پيش لفظ
مذھب اسلام جي عام روايتي عقيدن ۾ ويساھ ويٺل ھوم؛ جنھنڪري شريعت اسلام مطابق زندگي گذارڻ ۾ راھ نجات سمجهندو ھوس.
پر ڪجھه وقت کان پوءِ مختلف مذھبن جي ماڻھن سان بحث مباحثي ڪرڻ، جدا جدا مذھبي ڪتابن جي مطالعي ۽ غور ڪرڻ بعد آھستي آھستي ٿي، انھيءَ خوش اعتقاديءَ جي آھني ديوارن ۾ شڪن جا شگاف پوڻ لڳا، جن جو مفصل احوال “پنھنجي ڪھاڻي پنھنجي زباني” ڪتاب ۾ درج ڪيو اٿم.
ھتي ھي ظاھر ڪرڻ ڪافي ٿيندو تہ سر سيد احمد خان جي مذھبي نظرين، ٻين مذھبن جي عقائد جي معلومات، تاريخ ۽ فلسفي جي مطالعي، مٽريلزم (دھريت) جي نظريي جي واقفيت ۽ مجازي عشق جي مرحلن بعد منھنجي عقيدن ۽ معلومات ۾ گهڻو ڦيرو آيو آھي. پنھنجي ھڪ مضمون “مجازي مرحلا” جي آخر ۾ 35 سال اڳ ۾ ھيٺين طرح لکيو ھوم؛
“(شخصي، مجازي عشق ۾) مايا جي چڪر ڀلائي گمراھ ڪري ڇڏيو ھو. آھستي آھستي ٿي، صفاتي بي ثباتيءَ ۾ مون کي “لا احب الاَ فلين” جي معنى جو پتو پوڻ لڳو. ھي اھو دور ھو، جو نفساني خواھشن جي ماھيت معلوم ٿيڻ جي ڪري، ظاھري خواھشون سرد پئجي ويل ھيون. خون جي گرمي ٿڌي ٿيڻ لڳي ھئي. مايا جو موھ جھڪو ٿيو ھو. پر اڃان حقيقت پري ھئي. ھاڻ نہ مئن سان گڏ، نہ جيئرن سان جوڙو ھوس. . . مجازي عشق جو تصور بہ شخصي ھو. ان جي اثر مان ٻاھر نڪرڻ بعد سجده گاھ بہ ٻيو ڳولڻو ھو. “اڳي حقيقت مجاز ۾ نظر ايندي ھئي. ھاڻ (شخصي) مجازي موھ اُترڻ ۽ حقيقت طرف اکيون نہ کلڻ سبب گمراھي ۾ گذارڻ لڳس . . . ويراڳ ويڙھي ويم. حقيقت سان روشناسي ڪانہ ٿي ھئي . . . (ڪجھه وقت کان پوءِ) وري مجازي معشوق ٻيءِ صورت ۾ اچي منھن ڏيکاريو. اڳي فردي (جزوي) صورت ۾ منھن ڏيکاري ڪشش ڪئي ھئائين، ھاڻ ھڪ نظريي جي شڪل ۾ ڪشش پئي ڪيائين. اڳي مارئي کيت جي درد فراق ۾ مبتلا ھئي، ھاڻ کيت جي عيوض مارن جي ياد اچڻ لڳي ھيس. مارئيءَ جا مارو ٿر جا ڄاول سندس ھم قوم ھئا. منھنجا مارو سنڌ ديس جا رھاڪو سنڌي ھئا. اھا مجازي مرحلي جي ارتقا ھئي. مجاز ساڳيو ھو، پر ان جو تصور ۽ ڪشش جدا نموني جا ھئا. محبت جو جوش ۽ اڪير ساڳيا ھئا . . . نشا ۽ خمار ساڳيا ھئا، پر ساقي بدليل ھئا.”
