مُهاڳ : هيءَ سين نه ڏيندي چين...
اياز جي مِڙني حوالن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن جي فڪر ۽ فلسفي کي سمجهڻ، هن جي ذات ۽ زندگيءَ جي مجموعي پهلوئن ۽ سندس ڏات جي مختلف رخن کي پرکڻ ۽ انهن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ انهيءَ ڪري به ضروري آهي، ڇو ته ان کان سواءِ سندس فني جماليات ۽ گھڻ رخي فڪري نُدرتن کي سمجهڻ اوکو ۽ مشڪل آهي. خاص ڪري هن جي شاعر ۽ تخليقڪار واري حيثيت ايتري اَهم ۽ اُتم آهي، جو ان تي جامع، تجزياتي ۽ جديد تحقيقي انداز ۾ گھڻ پهلوئي اڀياس جي سخت ضرورت آهي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي، ته هن وقت تائين ان حوالي سان ڪوئي ادبي ۽ علمي ادارو ڪو ذڪر جوڳو ڪم ۽ ڪردار ادا ڪري نه سگهيو آهي، جنهن جو اياز مستحق آهي.
اياز لاءِ عام تاثر اهو به آهي، ته هو نقادن ۽ تنقيد کي پسند نه ڪندو هو، پر حقيقت ۾ ائين نه آهي. هو تنقيد کي پسند ڪندو هو، پر تضحيق ۽ تذليل کي نه. هو نقادن کي نه، پر علمي طرح نابين ۽ نڪتچينن کي ناپسند ڪندو هو، جيڪي انڌن اونڌن ويڄن وانگر تخليقن جي اوک ڊوک ۽ پرک ڪرڻ بدران تخليقڪارن کي ڏنگيندا ۽ ڏنڀيندا آهن. اياز سُڄاڻ ۽ سُچيت نقادن کي نه رڳو دل سان قبول ڪيو ۽ ساراهيو آهي، پر انهن جي علمي پورهئي جي اعتراف ۽ احترام طور انهن کي پنهنجا ڪتاب پڻ ارپيا آهن. امير علي چانڊيي، اياز تي هڪ ئي مقالو لکيو، پر اهو اهڙو جامع، تجزياتي ۽ اياز جي گهڻ پهلوئي فڪر ۽ فن جي تحقيقي ۽ جديد تنقيدي پرک تي محيط آهي، جو ان کي نه صرف پارکو پڙهندڙن پسند ڪيو، پر اياز پڻ ان جو زندگيءَ ڀر معترف رهيو ۽ تحسين طور هُن کيس پنهنجو هڪ ڪتاب انتساب ڪيو آهي. ساڳيءَ ريت اياز تنقيدي پرک ۽ علمي بصيرت جي حوالي سان رسول بخش پليجو، رشيد ڀٽي، غلام محمد گرامي،
محمد ابراهيم جويو ۽ ٻين ڪيترن ئي پارکو ۽ جديد دور جي سُڄاڻ نقادن جي ڪم کان مرغوب ۽ متاثر رهيو آهي ۽ انهن کي نه فقط پيار ۽ محبت سان پنهنجا ڪتاب ارپنا ڪيا اٿائين، پر انهن جي ڪم ۽ تنيقيدي علميت جو پڻ پنهنجن مختلف تحريرن ۾ کُليءَ دل سان اعتراف به ڪندو رهيو آهي.
