شاعري
[/b]
ترقي پسند نقطه نظر جي حامين جي اها گهر هوندي آهي ته ادب سماج لاءِ بي ڪار ۽ نقصانڪار نه هجي بلڪه ڪارائتو ۽ فائدي مند هجي ۽ اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن اديب سماج سان لاڳاپيل مسئلن ۽ موجوده مشڪلاتن کان واقف هوندا آهن. انهيءَ ڪري مجنون گورکپوري چيو هو ته: ترقي پسند اديب لاءِ ضروري آهي ته هو سنجيده ۽ اميد رکندڙ ۽ بلند حوصلي وارو هجي. (77)
۽ ساڳئي وقت ترقي پسند تحريڪن مان مراد به اها آهي ته اهي سماجي ترقيءَ ۾ مدد ڏين ۽ ادب جي فني معيار تي پورو لهن. انهي نقطه نظر موجب ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ ترقي پسند شاعرن واقعي زندگيءَ ۽ زندگيءَ جي مسئلن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جو سليقو پيدا ڪيو، خاص طور سان انگريزن جي دؤر ۾ جديد ادبي شهپارا ترجما ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي ماڻهن ۾ اهو شعور پيدا ٿيو ته دنيا رڳو وڏيري جي حڪمراني ۽ هاريءَ جي غلاميءَ تائين محدود ناهي، قدر يا روايتون ڪي بيٺل پاڻيءَ وانگر ناهن، ادب رڳو خيالي دنيا جي خوبصورت قصن جو نالو ناهي، بلڪه اهڙي به دنيا آهي جتي انسان غلاميءَ جون زنجيرون ڳاٽ مان لاهي اڇلائي ڇڏيون آهن، پورهيت، بازاري، گهٽ ذات، پيڙهيل ڏتڙيل انسان هوندي به وڏي طاقت آهي. هو رڳو مصيبتون سهڻ لاءِ پيدا ڪو نه ٿيو آهي پر پنهنجي جدوجهد سان قسمت بدلائي سگهي ٿو. اهو ئي سبب هو جو سنڌ ۾ شاعريءَ ۾ جديد ترقي پسند روشن خيال نظرين جي اچڻ کان پوءِ پنهنجو رخ عوام ڏانهن موڙي ڇڏيو، جنهن ۾ غريب جو ڏک، ڌرتيءَ جو سک، عام رعيت جي زندگيءَ جا وهنوار شاعري جا موضوع بنيا.
محترم رسول بخش پليجي چيو هو ته: روشن خيال اديب پنهنجي ذات تائين محدود نه هوندو آهي، بلڪه سموري انسانيت سان محبت رکندڙ هوندو آهي. سنڌ ۾ ڪشنچند بي وس جو نظم ”الله جهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي“ حيدر بخش جتوئي جو- ”ڀلي آئين جي آئين درياءُ شاهه“ فتح محمد سيوهاڻي جو ”دنيا جو دؤر“ حافظ شاهه حيات جو نظم ”دلاسو“ وغيره مغربي ادب جي اثر هيٺ، نئين دؤر جي سنڌي شاعريءَ جي پرهه ڦٽڻ جا آثار هئا. هنن شعرن جا شاعر پراڻا نالي چڙهيل عاشق نه آهن جن جو ڪعبو قبلو سندن ليليٰ آهي. جن جي سموري ڪائنات يار جي گهٽيءَ تائين محدود آهي. جي رڳو مطلب جا يار آهن ۽ جن کي يار ملي ته پوءِ سڄي دنيا ڀلي وڃي ڦاهو کائي مري. (78)
دنيا ۾ هر جڳهه تي شاعريءَ جي فڪر جو پس منظر پهريائين معروضي حالتن ۾ نروار ٿيندو آهي پوءِ اهو فڪر فن ۽ ادب ۾ يا سماجي وهنوار ۾ ظاهر ٿيندو آهي. سنڌ ۾ روشن خياليءَ ۽ ترقي پسند فڪر جي اسرڻ وڌڻ ويجهڻ جون معروضي حالتون پيدا ٿي چڪيون هيون انهي ڪري مختلف شعر هن فڪر مطابق اڳتي اچڻ لڳا، اسان انهن شاعرن جو جائزو الڳ الڳ وٺنداسين جن جي شاعريءَ ۾ ترقي پسند فڪر نمايان آهي.
حيدر بخش جتوئي (1970- 1901ع)
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي شخصيت گهڻ پاسائين هئي، هو بهادر، مظلومن جو حمايتي، هارين جي حقن لاءِ بي خوفيءَ سان وڙهندڙ ڪميونسٽ ۽ سوشلسٽ فڪر جو حامي ۽ترقي پسند شاعر هو. هن جو واسطو ڪجهه وقت ٿياسافي (Theosophy) وارن سان به هو. جنهن جو ذڪر اسان اڳ ۾ ڪري آيا آهيون. هي اهو دؤر هو جڏهن ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، جمشيد نسروانجي، شيخ عبدالحميد سنڌي، پروفيسر واسواڻي، ڪامريڊ عبدالقادر، ميرو خان، محمد امين کوسو، جي ايم سيد، سنڌ ۾ سياسي طور روشن خيال فڪر جا حامي ۽ بنياد رکندڙ هئا.
ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو چوڻ آهي ته 1945ع ۾ ٻي جنگ عظيم جي خاتمي کان پوءِ دنيا ڀر جي ملڪن ۾ انقلاب ۽ ڪميونسٽ تحريڪن ڀڙڪو کاڌو ۽ان اڀار واري دؤر کان حيدر بخش جتوئي به شدت سان متاثر ٿيو ۽ هن ۾ عوام جي خدمت لاءِ نڪري پوڻ جو اٽل جذبو پيدا ٿيو. (79)
سندس شاعريءَ ۾ غزل رباعيون، نظم، قصيدا وغيره موجود آهن. سندس مشهور نظم (درياءُ شاهه) سنڌي شاعري ۾ وڏي اهميت رکي ٿو ڇو ته هن ۾ اها فڪري اهميت سمايل آهي جيڪا موهن جي دڙي ۽ ويدن ۾ ڌرتي ماتا کي آهي، جيئن ڪبير ڀڳت چيو هو ته:
ڌرتي ماتا تم بڙي
تم سي بڙا نهين ڪوئي
ساڌو اوپر آسڻ ڌري
سدا ست سنگت هوءِ
۽ حيدر بخش جتوئي ڌرتيءَ کي اها ئي حيثيت ڏيندي درياهه کي ڀليڪار چوي ٿو ته هو سمجهي ٿو ته زندگيءَ جو وهنوار ۽ هن ڌرتي کي باغ عدم بنائڻ وارو اهو درياءُ آهي. چوي ٿو:
تون داخل ٿئين سنڌ ۾ ٿو اخير،
جا آ عشق تنهنجي اصلا اسير،
ڪري تنهنجي پوڄا مڃي تو کي پير،
اي سنڌو سدائين، تون ڪر سنڌ سائي،
تون هنمام سان رهه، وفا سان هميشه
جو سنڌو سواءِ سنڌ جي ڪجهه به ناهي،
ڀلي آئين جي آئين درياهه شاهه!
هن نظم ۾ اميد وارو ۽ عوامي پهلو موجود آهي، سنڌ لاءِ ۽ سنڌي عام ماڻهو لاءِ سڪ ۽ پيار محبت جو جذبو موجود آهي.
سندس طويل شعر ”آزاديءَ قوم“ هندستان جي ان معروضي صورتحال جي عڪاسي ڪري ٿو جنهن وقت ناگرين جي خلاف جدوجهد هلي رهي هئي، فضا ۾ هڪ شور هو. عام خيال، هندو ۽ مسلمان جا خيال يا وري انگريزن جا خيال هر ڌر جا پنهنجا موقف ۽ پنهنجا رايا هئا، انهن سڀني خيالن کي شعر ۾ حيدر بخش جتوئيءَ ڏاڍي فنڪاريءَ ۽ سچائيءَ سان پيش ڪيو آهي. مثال ان وقت عام ماڻهن جو ڇا خيال هو، ڪي چوندا هئا ته آزاديءَ جو خواب ڏسڻ بي وقوفي آهي، ڪن جو خيال هو ته انگريز حڪومت اسان کي سڌاريو آهي. حيدر بخش جتوئي جي هن شعر ۾ مختلف خيال موجود آهن، نموني طور اسان هيٺ ڏيون ٿا.
عام خيال:
ڪٿي انگريزن جو لشڪر ڪٿي ديسين جو جٿو
ڪير ٿو ڦاڙي وڃي پنهنجو جبل ساڻ مٿو
جي مٿو ويو ته بچيو ڇا ٻيو، ڪم سارو لٿو
هند واسين کي اهو عقل اچي ڇا کان نٿو.
خون ريز آ، قَبقَ اندر آزاديءِ قوم.
مسلمانڪو خيال:
پانهنجي لاءِ هي تحريڪ خطرناڪ آهي،
پانهنجي لاءِ هي تحريڪ مسخ ۽ خاڪ آهي.
هندو تعداد ۾ زور آهه، ۽ چالاڪ آهي
آڏو اسپين ڦري ۽ ڪئي دل چاڪ آهي
قوم هندو ئي همراز آ آزاديءِ قوم.
هندڪو خيال:
سال پنجاهه ڪروڙن جو اهو گيان آهي.
هندو وانگر نه ٻئي ڪنهن کي ٻڌي ڌيان آهي.
هندو ويدن کان ئي يورپ جو وڌيو مان آهي.
ڄٽ آ دشت آ جوجو به مسلمان آهي.
ڪهڙي مسئلي جي هي بڪواز آ آزاديءِ قوم.
انگريزي خيال:
جاهلن کي آ نوازيو ۽ سڌاريو انگريز
ظلم کان زور کان آ ملڪ کي ٺاريو انگريز
شينهن ٻڪري گڏ کارايو ويهاريو انگريز
پوءِ به چئو ٿا ڪڍو ملڪ مان ڌاريو انگريز؟
پوءِ به آواز آ بڪواز آزاديءِ قوم؟
۽ اهڙي صورتحال ۾ شاعر جو پنهنجو خيال ڇا آهي.
شاعراڻو خيال:
جيئن هوا ساهه جي لئي، سج بصارت جي لاءِ
جيئن فضا ماده جي حرڪت ۽ عمارت جي لاءِ
آهه آزاديءِ ائين مغربي طاقت جي لاءِ
آهه آزاديءِ قوم ائين شرافت جي لاءِ.
دلنواز آهه سرفراز آ آزاديءِ قوم.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اقتدار ي قابض حاڪمن عوام جا حق غضب ڪيا ۽ آزاديءَ جي خواب کي وکيري ڇڏيو. اهڙي صورتحال کي 1968ع ۾ سندس لکيل نظم ”پاڪستان زنده آباد“! ۾ واضح ڪيل آهي. ان وقت جي اميرن، سرمائيدارن، جاگيردارن جو آزاد ملڪ جي نالي ۾ عوام سان ظلم جو هڪ پاسو ڏاڍو طنزيه انداز ۾ ڏيکاريو آهي ۽ ملڪ جي سياسي ۽ سماجي پاليسيءَ جو آئينو ڏيکاريو ويو آهي. ياد رهي ته 68ع ۾ ايوب شاهيءَ جو دؤر هو، ون يونٽ لڳي چڪو هو. سنڌي اديبن شاگردن ۽ عوام جي جدوجهد شروع ٿي چڪي هئي. انهي پس منظر ۾ هڪ نظم هڪ طرف آزاديءَ جي کوکلي پن کي ظاهر ڪري ٿو ٻئي طرف عوام ۾ جدوجهد جو اتساهه ڏئي ٿو.
نموني طور:
ڀريو ڀل قيد خانن کي ! ڪريو قابو جوانن کي
مارايو مهربانن کي! نهوڙيو نڪته دانن کي
اجهايو شمع دانن کي! ڇڏيو ڪاٽي زبانن کي
پڙهو قومي ترانن کي! ته پاڪستان زنده باد!
شاگردو! ڏسو دنيا جي شاگردن جوانن کي!
وڏي هڪ امتحان خاطر ڇڏي پيو امتحانن کي!
بنايو پنهنجي نئين دنيا ڀڃو سڀ ڀوتخانن کي
مٽيو نقش پراڻن کي، ته پاڪستان زنده باد!
حيدر بخش جتوئيءَ تي دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلين خاص طور سان طبقاتي جدوجهد ۽ روسي انقلاب جو اثر هو، انهي ڪري پنهنجي شاعريءَ ۾ نظرياتي پرچار وڌيڪ ٿو ڪري انهي ڪري، ڀرم ابيچنداڻي چيو هو ته: ترقي پسند ادب جون تقاضائون صحيح روپ ۾ پوريون نه ڪري سگهيو، هو پاڻ کي هارين جي حقن تائين محدود رکي سگهيو جيتوڻيڪ ”شڪوه“ رچنا هڪ انقلابي شعر آهي پر اهو شعر ڪا ساهتڪ روايت قائم نه ڪري سگهيو. (80)
ترقي پسند فڪر به مختلف مرحلا طئي ڪيا آهن پر گهڻن اديبن جو اڳتي هلي اهو اعتراف ٿيو ته ترقي پسند تحريڪ ۾ مارڪسي تحريڪ جو جبري ۽ انتها پسنديءَ وارو روح سمائجي ويو آهي ان ڪري ادب جو اعليٰ فني معيار ختم ٿي ويو ۽ ادب رڳو نعريبازي بنجي ويو. مان سمجهان ٿو ته حيدر بخش جتوئي انهي وقت سنڌي عام ماڻهن کي شاعري ذريعي طبقاتي شعور ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هارين، نارين، پورهيتن، ڪمين ڪاسبين کي پنهنجي پورهئي جي اهميت، وطن دوستي ۽ انساني جذبن جو شعور ڏيندي کين اصل دشمنن جي نشاندهي به ڪرائي ٿو.
سندس شعر ”اي سنڌي وڏيرا ڪجهه انسان ٿي!“ ۾ هو وڏيرن جي ڪردار کي وائکو ڪندي عوام کي ٻڌائي ٿو ته:
وڏيرا حڪومت جا چمچا سدائين!
جهڪي ظالمن کي ڪرن ”سائين! سائين!!“
غلامي سلامي خوشامد لنگهائين
ڪريا ”جي حضوري“ ڪري ڪيستائين
اڃان ڀي چون ٿا ته انسان آهيون!
حيدربخش جتوئي پنهنجي شاعري ذريعي مسلسل عوام کي سندن ڏکن، اهنجن ۽ سر زمين سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن کان آگاهي ڏئي ٿو. هو نه صرف پنهنجي وطن ۽ پنهنجي ماڻهن کي آگاهه ڪري ٿو پر دشمن جي نشاندهي ڪري ٿو.
اي آمريڪي ائٽم بام! لعنت تو تي صبح ۽ شام!
تو برباد ڪيو قتل عام! تو کان ٿيو الانسان بدنام!
هيرو شيما ناگا ساڪي!
هو نه صرف سياسي، طبقاتي ڳالهه ڪري ٿو پر ماڻهن جي پنهنجي ڳالهه ڪري ٿو ۽ سندن هزارين روپ ظاهر ڪري ٿو. جيڪي مثبت به آهن ته منفي به آهن، هو چوي ٿو:
آدميءَ مان انسان ٿيو،
آدمي انسان عالمي شان ٿيو
آدمي عالم ٿيو محسن ٿيو!
ارون ٿيو مارڪس ٿيو، لينن ٿيو!
۽ وري ماڻهن جو منفي روپ ٻڌائيندي چوي ٿو.
آدمي ”گوتم“ منجهان چنگيز ٿيو،
خون نشان، خوني ۽ خونريزي ٿيو!
حضرت انسان هن اڳيان ناچيز ٿيو،
روڄ ۾ تاتار ٿيو تبريز ٿيو!
مرثيه خوان ماسڪو ايران ٿيو!
آدمي انسان مان حيوان ٿيو!
اهڙي طرح هو انسان جو عظيم روپ محنت ڪش هاريءَ کي ڄاڻائي ٿو، ۽ کيس اتساهه ڏئي ٿو ته اٿي ظلم خلاف وڙهه ڇو ته مستقبل تنهنجو آهي طاقت اڳيان هر ڪوئي جهڪي ويندو آهي، سندس شعر ”هاري جو زمانو“ اهڙو اتساهه ڏيندڙ هاريءَ کي سندس عظمت ياد ڏياريندڙ شعر آهي:
ظالمن ٿي لٽيو گهر ٻار خزانو تنهنجو
اٿ هاري اجهو آيو، آ زمانو تنهنجو
هن شعر ۾ هو پورهيت ۽ هاريءَ کي ياد ڏياري ٿو ته نئين دنيا جو نقشو مٽجي چڪو آهي، هاڻي مزدور ۽ هاريءَ جي به دنيا ۾ حڪومت قائم ٿي چڪي آهي، سندس اشارو سوويت يونين جي انقلاب طرف آهي:
هاڻي مزدور ۽ هاريءَ جي حڪومت آهه
يعني برباد حڪومت جي علامت ٿي آهه
قائم انسان سان انسان جي سنگت ٿي آهه
پورهئي محنت لئي دنيا هتي جنت ٿي آهه
نئين دنيا آ مٽيو نقشو پراڻو تنهنجو
اٿ هاري اجهو آيو آ زمانو تنهنجو.
حيدر بخش جتوئيءَ جي شاعريءَ ترقي پسنديءَ جي صرف مارڪسواد پهلوئن تائين محدود ناهي بلڪه سندس ترقي پسنديءَ جو دائرو وسيع ٿي انسانيت پرستي ۽ صوفياڻي فڪر تائين ڦهلجي وڃي ٿو. جيئن (1) ”همه اوست“ (2) ”فاني زمانو“ ”شڪوه“، ”حڪايت“ وغيره شاعريءَ جا اهي نمونا آهن جن ۾ زمان مڪان، وحدت ڪثرت، خدا ۽ بندي بابت فڪر موجود آهي، جنهن ۾ هن دنيا جي ٺهڻ ۽ تعمير کي خدا جي ترقي پسندي قرار ڏئي ٿو:
توکي عاجز ڪيو اڪيلائي ڇڏيئيءَ نيٺ عدم
تو ڪڍيا تنهنجي شڪم مان لکهار ٻار پدم
ڪن فڪان کي زدل آڻي ۽ رسايو تو بدم.
هي جهان ٺاهي کنيئي نيٺ ترقيءَ تي قدم
تو جهان ٺاهيو ۽ تنهن ۾ تو ڪيو اهڙو ڪمال
جو انهيءَ جو نه ڪنهن کي هو ڪڏهن خواب و خيال.
نتيجو:
مجموعي طور حيدر بخش جتوئيءَ جي شاعريءَ ۾ روشن خيال ۽ ترقي پسند فڪر موجود آهي جنهن جو دائرو صرف مارڪس ۽ لينن جي نظرياتي پرچار تائين محدود نه آهي بلڪه هن جي شاعريءَ ۾ ديس واسين جا ڏک پيڙائون ۽ انهن لاءِ زندگي جا اميد وارا پهلو جاڳايل آهن سندس شاعري فطرت جي رمزن کان وٺي موجود معروضي حالتن جي عڪاسي ڪري ٿي.
