٽي شرٽ ۽ نيڪٽاءِ . مغربي لباس عام طور تي سنڌ جا ماڻهو استعمال ڪرڻ لڳا، پر اها پوشاڪ گهڻو ڪري مٿيون طبقو يا سرڪاري ماڻهو ڪم آڻڻ لڳا ۽ عام سنڌي ماڻهو لاءِ ڊاڪٽر سورلي جي لفظن ۾ ” ولايت کان ڪيترائي لباس جا نمونا سنڌ ۾ متعارف ٿيا، پر سندن طبع کي متاثر نه ڪري سگهيا. زناني لباس ۾ انگريزن يورپ جي ڇيٽن کي پيش ڪيو ۽ عورتون ان مان سلوار قميص ٺاهي ڪم آڻڻ لڳيون. مغربي تهذيب اسان جي پوشاڪ تي جيڪو وڏو اثر وڌو اهو آهي مرد جو پٽڪو ۽ عورت جو بوڇڻ، اهي ٻئي شيون اسان جي نئين نسل مان نڪري ويون آهن ۽ هن وقت رئو مٿي تان لهي اچي ڳچي ۾ پيو آهي ۽ مرد مٿي اگهاڙو ٿي پيو آهي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جناح ۽ لياقت ڪئپ، مجيب جئڪيٽ، شيرواني ۽ شوبوٽ به سنڌي لباس ۾ پنهنجي جاءِ ڳولي لڌي پر هن وقت سنڌ ۾ اصلي سنڌي پوشاڪ نوجوانن ۾ مقبوليت حاصل ڪئي آهي، جنهن ۾ اجرڪ کي اوليت حاصل آهي، جنهن کي اڄ به مرد ۽ زالون ٻئي پائن ٿا. کهنبو به پراڻو اوڇڻ آهي جيڪو عورتن جي مٿي ڍڪڻ جو ڪپڙو آهي، جنهن کي لاڙ ۾ گربي چئبو آهي. اڄ ڪلهه فيشن طور هن جو گهڻو استعمال آهي، عورتون سٿڻ سان گڏ قميصون به ٺاهين. نوجوان شرٽون به سبرائين ٿا. سنڌي لونگي پٽڪي وانگر، ڪهي تي ٻڌي ويندي آهي. لونگيون ريشم مان ٺهنديون آهن ۽ ڪن ۾ زردي جا ڌاڳا به هوندا آهن. اها گهوٽ لاءِ مڱڻي يا پرڻي مهل ڪلهن تي وڌي ويندي آهي ۽ حڪمران طبقي طرفان انعام طور به ڏني ويندي آهي.
بهرحال سنڌي پوشاڪ اڄ به پنهنجي تاريخي ۽ ثقافتي روايت جي آئينه دار آهي.

[b]سنڌ جا زيور :
[/b] ڳهه ڳٺا هر ملڪ جي ثقافت جو حصو آهن. عورت مشرق جي هجي يا مغرب جي، سندس سونهن جو ڪارڻ زيور ئي آهن، پر تاريخ شاهد آهي ته م۾مشرق جي عورت جي زندگي ۾ زيور کي ۽ جو هڪ روايتي حيثيت حاصل رهي آهي. خوشي جو اهڙو ڪوبه موقعو نه آهي، جنهن ۾ زيور عورت سان شريڪ نه رهيو هجي. شروعاتي زماني ۾ جڏهن انسان جهنگلن ۾ رهندو هو، تڏهن به گلن ۽ پنن کي استعمال ڪري عورتن ڳهن جي پورائي ڪئي. زيون پنهنجي اهميت کي هر دور ۽ هر زماني ۾ مڃرايو آهي. ملڪ قلوپرطره کان نورجهان ۽ رضيه سلطانه تائين ڳهه زندگي جو بنياد رهيا آهن. سنڌ پاتا۾ ڳهن جو رواج تمام پراڻو آهي. هي ڳهه نه صرف پاتا ويندا هئا پر انهن جا شهه ڪاريگر به هئا، جيڪي ڳهه ٺاهيندا هئا، محمد سومار شيخ لکي ٿو ته ” اسان جي سنڌ جا سونارا حضرت عيسى کان ٽي هزار ورهيه اڳ ٽانڪي جو ڪم ڪندا هئا. اڳي راڻيون ۽ اميرن جون زالون قيمتي زيور پائينديون هيون. موهن جي دڙي واري زماني ۾مرد توڙي زالون عام طور زيور پائيندا هئا، جيئن هسي، ٻانهن، بازو بند، منڊيون وغيره. مردن کان سواءِ زالون وڌيڪ زيور استعمال ڪنديون هيون. منگليون، پازيب ۽ پنڙا، ڪي زالون ٺونٺ کان وٺي ڪلهن تائين ٻانهي چاڙهينديون هيون. موهن جي دڙي مان هٿ آيل مورتي ۽ ٻين مورتين کي پاتل زيورن ۾ هار، گلوبند، ڳچي پٽا، چوڙيون، ٻانهون، ٻانهونٽا، بازوبند، چيلهڪيون، نورا ۽ ڪڙيون ڏسي چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جا سونارا ڪيڏا نه ماهر هئا جن سون ۽ چاندي مان اعلى قسم جا زيور ٺاهيا. سرجان مارشل تڏهن لکي ٿو ته ” سونا زيور اهڙي عمدي ريت گهڙيل آهن ۽ اوجر اهڙي اٿن جو ڄڻ ته لنڊن جي بانڊ اسٽريٽ ( سونارن جي گهٽي) مان هينئرئي گهڙجي آيا هجن ۽ پنجن هزارن ورهين جا ڀائنجن ئي ڪين ٿا. موهن جي دڙي جا ماڻهو، هيرن ۽ جواهرن جا هار به پائيندا هئا. ڀيرومل آڏواڻي لکي ٿو ته ” قديم سنڌ جا رهاڪو عقيق يا سنگ سليماني، نيلم، پيروز ۽ ٻيا قيمتي پٿر هار جي داڻن، توڙي زالون ڳهه پائينديون هيون، جيڪي ڇاتي تي پيا لٽڪندا هئا، جنهن کي نشڪ گديو يعني ڳچي جو گهڻو سڏبو هو. ٻيو ڳهه دري لڪي هو جنهن کي رڪم چئبو هو، ڪنن جو زيور ڪرن شوڀن هو، جيڪو در يا سونو ڳهه هوندو هو مرد به عام طور ڳهه پائيندا هئا، اهڙو هڪ هار مئي گريو هو، جيڪو مڻين مان ٺاهي ڳچي ۾ وڌو ويندو هو. گهوٽ پرڻجڻ ويلي سونا ڳهه پائي ويندو هو. موتين جا هار نه رڳو ماڻهو پاڻ به پائيندا هئا پر گهوڙن کي به موتين جو ن ڪنٺيون پارائيندا هئا.
سڪندر مقدوني جڏهن سنڌ تي ڪاهه ڪئي، ان زماني ۾ به سنڌي مرد ۽ زالون زيور ڪم آڻينديون هيون. نيڪوس لکي ٿو ته ” سنڌين جي ڪنن ۾ عاج جا موڪرا والا پيل هئا جن جي ڪري خوبصورت لڳن پيا“. عربن جي اچڻ کان پوءِ مردن مان زيور پائڻ جو رواج نڪري ويو، جيڪو پوءِ مغلن ۽ ميرن جي زماني ۾ وري شروع ٿيو. ميرن جي دور ۾ ڪيترائي ڳهه پاتا ويندا هئا. مولائي شيدائي لکي ٿو ته ” زالون ننڍڙن ٻارن کي ڪنن ۾ در ۽ ٻانهن ۾ ڪنگڻ پارائينديون هيون، انگريزن جي اچڻ کان پوءِ به ننڍين ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن کي سنڌي سٻاجها ۽ڪنگڻ پارائيندا هئا، جڏهن انگريزن حيدرآباد قلعي تي قبضو ڪيو، تڏهن اميرزادن جي ٻانهن مان قيمتي ڪنگڻ به لاٿائون“.