حقيقت اها آهي، ته هن وقت تائين اياز تي گھڻو تڻو انفرادي نوعيت ۽ ڌريائتي لحاظ کان ڪم ٿيو آهي. هڪ وقت هو جڏهن کاٻي ڌر سندس ڀرجهلو ٿي، نه رڳو اياز جو دفاع ڪيو، پر هن جي تخليقن جي پنهنجي نقطه نگاهه کان تشريح ۽ ڇنڊڇاڻ پڻ ڪئي، تڏهن ساڄي ڌر اياز جي نه رڳو تحريرن ۽ تخليقن جي سخت مخالفت ڪئي، پر سندس جان جي دشمن بڻجي هٿ ڌوئي سندس پويان پئجي وئي. وقت جي آمر حاڪمن تائين اياز خلاف رپورٽون ڪري، سندس ڪتابن تي نه صرف بندشون وجهرايون ويون، پر شهر بدريون ۽ جيل ڀيڙو به ڪرايو ويو. ٻي دور ۾ ساڄي ڌر، جيڪا سندس ويري ۽ دشمن هئي، اها واهرو بڻي ۽ کاٻي ڌر، جنهن ۾ اڪثريت سندس دوستن ۽ رفيقن جي هئي، اهي کانئس مُنهن موڙي ويا، نتيجي ۾ اياز ذاتي طور تي ڪنهن حد تائين تنهائي ۽ اڪيلائي جو شڪار به بڻيو، پر هن پنهنجو تخليقي ڪم جاري ۽ ساري رکيو. اياز هڪ انسان جي ناتي زندگيءَ جي ڪيترن ئي موڙن تي ڀڳو، ڀُريو، ٿَڪو ۽ ٽُٽُو به هوندو، پر هُن جي شاعري، نه ڪڏهن هارايو آهي، نه ئي اها ڪٿي ٿَڪي ۽ هيڻي ٿي آهي. اها پنهنجي جوت ۽ جوهر ۾ سدا جوان ۽ واڙيءَ ڦُل وانگر مُرڪندڙ ۽ مَهڪندڙ رهي آهي.
اها حقيقت آهي، ته اياز پنهنجي دور جي سياسي ۽ سماجي حالتن جا ججها اثر ورتا آهن ۽ انهن جا عڪس ۽ اولڙا سندس شاعريءَ ۾ جابجا ملن ٿا، پر اهو به سچ آهي، ته هو ڪنهن ٻي جي دڳ تي هلڻ بدران سدائين دل جي دڳ تي هليو. اياز جي شاعريءَ جو دور ڪهڙو به هجي، اهو سندس ابتدائي رومانوي دور هجي يا قوم پرست، انقلابيت، مزاحمت، امن پسندي، انسان دوستي ۽ صوفياڻي مزاج وارو دور، پر هو پنهنجي هر دور ۾ ڀٽائيءَ جي سِٽَ، ’ جي لهوارو لوڪ وهي، تون اوچو وهه اوڀار‘ وانگر پنهنجن انفرادي رَندن ۽ پنڌن تي گامزن رهيو. اياز جي شاعري، ڪنهن به دور ۾، پنهنجي مرڪزي نقطي يعني ’ڌرتي ۽ ماڻهن‘ سان محبت ۽ انهن جي فلاح ۽ بهبود جي فڪر تان ڪنهن به طور تي دستبردار نه ٿي آهي ۽ اها ئي سندس شاعريءَ جي وڏي خوبي ۽ خوبصورتي آهي.
شيخ اياز پنهنجي سدا حيات فڪر ۽ بارش جهڙي ڏات سان، نه صرف پنهنجي ڌرتي ۽ ماڻهن جا سينا سيراب ڪيا آهن، پر هن ٻين ملڪن جي ماڻهن کي پڻ پنهنجي شاعراڻي سگهه ۽ سندرتا سان موهيو ۽ متاثر ڪيو آهي. اياز جديد سنڌي شاعريءَ جو سرواڻ ۽ مُهندار شاعر ئي نه آهي، پر هو جديد نثري ادب ۾ پڻ هڪ ’ٽرينڊ سيٽر‘ تخليقڪار جي حيثيت ۾ پنهنجي هڪ الڳ شناخت ۽ نرالي حيثيت رکي ٿو. هن سنڌي شاعريءَ جي ڪونج ڳچيءَ لاءِ جيڪي ڳهڻا گهڙيا آهن، اهي ته پنهنجي جاءِ تي بي نظير ۽ بي بدل آهن، پر سندس نثري تخليقون پڻ سنڌي ادب جو حسين ۽ زيبائتو وکر آهن.