عبدالڪريم گدائي (1978-1910)
“The mind of the artist and his sense of perception are directly determined by his social environment, the object that he sees exits only in relation to its surroundings.” (81)
ترجمو: فنڪار جو شعور ۽ مشاهداتي حس سڌو سنئون، سماجي ماحول جا پابند آهن، هو جيڪا شيءِ ڏسي ٿو اها سندس آسپاس جي ماحول سان واسطو رکڻ جي ڪري وجود رکي ٿي.
عبدالڪريم گدائيءَ جي شاعري پڙهڻ کان پوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته گدائي پنهنجي جوانيءَ کان وٺي پيريءَ تائين جيڪي ڪجهه ڏٺو اهو سياسي، رياستي جبر هجي، عالمي سامراجي ظلم هجي يا سماجي ناانصافي هجي، پر گدائي پل پل انهن کي محسوس ڪيو ۽ خود ڀوڳيو ۽ هڪ حساس شاعر هئڻ جي ناتي پنهنجي شاعريءَ ۾ قلمبند ڪيو. گدائيءَ جي شاعري هڪ تاريخ آهي جيڪا اميرن بادشاهن جي جنگين ۽ انهن جي ڪارنامن جي نه پر انهن انسانن جي آهي جيڪي ائٽم بم ڦاٽڻ سان موت جو شڪار ٿين ٿا، جيڪي آزاديءَ جو خواب کڻي جنگ جوٽين ٿا، پر انهن سان ويساهه گهاتي ڪئي وڃي ٿي، جيڪي وڏيرن جي غلامي ۾ ڦاٿل آهن، جيڪي هن سموري طبقاتي نظام جي جبر جو شڪار آهن. گدائي صرف جوش ڏياريندڙ يا کوکلا نعرا ڏيندڙ شاعر نه هو، بلڪه هو هڪ عملي انسان هو جيڪو پنهنجي ساڻيهه، ديس واسين سان هر پل ظلم خلاف جدوجهد ۾ شامل رهندو هو. گدائي بنيادي طرح انسانيت پرست شاعر آهي، ٻي جنگ عظيم ۾ بي گناهه انسانن جو قتل ٿيندو ڏسي ٿو ته جنگ خلاف شاعريءَ ذريعي اظهار ڪري ٿو ۽ جڏهن جنگ بند ٿئي ٿي ته مبارڪ ڏئي ٿو. سندس شعر ”جنگ جو خاتمو“ انهي جو اظهار آهي:
بکن ۾ پاهه ٿيندڙ بي زبانن کي مبارڪ آ
ٿيو جو خاتمو دنيا جي اڄ درد نهاني جو.
۽ کيس جنگ جي دوران روس سان به همدردي آهي جو جنگ جي خاتمي تي ۽ اتحادين جي فتح تي هيئن چوي ٿو:
هميشه روسين جي ضرب ياد رهندي هٽلر کي
ٿڙڪندو قبر ۾ ڀي لاش بم گولن جي باني جو
سندس شاعريءَ ۾ طبقاتي شعور ۽ موجوده نظام جا اولڙا ان وقت به موجود آهن، جيئن 1946ع ۾ اليڪشن جي دوران هي شعر لکي ٿو.
وري آئي اليڪشن ۽ وري زردار نڪري پيا
ڇڏي طره ڪلهن تي قوم جا پڳدار نڪري پيا.
سدائين جن ڪيو هارين ۽ مزدورن کي برباد
اهي ٿي قوم جا خادم ۽ خدمتگار نڪري پيا!
گدائي اها ڳالهه جتائي ٿو ته ملڪ جو اصل معمار ۽ ديس جو سينگار محنت آهي جيڪو بکئي پيٽ رهي هر دم تعميراتي ڪم ڪري ٿو، ڪارخانا هلائي ٿو، زمينون کيڙي ٿو:
سڄي عمر جيڪو ٻين جي لاءِ ڪمائي
ٻين لاءِ محلات ماڙيون بنائي
ڪلون ڪارخانا ٻين لئي هلائي
پيو جو زماني کي روزي رسائي
اهو ملڪ پنهنجي جو معمار آهي
اهو ديس پنهنجي جو سينگار آهي.
۽ بار بار هو هارين کي سجاڳ ڪندي چوي ٿو:
تون زمين چيري منجهائنس لعل ۽ گوهر اپائين ٿو پر تنهنجا ٻچا بکون ڪاٽين ٿا، سردي ۽ گرمي ڏکيا رهن ٿا. تنهنجي ئي ووٽ تي وڏيرو وزارت تي پهچي ٿو ۽ تنهنجو ئي نمڪ کائي تو کي ڏنگي ٿو. مطلب ته هو پنهنجي شاعريءَ ۾ وڏيرڪي نظام جي سڄي تصوير پيش ڪندي مظلوم کي پنهنجي اهميت ۽ سندس مان ياد ڏياري ٿو. مطلب ته هو عالمي طور بدليل حالتن ۽ سوويت يونين جي انقلاب کان پوءِ سڄي دنيا ۾ آيل تبديلين کان باخبر آهي ۽ متاثر آهي. خاص طور سان ترقي پسند ادب جو روح ان وقت اهو آهي ته پورهيتن، مزدورن، غريبن، ڏتڙيلن، لاچار، بيوس انسانن کي اهو احساس ڏيارجي ته هو به انسان آهن ۽ سندن محنت ۽ دم سان هيءَ دنيا تعمير ٿي آهي، تنهن ڪري اٿو ظالمن کان پنهنجو حق کسي وٺو ۽ گدائي وک وک تي پنهنجي شاعري ۾ اهو پيغام ڏئي ٿو.
آزاديءَ جي تحريڪ وقت هتان جي اديبن به اڳتي وڌي انهيءَ ۾ حصو ورتو ۽ سندن خيال هو ته انگريزن جي غلاميءَ مان آزاد ٿيڻ سان عام ماڻهو سک جو ساهه کڻندو. گدائي به انهن خوابن کي کڻي وطن جي اڏاوت ۽ پورهيت جي حالت سنوارڻ جي ڳالهه ڪندي، اهڙين حالتن تي پهچي ٿو جتي ”آزادي جي انگور“ نالي نظم لکڻ لاءِ مجبور ٿئي ٿو، ڇو ته هو پنهنجي پورهيتن، هارين ناري ۽ ديس جي ماروئڙن سان وابسته آهي پر انهن جي حالت جڏهن نٿي بدلجي ته چوي ٿو:
آزاديءَ انگور ڪڍيا ڪهڙا ڏيهه ۾؟
ساعت هڪ نه سنبران، ماروئڙا مسرور
ڏينهان ڏسن ڏوجهرا، راتين جو رنجور
آيل اباڻن سندا پل پل مون کي پور
سنگهارن جا سور سرتيون سليان ڪنهن سان؟
سندس شاعريءَ ۾ هو رنگ ۽ نسل، مذهبي مت ڀيد کي نندي ٿو. هو انهن جي هئڻ جو بنيادي سبب معاشري کي قرار ڏئي ٿو ته اهي سڀ پيٽ بکئي جا سانگ آهن جو ڪو ملان پنهنجي ڳالهه ڪري ٿو، پنڊت پنهنجي ڳالهه ڪري ٿو. هو چوي ٿو ته اهي سڀ نفرت جا سبب انسان ۾ ويڇا پيدا ڪن ٿا:
رنگ نسل جا ڍونگ اجايا،
پيٽ بکئي سڀ سانگ بڻايا.
ڇا گوري ۾ ڇا ڪاري ۾،
ساڳيو آهه ستار
بڻايو سک جو ڪو سنسار
مذهب پنهنجو پيار گدائي
هندو مسلم سک عيسائي،
جوڙ سڀئي هڪ مالڪ جي.
سڀ ۾ ساڳيو يار،
بڻايو سک جو ڪو سنسار.
هن شعر ۾ گدائي جي فڪر جي روشن خيالي، ترقي پسنديءَ سان گڏ سنڌ ڌرتيءَ جي صوفياڻي فڪر جي جهلڪ پڻ موجود آهي. ساڳيءَ طرح گدائي ”هوليءَ جو تهوار“ نظم لکي پنهنجي سڪيولر ذهن جو ثبوت ڏئي ٿو ۽ ”ڀڃي آرس وري اڄ ديس جو جمهور جاڳيو آ“ نظم سندس جمهوريت پسنديءَ واري سوچ کي ظاهر ڪري ٿو.
نتيجو
مجموعي طور عبدالڪريم گدائي ترقي پسند ۽ روشن خيال شاعر آهي، سندس هر شعر ۾ عوام جي ڏک، درد، پيڙا کي بيان ڪندي هو دشمن جي نشاندهي ڪري ٿو ۽ مسلسل ماڻهن کي پنهنجي تقدير بدلائڻ لاءِ اتساهي ٿو.
سندس پهرئين ڪتاب ”ساڻيهه جا سور“ ۾ اها شاعري آهي جنهن ۾ طبقاتي ڪشمڪش جي منظر ڪشي ڪندي هارين نارين کي سجاڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽انهن معروضي حالتن جي عڪاسي ڪري ٿو جن ۾ عالمي تبديلين جي پس منظر ۾ فڪري طور اديب ترقي پسند ڪردار ادا ڪيو.
سندس ٻيو ڪتاب ”پکڙا ۽ پنهوار“ 1975ع ۾ ڇپيو. سال 1958ع کان وٺي جيڪا وٺ پڪڙ ٿي، سنڌ جي ماروئڙن سٻاجهڙن سانگيئڙن جي حقن تي جيڪي ڌاڙا هنيا ويا، جيڪي ناانصافيون ۽ ڏاڍ ٿيا، انهن خلاف سنڌ ۾ جيڪا جدوجهد ٿي، انهي جدوجهد جا ٽي رخ آهن. هڪ قوم پرست فڪر، ٻيو اها جدوجهد جيڪا مزاحمتي هئي، رياستي جبر خلاف ۽ ٽيون پاسو انهي جدوجهد جو هو جيڪا وڏيرن، اميرن، نوابن يا سرمائيدارن جي خلاف هئي، جنهن ۾ غريب هارين، پورهيتن، سٻاجهڙن، سانگيئڙن ۽ شاگردن حصو ورتو. هن دؤر ۾ ترقي پسند ادب جو پهلو وڌيڪ اڀريو ۽ گدائيءَ انهيءَ دؤر جو پنهنجي شاعريءَ ۾ نمايان ذڪر سندس ڪتاب ”پکڙا ۽ پنهوار“ ۾ ڪيو.
شيخ اياز
(1923-1997ع)
شيخ اياز فڪري طور گهڻ رخو شاعر آهي. هو هر دؤر جي تقاضائن مطابق معروضي حالتن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي داخلي جذبن جي اڇل ۾ فڪري طور عملي تجربن جو مسلسل جهاد ڪري ٿو. هتي اسان شيخ اياز جي انهيءَ شاعريءَ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪنداسين جيڪا فڪري طور ترقي پسندي ۽ روشن خياليءَ جي دائري ۾ اچي ٿي. شيخ اياز جي ترقي پسند شاعري جو هڪ وڏو دؤر هو. هي اهو دور هو جنهن لاءِ پليجي صاحب چيو هو ته ”هڪ عجيب ۽ غريب دور هو، سڀ ماڻهو بيچين هئا، تاريخ بيچين هئي. تبديليءَ جي لاءِ! تاريخ جو فرمان هو ته ان تبديليءَ سان هم قدم ٿي هلندڙ فڪر هجي، شاعري هجي، فن هجي، ادب هجي.“ (82)
هي اهو دؤر هو جنهن لاءِ غلام محمد گرامي چيو هو ته ”جديد سنڌي ادب انشاءَ الله هڪ نئين محشر ۽ نشاط ثانيه لاءِ صور اسرافيل جو ڪم ڏيندو. تاريخ ان کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي“. (83)
شيخ اياز پنهنجي ذات ۾ هڪ اڪيڊمي هو. هن سموري دنيا جا فلسفا فڪر ۽ ادب پڙهيا هئا. هن عالمي طور ايندڙ تبديلين ۽ انسان جي بدلجندڙ روين ۽ حالتن کي ڏٺو، سنڌ ۾ اڃان ترقي پسند تحريڪ پنهنجي جوڀن کي ڪا نه پهتي هئي ان وقت شيخ اياز ڪوڙ ۽ سچ جي جهيڙي کي محسوس ڪيو ۽ ٿڌي ڌيمي لهجي ۾ فڪري گهرائيءَ ۾ چوي ٿو:
جهوني ڪوڙ سان منهنجو جهيڙو هلندو آخر تائين
نئون نئون سچ تون ڳوليندين، جيئين شال سدائين.(84)
شيخ اياز انهي ڳالهه کي محسوس ڪيو هو ته هي سچ ۽ ڪوڙ جي جنگ صدين جي آهي، نسلن کان وٺي هلندي رهي آهي. جا صرف سندس دؤر ۾ ممڪن آهي ته پوري نه ٿئي.
ممڪن آهه ته ڌرتيءَ جو ڏک پورو ڪو نه ٿئي
ممڪن آهه ته تنهنجو بابا وڙهندي جان ڏئي! (85)
پر سندس روشن خيال فڪر جي ڌارا تڏهن ڦٽي ٿي جڏهن هو چوي ٿو ته:
نيٺ ته ڊهندو ڪوڙ، سدائين جنهن کي ناهه ثبات!
نيٺ ته ڦٽندو سچ جو سورج، نيٺ ته کٽندي رات!(86)
هي پنجاهه وارو ڏهاڪو آهي، جڏهن شيخ اياز ترقي پسنديءَ جي مشعل ٻاري ايندڙ نسل لاءِ سهائو ڪيو ۽ راهه ڏيکاري. ان وقت سنڌ جي حالتن ۾ سماجي تبديلين جي ضرورت هئي، جاگيرداري قدر ۽ روايتون سگهاريون هيون، انهن ۾ ڏار وجهڻ جي ضرورت هئي. شيخ اياز انهي وقت وڏي واڪي چوي ٿو:
اسان لاءِ سيد ته ڪا شيءِ نه آ
اسان لاءِ شاعري وڏي بات آ
هي شعر انهيءَ ڳالهه کي واضح ڪري ٿو ته شاهه لطيف جي حيثيت سندس ذات سبب نه پر سندس فڪر ۽ شعر جي ڪري آهي، ذات پات، مرشد مريد، عربي عجمي جي فرق خلاف هيءَ بغاوت سنڌ ۾ روشن خياليءَ جو اهڃاڻ آهي.
شيخ اياز جي ذهن جي ارتقا فڪري طور اڃا به اڳتي وڃي ٿي ۽ هو ذات پات، پيري مريدي کان ٻاهر نڪري انسانيت جو اعلان ڪري ٿو جنهن ۾ انسان سڀني ڳالهين کان مٿانهون آهي. ڪو به مذهب، ڪو به ديس، ڪا به قوم مٿانهين ناهي، انسان ئي اول آهي.
اڄ ته چئي ڏي، اڄ ته چئي ڏي، اڄ ته علي الاعلان
منهنجو ڪوئي ديس نه آهي، منهنجو ديس جهان،
جنهن جو ڪوئي نانءُ نه آهي، مان آهيان انسان
منهنجو هي انجيل، نه منهنجي گيتا يا قرآن
ڌرتي منهنجي ماءُ، انهيءَ تي آ منهنجو ايمان!
پگهري ويا زنجير هي صدين جا، رهه نه اڃان نادان،
اڄ ته ڀڃي ڇڏ، اڄ ته ڀڃي ڇڏ، زور ڏيئي زندان،
اڄ ته چئي ڏي، اڄ ته چئي ڏي، اڄ ته علي الاعلان!(87)
هن شعر ۾ شيخ اياز ڌرتيءَ کي اهميت ڏئي ٿو. انسان کي اهميت ڏئي ٿو. ترقي پسندي، روشن خياليءَ ۾ انسان ۽ ڌرتي جو رشتو بنيادي رهيو آهي. بلڪه اهو ئي فڪر سنڌ جي سر زمين جو به آهي، جنهن ۾ ڌرتي ماتا جي حيثيت تمام وڏي آهي.
ٿورو غور ڪنداسين ته سنڌ ۾ بلڪه ننڍي کنڊ ۾، شروعاتي ترقي پسنديءَ جو دؤر مختلف هو. انهيءَ ادب ۾ ترقي پسنديءَ وسيع ۽ انسانيت پرستيءَ جي بنياد تي هئي. اهو ادب انسان جي معروضي ۽ موضوعي سڀني مسئلن کي کڻي ٿو، پر آهستي آهستي جيئن ترقي پسندي سياسي طور آئيڊيالوجي بنجي متحرڪ بڻي ته بقول ممتاز شيرين جي ته ”هڪ مخصوص سياسي آئيڊيالوجي ترقي پسند ادب تي مسلط ٿي ويئي. آخر تحريڪ جو دائرو تنگ ٿي ويو تان جو اها تحريڪ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو هڪ ضميمو بنجي رهجي ويئي.“ (88)
اهڙي طرح سياسي نعري بازي ادب جو حصو بنجي ويئي ۽ اهڙن اديبن کي ساراهيو ويو ۽ انهن جي حوصله افزائي ڪئي ويئي جن ادب ۾ مخصوس سياسي ڳالهه ڪئي ٿي. مان سمجهان ٿو ته اهو رجحان پنهنجي جاءِ تي هو پر ساڳئي وقت حالتون به اهڙيون هيون جن ۾ اديب مجبور هو ته محبوب جي زلفن، گل ۽ بلبل جي ڳالهه ڪرڻ جي بجاءِ عوام جي ڏک جي ڳالهه ڪري ۽ ظالم خلاف وڙهڻ جي ڳالهه ڪري جڏهن هر طرف تبديليءَ جو نعرو هجي، بغاوت ۽ انقلاب جون ڳالهيون هجن، جڏهن اردو شاعر فيض احمد فيض چوي ٿو.
بول کہ لب آزاد ہیں تیرے٬ بول زبان اب تک قیدی ہے
بول کہ تھوڑا وقت ہے٬ بول کہ سچ زندہ ہے اب تک۔
ته ان وقت شيخ اياز اڃا به وڌي ڪري چوي ٿو.
انقلاب! انقلاب!
ڳاءِ انقلاب، ڳاءِ!
ڌوڏ هن سماج کي
لوڏ سامراج کي
ٺاهه سو نئون نظام
جو چڱو چئي عوام
هي نظام آخر – انقلاب!
