سنڌ شناسي

خوشحال سنڌ

سنڌ جي حيواني، معدني ۽ پيداواري وسيلن جي ڄاڻ ۽ ان جي روشنيءَ ۾ قدرتي شاهوڪاريءَ جي تفصيلن سان ذڪر ڪيل هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو تاريخدان ۽ محقق دادا سنڌي آهي.
هو منڍ ۾ لکي ٿو:
”سنڌ هڪ آسودو ۽ خوشحال ملڪ آهي. سنڌ جي معيشت هڪ تاريخي حقيقت آهي ۽ سندس عظمت فخر لائق آهي. مون ڏٺو آهي ته اسان جو نئون نسل ۽ نوجوان طبقو، پنهنجي جنم ڀوميءَ جي تاريخ سان محبت ڪرڻ ٿو چاهي، پر جيئن ته هي سائنسي ۽ معاشي د‌‌ور آهي ۽ هت هڪ هڪ سيڪنڊ ۽ هڪ هڪ منٽ جي پنهنجي اهميت آهي، ان ڪري وڏا وڏا ڪتاب ۽ ڊگها ڊگها مضمون پڙهڻ لاءِ وقت ملڻ مشڪل آهي، ويتر ٽي وي ۽ ڊش انٽينا جي ميسر ڪيل تفريح، واندڪائي ۾ پڙهڻ واري نظريي کي به گهٽائي ڇڏيوآهي. ان ڪري ئي مان نوجوانن لاءِ مختصر ۽ ننڍن مضمونن ۾ سنڌ جي تاريخ کي سموهي، پنهنجن ديس واسين آڏو پيش ڪريان ٿو.“
  • 4.5/5.0
  • 3905
  • 931
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book خوشحال سنڌ

باب چوٿون : پکي

وڻ ٽڻ، گل ٻوٽا، پکي پکڻ زندگي جو اهڃاڻ آهن. ڌرتيءَ تي سونهن ۽ سوڀيا آهن. الله تعالى جي نعمت ۽ رحمت جا مظهر آهن. انهن شين جو قدر ڪرڻ اسان جو فرض آهي. پکين جي مٺڙين مٺڙين لاتين ۽ پيارن من موهيندڙ گيتن، اسان جي ڌرتي کي رونق ۽ سندرتا بخشي آهي. اهي پکي، قدرت جي عظيم اهڃاڻ جي نمائندگي ڪن ٿا ۽ هر وقت ان جي مدح سرائي ۽ حمد ڳائين ٿا. اسان غافل انسانن جو ان طرف ڌيان ڇڪائين ٿا ۽ پنهنجي خلقڻهار ۽ پالڻهار کي ياد ڪري، ان جي بندگ ڪريون.
پکي انسان ذات کي نه صرف وندرائين ٿا، کاڌ خوراڪ فراهم ڪن ٿا ۽ زندگي جي هر قدم تي ان جي رهنمائي ڪن ٿا. صفائي ۽ ماحول کي صاف سٿري بنائڻ ۾ به خاص ڪردار ادا ڪن ٿا. سنڌ پکين جو ڏيهه آهي. هي ٻيلا، ڍنڍون، نهرون،درياءَ ۽ ٿر پکين جا مسڪن آهن. هتي پراڻي زماني کان ڪيترن ئي قسمن جا پيارا ۽ ڪمائتا پکي آڳاٽي زماني کان ڌاريا ۽ پاليا وڃن ٿا. سڪندر جي زماني ۾ هتان طوطا ۽ ڪبوتر يونان ويندا هئا. عرب سياحن سنڌ جي پکين کي ساراهيو آهي. الڪتاب الثاني ۾ آهي ته سنڌ ۾ پکين مان طوطي جهڙا خوش الحسان ۽ مور جهڙا خوشنما پکي هوندا آهن ته ابو عطا سنڌي، سنڌ واري قصي ۾ سنڌ جي پکين کي ساراهيو آهي ته ابن حوقل به سنڌ ۾ پکين جي گهڻائي جو ذڪر ڪيو آهي. اڄ به منڇر ۽ ڪينجهر ڍنڍون پکين جا گهر آهن. وڇڙيل ڪونج جا ورلاپ ٻڌي، مائٽن کان پري نياڻي جو نير وهائڻ به دل کي پاڻي ڪري ٿو وجهي. شاهه لطيف ڀٽائي رح پکين جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي ته :
ولر ڪيو وتن، پرت نه ڇڏين پاڻ ۾
پسو پکيئڙن، ماڻوهان ميٺ گهڻو
هت اهڙين پکين جو ذڪر ڪجي ٿو، جن جو تاريخ ۾ ذڪر آهي ۽ سنڌ جي معيشت ۽ معاشرت ۾ سندن اهم مقام رهيو آهي.

[b]1 – ڪڪڙ
[/b] ڪڪڙ انسان جو پراڻو ساٿي ۽ گهرو پکي آهي. جنهن اسان جي روزاني زندگي ۽ معيشت ۾ اهم ڪردار اد ڪيو آهي. گهر ۾ پلجندڙ ڏکي سکي ۾ ڪم ايندڙ سندس گوشت ۽ آنا هر ويلي اسان جو منهن مٿي ڪندڙ آهن. سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ ڪڪڙ سان ڪيترائي محاورا وابسته آهن. مثلا ڪڪڙ بڻجڻ، ڪڪڙون ڪو هجڻ، گهر جا ڪڪڙ مارڻ، مادي ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيئڻ، ڪڪڙ ڪوري جو نانءُ وڏيري جو اهڙا اصطلاح آهن، جيڪي اسان روزمراهه ڪم آڻيندا آهيون. لمحيات جي لحاظ کان ڪڪڙ جو گوشت وڌيڪ بهترين آهي. هن ۾ 2504 کان 3105 لمحيات اڄ کان 1.37 چرٻي آهي. ڪڪڙيون ملن ٿيون، جيڪي خطري وقت اڏي وڃن ٿيون. ڪڪڙين پالڻ جي شروعات گهرن ۾ برصغير هند ۾ ٿي. اڄ کان 5 هزار سالن جو اڳ جو انسان ڪڪڙين پالڻ جي فن کان واقف هو.