ان کان پوءِ منھنجي خيالن ۾ جا تبديلي آئي، ان جو اظھار بزم صوفياءِ سنڌ جي مختلف خطبن ۾ ھيٺين طرح ڪيو اٿم. ڊٺڙي ڪانفرنس جي موقعي تي چيم ته
“ سرزمين سنڌ کي اتحاد انساني، امن عالم ۽ ماڻھن جي مادياتي ۽ روحاني ترقي لاءِ ھڪ خاص پيغام آھي. ان پيغام جي اسان جي ولين ۽ درويشن حتي الامڪان تشريح ڪري، ماڻھن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ پئي ڪوشش ڪئي آھي.”
وڌيڪ چيو ھوم ته
“ائين تہ ھر ملڪ ۽ ھر قوم کي پنھنجو پيغام ٿئي ٿو – ليڪن سنڌ کي جاگرافيائي ۽ تاريخي طرح مختلف ڪلچرن ۽ مذھٻي عقيدن جي ميلاپ ڪري، خاص خصوصيتون ھيون.”
انھن خصوصيتن جي تشريح ۾سن ڪانفرنس جي موقعي تي، آل انڊيا مسلم ليگ جي سالياني اجلاس، منعقده ڪراچي سن 1943ع، ۾ پڙھيل پنھنجي استقباليه ڪميٽيءَ جي صدارتي خطبي جا ھيٺان اقتباس پيش ڪري، ان تي روشني وڌي ھيم:
“دوستو، فطرت ھن زمين جو ماضي نھايت شاندار ڪيو ھو، ۽ مونکي اميد آھي تہ ان جو مستقبل بہ اھڙو ئي روشن ٿيندو.”
“ ڪيترن ڳالھين ڪري ھن زمين جي تاريخ نھايت بي نظير رھي آھي. اھا قديم تھذيبن جو آشيانو ھئي، جنھن جي ثابتي موھن جي دڙي جي آثار قديمه مان ملي سگهي ٿي.”
”ھي ئي سرزمين آھي، جتي دنيا جا ڪيئي نسل گڏجي ملي جلي ويا. دراوڙ، آريا، سامي ۽ منگلول نسلن جا نشان ھتي آسانيءَ سان ڳولي سگهبا.”
“نہ صرف نسلن جو ميل جول ھن زمين ۾ ٿيو، ليڪن مختلف مذھبن ۽ فلسفن جو ھڪٻئي تي اثر ۽ ميلاپ پڻ، جھڙو ھتي ٿيو، اھڙو ٻي جاءِ تي ڇٽو ٿيو ھوندو. ٻڌ ڌرم جيتوڻيڪ وچ ھندستان ۾ پيدا ٿيو، ليڪن اھو ھن زمين تي وڌيو ۽ ويجھيو. اسلام جڏھن ھن زمين تي پير پاتو، تہ ٻڌ ڌرم اڃا مروج ھو، ۽ ھتي جي رھاڪن مھاتما گوتم جو نفيءَ وارو سبق اڃان نہ وساريو ھو. اسلام صرف اڳين تعليم ۾ اثبات جو اضافو ڪيو. ويدانيت ۽ وحدانيت جا فلسفا ۽ متا ھتي ئي ھڪٻئي تي اثرانداز ٿيا. ھڪ طرف وحدانيت ھندو يوڳيءَ تي اثر وجهي، بت پرستي کي گهٽايو، تہ ٻئي طرف مسلم درويشن سنياس مان سبق ورتا ۽ راڳ کي تصوف جو جزو بڻايو. ھندو مسلم عقيدا باھمي سمجهوتي ۽ رواداري سان ھڪٻئي جي نزديڪ اچڻ لڳا. گرونانڪ جي تعليم انھيءَ ميل – جول جي نچوڙ جو مکيه مثال ۽ نتيجو آھي.”