ٽالپر حڪمرانن جي عورتن جي ڪنن ۽ ٻانهن مان قيمتي زيور لاهڻ لاءِ نيپئر زنانو اسٽاف مقرر ڪيو. مغربي تهذيب جي پکڙجڻ جي ڪري انگريز دور ۾ زيورن پهرڻ جو رواج ختم نه ٿو، پر گهٽجي ضرور ويو. هن وقت به سنڌي ڳهه ڳٺا سندن معاشي، سماجي ۽ ثقافتي سڃاڻ آهن. هنن زيورن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهي هزارين سال اڳ جي سماجي زندگي، لباس، مردن توڙي عورتن جي مزاج، پسند ۽ رواج، رنگن ۽ روپن، نقش نگاري، چٽ چٽڻ، نقش ڪڍڻ، ميناڪاري ۽ ڪاريگرن جي هنرمندي
جي تاريخ ۽ تاريخي ثبوت پيش ڪن ٿا. اڄ به اسان وٽ ڳهن پائڻ جو رواج عام آهي. ڪي عورتون ڳهه نڪ ۾ پائن ته ڪي ڪنن ۾، ڪي ڳچي ۾ ته ڪي وري ڄنگهن ۽ پيرن ۾ . سنڌي سماج ۾ هيٺيان ڳهه ڳٺا پاتا ويندا آهن، اهي هن ريت آهن.
1 – مٿي جا زيور: جهومر مشهور ۽ مهانگو زيور آهي، جيڪو سون ۽ چاندي ٻنهي مان ٺهي ٿو، ٽڪلو هندو توڙي مسلمان عورتون ڪم آڻين، چوٽي سماٽ ذاتيون ڪم آڻين، ان کان سواءِ ڪنڍو، چوٽي ڦل، آلي ۽ ڏاڻي به مٿي جا زيور آهن.
2 – نڪ جا زيور: سنڌي تهذيب ۾ نڪ جي وڏي اهميت آهي ۽ نڪ کي عزت ۽ خودداري جي نشاني سمجهيو ويندو آهي، ان ڪري ئي شايد نڪ جا زيور تمام گهڻا آهن جهڙوڪ نٿ، بولو، لوئنگ، ڦلي ۽ ڪوڪو مشهور آهن. وري هر ڳهه ٺاهڻ جا ڌار ڌار طريقا آهن.
3 – ڪن جا زيور: ڪن جي زيورن ۾ پاپڙي زيورن پهرڻ جو مرڪز آهي. پاپڙي ۾ ايرنگ، جهومڪ، ڪن ڦل، مگر، جهالر، گل ڦل، والا، چنڊ واليون،در، سريون، ڏرگل، مومن ۽ ڪيوٽيون پاتا ويندا آهن. ڪن جي مٿين سري ۾ جهومٽيون،پنڙيون، پنڙا ۽ پوپٽ پاتا ويندا آهن. ڪن جي وچ ۾ گوڪون ۽ سبي ۾ نسبي زيور پاتا ويندا آهن.
4 – ڳچي جا زيور: ڳچي ۾ جيڪي ڳهه پاتا وڃن ٿا، اهي هي آهن هار، چندن هار، ڪٺمال، تائيٿ، سريون، هسي، هانوڙي وارلو، هانسلي، ويلو، ماڪوڙي، دل پاڪ، مانڌريا، ڪنٺي، تعويذ، دهري، راڻي هار، گلوبند، لاڪيٽ ۽ نڪلس.
5 – آڱرين جا زيور: هن ۾ منڊيون، ڇلا، ويڙهه يا ورڻا،کيرولون، آنيئرو ۽ چنبو وغيره اچي وڃن ٿا.
6 – ٻانهن جا زيور: هن ۾ چوڙيون، هٿڙيون ڪتريا، چوڙا، ٻارکيون، پونچي، هٿ گجريون، دستيون، ٻانهون، پٽا ۽ ڪنڱڻ اچي وڃن ٿا.
7 – پيرن جا زيور: هن ۾ڪڙيون، نورا، ڇير، پازيب، وڇوڻا، منڊيون، ورڻا، ڪڙا، پير ڇلا، پولڙيون، ڪاڍيا، ساٽا وغيره اچي وڃن ٿا.
ڄاڻايل سڀ زيور سون ۽ چاندي جا هوندا هئا ۽ معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ جيترا زيورن جا قسم آهن، دنيا جي ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ نه هوندا.
مطلب ته اڄ کان هزارين سال اڳ سنڌو ماٿريءَ ۾ عاج، ڪوڏ، مٽي، سپي، هڏي، ڪنجهي، ٽامي، چاندي ۽ سون مان زيور ٺاهيا ويندا هئا. وادي سنڌ ۾ اڄ به سونارا انهن جهڙا ۽ اهڙا ٻيا زيور ٺاهيندا آهن. جن تي اهڙا ئي چٽ چٽين ٿا، انهن جي گهاڙيٽي جو اڄ به اهو ئي معيار آهي، جيڪو هزارن سالن کان هلندو اچي. اڄ به زيور انهن ئي شڪلين ۽ صورتن وارا نظر اچن ٿا. اڄ به زيورن تي جاميٽري جون انيڪ ڊزائينون، چٽ، گل، ٻوٽا، پکي، جانور ۽ جاندارن جو ن شڪليون ٺاهيون وڃن ٿيون. اهڙي طرح اسان جي سونارن ماضي جي روايت سان ڳانڍاپو رکي، اسان جي ثقافت جي حفاظت ڪئي آهي.

[b]سنڌ جا سِڪا:
[/b] اقتصادي ڏي وٺ ۽ تجارتي وهنوار ۾ سڪو بنيادي حيثيت رکي ٿو. پراڻي زماني ۾ جنسن يا وکرن جي مٽا ۾ سٽا ٿيندي هئي، مگر جڏهن ملڪن ۾ تجارت وڌي، تڏهن سڪو وجود ۾ آيو، سنڌ ساري دنيا ۾ پنهنجي خوشحالي ڪري مشهور آهي، ان ڪري هت سدائين واپار ۽ تجارت عروج تي رهيو. دراوڙن جي دور ۾ هت ٽامي جا سڪا رائج هئا، جيڪي اندروني طور ڪم ايندا هئا.آرين جي زاماني ۾ هت ٽن قسمن جا سڪا هئا، هڪ سونو سڪو ” سڪته“ ۽ ٻيو منا نالي هو، هنن سڪن تي ڳئون جي شڪل هوندي هئي ۽ سندن ملهه به ڳئون جيترو هوندو هو. ٽيون چاندي جو سڪو هو، جنهن کي ” نيول“ چئبو هو. جڏهن ايرانين سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن سنڌ مان کين ايترو ته سون مليو جو هنن جيڪي سڪا ٺهرايا، سي سڀ سنڌ جي نج سون مان هئا، جن جو وزن 130 گرين هو، جن جي هڪڙي پاسي کان تير ڪمان جي شڪل ۽ ٻئي پاسي تي شهنشاهه جي تصوير هئي، هن کي ” دريڪ“ سڏبو هو. دارا سنڌ لاءِ چوڪنڊا ۽ پنج ڪنڊا سيلگوئي سڪا چاندي جا به تيار ڪرايا هئا،جيئن مغربي دنيا سان به واپار چالو رهي . سڪندر مقدوني سنڌ ۾ واپار جي ترقي لاءِ جيڪي سڪا ٺهرايا اهي ٽڪنڊا، چوڪنڊا ۽ گول هئا، پلٽي دي ايقر لکي ٿو ته ” هن زماني ۾ سنڌ ۾ سون جي سڪن جو وڏو تعداد روم مان ايندو هو، جنهن جي بدلي روم ريشمي ڪپڙو ۽ ٻيون قيمتي شيون خريد ڪندو هو. ٻڌ ڌرم جي زماني ۾ سنڌ ۾ ٻن قسمن جا سڪا هئا، هڪ سونن سڪن جو قسم، جيڪي يورنا ۽ نشڪا نالن سان سڏبا هئا، ٻيو پتل ۽ ٽامي جي سڪن جو قسم هو، جيڪي سووانا، ڪماسا، پادماسا ۽ ڪاڪيشيا جي نالي سان سڏبا هئا. سڪن ۾ ڪوڏين کي به دخل هو، جيڪي ناڻي جي صورت ۾ هلنديون هيون.
