فصل ٽيون: مذھب ھڪ آھي يا گهڻا آھن
(1)مذھبن جي ڪثرت ۽ باھمي اختلاف جو نظريو:
مذھبن جي تاريخ جي ذڪر ۾ ڄاڻائي آيو آھيان تہ قديم زماني کان ھر ملڪ ۾ ماڻھن جي مختلف قبيلن ۾ جدا جدا عقيدا، رسمون ۽ رواج، سماجي دستورالعمل، عبادتن يا ڪرياڪرمن جا طريقا پئي رھيا آھن، جن جي آڌار تي مذھبن جي تعمير ٿي آھي.
قديم وحشياني ۽ اوائلي دور کي ڇڏي، موجودہ عالمگير ۽ ثانوي مذھبن کي ٿو ڏسجي، تہ اُھي بہ ڪيترائي آھن. جيڪڏھن انھن جا فرقا شمار ڪبا، تہ ھزارن جي تعداد ۾ وڃي بيھندا. اِنھن حقيقتن جي موجود ھوندي، ڪثرت مذاھب ۽ عقيدن کان انڪار ڪري نہ سگهبو. مذھبن ۽ عقيدن جي ڪثرت جي ھن صورتحال کي غور سان ڏسبو تہ ان ۾ ٻہ رجحان نمايان نظر ايندا: ھڪ، مرڪزيت يا وحدانيت طرف ڇڪيندڙ آھي؛ ٻيو، لامرڪزيت يا انفردايت ڏي گھليندڙ آھي. انھن کي انگريزي ۾ (Integration) يا (Centralization) ۽ (Disintegration) يا(Decentralization) ڪوٺي سگهبو. ٻين لفظن ۾ اُنھن کي ڪليت يا تڪميل ۽ جزيت يا ورھاست بہ سڏي سگهجي ٿو.
جيئن سياسي عالم ۾ ڪي ماڻھو سياست عمل جا پوئلڳ ٿي، موجودہ حقيقتن کي مدنطر رکي، جماعتي نظام ۽ ملڪي انتظام لاءِ حاضر حالتن مطابق قدم کڻندا آھن، تہ ڪي وري مستقبل کي حال تي ترجيح ڏئي، دائمي ۽ مجموعي مفاد لاءِ ڪم ڪندا آھن، تنھن وانگر مذھبن ۾ ڪي بزرگ ماڻھن کي چند عقيدن، رسم و رواج ۽ دستورالعمل جي بنياد تي ، مذھبي جماعتن، فرقن ۽ گروھن وسيلي ڪٺو ڪري، سندن سماجي ۽ اخلاقي تنظيم ڪرڻ گھرن ٿا – جنھن جي ڪري اڄ دنيا ۾ مذھبن ۽ فرقن جي ڪثرت ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ ٻيا وري اھي ماڻھو آھن ، جي انسانذات جي اتحاد، امن ۽ ترقيءَ کي مدنظر رکي، مرڪزيت ۽ تڪميل انسانيت لاءِ ڪم ڪرڻ گھرن ٿا. پھريون گروھ لامرڪزيت ڏي ڇڪي ٿو. ٻيو مرڪزيت ڏي. ٻئي جو جدا ذڪر ڪيو ويندو. ھتي ڪثرت مذاھب جي ڪارڻن ۽ ان جي نتيجن جو ذڪر ڪندس.
جيئن تہ مذھبي جماعتون ، رضاڪارانہ بنيادن تي، ڪن عقيدن رسمن ۽ رواجن ۽ سماجي دستورالعملن تي برپا ڪيون وڃن ٿيون، تنھنڪري ھر ھڪ مذھبي جماعت جي تنظيم، ترقي ۽ مضبوطي لاءِ ھيٺين ڳالھين جو اھتمام ڪيو وڃي ٿو:
(1)مذھبن جي بانين کي معصوم ۽ مڪمل قرار ڏيئي ، انھن جي قول ۽ فعل جي پوئلڳي ڪرڻ ضروري ڄاتي وڃي ٿي.
(2) انھن جي ڏنل تعليم کي فوق العقل يا الھامي ڄاڻي، ان جي صداقت ۾ ايمان رکڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو.
(3) انھن جي برپا ڪيل مذھبن جا سماجي ۽ شريعتي قانون بھترين ڄاڻي، انھن ذريعي ئي راھ نجات حاصل ڪرڻ جو عقيدو رکيو وڃي ٿو.
(4) انھن مذھبن کي بھترين لائح حيات ڄاڻي، انھن کان ٻاھر ٻين جملي مذھبن ۽ عقيدن کي غلط ڄاڻجي ٿو.
انھن ڳالھين جي ايتري اھتمام ڪري، ھرھڪ مذھبي جماعت کي سندن مذھبي عقيدن ۽ دستورالعمل جي صداقت ۾ ويساھ ويھي ويو آھي. اھڙيءَ طرح سان اُھي مستقل مفاد بنجي پيا آھن. ۽ انھيءَ صورتحال ۾ جدا جدا مذھبن جي جدا جدا فرقن جو پيدا ٿيڻ، ۽ موجود رھڻ فطري ڳالھہ ٿيو پوي. اُن حالت ۾ “ڪسي نمي گويد که دوزغ من ترش است” (ڪوبه نٿو چوي تہ منھنجو ڌؤنئرو کٽو آھي) وارو معاملو بنجيو پوي.
