فصل پھريون: مذھب جي تاريخ
تاريخ کي جن علمن مالا مال بنايو آھي، تن مان ڪي ھيٺان آھن:
(1)جيالاجي (Geology)يا علم الارضيات – زمين جي طبقن يا ڌرتيءَ جي تھن جو علم.
(2) جاگرافي(Geography) يا علم جغرافيه – زمين جي مختلف حصن، آب ھوائن، سمنڊن، بيابانن، وغيرھ جو علم.
(3) آنٿراپالاجي(Anthropology) يا علم الانسان – جسم انسان جي ارتقائي درجن جو علم
(4) اِيٿنالاجي (Ethnology)يا علم نسل انسان – ماڻھن جي مختلف نسلن بابت علم.
(5) فلا لاجي(Philology) يا علم اللسان يا ڀاشا وگيان – مختلف زبانن بابت علم
(6) سوشالاجي (Sociology)يا علم عمرانيات – ماڻھن جي سماجي زندگيءَ بابت علم.
(7) آرڪيالاجي(Arachaeology) يا علم الاثار – زير زمين قديم تھذيبن ۽ تمدنن جو علم.
(8) فوڪ لور (Folk Lore)يا علم قديم روايات – انسانن جي پراڻن قصن ڪھاڻين وغيره بابت علم.
(9) فوڪ ڪسٽمس(Folk Customs) يا علم قديم رسم رواج – انسانن جي پراڻين رسمن ۽ رواجن بابت علم.
(10) ميٿالاجي(Mythology) يا علم الاصنام يا ديو مالا – قديم ڏند ڪٿائن جو علم.
(11) فلاسافي(Philosophy) يا فلسفو – قياس ۽ فھم جي تقابلي سان فطرت ۽ زندگي جي مسئلن بابت پرايل علم وغيرھ وغيرھ.
اھو زمانو گذري ويو، جڏھن ھر مذھب جي علم رڳو الھامي ڪتابن، تفسيرن ۽ روايات وغيرھ مان حاصل ڪيل احوالن تي اڪتفا ٿي ڪئي. ھن وقت مذھب جو علم بہ سائنس ٿي پيو آھي. ڪيترن محققن مذھب جي مختلف شعبن جي کوجنا ۾ عمريون صرف ڪري، اُن جي جدا جدا پاسن تي کوجنا ڪئي آھي. ھي مذھب جي تفتيش ھيٺن ٻن صيغن ۾ ٿي آھي.
(1)مخصوص مذھبن جي خاص شعبن جي کوجنا.
(2) جملي مذھبن جي تاريخ، انھن جي پيدائش جي ڪارڻن، ترڪيبي جزن ۽ مقصدن جي کوجنا.
پھرين صيغي جي تفتيش ڪندڙن ۾ مفسر، محدث، فقيه، مقلد، غير مقلد، سناتني، آريه وغيرھ عالم، آجاريه، پشپ شامل ھئا، ۽ ٻئي صيغي جي تفتيش ڪندڙن ۾ وحدت الوجودي، ويدانتي، صوفي، فلسفه انسانيت جا قائل، تاريخ ۽ سائنس جا ڄاڻو، طريقت جا صاحب، سنياسي ۽ جوڳي اچي ٿي ويا.
عالمن جي ھنن ٻنھي گروھن جي علمي تحقيق ۽ حاصلات کي جيڪڏھن ھوشمند نگاھن سان ڏسبو، تہ انھن جو پھريون گروھ، باوجود پنھنجي مخصوص شعبي يا شعبن ۾ مھارت حاصل ڪرڻ جي، ھميشه چاڪيءَ جي اٺ وانگر محدود دائري يا دائرن جي گھاڻي ۾ چوڌاري ڦرندي ڏسڻ ۾ ايندو. دراصل اِھو ٻئي گروھ جو ڪارنامو ھو، جو ان جي محققن ۽ عالمن، مٿي ذڪر ڪيل مختلف علمن جي مدد سان، مجموعي طور مذھب جي تاريخ، پيدائش جي ڪارڻن، بنيادي مقصدن، جوڙجڪي جزن ۽ ڪثرت مذاھب پويان وحدت جي ڳولا ڪري، ڪي ھمه گير اصول ھٿ ڪيا ۽ دنيا جي اڳيان پيش ڪيا.
آءُ مذھب جي تاريخ تي ڪا ٿيسز ( سنڌي مقالو Thesis ) ڪونہ لکي رھيو آھيان ، جو آءُ ان تي ھتي مفصل روشني وجهان. ھتي آءُ صرف مختصر طرح مذھبن جي پيدائش ۽ ارتقا جي تاريخ تي، پنھنجي علم ۽ سمجهه آھر، پھريائين ڪجھه احوال پيش ڪريان ٿو، ان لاءِ تہ جو ڪجھه مون کي اڳتي ڪرڻو آھي، اُن جو پس منظر صاف ٿي بيھي.