انقلاب! انقلاب‘
ڳاءِ انقلاب ڳاءِ! (89)
ان وقت شيخ اياز کي ڪميونسٽ سمجهيو ويو، سندس شاعريءَ ۾ حڪومت پنهنجي خلاف زبردست بغاوت محسوس ڪئي ۽ سندس ڪتابن تي بندش وڌي ويئي، ۽ وقت جي انقلابين، ڪميونسٽن، شيخ اياز کي پنهنجو فڪري شاعر سمجهيو، ساڳئي وقت شيخ اياز خلاف رجعت پسندن باهه ٻاري ڏني، کيس ڪافر، ملحد، ڪميونسٽ ۽ ملڪ دشمن جا لقب ڏنا. پر ان وقت جي ترقي پسند اديبن، سياستدانن، ڪميونسٽن شيخ اياز جي حمايت ڪئي. جيئن محترم رسول بخش پليجي ”انڌا اونڌا ويڄ“ ڪتاب لکي رجعت پسندن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو. يا غلام محمد گرامي ”مشرقي شاعري جا فني قدر ۽ رجحانات“ مقالو لکي تنگ نظر رجعت پسندن کي جواب ڏنو ۽ شيخ اياز خود پنهنجي موقف کي واضح ڪندي چيو ته:
”مان ڪميونسٽ ناهيان، جيتوڻيڪ اڃا تائين مون کي اشتراڪيت جو تسلي بخش نعم البدل ڪنهن به فلسفي ۾ نه مليو آهي، مون کي هر ظلم و تشدد کان نفرت آهي. منهنجي نظر ۾ جيڪو به زندگيءَ جو فلسفو يا نظم، انسان ۽ خصوصاً اديب ۽ فنڪار کان فڪر ۽ عمل جي آزادي کسي اهو نفرت خيز آهي. مون ڪنهن به انسان جي حرف کي حرف آخر تسليم نه ڪيو آهي ۽ پوءِ اهو ڪارل مارڪس جو هجي يا ٻئي ڪنهن پيغمبر جو، هر انسان جو بنيادي حق آهي ته هو پنهنجي لاءِ، بي انتها آزاديءَ سان پنهنجو فلسفه حيات ڳولهي.“ (90)
شيخ اياز ڪميونسٽ نڪته نظر واري ادب ۽ ترقي پسند ادب کي ٻه الڳ الڳ شيون قرار ڏئي ٿو. هو ترقي پسنديءَ کي محدود نٿو ڪري، بلڪه هو ترقي پسندي کي انسانيت جي فڪر سان سلهاڙي ٿو ۽ انسان جو ڏک ڪهڙي به روپ ۾ هجي هو برداشت نٿو ڪري. چوي ٿو:
روز وڪاڻي، هاءِ نماڻي، وينگس وچ بازار
اَلو ميان وينگس وچ بازار(91)
هو سچ جو متلاشي آهي ۽ سچ چوڻ لاءِ سچ جي ڳولا لاءِ هو ڪميونسٽ هئڻ نه هئڻ جي فڪر کي بحث ۾ نٿو کڻي.
ڪوئي آهي، ڪوئي آهي! جيڪو سچ چوي؟
ڏينهن ڏٺي جو هن ڏائڻ تان جيڪو گهونگهٽ لاهي
ڪوئي آهي!
سانگ سياست جا سمجهي، جو ٺاهه ٺڳي جا ڊاهي
ڪوئي آهي!
اونداهيءَ سان جيڪو الجهي، چانڊوڪيءَ کي چاهي
ڪوئي آهي!(92)
شيخ اياز جو چوڻ هو ته ”سنڌي اديب انسانيت، مساوات، بين الاقواميت، ماديت، غرض ته هر غير مانوس فلسفه حيات کي اشتراڪيت ٿا سمجهن، دراصل اها ته اشراڪيت جي خوشنصيبي آهي جو هتي زندگيءَ جو هر بهترين نظريو اشتراڪيت سان منسوب ڪيو وڃي ٿو“. (93)
بنيادي طرح ڏٺو وڃي ته وقت جي حالتن عالمي تبديليءَ ۽ ملڪ ۾ قومي، مزاحمتي تحريڪ شيخ اياز تي تمام گهڻو اثر ڇڏيو هو جنهن ڪري هو اهڙي شاعري ڪري ٿو، جنهن ۾ ظلم خلاف آواز اٿاريل آهي. وڏيرن کي للڪاريو ويو آهي، انقلاب آڻڻ جي، سامراج کي نيست و نابود ڪرڻ جي ڳاله آهي يا وري ٻوليءَ ۽ ثقافت خلاف سازش ڪرڻ وارن کي نندي ٿو. نتيجو اهو نڪتو جو وقت جي حڪمرانن کيس خاموش ڪرڻ لاءِ جيل موڪليو ۽ سندس ڪتاب ضبط ڪيا. ايوبي آمريت جي دؤر ۾ جڏهن اياز کي پهريون ڀيرو جيل موڪليو ويو ته سندس مزاحمت اڃا به وڌي ويئي ۽ مشهور نظم ”اعلان هزارين مان نه رڳو“ لکيائين.
تون چئه نه ڪڇان، تون چئه نه لڇان،
پر تو کان هڪڙي ڳالهه پڇان؟
تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين،
اعلان هزارين مان نه رڳو.(94)
آمريت، وڏيرا شاهي، ديس جي غدارن خلاف سندس مزاحمت صرف ايستائين نٿي رهي پر هو ان وقت جي مزاحمتي قافلي جو فڪري طور سرواڻ بنجي وڃي ٿو ۽ باقاعده ديس سان محبت، ان خاطر سر ڏيڻ، پورهيت، اهڙي غريب مظلوم ماڻهن جي پيڙا جي ڳالهه ڪري ٿو. عالمي طور ترقي پسند ڪميونسٽ تحريڪ جي سرواڻن ۽ انهن جي جدوجهد کي به ساراهي ٿو:
سنڌ ديس جي ڌرتي تو تي پنهنجو سيس نمايان.......
مٽي ماٿي لايان
ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين تو کي چشمن چايان....
گيت به مون وٽ تنهنجا ماتا! بيت به تنهنجا ڀايان.......
مٽي ماٿي لايان (95)
يا وري
سهندو ڪير ميار او يار
سنڌڙيءَ کي سر ڪير نه ڏيندو (96)
يا
سنڌو ديس مهان، سنڌو ديس مهان. (97)
ڪيوبا جي انقلابي هيرو چي گئويرا تي شعر لکي ٿو:
جنهن آزاد گذاريو آهي
تنهن لاءِ موت ته ڪا شيءِ ناهي
وک وک تي پنجوڙ ڏسي ڇا
شينهن ڪڏهن گجگوڙ ڇڏي آ؟(98)
۽ ويٽ ڪانگ جي سائگان تي حملي وقت سامراجين جي خلاف آواز اٿاري ٿو:
ڪُوڪرا ڪن پيا
سامراجي ڪتا
شير جمهور جا گرجندا ٿا وڌن.
اي وطن! هي خبر
سج جهڙي، مگر
هت ته ڪارا ڪڪر ڀرجندا ٿا وڃن: (99)
۽ اهڙي طرح هوچي منهه جو هڪ نظم ياد ڪري پنهنجو هڪ طويل نظم لکي ٿو:
ڪنهن به آزادي
ناهه روئي ورتي. (100)
اياز جڏهن چوي ٿو:
سڄو ڏيهه ڏاٽا ڪري اُڀا
لکين عيد جا چنڊ اڀري پون! (101)
ان وقت اياز مڪمل انقلابي بنجي سامهون اچي ٿو، جيڪو طبقاتي نظام جي خلاف باقاعدي هاريءَ ۽ پورهيت جي جدوجهد تي يقين رکي ٿو ۽ وڏيري جي فطري ۽ سماجي ڪردار کي وائکو ڪري چوي ٿو:
هونءَ وڏيرو هل ڙي
ڏاڍي جو ڏهڪار ته هن جي
جهرڪيءَ جهڙي دل ڙي
..............
پنهنجي ريٽي راند ڙي!
لال جهنڊي جي اڳيان ڏاڍو مڇري ٿو هو ڏاند ڙي
پنهنجي ريٽي راند ڙي!
ڇو ته وڏيرو ڏاند ڙي! (102)
۽ شيخ اياز مڪمل هڪ باغي ڪردار بنجي وڃي ٿو. ڇو ته خود سندس چوڻ آهي ته:
سچ آ، ڪنهن به بغاوت کان
باغي گيت برو آهي.
اونداهي جي راکي جي
ڇاتيءَ منجهه ڇرو آهي.(103)
شيخ اياز اهڙا گيت لکيا جنهن سان نه صرف سندس ڳاڻيٽو باغي شاعرن ۾ ٿيڻ لڳو بلڪه ڪميونسٽ انقلاب آڻڻ وارن سرواڻ شاعرن ۾ سمجهيو ويو. پر شيخ اياز وري به شروع واري دؤر ۾ ئي چئي ڇڏيو هو ته:
”مان سياسي جانور ناهيان پر پوءِ به تاريخ مون کي سياست ڏانهن ڌڪي ان سان سلهاڙي ڇڏيو آهي.“ (104)
شيخ اياز اهو چئي ثابت ڪرڻ ٿو چاهي ته هن شعوري طور ڪميونسٽ فڪر کان متاثر ٿي نه سياست ڪئي آهي نه شاعري پر سچ چوڻ وارن کي انسانيت جي ڳالهه ڪرڻ وارن کي هميشه سياست ڏانهن ڌڪيو ويو آهي، ائين جيئن سرمد سياسي ماڻهو نه هو، پر پوءِ به سندس هڪ سياسي ڪردار جڙي ٿو. بلڪل ائين شيخ اياز جو به هڪ سياسي ڪردار جڙي ٿو ڇو ته شيخ اياز شاعريءَ کي سماج ڏانهن ذميدار قرار ڏئي ٿو. چوي ٿو.
”شاعريءَ جي ذميواري نهايت وسيع آهي، هن جي ذميواري انسان ذات سان آهي نه ڪنهن خاص سماج سان“. (105)
ساڳئي وقت شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ”ڪپر ٿو ڪن ڪري“ ۾ چوي ٿو:
”ادب فقط هڪ زلزلي ماپ جي اوزار وانگر نه آهي جو فقط قومي زندگيءَ جا سارا ڌوڏا ڏيکاري ٿو، پر هڪ قطب نما وانگر به آهي جا منزل جو طرف ڏيکاريندي آهي“.... (106)
۽ ان وقت عالمي طور ترقي پسند تحريڪ جيڪو منزل جو رخ ڏسي رهي هئي، ان مطابق سڄي دنيا ٻن ڪئمپن ۾ ورهايل هئي. ٻن معاشي نظامن جا تضاد هئا ۽ عالمي طور هر اديب فنڪار ۽ سياستدان کي پنهنجي فڪر ۾ ڪنهن هڪ پاسي ٿيڻو هو. شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ ان وقت ويٽنام جي آزادي جي ڳالهه ڪري ٿو. (حوالي طور ڏسو نظم ”ويٽ نام آزاديءَ جي راهه تي“) (107)
ميڪسم گورڪي جو ذڪر ڪري ٿو:
مزدورن مل ٻاهران، ڪئي جو هڙتال
لٺيون وٺيون مينهن جان، ڪريا ڌرتيءَ لال.
ڪيا ڪجهه سوال، مون کي گهوري گورڪيءَ.(108)
۽ هن جنگ جي سخت مخالفت ڪئي، هندستان ۽ پاڪستان جي جنگ خلاف شعر ٿو لکي، (حوالي طور ڏسو ص 37 وڄون وسڻ آيون) هيروشِما جي تباهيءَ جي ڳالهه ٿو ڪري، (حوالي طور ڏسو 187 وڄون وسڻ آيون.) ڏکي انسان جي ڳالهه ٿو ڪري، مظلوم هاري ۽ پورهيت جي ڳالهه ٿو ڪري فاشسٽن جي مخالفت ڪري ٿو ۽ هن قسم جو شعر چوي ٿو:
اڄ به وري هو فاشي ڪتا
مون کي قابو ڪن ٿا
ڳرو ڳٽ وجهي ڳاٽي ۾
هو ڪنهن اونهي سناٽي ۾
منهنجا گيت وجهن ٿا.
اوچي وڻ جئن مان اڀران ٿو
اڀري تن تي هيٺ ڏسان ٿو
هو ڪي ٽوهه لڳن ٿا
مون وٽ جيڪو امرت رس آ
تنهن تي وهه جو ڪهڙو وس آ!
گوندر گئونچ ڦٽن ٿا
پوءِ به هر هر فاشي ڪتا
مون کي قابو ڪن ٿا.(109)
ان وقت خود به خود هو فڪري طور کاٻي ڌر ۽ ترقي پسند تحريڪ سان جڙي وڃي ٿو.
شيخ اياز هڪ دؤر جو شاعر ناهي ۽ نه وري فڪري طور هڪ تحريڪ جو نمائنده شاعر آهي. بلڪه هو سچ جو، سونهن جو، انسانيت جو شاعر آهي. 1947 کان 1980 ع تائين جيڪي تحريڪون هيون، مثال مزاحمتي تحريڪ، قوم پرستي، ترقي پسندي ۽ وجوديت، انهن سڀني ۾ شيخ اياز اسان کي نمائنده شاعر جي حيثيت سان ملي ٿو. جتي جتي سچ ۽ ڪوڙ جي ويڙهه ٿئي ٿي اتي شيخ اياز سچ جو پاسو کڻي ٿو ۽ چوي ٿو:
سچ وڏو ڏوهاري آ
روز اول کان پڪڙيو ويو آ
زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آ
ڳولي ڳولي ماريو ويو آ
ڪڏهن زهر پياريو ويو آ
ڪڏهن ڦاهيءَ چاڙهيو ويو آ
تيل ڪڙهائيءَ ڪاڙهيو ويو آ
گهاڻيءَ ۾ پيڙايو ويو آ
چوٽيءَ تان اڇلايو ويو آ
ها، پر پوءِ به انهيءَ جي ساڳي
رهندي آئي ريت اڀاڳي!
جنهن جي من ۾ کاٽ هڻي ٿو
تنهن جو سارو چين کڻي ٿو
اڄ تو وٽ مهمان ٿيو آ
تو هي به ڪڏهن سوچيو آ
ڪنهن سان تنهنجي ياري آهي (110)
نتيجو
مجموعي طور هن دؤر ۾ شيخ اياز کي جيڪا سڃاڻپ ملي ۽ سندس حيثيت ٺهي اها ترقي پسند شاعريءَ جي بنياد تي ٺهي تنهن ڪري سنڌي ادب ۾ روشن خيالي ۽ ترقي پسند فڪر جو ذڪر شيخ اياز کان سواءِ اڌورو آهي.
سرويچ سجاولي (1937ع)
سنڌي زبان جو عوامي، انقلابي ۽ پيڙهيل غريب طبقي جي نمائندگي ڪندڙ شاعر سرويچ سجاولي آهي. سنڌ سر زمين جي هن دؤر جو هي پهريون شاعر آهي جنهن نه ته اٺ ڪتابن جا پڙهيا، نه دنيا جي تحريڪن جو مطالعو ڪيو ۽ نه وري ادبي طور ڪا سکيا وٺي تخليقڪار بڻيو، بلڪه هي مشاهداتي، فطرتي ۽ خود پيڙا ڀوڳيندڙ شاعر آهي. هن جيڪي به شعر چيا انهن جو فڪر نه ٻڌل نه پڙهيل اٿس، بلڪه هر شعر سندس وجود جي وارتا جو اظهار آهي. هن جيڪي ڪجهه ڏٺو جيڪي محسوس ڪيو انهيءَ کي بيان ڪيو. سرويچ سجاوليءَ لاءِ ڏک، پيڙا، بک، بي وسي، ظلم ۽ ڏاڍ ڪي اوپريون شيون ناهن، ۽ نه وري انهن ڪيفيتن لاءِ هن وٽ ڪو رومانوي تصور آهي، نه ئي انهن ڪيفيتن کي هو نعري بازيءَ لاءِ استعمال ڪري ٿو، بلڪه سرويچ خود اهڙي طبقي ۾ پلجي وڏو ٿيو آهي، جنهن صدين کان ظلم سٺو آهي، سالن جا سال ڏاڍ، بک، لاچاريءَ ۾ گذاريا آهن.
سرويچ سجاولي اهڙي دؤر جي پيداوار آهي جنهن دور ۾ سنڌ سان ويساهه گهاتي ڪري سنڌي ماڻهن جي وجود جي ثقافتي ۽ تاريخي حيثيت کان انڪار ڪيو ويو هو ۽ سنڌ جو مٿيون طبقو دشمن قوتن سان ٻانهن ٻيلي هو. اهڙي دؤر ۾ عوام لاءِ صرف ٻه رستا هئا هڪ ته بغاوت ڪن ٻيو خاموشيءَ سان ظلم سهن ۽ پنهنجي وجود کي مٽجندو ڏسن، سنڌ جي شاعرن، اديبن، پورهيتن، هارين، شاگردن بغاوت وارو رستو ورتو ۽ گهٽيءَ گهٽيءَ اهو اعلان ڪيو ته روايتن جا پيل ڳٽ ڪنڌ مان لاهي ڦٽا ڪريو، پنهنجي وجود جي بقا جي جنگ جوٽڻ لاءِ تيار ٿي وڃو. سرويچ سجاولي به انهن شاعرن مان هڪ هو جن ان وقت جي سياسي تحريڪ کي فڪري طور اجاگر ڪرڻ لاءِ طبقاتي شعور ڏيڻ لاءِ وڏيرن، ڪامورن، حڪمرانن جي ڪردار کي وائکو ڪيو ۽ اعلان ڪندي چيو ته:
هت چور وڏيرا ڪامورا بس ٽيئي جهڙا ڀاءُ سڳا
ٿا مسڪينن کي ماريو ڦريو پائن عمدا ويس وڳا
ظالمن جي طبقاتي دؤر کي ظاهر ڪندي مزدور هاري کي جاڳائي ٿو ۽ چوي ٿو ته:
اڄ ننڊن مان بيزار ٿيو، اي مِلن جا مزدور اٿو
اي هاريو! پنهنجا حق وٺڻ لئي ڀيڙا ٿي ڀرپور اٿو.
سرويچ پاڻ غريب طبقي مان آهي، پنهنجي معاشي ۽ سماجي حالتن کي اجتماعي حالتن سان جوڙي ٿو. هو سڄي سماج جي ڏتڙيل ۽ غريب طبقي سان پنهنجي ڏک کي جوڙي ٿو ۽ انهن سان وابستگي ڏيکاري چوي ٿو:
دنيا ۾ ڪنهن کي ڏکيو ڏسڻ سهي نه سگهان ٿو!!
ڏاڍن جو غريبن کي ڏنڀڻ سهي نه سگهان ٿو!!
بي خوف زمانو هي خطرناڪ ويو ٿي
هڪ رات منجهه يار، رهڻ سهي نه سگهان ٿو
ڪپڙي جي ٽڪر ڪاڻ، يا مانيءَ جي ڳڀي لئي،
معصوم نياڻين جو، روئڻ سهي نه سگهان ٿو!
هي ٻار اگهاڙا ۽ اگها پيٽ بکيا ڙي
رستن تي انهن جو ته رلڻ سهي نه سگهان ٿو.