سنڌ ۾ ڪڪڙين پالڻ جو رواج پراڻو آهي. ويدڪ دور ۾ سنڌ جا ماڻهو، گهرن ۾ ڪڪڙيون پاليندا هئا ۽ انهن جو گوشت ۽ بيضا شوق سان کائيندا هئا. آرين جڏهن سنڌ تي قبضو ڪيو تڏهن انهن سنڌ جي ڪڪڙين کي بلخ ۽ ايران تائين سنڌ ۾ پهچايا. هڪ هزار ق – م ۾ يوناني نسل جا ڪڪڙ، سيدن ۽ ايراننين سنڌ ۾ پهچايا . هڪ هزار ق – م ۾ يوناني نسل جا ڪڪڙ، سيدن ۽ ايرانين سنڌ ۾ پهچايا . عربن وٽ سنڌي ڪڪڙ جو وڏو قدر هو. عربي مورخن مان حافظ سنڌي ڪڪڙين کي انهن جانورن ۾ شمار ڪيوآهي. جن کي خاوند ڪريم هتان جي خاص خصوصيتن سان خلقيو آهي. عهد رسالت ۾ سنڌي ڪڪڙين جو عرب ۾ وڏو واهپو هو ۽ اهي اتي پاليون وينديون هيون. پاڻ سڳورن ﷺ سنڌي ڪڪڙين لاءِ پسنديدگي جا الفاظ ظاهر ڪيا. علامه رضوي لکي ٿو ته ” علامه محي ا لدين طبري روايت ڪئي آهي ته حضور ﷺ جن وٽ هڪ اڇو ڪڪڙ هوندو هو ۽ اصحاب سڳورا نماز جي وقتن معلوم ڪرڻ لاءِ سفر ۾ ڪڪڙ ساڻ کڻندا هئا.“ مسند احمد ابي دائود ۽ ابن ماجه ۾ هي حديث آيل آهي ته ” لاتسبو الديک فياند بوقت الصلوات “ يعني ڪڪڙ کي گهٽ وڌ نه ڳالهايو، جو هو نماز لاءِ اٿاريندو آهي ۽ اهي سنڌي ڪڪڙ، سنڌين جي وفد، جڏهن پاڻ سڳورن ﷺ جي خدمت اقدس ۾ حاضر ٿي اسلام قبول ڪيو، ان وقت سوکڙي طور پيش ڪيا.
عربن جڏهن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن هنن سنڌي ڪڪڙين جو قدر ڪيو. هنن سنڌي ڪڪڙين کي عراق پهچايو ۽ انهن جي پالنا لاءِ مختلف هنڌن تي مرغي خانا کوليا. سنڌ جون ڪڪڙيون آل مهلب وارن،شام ۽ عراق پهچايون، جتي في درهم چوويهه ڪڪڙيون وڪامنديون هيون. تغلقن جي زماني ۾ جڏهن، ابن بطوطه سنڌ ۾ آيو، تڏهن کيس ڀڳل ڪڪڙ پيش ڪيا ويا، جن جي شيريني جي هو ڏاڍي تعريف ڪري ٿو. مغلن ۽ ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ هت ڪڪڙيون جام هيون ۽ هر هاري وٽ ڪڪڙيون جا ولر هوندا هئا ۽ هڪ روپئي ۾ ڏهه ڪڪڙيون ملنديون هيون .انگريزن واپارن هت ڪڪڙين جي گهڻائي ۽ سٺائي جو ذڪر ڪيو آهي. بئلبئنڪ لکي ٿو ته ” هت ڏهه ڪڪڙيون، ڏهن پئسن ۾ ملن ٿيون،مانرق سنڌ ۾ هڪ ڪڪڙ چئن پاين ۾ ورتي هئي.“ انگريز ن جي دور ۾ 1945ع ۾ حيوانيات جي جيڪا ڳڻپ ڪرائي ويئي، ان ۾ ڪڪڙين جو تعداد 803،740 هو جيڪو مجموعي تعداد جو 73، 13 هو.
پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ ڪڪڙين جي پرورش تي ڌيان ڏنو ويو ۽ هت مشين رستي ڪڪڙين جي پالنا ڪئي وڃي ٿي. 1960 ع ۾ ڪڪڙين جو تعداد 484، 17، 13 هو. ڪراچي ۾ ڪڪڙين جو تعداد 350، 21 هو .سيپٽمبر 1976ع ۾ 8 لک 86 ڪڪڙيون سنڌ ۾ پيدا ڪيون ويون، جڪي مقرر ڪيل حد کان 21 سيڪڙو وڌيڪ آهن. ان کان سواءِ ساڳئي سال ۾ هڪ لک ستر هزار آنا ڏيندڙ ڪڪڙيون پاليون ويون، جن مان هڪ لک 88 هزار آنا پيدا ٿيا. 1996ع جي انگن اکرن مطابق سنڌ ۾ 11،861 ڪڪڙين جي ڳڻپ ڪئي وئي. ( سنڌ اسٽيٽيڪل ايئر بوڪ 2006) .