ھن زمين تي زندگيءَ جا آثار سائنسدانن کي، سندن مشاھدن مطابق ڪروڙين ورھين کان ڏسڻ ۾ آيا آھن. ان عرصي ۾ زندگيءَ، جسماني طرح، اڪيلن جيو گھرڙن، آموبيا، مڇين، سرندڙ جانورن،پکين، چوپاين جانورن مان ترقي ڪندي، آخر ۾ ماڻھو جي صورت ۾ نمودار ٿي، جنھنکي عالمن اشرف المخلوقات جي لقب سان ياد ڪيو آھي. ٻئي طرف زندگي ذھني ارتقا جا مختلف درجا – جماداتي، نباتاتي ۽ حيواني ڪيفيتن مان گذرندي – طي ڪندي، ماڻھوءَ جي صورت ۾ ترقي يافتہ نفس ۽ عقل سان نمودار ٿي.
سائنسدان، ماڻھوءَ جي اوائلي پيدائش جي کوجنا بعد، ھي چئي سگهيا آھن تہ زمين تي ماڻھو جي وجود ھنن ڪيترن لکين ورھين کان آثار ڏٺا آھن. اھا ڳالھہ بہ پايي ثبوت تي پھتل آھي تہ ابتدا ۾ ماڻھو جھنگلن ۽ جبلن ۾، ٻين جانورن وانگر، وحشياني زندگي گذاريندا ھئا، ۽ انھن کي شروع ۾ جانورن پالڻ، اناج پوکڻ، باھ مان ڪم وٺڻ،يا اوزان جو پتو ڪونہ پيل ھو. ھو اگھاڙا ڌڻن ۽ ولرن ۾ گھمندا ڦرندا ھئا. سندن گذران وڻن جي پنن، ڦلن، ميون، جھنگلي جانورن جي ڪچي گوشت، مڇي وغيرھ تي ھوندو ھو. جانورن وانگر، گرمي ۽ سرديءَ کان غارن يا وڻن جي گھاٽن جنگلن ۾ پاڻ بچائيندا ۽ کاڌي خوراڪ جي سانگي سان ڪڏھن ھتي ۽ ڪڏھن ھتي ھلندا چلندا رھندا ھئا. ھو ڪڏھن ڳالھائڻ سکيا، اوائلي ڳالھائڻ ڪھڙو ھون، ابتدائي رھڻ جا طريقا ڪھڙا ھئن، وغيرھ – انھن مسئلن تي جيئن پوءِ تيئن کوجنا ٿي رھي آھي. ممڪن آھي تہ ڪجھه وقت کان پوءِ ھنن ۽ ڪن ٻين ڳالھين تي پوري معلومات ميسر ٿي سگهي.
موجودہ عالمگير مذھب، جھڙوڪ (1) ھندو ڌرم، (2) ٻڌ ڌرم، (3) مسيحت ۽ (4) اسلام گذريل چئن ھزارين ورھين کان پوءِ جي پيدائش آھن ۽ انھن وسيلي انسانذات جي ابتدائي تاريخ، رسم و رواج، مذھبي عقيدن وغيرھ تي، سواءِ ڪن ڏندڪٿائي ڳالھين جي زيادھہ روشني نہ پئجي سگهي آھي. کانئن جيڪا تاريخي معلومات ميسر ٿي سگهي آھي، اھا گهڻي قدر سائنسي تجربي، جديد تاريخي معلومات ۽ فلسفي جي بنياد تي غلظ ثابت ٿيندي وڃي.
تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته، لکھا ورھيه اڳي، ماڻھن کي زندگي ۾ ڪيترن ئي مشڪلاتن ۽ تڪليفن جو مقابلو ڪرڻو پوندو ھو، جن مان مکيه مشڪلاتون ھيٺين قسمن جون ھيون؛
(1)سماوي آفتون: جن مان مکيه سردي، گرمي، طوفان، سخت بارشون، سيلاب، سوڪ، ڌرتين جو ڌٻڻ، جبلن جو ڦاٽڻ ۽ باھين جو لڳڻ وغيرھ وغيرھ.
(2) خطرناڪ جانورن ۽ غيبي طاقتن جا خوف: ھڪ طرف کين جھنگلي ۽ دريائي جانورن، جھڙوڪ شينھن، ھاٿين، گينڊن، رڇن، نانگن ۽ واڳن ۽ ٻين ازدھائن جو ڊپ رھندو ھئو، تہ ٻئي طرف کين نامعلوم غيبي طاقتن جو خوف ستائيندو ھيو، جن کي ھو جن، ڀوت ۽ شيطاني روح وغيرھ جي نالن سان سڌڻ لڳا.
(3) اتفاقي حادثا: جن ۾ وچڙندڙ بيماريون، ٻين طاقتور ماڻھن جا حملا، ڏڪارن ڪري گذر معاش جي تنگي، اتفاقي موت، عورتن ۽ کاڌي تان ھڪٻئي ۾ جھڳڙا فساد، وغيرھ شامل ھئا.
اھڙين اوچتين ۽ وس کان ٻاھر مشڪلاتن ۾ رھڻ سبب مٿن ھر وقت غير سلامتيءَ جو خوف ۽ ھراس ڇانيل رھيو، ۽ ٻين ڳالھين سان گڏ ھو انومانن، وسوسن ۽ وھمن جي اشڪنجن ۾ پڻ اڙجي ويا. بھرحال، سندن توجهه نيٺ انھن ڳالھين جي ڪارڻن ۽ بچاءَ طرف ڇڪيو، جنھنڪري ان معاملي ۾ ھنن ٻن طريقن سان سوچڻ ۽ عمل ڪرڻ شروع ڪيو :
(1)جسماني بچاءَ ۽ حفاظت جو طريقو
(2) نفسياتي ۽ ذھني بچاءَ جو طريقو
پھرئين طريقي تي، لکين ورھين جي تجربي بعد، ھنن ڳالھين جي علم ۽ ايجاد مان فائدو ورتو:
پھريون تہ ھنن کير ڏيندڙ چوپاين جانورن کي کير ۽ گوشت لاءِ پالڻ شروع ڪيو، جنھنڪري ھر روز جي گذر معاش لاءِ شڪار واسطي وڃڻ جي تڪليف گهٽ ٿين.