شاعر جي دل ۾ غريبن لاءِ جيڪا تڙپ ۽ بيچيني آهي، انهي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته شاعر معروض کي پنهنجي وجود ۾ سمائي ڇڏيو آهي ۽ هر غريب و بکئي جي آه وزاري بنجي ويو آهي. سندس تڙپ ۽ واويلا اجايا يا وقتي ناهن ۽ نه وري سندس گهوڙا گهوڙا ڪا همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ يا توجهه حاصل ڪرڻ لاءِ آهي، بلڪه هو عوام جي مسڪينن تي ٿيندڙ ناحق، ظلم، سور، سختيون ٻڌائيندي انهيءَ عوام کي سجاڳ به ڪري ٿو ۽ کيس ڪا راهه به ڏسي ٿو. جنهن ۾ سندس نجات آهي. مثال چوي ٿو:
پراڻا رسم رواج ٽوڙي، نئون ڪريون ڪو نظام پيدا
سڀئي يڪسان هجن جنهن ۾ ڪريون ڪو مهذب مقام پيدا
هجي جو هيڻن سندو ڙي حامي، اُهو ڪريون اڄ امام پيدا
سگهوئي ”سوشلزم“کي آڻي، ڪريون ڪي موجون مدام پيدا
نوان ڪي نغما وطن ۾ ڇيڙي، رڳن کي چنگ و رباب ڪريون!
اٿو ڙي! ساٿي مٿير مانجهي گهٽيءَ گهٽيءَ کي گلاب ڪريون!
هن شعر ۾ سرويچ سجاولي باقاعده اهڙي نظام جي ڳالهه ڪري ٿو جنهن ۾ سڀئي يڪسان هجن، برابري هجي، استحصال نه هجي. اهڙي معاشي نظام کي سوشلزم سڏي ٿو جنهن جو مطلب ته سرويچ گهڻو نه پڙهڻ جي باوجود به عالمي طور دنيا ۾ ايندڙ سياسي، فڪري تبديلين کان واقف آهي ۽ ملڪ ۾ هلندڙ ترقي پسند تحريڪ جو مٿس گهرو اثر آهي. عالمي طور ترقي پسند تحريڪ ۾ سڄي دنيا جي پورهيتن، هارين مظلومن کي گڏ ڪرڻ جو نعرو هنيو ويندو هو ۽ سامراجي اڏول طاقت، وحشانيت، بربريت جي اڳيان غريب مزدور، هاريءَ کي مجاهد قرار ڏنو ويندو هو ۽ عوامي طاقت کي هماليه جهڙي طاقت سان تشبيهه ڏني ويندي هئي. اهڙا مجاهد سرويچ ڪنهن خطري کان ڪنهن ڏاڍ کان جهڪڻ وارا ناهن. سرويچ سجاولي به پنهنجي نظم ”اسين هڪ سان هزار ماريون“ ۾ اهڙو فڪري پرچار ڪري ٿو.
اسان کي هيڻو متان سمجهين اسين ته جوڌا جوان آهيون
سنديئي ڇاتي ڇنڻ خاطر، ترار تير و ڪمان آهيون
اسان جي همت هماليه جهڙا جبل به جلدي جهڪائي ڇڏيا.
اسين هڪل سان هزار ماريون سون جي هڪ سمان آهيون.
۽ ساڳئي وقت سندس همت ۽ اميد پرستي به مضبوط ۽ ڪنهن عالمي انقلاب کان گهٽ ناهي. ”وڏو پيو انقلاب اچي“ شعر ۾ عوام کي حوصلو ڏياري ٿو ۽ وڏي اميد سان انقلاب اچڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. سرويچ جي شاعري ۾ وطن پرستي آهي، هو پنهنجي وطن جي ماروئڙن، وطن جي ثقافت سان هر دم محبت جو اظهار ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته:
”آئون ته فقط اوهان جي ۽ پنهنجي سورن، صدمن، ڏکن ۽ ڏولاون اهنجن ايذائن، عقوبتن ۽ اذيتن جون ڳالهيون ڳايان ٿو، جنهن کي توهان شاعري ڪوٺيو ٿا“. (111)
وطن جي ماروئڙن، سانگيئڙن، غريبن، لاچارن، مسڪينن سان پيار ڪرڻ انهن جي ڏکن ۽ تڪليفن جي ڳالهه ڪرڻ ۽ انهن جي لاءِ ظالمن سان جنگ جوٽڻ، روشن خيالي ۽ ترقي پسندي آهي ۽ سرويچ سجاولي جي شاعريءَ ۾ بار بار ماروئڙن، هارين، پورهيتن لاچارن جو ذڪر آهي.
نتيجو
سرويچ سجاولي فڪري طور روشن خيال ۽ ترقي پسند آهي، پر سندس شاعريءَ ۾ جمالياتي رس ۽ چس ناهي ڇو ته سندس شاعريءَ ۾ زياده تر طبقاتي سماج جي ظلم جي منظر ڪشي آهي. ڏک سور اذيتون ۽ بک سندس موضوع آهن، مجموعي طور سرويچ سجاولي پنهنجي داخلي وارتا کي اجتماعيت جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي بلڪه ائين چئجي ته ان وقت جي حالتن سرويچ سجاولي کي اهو موقعو ڏنو ته هو پنهنجي داخليت کي پنهنجي اجتماعيت سان جوڙي سگهي، اهو ئي سبب آهي جو مخصوص حالتن جي بدلڻ سان سرويچ شاعري ڪرڻ ڇڏي ڏني.
سرويچ جي روشن خيالي انهي مان ظاهر ٿئي ٿي ته هيٺئين طبقي جي زندگيءَ جي عڪاسي ڪندي ان جون حالتون بدلائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، يعني انسانيت پرستي جو گڻ وٽس موجود آهي.
ابراهيم منشي
سنڌي ادب ۾ فڪري طور ستر جو ڏهاڪو وڏي حيثيت رکي ٿو. هن دؤر ۾ اديب ۾ بيباڪي، همت، بغاوت جا عنصر نمايان آهن، جن ۾ اديب کلي طرح وطن دوستي، پنهنجي ثقافت، ٻوليءَ ۽ مظلوم طبقي جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ ظالم قوتن سان سڌو سنئون مهاڏو اٽڪائي ٿو. ابراهيم منشي به انهن اديبن مان هو. جنهن روايتن کي ٽوڙيندي پنهنجي وجود کي مڃرايو ۽ جواز ڏنو. چوي ٿو.
دودي ڏاهر جو اولاد، دودي ڏاهر جو اولاد
مان ئي آهيان، مان ئي آهيان، جنهن جو عزم فولاد
دودي ڏاهر جو اولاد
يا وري کليو کلايو چوي ٿو ”باغي آهيان“
باغي آهيان، باغي آهيان، گيت بغاوت جا ٿو ڳايان
باغي آهيان، باغي آهيان
۽ اهو دور هو جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال سخت بحران جو شڪار هئي، مسلسل بدلجندڙ پاليسيون سنڌ دشمن رويا، مارشلا، سڀئي سنڌ جي عوام لاءِ ناسور بڻيل هئا. اهڙي دور ۾ سرڪاري ڏاڍ کان ڪو به بچيل ڪو نه هو، اديب هجي، صحافي هجي، سياستدان هجي يا سڄاڻ ماڻهو سڀني کي جيلن جو منهن ڏسڻو پيو. خاص طور سان ڊي پي آر جو قانون ان وقت مشهور هو جنهن تحت ماڻهن کي گرفتار ڪري جيلن ۾ رکيو ويندو هو. جنهن تي منشي ابراهيم ڊي پي آر نالي شعر لکي ٻڌائي ٿو ته:
ڊڄ نه ڊي پي آر کان ساٿي،
ڏيڍ ڏکن جو ڏينهن اٿئي
ٿا ڏينهن تپن جنهن ڏيهه مٿي،
اتي موٽي وسندا مينهن اٿئي
ابراهيم منشيءَ جي سڄي شاعري اتساهه ڏيندڙ ۽ پنهنجي حقن وٺڻ جي شاعري آهي. هو عام ماڻهن منجهان آهي، عام ماڻهو جي ڏک ۽ سک ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهي. هو سمجهي ٿو ته هاريءَ سان ڪهڙي ويڌن آهي، هن کي خبر آهي ته وڏيري جو ڪردار ڇا آهي بلڪه ائين چئجي ته هي اهو ڪردار آهي جيڪو ظلم ۽ جبر سهي تپيو باهه ٿيو ويٺو آهي ۽ وقت جون سياسي حالتون ۽ ترقي پسند فڪر هن کي زبان ڏئي ڇڏي ٿو، هڪ راهه ڏيکاري ڇڏي ٿو تڏهن هو وڏيري کي خبردار ڪري چوي ٿو.
هاري وٺندو حساب، وقت اچي ويو آهي وڏيرا.....!
رات کي پنهنجو رت ڏئي اڄ آڻين پيا آفتاب.....!
جيڪو کيڙي سو کائي، قاضي ٺاهين ڪتاب....!
سر ۽ خانبهادر سارا، لعنت جا القاب.........!
بيمانيءَ جو برقعو پائي، ورتئي بلاءِ باب.......!
هر ڪو هاج هٿن جي کائي، ناهي ڪو نواب......!
هڪ ٿي پنهنجي حق وٺڻ لئه، جنتا جاڳي جناب....!
دين ڌرم کي سڏين دوکو، رون رون وڄن رباب.......!
ڪوڏر، ڏاٽا، کها، ڪهاڙيون هڻندي ڪن نه حجاب......!
هٿ هٿ ”منشي“ ڳاڙها جهنڊا، جهڙا گل گلاب .........!
وقت اچي ويو آ وڏيرا.
هن شعر مان شاعر جي طبقاتي سوچ ۽ وابستگي ظاهر ٿئي ٿي، نه صرف ايترو بلڪه پنهنجي وطن سان ٿيندڙ هر زيادتي جو سبب وڏيري کي ڀانئي ٿو.
هو وڏيرن سان گڏ اهڙن ماڻهن کي به نندي ٿو جيڪي ويڪائو آهن، پوءِ اهي چاهي اديب هجن، صحافي هجن يا پورهيت ۽ بار بار اهڙن موقعي پرست ماڻهن کي قوم جا غدار سڏي ٿو ۽ افسوس ڪندي چوي ٿو:
مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا، ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾
ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي ويهي وانگيئڙن جي واڙي ۾
شاعر جو خيال آهي ته هر ماڻهو پنهنجي اهميت ۽ حيثيت سارو وڪامي ٿو پر اهو ماڻهو جيڪو ثابت قدم ۽ صحيح سالم پنهنجي مقصد تي رهي ٿو اهو ئي ماڻهو موتي داڻو آهي.
جهڙو ماڻهو تهڙو ناڻو، هر ڪو پنهنجي اگهه اگهاڻو
جيڪو ماڻهو ڪو نه وڪاڻو، سو ئي ماڻهو موتيءَ داڻو
ابراهيم منشيءَ جي سڄي شاعري پنهنجي وطن ۽ مارن جي محبت، مزاج، روپ رنگن جي آهي، جنهن ۾ هو مٺڙن ٻولن وارن مالوند ماروئڙن جي تاريخ ۾ ٿيندڙ هر ڏک ۽ پيڙا جي ڳالهه ڪري ٿو. سندس قسمت بدلائڻ لاءِ اتساهه ڏئي ٿو، کيس جدوجهد ڪرڻ جي راهه ڏسي ٿو.
نتيجو
ابراهيم منشيءَ جي شاعريءَ به سرويچ سجاولي جي شاعريءَ وانگر هڪ دؤر جي جدوجهد جي تاريخ آهي ۽ جذباتي نعري بازي به آهي، جوش ۽ جنون به آهي ته قوم کي دشمنن سان ويڙهه ڪرڻ لاءِ اتساهه به ڏنل آهي. انهي سڄي شاعري جو فڪري پس منظر عالمي طور هلندڙ ترقي پسند تحريڪ آهي، جنهن ۾ دنيا جي هر حصي ۾ هيٺئين ڏتڙيل طبقي کي پنهنجي حق وٺڻ لاءِ چيو ويو آهي.
ابراهيم منشي کي اسان بيشڪ ترقي پسند فڪر جي نمايان شاعرن ۾ ڳڻي سگهون ٿا.
فتاح ملڪ (1939ع)
تنوير عباسيءَ چيو هو ته اسان جي شاعريءَ ۾ شاعريءَ جو قالب رڳو قالب آهي، اڳئين دور جي شاعرن وانگر شاعريءَ جو ”سڀ ڪجهه“ نه آهي، نون شاعرن لاءِ اهو رڳو ماپو آهي. پيمانو آهي موکيءَ جو مٽ آهي. مڌ ته خيال ۽ فڪر آهي. ٻولي آهي، احساس آهي، جذبو آهي، لفظن جي لاهه چاڙهه مان اٿندڙ موسيقيءَ جو تاثر آهي.... (112)
ساڳيءَ ريت فتاح ملڪ جي شاعري به فڪري طور شاهوڪار آهي. هن جي سوچ جو محور انسانيت آهي، جنهن لاءِ سندس پنهنجا لفظ ته.
اسين ڪنهن کي تعصب جي نظر سان ڏسون ٿا ۽ نه نفرت سان ڪو ناتو رکون ٿا. اسان فقط پيار جو پرچار ڪيو آهي. اسان ڪنهن کان به رنگ، نسل، مذهب، يا زبان جي ڪري نفرت نه ڪئي اهي، اسان فقط زبان ۽ مذهب کي استحصالي هٿيار جي روپ ۾ برداشت نه ڪيو آهي. زبان سڄي دنيا جي انسانن جي فقط هڪ ئي آهي. اها بين الاقوامي ۽ آفاقي آهي، اها غير طبقاتي آهي، اها انسان جي هٿان استحصال ۽ ڏاڍ، بک ۽ اوگهڙ کان آزاديءَ جي پڪار آهي“. (113)
انهن لفظن ۾ لينن جي هنن لفظن جو پڙاڏو شامل آهي.
”مارڪسزم جڳهه جڳهه جي قوم پرستيءَ جي بجاءِ بين الاقواميت جو تصور، سمورين قومن جي اعليٰ تر اتحاد جو تصور پيش ڪري ٿو.“ (114)
اسان ڏسنداسين ته فتاح ملڪ جي شاعريءَ ۾ به بلڪل اهو رنگ ۽ فڪر اڀريل آهي، سندس نظم ”آس“ ۾ ڏسو:
جيئن جنڊيءَ جا چٽ ڏسين ٿو
يا ڪا سهڻي سِٽ ڏسين ٿو
ساڳي من ۾ مورت آهي
پر جي نئون ڪو سج ڏسين ٿو
يا ڌرتيءَ ٻج ڏسين ٿو
پنهنجي سوچن سنگ اچن ٿا
تنهن پر سارا رنگ نچن ٿا.
مٿئين نظم جي سٽن ۾ جنڊيءَ جا چٽ، سهڻي سٽ، من ۾ مورت سڀ معروضي حقيقت ۽ داخلي حقيقت جو سنگم ٿي جذبن ۾ احساس جو روپ وٺي آئيندي جي اميد جي صورت وٺن ٿا.
سندس هڪ ٻيو نظم ”ڪاڪ محل“ جنهن ۾ اميد پرستي آهي، بين القواميت آهي دنيا ۾ تبديل ٿيندڙ حالتن ڏانهن اشارو آهي جنهن ۾ هو دور افق تي سرخيءَ جي ڳالهه ڪري ٿو، ڪاڪ محل ڊهڻ جي ڳالهه ڪري ٿو اها هڪ نظرياتي علامت پڻ آهي:
ڪاڪ ڌڻيءَ او ڪاڪ ڌڻي، ڪيسين رهندي ڪاڪ ڌڻي؟
نيٺ ته ٻالڪ وڏڙو ٿيندو، ويندو تو کان راند کڻي!
يا هي شعر ڏسو:
منهنجا ٻالڪ! دور افق تي سرخي ساز وڄائي ٿي
ڳاڙها ڳاڙها، کهنبي جهڙا، ڪنوارا گيت ٻڌائي ٿي
تنهنجي منهنجي آس اُڀامي پنهنجو پير وڌائي ٿي
راند رسائي ويٺين ساٿي، هاڻ ته پيارا مرڪ کڻي.
سندس بين الاقواميت ۽ انسانيت پسندي جي فڪر تي مبني ٻيو نظم ”سچ نه پوڙهو ٿيندو آهي“. هن نظم ۾ مختلف تاريخي دورن ۾ مختلف ماڻهن جا قسم۽انهن جي ويڙهه ٻڌائي ٿو. هو سنڌ جي درد پيڙا جي داستان کي ڌرتيءَ جي پيڙا سان ڳنڍي ٿو. هو هوشوءَ، هيموءَ، حيدر بخش جتوئي ۽ جي ايم سيد جي جدوجهد جو ذڪر ڪري ٿو. جدوجهد کي وسيع ڪينواس ۾ سمائيندي ويٽنام ۾ هوچي منهه جي ماڻهن جي جدوجهد جو ذڪر ڪري ٿو. فتاح جو نظم ”هڪڙي جهوپي سيءَ پيو هو“ غربت کان بيحالي جو هڪ منظر پيش ڪري ٿو جنهن ۾ هڪ ڪٽنب سيءَ ۾ ڏڪي رهيو آهي. پيءُ جي لڱن کي ڏسي ٻار چون ٿا.
”بابا تنهنجا انگ اگهاڙا
ڪيئن اسان جا لهندا پارا“
ساڳئي طرح فتاح ملڪ جو نظم ”بک“ هڪ درد ناڪ منظر پيش ڪري ٿو ۽ پنهنجي حالتن جو عڪس ڏئي ٿو، جنهن ۾ هڪ ٻالڪ ٻاجهر جي داڻي لاءِ روئي رهيو آهي ۽ پروهت پنهنجي غرض ۽ منافقت جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، هن نظم ۾ طبقاتي نظام جي تاريخي بک جي ڳالهه ٿيل آهي، جنهن ۾ هر دؤر ۾ هڪ ٻار داڻي لاءِ ترسي ٿو. هزارين سالن کان اهو سلسلو هلندو ٿو اچي.
هن کي ماني ڀور کپي
ڪاري اُڀ تي هيسيل ناري
چانڊوڪيءَ جو چور کپي
هي ته هزارين سالن کان ٿي
ترسيو داڻي داڻي کي
نيٺ پروهت پاڙي وارو
مندر مان ڪجهه آڻي ٿو
پنهنجي دين ڌرم جي ڀڪشا
ڇرڪي ڇرڪي ڇاڻي ٿو
۽ پوءِ ممتا کي ويو گهلي
پنهنجي گندي گهاڻي تي
هڪڙو ٻالڪ رات رنو هو...
فتاح ملڪ چوي ٿو ته اسين ڪٿي به بک ڏسي نه ٿا سگهون، طبقاتي ناهمواري برداشت نه ٿا ڪري سگهون، اسين هر ڪنهن کي هڪ جهڙو انسان ڪري سمجهون ٿا، مذهب اسان کي خالي پيٽ سان ائين لڳندو آهي جيئن ٿر ۾ ٿوهر. (115)
فتاح مذهب، جاگرافي، رنگ، نسل، قوم جي سرحد ۾ ڪڏهن به پاڻ کي قيد نٿو ڪري، هو هر شعر ۾ پنهنجي ماحول، پنهنجي قوم ۽ ديس سان زيادتي جي ڳالهه ڪندي سڄي ڌرتيءَ جي ماڻهن تي نظر رکي ٿو. سندس چوڻ آهي:
”اسان جنهن وقت لکون ٿا ته اسان کي ملڪن جا نقشا ڪچا ڌاڳا لڳندا آهن. ماڻهو سياستدانن جي هوس، اقتدار جا ماريل ماڻهو، اسپتالن ۾ بنا دوا جي مرندڙ ماڻهو، اگهاڙا ماڻهو، بيروزگار ماڻهو، فقط ماڻهو نظر ايندا آهن“. (116)
هو طبقاتي نظام جي هر بڇڙائيءَ جي خلاف آهي، جنهن نظام سندس ديس واسين عورتن، ٻارن ۽ محنت ڪندڙ ماڻهن کي ڏکويو آهي، پنهنجي وطن جي هاريءَ جي ڳالهه ڪندي کيس ساراهي ٿو ۽ هاري نظم لکي سندس اهميت کي بيان ڪري ٿو.