سنڌ جون ديسي ڪڪڙيون جيڪي اسان گهرن ۾ پاليون ٿا اهي آنا گهٽ لاهين ٿيون، انهن آنن جو وزن هڪ يا سوا آنو مس هوندو آهي. پاڪستان ۾ هڪ ماڻهو سال ۾ 302 ۽ ڪراچي ۾ 403 آنا کائي ٿو. سنڌ ۾ ڪڪڙين جي ڪل قيمت جو اندازو ٽي ڪروڙ روپيه آهي ۽ ڪڪڙيون پاليندڙ جي سالياني آمدني هڪ ڪروڙ 8 لک آهي. هن مان معلوم ٿئي ٿو ته هي ننڊڙو 7 بي ضرر پکي اسان لاءِ ڪيڏو نه ڪمائتو ۽ مفيد آهي . اسان جي معيشت ۾ هن پکي کي منڍ کان ئي اهميت رهي آهي. ڳوٺن ۾ اڄ به غريب ماڻهو وڏي تعداد ۾ ڪڪڙيون پالي، ان مان ڪمائي زندگي جو گاڏو گهلين ٿا، اڄ ڪلهه ٻهراڙي ۾ مرغي خانا به جام کلي ويا آهن. جيڪي شهرن لاءِ مرغيون فراهم ڪن ٿا. ڪڪڙ، گوشت ۽ آنا ٻي ساري خوراڪ کان وڌيڪ طاقتور آهن.منجهن وٽامن ۽ پروٽين جا سڀئي جزا موجود آهن، ان ڪري اهي ماڻهو شوق سان کائيندا آهن.
اسان وٽ شوقين ماڻهو اعلى نسل جا نر ڪڪڙ ڌاري شرطون لڳائين ۽ وڏا وڏا ميلا لڳائيندا آهن. اهڙن ڪڪڙن کي هو مکڻ ۽ مصريون به کارائيندا آهن. اهڙي طرح اسان جي سنڌي معاشري ۾ هي به وندر هوندي آهي. رچرڊ برٽن به سنڌ ۾ ڪڪڙن جي راندين جو ذڪر ڪيو آهي.

[b]2 – باز
[/b] باز سڀني پکين ۾ طاقتور ۽ فضا جو حڪمران پکي آهي. سهڻو طاقتور، باوقار ۽ غيور آهي. اڏامندڙ پکين جو شڪار ڪرڻ سندس مشغلو آهي. خاص ڪري چڪور، تتر، ٻٽير ۽ تلور سندس مرغوب غذا آهي. هن جي ڊيگهه 38 کان 46 سينٽي ميٽر آهي. وزن هڪ کان ٻه پائونڊ ۽ عمر ويهه سال ٿيندي. سندس کنڀ هڪ ميٽر ٿيندا، چهنب جي مٿين حصن ۾ ٻنهي طرفن کان ڏند هوندا آهن جيڪي ٻين سڀني پکين جي ڀيٽ ۾ عجيب آهن. سندس بدن مضبوط ۽ طاقتور هوندو آهي. سندس قوت رفتار تيز آهي. هو 1500 کان 2500 فوٽن جي اوچائي تان پنهنجي شڪار کي ڏسي سگهي ٿو. شڪار کي پڪڙڻ جي رفتار 270 کان 330 ڪلوميٽر جي رفتار سان آهي.
بازپنهنجي خودداري ۽ اعلى خاصيتن جي ڪري، پشتو شاعر خوشحال خان خٽڪ، اردو شاعر اقبال ۽ سنڌي شاعر شاهه لطيف رحمته الله عليه جو پسنديده پکي آهي. خوشحال خان باز کي ڏاڍو ساراهيو آهي. هن باز جي ڪيترين خوبين کي ڄاڻايو آهي. هو عروج ۽ ارتقاءُ جي علامت آهي. هو پنهنجو شڪار پاڻ ڪري ٿو. هن کي لڳاتار جدوجهد، بهادري ۽ بي جگري سان عشق آهي. خوشحال خان باز جي بيمارين، عادتن ۽ علاج تي هڪ ڪتاب بازنامو به لکيو. علامه اقبال باز ۾ اسلامي فقر جون صفتون بيان ڪري ٿو. چئي ٿو ته باز غيرتمند ۽ خوددار آهي. بلند پرواز آهي. پنهنجو روزگار پاڻ ڳولي ٿو . خلوت پسند ۽ قناعت پسند آهي . اقبال جي شاعري ۾ باز هڪ اهڙي مسلمان جي تصوير پيش ڪري ٿو، جيڪو طاقتور، همت وارو، هوشمند، صحتمند
۽ ڪامران، مشڪلات کي منهن ڏيڻ جو حوصلو رکندڙ، حاضر دماغي ۽ خوش تدبيري جا جوهر موجود هجن. لطيف رح به باز کي ساڳئي مفهوم ۾ ڳايو آهي ته :
تان نه آهي تند، جوران رون ڪري راز
هڻندڙ سندا هٿڙا، سڀ ڪو چئي ساز
سٽ ڏيئي شهباز، ٿي ته ٿوڪ پرائين
انهن ئي خوبين ڪري باز اسان جي هوائي فوج جو نشان آهي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ باز ملي ٿو. منگولن ۾ مشهور هو ته باز ۾ چنگيز خان جو روح آهي. جڏهن هو آسمان ۾ مٿي اڏامندو هو ته اهي سمجهندا هئا ته چنگيز خان مٿانئن طرف اڏامي حفاظت ڪري ٿو. سنڌ ۾ به باز قديم زماني کان پاليو ويندو هو. خاص ڪري ويدڪ زماني جا ماڻهو باز ڌاريندا هئا، جنهن سان هو تتر، ڪونج ۽ ٻين پکين جو شڪار ڪندا هئا. آرين ۾ باز مقبول رهيو. آرين وٽ ڪٽنبي نظام هو ۽ پيءُ کي سربراهه جي حيثيت حاصل هئي ۽ پيءُ کي آسماني مخلوق سمجهندا هئا، ۽ باز کي اهي پيءُ جي سربراهه جي علامت سمجهندا هئا. باز جيئن ته هوا ۾ مٿي اڏامي ٿو ۽ چنبن ۾ نانگ هوندو آهي. وٽن باز به آسماني قوت مثل هو. سنڌ جي تاجرن باز کي عربستان جي مشهور تجارتي منڊي ” عڪاظ“ تائين پهچايو. ان زماني جا سنڌي هرڻ جو شڪار باز سان ڪندا هئا. هو باز کي تربيت ڏيئي هرڻ تي ڇڏيندا هئا، جيڪو سندس اکين ۾ چنبڙي پوندو هو ۽ هرڻ وائڙو ٿي ويندو هو ۽ شڪاري کيس پڪڙي وٺندا هئا.