عربن جي اچڻ کان اڳ ۾ سنڌ ۾ پنجن قسمن جا سڪا جاري هئا. 1 – گنڌاري، 2 – طاطري ( سوماترا جو سڪو)، 3 – ساساني سڪا، 4 – طبري، 5- مغربي. هنن مان گنڌاري، طاطري ۽ مغلي سڪن جو وڌيڪ رواج هو. احڪام السلطانيه وارو لکي ٿو ته” اسلام جي وقت ايران ۾ ٽن قسمن جا سڪا سنڌ تائين رائج هئا، جيڪي بغلي، طبري ۽ مغربي هئا. حضرت عمر رضه جيڪي درهم جاري ڪيا هئا، تن جو وزن بغلي ۽ طبري جي گڏيل قيمت جي اڌ جيترو هو. سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ عربن هت پنهنجا سڪا جاري ڪيا، ان زماني ۾ بلخ ۽ بصر ۾ ضرب خانه هئا. بنو اميه جي دور ۾ سنڌ ۾ چئن قسمن جا سڪا جاري هئا. 1 – حجاجيه: هي سڪا حجاج بن يوسف ضرب ڪرايا . 2 – هبيره: هي سڪا ابن هبير تيار ڪرايا. 3 – قسريه: هي خالد القسري جوڙايا ۽ 4 – يوسفيه : هي يوسف بن عمر جوڙايا. عباسي دور ۾ سنڌ ۾ دينار ۽ درهم خالص سون ۽ چاندي مان ٺهرايا ويا، ان ڪري ٻاهرين دنيا ۾ انهن جو وڪرو عام ٿيندو هو. سنڌ جي هڪ طلائي دينار جي قيمت هندستان جي شهرن ۾ اتي جي ٽن اشرفين جيتري هئي، سليمان تاجر ڄاڻايو آهي ته ” سنڌي دينار بنگال جي اپسمنڊ تائين وڪامندا هئا.“ هن زماني ۾ درهم جي قيمت چار آنا قتطار جي قيمت اٺ هزار چار سئو دينار هئي. 977ع ۾ جعلم بن شيبان سنڌ تي قبضو ڪري فاطمي سڪو رائج ڪيو، منصوره جي گورنر حڪم بن عفانه پنهنجو سڪو جاري ڪيو، ان وقت ملتان ۽ منصوره ۾ ضرب خانه هئا. سنڌ ۾ ان وقت جي رائج سڪن کي عرب مورخن قنڌار يا قاهريات لکيو آهي. ابن حوقل لکي ٿو ته ” هڪ قنڌاري سڪو پنجن درهمن جي برابر هو ۽ طاطري درهم جي اٺين حصي برابر هو. ٻين سڪن ۾ قهاريت جو ڏاڍو استعمال هو، هي قهاريت سڪو ڏيڍ درهم جي برابر هو. “ بشاري انهن سڪن کي قاهريان ڪوٺيو آهي. لکي ٿو ته ” ملتاني درهم، مصري درهمن جي نموني تي آهن. هتي غزني جا قهري درهم به ملندا هئا، جيڪي يمن جي قروض سان ملن ٿا، پر مقامي سڪا وڌيڪ قد آور آهن.“ ادريسي لکي ٿو ته ” هت چاندي ۽ ٽامي جا سڪا رائج آهن.“
سومرن ۽ سمن جي زماني ۾ سنڌ ۾ اسلامي دنيا جي هڪ روپئي جي قيمت سنڌ ۾ فقط چئن آنن جيتري هئي . سلاطين گجرات مان محمود بيگڙه جا چار روپيا لاڙي ۽ محمودي اشرفيون سنڌ ۾ چالو هيون. في محمودي روپئي جي قيمت سنڌ ۾ ٻارنهن آنا هئي، ان کان سواءِ بيجاپور ۽ گولڪنڊه جون اشرفيون پگوڊا به هت چالو هيون، انهن اشرفين جو سون خالص هو، ان ڪري گولڪنڊه ۽ بيجاپور تائين هئڻ گجراتي واپارين معرفت سنڌ تائين پهتيون . افغانستان ۽ ايران جا سڪا به هت هلندڙ هئا، هندستان جي مرڪزي حڪومت جا سڪا به جاري هئا.
ارغونن جي دور ۾ تيموري روپيا، شاهه رخيون، جن جو وزن 80 گرين هو ۽ بابر جا چاندي جا سڪا رائج هئا. پورچوگيزي ٺپي واريون سونيون اشرفيون، چاندي جا سڪا، تنڪا ۽ لاري به ڪم ايندا هئا. تنڪو دهلي جي حاڪمن جو جاري ڪيل هو، لاري، عراق ۽ خراسان ۾ رائج هو، هي سڪو هڪ شلنگ جي برابر هو ۽ ايراني لار علائقي پٺيان لاري سڏبو هو. مرزا عيسى ترخان، ٺٽي جي ضرب خاني مان، هڪ ٽامي جو سڪو عيسائي نالي جاري ڪيو. مرزا محمد باقي ساڳين سڪن کي جاري رکيو، مرزا جاني بيگ ٺٽي ضربخاني مان ئي سڪا جاري ڪيا، پر انهن جو وزن گهٽائائين ۽ ميري نالو ڏنائين . جاني بيگ اڪبر جو سڪو ” اڪبر“ سنڌ ۾ جاري ڪيو، جنهن ۾ ٻارنهن ميريون اچي وڃن ٿيون، هن زماني ۾ پورچو گيرزن جو سڪو ڊالر ” تنگي“ نالي به سنڌ ۾ رائج هو.
مغلن جي زماني ۾ سنڌ اندر جيتل ٽنڪا، روپيا ۽ اشرفيون هلنديون هيون. بکر ۽ ٺٽي ۾ سرڪاري ضربخانا هئا، روپين ۽ اشرفين جي چاندي ۽ سون کرا هئا، دام ٽامي جا هئا، اڪبري روپئي جو وزن 178 گرين هو ۽ اڪبري اشرفي جي قيمت نو روپيه هئي، عالمگيري اشرفي جي قيمت 14 روپيه هئي، اورنگزيب جي روپئي جي قيمت ٻه شلنگ ٽي پينس هئي. مغليه سڪن کان سواءِ ايراني سڪا جهڙوڪ: عباسي، محمدي ۽ صوفيه چالو هئا. ايراني سڪن جي قيمت چار آنا هئي.
ڪلهوڙن جي زماني ۾ ٺٽي ۽ بکر مان مغل حاڪم محمد شاهه جي نالي سڪا ٺپجي سنڌ جي بازارن ۾ ايندا هئا. جڏهن نادر شاهه سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن هن جي نالي تي سڪا ٺاهيا ويا، اهي سڪا سون ۽ چاندي جا هئا. بکر ۽ ٺهندڙ چاندي جي سڪي جو وزن 176 کان 178 گرين ۽ سون جي سڪو جو وزن 149 گرين هو. بکر مان جاري ڪيل، ٽامي جا سڪا به هن زماني جا مليا آهن، جن کي فلوس چئجي ٿو. ان کان پوءِ احمد شاهه ابدالي جي نالي سون، چاندي ۽ ٽامي جا سڪا جاري ڪيا ويا. محمد مرادياب خان ڪلهوڙي جي سوني سڪي جو وزن 5-53 گرين آهي، جيڪو اريراني اشرفي جي برابر آهي. غلامي شاهه ڪلهوڙي جي سوني مهر جو وزن 168 گرين هو. تيمور جڏهن هتان جو ناظم مقرر ٿيو، تڏهن هن بکر جي ضربخاني مان سون، چاندي ۽ ٽامي جا سڪا جاري ڪيا. جن جو وزن 172 گرين کان 177 گرين هو. هنن سڪن تي فارسي ۽ عربي رسم الخط رائج هئي، هنن سڪن کان سواءِ سنڌ ۾ هندستان، گجرات ۽ ڪڇ جا سڪا به رائج هئا.
مير فتح علي خان ” ٽالپورن “ جي حڪومت جو بنياد وڌو، جنهن تي افغان حڪمران تيمور شاهه اهو شرط عائد ڪيوته سنڌ ۾ دراني سڪو جاري رهندو. ان وقت بکر ۽ حيدرآباد جي ضرب خانن مان سرڪاري سڪا جاري ٿيندا هئا، تيمور شاهه کان پوءِ، زمان شاهه جي نالي سان سڪا جاري ٿيا، جيڪي سون ۽ چاندي جا سڪا بکر جي ضربخاني مان جاري ٿيا. چاندي جي سڪي جو وزن 177 گرين هو. شاهه شجاع الملڪ جا سڪا بکر جي ضربخاني مان جاري ٿيا، جيڪي چاندي جا روپيا ۽ ٽامي جا فلوس هئا. ان کان پوءِ مير حڪمران حيدرآباد ضربخاني ۽ بکرمان ڌار ڌار سڪا جاري ڪرڻ لڳا، جيڪي اقتدار جي حاڪمن جي نالي هئا، انهن سڪن تي فارسي ۽ عربي عبارتن ۾ حاڪمن جا نالا هوندا هئا. پوئين حاڪمن جي سڪن تي پکين جون شڪليون ۽ گلن جون تصويرون هيون. ميرن جي حڪومت جو آخري سڪو 1259 هه يعني 1843ع ۾ جاري ٿيو، جنهن جي ساڄي پاسي سهو ۽ کاٻي پاسي مور ۽ نانگ جي تصوير اڪريل آهي. هي سڪو بکر جي ضرب خاني مان جاري ٿيو.