ساڳئيءَ طرح وڏيري جي ڪردار ۽ سندس زندگي جو نقشو ”ٻاراڻا گيت“ ۾ چيو اٿس جنهن ۾ هڪ ٻار چوي ٿو:
امڙ آءُ وڏيرو ٿيندس
سڀ کان مڙس مٿيرو ٿيندس
پنهنجي پيءُ ڌڱاڻي وانگر
سيٽيل ڪنهن وهاڻي وانگر
هاري ناري هيٺ ويهاري
هر ڪنهن نياڻيءَ گار ڌريندس
امڙ آءُ........
سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ”جهڙا ڪانگ تهڙا ٻچا“ دراصل ماحول ۾ پنهنجي آس پاس ۽ پنهنجي وڏن کي ٻار ڏسي ٿو، انهي مان هو طرز زندگي جوڙي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو فتاح ملڪ به انهي نفسيات مطابق هن نظم ۾ هڪ طرف وڏيري جي گهر ۾ ٻار جي نفسيات ڏيکاري آهي جيڪو غير انساني سلوڪ جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ ٻئي طرف هڪ هاريءَ جو ٻار آهي جيڪو نه صرف پنهنجي ماحول جي ڳالهه ڪري ٿو پر تقدير بدلائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ سندس ڳالهين ۾ انسانيت پسنديءَ جو فڪري شعور اڀري ٿو:
امڙ آ ته هاري ٿيندس
ساري سچ بهاري ٿيندس
مان ته سموريون چونگيون ڦيري
سارا ڪندس ڍنگر ڍيري
ڇو جو تن مان سيءَ لڳي ٿو
سارو منهنجو جيءُ ڏڪي ٿو
ڀيڻ به روئي، ڀاءُ به روئي
ابو ڀي ٿو سور سموئي
ڏسجان پڪو گهر اڏيندس
امڙ.........
فتاح ملڪ پنهنجي ماحول سان پنهنجي طبقي جي ماڻهن سان، ٻوليءَ ۽ ثقافت سان جڙيل آهي. ملڪ ۾ مارشلا لڳي ٿي، هو ”پانياري“ نظم لکي اهو ثابت ڪري ٿو ته سندس فڪري بلوغت روشن خيالي ۽ ترقي پسند جي حدن کي ڪيئن ڇهي ٿي ۽ ساڳي طرح ملڪ جي ”دستور“ ۾ پنهنجي قوم، ثقافت سان ٺهڪندڙ ڳالهه نه ڏسي دستور نظم لکي ٿو ۽ چوي ٿو.
اسان کان پڇن ٿا ته دستور ڇا آهي؟
اسان ڪيئن سمجهون ته مذڪور ڇا آهي!
نڪي قوميت هون نڪي قوم آهيون
اسان لئه چون ٿا بصر ٿوم آهيون
اسان جي وطن جو ته نالو به ڪونهي
اسان جو همرچو جمالو به ڪونهي
نتيجو
مجموعي طور سان فتاح ملڪ جي شاعريءَ ۾ نوان جذبا، نوان احساس آهن، جيڪي پيڙا ڀوڳيندڙ جي دل ۾ پيد اٿين ٿا پوءِ ماڻهو باغي ٿئي ٿو ۽ سڄي سماج بدلائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. فتاح جو انساني عظمت ۾ يقين آهي، هو مستقبل بابت آدرش رکي ٿو ۽ کيس يقين آهي ته هڪ ڏينهن ضرور ايندو جڏهن بکئي پيٽ وارن جي تقدير بدلجندي، سندس فڪري وابستگي سڄي دنيا جي مظلوم عوام سان آهي ۽ هر ان ماڻهوءَ ۽ طبقي جي مخالفت ڪري ٿو جيڪو استحصال ڪري ٿو يا انهيءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهي.
اها ڳالهه به واضح ٿئي ٿي ته فتاح ملڪ وٽ جيڪا انسانيت پسندي، امن پسندي موجود آهي اها سنڌ جي فڪري تسلسل جي هڪ ڪڙي آهي.
تنوير عباسي (1999-1934ع
روشن خيالي ۽ ترقي پسند فڪر جو تسلسل اسان کي تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ ۾ ملي ٿو. سندس خاص خاصيت اها آهي ته هو نعري بازي نٿو ڪري، شاعري ۾ جوشيلو ۽ جنوني ٿي ماڻهن کي جوش نٿو ڏياري، بلڪه سندس شاعري جا سر ٿڌا ۽ جمالياتي آهن، هو جيڪي ڪجهه چوي ٿو ان ۾ فڪري طور گهرائي ۽ فطرت سان هم آهنگي آهي. مسلسل رواني آهي، ڪٿي به روڪ ناهي، بس هڪ وهڪرو آهي مسلسل جستجوءَ جي ڳالهه آهي.
ٿڙنداسين ٿاٻڙنداسين پر اڳتي هلندا هلنداسين
لهرن وانگر اٿندي ڪرندي ماڳ ڏي وڌندا هلنداسين
هو من جي بيچيني کي ڇولين سان تشبيهه ڏئي ٿو ۽ سندس بيقراريءَ کي انساني فطرت سان ڳنڍي ٿو جيڪا ازل کان روان دوان ۽ تبديل ٿيندڙ آهي.
جيئن سدائين کان پيون ڇوليون ڇلن مهراڻ ۾
منهنجو من ڀي ازل کان آهي هڪ مانڌاڻ ۾
تنوير غم، پيڙا، ڏک جي وجود کان انڪار نٿو ڪري هو چوي ٿو:
کڻي وڃون ٿا اسين غم ٻنهي جهانن جا
۽ پاڻ سان کڻي انقلاب اينداسين
رسول بخش پليجي چيو هو ته ”مايوسي قطعي ۽ آخري جذبو ڪونهي، ڏک جو رد عمل ۽ ويڙهه جا جذبا، سورهيائي ۽ قرباني جا جذبا به پيدا ڪري ٿو“. (117)
بلڪل ائين تنوير عباسي ڏک ۽ غم خلاف وڙهڻ جي ڳالهه ڪري ٿو:
اگر سوال اٿيو سر ڏيڻ جو او ساٿي
ته پل ۾ بنجي سراپا جواب اينداسين
(ص 135)
نه صرف وڙهڻ جي ڳالهه ڪري ٿو بلڪه سچ جي فتح تي يقين اٿس ۽ سمجهي ٿو ته سچ هر دؤر ۾ زنده رهڻو آهي. سندس نظم ”چتاءُ“ انهي فڪر تي مبني آهي جنهن ۾ سچ جو تاريخ ۾ سفر ڏيکاريندي تنوير خود اعتمادي سان چوي ٿو ته:
هي ظلمتون ۽ هي اونداهين جا واچوڙا
سدائين ڪين ڏيئن جون دليون ڏڪائيندا
هي ذرا نور جا يعني هي چمڪندڙ تارا
ملي جي هڪ ٿيا ته سج ڪو نئون اڀاريندا.
هي زرد پن ڏسي مايوس ڪين ٿينداسين
جو ڄاڻون ٿا ته اهي جلد ئي ڇڻي ويندا
رکي اميد بهارن کي پيا سڏينداسين
جي پنهنجي لاءِ نوان گونچ گل کڻي ايندا.
(ص 123)
تنوير حقيقت پسند آهي هو زندگيءَ جي ٽهڪن ۽ سڏڪن جي مانڊاڻ کي سمجهي ٿو، چوي ٿو:
هڪ غم جاودان مليو مون کي
زندگي منهنجي دائمي نه سهي
جنهن ۾ آهي سدائين عيش وطرب
منهنجي سا دوست زندگي نه سهي
(ص 139)
پر تنوير جي اميد پرستي ۽ انسان دوستي ڏسو:
ٻڌون ٿا اهڙو به، زمانو قريب ترين آهي
جو سمجهيو ويندو اسان جو ئي غم جهان جو غم
(ص 142)
سهڻ وارا هر دم ته چپ ڪين رهندا
ڪڏهن دل جا دريا ته اٿي به پوندا.
(ص 148)
اسان جو قدر اوهان پاڻ ئي ڪندؤ آخر
جي آهيون ذرا ته ٿي آفتاب اينداسين.
(ص 135)
اهو وقت ڀي نيٺ تنوير هلي ايندو
جو افلاڪ پنهنجي اشارن ۾ هوندا
(ص146)
هر ڪو ماڻهو موتيءَ داڻو
هر ڪا دل هيرن جي کاڻ
ڄاڻي ڏس ته سهي اڻ ڄاڻ
(ص 177)
تنوير جو شاعريءَ جو مجموعو ”رڳون ٿيون رباب“ 1958ع ۾ هڪ خاص سياسي ۽ سماجي دؤر جي پس منظر جي عڪاسي ڪري ٿو، اهو دؤر جنهن ۾ سنڌي ماڻهو سرڪاري پاليسين جي خلاف مزاحمتي تحريڪ هلائي رهيا هئا، جڏهن سنڌ ۾ روشن خيالي ۽ ترقي پسند فڪر جي بنياد تي نه صرف ادب سرجي رهيو هو بلڪه سنڌ ۾ سياست جو وڏو حصو نوجوانن جو وڏو جٿو ترقي پسند فڪر کي پنهنجي نجات سمجهندو هو، ان وقت تنوير عباسي به انهيءَ سٿ ۾ بيهي اميد جي ڳالهه به ڪري ٿو، ماڻهن کي آسرا ۽ دلاسا ڏئي جدوجهد ڪرڻ لاءِ اتساهي ٿو.
هو پنهنجي ديس تي رجعت پسندن جي حاڪميت ۽ عوام جي ڏکن پيڙائن کي ڏسي سنڌ جي تاريخي ڪردارن کي ياد ڪري ٿو ۽ انهن جي نالي نظم لکي چوي ٿو ته وري ديس کي اهڙن بهادرن اهڙين سورمين جي ضرورت آهي جيڪي وقت جي قدرن خلاف بغاوت ڪري سگهن، جيڪي پنهنجي خلاف بغاوت ڪري سگهن، جيڪي پنهنجي جان گهوري وطن ۽ ماڻهن لاءِ نوان قدر پيدا ڪن جيئن سندس نظم ”ٻيجل ڏانهن“، ”سسئيءَ ڏانهن“، ”مارئي ڏانهن“، ”ڀٽائيءَ ڏانهن“ آهن.
ان کان پوءِ سندس نظم ”نئين مارئي“ بلڪل هڪ نئين انداز ۾ موجوده دؤر جي ڪردار کي پيش ڪري ٿو، جنهن ۾ امنگ آهي جوش جذبو آهي. وٽس لڙڪ نه پر چڻنگون آهن، هوءَ سڏڪا نٿي ڀري پر باهه ٿي لڳائي، هو محلن ۾ مجبور نٿي رهي پر زنجير ٽوڙي ٿي، هو مارن ڏي مدد لاءِ واجهائي نٿي پر پنهنجي مدد پاڻ ڪري ٿي، هوءَ جهڪي نٿي پر جهڪائي ٿي، اهو ئي آدرشي ڪردار آهي تنوير وٽ ۽ اهڙن سورمن ۽ سورمين جي ضرورت آهي، سامراجي، رجعتي، ڪوٽن کي ڪيرائڻ لاءِ ! هي نظم انهي پس منظر کي پيش ڪري ٿو جڏهن سنڌ ۾ مزاحمتي تحريڪ ۾ عورتن حصو ورتو، هنن جيلن جون سختيون سهي روشن خيال فڪر کي سربلند ڪيو، ”نئين مارئي“ نظم بلڪل اهڙي امنگ ۽ اميد کي جاڳائڻ وارو نظم آهي.
تنوير بنيادي طرح انسانيت دوست شاعر آهي جيڪا خصوصيت سنڌ جي هر روشن خيال ۽ ترقي پسند شاعر جي رهي آهي. هو انسان مٿان ٿيندڙ هر ظلم ۽ ناانصافيءَ جي مخالفت ڪري ٿو انهن چند مفاد پرستن جي مخالفت ٿو ڪري جيڪي طاقت جي نشي ۾ چور ٿي بدمستيون ڪن ٿا، جيڪي مذهب، نظرين جي آڙ ۾ جنگيون ٿا ڪن، تنوير انهن کي نندي ٿو ۽ اهڙي عمل کي نيچ ۽ غير انساني سمجهي ٿو.
تنوير جي نظر ۾ جنگ هڪ وحشياڻو ۽ غير انساني حيواني فعل آهي جنهن ۾ انسانيت جي تذليل ٿئي ٿي. هو چوي ٿو ته ننڍي هوندي ماڻهو چوندا هئا گگدامن تي ڪهل ڪريو پر اڄ انسانن تي ايڏو ظلم ٿئي ٿو ۽ انهن تي ڪهل ڪرڻ وارو ڪير ڪونهي. سندس نظم ”گگدامن تي ڪهل ڪيو“ ۾ هو واضح طور چوي ٿو:
اڄ ڪلهه چوواٽن تي ميدانن ۾
انسانن کي لڳن پيا چهبڪ
اهڙا ڪي ماڻهو آهن جي
چئي سگهن
انسانن تي ڪهل ڪريو
گگدامن تي ڪهل ڪريو (تنوير چئي ص 423)
تنوير اهڙِ بي رحم ۽ حيواني ماحول ۾ پنهنجي وجود کي اجنبي ڌاريو ٿو ڀانئي ۽ چوي ٿو مان هتان جو ناهيان ۽ پاڻ کي انهي ماحول سان ڳنڍي ٿو جت امن آهي پيار آهي انسانيت آهي سندس نظم ”مان هتان جو ناهيان“ حوالي طور ڏسي سگهجي ٿو.
مان اتان جو آهيان
جت هڪ ٻئي جي سوچ
هڪ ٻئي لاءِ گلن جو هار آ
تنوير چئي (ص 434)
سندس اهو نظم اڻ پورو آهي پر سندس نظم ۾ واضح طور ٻن نظامن جو نقشو چٽيل آهي، هڪ اهو نظام آهي جت ظلم آهي ٻارڙن جون رڙيون آهن، ڇرڪيل ڇوڪريون آهن، ڄڻ راڪاس جو، ڀوت جو ماحول آهي ۽ ٻيو اهو ماحول آهي جت مرڪ جي ديويءَ جو راڄ آهي، جت خوشيون آهن، حسن و عشق جي حڪومت آهي. هي نظم ڪو شاعر جي فنٽئسي ناهي بلڪه شاعر هن ڌرتيءَ ۾ موجود اهڙي دؤر جي ڳالهه ٿو ڪري جنهن ۾ هڪ طبقاتي نظام آهي، ٻيو غير طبقاتي آهي، انهي پس منظر ۾ سڄي دنيا ۾ ترقي پسند فڪر هڪ خاص اهميت اختيار ڪري چڪو هو.
حوالي طور:
جت مرڪ جي ديوي جو راڄ
جت ٽهڪڙن جا ٻار ٿا رانديون رمن
جت عشق جي ٻيڙي سائين
حسن جي لهرن جي پينگهي ۾ لڏي
جت خوشيون چڻگائي تيلين جا دکن
جي جهنگ ۾ جهرمر ٿيون ڪن
هي شهر آهي جو ديون جو شهر
جنهن ۾ ڇرڪن ڇوڪريون
جنهن ۾ ٻارن جون رڙيون
ٻاٽ اونداهه ۾ جتي ٿيون ٽيبل لئمپ جان
ڀوت جون اکيون ٻرن. (ص439)
نتيجو
تنوير عباسيءَ جي مجموعي شاعريءَ ۾ روشن خيالي ۽ ترقي پسند فڪر هڪ رخ آهي، پر تنوير ادب جي گهڻن لاڙن جي نمائندگي ڪندڙ ليکڪ آهي، سندس شاعريءَ ۾ وجودي فڪر جون ڌارائون به ڦٽن ٿيون ته رومانوي شاعري به ڪئي اٿس، پاڻ حسن و جمال، سچ ۽ پيار، جي چوڦير ڦرندڙ شاعر آهي، سدائين حق ۽ صداقت جي تلاش ۾ رهي ٿو. انهي سفر ۾ سندس محور انسانيت پسندي آهي، جنهن لاءِ هو روشن خيال فڪر ۽ ترقي پسنديءَ جو نمائندو بنجي وڃي ٿو.
ترقي پسند ۽ روشن خيال فڪر جو
رجحان رکندڙ ڪجهه ٻيا شاعر
سراج
عالمي طور روشن خيال فڪر دنيا جي هر اديب کي متاثر ڪيو هو، ڇو جو هن فڪر انسان کي سندس دولت، ڏاڍ، طاقت، رنگ، نسل، ذات جي بنياد تي نه پر انسان کي فطري حق جي بنياد تي انسان تسليم ڪيو ويو هو، جنهن ڪري ڪٿي به ڪنهن انسان کي تڪليف پهچي ٿي، معاشي طور هو طبقاتي نظام جو شڪار ٿيو ٿي ته حساس ليکڪن انهي جي ڳالهه ڪئي ٿي ۽ ماڻهن کي سجاڳ ڪيو ٿي ته هو به انسان آهي، سندس جيئڻ جو حق اهڙو ئي آهي جيڪو ٻين انسانن کي آهي. سنڌ ۾ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هڪ طويل معاشي ڪشمڪش شروع ٿي، شهرن ۾ وچولي طبقي جي خود غرضي ۽ مقابلي بازي مٿئين طبقي جا ٺٺ ٺانگر ڏسي سراج چوي ٿو:
سون چانديءَ جي سجايل جانڊهن ۾
اندران ئي اندران ڏس زندگي پسجي پئي
آبرو لٽجي پئي،
امن و آزاديءَ سندي ظاهر ظهور. (118)
عالمي طور طبقاتي نظام جي خلاف هلندڙ جدوجهد ۽ ڪاميابين سڄي دنيا جي اديبن ۾ فڪري طور اميد پرستي جاڳائي جنهن ڪري امن، پيار ۽ انسانيت جي ڳالهه اديبن جي ڪاوشن ۾ گهڻي پيدا ٿي، جيئن سراج وٽ اميد پرستي ڏسو.
دنيا بڻجي اِندر سڀا:
موهه – پري ۽ سونهن – پري
داسيون بنجي ماڻهوءَ – روپي اندر سڀا ۾
اينديون سک جو سرڳ سنوارڻ.
جيون جوت جاڳائڻ......!
سراج جهڙي طرح ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ ترقي پسند ۽ روشن خيال فڪر جي عڪاسي ڪري چڪو آهي اهڙي طرح سندس ڪجهه آزاد نظم به انهي فڪر جي ترجماني ڪن ٿا.