اياز جي شاعري روميءَ جو رقص به آهي، ته صليب تي مسيح جي ثابت قدمي ۽ سچ لاءِ سرويچيءَ جو نظارو به. هن جي نثر ۾ نه رڳو شعري نغمگي ۽ نرملتا ملي ٿي، پر سندس لفظ لفظ شاعراڻي تخيل ۽ رنگين تخليقي احساس جي پوپٽ ــ رنگن ۾ رنگيل آهي، جنهن کي پڙهندڙ جڏهن پڙهن ٿا، تڏهن نه فقط انهن جا نيڻ احساس ۽ فڪر جي اُجري رنگن کي پَسي مُرڪي پون ٿا، پر رڌم ۽ خيال جي رنگيني محسوس ڪري سندن روح جا سڀ رخ پڻ روشن ٿي پون ٿا. اياز جو نثر توڙي نظم ننڊ آڇيندڙ نه، پر ننڊ کسي اوجاڳا ڏيندڙ ۽ بي چين ڪندڙ آهي. سنڌ جي ويجهي ماضي ۾ شايد ئي ڪو شاعر هجي، جنهن جي ڪوتائن اياز جي شاعريءَ وانگر سنڌي ادب ۽ سنڌي سماج جي روح کي ايترو نرمائيو ۽ گرمائيو هجي. بلاشبه اياز جي شاعري سنڌ ۾ تبديلي ۽ تحرڪ جي احساس کي اهڙيءَ ريت اُجاگر ڪيو ۽ اُڀاريو آهي، جو هڪ سجاڳ ۽ آدرشي ماڻهوءَ کي مقتل به پرينءَ جو پار ٿو محسوس ٿئي.
شيخ اياز جي شاعريءَ جي فن ۽ فڪر جو جهان ايترو ته وشال ۽ حُسناڪ آهي، جو ان کي پروڙڻ ۽ پَسڻ لاءِ وڏي پرک، حُسن شناس اک ۽ دردمند دل جو هجڻ تمام ضروري آهي. هن جي شاعري رومانيت، وطن دوستي ۽ انسان پرستيءَ کان وٺي ترقي پسندي، مزاحمت، انقلاب، جديديت، سريلئزم، جماليات، تصوف ۽ زندگيءَ سان لاڳاپيل ٻين انيڪ پهلوئن ۽ جهتن تي مشتمل آهي. هن جي شاعريءَ جي مختلف پهلوئن، خاص ڪري سندس فڪري زاوين تي سندس زندگيءَ ۾ ئي ڪافي ڪجهه ڳالهايو ۽ لکيو ويو آهي، پر هن جي شاعريءَ جي فني ۽ جمالياتي پهلوئن تي گهٽ ڪم ٿيو آهي. سندس حياتيءَ ۾ ئي فڪري حوالي سان ڪيترن ساڻس اتفاق ڪيو، ته ڪيترن اختلاف، پر اياز انهن سڀني ڳالهين جي قطع نظر پنهنجي تخليقي ڪِرت ڪندو رهيو. اياز پنهنجي تخليقي پورهئي سان زندگيءَ جي آخريءَ گهڙي تائين پنهنجي پوري اُنس ۽ عشق سان نڀايو. هُن شاعريءَ خاطر قيد ۽ بند به سَٺا، ته مختلف وقتن تي پنهنجن ۽ پراون پاران ڏنل ’غدار، ديش دروهي، موقعي پرست‘ ۽ ٻين ڪيترن ئي الزامن جون اذيتون به ڀوڳيون، پر هن ڪڏهن به’شاعري‘ نه ڇڏي. هن دوست، تعلق ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه وڃائڻ، سهڻ ۽ برداشت ڪرڻ جي باوجود شاعريءَ سان ساٿ ۽ سُٻنڌ قائم رکيو. اياز جي شاعري سندس زندگيءَ کان وڌيڪ سرتي ۽ سهيلي هئي. زندگي سندس ساٿ ڇڏي موت حوالي ڪيو، پر شاعري سندس موت کان پوءِ به هڪ ابدي امرتا جي حوالي طور موجود آهي، جيڪا اڄ به اسان جي دلين جي نه رڳو ڌڙڪن بڻيل آهي، پر اها اسان جي شعور کي نت نئين جوت ۽ جلا بخشي ٿي.