انگريزن، جيڪي مير حاڪم سان معاهدا ڪيا تن ۾ هڪ هيءَ به هو ته انگريزي سڪو ۽ تيموري سڪو قيمت ۾ برابر آهن، ان ڪري ميرن جي حڪومت جو ضربخانو حيدرآباد جي اميرن لاءِ سڪا پرٽيندو رهندو، جن جي هڪڙي پاسي انگريز بادشاهه جي شبيهه يا جيڪي ڪجهه انگريز حڪومت لکرائڻ چاهي ۽ ٻئي پاسي حيدرآباد جي اميرن جي لکت هوندي. حيدرآباد جي اميرن لاءِ جيڪي سڪا پرٽيا ويندا انهن جي چاندي جي قيمت ۽ انهن جو وزن، انگريزي سڪي جي برابر هوندو، ان ڪري اميران حيدرآباد سڪن ٺاهڻ جو حق نه رکندا. اهڙي طرح خيرپور جي ميرن سان به اهڙو معاهدو ٿيو، ان کان پوءِ سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جو سڪو هلڻ لڳو، جيڪو ممبئي جي ضربخاني ۾ تيار ٿيندو هو. 1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن بکر جي ضربخاني مان شينهن جي ڇاپ وارو سڪو جاري ٿيو، هن سڪي جي وزن پوڻا ڏهه گرام هو. جڏهن سر بارٽل فريئر سنڌ جو ڪمشنر ٿي آيو، تڏهن هن بکر جو ضربخانو بند ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ ۾ ڪمپني جي سون، چاندي ۽ ٽامي جي سڪن جو رواج شروع ٿيو، جيڪي انگريزن جي قائم ڪيل ڪلڪتي، ممبئي ۽ مدراس جي ضربخانن مان جاري ڪيا ويندا هئا، ان کان پوءِ انگريزن جي جڏهن حڪومت مستحڪم ٿي، تڏهن ٽامي جا سڪا به جاري ٿيا.
1948 ع ۾ پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ ٽامي، پتل‏، نڪل ۽ مختلف ڌاتن سان گڏ ڪاغذن جابه قسم جا سڪا هلڻ لڳا. اهڙي طرح سنڌ جا سڪا سون ۽ چاندي مان ٿيندا اچي ڪاغذن تي پهتا. ڏسجي ته اڳتي ڇا ٿو ٿئي.

[b]سنڌ جو پسارڪو وکر:
[/b] سنڌ پراڻي زماني کان پسارڪي وکر جو مرڪز رهي آهي. سڄي دنيا کي حياتي جو مزو ماڻڻ ۽ زندگي جو لطف حاصل ڪرڻ جو راز سنڌ ئي ٻڌايو. صحت ۽ تندرستي جا راز سنڌين ئي سليا. هتان جي پهاڙن، جبلن، ٻيلن، جهنگلن ۽ ٻنين ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي جڙي ٻوٽيون ۽ پسارڪو وکر ملي ٿو جنهن ۾ شفا ۽ شباب جا خزانا لڪل آهن ۽ سنڌ جي ئي ماڻهن کان ٻاهرين فيض حاصل ڪيو.
سمير جا قديم رهاڪو ڪيتريون ئي جڙي ٻوٽيون ڪم آڻيندا هئا. خشني ڪتبن ۾ سنڌ جي ڪن شين جو ذڪر ملي ٿو. ڊاڪٽر نوحا ايس ڪريمر لکي ٿو ته ” معدني مواد مان لوڻ ۽ شوري جو سنڌين وٽ واهپو هو، حيواني مراد مان کير، نانگ جي کل، دوا طور ڪتب آڻيندا هئا۽ نباتاتي مواد مان مختلف جڙين ٻوٽين، گاهن، وڻن جي ٻجن، پنن، پاڙن، رس، ڇوڏي ۽ کوئنر جو استعمال ڪندا هئا. هو دوائن کي خارجي ۽ داخلي طرح ڪم آڻيندا هئا. خارجي طرح دوائون ڪٽي ڇاڻي ماکي، شراب، پاڻي يا ڪنهن روغن ۾ ملائي ڪم آڻيندا هئا. داخلي طرح ڪٽي، ڪپڙ ڇاڻ ڪري سفوف، شربت ۽ معجون طور ڪم آڻيندا هئا. موهن جي دڙي مان ماڻهو طب جا وڏا ڄاڻو هئا ۽ اهي پسارڪي وکر کي سٺي نموني ڪم آڻيندا هئا. اتان هي پسارڪيون شيون مليون آهن. سلاجيت، ڦاڙهي جا سڱ، سمنڊ نئين مرجان، مڇي جا ڪنڊا، نم جو وڻ، ڪانسي، ڪوڏ، عقيق، لاجورد، زمرد،ياقوت، سنگ يثب، انار، تلسي، سرمو، شنگرف، عاج، ڪلف، لوبان، ڪجل، ڪوئلو وغيره. ان کان سواءِ نير، ماکي، لاک ۽ پٻڻ جو گل به دوائن طور ڪم آڻيندا هئا.
آرين جي زماني ۾ هت سپارڪو وکر عام هو ۽ جڙي ٻوٽين جي وڏي اهميت هئي. ان وقت جي هڪ گيت جو هڪ بند آهي ته ” اي جڙي ٻوٽيون اوهان جا ڪيئي طريقا ۽ ڪيئي روپ آهن ۽ اوهان پاڻي ۾ هزارين خاصيتون رکو ٿيون“ ان زماني ۾ سوڪراٽ نالي، هڪ جابلو قوم جو ڇوڪريون جڙي ٻوٽيون ۽ ٻيون دوائون ويدن وٽ آڻي وڪڻنديون هيون. ان وقت ٻوٽن تي ۽ جبلن جي وٽ سان جيڪي ماڻهو رهندا هئا، سي ٻوٽيون سڃاڻيندا هئا. انهن مان ڊڀ ۽ ڦڪيون ستيون ٺاهيون وينديون هيون. ان وقت جي ڪن ٻوٽين جا نالا هي آهن. اشو وتي، سوموتي، ارجنيتي، ادوجس، پرشني پرني وغيره.
سڪندر جڏهن سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن يونانين هت ڪيتريون ئي قيمتي جڙي ٻوٽيون ڏٺيون. هن لکيو آهي ته” هت قسمين قسمين جڙي زهري ٻوٽيون آهن.“ هڪ يوناني ارسطو بيلوس لکي ٿو ته ” سنڌي زهرن مان واقف آهن ۽ اهڙيون دوائون بيمارين تي استعمال ڪندا هئا. ڌارين کان علم حڪمت کي مخفي رکندا هئا.“ يونانين سنڌين کان نانگ جي ڏنگيل ماڻهو جو علاج سکيو، ٻڌمت جي زماني ۾ هت پسارڪي وکر جي گهڻائي هئي، دوائن لاءِ جيڪي جڙي ٻوٽيون گهربل هونديون هيون، تن جي يا ته سرڪاري طور هن ملڪ ۾ پوک ڪرائي ويندي هئي يا وري ٻاهران گهرايون وينديون هيون شفا خانن ۾ دواسازي جا شعبا هئا، جتي جڙي ٻوٽين کي پوکي انهن مان سستيون ڦڪيون ٺاهيون وينديون هيون. ان زماني ۾ نوشيروان پنهنجي وزير بروزويه کي سنڌ موڪليو، جنهن مان هتان ڪيترائي طبعي ڪتاب ۽ جڙي ٻوٽيون ايران کي پهچايون ۽ اتي انهن تي تحقيق ڪئي وئي.