ٻيو تہ ھنن ڪن ٻوٽن جو اناج گڏ ڪري رکڻ جي عادت سکي، جنھنڪري ڪن موسمن ۾ وڻن جي پنن، ڦلن ۽ ميوي ميسر نہ ٿي سگهڻجي حالت ۾ ھي اُن کاڌي لاءِ ضرورت وقت ڪم آڻڻ لڳا.
ٽيون تہ ھو ڪاٺ ۽ پٿر مان ڪي اوزار ۽ بچاءَ لاءِ ھٿيار ٺاھڻ سکيا، جن کي جانورن ۽ مڇين جي شڪار ۽ درندن کان بچاءَ لاءِ ڪتب آڻڻ لڳا.
چوٿون تہ ھو باھ کي ڪتب آڻڻ سکيا. باھ جي پيدا ڪرڻ جو علم تہ شايد گهڻو پوءِ حاصل ٿيو ھجين، ليڪن ٻيلن ۾ وڻن جي گسجڻ ڪري پيدا ٿيل ۽ پھاڙن جي ڦاٽڻ وغيرھ مان قدرتي طرح پيدا ٿيل باھ کي محفوظ ڪرڻ ڪري ھو ان کي گوشت ۽ اناج جي سيڪي رکڻ لاءِ، روشني لاءِ ۽ سردي کان بچڻ لاءِ ڪتب آڻڻ لڳا.
ھن قسم جي نئين معلومات سندن جسماني تڪليف کي گهٽ ڪرڻ ۾ کين گهڻي قدر مدد ڪئي. انھن ڳالھين جي واقفيت انساني معاشري ۾ انقلابي پيشقدميءَ جي شروعات ڪئي. ھي ڳالھيون سندن آئنده ايجادن جو پيش خيمو ۽ بنياد بنيون.
ٻئي طرف، نفسياتي ۽ ذھني بچاءَ جي طريقي تي لکن ورھين جي تجربي، معلومات ۽ غور فڪر بعد، ڪي ويساھ ۽ وھم ھنن کي مستقل طور دماغ ۾ ويھي ويا، جن مان مکيه ھيٺان ھئا:
(الف) دنيا جي ھر ھڪ ساھ واري يا مادي شيءِ ۾ روح، آتما يا جوھري نفس ھو، جو زندگيءَ وارين شين جي مئي کان پوءِ بہ جدا وجود رکندو آيو، ۽ اھڙي طرح وڻن، جبلن، عنصري ۽ فلڪياتي جسمن کي بہ روح سان منسوب ٿي ڪيائون جيتوڻيڪ اھي روح کين ظاھري طور ڏسڻ ۾ ڪونہ ٿي آيا، ليڪن ڪن آثارن جي بنياد تي، جن کي ھو ڪنھن ٻئي طريقي سان سمجهي يا سمجهائي نٿي سگهيا، انھن روحن جي وجود جو کين يقين ويھي ويو ھو. سماوي آفتن، اتفاقي حادثن ۽ ھر نقصان لاءِ انھن روحن جي ڪاوڙ يا ناراضگيءَ کي جوابدار ٺھرايو ٿي، انھيءَ ڪري سج، چنڊ، تارن، ھوائن، بارشن، باھ، زمين، جبلن، دريائن، سمنڊن، وڻن، خوفناڪ جانورن ۽ ماڻھن جي روحن متعلق ڪي اميدون ۽ ڪي خوف سندن دلين تي ويھي ويا. ازانسواءِ ٻين بہ ڪن غيبي ھستين جھڙوڪ شيطانن، جنن، ڀوتن، پرين وغيرھ جي جدا وجود ۾ اھڙي ئي قسم جا ويساھ ويھي وين، جن کي طوفانن، بارشن، باھين، ڏڪارن، ڌرتيءَ جي زلزلن، بيمارين ۽ ٻين نقصانڪار ڳالھين لاءِ ڪارڻ تي ڄاتائون.