جھڙي طرح دنيا جي مختلف کنڊن، ملڪن، صوبن، ضلعن ۽ تپن ۾ ورھاست، ماڻھن جي باھمي سھولت ۽ شناخت لاءِ ضروري آھي، تھڙي طرح انسانذات جي نظرياتي دنيا ۾ مذھبن ۽ فرقن جو وجود عملي ڪارگردگي لاءِ لازمي ۽ فطري آھي. تنھنڪري اھل تصوف ۽ افاديت کان انڪار نہ ڪيو آھي. جھڙي طرح دنيا ۾ اڄڪلھه ھر قوم جي حق خودداريءَ جو حق بين الاقوامي طور قبول ڪيل آھي، اھڙي طرح ھر ماڻھو، فرقي ۽ مذھب جي راءِ يا راين جي آزادي کي بہ تسليم ڪرڻو آھي. اڪثر اختلاف جو ڪارڻ مختلف عقيدا، مختلف عبادت جا طريقا، مختلف دستورالعمل نہ ٿا ٿين، ليڪن جڏھن ڪي مذھبي گروه حق جي ھڪ ھٽي(Monopoly) پاڻ وٽ ڄاڻي، ٻين کي غلط ۽ ناحق تي سمجهي، زبردستي سان ٻين کي ھم خيال يا ھم مذھب بنائڻ جي اصول ۾ اعتقاد رکن ٿا – جنھن کي مسلمانن جھاد جي نالي سان سڏيو آھي – تڏھن اختلاف پيدا ٿين ٿا، ۽ پوءِ ھر مذھب ۽ ھر فرقي طرفان، ان مذھب ۽ ان فرقي جي نالي ۾، عوام کي استعمال غرضيءَ (Exploitation)لاءِ ڪتب آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.
مذھب اسلام جي صحيح تشريح مطابق، “لا اڪراه في الدين” آھي، يعني دين جي معاملن ۾ ڪا بہ زور زبردستي نہ ھئڻ گھرجي. ٻئي ھنڌ چيل آھي، “ لڪم دينڪم ولي الدين” يعني تنھنجو دين تولاءِ ۽ منھنجو دين مون لاءِ؛ ھر ھڪ کي سندس دين جي آزادي آھي. ٽيئن ھنڌ پيغمبر صلعم چيو آھي تہ “اختلاف امتي رحمته“ يعني – امت ۾ راءِ اختلاف رحمت آھي. قرآن ۾ چيل آھي ، “لڪل قوم ھاد” يعني ھر ھڪ گروه يا قوم لاءِ پنھنجي ھدايت يا دستورالعمل آھي.
ڪثرت مذاھب باغ عالم کي رنگا رنگي گلن جو چمن بنائي، ان جي زيبائش ۾ واڌارو آڻي ٿي.
اسلام جي صحيح تشريح ڄاڻڻ وارو مسلمان دنيا جي ھر شيءِ ۽ نظريي کي بيڪار نہ سمجهي، ان مان مفيد ۽ قابل قبول مواد حاصل ڪري ٿو. ھن جي ذھن ۾ ھي ڳالھيون صاف ويٺل رھن ٿيون تہ
(1)مذھب ماڻھن لاءِ پيدا ڪيل آھن ۽ نہ ماڻھو مذھبن لاءِ
(2) دنيا جا سڀ مذھب، نظريا، فلسفا، سائنسون ۽ علم ماڻھن کي ڪتابن جي لئبرريءَ طور ڪتب آڻڻا آھن. انھن مان “خذ ما صفا دع ما ڪدر” جي سبق مطابق، چڱي ۽ مفيد ڳالھہ وٺڻي آھي، ۽ غير مفيد کي ڦٽو ڪرڻو آھي.
(3) دنيا ۾ ڪابہ شيءِ، نظريو، فلسفو، مذھبي عقيدو وغيره آخري ۽ مڪمل ٿي نٿو سگهي. دين فطرت (قانون ارتقا يا ترقي پذير تبديل جي قانون) موجب، ھر گھڙيءَ، ھر زماني ۽ ھر دور ۾ بحر فيض الاھي مان نون نياپن، معلومات، نظرين۽ عقيدن ظاھر ٿيڻ جي اميد ۽ امڪان آھي. اھو سلسلو لامتناھي يعني اڻ کٽ رھندو.
جي قيام مڙن تہ بہ ويجھا ڀانئج سپرين.
جڏھين بہ ۽ جتي بہ ڪي مذھب، نظريا، فلسفا ۽ عقيدا انسانذات جي اتحاد، امن ۽ ترقي ۾ رخنو وجهن ٿا، تہ اھڙي حالت ۾ اُھي غير فطري بنجيو پون.