عربن جي زماني ۾ سنڌ جي پسارڪي وکر جي خاص مارڪيٽ عربستان هئي. ان کان اڳ به عرب واپاري هتان جي ڪيترن ئي جڙي ٻوٽين کي عربستان متعارف ڪرايو. چون ٿا ته حضرت سليمان عه سنڌ مان اگر، مشڪ ۽ عنبر گهرائيندو هو. مصري، لاک، نير ۽ کونئر هتان گهرائيندا هئا،جيڪي ممين ٺاهڻ ۾ ڪم آڻيندا هئا. اوفير وارا هتان جڙي ٻوٽيون واپرائيندا هئا، عرب واپارين ڪيترن ئي پسارڪين شين جو ذڪر ڪيو آهي. سنڌ مان جيڪو پسارڪو وکر ابتدائي زماني ۾ عراق ويو، تن خاص شيون ائورا، ايريو، ٻهيڙا، چندن، ڪافور، ليسوڙا ۽ هريڙون آهن. سنڌ مان جيڪي جڙي ٻوٽيون پوءِ عرب ۾ ويون تن جي هڪ طويل فهرست سيد سليمان ندوي، پنهنجي ڪتاب ” عرب و هند ڪي تعلقات“ ۾ ڏني آهي. جن مان خاص هي آهن. پان، سوپاري، نيلوفر، جافر، توتيو، ڪمالپٽ، گدامڙي، ريوند، مشڪ، ڪافور، ڪارا مرچ، سنڍ، ڦوٽا، اطريفل، پواڙي، لوبان، مشڪ، ڪافور، ڪارا، مرچ، سنڍ، ڦوٽا، اطريفل، پواڙي، لوبان، سرنهن وغيره. جناب ڊاڪٽر بني بخش خان چوي ٿو ته” سنڌ ۾ سپارڪي وکر جو واپار ايترو وڌيل هو جو هند جي ٻين ڀاڱن جون جڙي ٻوٽيون پڻ سنڌ مان ئي اولهه طرف ٻين ملڪن ڏانهن موڪليون وينديون هيون“. سنڌ جي انهي پسارڪي وکر مان ڪن شين جو ذڪر قرآن شريف ۾ به آيل آهي. سيد سليمان ندوي لکي ٿو ته انهي ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته قرآن شريف ۾ جنت جي تعريف دوران هن جنت نشان ملڪ جي خوشبودار شين مشڪ، سنڍ ۽ ڪافور جو ذڪر ڪيو ويو آهي“. اهڙي طرح احاديث نبوي ۾ به سنڌ جي ڪن پسارڪن شين جو احوال ملي ٿو. جنهن جو تفصيل سان ذڪر قاضي اطهر مبارڪپوري جي ڪتاب ” عرب وهند رسالت مين“ ۾ ملي ٿو. انهن ۾ مشڪ، ماکي، عنبر، عود، ڪافور، زنجيل، قسط يعني ڪني ڪاٺي، لونگ وغيره اچي وڃن ٿا.
بهرحال عباسين جي دور ۾ جڏهن سنڌ مان طب تي ڪتاب ۽ طبيب عرب ۾ گهرايا، تڏهن سنڌ جي پسارڪي وکر جو عام چرچو ٿيو. ڇو جو سنڌي ڪتاب ۾ پسارڪي وکر جو وڏو ذڪر هو. ان وقت سنڌي جي جڙي ٻوٽين تي ماڻڪ هڪ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هڪ هڪ ٻوٽي جا ڏهه نالا ڏنل هئا. ان زماني ۾ سنڌ مان ڪيئي دوائون ۽ جڙي ٻوٽيون بغداد جي شفا خانن لاءِ گهرايون وينديون هيون. ڪيترن دوائن تي نئين سر تحقيق ڪري، انهن مان مرڪبات تيار ڪيا ويندا هئا.
مطلب ته سنڌ هن ڏس ۾ هر دور ۾ زرخيز ۽ شاهوڪار رهي آهي. هن وقت به ماضي وانگر سنڌ ۾ ڪجهه حڪيم آهن، جيڪي جڙي ٻوٽين کي استعال ڪندا آهن، پر اهي اصلي شيون ڪونه ٿيون ملن.

[b]سنڌ ۾ کير، مکڻ ۽ گيهه
[/b] کير، مکڻ ۽ گيهه اسان جي خوراڪ جا اهم جزا آهن. جنهن ۾ طاقت جا سڀئي عنصر موجود آهن. هڪ سير کير بالغ ماڻهو جي ڪئلشم جو سئو سيڪڙو، وٽامن اي جو 83 سيڪڙو، فاسفورس جو 63 سيڪڙو ۽ پروٽين جو 45 سيڪڙو ضرورتون پوريون ڪري ٿو. کير ۾ پاڻي جو مقدار اسي کان پنجاسي، پروٽين 3.8 کان 5.3 کنڊ 4.9 کان 5.1، معدني جزا 0.8 کان 0.9 تائين هوندا آهن. ان کان سواءِ کير ۾ وٽامن اي بي، بي 12، سي، ڊي ۽ اي به گهڻو موجود آهي. کير مڪمل غذا آهي. حضور اڪرم ﷺ جن جو فرمان آهي ته ” جنهن ماڻهو کي الله تعالى کير پياري، اهو ائين چوي ته اي الله هن ۾ برڪت وجهه ۽ اضافو ڪر، ڇوته کير کان سواءِ ٻي اهڙي شيءَ نه آهن، جيڪا کاڌو به هجي ۽ پيتو به هجي.“
مکڻ به کير جو ڀاءُ آهي. جنهن ۾ پاڻي 16 سيڪڙو، سڻڀ 83.5 سيڪڙو، پروٽين 4.80 سيڪڙو، بيڪتوز 1.50 سيڪڙو ۽ معدني جزا 0.2 سيڪڙو موجود آهن. گيهه مکڻ مان نڪري ٿو، جنهن ۾ پاڻي کان سواءِ باقي سڀ جزا آهن. هنن ٽنهي شين جو اسان جي ٻولي ۽ ثقافت تي وڏو اثر آهي. مالدار ماڻهو مرندي مرندي ويندو پر کير مکڻ جو قسم نه کڻندو. ڏڌ ۽ پٽ جي سنڌي معاشري ۾ هڪ جهڙي حيثيت آهي. اسان جي ٻولي ۾ ڪيتريون ئي چوڻيون ۽ محاورا هنن شين مان وابسته آهن، جهڙوڪ: کير کنڊ ٿيئڻ، مکڻ جا محل اڏڻ، دڪي جي ننڊ ڪرڻ، مکڻ پئي مٿو سڙڻ، مکڻ جي ماڙي اڏڻ، جيڪي ڪري گيهه سو نه ڪري ماءُ نه پيءُ، باهه ۾ گيهه وجهڻ، ڏوئي ڍڪڻ گيهه هجڻ، پنجئي گيهه ۾ هجڻ، اهڙا محاورا آهن جن مان خبر پوي ٿي ته هي شيون اسان جي روزاني زندگي ۾ ڪيڏي نه اهميت رکن ٿيون. لطيف رح به چيو آهي ته ” مکڻ ڀرن هٿڙا سنگهاريون سائيون“ ته هي شيون ٻارن کي ڏاڍيون وڻن ٿيون. کير ۽ مکڻ
سندن مرغوب غذا آهي. ان ڪري ئي ته سدائين چوندا آهن ته ” جهو جهو ماٽي، لسي پنهنجي گهاٽي، مکڻ سندي چاڻي امڙ پنهنجي سياڻي“.
سنڌ ۾ پراڻي زماني کان هي شيون عام هيون. ويدڪ دور ۾ هت ڳائو مال تمام گهڻو هوندو هو، اهي ڳئون ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا ڏهبيون هيون. پهرين ڏهائي سان کير گهڻو ۽ باقي ٻين سان ٿورو ملندو هو. آريه لوڪ ڳائي کير کي پسند ڪندا هئا. هر هڪ آڪهه کي پنهنجون ڳئون هونديون هيون، کير ڪاڙهي، ڄمائي ڏڌ ڪيو ويندو هو، کيرڻي به ٺاهي ويندي هئي، جنهن کي ڪشمير اورن چئبو هو. ڏڌ چئبو هو. ڏڌ کي ولوڙڻ لاءِ مانڌاڻي ڪم آڻبي هئي، هي ويدڪ ٻولي جو لفظ آهي. مکڻ ڪڍڻ کان پوءِ لسي کي ڪاڙهي پاکي ٺاهيندا هئا. مکڻ کي رجائي گيهه ٺاهيو هو، گيهه به سنسڪرت ٻولي آهي. چار سئو ق – م ۾ جڏهن يونانين سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تن ڏيندهن ۾ هنن کير ۽ مکڻ جي گهڻائي جو ذڪر ڪيو آهي. چيني سياحن به هتان جي کير مکڻ جي تعريف ڪئي آهي. 1334 ع ۾ ابن بطوطه سنڌ ۾ آيو تڏهن هن سنڌ ۾ ” کير ۽ جو ڪورون“ وهڻ جو ذڪر ڪيو . عربن به سنڌ ۾، کير ۽ مکڻ جي پيداوار کي وڌائڻ لاءِ چوپائي مال جي پرورش تي وڌيڪ ڌيان ڏنو.