مغلن جي زماني ۾ سنڌ جا باز مشهور هئا ۽ سنڌ مان باز دهلي گهرايا ويندا هئا. خاص ڪري اڪبر بادشاهه بازن پالڻ جو شوقين هو. ٽالپرن جي زماني ۾ سنڌ ۾ باز تمام گهڻا هئا. مير حڪمران شڪار جا شوقين هئا. رچرڊ برٽن پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ سنڌ ۾ پلجندڙ بازن جا پنج قسم لکيا آهن. جيڪي هي آهن شهباز، بحري، بانشو، شڪرو ۽ لغڙ ان زماني ۾ سنڌ مان تمام گهڻا باز يورپ به موڪليا ويا، جن کي اتي گهڻو پسند ڪيو ويو ۽ وڏي رقم ۾ کين خريد ڪيو ويندو هو.
سنڌ ۾ بازن جي تربيت تي دل کولي خرچ ڪيو ويندو هو ۽ تمام مهانگي اگهه ۾ انهن کي تربيت يافته بازن کي خريد ڪيو ويندو هو. ڊاڪٽر جيمس برنس لکي ٿو ته ” مير ڪرم علي خان وٽ مون هڪ باز ڏٺو، جنهن جي قيمت ٻه هزار روپيه هئي. مير صاحب مون کي به هڪ باز سوکڙي طور ڏنو“. چون ٿا ته سڀ کان سٺا باز ترڪستان ۽ ڪابل جي اتر واري علائقي مان گهرايا ويندا هئا. مير مراد علي خان وٽ هڪ باز هو جنهن کي ” بحري ٻچو“ چوندا هئا. هي سڀني بازن ۾ ننڍو هو، جنهن سان مير ڪونج ۽ تلور جيڏن وڏن پکين جو شڪار ڪندا هئا. هينري پاتنجر لکي ٿو ته ” بازن سان شڪار ڪرڻ جو الهندي علائقي ۾ رهندڙ ڪن بلوچي سردارن کي شوق هوندو آهي ۽ اهي پنهنجن پکين کي ڏاڍي احتياط ۽ وڏي خبرداري سان سکيا ڏيندا آهن. خصوصن کين جهنگلي پکين، ڪارن تترن ۽ ڪبوترن جي شڪار ڪرڻ لاءِ تربيت ڏيندا آهن.“
هن وقت به سنڌ ۾ ڪيترن وڏن ماڻهن ۽ شڪار جي شوقينين وٽ باز آهن. ڪي ماڻهو بازن کي تربيت ڏيئي خليج ملڪن جي عربن کي وڪرو ڪندا آهن جن وٽ هڪ باز هڪ کان ٽن لکن تائين وڪامندو آهي. اهي عرب شيخ سنڌ ۾ اچي انهن بازن سان شڪار ڪندقا آهن ۽ اهڙي طرح هي قيمتي پکي اڄ به سنڌ ۾ پنهنجو ڌاڪو رکيو ٿو اچي. 2000ع جي ڳڻپ مطابق سنڌ ۾ هڪ به باز نه لڌو.

[b]3 – ڪبوتر
[/b] ڪبوتر سهڻو، من مهڻو ۽ رنگ برنگي پکي آهي. هي ڪبوتر اصل ۾ سنسڪرت جي لفظ ” ڪبوتڪ“ مان نڪتو آهي. سنڌي ۾ کيس پاريهر، پاريهل ۽ پاريلو چون. سندس صنف آهي قاصد، پيغام پهچائيندڙ، حسين پاليندڙ کي ڪبوترائي يا ڪبوترباز چون. ڪبوتر اڏارڻ واري شغل کي ڪبوتربازي چون. ڪبوتر خانو معنى مسافر خانو ايندڙ ويندڙ ماڻهو ڪبوتر وانگر موٽڻ معنى جلدي اچڻ ۽ ڪبوتر يا ڪبوتر باز يا باز پهاڪي جو مطلب آهي ته هر ڪو پنهجي جنس سان سونهين يا هرڪو پاڻ جهڙن يا پاڻ جيڏن سان ٺهي ته ڪبوتر کي ان جو پيغامبر سڪ جو پانڌي سڏيو وڃي ٿو. ان ڪري اهو اقوام متحده جو قومي نشان آهي ۽ هر وڏي سياسي پارٽي جي جلسي ۾ امن ۽ سلامتي جي اظهار لاءِ ان پارٽي جو ليڊر فضا ۾ ڪبوتر اڏاري،جلسي جو آغاز ڪندو آهي.
ڪبوتر پنهنجي جنم ڀومي کي ڏاڍو ڀائيندو آهي. هو پنهنجي آکيري کان سوين ميل کڻي پري هجي پر پنهنجي جاءِ تي پهچي دم پٽيندو. هڪ دفعي آمريڪا جي شهر اراس مان هڪ ڪبوتر کي ٽوڪري ۾ بند ڪري جهاز رستي ڀونچ سمنڊ اڪاري، هندستان مان چڪر ڏياري چين ۾ آندو ويو. اتي جڏهن کيس آزاد ڪيو ويو ته هن گهر جو رستو ورتو ۽ ست هزار ٻه سئو ميل ڊگهو سفر طئي ڪري واپس اراس شهر پهچي، پنهنجي ڄمڻ واري هنڌ اچي ساهي پٽيائين. ڪبوتر جي هڪ خاص خوبي اڏامڻ جي سگهه ۽ تيز رفتاري آهي. ڪبوتر تکو به اڏامي ته سڌوبه، ان ڪري ڪبوتر پراڻي زماني ۾ پيغام رسائي جو ڪم ڪندو رهيو آهي. 5 هزار سال پهرين ڪبوتر اهو ڪم ڪندا هئا.