2 ڪثرت مذاھب پويان بنيادي وحدت جو نظريو:
مٿي ذڪر ڪري آيو آھيان تہ قديم وقت کان وٺي دنيا جي مختلف ملڪن، دورن ۽ قومن ۾ ڪي اھڙا ماڻھو بہ پيدا ٿيا آھن، جن انسانذات جي اتحاد، امن ۽ ترقيءَ لاءِ پئي ڪوشش ڪئي آھي. ھنن کي ڪثرت مذاھب، عقائد، دستورالعمل، نظرين وغيره جي پويان بنيادي وحدت ڏسڻ ۾ آئي آھي. اُنھن بنا امتياز مذھب، نسل ۽ قوم جي، ان وحدت جي مقصد اعظم جي حصول لاءِ پئي ڪوشش ڪئي آھي. انھن معاشري جي ضرورتن، وقتي مصلحتن، قديم روايات، عوام جي تعصبن، قديم عقيدن ۽ ماڻھن جي مڪاني، نسلي ۽ ذھني ارتقا جي تقاضائن موجب ٺھيل مختلف جماعتي دستورالعملن ۽ عبادتن جي طريقن ۽ تنظيمن جي ظاھري ڪثرت پويان بنيادي وحدت سمايل ڏٺي.
اھڙي قسم جو فڪر ھيٺ ذڪر ڪيل ٻن ذريعن وسيلي پئي ظاھر ٿيو آھي ۽ وڌيو ۽ پکڙيو آھي. (1) مخفي ۽ سينہ بسينہ تعليم جي ذريعي، (2) قياسي ۽ سائنسي کوجنا جي ذريعي.
(1)مخفي ۽ سينہ بسينہ تعليم جي ذريعي:
اھا تسليم شده حقيقت آھي تہ سڀئي ماڻھو ذھني ارتقا ۾ ھڪجھڙا نہ پئي رھيا آھن. ھڪڙا مھذب، راسخ العلم ۽ صاحب دل آھن. ٻيا غير مھذب ، جاھل ۽ معتصب آھن. ٻئي گروه جي ھميشه ڪثرت رھي آھي. پھريون گروه آڱرين تي ڳڻڻ جيترو رھيو آھي. تنھنڪري قاعدا، قانون، عقيدا، زندگيءَ جي عمل جو طريقو ۽ نقطہ نگاه ٻنھي گروھن جو علحده پئي رھيو آھي. ھڪڙن شخصي، فروعي ۽ عارضي نفعي کي ترجيح ڏني آھي. ٻين مجموعي، اصولي ۽ دائمي ڳالھين ڏي توجه پئي ڏنو آھي. ھڪڙن جي سامھون حال ھو ٻين جي اڳيان مستقبل (آخرت) ھو.
پيغمبرن بہ ھڪڙيون ڳالھيون عام لاءِ ڪيون آھن، ٻيون خاص لاءِ. خاص جون ڳالھيون عام جي سمجهه کان مٿي آھن. ازانسواءِ عقيدن، راين ۽ زندگيءَ جي طريقي ۾ جا خاص ماڻھن کي آزادي يا گنجائش ملڻي آھي، ان جا رواجي، غير ترقي يافتہ ۽ جاھل ماڻھو ھر حالت ۾ ۽ ھميشه مستحق نٿا ٿي سگهن؛ ان ڪري عوام لا ءِ جي مذھبي دستورالعمل، عقيدا ۽ سماجي قانون رٿيا وڃن ٿا، سي جدا قسم جا ٿين ٿا.
مٿي ذڪر ڪري آيو آھيان تہ منظم مذھب ۽ ان جا فرقا ڪجھه وقت کان پوءِ مستقل مفاد بنجيو پون. تنھنڪري ان جي اڳواڻن جي مفاد وٽان اھا ڳالھہ ٿئي ٿي تہ عوام سندن چنبي ۾ ڦاٿل رھن. آھستي آھستي، انساني سماج ۾، حڪمران گروه، مذھبي مھندار ۽ شاھوڪار طبقي جا مفاد ھڪڙا ٿيو پون. تنھنڪري ڪا بہ ڳالھہ، جا ماڻھن کي آزاد راءِ ۽ آزاد خياليءَ سان مانوس ڪندي ھوندي، سا ھو ھيڪاري برداشت نہ ٿاڪن. ۽ عوام جي تعصبات ۽ قديم عقائد جي آڙ ۾، ڪابہ اھڙي ڳالھہ، جنھن ۾ سندن مفاد کي نقصان پھچڻ جو انديشو ھوندو آھي، ان لاءِ عوام جا جذبات برانگيختہ ڪري، آزاد خيال ماڻھن کي سزائون ڏيندا آھن. تنھنڪري درويشن اڪثري اھڙين ڳالھين کي مخفي طور ظاھر ڪيو آھي.
درويشن ۾ ٻہ گروه رھيا آھن، ھڪ سالڪ ۽ ٻيا مجذوب.
سالڪ: سالڪن حق جو آواز اھڙي نموني اشارتن ۽ ڪنايتن ظاھر ڪيو، جو عوام جي تعصبات کي بہ مجروع نہ ڪيائون ۽ مستقل مفاد جي زد کان بہ بچي ويا. جنھن لاءِ مولانا روم عليه الرحمتہ فرمايو آھي
خوشتران باشد که سر دلبران، گفتہ آيد در حديث ديگران.