ڪلهوڙن ۽ مغلن جي زماني ۾ سنڌ ۾ دولتمند ماڻهو ان کي عام ليکيو ويندو هو، جنهن وٽ چوپايو مال عام هو. کير، ڏڌ، مکڻ عام ماڻهن جو کاڄ هو ۽ جيڪو گيهه مکڻ بچندو هو، سو وڪرو ڪيو ويندو هو. ان جي واپار مان وڏي بچت ٿيندي هئي. سنڌ جو گيهه هندستان جي شهرن ۾ ” ڪراچي گيهه “ جي نالي سان مشهور هو. سنڌي گيهه جو واپار اڪثر ڪري ميمڻ ڪندا هئا. ان وقت جي سياحن، سنڌ ۾ کير مان تيار ٿيندڙ ڪيترين ئي شين جو ذڪر ڪيو آهي. آئين اڪبري جو مصنف لکي ٿو ” سنڌ ۾ ڏڌ ۽ لسيون بهترين قسم جون تيار ٿين ٿيون، جيڪي چئن مهينن تائين رکي سگهجن ٿيون.“ هن ئي دور ۾ کير مکڻ ۽ گيهه جو ڪاروبار عام هو. انگريز ايجنٽ لکن ٿا ” ٺٽي، نصرپور، سيوهڻ ۽ بکر مان تمام گهڻو مکڻ، گيهه کڄِي اچي ٿو“. منوڪي لکي ٿو ته ” سنڌ ۾ مکڻ تمام گهڻو ٿئي ٿو، جيڪو مسقط ڏانهن به موڪليو وڃي ٿو“. هئملٽن جو چوڻ آهي ته ” هتي جا ماڻهو گهڻي مقدار ۾ کير ۽ مکڻ ٻاهر موڪليو وڃي ٿو.“ بهرحال هن دور ۾ کير جي پيدائش جي فراواني هئي. غريب توڙي امير کي مکڻ، ڏڌ، لسي ۽ کير جام ملندو هو.
ٽالپرن جي دور ۾به سنڌ ۾ ٻيلو ۽ شڪارگاهه گهڻا هئا ان ڪري مال جو چارو جام هو. اهو ئي سبب هو جو هن زماني ۾ کير مکڻ جهجهي انداز ۾ ملندو هو ۽ هن صوبي ۾ کير مکڻ جو نهرون وهنديون هيون. مورخ لکن ٿاته ” سياري جي موسم ۾، ڪچي مال مان مکڻ جون ٻيڙيون ڀرجي اينديون هيون ۽ روپئي ۾ مکڻ سورهن لپا ڪوڏر وڪامندو هو. مير سانگي هڪ غزل ۾ چيو آهي ته :
تون پائلن ٿو ملي، هڪ سير پڪو کير جو
ڏيڍ سير ۽ اٺ دُڪا، مکڻ ٿو ملي رپئي جو
انگريزن جي ڏينهن ۾ کير مکڻ، گيهه عام هو. حيدرآباد ۾ سٺو کير هڪ آني سير ملندوهو. پنجن پئسن ۾ پاءُ ڏهي جي ملندي هئي. حيدرآباد چوڪ مان پندرهن آني سير گيهه ملندو هو. هت گيهه ٿر ۽ دادو کان ايندو هو. مارڪيٽ ۾ مکڻ عام جام هو. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ چوپائي مال جي پرورش ڏانهن خاص ڌيان ڏنو ويو ۽ سٺي نسل جو مال پاليو ويو. ان ڪري هت کير مکڻ ۽ گيهه جي فراواني ٿيڻ لڳي. هت ساليانو 24 ڪروڙ مڻ مکڻ پيدا ٿئي ٿو. جيڪو 56سيڪڙو مينهن مان ۽ 36 سيڪڙو ڍڳين مان 30 سيڪڙو کير ڪچو استعال ڪيو وڃي ٿو. 35 سيڪڙي گيهه ۽ باقي 35 سيڪڙي مان ٻيون شيون تيار ڪيون وڃن ٿيون. هت روزانو کير جي کپت تي ماڻهو 3.5 آهي. پاڪستان ۾ سنڌي گيهه جي سالياني پيداوار 43 لک مڻ آهي. هت في ماڻهو 1.5 سر ساليانو گيهه کپي ٿو.
مطلب ته کير مکڻ ۽ گيهه اڄ به ڳوٺاڻن ۽ ڪچي جي علائقي ۾ جام ٿئي ٿو ۽ هتان جي ماڻهن جي آمدن جو مکيه ذريعو آهي.

[b]سنڌ جي ماکي:
[/b] ماکي قدرت جي عظيم نعمت آهي. الله تعالى جو پنهنجن ٻانهن تي خاص انعام آهي. بهشت جي سوکڙي آهي. هو مرض جي دوا آهي. قرآن شريف ۾ ماکي ماڻهن کي شفا ڏيندڙ آهي اهو فرمايو ويو آهي. انجيل ۾ ماکي جو ايڪيهه ڀيرا ذڪر آيل آهي. پيغمبر اسلام ماکي کي ڏاڍو ساراهيو آهي. فرمائين ٿا ته ” جيڪو ماڻهو هر مهيني ٽي ڏينهن لاڳيتو صبح جو مالي چٽيندو، ان کي ڪابه وڏي بلا يا حادثو پيش نه ايندو.“ وڌيڪ فرمايائون ته اوهان کي ٻن شفائن تي سدائين عمل ڪرڻ گهرجي. اهي آهن ماکي ۽ قرآن مجيد . پاڻ سڳورن روزانو ماکي کي پاڻي ۾ ملائي پيئندا هئا. فرمايائون ته ” جيڪو ماڻهو هر مهيني هڪ دفعو ماکي استعمال ڪندو، اهو ستر بيمارين کان محفوظ رهندو.“ ماکي هڪ بهترين ۽ مڪمل خواراڪ آهي. جنهن جي هر قطري ۾ ٽامو، لوهه، پوٽيشم، پروٽين ۽ وٽامن جا جزا موجود آهن. ماکي کاڌن ۾ عمدو کاڌو، شربتن ۾ عمدو شربت ۽ دوائن ۾ عمدي دوا آهي. هوءَ رت کي وڌائي ٿي، ان کي صاف ڪري ٿي، دل ۽ دماغ کي طاقت ڏي ٿي. هاضمي کي قوت بخشي ٿي، پيٽ جو سور هٽائي ٿي، پيچش کي ختم ڪري ٿي، معجون ياقوتي، مربن ۽ گلقند ٺاهڻ ۾ ڪم اچي ٿي. جيڪي مقوي غذائون آهن.
ماکي جي مک پاڪ ۽ صاف آهي، نيڪ ۽ شريف آهي، چستي، چالاڪي ۽ پورهئي سان محبت جي علامت آهي. پنهنجو مفاد ڇڏي جڳ لاءِ جيئي ٿي. پنهنجو آرام ڦٽو ڪري ٻين لاءِ سرمايئه حيات ميڙي ٿي. خود قرباني جو سبق ڏي ٿي. خلق جي خدمت جو عظيم مثال پيش ڪري ٿي. ماکي ۾ پيار ۽ محبت جو ميٺاج آهي. انگريزي ۾ هن کي هني چون، جيڪو لفظ انتهائي محبت، خلوص ۽ پيار مان عزيز ترين ماڻهن لاءِ ڪم آڻبو آهي. ماکي مٺاڻ جي مرڪب شيءَ آهي ۽ ان جو ميٺاج عام کنڊ کان ٻيڻو آهي. پنهنجي ميٺاج ۽ اڪيچار فائدن ڪري ماکي سنڌي ۾ هڪ علامتي محاورو آهي. ملڻ ۽ ماکي، ماکي جهڙومٺو، اڪ جي ماکي سمجهڻ، اڪ تي ماکي هارڻ ۽ ماکي جي ادبي حيثيت ظاهر ڪن ٿا. حمل فقير جي هڪ ڪافي، سنڌ جو سدا حيات موسيقار استاد منظور علي خان به ڳائيندو آهي. جنهن ۾ ماکي جو علامتي انداز ڏسبو، جنهن هن فن کي مقبول ۽ عام بڻايو. ماکي مٺا جي سپرين،سامهان ٿيا سيئي.