مصر ۾ فرعون حڪمران هن کان پيغام رسائي جو ڪم وٺندا هئا. روس مورخ ڀلا ٿئي جي چوڻ مطابق 43 ق – م ڪبوتر کان پيغام رسائي جو ڪم ورتو ويندو هو. ان کان ڪجهه سال پوءِ سر گنيز ڪبوترن کان اهڙي طرح ڪم ورتو جو انگلينڊ جو حاڪم، شاهه رچرڊ اهو ڏسي اچرج ۾ پئجي ته هن جي فوج جي چر پر جي دشمنن کي ايتري ستت خبر ڪيئن پوي ٿي. مشهور بين الاقوامي خبر رسان ايجنسي رائٽر، 19 صدي ۾ خبرن موڪلڻ جو ڪم ڪبوترن جي مدد سان شروع ڪيو. پهرئين ۽ ٻيءَ جنگ عظيم ۾ ڪبوترن کان ڪم ورتو ويو. ان زماني ۾ ڪبوترن اڏامڻ جا مقابلا به شروع ڪيا ويا. ڪي ڪبوتر وني ميل في ڪلاڪ اڏامن ٿا. هڪڙي دوست پنهنجو خط لنڊن مان پنهنجي سنگتي کي موڪليو، جيڪو اتان ٻاهتر ميل پري رهندو هو ۽ کيس سمجهايو هئائين ته پوري نائين بجي ڪبوتر کي اتان ڇڏي. جنهن ويلي ڪبوتر اتان اڏريو، انهي دم سڌو روانو ٿيو ۽ ايترو ته مٿي ويو جو ڪڪرن کي وڃي پهتو ۽ اڍائي ڪلاڪن ۾ گهر رسيو. انهي ڪري ئي ڪبوتر کي پانڌي ۽ نياپو پهچائيندڙ پکي چيو وڃي ٿو. خاص ڪري عربي ۽ فارسي شاعري ۾ ڪبوتر کي ائين قاصد بنايو ويو آهي، جيئن اسان وٽ ڪانگ ۽ ڪبوتر جا پير ڳاڙها به ان ڪري آهن جو هڪ فارسي شاعر جي لفظن ۾ ته ڪبوتر جڏهن خط کڻي روانو ٿيو، ته مان سندس پيرن تي رت روئيندڙ، اکين کي ايتريقدر مهٽيو جو سندس پير رت هاڻا ٿي پيا، ته جيئن منهنجي محبوب کي منهنجي سڪ جو ڪو سماءُ پوي. ڪبوتر ته جيئن منهنجي محبوب کي منهنجي سڪ جو ڪو سماءُ پوي.ڪبوتر اورچ، جفاڪش، ايماندار ۽ فرض شناس پکي آهي. کيس رستي ۾ کڻي ڪيڏي به تڪليف اچي پر هو ٽپال ضرور رسائي ۽ اهڙي طرح پنهنجو سونپيل ڪم ضرور سر انجام ڏي. اهڙي هڪ خاص ڪبوتر جي ڳالهه ڪن ٿا ته هن جي پيٽ ۾ 9 انچ هڪ ڊگهي سنهي ڪاٺي پيٽ مان ٿي چيلهه وٽان 4 انچ ٻاهر نڪري آئي، ائين معلوم ٿي رهيو هو ته ڪنهن حادثي ۾ هي چهنبدار ڪاٺي ڪبوتر جي بدن ۾ داخل ٿي هئي. پر ڪبوتر نه صرف سهڻي نموني اڏاميو پئي پر داڻو ڪڻو به کاڌائين پئي ۽ اهڙي طرح پنهنجو سونپل ڪم سهڻي نموني ادا ڪيو. ڪبوتر اونداهه ۾ نه اڏامندو آهي، ڇو ته شام تائين لاڳيتو اڏامڻ ڪري رات جو بس آرام ڪرڻ ضروري هوندو آهي، ٻيو ته رات جو شڪرو ڪبوتر جي تاڙ ۾ هوندو آهي. ڪبوتر جي ڏڻ جي سگهه انسان کان وڌيڪ آهي. سنڌ ۾ ڪبوتر پالڻ جو رواج قديمي ۽ تاريخي آهي. اڳئين زماني ۾ خاص ڪري سنڌ جا راجا شوقيه طور ڪبوتر پاليندا هئا، جن کان سرڪاري ٽپال پهچائڻ جو ڪم ورتو ويندو هو. اهي ڪبوتر ڪاغذ جو پرزو، جيڪو سندس پيرن ۾ ٻڌل هوندو هو. ڏورانهن صوبن تائين پهچائيندا هئا. چون ٿا ته سنڌ جا اهي ڪبوتر هڪ ڪلاڪ ۾ پنجاهه ميلن جو مفاصلو طئي ڪندا هئا، جڏهن سڪندر مقدوني سنڌ تي ڪاهه ڪئي تڏهن کيس ڪي ڪبوتر سوکڙي طور ڏنا ويا. جن جو آواز مٺو ۽ وڻندڙ هو . انهن ڪبوترن جو رنگ پيلو هو. ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي زماني ۾ سنڌ جي رنگين ڪبوترن جو وڏو قدر هو. مغل شهزادا سنڌ مان ڪبوتر دهليءَ گهرائيندا هئا. شهنشاهه جهانگير ڪبوترن ڌارڻ جو شوقين هو. نورجهان سان عشق به ڪبوترن اڏاريندي ڪيو هئائين. عربن سنڌ فتح ڪرڻ وقت به سنڌ مان ڪبوتر عربستان نيا. هن وقت به سنڌ ۾ ڪبوترن ڌارڻ جو وڏو واهپو آهي. ڪيترائي شوقين هزارين روپين ۾ ڪبوتر خريد ڪري پالين ٿا. لطيف سرڪار ڪبوتر کي ياد ڪندي چئي ٿو ته :

پرهه پکي آئيو، صبح سوارو
روضي پاڪ رسول جي هنياءِ هوڪارو
مانجهين ڪيو مارو، چڙهه مير محمد عربي

[b]4 – مور
[/b] دنيا جو هي سهڻو، رنگ برنگي ۽ من مهڻو پکي آهي. سندس سونهن مثالي آهي. سنڌ ۾ مور سونهن، سونڀيا ۽ نزاڪت جي نشاني سمجهيو وڃي ٿو. ان ڪري سنڌ ۾ ڪيتريون ئي چوڻيون مور سان وابسته آهن جهڙوڪ : ” سهڻو سهڻو مور، آهين به مور يا مور مکڻ جهڙي ڪنوار“ وغيره. نياز همايوني جو هڪ گيت مو ٿو ٽلي ته اسان جو عوامي گيت بڻجي وڏي مقبوليت حاصل ڪري چڪو آهي. هندو مور کي پوتر پکي سمجهندا آهن ۽ سندس شڪار ڪندڙ کي پاپي سمجهن. مور جا کنڀ ڏاڍا سهڻا ٿيندا آهن.مور جو پڇ تمام ڊگهو ٿيندو آهي. جنهن ۾ سهڻا ۽ گهاٽا رنگ برنگي کبڀ ٿيندا آهن، هر کنڀ جي ڇيڙي وٽ اک جيڏو گول نشان ٿيندو آهي. مور جڏهن ٽلندو آهي تڏهن پڇ کي کيڙي، وڃڻي وانگر وڏو ڪندو آهي. ان وقت اهي کنڀ ڏاڍا سهڻا لڳندا آهن . مور کي پنهنجي پڇ تي وڏو ناز هوندو آهي. مور ڇل شاهي وڃڻي جو نالو آهي، جيڪو مور جي ٽڪين مان رکيل هوندو آهي.