اُنھيءَ مان سندس مراد ھي ھئي تہ سمجهڻ وارا ڳالھہ سمجهي ويندا، باقي عام ماڻھو ان کي ئي نہ سمجهي سگهندا، جنھنڪري مسقتل مفاد جي زد کان محفوظ رھيو.
خواجه حافظ شيرازي، انھيءَ حالت کي مدنظر رکي، فرمايو آھي
مصلحت نيست که از پرده برون افتد راز،
ورنہ در مجلس رندان خبري نيست که نيست.
(معني اھا مصلحت ڀري ڳالھہ نہ آھي تہ پردي کان ٻاھر ڪري گفتگو ڪجي، نہ تہ سالڪن کي ھر ڳالھہ جو پتو آھي.)
ھنن جي راءِ ھئي تہ نانگ بہ مري لٺ بہ نہ ڀڄي. اھڙي طرز عمل اختيار ڪرڻ لاءِ ھنن ڪيئي دليل ڏنا ٿي. چي، مستقل مفاد ۽ منظم مذھب جي روايات ۽ تعصبات خلاف کليل گفتگو مان ڪو فائدو ڪونہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ عوام اھا سمجهندا ڪونه، ۽ خواص ناراض ٿي سختي اختيار ڪندا. تنھنڪري ھنن مخصوص ماڻھن تائين پنھنجي تعليم کي مخفي طرح پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ گفتگو جو اھو طريقو اختيار ڪيائون، جو قانون جي زد کان ٻاھر ھو.
مجذوب: ھي ان قسم جا ڪارڪن ھئا، جن تي ھوش کان جوش جو زيادھہ اثر ھو. جنھنڪري ھنن حق جي آواز کي نقاري جي چوٽ تي، بنا خوف جي، چئي ڏنو ٿي. ھنن کي پتو ھو تہ ان ڪري ھيٺيان ردعمل ٿيڻ ۽ نقصان پھچڻ وارا ھئا:
(1)عوام تي منظم مذھبن جي تسلط جي گهٽجڻ جو امڪان ھو؛ جنھنڪري مذھبي مھندار ۽ سندن مددگار حاڪم ناراض ٿي، ھنن جي ڪم تي بندش وجهڻ وارا ھئا، ۽ سندن خلاف عوام کي ڀڙڪائي کين سخت سزائون ڏيڻ وارا ھئا.
(2) پر انھيءَ علم جي باوجود، ھنن جو اعتقاد ھو تہ عوام جي دل سالم ھئي – صرف ھنن جي سمجهه گهٽ ھئي. ان ڪري کليل ۽ نقاري جي چوٽ تي، جا ڳالھہ کين ھر ھر ٻڌائبي، اھا ھو ضرور ٻڌندا. ممڪن آھي تہ انھن تي ترت اثر نہ ٿئي، ۽ حڪام وقت ۽ مذھبي مھندارن جي سزائن ۽ ڪارڪنن جي قربانين بعد ئي انھن تي اثر پوڻ شروع ٿي. ان حالت جي “غالب” ھھڙيءَ طرح ترجماني ڪري ٿو –
تعزير جرم عشق ھي بيڪار محتسب،
بڙھتا ھي اور ذوق گنھه يان سزا ڪي بعد.
خواجه حافظ ساڳئي خيال کي ھن طرح ادا ڪري ٿو؛
در ره منزل ليلى کي خطرھا ست بسي،
شرط اول قدم آنست که مجنون باشي.
(معنى ليلى جي رستي ۾ گهڻئي ئي خطرا آھن، ان تائين پھچڻ لاءِ پھريون شرط اھو آھي تہ چريو ٿيءُ!)
(3) مجذوب يا عاشق بي صبر آھي. ھر ڳالھہ انقلابي طريقي سان ڪرڻ گھري ٿو. ھو حال کي مسقبل لاءِ مھمل ڪرڻ واسطي تيار نہ آھي. خواجه حافظ ان جي اھڙي جذبي جي ترجماني ڪندي، چوي ٿو:
دم فرصت غنيمت دان و داد خوشدلي بستان،
بسي گردش ڪند گردون بسي ليل و نھار آرد.
(معني – زندگيءَ جي ھر گھڙيءَ کي غنيمت ڄاڻي ان مان فائدو وٺ، ڇاڪاڻ تہ ڏينھن راتيون ۽ زمان پيا بدلجن، ۽ ممڪن آھي وري موقعو نہ مليئي.)
تنھنڪري ھو، ھر دم کي غنيمت ڄاڻي،جيڪي چوڻو اٿس، سو بنا ڊپ يڪدم چيو ڏي.
ھاڻ سوال اٿندو تہ اھي ڪھڙا راز ھئا، جن کي سالڪن اشارن ۾ چيو ٿي، ۽ مجذوبن علي االا اعلان چوڻ گھريو ٿي، جن مان مذھبي مھندارن ۽ سندن مددگار حاڪمن جي مستقل مفاد کي خطري جو امڪان ھو. منھنجي نظر ۾ انھن جو لب لباب ھيٺيون آھي؛
(1)وجود صرف ذات حقيقيءَ جو ھو، ٻي سڀ ان جي صفات ھئي:
عاشق چؤ ۾ ان کي، م ڪي چؤ معشوق،
خالق چؤ م خام تون، م ڪي چؤ مخلوق،
سلج تنھن سلوڪ، جو ناقصائي نڱيو.