خاڪي جويو
رسول بخش پليجي چواڻي ”اسان جو قومي ادب اسان جي قومي جدوجهد جو هڪ اهم مورچو آهي.“ (119)
اهڙي طرح خاڪي جويي جي شاعري مخصوص حالتن ۾ مظلوم طبقي جي جدوجهد جو باقاعده هڪ مورچو آهي، خاڪيءَ جا ٻه مشهور ۽ طويل نظم هڪ ”آزاد گهرجي وطن“ ٻيو ”آسڻ جن اريج“ آهن. جن ۾ فڪري طور وطن دوستي، سامراج دشمني ۽ انسانيت دوستي آهي. هي نظم سڌو سنئون عوام سان مخاطب ٿيندي چيا ويا آهن جيڪي هڪ مخصوص جذبي يا نعري جي عڪاسيءَ سان گڏوگڏ حالتن جي سچي عڪاسي ڪندي عوام کي پيغام ڏئي مقصد تي پهچڻ لاءِ اپيل ڪن ٿا. خاڪي جويي جي هيءَ شاعري واقعاتي آهي جنهن ۾وطن سان، هاريءَ، مزدور غريب غربي سان ٿيندڙ ڏاڍ جي حال کان وٺي هو وڏيرن، زردارن جي غداريءَ ۽ وطن دشمنيءَ جي ڳالهه ڪري ٿو.
خاڪيءَ وٽ آزاديءَ جو تصور وسيع آهي جنهن ۾ هو ڪٿي به مصلحت پسند ناهي بلڪه وٽس جوش ۽ جذبو آهي، بار بار ظالمن خلاف جنگ ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو.
خاڪيءَ جويي جو ٻيو طويل نظم ”آسڻ جن اريج“ آهي جنهن کي انقلابي ڪيڏارو چيو ويو آهي. مڪمل طور مارشلا جي تصوير آهي جنهن ۾ سنڌ جي چپي چپي تي ظلم ڏاڍ جي تاريخ بيان ڪيل آهي. اسان سان ڪيڏو ڏاڍ ۽ ڪيڏي جٺ آهي ۽ پورهيت هاريءَ سان ڪيئن زيادتي ٿئي ٿي، خاڪي هن نظم ۾ تفصيل سان بيان ڪري ٿو:
انساني احساس مٽي
هر هڪ گل جو واسُ جهٽي
محنت ڪش جو ماس پٽي
بيٺا آهن ڇتا ڪتا
هاڃو هر هڪ هاريءَ سان
ناحق نر ۽ ناريءَ سان
جٺيون جيوت ساريءَ سان
ذهن زنجيرن ۾ جڪڙيا
۽ ساڳئي وقت هن دؤر ۾ عوام جي جدوجهد کي بيان ڪري انهيءَ ۾ جوش ۽ مردانگيءَ جو روح ڦوڪي ٿو:
اوچي اوچي اوٽ اچو!
ڪيرايون هي ڪوٽ، اچو!
گهوٽ اچو اڻموٽ اچو!
آڻيون انت انڌير جا.
خاڪي انڌيرن کي مٽائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو جيڪا هڪ فڪري علامت آهي. خاڪيءَ جوانداز انتهائي جوشيلو ۽ بردباريءَ وارو آهي. سندس آدرش انسانيت وارو فلسفو آهي، جنهن ۾ ظلم ۽ ظالم جي پاڙ پٽي امن ۽ آشتي وارو سماج هجي.
خاڪيءَ جو هي نظم سنڌ جي نوجوانن، پوڙهن، عورتن ۽ انهن سڀني ماڻهن لاءِ آهي، جيڪي هن سر زمين تي ايامن کان ڏک ۽ ڏاڍ سهي رهيا آهن. هي شعر ماڻهن کي همٿائين ٿا. دلين ۾ امن ۽ جوش پيدا ڪن ٿا، هڪ نئين نظام اڏڻ جي جدوجهد لاءِ اڀارين ٿا تنهن ڪري خاڪي جويو هتي ترقي پسند فڪر جي دائري ۾ اچي ٿو.
بردو سنڌي (1922)
بردو سنڌي انساني فطرت جي مثبت قدرن جو شاعر آهي جنهن مان انسان کي روشن خيالي، ترقي پسندي، وطن پرستي جي لازوال فڪر جون جهلڪيون ملن ٿيون. ڪٿي ته هو صرف هڪ پل جي ڳالهه ڪري ٿو:
خوابن ۾ تون آءُ هلي
هڪڙي پل لئه هنيون ٺار (ص 26)
۽ ڪٿي هو صرف پيار جي دولت جي تمنا ڪري ٿو.
بس پيار جي دولت ڪافي اٿم، ٻي مايا بردا ڪا نه کپي
هن جهول ۾ سڏڪا سانڍيا اٿم، ٻي برهه بياني مون وٽ آ. (ص63)
بردي جي شاعري زندگيءَ جي مختلف رنگن جي شاعري آهي هڪ حساس شاعر وانگر جيڪي ڪجهه سندس مشاهدي ۾ اچي ٿو ان کي هو ٻين تائين پهچائي ٿو. جنهن ۾ لڙڪ به آهن ته مرڪ به آهي ۽ هو انهيءَ کي پنهنجي دولت سمجهي ٿو، جيڪا فطرت طرفان انمول دولت آهي ۽ سڄي انسان ذات ۾ ورهائي ٿو.
مون وٽ آهن گيت اجهو
وٺين ته مٺڙا جهولي جهل
بقول امداد حسينيءَ جي ته بردي کي اها خبر آهي ته رضا تي راضي رهڻ، جيئڻ لاءِ جتن نه ڪرڻ، ماڳ لاءِ نه جاکوڙڻ سان ڪڏهن به وصال جون واڌايون نه ملنديون پوءِ ڀلي صديون گذريو وڃن، بردو انهيءَ سچ کان پوريءَ ريت باخبر آهي ته ڦٻايل حق گهرڻ سان نه پر ڦرڻ سان ملندا آهن. ۽ ان لاءِ قرباني ڏيڻي پوندي آهي. سر جو سانگو لاهڻو پوندو آهي. (120)
ڇاڪاڻ ته بردو انسان جي معصوم جذبن ۽ پيار جي پل جو شاعر آهي هو ڪٿي وڇوڙي جي ۽ ڪٿي اڪيلائي جي، نماڻائيءَ سان ڳالهه ڪري ٿو:
منهنجو ڪوئي ميت نه يار
جڳ جا ڏکڙا ڳل جو هار
پنهنجا پنهنجو ڪين چون
ڌارين تي ڪا ناهه ميار
هر روشن خيال فڪر جو بنياد اميد پرستيءَ تي رکيل هوندو آهي، ڇو ته انسانيت جي مثبت قدرن، زندگي سان پيار ۽ ڀرپور پل حاصل ڪرڻ جي جستجو هڪ اميد پرست ماڻهوءَ ۾ ئي ٿي سگهي ٿي ۽ اها اميد پرستي خاص طور سان مظلوم جو جڏهن هٿيار بنجي وڃي ته هن ۾ جدوجهد جو روح ڦوڪجي وڃي ٿو ۽ شاعر انهي اميد پرستي کي اڀاريندي چوي ٿو.
ڄڀيون ظلم جون بس اجهاڻيون اجهاڻيون
اچو! اڄ ته مهراڻ ۾ موج آڻيون. (ص 81)
بردو سنڌي انهيءَ فڪر جي بنياد تي بار بار ”وقت جي پڪار“ جي ڳالهه ٿو ڪري سندس شاعري ۾ ”سڏ“ آهي. چوي ٿو: ”اٿو“، ”اچو“ ۽ ”وڌو“ اهي ٽي لفظ آهن جن تي عمل ڪرڻ سان ڏاڍن کي ڏاري سگهجي ٿو. (121)
ڏاڍن کي ڏارڻ سان گڏ هو هاريءَ کي پنهنجي عظمت ياد ڏياري ٿو، سندس سجاڳيءَ جي ڳالهه ڪري ٿو.
سندس شعر ”غيرت مند هاري“ ۾ هاريءَ کي دنيا جو وارث قرار ڏئي ٿو:
غيرت مند هٺيلا هاري! تنهنجي آ دنيا ساري
تون آن يار! اپائڻ وارو، سارو جڳ کپائڻ وارو (ص 97)
۽ ساڳئي وقت مزدور جي به ڳالهه ڪري ٿو ۽ زمانو بدلائڻ جو کيس سرواڻ چوي ٿو:
مان آهيان جو هلايان ڪارخانو ٿو،
ڏئي رت ست ڀريان تنهنجا خزانا ٿو
تنهنجو اي ديس مان مزدور آهيان
پڇان جي ڪر بدلايان زمانو ٿو.(ص49)
انهي مان ثابت ٿيو ته بردو سنڌي وقت جي هلندڙ ترقي پسند تحريڪ، جنهن تي مارڪسزم جو، کاٻي ڌر جي سياست جو، انقلابين جو نمايان اثر هو، انهيءَ کان متاثر آهي ۽ پاڻ کي انهن ترقي پسند اديبن جي صف کان ٻاهر نٿو سمجهي، تنهن ڪري عوام کي وقت جي پڪار ڏانهن توجهه ڏياري ٿو، وڙهڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو جوش ۽ جذبو پيدا ڪري ٿو.
بردي سنڌيءَ جا ٻه شعري مجموعا ”اکڙيون ميگهه ملهار“ ۽ ”بوندون بس نه ڪن“ اسان جي سامهون آيا آهن. پهرئين مجموعي ”اکڙيون ميگهه ملهار“ ۾ ٻه ڪجهه اهڙا شعر جيئن ”وک وڌائيندا هلو“، ”سنڌ جي مورت مارئي“ ۽ اچو اچو هن پار هلون“ روشن خيال فڪر جي عڪاسي ڪن ٿا. اسان مجموعي طور بردي سنڌي کي روشن خيال شاعر چئي سگهون ٿا. پر سندس فڪري ڌارائون اسان کي فطرت، رومانويت ۽ رومانيت ڏانهن به کڻي وڃن ٿيون. جنهن ڪري بردو سنڌي به انهن شاعرن مان آهي جن جي شاعري ۾ هڪ مجموعي رنگ موجود هوندو آهي، اهو آهي انسان جو! جنهن کي امن کپي، پيار کپي سچ ۽ سلامتي کپي. هو سونهن جو متلاشي آهي، فطرت جي رنگن کي ديس جي محبت سان ڳنڍي ڇڏي ٿو. هن جا گيت ڪڏهن مظلوم جي آهه بنجي اڀرن ٿا، ڪڏهن عوام جو هٿيار بنجي وڃن ٿا. ڪڏهن پل جي حقيقت بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته ڪڏهن صدين جي تاريخ بنجي وڃن ٿا. سنڌ جي سر زمين تي اسان کي زياده تر اهڙا اديب ملن ٿا جيڪي هڪ ٻاهرئين فڪر جي نمائندگي ڪندي به اسان کي ديس جي فڪر سان جڙيل ملن ٿا. بردو سنڌي به اهڙن شاعرن مان هڪ آهي.
استاد بخاري (1992- 1930ع)
استاد بخاريءَ جي شاعري مجموعي طور رومانوي پهلوءَ ڏانهن مائل آهي پر سندس پهريون مجموعو ”گيت اسان جا جيت اسان جي“ ۾ اسان کي روشن خيال ۽ ترقي پسند تحريڪ جا اثر ملن ٿا. جنهن لاءِ استاد بخاريءَ جو چوڻ هو ته ”منهنجي شاعراڻي دل جا ٻه پاسا آهن جن مان وقت جي پڪار هن مجموعي ۾ حاضر آهي، باقي پرينءَ جي پچار وري ٻئي ڪتاب ۾“ (122)
استاد بخاري دنيا جي ماضيءَ ۽ مستقبل تي نظر ڊوڙائيندي، انسان جي مجموعي ترقي، زندگيءَ جون رمزون، طبيعت جا مختلف لاڙا پورهئي ۽ پورهيت جي اهميت، پنهنجي ديس جي ماروئڙن جي غربت ۽ بي وسي سڀئي موضوع پنهنجي شاعريءَ ۾ آندا آهن پر جيڪو سندس شاعريءَ ۾ روشن خيالي ۽ اميد پرستيءَ جو پهلو آهي اهو آهي پاڻ کي انسان مڃرائڻ ۽ پنهنجي حق وٺڻ لاءِ ويڙهه جو جذبو، غلامي جي حياتي کان مرڻ کي ترجيح ڏيڻ. سندن پهرئين مجموعي ۾ اسان کي گهڻي ڀاڱي اهڙا لاڙا ملن ٿا. چوي ٿو:
اسان به ته آدمي آهيون، غمن سان گڏ خوشي گهرجي
جيئڻ لئه زندگي، آسودگي، آزادگي گهرجي
استاد بخاري جيئڻ جو فڪر واضح ڪندي، زندگي، آسودگي ۽ آزادي ٽنهي شين کي اهم قرار ڏئي ٿو ۽ اهي ٽي اهم شيون ترقي پسند تحريڪ جو روح رهيون آهن، ڇو ته ترقي پسند تحريڪ جو بنياد انهي فڪر تي رکيل آهي ته معاشي نظام ئي بنياد آهي، سياسي، سماجي، انساني قدرن جو. (123) تنهن ڪري انسان کي آزادي سک ۽ سهولت تڏهن ئي ملي سگهن ٿيون جڏهن هو ڦورو ظالم طبقي جي هٿن مان معيشت آزاد ڪرائي اهڙو نظام قائم ڪرائي جنهن ۾ عوام کي معاشي آسودگي ملي ۽ آزادي ملي.
اهڙي آدرشي سماج جو تصور جنهن ۾ انسانيت رستي، امن، پيار ۽ سک سهولت هجي، استاد وٽ موجود آهي، ڇو ته بنيادي طرح استاد پيار، حسن، جماليات، دل جي امنگن جو شاعر آهي، جنهن لاءِ وٽس، اهڙي ئي سماج جو تصور موجود آهي جنهن ۾ ڪو به ظالم مظلوم نه هجي، انهي لاءِ چوي ٿو ته:
ظلمن کي گهڙيءَ لاءِ، ٿڏي ساڻ نه ٿيڙيو
چنجور کڻي، پاڙ کان بنياد اکيڙيو
جت جت به ڏسو ظلم، دغا، خار جلايو
جنهن جاءِ هجي، عدل وفا، پيار سهيڙيو
استاد وٽ محنت، پيار ۽ همت جا ٽيئي تصور گڏ اچن ٿا ۽ هو سڄي دنيا ۾ عالمي طور محنت ڪش جي سجاڳي، پورهيت انقلاب ۽ وڌندڙ پورهيتن جي جدوجهد کان متاثر ٿئي ٿو ۽ کيس يقين آهي ته دنيا دوزخ مان جنت محنت ڪش ئي بنائي سگهي ٿو، اهڙا خيال اسان کي سندس شعرن ۾ ملن ٿا.
حقيقت ۾ جنهن زماني ۾ هيءَ ڪلام سرجيو، ان زماني ۾ سنڌ جو ماڻهو، اڻ پڙهيل، شاگرد توڙي عام ماڻهو سنڌ جي ڳچي ۾ ون يونٽ جي پيل طوق کي لاهڻ لاءِ سرگردان هو. ون يونٽ اسان سنڌي ماڻهن جي زندگي ۽ موت جو مسئلو هو ۽ هر ماڻهوءَ جي دلي تمنا ان کي ٽوڙڻ لاءِ هئي. (124)
۽ انهي دؤر ۾ عوام ۾ اتساهه ۽ جدوجهد جو عزم سنڌ جي ادب پيدا ڪيو. سنڌي ادب ئي هو جنهن آزاديءَ ۽ انقلاب جا نعرا عام ماڻهن جي زبانن تي شاعريءَ ذريعي پهچايا. انهي دؤر ۾ شاعر عوام جي ڏک پيڙا، ماروئڙن جي غربت پنهنجي سانگيئڙن سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين کي پنهنجي ادب جو موضوع بنايو، مطلب ته شاعريءَ جو موضوع عام ماڻهو هو. پنهنجي عوام جي پنهنجي ديس جي ڳالهه هئي. استاد بخاري به پنهنجي مشهور شعر ”مان ڪيئن سيج سمهان؟“ ۾ اهڙن ماروئڙن جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ طبقاتي سماج جي منظر ڪشي ڪندي چوي ٿو:
مان ڪيئن سيج سمهان!
منهنجا ماروئڙا، منهنجا سانگيئڙا، پڌري پٽ سمهن
تنهنجي ميزن تي سهسين کاڄ اچن
کائن ڪانگ، ڪتا، جوٺا جام بچن
مان ڪيئن لوڻ چکان!
منهنجا ماروئڙا، منهنجا سانگيئڙا، روزا روز رکن
انهي طبقاتي نظام کي وائکو ڪندي غير انساني سلوڪ، حڪمرانن جي جنگي جنون کي نندي ٿو، جيڪي لکين رپيا هٿيارن تي خرچ ڪن ٿا، ماڻهن کي اٽو ۽ اجهو مهيا ڪرڻ بجاءِ ماڻهن کي نفرت، بک ۽ بيمارين ڏانهن ڌڪي ڇڏين ٿا.
درد بنا دل ڄڻ کوکو
پيار بنا ماڻهو پوپو
هڪ هڪ بم تي لکين ضايع
مـائي بـابـا هـڪ ڍوڍو(ص89)
هن شعر ۾ اهڙي سماج جو آئينو ڏيکاري ٿو جنهن ۾ هڪ طرف هڪ ماني لاءِ ماڻهو هٿ ٽنگڻ لاءِ مجبور آهي ٻئي طرف هٿيارن جي ڊوڙ ۾ هڪ ٻئي کي اکيون ڏيکارڻ لاءِ ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا، اهڙي ڦورو ٽولي جي ماڻهن کي جيڪو عوام جا حق ماري ٿو، استاد بزدل ۽ ڊڄڻو قرار ڏئي ٿو ۽ چوي ٿو
ڊڄڻا ماڻهو: ڀاڙي تي جلاد گهرايون بيٺا هن
سورهيه ماڻهو: ٻيريون پايون، سيس سهايون بيٺا هن. (ص 92)
مجموعي طور سندس ٻيا شعر ”ڪوڙ سچ“، ”ڪوششون ۽ تجربا“، ”غلامي آزادي“، ”ظلم عدل“، ”خود فريبي“، ”احتجاج“ ۽ ”انقلاب“ وغيره. روشن خيال ۽ ترقي پسند تحريڪ جي فڪري اثر ۾ لکيل آهن. سندس هڪ ٻيو شعر ”سوچيندڙ سوچو“ ! ۾ ترقي پسندي صوفي انداز ۾ ملي ٿي.