سنڌ ۾ هي پکي قديم زماني کان ملي ٿو. موهن جي دڙي مان سمير جا رهاڪو، جيڪو مال گهرائيندا هئا، تن ۾ مور به هوندا هئا. حضرت سليمان ٻئي سامان سان گڏ سنڌ مان مور به گهرائيندا هو. سڪندر مقدوني سنڌ مان موٽڻ وقت ٻين شين سان گڏ پاڻ سان مور به وٺي ويو ۽ اتان اهي ولايت ملڪ ۾ پهتا، جتي ڪيترن ورهين تائين ڳري ملهه ۾ وڪامندا رهيا. اهي اهڙا ته عجيب، پيارا ۽ وڻندڙ پکي هئا، جو ڀر وارن شهرن جا ماڻهو کين ڏسڻ لاءِ ايندا هئا. ايران جي مجوسي پروهتن کي مورن سان پيار هو، ڇاڪاڻ ته سيمرغ ۽ سيماغ سندن ثقافت تي ڇانيل رهيو. اهي سنڌ مان مور گهڻي انداز ۾ گهرائيندا هئا. سنڌ ۾ موريا خاندان جي باني چندر گپت جي ماءُ مورن مورن پالڻ جي ڪري مشهور هئي ۽ کيس سڏيندا به ” مورا“ هئا، اڄ به اسان وٽ موريا ۽ مورياڻي ذاتيون مور سان اسان جي ثقافتي ناتي کي ظاهر ڪن ٿيون. عرب سياحن سنڌ ۾ مور جي گهڻائي جو ذڪر ڪيو آهي. همداني لکي ٿو ته ” هت هاٿي، مور، عود ۽ عنبر گهڻائي ۾ ملن ٿا. ان وقت عرب سوداگر سوٽي ڪپڙي، نير، جواهر،گرم مصالحن، دوائن، ناريل ۽ خوشبوئن سان گڏ مور ۽ تلورن جو به واپار ڪندا هئا.“ مسعود لکي ٿو ته ” سنڌ جي مورن کي عرب حاڪمن عراق تائين پهچايو، پر سنڌ ۾ عراق جي آبهوا ۾ فرق هئڻ ڪري، سندن رنگ ڦٽي ويو ته آريسي ۽ ٻين مورخن هڪ شاهاڻي لشڪر جو ذڪر ڪيو آهي. جيڪو عرب حڪامن ڪوفي ۽ بصري جي ماڻهن کان ڳريون رقمون وصول ڪري تيار ڪيو هو. ان لشڪر جو نالو پيڪاڪ آرمي رکيو هو. ان لشڪر جو سپهه سالار عبدالرحمان ابن محمد هو، جنهن 80 هه ۾ زنبيل سان جنگ ڪئي هئي. ان دور ۾ مور منصوره، الور ۽ ملتان جي باغن ۾ تمام گهڻا هئا. عرب سندن گوشت شوق سان کائيندا هئا. منصوره جو قاضي ابوالشوراب مور جي گوشت کائڻ جو دلدارو هو. شاهجهان مغل حڪمران جي تخت جو نالو طائوس هو.
هن وقت به سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي ۾ مورن جي گهڻائي آهي. سنڌي ادب ۽ راڳ جي ڪيترن ئي صنفن جو واسطو مور سان آهي. اڄ به ڳوٺاڻا اٺن جي ڏاس ڪترڻ مهل مور جا چٽ اٺن جي ڳچين تي سونهن خاطر ٺاهيندا آهن. مور جا چٽ ڪاٺ جي شهتيرن،ڪٻٽن ۽ دروازن مٿان به سهڻي نموني گهڙيا ويندا آهن. جن مان پنهنجي مور جي ادبي، ثقافتي ۽ تاريخي حيثيت نمايان ٿئي ٿي.