آءٌ شروع کان اياز جي شاعريءَ جو مداح رهيو آهيان ۽ ان سان گڏوگڏ سندس شاعريءَ جي فني ۽ فڪري پهلوئن کي مختلف رخن کان ڏسڻ، پَسڻ ۽ پرکڻ منهنجي محبوب وندر ۽ ورونهن رهي آهي. اهو ئي سبب آهي، جو اياز جي شاعريءَ جي انهيءَ اشتياق ۽ اُنس جي پيشِ نظر مون ’اياز جي شاعريءَ ۾ جماليات‘ جي موضوع تي پي ايڇ ڊي به ڪئي آهي. ان مقالي ۾ مون گھڻو ڪري سندس شاعريءَ جي فني ۽ جمالياتي رخن تي لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ’اياز جي شاعريءَ ۾ جماليات‘ جي موضوع تي هند توڙي سنڌ ۾ اها پنهنجي نوعيت جي پهرين ٿيسز آهي، ان کان اڳ اياز جي شاعريءَ تي ان سلسلي ۾ڪجهه مضمونن جي صورت ۾ ٿورو ڪم ملي ٿو.
حقيقت اها آهي، ته اياز تي ايتري ڪم باوجود اڃان بهتر ۽ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي، نه صرف مون کي هميشه تانگهه ۽ تشنگي رهي آهي، پر اياز تي ٻين عالمن، پارکن ۽ نقادن جي معياري ڪم کي سهيڙي پڙهندڙن تائين پهچائڻ جو اُلڪو پڻ سدائين دامن گير رهيو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو مخلتلف ليکڪن، عالمن، نقادن ۽ پارکن جي اياز تي لکيل مقالن ۽ مضمونن تي مشتمل، منهنجو ترتيب ڏنل هي ڪتاب اڄ اوهان پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي. ڪتاب ۾ موجود سمورا مقالا ۽ مضمون نوان ۽ نڪور آهن. هن اينٿالاجيءَ ۾ اَٺ ’اياز شناسن‘ جا مقالا ۽ مضمون شامل آهن، جيڪي اياز جي شاعريءَ جي فني، فڪري ۽ مختلف جمالياتي پهلوئن ۽ پاسن تي روشني وجهن ٿا.
ڪتاب جو پهريون مقالو، ’شيخ اياز جو فڪري سفر‘ جي سِري سان هاڪاري دانشور ۽ نقاد اڪبر لغاريءَ جو آهي. اڪبر پنهنجي سڀاءَ ۽ سُرت ۾ جيترو نرمل ۽ سُچيت انسان آهي، ايترو ئي پنهنجي علمي ۽ عملي ڪردار ۽ ڪم ۾ بردبار، ساڃاهه مند ۽ جدت شعار قلمڪار آهي. هو سچ پچ اميري ويس ۾، دل جو هڪ سچو پچو فقير منش ماڻهو آهي، جنهن بنا ڪنهن تفريق جي هر ماڻهوءَ کي مان ۽ محبتون ڏنيون آهن. اڪبر لغاري هن وقت تائين سنڌي ادب کي، نه رڳو ’فلسفي جي مختصر تاريخ، سنڌي ادب جي مختصر تاريخ ۽ ادبي تنقيد جي تاريخ‘ جهڙا مفيد ۽ معياري ڪتاب ڏنا آهن، پر هو وقت بوقت مختلف ادبي رسالن ۾ علمي ۽ تنقيدي مضمون ۽ مقالا لکڻ سان گڏوگڏ فڪري مذاڪرن ۽ ميڙن ۾، ادب ۽ شاعريءَ تي جديد تنقيد جي حوالي سان پنهنجي کري، ٺوس ۽ سائنسي انداز جي نقطه نظر جو اظهار ڪندو رهيو آهي ۽ اهو عمل ئي کيس سنڌي ادب ۾ هڪ سگهاري نقاد جي شناخت عطا ڪري ٿو.
اڪبر لغاري جو هي مقالو شيخ اياز جي فڪري اوسر، ادبي ماحول، سياسي ۽ سماجي حالتن، سندس دور ۾ ملڪي، غير ملڪي سياسي ۽ ادبي تحريڪن جي پسمنظر، فڪري لاڙن، ادبي اثرن ۽ خاص طرح سندس شاعريءَ جي مختلف خارجي ۽ داخلي ڪيفيتن ۽ محرڪن تي ڀرپور ۽ جامع روشني وجهي ٿو. هن مقالي جي ابتدا ۾ اڪبر، اياز جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي علمي ۽ ادبي ايمانداريءَ سان ڳالهائڻ ۽ ان تي کرائيءَ سان لکڻ تي زور ڏيندي، نه فقط اياز جي شاعراڻي شخصيت جي ٽن ترڪيبي جزن يعني سندس تربيت، خارجي حالتن ۽ داخلي لاڙن ۽ هيجانن تي تفصيلي ڳالهايو آهي، پر سندس شاعريءَ جو ادبي ۽ تنقيدي ڇيدي ڪندي، ان کي هيٺين چئن دورن ۾ تقسيم ڪيو آهي.