جيئن تہ ماڻھو اڃان وحشي حالت ۾ ھئا، رحم ۽ پيار جي صفتن سان، جي تھذيب سان وڌن ٿيون، اڃا پوري طرح مايوس نہ ٿيا ھئا، ان ڪري کين وھم ويٺل ھو تہ جملي روح، جن کي ھنن ديون ۽ ديوين، ڀوتن، جنن ۽ ٻين اڪيچار نالن سان سڏڻ شروع ڪيو ھو، سڀ خونخوار، ظالم، خطرناڪ ۽ رت جا پياسي ھئا، ۽ اُھي صرف خوشامد، (پوڄا)، کاڌي خوراڪ آڇڻ، ڪريا ڪرم، قرباني جي رٽ ڏيڻ، منترن، جادو ۽ ٽوڻن وغيرھ جي ذريعي سان راضي ڪري سگهبا، تنھنڪري ھر قبيلي جي ڄاڻو ماڻھن انھن غيبي طاقتن جي تسخير ۽ رضامندي حاصل ڪرڻ لا جدا حل ڳولي ڪڍيا. اھڙي طرح سان ختمن، شرڌائن، ڪريا ڪرمن، جادو جي منترن ۽ ٻين مختلف قسم جي پوڄاپاٺن جو بنياد پيو. سج، چنڊ ۽ تارن جي روحن کي جدا جدا نالا ڏيئي، انھن جي ھڪ پاسي پرستش شروع ٿي، تہ ٻي پاسي جبلن، سمنڊن، بادلن، وڻن، ھوائن ۽ باھ وغيرھ جي روحن کي الڳ الڳ نالن وارا ديوتائون ٺھرائي، انھن جي تسخير يا رضامندي لاءِ ڪوشش ڪئي ويئي. ساڳي ريت، مري ويل جانورن، عزيزن ۽ دشمنن جي روحن جي راضي ڪرڻ يا انھن جي نحوست کي ٽارڻ لاءِ ڪيئي طريقا ايجاد ڪيا ويا – ڪيتريون ئي قديم ڏندڪٿائون اھڙن عقيدن جو يادگار ۽ ثبوت آھن. نہ رڳو ايترو پر ماڻھن جي جدا جدا نفساني خواھشن جا نشان(Symbols) مقرر ڪري، انھن جي پوڄا شروع ڪئي ويئي. جھڙوڪ زنانہ ۽ مردانہ تناسلي عضوا ( لنگم Phalus) جنسي خواھش (Sex)جي ديوتا (ڪامديو)، حسن جي ديوتا، موت ۽ فنا ڪندڙ طاقت جي ديوتا وغيرھ جي پوڄا شروع ٿي.
(ب) سعد ۽ نحس (سڀاڳي ۽ نڀاڳي) جو وھم: سماوي آفتن،غيبي طاقتن ۽ اتفاقي حادثن جي خوف جي اثر ھيٺ، ماڻھن کي، سالھا سالن جي تجربن ۽ وھمن بعد، ڪن شين يا جانورن جي بنيادي طرح سڀاڳي يا نڀاڳي ھئڻ بنسبت وھم ۽ ويساھ ويھي ويا ھئا، جنھنڪري جدا جدا قبيلن وٽ ڪي مادي شيون، جانور ۽ غيبي طاقتون سڀاڳيون ۽ نڀاڳيون شمار ٿيڻ لڳيون ھيون. ان مطابق جدا جدا قبيلي ھر سڀاڳي شيءِ، جانور، ديوتا ۽ روح وغيرھ کي بختاور سمجهي، ان جي پوڄا ۽ احترام ڪيو، ۽ ھر نڀاڳي شيءِ، جانور روح وغيرھ کي بدسوڻ ۽ نقصان ده سمجهي، ان جي بدسوڻيءَ ۽ نقصان کان بچاءَ جا طريقا استعمال ڪيا. ھر ھڪ قبيلي جا اھڙي طرح ڪي سڀاڳا ۽ طرفدار جانور، ديوتائون ۽ روح شمار ٿيڻ لڳا، تہ ڪن جانورن، ديوتائن ۽ روحن کي وري نڀاڳو ۽ دشمن سمجهڻ ۾ آيو. علم الانسان جي ڪتابن ۾ اھڙن سڀاڳن جانورن لاءِ ٽوٽم(Totem) جو لفظ ۽ نڀاڳن لاءِ ٽئبو(Taboo) جو لفظ ڪم آندو ويو آھي. ڳئون ۽ باندر جي پاڪ ۽ سوئر جي پليت شمار ٿيڻ جا اصلي وجهه اُھي وھمي عقيدا ھئا. مطلب تہ سندن مخالف قبيلن، وري پنھنجا طرفدار، پاڪ ۽ فائدي بخش جانور، ديوتائون۽ روح جدا مقرر ڪري، انھن جي پوڄا شروع ڪئي. نتيجو اھو نڪتو تہ ھڪڙن جا طرفدار، پاڪ ۽ فائدي بخش جانور، ديوتائون ۽ روح بين وٽ دشمن، پليت ۽ نقصان ده شمار ٿيڻ لڳا.