(2) انھيءَ نظريي ۾ اعتقاد رکڻ ڪري، خالق ۽ مخلوق جا تفاوت نڪري ٿي ويا.
(3) ان تعليم ڪري انسانذات کي، بنا تميز مذھب، رنگ، نسل ۽ قوم جي، ھڪ بدن جا عضوا ڪري سمجهيو ٿي ويو.
(4) ان ڪري ماڻھن مان نفاق، نفرت ۽ ٻيائيءَ جا تفاوت نڪريو ٿي ويا.
(5) جنھنڪري جملي مذھبن جا قيد ۽ پاپنديون، جزائن ۽ سزائن، بھشت ۽ دوزخ جا عقيدا ختم ٿي ٿي ويا:
بھشت دلاسو، دوزخ دڙڪو،
ڪوڙو سامي، ڪوڙو ڪڙڪو. (شاھ نصير)
(6) انھيءَ نظريي ۾ عقيدي ڪري مذھبن جو شريعتون ۽ نظام اھميت وڃائي ٿي ويٺا.
(7)ان ۾ صاحب اقتدار ۽ مذھبي مھندار پنھنجي پنھنجي تسلط خلاف کليءَ بغاوت جا آثار ٿي ڏٺا.
اھي ڳالھيون اھل علم ۽ صاحب دل شخصن تائين محدود ھيون. مسلمانن ۾ پيغمبر خدا جي انھن رازن جو علم حضرت علي عليه السلام کي معلوم ٿيو، جنھن کان جدا جدا سلسلا طريقت جا نڪتا. “انا مدينتہ العلم و علي بابھا.” (يعني – آءُ علم جو شھر آھيان ، علي دروازو آھي.) – ان ڳالھہ ڏي اشارو آھي. ان رستي ۾ گروءَ يا مرشد جي ذاتي اثر ۽ ست سنگ ڪري انھن راز ن جو پتو پوي ٿو. ھن گروھ وارا علم ۽ عشق ذريعي ان ڳالھہ جو پتو لھن ٿا.
عالمن مان ويدانيتن، وجودين(Pantheists) ۽ وحدت الوجودين ان مسئلي تي روشني وڌي آھي. مغرب ۾ قديم دور ۾ افلاطون(Plato) ۽ جديد دور ۾ اسپنوزا (Spinoza)۽ نو افلاطونين ۾ ٻين انھيءَ مسئلي تي لکيو آھي. مشرق ۾ تازو رام ڪرشن مت جي سوامي وويڪانند ۽ ٻين ان تي روشني وڌي آھي. مسلمانن ۾ محي الدين ابن عربيءَ ان نظريي کي فلسفانہ طور ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. عاشقن ۾ مولانا روم، منصور، عطار، شمس تبريز، سرمد، شاھ عنايت، سچل وغيره، انھيءَ مسلڪ جي سلسلي ۾، خاص ذڪر جي لائق آھن. ٻين مذھبن ۽ قومن ۾ ڪيئي اھڙا ماڻھو ملي سگهندا.
ھيءَ ڳالھہ صاف ذھن ۾ ويھارڻ جي لائق آھي تہ سالڪن ۽ حقيقي عاشقن جا اھي خيال جملي دينن ۽ ڌرمن جي جداگانہ نظامن ۽ انسانذات کي ڌرمن جي نالي ۾ ورھائڻ جي خلاف ھئا. جنھنڪري مذھبي مھندارن طرفان انھن جي سخت مخالف ٿي، جن انھن جي خلاف اُھي جواب پيش ڪيا، جن جي ذريعي سندن دڪان ھلائڻ جو جواز پيدا ٿي سگهي. مسلمانن ۾ امام غزالي ۽ امام رباني مذھبي شريعتن جي جواز ۾ فلسفيانہ دليل پيش ڪيا. اھڙيءَ طرح ھندن ۾ آريا سماج قديم سڀيتا جي نالي ۾ جواب پيش ڪيو. عيسائين ۾ رفارميشن (اصلاح Reformation) ۽ رينيزانس (نشات ثانيه Renaissance ) تحريڪون پيدا ڪيون،جن جدا مذھبن جي قيام ۽ بقا لاءِ دليل ڏنا. ھتي سڀني ڌرين جي اھڙين تحريڪن جو ذڪر باعث طوالت سمجهي، صرف مسلمانن ۾ وحدت الوجودي تحريڪ ۽ ان جي جواب ۾ وحدت الشھودي تحريڪ جو ذڪر ڪندس، جو ٻين ڌرمن ۾ انھيءَ قسم جي تحريڪن جو بہ نمونو پيش ڪندو، ۽ ان مان پڙھندڙن کي انھن تحريڪن جو پس منظر بہ معلوم ٿي ويندو.