سنڌ ۾ ماکي پراڻي زماني کان ملي ٿي. موهن جي دڙي جا رهاڪو ماکي جا شوقين هئا، ان ڪري اهي ماکي جون مکيون پاليندا هئا. جيڪي سندس ذاتي ملڪيت هيون. تسانگ به لکيو آهي. ته ” هت ماکي جام لڀندي هئي.“ سڪندر مقدوني جي ڪاهه وقت به هتي رس مان ماکي تيار ڪندا هئا. ويدڪ دور ۾ مهراڻ جي ڪپ تي باغ هئا ۽ ڪناري وارن جهنگن ۾ ماکي عام ملندي هئي جيئن ته ماکي گهڻي انداز ۾ هوندي هئي، ان ڪري اها ٻاهر رواني ڪئي ويندي هئي. مصر ۾ هڪ شاهي دڙي جي کوٽائي مان سنڌ جي ماکي هٿ آئي. برهمڻن جي زماني ۾ سنڌ ۾ ايتري ماکي ٿيندي هئي جو جڏهن راجائن، بادشاهن ۽ وزيرن کي پٽ ڄمندا هئا، تڏهن رعايا ۽ نوري سوکڙي طور کنڊ ماکي پيش ڪئي ويندي هئي. غريب ۽ امير ٻئي طبقا ماکي
شوق سان کائيندا هئا. منوشاستر ۾ ماکي جو تفصيل سان ذڪر ٿيل آهن. عربن جڏهن سنڌ تي حڪومت ڪئي تڏهن هنن سنڌ ۾ ماکي جي مکين پالڻ جي مزاج کي فروغ ڏنو. ان وقت تي ايتري ته ماکي ٿيندي هئي جو في درهم ٽي مڻ ماکي ملندي هئي. هڪ عرب سياح بشاري المقدسي لکي ٿو ته ” هت ماکي تمام جهجهي ٿيندي هئي ۽ ٻن سيرن جو ملهه هڪ درهم يعنى صرف چار آنا هو. “ ان زماني ۾ سنڌ جا ڪي صوبا عباسين جي خلافت کي سالياني ڍل طور مقرر انداز ۾ ماکي رواني ڪندا هئا ۽ ماکي جو حلوو سنڌ جي مشهور سوکڙي هئي، جيڪا عرب دنيا ۾ شوق سان واپرائي ويندي هئي. تغلقن جي زماني ۾ جڏهن عرب سياح ابن بطوطه سنڌ ۾ آيو، تڏهن کيس ماکي به کارائي ويئي ۽ هن ان جي گهڻائي جو ذڪر ڪيو آهي. هن وقت به سنڌ ۾ ماکي عام آهي. هتان جي ماکي جا ٽي قسم آهن.
1 – ماهي ماکي: هي ماکي ڳاڙهي ۽ هيڊي رنگ جي ٿيندي آهي. جنهن ۾ ميڻ گهٽ، ماکي جهجهي ۽ رس واري ٿئي ٿي. هي ماکي صرف گلابن جي گلن مان حاصل ٿئي ٿي.
2 – ريڍي ماکي : هن جو رنگ ڳاڙهو ۽ ناسي ٿئي ٿو. هن جون مکيون هر گل ۽ ٻوٽي مان رس حاصل ڪن ٿيون. ماکي اڄ به پنهنجي خصوصيت ۽ انيڪ فائدن ڪري سنڌ جي عوام جي مرغوب غذا آهي ۽ ڪچي ۾ تمام گهڻي ٿئي ٿي. ٻهراڙي جا ماڻهو ٻيلن مان ماکي لاهي وڏي اگهه تي شهرن ۾ وڪڻي، پنهنجي زندگي جون ضرورتون پوريون ڪن ٿا. اهڙي طرح ماکي کي معاشي اهميت به حاصل آهي. اڄ ڪلهه معاشي طرح ماکي جون مکيون پاليون وڃن ٿيون ۽ انهن مان جهجهي انداز ۾ ماکي حاصل ٿئي ٿي.

[b]سنڌ جو طعام خانو :
[/b] سنڌ سونهاري پنهنجي سرسبزي ۽ خوشحالي ڪري پراڻي وقت کان وٺي پنهنجي طعام خاني ۾ مشهور آهي. تاريخ شاهد آهي ته سنڌين جو سڀ کان روشن ۽ تابناڪ ڪردار مهمان نوازي آهي . سک توڙي ڏک ۾ دوست توڙي دشمن کي، هو جيءَ ۾ جايون ڏيئي خنده پيشاني ۽ خوشي خلقي سان سندن خدمت ڪندا هئا.
رگ ويد واري زماني ۾ ماڻهو مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪندا هئا. هو مهمانن کي ائين پوڄيندا هئا، جيئن ماڻهو اگن ديوتا کي پوڄي ٿو. مهمان خاني جي صف سخن جو دارومدار طعام خاني تي آهي. جيڪو سنڌ جي خوشحالي وانگر اصل کان ئي هر شيءِ سان سينگاريل هوندو هو. ويدڪ زماني ۾ ترن ۽ جون جا فصل ڏاڍا ڀلا ٿيندا هئا. ان وقت جا سنڌي جون جي ماني ۽ مڱن جي دال گهڻي ڪم آڻيندا هئا. مڱن جي دال کي ” مدگ ادن“ چوندا هئا. جون ڀڃي انهن جي آش ٺاهي، گيهه وجهي کائيندا هئا. انهي آس ۾ ڏڌ به گڏيو ويندو هو. هن قسم جي کاڌي کي ڪرنڀ چئبو هو. جون جي ٻُرکي گيهه ۾ گڏي، لولي پچائي ويندي هئي، جنهن کي ” اپوپ“ چئبو هو، کير ۾ جون جا داڻا وجهي کيرڻي ٺاهبي هئي جنهن کي ڪثير اودن چئبو هو. جون مان ستون ٺاهي، ان کي کير ۾ ڪاڙهيو ويندو هو. آڳاٽا سنڌي پنهنجي طعام ۾ ڳائي کير کي گهڻو ڪم آڻيندا هئا. کير ڪاڙهي، ڄمائي ڏڌ ڪندا هئا. ڏڌ ولوڙڻ لاءِ منٿا يعني مانڌاڻي ڪم آڻبي هئي. مکڻ بچڻ کان پوءِ جيڪا لسي بچندي هئي تنهن کي ڪاڙهي پاکي ٺاهيندا هئا. اٽي ۾ کير ۽ مکڻ گڏي به ماني پچائبي هئي. ان وقت جي طعام خاني ۾ گوشت باهه تي پچائي ڪم آڻبو هو، جڏهن ڪنهن وڏي ماڻهو وٽ مهمان ايندو هو ته هو وڏو ڍڳو ڪهي، سندس مهماني ڪندو هو. ان وقت جا ماڻهو ماسخور هئا. راجا ديوداس ڍڳن جي مهماني کان مشهور هو، ان ڪري کيس ” اٿيئي گوار“ ( ڍڳن ڪهائيندڙ) چئبو هو. شادين جي موقعن تي وهت گانءِ ( ڦر نه ڏيندڙ ڳئون) ڪهندا هئا. رڍن ۽ ٻڪرين جو گوشت به مٽي جي ٿانون ۾ رڌي يا ٽانڊن تي پچائي کاڌو ويندو هو. هن زماني ۾ مڇي به عام استعمال ڪئي ويندي هئي. پکين جو شڪار ڪري، سندن ڪباب بنائي کاڌو ويندو هو. ڪڪڙين جو گوشت به ڪم آڻبو هو. ان کان سواءِ ميوا، ماکي ۽ ڪمند جي رس جو به عام استعال هوو. سوما ۽ شورا جو شراب به ماني سان گڏ پيئبو هو.
250 ق – م ۾ جڏهن آسوڪا سنڌ ۾ بنيادي جهموريتن جو بنياد وڌو، تڏهن سنڌ ۾ مهمان خانا عام هئا ۽ قافلا سرائن ۽ ڳوٺ جا مهمان خانن ۾ رهندا هئا، جتي سنڌين جي طعام خاني ۾ بهترين کاڌن سان سندن خدمت ڪئي ويندي هئي. 400 ق – م ۾ جڏهن يونانين سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن هو سنڌين جي طعام خانو ڏسي اچرج ۾ پئجي ويا. ڊيئڊورسن لکي ٿو ته ” سنڌين جي روزاني کاڌي ۾ چانور، جو، ترڪاريون، گوشت، کير، مکڻ ۽ ماکي عام هئي. سونين ٿالهين ۾ اٻاريل چانور، گوشت يا ڀاڃي سان گڏي کائيندا هئا.“ چيني سياح فاهين ۽ سنگ يون جڏهن سنڌ ۾ آيا سي لکن ٿا ته ” سنڌي ڀاڳين کير، مکڻ، ماکي، ماس، مڇي، ترڪارين، ڳڙ ۽ انگوري شرابن سان سندس خاطر تواضع ڪئي.
عربن جي اچڻ وقت هت بهترين طعام تيار ٿيندا هئا. سنڌ جي مسلمان مسافر جي هڪ ڏينهن ۽ بيمار مسافر جي ٽي ڏينهن مهماني ڪندا هئا. مزي جي ڳالهه اها آهي ته جن ٿانون ۾ مهمانن کي کاڌو ملندو هو، اهي سمورا ٿانو وڃڻ مهل مهمانن جي حوالي ڪندا هئا. عربن هتان جا بورچي عرب جي سرزمين ۾ نيا، جن اتي چڱو نالو ڪڍيو. سندن ٻه پلاءُ تمام مشهور ٿيا هڪ ليمويه ۽ مهبيه . مهبيه پلاءُ گورنري نالي پٺيان سڏجي ٿو. انهن گورنرن جي نوڪرن اهو پلاءُ دمشق ۽ بغداد ۾ مروج ڪيو. سومرا وري ماهي گوشت جا شوقين هئا. اهي پنهنجن محفلن ۾ دعوتن ۾ پاڏن جي ڪباب جون سيخون پچرائيندا هئا ۽ ڪباب سان گڏ شراب به پيئندا هئا.
