ادب جو مارڪسي نظريو
خيال پرست فڪر مطابق ادب خدائي ڏات آهي، جنهن کي عطا ٿئي اهوئي ڏات ڌڻي آهي. يا ادب وري داخلي ۽ نفسياتي رد عمل هو، جنهن مطابق ادب ذات جو ڪيٿارسز هو جنهن سان سماج جو يا عوام جو ڪوبه واسطو نه هو.
ميڪانڪسي ماديت پسندن جذبن، تخيل، رومانويت کان ادب کي ڪٽي صرف ساڪن عڪسبندي بنائي ڇڏيو.
جيڪڏهن انسان جو ذهني عمل داخلي آهي ته پوءِ خارجي حقيقت ۽ حرڪتن جي تبديلي ۽ واڌ ويجهه سان گڏ ذهن ڇو ٿو بدلجي؟ يا وري انسان جيڪڏهن صرف خارجي حالتن جو غلام آهي ته پوءِ وري خارجي حالتون هڪ ماڻهوءَ جي ذات ۾ مختلف طريقي سان ترتيب ڇو ٿيون وٺن؟ هڪ ئي ماحول ۾ رهندي سمورن انسانن جو ذهني معيار ۽ طريقو هڪ ئي انداز جو ڇو نٿو ٿئي. (35)
اهوئي سوال هو جنهن تي ادب جو مارڪسي بنياد رکيل آهي. جدلياتي ماديت جي فڪر ۾ اديب انهن ٻنهي گروهن کان مختلف آهن. سندن فڪر ۾ ادب داخلي ۽ خارجي ڪيفيت جو جوڙ يا ميلاپ آهي ۽ اهي ٻئي پاسا ادب جا ٻه اڻ ٽر بنياد آهن. مارڪسي نظريي موجب:
“Art is a form of reflection of reality in artistic images in the mind of man Reflecting the surrounding world, art helps people to understand it and serves as powerful instrument of political, moral and artistic education.” (36)
ترجمو: فن انسان جي ذهن ۾ موجود فني تصورن جي حقيقت جي عڪاسيءَ جو هڪ نمونو آهي. آس پاس جي دنيا جو عڪس پيش ڪندي فن ماڻهن کي اهو سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۽ سياسي اخلاقي ۽ فني تعليم ڏيڻ جي سگهاري ذريعي طور سندن مدد ڪري ٿو. اهو فن شاعري، ادب، مصوري، موسيقي، سنگ تراشي، سڀني ۾ پاڻ کي ظاهر ڪري ٿو، پر ساڳئي وقت مارڪس جي خيال ۾ طبقاتي سماج ۾ فن جو هڪ طبقاتي ڪردار هوندو آهي ڇوته فن ۽ فڪر کي الڳ نٿو ڪري سگهجي، تنهن ڪري ادب ۾ ظاهر ٿيندڙ فڪر جو به هڪ ڪردار هوندو آهي، جيڪو ڪنهن نه ڪنهن طبقي جي نمائندگي ڪندو آهي. تنهن ڪري مارڪسي اديب لاءِ ضروري آهي ته هو باشعور، جدلياتي ماديت کان واقف ۽ سائنسي نقطه نظر رکندو هجي. ڇوته اديب کي نه صرف حقيقت پيش ڪرڻي آهي بلڪ حقيقت کي بدلائڻو آهي. جهڙوڪ اديب کي ظالم خلاف، غلاميءَ، مذهبي فرسوده قدرن ۽ استحصالي قوتن خلاف عام ماڻهن کي پنهنجي تخليق ذريعي شعور ڏيڻو آهي. انهيءَ ڪري لينن چيو هو ”اسان جي ادب ۽ فن کي گهرجي ته لکين ڪروڙين پورهيت عوام جي خدمت ڪري“. (37)
مارڪسي اديب صرف حقيقت پسند نه هوندو آهي، پر هو انسان دوست ۽ امن پسند به هوندو آهي، تڏهن ئي هو عوامي ادب تخليق ڪري سگهندو آهي. لينن هميشه ادب کي سماجي ارتقا جو هڪ ذريعو سمجهندو هو ۽ ان کي هن هميشه معاشري ۾ جدوجهد جو هڪ قيمتي هٿيار سمجهيو. هن جي خيال ۾:
”ادب کي هڪ تاريخي مشن جي تڪميل ۾ مدد ڪرڻي آهي، تنهن ڪري ادب کي حقيقت جو آئينو هئڻ سان گڏوگڏ پنهنجي دؤر جي ترقي پسند رجحانن جو ترجمان هئڻ کپي.“ (38)