استاد بخاري جي سوچ انسانيت پرستيءَ واري سوچ آهي جنهن ۾ سنڌ جي روايتي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو اولڙو نظر اچي ٿو. سنڌ جو اهو فڪري تسلسل استاد بخاريءَ ۾ ان وقت نمايان نظر اچي ٿو جڏهن استاد شاعريءَ ۾ محض جوش ۽ نعري بازي نٿو ڪري بلڪه حسن، پيار، امن، محبوب، انسان جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ فني انداز سان پنهنجي محبوب جي ڪيفيت کي بيان ڪري ٿو ۽ چوي ٿو:
دوربيني فڪر کي کڻي ان ۾
شاعري استاد ڪو ڏسي منهنجي
نياز همايوني (1930ع)
نياز همايونيءَ جي شاعريءَ ۾ پيغام آهي، جاڳڻ جو، هوشمنديءَ جو، محبت جو، انقلاب جو، انسانيت ۽ امن جو! بنيادي طرح هي شاعر قوم پرست آهي سندس شاعريءَ ۾ پنهنجي قوم لاءِ سجاڳي ۽ پنهنجي حق وٺڻ جو پيغام موجود آهي، پر قوم پرستيءَ جو هي دؤر جنهن ۾ ترقي پسندي، روشن خيالي، انقلابي ۽ اشتراڪيت ڏانهن رغبت رکندڙ لاڙا وڌيڪ نمايان آهن، انهي ۾ نياز همايوني به مظلوم قوم جي هڪ فرد جي ناتي جيڪا ڳالهه ڪري ٿو، انهيءَ ۾ ظلم خلاف وڙهڻ ۽ مظلوم کي جاڳائڻ جي ڳالهه آهي ۽ چوي ٿو:
ابتدا ۽ انتها جي ڳالهه جنهن تي دنگ آهه
پاڻ سان سو ناحق آهي، پنهنجي حالت تنگ آهه.
(ص 29) (مهراڻ 2/1962)
زندگيءَ ڏانهن مثبت رويو رکڻ ۽ زندگيءَ سان پيار ڪرڻ جو ڍنگ به شاعر وٽ نمايان آهي سندس شعر ڏسو:
زندگي! تو لئه ٿو سانڊي جئان جئڻو پوي!
زندگي! تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي!
موت سان هر حال ٿو هر وقت منهن ڏيڻو پوي!
زندگي! تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي!
(ص 44 مهراڻ 2/1956)
۽ زندگيءَ سان پيار جو هڪ ٻيو ڍنگ اهو آهي ته شاعر مسلسل سڪون واري حالت ختم ڪري بي قرار ٿيڻ لاءِ چوي ٿو، ڇو ته شاعر کي اهو يقين آهي ته محنت، جفاڪشي، جدوجهد ئي زندگيءَ جو اهڃاڻ آهن ۽ جيئڻ لاءِ غم مٽائڻ لاءِ درد مندن کي قرار ڏيڻ لاءِ بي قرار ٿيڻ لاءِ ضروري آهي.
اچو ته بي قرار ٿيون
جو درد مند دل جي واسطي قرار ٿو کپي
خزان نصيب زندگي جي لئه بهار ٿو کپي
اچو ته بي قرار ٿيون
هيءَ صبح زهر خند ڇو، هيءَ شام دلفگار ڇو
هيءَ رات فڪرمند ڇو، هيءَ شام غم شعار ڇو
هيءَ لال ڪنوار، گهوٽ ٿي سڀئي، انهي تي جان نثار ٿيون
اچو بيقرار ٿيون (ص (18) (مهراڻ 4/62)
زندگيءَ سان ايڏو چاهه رکندڙ، زندگي لاءِ اتساهيندڙ شاعر جڏهن زندگيءَ جي مثبت ۽ جيئڻ جي جذبن جو ايڏو وجدان رکي ٿو ته پنهنجي قوم، پنهنجي طبقي، عام ماڻهن جي اها حالت کيس واضح نظر اچي ٿي جنهن ۾ معاشي تنگي، درد، سور، پيڙا آهي ۽ هو واضح طور طبقاتي فرق کي نمايان ڪري ٿو، سندس هي شعر ڏسو:
هل ته ٿيون دنگل ڌڻي، دنيا سان پنهنجي جنگ آهه
جا وسيع آهه، ٿورڙن لئه ۽ گهڻن تي تنگ آهه.
(ص 138) ڌرتي جا گيت)
۽ سندس مشهور گيت جنهن ۾ هو، سونهن ۽ سوڀيا ۽ پيار جا قدر به طبقاتي رخ ۾ ڏسي ٿو:
تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول
مون وٽ روپ نڪو ٻهروپ اَلا
تنهنجي دنيا ڪنول تي ڪرڻا
منهنجي دنيا جر جان انداهيل
مون وٽ روپ نڪو ٻهروپ الا
تنهنجي دنيا انڊلٺ ريکا
منهنجي دنيا گدلا بادل
مون وٽ روپ نڪو ٻهروپ اَلا.
(ص 24 ڌرتي جا گيت)
نياز همايوني انهيءَ دور جي عام نعري جنهن ۾ غريب جي ڳالهه آهي، وڙهي حق وٺڻ جي ڳالهه آهي، هاريءَ کي، مزدورن کي سجاڳ ڪرڻ جي ڳالهه آهي، مساوات قائم ڪرڻ جو شور آهي انهي ۾ پنهنجو آواز به ملائي ٿو ڇڏي ۽ سندس شاعريءَ ۾ ڪٿي ڪٿي اسان کي انهيءَ دؤر جي نعرو نظر اچي ٿو.
غريب لاءِ غريبي ۽ تنگ دستي ڇو؟
امير لاءِ اميري ۽ خودپرستي ڇو؟
يا
اٿو اٿو جو زمانو ٿو جنگ جنگ ڪري
هي ظلم و جبر ٿو روحن کي تنگ ڪري
اهڙي طرح سندس شعر ”جيئي سنڌ جيئي شال“، ”منهنجي ڌرتي“ وغيره سندس اهڙي شاعري آهي، جا انهي نعري بازي کي ظاهر ڪري ٿي پر نعري بازي وقتي جذباتيت پڻي جو شڪار هوندي آهي ۽فڪري طور گهرائي ۽ وابستگي نه رکندي آهي پر نياز همايوني ۾ اها خصوصيت آهي ته هو صرف حال جي ڳالهه نٿو ڪري ۽ نه وري هڪ دؤر جي نسل جي ڳالهه ٿو ڪري پر نئين نسل جي دؤر جي ڳالهه ڪري ٿو. ساڳئي وقت سندس شاعريءَ مان ڌرتيءَ جي فڪر ۽ تاريخ ۽رويي جي بوءِ اچي ٿي جيئن پنهنجي نسل کي پنهنجي آسن ۽ اميدن جو اهڃاڻ قرار ڏيندي ”نئين نسل جي نالي“ شعر لکي ٿو يا وري ”تنهنجون وايون ورهه لطيف“، سچل سائين جي حضور ۾“! ”اي خبردار زمانا“ شعر لکي ٿو.
اهڙي طرح نياز دين ڌرم جي نالي تي ٺڳيون ڪرڻ وارن کي به وائکو ڪري ٿو ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ مذهب جي نالي ۾ ٿيندڙ ظلم جي تسلسل کي به ظاهر ڪري ٿو.
نياز همايونيءَ وٽ زندگيءَ جا ٻئي پاسا اميد ۽ مايوسي پوري جوش ۽ جذبي سان ملن ٿا جيئن سندس نظم ”هاءِ جيجل مارئي“ ۾ ڏک، مايوسي، پيڙا، انتهائي حد تائين ملي ٿي. مثال:
انگ اٿليا رنگ بدليا، پر اياڻي مارئي!
تون نٿي بڻجي سگهين دل ڌياڻي مارئي
مان اڃان سمجهان ٿو تو کي، سا پراڻي مارئي
جا عمر جي ڪوٽ ۾ هئي قيد اياڻي مارئي!
وقت ٿو تو کي رکي هر دم ڏکاڻي مارئي!
هاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!
پر ساڳئي وقت هن نظم جي آخر ۾ وري اميد جو پهلو اڀاري ٿو جنهن ۾ هڪ دم جوش ولولو اچي وڃي ٿو.
ڪين ٿي مايوس او منهنجي مٽياڻي مارئي
سون ورني ۽ ڌنارن جي ڌياڻي مارئي
آ ڪندس واهر سندءِ سر ڏئي نماڻي مارئي
بند مان تو کي ڇڏائيندس اياڻي مارئي
تون وري ٿيندينءَ ماڳن مالڪياڻي مارئي
هاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي‘
جيڪڏهن شاعر درد جي ڳالهه ڪري ٿو ته اهڙيءَ طرح جو شاعريءَ ۾ موجود تشبيهون دل کي ڇهن ٿيون ۽ درد جو احساس ٿيڻ لڳي ٿو جنهن مان مايوسي جو تصور اڀري ٿو پر ساڳئي وقت اسان انهيءَ کي حقيقت پسندي چئي سگهون ٿا. ”مگر زندگي، زندگي!“ انتهائي خوبصورت ۽ اميد سان ڀرپور شعر آهي. هن شهر جي سٽ سٽ ۾ زندگي ۽ زندگيءَ جو ردم هڪ ترنم سان هڪ جذبي ۽ جوش سان موجود آهي. هن شعر پڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿئي ٿو ته نياز همايوني فڪري طور زبردست روشن خيال ۽ ترقي پسند فڪر جو حامي آهي. سندس شعر ”سنڌ جا ميلا“ جيڪو طويل نظم آهي، هن نظم ۾ سنڌ جي جديد دور جو ڏيک آهي جنهن ۾ رستا، روشنيون، دڪان، مشينون ، ڪاريگر آهن، لونگين اناجن جون ڳالهيون آهن. هو بدلجندڙ دنيا ۾ جديد سائنسي ايجادن جي ڳالهه ڪري ٿو. انسان جي اڪيلائيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ جديد سائنسي تفريح جي ڳالهه ڪري ٿو. مطلب ته هن نظم ۾ هن ميلي کي زندگيءَ جي تاريخي تسلسل سان تشبيهه ڏئي ٿو جنهن ۾ زندگي جو هر روپ ۽ رنگ موجود آهي.
مجموعي طور نياز همايونيءَ جي شاعريءَ جو بنياد آهي ئي ”فڪر“ جنهن کان بغير سندس شاعري اڌوري آهي پر سندس فڪر کي اسان صرف هڪ وقت جي فڪري تحريڪ سان منسوب ڪري محدود نٿا ڪري سگهون. نياز وٽ انسان، زندگي، پيار اهم شيون آهن، هو انهن کي ئي صداقت ۽ سچ قرار ڏئي ٿو. انهيءَ لاءِ وڙهي ٿو انهي لاءِ لڇي پڇي ٿو، تنهن ڪري نياز سنڌ جي فڪري تسلسل جي هڪ ڪڙي آهي جيڪا هر دور ۾ روشن خيالي ۽ ترقي پسنديءَ جو روپ ڌاري ظاهر ٿئي ٿي.
شمشير الحيدري (1933ع)
شمشير الحيدري جي شاعريءَ ۾ فڪري طور سماجي حقيقت پسنديءَ جا قدر نمايان آهن، سندس بنيادي موضوع انسان آهي، جنهن جا مختلف روپ ۽ رويا آهن شمشير الحيدري نئين دؤر جي ڳالهه ٿو ڪري، جنهن ۾ انسان پنهنجي پيرن تي بيهي ٿو. روايتن، رسمن، مذهب ۽ جاگيرداري جي قدرن ۾ پيڙهيل انسان کي سڏ ڏئي ٿو، ته اچ ڌوم مچائي، زندگيءَ جو بنياد پيار ۽ محبت تي رکون:
اچ اچ گڏجي ڌوم مچايون
پنهنجو پاڻ ملهايون!
عمريون گذريون روئيندي، رڙندي
گيت خوشيءَ جا ڳايون!
هر هنڌ زر جو زور ٽٽي پيو
انسان ڪشمڪش مان نڪري پيو
اچ همت سان پاڻ به ساٿي
پنهنجو ڀاڳ ورايون!
ڌن پاپيءَ کي سرڳ ڏياري
ڌن ئي ماري، ڌن ئي جياري
ڌن ئي آهي جڳ جو داتا
ڌن جي ڌوڙ اڏايون!
ڌرم ڪرم جا جهڳڙا رڳڙا
مايا راڄ جا راکو رکڙا
پيار جو مذهب سڀ کان سهڻو
پيار جي جوت جڳايون!
اچ اچ گڏجي ڌوم مچايون
پنهنجو پاڻ ملهايون! (125)
شمشير الحيدريءَ جي شاعريءَ جو خاص پهلو اهو آهي ته هو موجوده سماج ۾ تبديلي ڏسڻ چاهي ٿو. هو چاهي ٿو ته انسان سجاڳ ٿئي ماحول جيئن آهي تيئن نه رهي بلڪه انهي ۾ ڪا حرڪت ٿئي ته ماڻهو پنهنجي اهميت سڃاڻي، پنهنجي تقدير بدلائي ۽ انهي لاءِ هو بار بار ڪجهه ڪرڻ جي ڳالهه ٿو ڪري.
شاعر حسن ۽ جوانيءَ جي اهميت جتائي ٿو، ۽ اهو احساس ٿو ڏياري ته حسن ۽ جوانيءَ تي ناز ڪرڻ به زندگيءَ جو اميد وارو ۽ روشن خيال پهلو آهي، جنهن سان زندگي متحرڪ ٿئي ٿي ۽ سماجي قدرن ۾ اٿل پٿل ٿئي ٿي، هو هن سماج کي چڱي طرح سمجهي ٿو، جنهن ۾ هر طرف ڏک ۽ پيڙا آهي ۽ انهيءَ خلاف ماڻهن وٽ وڙهڻ جو شعور ناهي، ماٺ آهي جنهن ۾ سک سان سمهي نٿو سگهجي.
فڪر ۽ نغما مات مري ويا، ڪم ۽ چم وڪجن پيا ٻئي
سک سمهڻ شمشير اڃا ڪٿ، ڏک جي ڏائڻ جاڳي پئي!
انهي ڪري شمشير وٽ موجوده سماج جو تصور هڪ جنگل نما آهي جنهن ۾ خوف به آهي خطرو به آهي جنهن جو ماحول ڀيانڪ آهي، پر هو پنهنجي ساٿين کي اهڙي صورتحال ۾ سڏي ٿو ۽ گڏجي اڳتي هلڻ لاءِ چوي ٿو.
شمشير الحيدري جو اهو خاص پهلو نمايان آهي جنهن ۾ اڳتي وڌڻ جدوجهد ڪرڻ جو فڪر موجود آهي.
آڌي مانجهي سنجهه سواري
رڙهندو رهجئين پير وڌاري. (126)
ساڳئي وقت شمشير وٽ ترقي پسندي جو هڪ لاڙو جنهن ۾ پورهيت هاري جي عظمت ۽ عوام جي اهميت کي اڀاريو ويو، نئين دؤر جي تعمير جو ڪم ڏنو ويو. انهي کان به متاثر آهي. سندس هي شعر ڏسو:
مزدور جي محنت نظر انداز نه آهي
جمهور جو آهنگ بي آواز نه آهي
شب و روز نئين دؤر جي تعمير ڪريون ٿا
ڄاڻي ٿو زمانو به، اهو راز نه آهي
ڪنهن طرح اسين ظلم جا قائل نه ٿياسين
زنجير کان وڌ پنهنجو دمساز نه آهي
شمشير الحيدري به انهن شاعرن مان آهي جن انقلابي فڪر ۽ نعري کي رومانوي انداز سان پيش ڪيو. هنن حسن جي لازوال صداقت کي مڃيو، عشق کي اعليٰ آزادي ۽ رهنمائي جي علامت طور کنيو.
شمشيرالحيدري نئين دؤر جي تقاضا کي سمجهي ٿو. هو ائين روايتن ۽ دقيانوسي قدرن ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪري نئون سماج اڏڻ ۽ نوجوان کي اڳتي وڌڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ لاءِ اتساهي ٿو. اها خصوصيت فڪري طور روشن خيالي ۽ ترقي پسندي ۾ اچي ٿي ۽ ساڳئي وقت شمشير سنڌ جي فڪري تسلسل ۾ پاڻ کي ڳنڍي ٿو جو هو حسن، صداقت، سچ ۽ عشق لاءِ سوري تي چڙهڻ ۽ پيار محبت جي ڳالهه ڪندي پنهنجي ڌرتيءَ مهراڻ جي موجن جي ڳالهه ڪري ٿو. سنڌ جي علم و فيض جي ڳالهه ڪري ٿو:
جهول ۾ تنهنجي سوين هزارين سالن جا سرمايا،
ساريءَ دنيا تنهنجي در تان ڪئي فيض پرايا،
موج ڀرئي مهراڻ جون مستيون تنهنجا اوج ڏس.(127)
امداد حسيني (1940ع)
امداد سنڌي شاعريءَ ۾ جديد هيئت ۽ اسلوب ۾ ۽ وقت جي تقاضا مطابق ادب جي قدرن ۾ تبديلي آندي. سندس انداز بيان رنگين ۽ رومانوي آهي پر فڪري طور هو ڏاڍو اميد پرست شاعر آهي. اڪثر شاعريءَ ۾ ڏک، پيڙا، درد ۽ وڇوڙو هوندو آهي پر امداد مرڪڻ جي ڳالهه ڪئي، ڏاهي ٿيڻ جي، حسن پيار ۽ انسان کي انسان ٿيڻ جي تاڪيد ڪئي. چوي ٿو:
مسڪرايو اهو اجهو آيو ڪي آيو، دوستو!
حسرتن جي ڪنوار کي ميندي لڳايو دوستو!(128)
امداد وٽ انسان جو تصور خالص ۽ ڪنهن لقب جو محتاج ناهي، هو سٺائي جو نالو نٿو کڻي، هو خراب کي خراب نٿو چوي پر چوي ٿو:
صوفي ڀلي صوفي هجي ملا ملا
انسان کي انسان رهڻ ڏي سائين. (129)
امداد منزل تي پهچڻ لاءِ ڪنهن مذهب جي سهاري جي ڳالهه نٿو ڪري، هو انهن ماڻهن کي اياڻو چوي ٿو جيڪي هيڏي هوڏي راهه ۾ ڀٽڪن ٿا، پر زندگيءَ کي اصل نٿا سمجهن چوي ٿو:
خدا جي واسطي ڏاها ٿيو، سياڻا ٿيو
نه دير، ڪعبي، ڪليسا جي راهه کان گذرو
جي پهچڻو ئي اٿو جلد پنهنجي منزل تي
ته ڪنهن حسين جي قاتل نگاهه کان گذرو. (130)
اها امداد وٽ فڪري طور وڏي تبديلي آهي ته هو منزل تي پهچڻ جو طريقو جمالياتي طور ڏسي ٿو ۽ وٽس اميد پرستي ايتري آهي جو هو ديس وارن کي، پنهنجي ڏکويل ماروئڙن کي وڏي واڪي دلجاءِ ڪرڻ لاءِ چوي ٿو:
اي صبا
ديس وارن کي ڏجئين منهنجا سلام
وڏا ڀاڪر وجهي ۽ عرض ڪجئين ڏاڍا نياز
۽ اهو پيار مان پيغام ڏجئين
ته متان ٿين ملور
متان ٿين اداس
ته متان همتون هارين ۽ ڳوڙها ڳاڙين
نه گريبان ئي ڦاڙين
نڪي رون رڙن
اهو چئجين ته بس ڄاڻ ٿي زنجير ٽٽي
زندان ٿو کلي
ڄاڻ ٿي باک ڦٽي ۽ ٿئي سرهاڻ سڄاڳ
ڄاڻ ٿي رات کٽي
۽ اجهو رنگ جو مرڪي ٿو سهاڳ!