انھن اثرن ھيٺ ڪي قبيلا ان حد تائين ويا، جو پاڻ تي پنھنجن طرفدارن جانورن جا نالا رکيائون، ۽ اڳتي ھلي، اھي جانور ڪن قومن جي قومي نشانن طور ڪتب اچڻ لڳا. دنيا جي ڪيترن حصن ۾ اڃا تائين ڪن ماڻھن ۽ قبيلن جا نالا، سندن طرفدار جانورن جا رکيل آھن يا رکيا وڃن ٿا. ماڻھن جا نالا جھڙوڪ: ھاگ (سوئر)، شير، اسد(شينھن) ، مور، ھاٿي وغيرھ اڃا تائين ھليا اچن. ساڳي ريت قبيلن جا نالا بنو اسد، ڪيھر، واگھا، گوالا وغيرھ رکيل آھن. قومن جا اھڙا پوتر قومي نشان انھن عقيدن جي بنياد تي اڃا تائين ھليا اچن. مثال رشيا جو رڇ، چين جو ازدھا، جرمنن ۽ آمريڪن جو ٻن منھن وارو عقاب، برطانيه جو ٻن منھن وارو شينھن وغيرھ. اسان وٽ ڳوٺن ۾ اڃا تائين ڪي ماڻھوءَ مسافري تي نڪرڻ وقت جدا جدا جانورن جي منھن پوڻ مان ڪي سوڻ وٺن ٿا. سھي کي نڀاڳو ۽ لومڙ کي سڀاڳو سمجهيو وڃي ٿو. تتر ۽ ڪانگن جي آواز مان بہ ڪي معنائون ڪڍيون وڃن ٿيون. ڪو زمانو ھو، جو واڳو، شينھن، ھاٿي، گينڊي، ڳئون، باندر ۽ نانگ وغيرھ جي پوڄا ٿيندي ھئي. اڃا بہ ڪن کي عزت ۽ نفرت جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو. ويندي تارن ۽ گرھن ۾ بہ ڪي نڀاڳا ۽ سڀاڳا سمجهڻ ۾ آيا. اھڙيءَ طرح راڪش ۽ ديوتا، اھرمن ۽ اھرمزد، شيطان ۽ ملائڪ جي نحوست ۽ برڪت يا نقصانڪار ۽ فائديمند ھئڻ جو بنياد پيو.
(ت) جبلتون يا سڀاويڪ ٻڌيون(Instincts) : جانورن وانگر ماڻھن ۾ بہ ڪي سڀاويڪ ٻڌيون يا جبلتون قدرت طرفان وديعت ٿيل ھيون، جن مان مکيه ھيٺيون ھيون:
(1)شين ھٿ ڪرڻ يا ميڙڻ جي جبلت(Instinct of acquuistion)
(2) نسل جي قائم رکڻ جي جبلت(Instinct of race-preservation)
(3) پاڻ بچائڻ جي جبلت(Instinct of self-preservation)
(4) ٽاھ يا نفرت جي جبلت(Instinct of Repulsion)
(5) خودنمائيءَ يا وڏائيءَ جي جبلت(Instinct of Elation or self-display)
(6) جھڳڙيءَ يا اڳرائيءَ جي جبلت(Instinct of Pugancity or self- assertion)
(1)شين ميڙڻ جي جبلت يا حصول جي تمنا: ھن جبلت جي اثر ھيٺ ماڻھوءَ کي کاڌي، معتبريءَ، عورت، اقتدار ۽ ملڪيت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪي اھڙا ڪم ڪرڻا پيا ٿي، جي سندس شخصي ۽ قبيلائي زندگيءَ جي باھمي معاملات ۾ ڪن مشڪلاتن جو ڪارڻ بنيا ٿي. انھن مسئلن جي حل ڪرڻ لاءِ، صدين جي تجربن بعد، ھر ھڪ قبيلي ۾، باھمي رضامنديءَ سان يا سمجهدار مھندارن جي مشورن سان، ڪي دستور ۽ رواج مقرر ڪيا ويا، جن کي ھو روايت موجب پوتر سمجهي، انھن جي پيروي ڪرڻ لڳا. اھڙي طرح سان، ٿيندي ٿيندي، سماجي قانونن جي تعمير ٿي.
(2) نسل قائم رکڻ جي جبلت يا جنسيت جي تمنا: ھن جبلت جي اثر ھيٺ، ماڻھو ابتدا ۾ جانورن وانگر، بنا ڪنھن تميز ۽ رڪاوٽ جي، سڌ پوري ڪرڻ جي طرف مائل ھئا. پر لکن ورھين جي تجربن بعد ، ھن معاشري جي پاڪ رکڻ، باھمي جھڳڙن کان بچڻ، جدا وڙن ۽ نسلن جي برقرار رکڻ، ۽ ڪن وھمي، عقلي ۽ تعصبي جذبن ھيٺ، ڪي دستور ۽ قانون قائم ڪيا، جن اڳتي ھلي قبيلن، قومن ۽ مذھبن جي اخلاقي ۽ سماجي قانون جي تعمير لاءِ مواد ميسر ڪيو. اھي دستور، جي اڄڪلھه بنا چون چرا جي مذھبن ۽ قبيلن جا قانون سمجهي قبول ڪيا وڃن ٿا، تن جي مختلف ملڪن، قبيلن، نسلن ۾ ڪھڙي طرح نشونما ٿي، سو عالمن ۽ محققن جي کوجنا جو مرغوب مشغلو ٿي، وسيع معلومات ميسر ڪرڻ جو ڪارڻ بنيو آھي. علم النفس، عمرانيات، جنسيات، علم نسل انساني انھي جبلت جي ڪارفرماين جي پيداور آھن.
(3) پاڻ بچائڻ جي جبلت: انسان جي پيدائش کان وٺي، ھن جي زندگي ۽ املاڪ سان خطرو ڳنڍيو اچي. غالب ان جي پوري ترجماني ڪئي آھي، جڏھن چيو اٿس
قيد حيات بند غم، اصل مين دونون ايک ھين،
موت سي پھلي آدمي، غم سي نجات پائي ڪيون.