1. مهڙ کان 1960ع تائين: (اياز جي هن دور جي شاعري ۽ نثر باغيانه ۽ لذتياتي جماليات تي مشتمل آهي.)
2. 1960ع کان 1973ع تائين: (هي دور انقلابي، سماجي حقيقت نگاري، قومپرستي، مزاحمتي ۽ جدلياتي شاعري تي ٻڌل آهي.)
3. 1973ع کان 1990ع تائين: (هن دور ۾ گهڻو ڪري داخلي، قنوطي، مطالعاتي ۽ تلخ شاعري ملي ٿي.)
4. 1990ع کان 1997ع تائين: (هن دور ۾ اياز صوفيانه ۽ وجداني شاعري ڪئي.)
اڪبر صاحب، شيخ اياز جي شاعريءَ جي مذڪوره مقرر ڪيل چئن دورن تي پنهنجي مطالعي ۽ تنقيدي شعور آڌار، نه رڳو برجستگيءَ سان ڳالهايو ۽ پنهنجا ويچار ونڊيا آهن، پر اياز جي شاعريءَ مان مثال ڏئي پنهنجي نقطه نظر کي مضبوط بڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ هو گھڻي حد تائين سڦل رهيو آهي، پر ڪٿي ڪٿي سندس راءِ مان سوال به اُڀرن ٿا. جيئن هو اياز جي پهرين دور، جنهن کي پاڻ باغيانه ۽ لذتياتي جماليات جو دور ڪوٺي ٿو، تنهن بابت لکي ٿو، ”فڪري لحاظ کان هن دور جي شاعري ۾ اونهائي نه آهي، ڪو گهرو فڪر، ڪو ڇرڪائيندڙ نقطو نه آهي، جنهن کي پڙهي ماڻهو ڪجهه سوچڻ تي مجبور ٿئي، پر وٽس بهترين رومانوي تخيل ۽ خوبصورت اندازِ بيان آهي“ (ص47).
پر منهنجي ذاتي راءِ آهي، ته اياز جو اهو ئي دور آهي، جنهن ۾ هن ’ڀونر ڀري آڪاس‘ جهڙو شعري مجموعو تخليق ڪيو، جنهن جي شعلا بيان فڪر ۽ انقلابي لب و لهجي، نه رڳو اقتداري ايوانن کي ٿرٿلي ۾ وجهي ڇڏيو ۽ انهن مٿانئس پابندي مَڙهي، پر ان ۾ موجود فڪري خيالن، جذباتي اُڇل، رومانوي رنگيني ۽ جمالياتي حسُناڪي ماڻهن جا من موهي، انهن کي اياز جي شاعريءَ جو گرويدو ۽ عاشق بڻائي ڇڏيو.
اڪبر جي هن مقالي جي اهم خوبي اها به آهي، ته ان ۾ هُن ڪيترن ئي اهم نقطن جي وضاحت ڪري، مُنجهيل معاملن کي سُلجهايو ۽ انهن کي وڌيڪ واضح پڻ ڪيو آهي. جيئن ڪيترا ماڻهو اياز کي ڪميونسٽ ۽ دهريو قرار ڏيندا آهن، جنهن کان اياز انڪاري آهي ۽ هو پنهنجن ڪيترين تحريرن ۽ تخليقن ۾ ان بابت وضاحتون پڻ ڪري چڪو آهي. اڪبر ان سلسلي ۾ پنهنجي مقالي ۾ لکي ٿو، ”اياز مارڪسزم کان متاثر هو، پر هن مارڪسزم کي ايم اين راءِ جي اک سان ڏٺو. ايم اين راءِ، اسٽالن جو سخت مخالف هو ۽ سندس ظلمن کي وائکو ڪندو رهندو هو. اياز بنيادي طور تي شاعر هو، سياستدان نه هو، تنهنڪري مارڪسزم کي صرف پنهنجي فڪري سگهه جو ذريعو بڻايائين ۽ مارڪسزم کان متاثر ٿي، ترقي پسند فڪر کي پنهنجي سڃاڻپ بڻايائين.... اياز ترقي پسند هوندي به، روايتي ترقي پسندن وانگر ادب کي انقلاب جي پروپيگنڊه لاءِ استعمال نه ڪيو، پر پنهنجو پاڻ کي پنهنجي قوم ۽ دنيا جي سمورن مظلومن ڏانهن هميشه جوابده ڀانيو ۽ انهن جي ڏک کي پنهنجو ڏک سمجهيو“ (ص56).