[b]5 – مڇي :
[/b] مڇي اسان جي خوراڪ جو اهم جزو آهي جنهن ۾ 60 کان 80 سيڪڙو پاڻي، 12 کان 20 سيڪڙو لمحيات، سڻڀ،روغنيات، وٽامن اي، ڪئلشم ۽ فاسفورس جا جزا آهن. مڇي جو اسان جي تاريخ، ادب ۽ ثقافت تي وڏو اثر آهي. ميد، سولنڪي ۽ گندرا جيڪي هن وقت مڇي مارڻ جو ڌنڌو ڪن ٿا، تن ڪنهن زماني ۾ وڏي شان ۽ شوڪت سان حڪمراني ڪئي. ميدن مهاڀارت کان اڳ ايراني مٿانهين جي اتر الهندي حصي تي ميڊ جي سلطنت جو بنياد وڌو ۽ ان جون حدون، آريمينيا کان پري ايشيا مائنر جي اڀرندي حصي تائين هيون. 6 صدي ق – م ۾ ايران جي شهنشاهه سائرس هنن جي حڪومت جو خاتمو ڪيو ۽ پوءِ هو سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪري مڇي مارڻ لڳا. سولنڪي راجائن مهاراشٽر، ملابار ۽ سوراشٽر تي حڪومت ڪئي. عربن جي پوئين زماني ۾ ماڻڪ تازه رياست قائم ڪيائون. هن رياست جو حاڪم جيسر پٽ ججه ماڇي سولنڪي هو. گندرا به دولتمند قوم هئي ۽ گنڌرا ديس جا حڪمران هئا، جنهن تي 9 صديءَ ۾ پنجاب جي لورا شاهي هندن قبضو ڪري ختم ڪيو. هنن ذاتين جو ذڪر شاهه لطيف پنهنجي رسالي ۾ جابجا ڪيو آهي. نوري ڄام تماچي ۽ مورڙو مير بحر اسان جي ادب جا رومانوي ۽ شجاعتي داستان آهن، جن لطيف رح جي شاعري ۾ جاذبيت ۽ رومانيت پيدا ڪئي آهي. سر سامونڊي ۽ مڇي جو ذڪر ملي ٿو.
سنڌ ۾ مڇي پراڻي زماني کان ماري ويندي هئي. موهن جي دڙي جا ماڻهو مڇي ايڏي ته گهڻي ماريندا هئا جو اها ڏيساور به ويندي هئي. سنڌ جي اصلوڪي رهاڪن درواڙن ۾ اهڙيون ذاتيون به هيون، جيڪي مڇي تي گذران ڪنديون هيون. ماگر ذات تمام پراڻي آهي، جيڪو دراوڙي لفظ آهي جنهن جي معني ڄار رکندڙ يعني مهاڻو. مينانگر ۾ هي ذات تمام گهڻي رهندي هئي ۽ مڇي ماري هن بندر کان ٻاهر موڪلي ويندي هئي. سڪندر مقدوني جي آمد وقت هتان مڇي ٻاهر موڪلي ويندي هئي. ان وقت سنڌي ٻيڙين تي چڙهي مڇي ماريندا هئا. ميد مڇي ۽ پکين جو شڪار عام ڪندا هئا. ويدڪ زماني جا ماڻهو ڄار سان مڇي ڦاسائيندا هئا. جڏهن چيني سياح سنگ يون سنڌ ۾ آيو، تڏهن هن هت خوب مڇي کاڌي. عربن جي زماني ۾ هت مڇي جو وڏو واپار هلندو هو. ابن حوقل سنڌ ۾ مڇي جي ڏاڍي تعريف ڪئي آهي. هو لکي ٿو ته ” پلي جهڙي مڇي دجله ۽ فرات ندين ۾ نه ٿي ملي . تغلق خاندان جو بادشاهه تغلق محمد شاهه تغلق جڏهن سنڌ ۾ آيو. تڏهن کيس پلو ايترو ته وڻي ويو جو هو کائي کائي بيمار ٿي پيو ۽ ان وگهي مري ويو. “
مغلن جي زماني ۾ هت مڇي تمام گهڻي ٿيندي هئي. ڊاڪٽر چيلاڻي لکي ٿو ته ” مڇي جي لحاظ کان سنڌ هميشه هندستان جي مکيه مرڪزن مان هڪ مرڪز رهي آهي. “ سنڌ ۾ مڇي جو مقدار ايترو ته گهڻو هو جو مقامي کاپي کان پوءِ به ڪافي انداز ۾ بچي پوندو هو، جنهن کي لوڻي، دونهاٽي ۽ سڪائي ٻين ملڪن ڏانهن اماڻيو ويندو هو. آئين اڪبري ۾ آهي ته ڏکڻ سنڌ جا ماڻهو مڇي ۽ چانور کائڻ جا شوقين آهن ۽ اهي تمام گهڻي انداز ۾ مڇي سامونڊي بندرن تان ٻاهرين ملڪن ڏانهن برآمد ڪن ٿا. هتان جوپلو، لذت ۽ سواد جي لحاظ کان پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
ڪلهوڙن جي دور ۾ ڪراچي ۽ سون مياڻي ٻه ننڊڙا بندر هئا، جتي مڇي ماريندڙ مهاڻن جا گهر هئا. هت بصره، مسقط، بندر عباس، لکپت، مانڊوي، ڊمن، بمبئ ۽ ڪالڪيٽ جي واپارين جا گماشتا رهندا هئا، جيڪي مڇي جو واپار ڪندا هئا. ان وقت مڇي جي واپار مان سرڪار کي چار هزار ساليانه آمدني ٿيندي هئي. ان وقت يورپي تاجر به هت آيا. هڪ پورچوگيز تاجر باريوسا لکي ٿو ته ” سنڌ ۾مڇي ايتري ته گهڻي ٿيندي هئي، جو ماڻهو سڪل مڇي گهوڙن کي کارائيندا هئا. هئملٽن لکي ٿو ته” سنڌو درياءَ ۾ مٺي پاڻي جي مڇي جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا. جن سڀني ۾ پلي جهڙي بهترين مڇي سڄي ڄمار ۾ نه مون چکي نه کاڌي.“ ٺٽي جي مارڪيٽن ۾ ڏهن سيرن کان به وڌيڪ تور جي مڇي پڻ ملي ٿي. پوسٽنس لکي ٿو ته ” ڪراچي کان گجرات ۽ مسقط ڏانهن برآمد ٿيندڙ شين ۾ سڪل مڇي به هڪ مکيه شيءَ آهي ۽ ڄرڪن جا هڏا ۽ ڪنهڙا ممبئي ڏانهن موڪليا ويندا هئا ته ان وقت مڇي مان تيل به ڪڍيو ويندو هو، جيڪو ٻيڙن ٺاهڻ ۾ ڪم ايندو هو.