اھو جان جي خطري جو خوف ھو، جنھن انسان کي وھم پرست بنايو، ۽ جنن، ڀوتن ۽ ديون ۾ سندس ويساھ ويھاريو، ۽ کانئس سج، چنڊ، تارن، جبلن، سمنڊن، دريائن، بادلن، ڦاڙيندڙ جانورن، نانگن، واڳن وغيرھ جي پوڄا ڪرائي، ۽ کيس غيبي طاقتن جي رضامنديءَ لاءِ انھن کي طعامن جي ڀيٽا جا ۽ قربانيءَ، جادوءَ ۽ منترن اچارڻ جا رستا سيکاريا. ليڪن اڃا تائين کيس جان ۽ مال جي خوف کان آزادي نصيب نہ ٿي آھي. روزا رکيائين، نمازون پڙھيائين، خير خيرات ڪيائين، ذڪر فڪر ڪيائين، پر تسڪين قلب ڪا مشڪل حاصل ٿي سگهي اٿس. ھڪ قبيلي جي ٻئي سان دشمني ۽ ھڪ قوم جو ٻئي کان خوف، شروع کان وٺي دنيا ھڪ قبيلي جي ٻئي سان دشمني ۽ ھڪ قوم جو ٻيءَ کان خوف، شروع کان وٺي دنيا ۾ ننڍي کان ننڍن ھٿيارن کان وٺي، ويندي وڏي کان وڏن ھٿيارن، مثلا: ائٽم ۽ ھئڊروجن بم تيار ڪرڻ ۽ زھري گئس ٺاھڻ جو ڪارڻ بڻيا آھن. اقوام متحده ۽ قومن جا باھمي تعاون جا معاھدا ان کي ختم نہ ڪرائي سگهيا. ھر دوا کان پوءِ مرض گهٽجڻ بدران وڌندو رھيو آھي.
(4) ٽاھ يا نفرت جي جبلت: اھا انساني فطرت آھي تہ جڏھن چؤطرف حالتون ناسازگار ڏسڻ ۾ اچنس ٿيون، ۽ چوڌاري خوف ۽ خطرن ۾ پاڻ کي گھيريل ڏسي ٿو، ۽ مصيبتن ۽ مشڪلاتن جا انبار اچيو مٿانس ڪڙڪن، تہ ھر اھڙي شيءِ کان ھو ٽھي ٿو، ۽ ان کي ڌڪار ۽ نفرت جي نگاھ سان ڏسي ٿو، جا ھن لاءِ تڪليف، ايذاءَ يا نقصان جو باعث بنجي ٿي. شخصن جي ھڪٻئي سان نفرت، قبيلن جي نفرت، قومن جي نفرت : سڀ مٿي ذڪر ڪيل ايذاءَ ۽ نقصان جي امڪانن منجھان پيدا ٿيل اثرن جي پيداور آھن. پيغمبرن، درويشن، سنتن، ساڌن، راھبن ۽ زاھدان ان جي دور ڪرڻ لاءِ محبت، پريم ، عشق جا نسخا ايجاد ڪري، ان جي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، ليڪن ان جو تمام ٿورن ماڻھن تي اثر ٿئي ٿو. انساني اتحاد لاءِ ھر سعيو جھڙوڪ: جماعت بندي، مذھبن جو قيام، نظرين جو ايجاد ٿيڻ، ست سنگت جون مجلسون، سڀ انھيءَ ويڇي جي گهٽائڻ لاءِ ڪوششون ھيون، پر ان ۾ گهٽتائي تمام ٿوري ۽ تمام ڍري ٿيندي نظر ۾ اچي ٿي.
(5) خودنمائيءَ ۽ وڏائي جي جبلت: چوڻي آھي تہ ”قدرت نہ ڪنھن کي حسن کان سڪايو آھي، نہ عقل کان.” ڪو بہ پاڻ کي پاءُ سڏڻ لاءِ تيار نہ آھي. سڀڪو پاڻ کي سير پيو سمجهي، اھا فطري خواھش آھي. اُن ماڻھوءَ ۾ ھٺ، تڪبر، ڏاڍائي ۽ اقتدار جي خواھش پيدا ڪئي آھي. جنھن ڪري انسانذات جي اتحاد ، امن ۽ ترقيءَ جي پيدا ٿيڻ ۾ رنڊڪون پونديون رھنديون آھن. ان جي نقصانڪار نتيجن کي گهٽائڻ لاءِ مذھبن کي دخل ڏيڻو پيو، ۽ رھبانيت، فقيري، ساڌو پڻو وغيرھ ان جا علاج ڏسيا ويا.