“مسلم صوفين ھن ملڪ ۾ شاھ عبدالطيف جي سرڪردگيءَ ھيٺ مذھبن جي بنيادي وحدت جو پرچار ڪري، مختلف مذھبن جي پوئلڳن ۾ محبت ۽ رواداري پيدا ڪئي، جنھن جو عملي ثبوت ھتي جي ھندو مسلم رھاڪن جي باھمي خوشگوار تعلقات مان ملي سگهندو. ھندستان جي ٻين حصن وانگر ڇوت ڇات جو مرض سنڌ ۾ ڳوليو نہ لڀندو . . .”
“مون ھن زمين جي قديم شان شوڪت جو ذڪر مھمانن جي حافظي تازي ڪرڻ جي ارادي سان نہ ڪيو آھي. پر منھنجو اصل مقصد ھن سرزمين جي روشن مستقبل بابت چند تجويزون پيش ڪرڻ جو آھي.”
“انسانذات ابتدائي زماني کان وٺي مختلف ارتقائي دور طئه ڪندي، پنھنجي آخري مقصد، يعني انساني وحدت خيال ۽ عمل، طرف وڌي رھي آھي. انھيءَ لاءِ مختلف گروھن جي مذھبي، سياسي ۽ اقتصادي تحريڪن ۽ ڪوششن، منزل مقصود تي پھچڻ لاءِ، جدا جدا طريقن ۽ واٽن جو ڪم پئي ڏنو آھي. تاريخ جو ھر ورق ان ارتقائي جدوجھد جي مثالن سان ڀرڀور آھي. شروعات ۾ ماڻھو ننڍن ننڍن ڪٽنبن ۾ ورھايل ھئا. ٿوري وقت گذرڻ بعد اھي ڪٽنب وڌي ويجھي، قبيلن جي صورت اختيار ڪري ويا. آخر ۾ اھي قبيلا ملي قومون بنيون.”
“ماڻھن جي وچ ۾ باھمي اتفاق ۽ ميلاپ جا مختلف بنياد پئي رھيا آھن. جا ءِ رھائش (وطن)، زبان، زندگيءَ جو طريقو ۽ خيالات انھن مان مکيه آھن. اڄڪلھه نظريا (Isms) چؤطرف فيشن بنبا وڃن. پر انھن بہ امن آڻڻ جي عيوض مورڳو زيادھہ فساد پيدا ڪيا آھن. جزوي حل، جدا جدا نالن ۾، عارضي عرصي لاءِ مستعمل رھڻ کان پوءِ، تاريخ جي ڪسوٽيءَ تي پرکجڻ بعد ازخود بيڪار بنجيو پون. جيستائين مختلف سياسي، اقتصادي ۽ مذھبي نظرين جي اختلاف مٽائڻ لاءِ حل ڳولي نہ ڪڍيو ويو آھي، دنيا ۾ دائمي اتحاد ۽ امن قائم ٿيڻ مشڪل پيو نظر اچي. انھيءَ حل ڳولڻ لاءِ خاص ماحول ۽ تاريخي روايتن ھيٺ ذھني تربيت جي حاصلات ھڪ لازمي شرط آھي.”
“انھيءَ مشن جي سرانجاميءَ لاءِ سرزمين سنڌ جا رھاڪو زيادھہ موزون آھن. قديم تاريخ جا دفتر ان جا گواھ آھن تہ ڪيئن نہ ھتي مختلف نسل، تھذيبون، مذھبي فلسفا ۽ سياسي طريقا ملي جلي يڪرنگي اختيار ڪري سگهيا آھن. دنيا جي نئين تعمير لاءِ، جنھن ۾ مشرق ۽ مغرب جا ويڇا ميٽجي ھڪ وحدت ۾ گڏجڻا آھن، سرزمين سنڌ کي خاص پيغام پيش ڪرڻو آھي. مون کي ھن انڌوڪار جي زماني ۾ ڪي روشنيءَ جا ترورا نظر اچي رھيا آھن. ھن جسماني ولوڙ بعد مکڻ ھتان ئي نڪرڻو آھي.”