وحدت الوجود جو نظريو: مسلمانن ۾ انھي نظريي جو باني شيخ محي الدين بن علي ابن عربي ھو. کيس “شيخ الاڪبر” بہ ڪري سڏيندا ھئا. ھو ڏکڻ اسپين ۾ مورثيا شھر ۾ 560ھ مطابق 1176ع ۾ ڄائو، ۽ حاتم طائيءَ جي اولاد مان چوڻ ۾ ٿي آيو. ھن 567ھ ۽ پورچوگال جي موجودہ گادي لزبن ۾ شيخ ابوبڪر بن خذاف کان ابتدائي تعليم ورتي. انھيءَ وقت اڀرندي اسپين جو گورنر سلطان محمد ھو. ابن عربي ابتدائي تعليم وٺڻ کان پوءِ مسولي ۾ ويو، جتي ڪجھه وقت رھي، وري ڪارڊووا ۾ ڪجھه تربيت حاصل ڪري، اتان موراڪو ۾ فيض ۽ مصر ۾ سڪندريه مان ٿيندو اچي دمشق رھيو، جتي 637ھ مطابق 1240ع ۾ وفات ڪيائين. جبل قاضيون تي قاضي محي الدين زڪي جي مقام ۾ دفن ٿيل آھي.
اِھو ابن عربي آھي، جنھن اسلامي تصوف ۾، فلسفيانہ طور، نظريي وحدت الوجود جو بنياد وڌو ھو، جو پوءِ سڀني مسلمان ملڪن ۾ پکڙجي ويو. ائين نہ آھي تہ ان نظريي جا ان کان اڳ مڃيندڙ ڪونہ ھئا. درويشن جو چوڻ آھي تہ اھا تعليم سينہ بسينہ رسول مقبول جي ذريعي حضرت عليءَ کان مختلف درويشن تائين پھتي. منصور حلاج، شمس تبريز، خواجه فريدالدين عطار وغيره ان جي کلم کلا تبليغ ڪئي، پر فلسفيانہ انداز ۾ ان کي منطقي دليلن ذريعي سمجهائڻ ۾ شيخ محي الدين اِبن عربيءَ جو خاص مقام آھي. سندس ڪتاب “فصوص الحڪم ” ان لاءِ پڙھڻ جي لائق آھي.
نظريي وحدت الوجود کي “ھمه اوست” جو نظريو بہ سڏيو ويو، جنھن جو مطلب اھو آھي تہ جملي ھستي جو حقيقي وجود ھستي مطلق يا وجود ڪل آھي. اھو وجود ڪل ئي خدا آھي. جملي ڪائنات سندس پرتوي جو مظھر يا عڪس آھي، جنھن کي عالم صفات سڏجي ٿو، ۽ ان کي جدا ھستي نہ آھي. لاموجود الاالله (يعني الله کان سواءِ ٻيو ڪو وجود نہ آھي) ان جو مول متو آھي. جيئن ماڻھوءَ جي آئيني ۾ عڪس يا زمين تي سندس پاڇولو يا ان جي آواز جو گنبذ ۾ پڙاڏو ڪا جدا حيثيث ڪونہ ٿا رکن، ان وانگر صفات بہ ڪا جدا حيثيث ڪانہ ٿي رکي. بلڪه اُھا ذات حقيقي تي مدار رکندڙ ۽ سندس عڪس مثل آھي.
انھيءَ نظريي جو اثر مذھبن ۽ ملڪي سياست تي ڪھڙو پوي ٿو، ان جو مختصر ذڪر دلچسپيءَ کان خالي نہ ٿيندو. جنھن صورت ۾ ان نظريي مطابق ڪل شيءِ جو وجود ھڪ ئي آھي، ان ڪري ان جي مڃيندڙ جي راھبر پاليسي عشق ۽ اتحاد اختلاف جي پويان بنيادي وحدت جو راز کولي ظاھر ڪري ٿو. تنھنڪري، ان وسيلي، مذھبي اختلافن سبب ماڻھن جي ورھاست جي مخالفت ٿئي ٿي ۽ انھيءَ ڪري مذھبي مھندارن ۽ انھن تي مدار رکندڙ حڪومتي ڪارندن ان ۾ سندن مستقل مفاد کي خطرو ڏسي، ان جي مخالفت پئي ڪئي آھي. ان نظريي کي انتھاپسنديءَ يا اعتدال جي حد ۾ ۾ پيش ڪرڻ جو مدار مذھبي مھندارن جي ردعمل تي رھيو آھي. جڏھن مذھبي گرو ھہ حد کان وڌيڪ مذھب جي استعمال غرضي ڪئي آھي ۽ ان لاءِ کين سخت ڪٽرپڻي ۽ تنگ نظريءَ جي روش اختيار ڪرڻي پيئي آھي، تڏھن وحدتالوجودي درويش مرڳو مذھبي نظامن جي ختم ڪرڻ جو آواز اٿاريو آھي. جيئن سچل عليح الرحمتہ اھڙيءَ حالت ۾ چيو ڏئي تہ:
جڏھان منير، مسجس، مناري ويران نہ ٿيسن،
حال حقاني ميان سچو حاصل نہ ٿيوي.