(6) جھڳڙي ۽ اڳرائيءَ جي جبلت: ماڻھو گوشت خور ۽ سبزي خور جانور آھي. ٻيا اڪثر جانور يا سبزي خور ٿين ٿا يا گوشت خور. ان ڪري ماڻھوءَ ۾ گوشت خور ۽ سبزي خور، ٻنھي جانورن جون صفتون سمايل آھن. ولرن ۽ ڌڻن ۾ رھڻ جي عادت سبزي خوري ڪري پيدا ٿي اٿس، ۽ ٿوري ڳالھہ تي اشتعال ۾ اچي تشدد جو استعمال ڪرڻ، منجھنس گوشت خوري جو ورثو آھي. ان خواھش جي ڪري ھو جھڳڙا ۽ اڳرايون ڪري ٿو، ۽ ان کي ڏاڍ جواني ۽ ھمت جي نالن سان سڏي ٿو. ڏاڍن جو ھيڻن کي ستائڻ، جنگجو يا طاقتور قبيلن جو ھيڻن تي تسلط قائم ڪرڻ، سرمائيداري ۽ سامراج انھيءَ خواھش جي پيداور آھن. ڪن مذھبن ان کي نقصان زده سمجهي، سبزيءَ خوري ۽ اھنسا جي تعليم ڏني. ڪن ان کي فطري حقيقت سمجهي، ان مان فائدو حاصل ڪرڻ گھريو. اڃا تائين ماڻھو ان خواھش مان پيدا ٿيل خرابين مان جان ڇڏائي نہ سگهيا آھن.
انسان جي ذھني ارتقا ۽ مذھبن جي انھيءَ مختصر تاريخ جي احوال معلوم ڪرڻ بعد باخبر ۽ اھل نظر صاحبن کي پتو پئجي سگهندو تہ مذھبن جي ابتدائي عقيدن، رسم رواجن ۽ ڪريا ڪرمن جي شروعات ڪھڙن سببن ڪري ٿي، ۽ آھستي آھستي ٿي، موجودہ منظم مذھبن جي درجي تي ڪھڙي طرح پھتا. جيڪڏھن ذڪر ڪيل احوال جو مزيد اختصار ڪري پيش ڪبو، تہ ھيٺان نتيجا مرتب ٿي سگهندا:
(1)موجودہ مذھبي عقيدن جي شروعات انسان جي وحشاني دور جي خوف ۽ خطري جي حالات ۾ پيدا ٿيل وھمن سان ٿي.
(2) انھن خطرن جي ٽارڻ لاءِ جي طريقا ايجاد ڪيا ويا، تن ابتدا ۾ جادوءَ جي شڪل اختيار ڪئي، جنھن مطابق انھن موھوم غيبي طاقتن جي تسخير ۽ رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ علاج سوچيا ويا.
(3) موجودہ عالمگير يا ثانوي مذھبن، جھڙوڪ عالمگير مذھب ھندو ڌرم، ٻڌ ڌرم، عيسائيت ۽ اسلام، ۽ ثانوي مذھب جين ڌرم، زردشتي دين، يھودي مذھب، چين جي تائوزم ۽ ڪنفيوشش جي مت، جپان جي شنتوئرم ۽ ٻين سڀني مذھبن مٿي ذڪر ڪيل اوائلي دور جي پيدا ٿيل عقيدن، رسم رواج ۽ ڪريا ڪرمن جي مواد مان گهڻو ڪجھه قبوليو آھي.
(4) مادي، فلڪياتي ۽ ساھ وارين شين جي روحن جو اعتقاد، طاقتور غيبي طاقتن جي تسخير يا رضامندي لاءِ قرباني ڪرڻ، کين کاڌي جون شيون آڇڻ، ڪن لفظن جي اُچارڻ ۾ تاثير ھئڻ جو ويساھ، ڌوپ ساڙڻ، ڌاڳا ۽ تعويذ ڪرڻ، پاڪ ۽ پليت يا سڀاڳين ۽ نڀاڳين طاقتن جا عقيدا سڀ قديم ۽ وحشاني دور جا ورثا آھن.
(5) جديد منظم مذھب سڀ گذريل پنجن ھزارن ورھين کان پوءِ جي ايجاد آھي.
(6) موجودہ سماجي قانونن جي کوجنا بعد پتو پوندو تہ انھن لاءِ گهڻو مواد بہ قديم وقت جي قبائلي دستورن مان ملي سگهندو.
(7) موجودہ مذھبن جي اخلاقي قانون جي کوجنا ڪبي، تہ ان ۾ بہ ڪي جزا قديم قبائلي دستورن جا ملي سگهندا.
(8) مذھب، ڪثرت پرستي (خدائن جي ڪثرت) جي عقيدي سان شروع ٿيا، ۽ پوءِ ٽمورتيءَ، دوئيءَ ۽ توحيد تي پھتا.
(9) اوائلي مذھبن جو خدائن بابت تخيل ھو تہ خوفناڪ ھئا. مھربان خدائن يا مھربان خدا جو تخيل بعد جو آھي.
(10) جديد عقلي ۽ قياسي عملن ۽ سائنس جي فروغ بعد سڀني مذھبن جي عقيدن، شريعتي قانونن، عبادتن وغيرھ جي نظام جي افاديت گهٽجي وئي آھي.
(11) دنيا جي ارتقائي قانون(Law of Evaluation) موجب (جنھن کي قرآن دين فطرت سڏيو آھي)، ھي سڀ مذھب ھڪٻئي پٺيان يا ھڪٻئي سان گڏوگڏ ترقي ڪندا ۽ بدلبا پئي آيا آھن.