ھي خيال 24 سال اڳ ظاھر ڪيا ھئم. سنڌ جي خاص پيغام ۾ تڏھانڪر منھنجو ويساھ پئي رھيو آھي. اھو پيغام ڪھڙو آھي، جنھن جي تعليم ۽ تربيت اسان جي درويشن ڏني آھي؟ عمر جو سمورو وقت انھيءَ کوجنا ۾ گذاريو اٿم. غور، فڪر ۽ تجربي بعد، جن نتيجن تي پھتو آھيان، تن کي ھن ڪتاب ۾ قلمبند ڪريان ٿو.
اھي منھنجا شخصي رايا آھن، جن کي حق جي ڳولا ۾ ھڪ فرد جي تجربن سان مشابھت ڏيئي سگهجي ٿي. ان لاءِ آءُ صداقت جي ھڪ ھٽي Monopoly جي دعوى نٿو ڪريان. انسان خطا جو گهر آھي. ممڪن آھي ڪيترا ماڻھو انھن راين کي صحيح نہ سمجهي، مون سان اتفاق نہ ڪن. تنھن ھوندي بہ انھن جي ظاھر ڪرڻ کي عيب نٿو سمجهان. حق جو بحر ڪثير تعداد قطرن جو مجموعو آھي. دنيا جو بوقلموني باغ مختلف گلن جي رنگارنگي رونق رکي ٿو. ھي بہ ھڪ راءِ آھي.
مونکي معلوم آھي تہ ڪثرت تعداد ماڻھن جو، مذھبي شريعتن جي مقتدي ھئڻ ڪري، شايد منھنجي راءَ کي ناپسنديءَ جي نگاھ سان ڏسي. وڌيڪ اھو بہ پتو اٿم تہ ڪيترا نوجوان، جي مذھبن جي ظاھري عقيدن ۽ انھن جي نالي ۾ استعمال غرضيءَ Exploitation مان بيزار ٿي، مٽيريلزم ۾ ويساھ رکڻ لڳا آھن، سي بہ ھنن راين کي رجعت پسند سمجهندا. ليڪن باوجود ان علم جي به، پنھنجي راءِ ظاھر ڪرڻ کان نٿو ھٻڪان – پوءِ کڻي ان مجذوب جي بڪواس سمجهڻ لڳن. ھن مان منھنجو مقصد ٻين کي ھمراءِ بنائڻ جو نہ آھي ، ۽ نہ ڪنھن جي جذبات کي ٺيس لڳائڻ مقصود آھي. ھيءَ ھڪ نقطي نگاھ آھي، جيئن ان جي نالي مان معلوم ٿئي ٿو.
“من ھايء ھويء ميڪنم ڪس بشنود يا نشود.”
(معنى؛ آئون پيو اندر جون آھون ڪيان ، پوءِ ڪير ٻڌي يا نہ ٻڌي.)
اميد اٿم تہ منھنجا معترض قرآن شريف جي ھن آيت شريف “لڪم دينڪم ولي دين” مطابق، منھنجي راين کي برداشت ڪندا.
منھنجي خيال ۾ ھر مذھب، فلاسافي ۽ سائنسي علم، بحر فيض الاھي يعني علم جا ڪل جزا آھن. ان بي انت بحر مان ماسو مال بہ پوڄارين کي پر ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو، ليڪن پنھنجي پر ۾ پر ٿيڻ بعد بہ ڪنھن کي صداقت جي ھڪ ھٽيءَ Monopolyجي دعوى ڪرڻ جو حق نہ آھي. اھو بحر عميق ڪنھن جي ورثي ۾ اچڻ کان برتر ۽ بالا آھي. خواجه حافظ ان حالت کي رسي، بي اختيار چيو ڏئي ته:
“در ھر طرف ڪه رفتم جز حيرتم نيفزود،
فرياد زين بيابان وز راھ بي نھايت.”