اڪبر لغاري هن مقالي ۾ تحقيقي ۽ تجزياتي انداز اپنائڻ سان گڏوگڏ لذيد ۽ روان ٻولي پڻ استعمال ڪئي آهي، جيڪا پڙهندڙ کي ڳراڻ ۽ ڳوڙهائيءَ کان بچائيندي، سلاست جو ساءُ به آڇي ٿي، ته فڪر ۽ معنويت جا موتي به پلئه وجهي ٿي. مجموعي طور تي سندس هي مقالو ’اياز شناسي‘ جي حوالي سان انتهائي اهم ۽ وڏي اهميت جو حامل آهي، جنهن مان نه صرف عام پڙهندڙ آساني سان گھڻو ڪجهه پِرائي سگهي ٿو، پر هڪ پارکو ۽ اياز شناس پڻ ان مان چڱو استفادو حاصل ڪري سگهي ٿو.
جامي چانڊيو جو شمار سنڌ جي صفِ اول ۽ پاڪستان جي اهم دانشورن ۽ سياسي بصيرت رکندڙ چند شخصيتن ۾ ٿئي ٿو، پر حقيقت اها آهي، ته جامي نه فقط سياست ۽ سماجيات جو پارکو آهي، پر هن کي فلسفي، تاريخ، آرٽ، ادب، شاعري ۽ فنون لطيفه جي ٻين شعبن جي به وڏي سوجهه ٻوجهه آهي. ساڳيءَ طرح هن وٽ ڳالهائڻ جو پُراثر آرٽ ۽ اسٽيج کي استعمال ڪرڻ جو جيڪو حسين هنر آهي، اهو شايد گهٽ ماڻهن وٽ هوندو. انهن خوبين ۽ خوبصورتين سان گڏ هن ۾ ڪمال جي انڪساري، عاجزي ۽ ٻي جي راءِ کي احترام سان ٻُڌڻ ۽ ان کي گهربل قبوليت ۽ مڃتا ڏيڻ جو جيڪو اعلى گڻ آهي، اهو سچ ته سندس ڪيترن نقطن سان اختلاف هجڻ باوجود ماڻهوءَ کي ساڻس پيار ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏي ٿو.
هِن ڳُٽڪي ۾ موجود جامي جو مقالو، ’اياز جي شاعريءَ جو اڀياس‘ تمام اهم ۽ غور سان پڙهڻ ۽ سنجيدگيءَ سان پُرجهڻ جهڙو آهي. پنهنجي مقالي ۾ هُن، اياز جي شاعريءَ جي پرک، نه صرف جديد ادبي ۽ تنقيدي معيارن موجب ڪئي آهي، پر اياز جي فڪري ۽ فني سفر جا پيرا، سنڌي ادب جي اساسي، ڪلاسيڪي، عروضي ۽ جديد دور تائين کڻي، انهيءَ تناظر ۾ سندس شاعريءَ جو تجزيو ۽ ڪٿ ڪئي آهي. اياز ڪهڙيءَ ريت اساسي دور کان ڪلاسيڪي دور تائين جي سرجڻهارن مان فني، تخليقي ۽ جمالياتي حوالي سان اثر ورتا ۽ پنهنجو نئون تخليقي رستو گهڙي تيار ڪيو. هن جي ڳڀرو وجود جي ڪچي مِٽيءَ کي عشق جي آويءَ پچائي ڪيئن ريٽو ڪيو. وقت ۽ حالتن هِن شڪارپور جي شهري شهزاديءَ کي ڪيئن جيل ۽ دربدريءَ جا ڏينهن ڏيکاريا ۽ هُن شاعريءَ خاطر ڪيتريون نه عقوبتون ۽ اذيتون ثابت قدميءَ سان برداشت ڪيون، هو ڪيئن نه هر مثبت اثر وٺڻ باوجود پنهنجي فني ۽ تخليقي اظهار ۾ نت نئون ۽ نرالو آهي، جامي ان سموري پسمنظر ۽ پيش منظر جا، نه رڳو پيرائتا تفصيل ڏنا ۽ انهن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي، پر هو اياز جي غير معمولي تخليقي ڏات ۽ فن جي ڪرشماتي سگهه جو دل سان اعتراف ڪندي، ساڻس محبت جو اظهار هنن لفظن ۾ ڪري ٿو، ”غيرمعمولي