(12) جديد منظم مذھبن جي بانين ۽ ان جي شارحن پڻ اڳوڻن عقيدن، دستورن، ڪريا ڪرمن (عبادتن)، وھمن، رسمن ۽ رواجن، روايتي ڳالھين ۽ ماڻھن جي توھمات ۽ جذبات کي مدنظر رکي، ھر زماني جي بدليل حالتن، وقتي تقاضائن، بدليل معاشري جي ضرورتن ۽ مڪاني دستورن مطابق، تجربي ۽ غور و فڪر بعد، انھن ۾ تبديلي پئي آندي آھي، ۽ نيون ڳالھيون داخل پئي ڪيون آھن.
(13 ) فوق العلم ۽ الھامي معلومات جي دعوى جو ھڪ ڪارڻ ماڻھن تي سردست پيغام جي اھميت جو اظھار ھو.
جھڙي طرح ڪٽنب گڏجي، قبيلا بنجي، پوءِ قومن جي صورت اختيار ڪن ٿا، يا جيئن مڪاني ايراضيون ملي، ضلعا ٺھي، صوبا بنجي، ملڪن جي شڪل وٺن ٿا، اھڙي طرح سان مختلف قبيلن جي قديم عقيدن، روايتي دستورن، ڏند ڪٿائن، ڪريا ڪرمن (عبادتن)، رسمن ۽ رواجن گڏجي، ڪجھه نون اضافن سان، عالمگير مذھبن ٺاھڻ ۾ مدد ڪئي. مذھبن جي بنيادي پيدائش جا محرڪ جذبا خوف ۽ اميد آھن، جن مان رنج ۽ خوشي، غلط ۽ صحيح، عارضي ۽ دائمي عقيدن جا مسئلا پيدا ٿيا. پر جھڙي طرح خود علم ۽ سائنس تي جدا جدا حڪيمن، عالمن ۽ سائنسدانن، ھڪ حد تائين، جدا جدا نظريا ۽ رايا ظاھر ڪيا آھن، اھڙي طرح ڪائنات جي پيدائش، روحن جي وجود، حيات بعدالممات، ڪرمن جي جزا ۽ سزا، خوشي ۽ رنج ( بھشت ۽ دوزخ)، زندگي جي مقصدن ۽ مردان تي بہ ھر ھڪ پيغمبر، حڪيم، رشي، فيلسوف پنھنجو نقطہ نگاھ پيش ڪيو آھي. ساڳي طرح اخلاقي اصولن ۽ معاشري جي سماجي ڳالھين سان وابستہ معاملن کي بہ جدا جدا مذھب جي بانين حالتن جي تقاضائن مطابق پئي بدلايو آھي. جيئن تہ اڳتي ھلي اھي مذھب سندن شارحن ۽ پوئلڳن جي ڪوششن سان جدا نظام بنجي پيا، تنھنڪري مذھب جي بانين کي مجسمه اخلاق ۽ معصوم ڄاڻي، انھن جي انڌي تقليد ڪرڻ جي تلقين ڪئي وئي. ان جو نتيجو اھو نڪتو تہ ھر ھڪ نبيءَ طرفان پيش ڪيل مذھبي تعليم کي بنا چون چرا جي مڃڻ جو رواج عام ٿي ويو، ۽ ڪيترن معاملن ۾ انھن مسئلن تي عقل جي دخل اندازيءَ کي ناجائز ٺھرايو ويو.
ڪجھه زماني گذرڻ بعد مذھبي جماعتن پڻ، قبيلن، قومن ۽ ملڪي حڪومتن جي نظامن وانگر، مستقل مفاد بنجي پيا، ۽ جيئن طاقتور قومون ڪمزور قومن مٿان قابض ٿي سامراج بنجن ٿيون، تيئن طاقتور مذھبي جماعتون بہ ننڍين مذھبي جماعتن کي پاڻ ۾ ضم ڪري، نظرياتي ۽ سماجي سامراج بنجيو پون. تفاوت انھن جي وچ ۾ اھو آھي تہ ملڪي سامراج قومي تعداد، جنگي قوت، پيسي ۽ ملڪي نظام جي لياقتن جي آڌار تي ننڍين ملڪي حڪومتن تي مختلف بھانن سان قابض ٿين ٿا، تہ مذھبي جماعتون وري تبليغ (پروپيگنڊا)، جھاد ۽ بدليل حالتن مطابق جديد خيالن جو اضافو ڪري، طاقتور ۽ عالمگير بنجيو پون.
ھر ھڪ اھڙي عالمگير مذھب جي پوئلڳن ۽ شارحن جي دعوى اھا رھي آھي تہ انسانذات جي جملي مسئلن جو حل، مشڪلاتن کا نجات ۽ آخرت جو ڇوٽڪارو صرف سندن مذھبن وسيلي حاصل ٿيڻ وارو آھي. حق ۽ صداقت جي ھڪ ھٽي(Monopoly) وٽن محفوظ آھي. ٻين مذھبن وارن گمراھ، دشٽ، ڪافر، ائنٽي ڪرائيسٽ ھئڻ ڪري، جھنم ۾ وڃڻ وارا ھئا. نجات يا بھشت جي ٺيڪيداري صرف سندن مخصوص مذھبن جي پيروئن کي ھئي. ليڪن سندن اھي دعوائون مبالغه آميز ۽ غلط ھيون. اھڙن خيالن ڪري مذھب دنيا ۾ اتحاد، امن ۽ ترقي آڻڻ جي عيوض نفاق، فساد ۽ باھمي اختلافن پيدا ڪرڻ جا ڪارڻ بنيا آھن.