ٽالپرن جي دور ۾ مڇي مارڻ جو ڌنڌو عروج تي هو. مانرڪ لکي ٿو ته مهاڻا ٺڪر جي دلي تي تري سنڌو درياءَ ۾ پلي جو شڪار ڪن ٿا ته وقت هٿ مڇي گهڻي ۽ سستي هئي ۽ مڇي جو وڏو واپار ٿيندو هو. خواجه ۽ هندو واپاري مهاڻن کان ٺيڪي تي مڇي خريد ڪري سڪائڻ کان پوءِ ڏيساور رواني ڪندا هئا. مڇي جي واپار مان کين ساليانو ڏهه هزار روپيه آمدني ٿيندي هئي. ان زماني ۾ مڇي تي محصول اڳاڙيو ويندو . هڪ هڪ سئو مڻ مڇي ٻاهر موڪلڻ تي واپارين کي 10 – 9 – 13 روپيه ڍل ڏيڻي پوندي هئي.
انگريزن سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ مڇي جي لاءِ تحقيق ڪئي. حڪومت هند پاران سرجان ميجر فرئسر ڊي سنڌ ۾ مڇين جي شڪار ۽ قسمن جي جاچ ڪرڻ لاءِ آيو . هن هند سرڪار کي رپورٽ ۾ ڏيکاريو ته سنڌ جي برساتي نين مان 14 قسمن جي مڇي ماري وڃي ٿي. ان کان پوءِ انگريزن ٺيڪي جي رسم کي منسوخ ڪري مڇي جي شڪار لاءِ پروانا جاري ڪيا. 1855ع ۾ مڇي جون مياڻيون نيلام ٿيون. 1858ع ۾ ٻيهر پروانن جو رواج پيو. هن سال انگريزن کي مڇي جي واپار مان هڪ لک چار هزار 5 سئو اٺ روپين جي آمدني ٿي. 1941ع ۾ جڏهن ڪراچي جو بندرگاهه تيار ٿيو، تڏهن کان سنڌ ۾ ماهيگري جي صنعت ترقي ڪرڻ لڳي.
پاڪستان قائم ٿيئڻ کان پوءِ سنڌ ۾ مڇي جي پئداوار ۾ ترقي ٿي. گانگٽ مڇي ٻاهرين ملڪن ۾ وڏي پيماني تي وڪامجڻ لڳي. عربي سمنڊ ۾ گانگٽن جي گهڻائي ڪري پاڪستان عالمي منڊي مان سئو زر مبادلو ڪمائي ٿو. هن وقت سنڌ ۾ مڇي جي پيداوار جاٻه ذريعا آهن. هڪ سمنڊ جو 175 ميلن تائين پکڙيل ڪنارو ۽ ٻيون ڍنڍون ۽ ڍورا.سنڌ ۾ ڪيتريون ئي ڍنڍون آهن. جن مان هزارين مڻ مڇي روزانو مري ٿي. ڪينجهر ۽ منڇر ڍنڍ مڇي جي پيدائش کان دنيا ۾ مشهور آهن. ڊاڪٽر ڊي سامونڊي مڇي جا 160 ۽ دريائي مڇين جا 64 قسم ڄاڻايا آهن. 1947ع ۾ سنڌ ۾ سامونڊي مڇي 24 هزار ميٽرڪ پڪڙي ويئي جيڪا 1950ع ۾ وڌي وڃي هزار ميٽرڪ ٽن ٿي. 1971ع ۾ اندروني ذريعن مان 947، 21، 9 ٽن مڇي پڪڙي ويئي. 73 – 1972 ع دريائن ۽ ڍنڍن مان 308، 100 ٽن ۽ سمنڊ مان 3185939 ٽن مڇي پڪڙي ويئي. سنڌ جي مڇي هن وقت ويهن ملڪن کي موڪلي زرمبادلو ڪمايو وڃي ٿو. پاڪستان سرڪار سنڌ جي مڇي مان 1972ع ۾ ويهه ڪروڙ ۽ 1973ع ۾ 35 ڪروڙ زرمبادلو ڪمايو. سال 2003 ع جي انگن اکرن مطابق سنڌ ۾ ٽوٽل 3600 ميٽرڪ ٽن مڇي ماري ويئي تڏهن مان 270.5 سامونڊي ۽ 80.5 درياهي مڇي هئي. جڏهن ته 2004ع سال دوران ٽوٽل 355.5 ميٽرڪ ٽن مڇي ماري ويئي جنهن مان 270.5 سامونڊي ۽ 850 درياهي مڇي ماري ويئي.( حوالو : سنڌ اسٽيٽيڪل ايئر بوڪ 2006)
سنڌ ۾ اڄ به مڇي جهجهي انداز ۾ مري ٿي. سمنڊ، ڍنڍ ۽ دريائن کان سواءِ اڄڪلهه ڳوٺاڻن علائقن ۾ به هٿراڌو مڇي جا تلاءُ ٺاهيا ويا آهن ۽ ڪيترن لکن مڻن ۾ مڇي پالي وڃي ٿي. پر غريب مهاڻن لاءِ اڳ وانگر نسورو ناحق آهي. شاهه لطيف رح ڪيترن ئي بيتن ۾ مڇي جو ذڪر ڪري سنڌ جي هن مکيه اقتصادي ايڪي کي محفوظ ڪيو.

ڄاريون کاريون ڇڄ ڇپريون، جن جي محبت مڇي ساڻ
رهن وهن سر ٻانڌئين سڀئي بدبوءِ هاڻ
لڌڙن جيئن لطيف چئي، پائي وجهن پاڻ
تن ملاحن جو ماڻ، سمي سر ڪر پانهنجي