سِرجڻهارَ پنهنجي تخليقي وَهيءَ چڙهي، هڪ اهڙي دور کي جنم ڏيندا آهن، جيڪو دور قومن کي تاريخ ۾ فڪر، فن ۽ ٻوليءَ جي واڌاري جي اؤج جون ٻِرانگهون ڀَرائي، اِتهاس ۾ اڳتي وٺي وڃڻ جو بنيادي محرڪ بڻبو آهي. ويهين صديءَ جي سنڌ جي ادبي ميدان ۾ شيخ اياز به هڪ اهڙو ئي فرد هو. هڪ فرد ڇا، هو جديد سنڌي ادب جي اوسر، تخليقي، روحاني، جمالياتي ۽ مزاحمتي سگهه جو هڪ ڀرپور دور هو ۽ آهي..... اياز ويهين صديءَ جي پوئين اَڌَ ۾ رڳو هڪ وڏو جديد تخليقي شاعر ئي نه، پر پاڻ سان گڏ هڪ مڪمل نئون ادبي دور کڻي آيو، جنهن جا گِهرا ۽ گهڻ طرفا اثر اڄ سُوڌو سنڌي ادب تي آهن ۽ شايد ڪيترا زمانا اڃا رهندا“ (ص89).
جامي هن مقالي ۾ اياز تي مقامي ادب, علم ۽ ڪلچر جي روايتن جي اثرن کان علاوه هندي، اردو، فارسي ۽ يورپ جي لبرل فڪري روايتن مان مثبت اثرن وٺڻ جي حوالي سان پڻ تفصيلي بحث ڪيو آهي، جيڪو اياز جي شاعريءَ جي فڪري ۽ فني پهلوئن کي سمجهڻ ۾ ڪافي سهڪاري ثابت ٿي سگهي ٿو. ان کان علاوه ان اڀياس مان اهو نقطو پڻ واضح ٿئي ٿو، ته توڙي جو اياز فارسي، اردو، هندي ۽ يورپ جي شاعريءَ جي لبرل روايتن مان گھڻو ڪجهه پُرجهيو ۽ پِرايو آهي، پر سندس ڏات جو وڏو ڪمال اهو آهي، ته هن انهن جي ڪڏهن به تتبع ۽ تقليد نه ڪئي آهي. هن وٽ هر خيال، احساس، فني ترڪيبون ۽ فڪري اظهار هڪ نئين رنگ ۽ روح سان نئون جنم وٺي سامهون اچي ٿو.
جامي چانڊئي پنهنجي هن ليک ۾، خاص طرح اياز جي شاعريءَ جي ٻن صنفن ’غزل ۽ گيت‘ جي جنهن فڪري ڏاهپ ۽ فني پختگيءَ سان ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي، اها قابل داد آهي. مقالو پنهنجي جوهر ۾ جامع ۽ اياز جي گھڻ طرفي رخن جو گھڻي حد تائين احاطو ڪري ٿو، پر اميد ڪجي ٿي، ته جامي صاحب اياز جي ٻين شعري صنفن تي به جلد ئي اهڙي ئي جامع نموني سان لکي اڀياس کي مڪمل ڪندو. جامي صاحب هن مقالي ۾ اياز جي شاعري جي ڪيترن ئي فني ۽ فڪري پهلوئن تي پنهنجي نقطه نظر سان ڳالهايو ۽ انهن جي اوک ڊوک ڪئي آهي، جنهن مان ڪيترن نقطن سان جزوي طور اختلاف به ڪري سگهجي ٿو، پر بنا هٻڪ جي اهو ضرور قبول ڪبو، ته اياز جي شاعريءَ تي جاميءَ جي هي تحقيقي ۽ تنقيدي لکڻي، نه رڳو پُرمغز ۽ پُرتاثير آهي، پر اها وڏي فڪري ۽ معنوي ڪارج واري پڻ آهي. هي مقالو اياز جي شاعري جي تفهيم جي سلسلي ۾، نه فقط سهائتا فراهم ڪري ٿو، پر ان کان علاوه هُن جي شاعريءَ بابت ڪيترن ئي علمي ۽ فڪري نقطن کي پڻ اُڀاري ٿو، جيڪي اياز جي ٻين پارکن کي انهن نقطن تي سوچڻ، لکڻ ۽ پنهنجن خيالن جي اظهار ڪرڻ جي ڀرپور ڪوٺ ڏين ٿا.