(جيڏانھن بہ نظر کنيم ۽ ويس، تہ سواءِ حيرت ۾ واڌاري ٿيڻ جي ڪجھه معلوم نہ ٿيم: اھڙي بي انت صحرا ۽ اڻ کٽ رستي تي ھلڻ بعد دانھن نڪريو وڃي.)
سچ يا حق جو قطرو، مسلسل فڪر ۽ تجربي کان پوءِ علم پرائڻ، تزڪيه نفس ۽ اخلاقن جي درستيءَ بعد ھٿ اچي سگهي ٿو. مون بہ جر ۾ جھوتون پائي، ڪجھه موتين ھٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. پتو نہ آھي تہ صراف انھن کي موتين ۾ شمار ڪندا، يا ڪوڙو ڪچ ثابت ڪندا. بھرحال، “برگ سبز تحفئه درويش” موجب، آءُ پنھنجي دماغ سوزيءَ جا ھي نتيجا، جيئن آھن ۽ جيڪي آھن، پيش ڪريان ٿو.
قانون ارتقا موجب، ھز زماني ۽ دور ۾ نوان راز کلڻا ۽ نوان نياپا اچڻا آھن، جن جي انتھا جو پرو پاند ھڪ وقت پوڻ مشڪل آھي. ڪنھن بہ مذھب يا نظريي جي ڪمال جي دعوى دين فطرت (قانون ارتقا) جي بنيادي اصول جي خلاف آھي. مون کي ھر مذھب ۾ حق جو پرتوو ڏسڻ ۾ آيو آھي، ۽ اھو بہ معلوم ٿيو آھي تہ انھن ۾ ڪيتريون ڳالھيون فرسوده ۽ بي معنى ثابت ٿي چڪيون آھن. مونکي ان ڳولا ۾ ڪثرت مذاھب پويان بنيادي وحدت ڏسڻ ۾ آئي آھي. سڀني مذھبي نظرين کي آءُ دين فطرت جا جزا تسليم ڪريان ٿو، جنھن جا بنيادي مقصد اتحاد انساني، امن عالم ۽ ترقي بني آدم معلوم ٿيا آھن.
منھنجي نظر ۾ صوفيءَ لاءِ اھو ضروري آھي تہ ھو ڪنھن خاص مذھبي عقيدي يا نطريي جو پائپند ھجي. ھو ھر مذھب، فلسفي، سائنس، علم ۽ تجربي مان، بنان تفاوت پنھنجي ۽ پرائي جي فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو. صوفي لا ڪوفي (Non-allignedآھي
“ھر ملڪ ملڪ ما است، ڪه ملڪ خدا اي ماست”
آءُ تصوف جي ھن نظريي کي سچ جو گلدستو سمجهان ٿو، جنھن ۾ سڀني رنگن ۽ خوشبوئن جا سھڻا ۽ خوبصورت گل ڪٺا ٿيل آھن. صوفي جملي مذھبي عقيدن، علمن، سائنسن ۽ فلسفن مان بنيادي وحدت ۽ صداقت جي کوجنا ڪندڙ آھي. ھو پاڻ کي ڪنھن محدود دائري ۾ نظربند نٿو رکي. ھو “خذما صفا دع ما ڪدر” (يعني، ھر سٺي ڳالھہ کي ھٿ ڪري، خراب کي ڦٽو ڪري ڇڏيو) جي افاديت ۾ اعتبار رکي ٿو.
صوفيءَ ڪائنات جي خلقت ۾ رٿا ۽ مقصد پرکيا آھن، جن جي علم ۽ واقفيت کي ھو مذھب جو روح سمجهي ٿو، ۽ ھر اھا ڳالھہ، جا نفرت، نفاق، بدامنيءَ، وڏ نندائيءَ، ھنسا ۽ پاڪ پليت جا تفاوت ۽ ويڇا پيدا ڪري ٿي، ان کي ھو دين فطرت جي خلاف سمجهي ٿو.
غلام مرتضيٰ
(سن 21.01.1967ع)