وحدالشھود جو نظريو: ان جو ٻيو نالو ”ھمہ از اوست“ آھي. ھن نظريي مطلق جملي ھستيءَ جو بنياد وجود ڪل (خدا) آھي، ليڪن ڪائنات جي پيدا ٿيڻ بعد مادي دنيا بہ پنھنجي جدا ھستي رکي ٿي. ھستيءَ مطابق (خدا) پاڪ ۽ اعليٰ آھي عالم صفات کي ان سان تشبيھہ ڏيئي نٿي سگهجي. مادو پنھنجي دائرہ اثر ھيٺ قادر آھي. انھيءَ نظريي ۾ مڃڻ ڪري ھر شيءَ جا ٻہ پھلو ٿين ٿا: ھڪ پھلو روح ۽ ٻيو مادو آھي. ھڪ طرف سچ آھي تہ ٻئي طرف ڪوڙ آھي. ثواب ۽ گناھہ جدا شيون آھن. تنھنڪري جزا ۽ سزا لازمي ٿيو پون. ان ڪري ماڻھن کي گناھہ ۽ گمراھيءَ مان ڪڍي، راھہ حق ۽ ثواب طرف ھلائڻ مذھبي ادارن جو فرض ٿيو پوي. اھو فلسفو علم - وحدت جي يڪ وجوديءَ جي باوجود ڪثرت جي ظاھر اختلافن کي حقيقت ڪري مڃي ٿو. ان مطابق ”سو ويري سو واھرو“ نہ آھي. ھتي محبت سان گڏ ڪلفت کي بہ جاءِ آھي.
اھو قطعي نگاھ ھڪ حد تائين پاڻ ۾ ڪي خاصيتون رکي ٿو، پر آخري طرح اھو دوئيءَ ڏي ڇڪي ٿو. اھو دنيا جي دستور مطابق انتھاپسنديءَ جو شڪار پئي رھيو آھي. ان نظريي ڪري يا اُن جي پاڇي ۾، جدا جدا مذھبن جا اختلاف، نسلي ۽ ملڪي امتياز، فرقه بنديون ۽ تعصبي قانون، نفرت، انڌاڌنڌ مذھبي شريعتن جي پوئلڳي ۽ فسطائي خيال، دستور ۽ حڪومتون پئي پيدا ٿيون آھن. ھن نظريي ھيٺ آزاد راءِ ، جمھوريت ۽ وسيع النظري کي گهڻو نقصان پھتو آھي. اِن منجھان اِنسانن ۽ قومن ۾ پاڪ ۽ پليت، ڌڻيل ۽ ڌڪاريل، اوچ ۽ نيچ جا تفاوت پيدا ٿيا آھن.
ٻنھي نظرين جي انتھاپسندي ڪيترين خرابن جو باعث بڻي آھي. مسئله وحدت الوجود سان دلچسپي وٺندڙن کي يوگ وشست، گيتا، سوامي وويڪانند ۽ سوامي تيرٿ جون تقريرون ۽ افلاطون، اسپنوزا ۽ نوفلاطونيت(Neo platonism) جي ڪتابن کي بہ پڙھڻ گھرجي.
(2) قياسي ۽ سائنسي کوجنا جو ذريعو:
مذھبن جي تاريخ ۾ ٻڌائي آيو آھيان تہ مذھبن جي ڪھڙيءَ طرح شروعات ٿي ۽ ڪيئن آھستي آھستي ٿي، حالات جي تقاضا، معاشري جي تبديليءَ ۽ معلومات جي فراوانيءَ بعد، ان جي ابتدائي عقيدن، رسمن۽ رواجن ۽ قاعدن قانونن ۾ تبديلي ايندي ويئي. ان کوجنا مان سائنسي علم جي ماھرن مختلف علمن جي آڌار تي، ھڪ ڳالھہ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ، تہ خوف ۽ اميد جي بنياد تي، پيدا ٿيل عقيدا ۽ دستور روز بروز ارتقا ڪندا آيا آھن، ۽ آئينده بہ سندن ارتقا ھلندي رھندي. تنھنڪري، ٻين علمن جھڙوڪ طب، علم ڪيميا، علم حيات وغيره وانگر، مذھب بہ سماجي ۽ ذھني معلومات جو ھڪ علم آھي ، جو، باوجود مختلف عقيدن ۽ دستورن جي، بنيادي طرح وڌندڙ ۽ سڌرندڙ علم آھي. جيئن مٿي ذڪر ڪيل علمن ۾ مختلف کوجنائن بعد ڪي نظريا قائم ٿي وري بدلجن ٿا، اھڙي ساڳي حالت ھن سان بہ لاڳو آھي. ڪنھن بہ مذھب جو اعتقادي نظريو ۽ سماجي دستورالعمل دائمي نہ آھي. اھو، قانون ارتقا مطابق، ترقي ڪندو ۽ تبديل ٿيندو رھي ٿو.