تغلقي جي زماني ۾ 1334 ع ۾ جڏهن ابن بطوطه سنڌ ۾ آيو، تڏهن لکي ٿو ته ” سنڌ جي شهرن ۾ سرائن ۽ مسافرخانن ۾، مسافرن کي مفت کاڌو ملندو هو. اميرن کان وٺي درويشن تائين سڀئي مسافرن ۽ پرديسين جي سار لهندا هئا ۽ سندن عزت ڪندا هئا. سنڌي پرديسين کي ” عزيز “ چوندا هئا. سنڌين جي طعام خاني مان جيڪو کيس کارايو ويو، ان لاءِ لکي ٿو ته ” پهريائين چپاتيون ۽ ڀڳل سڄو ٻڪر ٽڪرا ٽڪرا ڪري اسان جي اڳيان رکيو ويو،تنهن کان پوءِ گهر ۾ تريل نان ۽ حلوه صابوني پيش ڪيا ويا. هر هڪ نان مٿان گيهه ۽ کنڊ ۾ ٻڏل مانيون رکيل هيون، جن کي جنتي چون پيا. بعد ۾ قيمي سان ڀريل سمبوسا کارايا ويا، جن ۾ پستا، بادام ۽ سنڍ گڏيل هئا. ان کان پوءِ ڀڳل چانور ۽ ڀڳل ڪڪڙ پيش ڪيا ويا، دسترخوان تي چاندي ۽ شراب جا پيالا شربت، گلاب سان ڀريل رکيل هئا. کاڌي مان فارغ کان پوءِ الاچيون، سوپاريون ۽ پان چٻاڙڻ لاءِ ڏنا ويا ته سيوهڻ جي مڇي جو به هن ذڪر ڪيو. ارغونن جي دور ۾ دسترخوان تي تترن جي گوشت سان قنڌاري ميوا پيش ڪيا ويندا هئا. مغلن جي زماني ۾ سنڌي طعام خاني جي رونق مٽجي ويئي. ان زماني ۾ خشڪ پلاءُ، زردهه، برياني، قورمو، ڪباب، شوربي، يخني، ڪوفتا، قيمو، دم پختو، حلوو، سنڌ ۾ نيون شيون آيون. ماني جا مختلف قسم ايجاد ٿيا. باقر خاني، چپاتي، ڪلچه، روغني، بسري نان، ڪوڪي ۽ آبي وغيره. مٺاڻ ۾ قلفيون، فالودو، بابو شاهي، قلاقند، برفي، گلاب، ڄمون سوهن حلوو، ميسو پاڪ، نقل، نان ختائي، شير مال مشهور آهن. هن زماني ۾ نادر شاهه ايراني ڪاهه ڪئي. سنڌ ۾ هو هڪ مهينو رهيو ۽ سنڌ جي طعام خاني ۾ هڪ ئي وقت شاهاڻو کاڌو تيار ٿي لکن جي لشڪر کي ملڻ لڳو. هئملٽن جڏهن ٺٽي ۾ آيو تڏهن اتان جي نوابشاهي دسترخوان تي هن آڏو پکين جو گوشت، مٺايون ۽ ميوا رکيا ويا. هن زماني ۾ جيڪي انگريز واپاري هت آيا، تن سنڌ جي طعام خاني جي ڏاڍي تعريف ڪئي. ٽيري لکي ٿو ته” اه پنيس پين ملائر ( آسماني روٽي) آهي. ماڻهو ماني جا ڊڳڙ ٺاهي ننڊين دانگين يا لوهي تون تي پچائيندا آهن. ماني سان گڏ هو ٻين شين جهڙوڪ : مکڻ ۽ پنير وغيره جي به گهڻائي آهي جو هنن وٽ ٻڪريون ۽ رڍون گهڻي تعداد ۾ آهن.
ٽالپور حڪمرانن کاڌي پيتي جا شوقين هئا، جن جي دور ۾ سنڌ جو طعام خانو عروج تي هو. سندس دسترخوان تي اعلى قسم جا کاڌا تيار هوندا هئا. ڊاڪٽر جيمس برنس لکي ٿو ته ” روزانه ٻارنهن چاندي جا ڍاون قسمين قسمين طعامن سان ڀرجي ايندا هئا، جن تي سونا ورق هوندا هئا. سندس نوڪرن کي به شاهي مهمانن وانگر سمجهيو ويندو هو ۽ سندن مٺاين ۽ ميون سان خاطر تواضع ڪئي ويندي هئي. اليگزينڊر برنس جڏهن مير علي مراد خان جو مهمان ٿي آيو، تڏهن هن طعام ۾ روزانو ٻه ويلا مختلف قسمن جا کاڌا، ٻاهتر ڍاڪن ۾ سونن ورقن سان مڙهيل کيس موڪليا. چٽڻيون، مربا ۽ مفرح شربت ان کان سواءِ هئا. پاٽنجر جڏهن ميرن سان ملڻ آيو، تڏهن روزانو کيس شاهي دسترخوان تان ڏيڍ سئو طعامن جون رڪابيون ملڻ لڳيون ۽ انهن مان گڏ ڪابل جو تازو ميوو شربت ۽ مٺايون به کيس تناول فرمائڻ لاءِ مليون.
مغربي اقتدار کان پوءِبه سنڌين جي طعام خاني ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي نه آئي. پوسٽنس لکي ٿو ته ” مسلمان رڍن جي گوشت کان ٻڪري جو گوشت وڌيڪ پسند ڪن ٿا. چانور، مڇي يا جوئر جي ماني پورهيت طبقي جو کاڌو آهي . ڌنار ۽ رولو قومون کير، ڏڌ ۽ ٿلهي اٽي تي گذران ڪن ٿا. سنڌ ۾ هر قسم جو شڪار عام آهي. آهين هت غريب طبقي جا ماڻهو خوشقسمت آهن جو کين گذارڻ لاءِ ٻه دفعا مڇي ۽ جهنگلي جانور عام جام حاصل آهن جن سان ڍنڍون ۽ تلاءُ ڀريا پيا آهن. ڳوٺاڻا پکي پالين ٿا ۽ ا نهن کي کاڌي طور ڪم آڻين ٿا.سنڌ جو هاري ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا ماني کائيندو هو. نيرن ۾ ڪڻڪ، جوئر ي ٻاجهري جي ماني مکڻ سان ۽ لسي جو وٽو، منجهند جو اها ساڳئي ماني دال، سائي ڀاڃي ۽ لسي، رات جو دال ۽ ڪنهن وڏي ڏينهن تي گوشت، پلاءُ ۽ مٺائي کائيندو هو. رچرڊ برٽن سنڌ جي طعام خاني ۾ تيار ٿيندڙ کاڌي لاءِ لکي ٿو ته” هت مختلف طريقن سان اٽڪل 15 قسمن جا روٽ تيار ٿيندا هئا. انهن مان ڪي مٺا ۽ ڪي مکڻ لڳل ٽوسٽ وانگر مٿن ٿالهي خاڪي رنگ جي کنڊ ٻرڪي ويندي هئي. کير ۽ پاڻي قومي پيماني تي عام پيئڻ جون شيون هيون، پر انهن کي هڪ ٻئي ۾ ملايو نه ٿو وڃي. لذيذ پلائن ۾ ايراني طرز، توڙي تازي ۽ سڪل مڇي، گوشت، ڀاڄيون، ميوا ۽ ٻيون شيون ملايون وينديون هيون. سنڌين جو طعام خانو ملڪ ۽ ملڪ جي باشندن وانگر ايراني، هندستاني نمونن کي ملائڻ واري واٽ جي ڪڙي آهي. ڪارو تتر ڀڳل هجي ۽ ڪجهه پڪل واڱڻ هجن، انهيءَ کان بهتر طعام ڪو ورلي ملندو.
اڄ به سنڌ ۾ بهترين کاڌا تيار ٿين ٿا. شهرن ۾، ڳوٺن ۾ ڪو خاص فرق ڪونهي، البته ٿر ۽ ڪچي ۾ اڃان کير مکڻ تي گذارو ٿئي ٿو. اتي ٻاڪري لسي کي باهه تي ٽهڪو ڏيئي گهاٽو ڪري پيئندا آهن جنهن کي پاکي چوندا آهن. مشروبات ۾ اڄ به لسي جو عام رواج آهي. پر چانهه جنهن جو اڳ اسان جي تاريخ ۾ ذڪر ڪونه ٿو ملي، جيڪا هن وقت عام آهي.