مسڪرائيندو سحر جهومندو ڳائيندو اچي. (131)
امداد صرف اميد جي ورکا نٿو ڪري پر هو پنهنجي ماڻهن سان پنهنجي سٿ سان گڏ هلي ٿو ۽ کيس سڏ ۾ سڏ لاءِ چوي ٿو:
ڏاڍي جي ڏيهه تي ويهه گوڏو گڏي
ٿي نه مون کان پري!
ماٺ جي ملڪ ۾ ڏاڍيان رڙ ڪري
سڏ ۾ سڏ ڏي (132)
اهڙي طرح امداد حسينيءَ جو اسلوب جمالياتي آهي پر هو فڪري طور روشن خيال ۽ ترقي پسند شاعر آهي.
انور پيرزادو (1945ع)
سنڌي اديب جي اها خاصيت رهي آهي ته هو انقلابي هوندي ڏاڍو رومانٽڪ رهيو آهي، وٽس ڌرتيءَ ۽ عورت سان محبت جا بي انتها جذبا ملن ٿا. شيخ اياز انهي سلسلي ۾ چيو هو ته ”هر شاعرِ محبت شاعرِ انقلاب آهي“. (133)
انهيءَ مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته دنيا کي بدلائڻ، انسانيت پرستي ۽ انقلاب جا خواهشمند بنيادي طرح محبت جا شاعر هوندا آهن، پر اسان وٽ اهو رجحان ون يونٽ واري دؤر ۾ ٿوري دير لاءِ گهٽ نظر اچي ٿو جنهن لاءِ گهڻن جو خيال آهي ته ترقي پسندي محدود ٿي صرف ڪميونسٽ پارٽيءَ جي نعري بازي تائين وڃي رهي هئي پر 70 جي ڏهاڪي جي آخر ۾ تيزيءَ سان اهو رجحان بدلجندو نظر اچي ٿو. اديب ترقي پسنديءَ ۽ روشن خياليءَ جي فڪر کي ڦهلائي ٿو، انهن شاعرن ۾ انور پيرزادو به شامل آهي. بقول انور پيرزادي جي ته ”محبوب جي مک کي چمڻ جي خواهش به ترقي پسندي آهي“ (حوالو ذاتي ڪچهري 2 اپريل 1998).
70 جي ڏهاڪي ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال ۾ جيڪو ڪجهه وهيو واپريو اها اٿل پٿل انور پنهنجي اکين سان ڏٺي جنهن ۾ مارشل لا لڳڻ کان پوءِ عوامي حق ڦٻائي جبريت ۽ آمريت مڙهي ويئي، پريس تي پابندي، لکڻ وارن تي پابندي عوام جي ميل جول تي پابندي، سخت خوف ۽ ڏهڪاءُ وارو ماحول هو انور خود نه صرف اهو ماحول ڏٺو بلڪه ذاتي طرح ڀوڳيو به انهي گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول کي انور هيئن چٽيو.
وڍيل
چچريل
ڏڏريل
پيڙهيل
وٽيل سٽيل
ڇيهون ڇيهون
گهمندڙ ڦرندڙ
جيئرا روح
منهنجي ڳوٺ
جا ماڻهو
ڄڻ ته جن تي
اهو بم هنئيو ويو آهي
جو نيوٽران
به ته ناهي
جو جسم ۽ مال
سلامت آهي
باقي دليون
چچريل ڦاڙيل
جذبا ڪپيل
خواب ڏنڀيل
سوچون ساڙيل
ساهه نپوڙيل
ڄڀون پٽيل
سک چورايل
ڏنڀ ڏنل
هي ماڻهو
منهنجي ڳوٺ جا ماڻهو
مرد ۽ زالون
ٻڍڙا ۽ ٻار
جن جي آئون
لفظن ۾
تصوير چٽڻ ٿو چاهيان
سچي پچي تصوير
پر لفظ ۽ جملا
ايڏا پيڙهيل ناهن
جيڏا منهنجي ڳوٺ جا ماڻهو آهن
سوچيان ٿو
تصوير جڙي نه سگهندي
ڇو ته اکر
ڪنهن رئندڙ
اک مان
ٽمندڙ ڳوڙها
ناهن
ليڪا آهن
خالي ليڪا.
انور ان وقت جي حالتن ۾ ماڻهن ۾ اتساهه ڏئي ٿو ۽ صدين کان دٻيل گهٽيل بند عورت کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته.
تنهنجي سهڻي چوٽيءَ جو
جي هڪڙو سنهڙو وار
به هينئر
لانگ بوٽ جي هيٺان ايندو
ڊائنامائيٽ ٿي ڦاٽي پوندو
تنهنجي سبيل چپڙن مان
هڪ جملو ٻاهر نڪري ايندو
بندش پيل ڪتاب ٿي پوندو.
انور وٽ حالتن بدلائڻ جو اتساهه آهي هو ماڻهن کي جديد دؤر جي حالتن کان باخبر رکي ٿو ۽ فاشي رجعت پسند قوتن سان مهاڏو اٽڪائي ٿو ۽ مٿن ٺٺول ڪري ٿو، جيڪي هر وقت صبر ۽ شڪر جي تلقين ڪن ٿا.
تون چوين ٿو ته
رڳو صبر ڪجي
شڪر ڪجي
پوءِ به آءُ لڇان ٿو
ته چوين ٿو ته چپ ڪر
پوءِ به جي سچ چوان
ته سڏين ٿو
باغي!
انور پيرزادو خوبصورت جذبن جو خوبصورت شاعر آهي، وٽس زندگيءَ لاءِ ڏاڍو رومانوي ۽ پيار ڀريو تصور آهي جنهن کي هو وقت جي رجعتي قوتن هٿان تباهه ۽ برباد ٿيڻ نٿو ڏئي ۽ مزاحمت ڪري ٿو. ان سلسلي ۾ سندس نظم ”ان رومانٽڪ“، ”من جو بيروت“، ”ياد جي پيڙا“ ڏاڍا خوبصورت آهن.
انور پيرزادو مجموعي طور ترقي پسند ۽ روشن خيال شاعر آهي.
ذوالفقار سيال
70 واري ڏهاڪي ۾ هي شاعر بلڪل نئين ٽهيءَ جو نئون نڪور شاعر هو. سندس پهريون مجموعو ”رڻ سڄو رت ڦڙا“ 1979ع ۾ ڇپيو، پر انهيءَ کان انڪار ڪري نٿو سگهجي ته فڪري طور ڏاڍي سگهاري شاعري اٿس. تنوير عباسيءَ سندس باري ۾ چيو هو ته ”ذوالفقار نئين ٽهيءَ جو شاعر “Angry young man” آهي پر سندس انقلابي اظهار جذباتي، سطحي ۽ نعري بازيءَ وارو ناهي پر شاعراڻو آهي.“ (134)
۽ واقعي جڏهن سندس شاعري اسان پڙهون ٿا ته سندس شعر فطرت، سماج، ماڻهو ۽ معاشي نظام جي گهري مشاهدي جو عڪس ٿا لڳن ۽ ائين ٿو لڳي ته ذوالفقار هر ڍڪيل لڪل شيءِ مٿان ڪپڙو لاهيندو ٿو وڃي ۽ سندس اصلي روپ اسان کي ڏيکاريندو وڃي، سندس هڪ نظم ”عڪس“ آهي، جنهن ۾ هڪ ڪوڙهه کاڌل ماڻهو ٽهڪ ڏئي فطرت جو مذاق ٿو اڏائي، پر سندس نظم ۾ ايڏو ته تغزل آهي جو هو اشاري ۾ هن سڄي سماج کي اگهاڙي ٿو ڇڏي جيڪو ڪوڙهه کاڌل آهي.
هر ڪو لنگهندڙ لهرائي ٿو
(هڪ انوکي ڌپ ۽ ڪرب جو احساس)
مان سوچيان ٿو
سڀئي ماڻهو، جي پنهنجي چهري تان
نقلي پردا لاهي ڇڏين
اصليت سڀني جي ساڳي آ.
اصل ۾ ذوالفقار هن طبقاتي سماج جي اصليت کي وائکو ڪري ٿو، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجو ماڻهپو وڃائي ويٺو آهي، جنهن ۾ ماڻهوءَ جو قدر ختم ٿي چڪو آهي. سندس نظم ”قدر“ انهيءَ ڳالهه جي هيئن عڪاسي ڪري ٿو:
وچ رستي تي ڪتو مئو
ماڻهن
سمجهي ڍونڍ هٽايو
پر ماڻهوءَ جو لاش پيو آ
ڪنهن نه انهيءَ کي
هٿ لڳايو. (ص 90)
ذوالفقار انهيءَ ٽهي جي اديبن مان آهي جن ماڻهن کي جانڊهه جي ٻن پڙن ۾ پيڙجندي ڏٺو، هڪ جاگيرداري ۽ ٻيو سرمائيداري. اسان وٽ شهرن ۾ واپاري دنيا جا قدر ماڻهن جي جوهر کي بازار ۾ رکي ڇڏين ٿا جنهن وٽ دولت آهي اهو مزا ماڻي تنهن ڪري سڀني جي هڪ ڊوڙ شروع ٿئي ٿي. انهي دولت جي طاقت کي هٿ ڪرڻ جي لاءِ انهي ۾ ماڻهو جو اندر، ماڻهپو، انسانيت، اخلاق، رحم، همدردي، پيار، سڀ کوکلا لفظ بنجي وڃن ٿا ۽ ٻئي طرف جاگيرداريءَ ۾ وڏيرڪي ذهنيت جا پنهنجا قدر ۽ ماڻ ماپا آهن جن ۾ انساني قدر لتاڙجي وڃن ٿا.
وڏيرڪي سماج ۽ وڏيري جي ذهنيت جي عڪاسي سندس نظمن ”غيرت“، ”مهمان“، ”ڪاري“ مان ٿئي ٿي. هي اهي اوڻايون آهن جيڪي اسان جي سنڌي سماج جو ناسور آهن مثال:
غيرت
ڏهن سالن کان
”رن“ وڏيرو
پنهنجي گهر ۾
ويهاريو اچي ٿو
چيس ڪنهن ”سائين!
شادي ڪري ڇڏ“
وڏيرو ٻڌي لفظ
غيرت ۾ آيو
زوردار هڪڙي
چماٽ وهائيندي
چيائين
”ڪڃرين سان شادي ڪبي آ!“؟
مهمان
ستر سالن جو
ٽي شاديون
پوئين زال
ننڍي نيٽي
گهر ۾ ڪو نه ڪو
مهمان رهي ٿو.
ڪاري
مان ڏوهه ان جو ڄاڻان ٿو
هو ڪالهه جا مئي رستي تي
آ مڙس ڪيو، ان کي ڪاري
هڪ ويلي، مون در آئي هئي
زنده رهڻ بدلي ۾
ڪا نوڪري هن چاهي پئي
مان حال ٻڌي ٻڌندو ئي رهيس
هن روئي مون ڏي نيڻ کنيا
(جي اوجاڳي کان ڳاڙها ها)
۽ سڏڪي سڏڪي لفظ چيا
”هن مون کي گهر مان ڪڍيو!“
پر ڪالهه ٻڌايو مون کي ويو
آ پنهنجي ئي مڙس ماري
بس لفظ چئي هڪڙو
ڪاري!! (ص 84)
۽ ٻئي طرف هو شهري دنيا جي ڳالهه ٿو ڪري، جتي سک سهولتون آهن، پر اتي به انسان خوش ناهي، سندس نظم ”مرض“، ”اسپتال“ ۾ اهڙي عڪاسي ڪيل آهي.
ذوالفقار ٻن نظامن جي وچ تي بيهي انهي انسان جي ڳالهه ٿو ڪري جيڪو بيوس آهي لاچار آهي:
روز گهٽجي ٿو اڌمو، پور
اڄ جو انسان
ڪيڏو بي وس ۽ مجبور
پنهنجي مرضي ڪيئن ٿو چاهي
اڄ جو انسان
انسانن جو قيدي آهي (ص 102)
اهڙي صورتحال جنهن ۾ نفسا نفسي آهي، ڏاڍ ستم آهي، انسان پنهنجي پاڇي کان ئي ڊڄي ٿو.
ماڻهو ماڻهو زخمي زخمي
سارو ڏيهه ڏکايل آهي
سندس نظم ”رڻ سڄو رت ڦڙا“ انسان جي مڪمل تاريخ آهي جنهن ۾ وقت جي گهاون انسان کي چيري ڦاڙي ڇڏيو آهي، هو صدين جو سفر ڪندو رهي ٿو، ڄڻ ته صرف جوت جو ماس چاڙهي زماني جي رنگ ۾ رنگجي ٿو. ڪٿي محبت جو ماس چاڙهي ٿو ڪٿي نفرت جو، ڪٿي بغاوت جو، ڪٿي سچ جي سوريءَ تي چڙهي ٿو. ڪٿي ڳڀي لئه تڙپي ٿو سندس هي نظم فڪري طور وڏي گهرائي رکي ٿو، جنهن ۾ هو ڌرتي جي تاريخ ۾ مظلومن جي رت جي تاريخ بيان ڪري ٿو ۽ چوي ٿو رڻ سڄو رت ڦڙا آ! هو عقيدي جي سهاري کي به خود فريبي سمجهي ٿو ۽ چوي ٿو:
انسانيت جي پاڇي هيٺان
مذهب بيهي ساهه کڻي ٿو!
انڌا، ٻوڙا ۽ گونگا ماڻهو
سمجهن شايد ٽيڪ ڏئي ٿو.
پر انهي سڄي صورتحال ۾ ذوالفقار سيال صرف مشاهداتي ناهي هو صرف منافقيءَ جا پردا لاهي حقيقت بيان نٿو ڪري بلڪه سندس فڪر جو رخ اتي کلي طرح ظاهر ٿئي ٿو جڏهن چوي ٿو:
هٽايو هي نيزا اسان جي سرن تان
اسين زندگي آزمائڻ ٿا ڄاڻون.
نوجوان نسل جو اهو حوصلو ۽ اها اميد پرستي پنهنجي مستقل سنوارڻ جا خواب پوري دنيا جا رنگ بدلائڻ جو خواب بنجي وڃن ٿا.
ڳاڙهي سرخي ڏس ڏئي ٿي
ڄاڻ صبح جو سورج اڀريو.
انهن ماڻهن کي نندي ٿو جيڪي چپ چاپ ويٺا آهن جيون جيئن آهي تيئن گهارين ٿا، انهي کي بدلائڻ جو حوصلو نٿا رکن. ذوالفقار سيال تقدير بدلائڻ جو حوصلو رکي ٿو پر سچ خاطر هو مصيبت سهڻ لاءِ تيار رهڻ جو فڪر ڏئي ٿو ۽ سچ چوڻ وارن جي تاريخ ٻڌائي ٿو ۽ چوي ٿو:
جيترا دل تي لڳا ڌڪ، حوصلا وڌندا رهيا
زندگي! تنهنجا اسان لئه مسئلا وڌندا رهيا
سچ وارا وڃي ڪيترا ڦاهيءَ چڙهيا
ڪو ڏسي حيران ٿي ويو سلسلا وڌندا رهيا.
ذوالفقار به انهي سلسلي جي ڪڙيءَ کي ڳنڍي ٿو جيڪا سچ انسانيت ۽ ماڻهپي جي ڪڙي آهي، جنهن خاطر انسان صدين کان ظلم خلاف مهاڏو اٽڪايو آهي سوري تي لٽڪيو آهي مجموعي طور ذوالفقار سيال زندگي جا مختلف رخ ڏيکاري انهن جي پيڙا ۽ ڀوڳنا کي محسوس ڪرائي ٿو، سندس اصطلاح، پهاڪا، تشبيهون، استعارا، علامتون سڀ فڪري اهڃاڻ طور استعمال ٿيل آهن.
اهو ئي ادراڪ آهي جيڪو ڏاهپ جو، علم جو، ساڃاهه جو آهي جنهن جي بنياد تي ماڻهو پاڻ کي سڃاڻڻ شروع ڪري ٿو ۽ انهي احساس کان ڌار ٿي جي نٿو سگهجي ۽ اهو ئي شعور آهي جيڪو ماڻهوءَ کي انسانيت پرستي، امن، زندگي، پيار، وطن سان وابسته ڪري ٿو ۽ ذوالفقار سيال جي شاعريءَ ۾ فڪري طور اهڙا اهڃاڻ شامل آهن جيڪي روشن خيال ترقي پسند فڪر جي دائري ۾ اچن ٿا.
ان کان علاوه ڪجهه شاعر ذڪر جوڳا آهن جيڪي ترقي پسندي ۽ روشن خيال فڪر کان پري ناهن مثال قمر شهباز جنهن جو آزاد نظم ”نئون نياپو“ (ص 637 مهراڻ شاعري نمبر) ۽ سندس وائي ”چنڊ رهين ٿو دور“ (ص 636 مهراڻ شاعري نمبر) روشن خيال ۽ ترقي پسند فڪر تي مبني آهن.
وفا ناٿن شاهي به شاعريءَ ۾ جدت پسند طبع ۽ خيالن کي آندو، ان کان علاوه راز ناٿن شاهي، آثم ناٿن شاهي جي شاعريءَ ۾ به روشن خيال، فڪر، سماجي حقيقت پسندي ۽ طبقاتي ڪشمڪش موجود آهي، جيئن راز ناٿن شاهيءَ جو هي شعر ڏسو.
شهر جي هڪ چونڪ تي
هڪ شام
مانيءَ ڳڀي جي واسطي
ٿي وڙهيا
ڀائر ٻه پنهنجو پاڻ ۾
هڪ ٻئي جي سخت چوٽن سان ٻئي
ڦٿڪي، لڇي کرڙيون هڻي
ويندا رهيا
پرسهي سگهيا نه مانيءَ جو ڳڀو
هڪڙي هٿ ۾
ٿورڙي وقفي کان پوءِ
ڏٻرو هيو نيم جان
هڪڙو ڪتو
ويو کڻي مانيءَ ڳڀو (135)
ان کان علاوه جديد شاعرن ۾ تاج جويو، تاج بلوچ، تاجل بيوس، اياز گل به قابل ذڪر آهن جن جي شاعريءَ ۾ روشن خيالي ۽ ترقي پسنديءَ جا لاڙا موجود آهن.
هندستان ۾ سنڌي شاعرن ۾ به اسان کي ترقي پسندي ۽ روشن خياليءَ جا عنصر ملن ٿا، جن ۾ هري دلگير (1916ع) نارائڻ شيام (1912)، سڳن آهوجا (1921)، ارجن شاد (1924ع)، ايم ڪمل 1925ع)، گورڌن ڀارتي (1929ع) موتي پرڪاش وغيره جن جي شاعريءَ ۾ اسان کي روشن خيالي ملي ٿي پر مجموعي طور سندن شاعريءَ ۾ سنڌيت جو جذبو، سماج سڌار ۽ رومانوي لاڙا ملن ٿا.