اسلام جي اھل طريقت جي چوڻ مطابق، اسلام خود دين فطرت (قانون ارتقا يا ترقي پذير تبديل جو قانون) آھي. اُھو ان مطابق ، حالات جي تقاضا موجب، ترقي ڪندو رھي ٿو. اُن جا بنيادي متا اتحاد انساني، امن عالم ۽ انسانذات جي ترقي آھي. انھيءَ آڌار تي ھنن پيغمبر اسلام کي رحمت العالمين سڏيو، جنھن جي تعليم سڀ لاءِ يڪسان ھئي. قرآن ان بابت صاف فرمائي ٿو:
“ان الذين آمنوا، والذين ھادوا، والنصارى ، و اصابئين من آمن باالله واليوم آخر و عمل صالحن فلھم اجرھم عند ربھم ولا خوف عليھم ولا ھم يحزنون.”
(يعني جن ايمان آندو آھي (مسلمان) ۽ جي يھودي يا نصارى يا ٻئي مذھب جا آھن، تن مان جن خدا تي ايمان آندو آھي ، مستقبل (آخرت) (انسانذات جي ترقيءَ) ۾ مڃين ٿا ۽ چڱا ڪم ڪن ٿا، تن کي خدا وٽان فائدو ملندو ۽ اُھي نجات پائيندا.)
باوجود انھي صريح حڪم جي، نجات ۽ دائمي خوشي جو حقدار صرف مسلمانن کي ڄاڻڻ، جن ۾ غاضب، زاني، راشي ۽ بدڪار بہ اچي ٿي ويا، دين فطرت جي خلاف ھو.
اھل طريقت توڙي مذھب جي ارتقائي تاريخ جي محققن ۽ کوجنا ڪندڙن جي راءِ موجب پڻ دين اول کان وٺي ھڪ رھيو آھي ۽ رھندو. جدا جدا سمجهاڻيون اُن جا جدا جدا پھلو آھن. جيئن باغ ۾ رنگارنگي گل اُن جي حسن کي وڌائين ٿا، تيئن مختلف نظريا باغ جي سونھن جا ڪارڻ بڻجن ٿا. اُھو ھر ھڪ ماڻھو جي ذوق تي ڇڏيل آھي، جيڪو گل وڻيس، سو اُن جا پن پسند ڪري. سمورو باغ انسانذات جي گڏيل ملڪيت آھي. اِھا کوجنا بہ مذھب کي ھڪ ثابت ڪري ٿي.
ھاڻ سوال اٿندو تہ اِنھن ٻن متضاد نظرين – مذھب گهڻا آھن ۽ مذھب ھڪ آھي، ۾ سمجهوتو ڪيئن ٿي سگهندو؟
اُن لاءِ ھن وقت تائين ٻہ طريقا اختيار ڪيا ويا آھن:
(1)سڀني مذھبن جي بھترين ڳالھين کي گڏي نئين انداز ۾ پيش ڪرڻ، ۽ (2) ھر ھڪ عالمگير مذھب کي زور وٺائي، ٻين کي ان ۾ مدغم ڪرڻ، تاريخي تجربي موجب ٻئي طريقا ناڪامياب ثابت ٿيا آھن. گرونانڪ، ڪبير ڀڳت، صوفي بزرگن، راجا رام موھن راءِ وغيره طرفان ٿيل ڪوششون مرڳو جدا جدا فرقن جي صورت اختيار ڪري ويون. ٻئي طرف چار عالمگير مذھب، ڪروڙھا ماڻھن کي پاڻ ۾ سمائڻ جي باوجود، ساري انسانذات کي وحدت خيال ۽ عمل موجب يڪسان نہ ڪري سگهيا آھن، مرڳو انھن ۾ سوين فرقا پيدا ڪري، مذھب جي نالي ۾ انسانذات جي وچ ۾ تفاوت جون ديوارون کڙيون ڪري ڇڏيون اٿن. اُھي مذھب جا فرقا، مستقل مفاد جي صورت اختيار ڪرڻ ڪري، خوشي ءَ يا زوريءَ سان، انسانذات کي گڏڻ ۾ بھرحال ناڪامياب ٿيا آھن. بلڪه، خيال ۽ عمل جي نقطي نگاه کان سندن موجودہ باھمي ورھاستون يا ھڪٻئي کان علحدگيون ئي مصنوعي آھن. منجھائڻ ھر ھڪ مذھب ۾ ساڳيءَ ئي حد ۽ انداز جا چڱا مندا پيا آھن.
ھاڻ صرف ھڪ طريقو وڃي رھيو آھي ته، آخري طرح اِنسانذات جي وحدت ۽ خيال ۽ عمل تي پھچڻ تائين، حال گڏجي گذاري(Co-existence) يا، ٻين لفظن ۾، باھميءَ رواداريءَ جي بنا تي، سڀئي مذھب، فرقا ۽ نظريا پنھنجا جدا عقيدا، رسمون رواج ۽ عبادتون قائم رکندي، انسانذات جي اتحاد، امن ۽ ترقيءَ لاءِ باھمي تعاون ڪن. اُن لاءِ منظم دينن(Institutionalised Releigions) جي مستقل مفاد (Vested Interests)کي ٽوڙڻ لازمي ٿي پوندو. دين شخصي عقيدا ڪري ڪتب آڻبا، انھن جي منظم نظامن۽ مستقل مفاد کي ڇڏڻو پوندو.