ڪتاب ۾ ٽيون مقالو نامياري لطيف شناس، محقق ۽ ليکڪ ڊاڪٽر احسان دانش جو آهي. احسان جو تعلق لاڙڪاڻي جي مشهور علمي ۽ ادبي گهراڻي سان آهي. هو بچپن کان وٺي اڄ تائين نه صرف ڪتابن جي سايي ۽ ساٿ ۾ رهيو آهي، پر پنهنجي سايي دار درخت جهڙي والد ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي علمي صحبت ۽ ادبي اثر هيٺ، هن تعليم ۽ تربيت پڻ حاصل ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي، جو هن ننڍي عمر ۾ ئي، نه رڳو لکڻ شروع ڪيو، پر جوانيءَ ۾ ئي ’شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج‘ جي عنوان تي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي سند به حاصل ڪري ورتي آهي.
احسان انتهائي محنتي ۽ اوَرچ محقق، شاعر، ڪهاڻيڪار، نقاد ۽ وسيع نظر تخليقڪار آهي. هو هن وقت تائين سنڌي ادب کي اڌ ڊزن کان وڌيڪ تحقيق، تخليق، تاريخ ۽ تنقيد جي موضوعن تي مشتمل ڪتاب ڏئي چڪو آهي، جيڪي پنهنجي طور تي مختلف علمي ۽ ادبي حلقن ۾ جوڳو مانُ ۽ مڃتا ماڻي چڪا آهن.
ڊاڪٽر احسان جو هي مقالو، ’شيخ اياز جي شاعري ۾ موسيقيت‘، تمام ڪارائتو ۽ اياز جي شاعريءَ جي فني ۽ جمالياتي اڀياس تي مشتمل آهي. هن ۾ ڊاڪٽر صاحب مختلف شاعرن، عالمن ۽ پارکن جي مستند حوالن ۽ پنهنجي علمي، تنقيدي ۽ تجزياتي بصيرت آڌار، شاعريءَ جي وصف جي وضاحت ڪندي ۽ ان جي ضروري عنصرن تي جُزيات ۾ ڳالهائيندي، شاعريءَ ۾ موسيقيءَ جي عنصر کي لازم ۽ ملزوم قرار ڏئي ٿو. هو لکي ٿو: ”شاعريءَ ۾ لئي ۽ ترنم جي موجودگي لازمي آهي، ڇوته جيسيتائين شاعر جا لفظ روح جي تارن کي نه ٿا ڇيڙين، تيسيتائين اها بي ساهي ۽ بي ستي محسوس ٿئي ٿئي. عظيم شاعريءَ جو وڏو ڪمال اهو ئي آهي، ته اها پنهنجي پڙهندڙ جي وجود ۾ ائين سرائيت ڪري ويندي آهي، جو سندس اندر ۾ ’مي رقصم‘ جي ڪيفيت پيدا ٿي ويندي آهي. اها ڪيفيت ۽ اهو جادو لفظن جي ترنم ۽ موسيقي سبب ئي پيدا ٿيندو آهي ۽ شاعري انهيءَ منزل تي اچي ساحري بڻجي ويندي آهي“ (ص168).
شاعري ۽ موسيقي جو سُٻنڌ ائين ئي اَٽوٽ آهي، جيئن جسم سان روح جو رشتو ضروري هوندو آهي. جسم جون سموريون ڪششون، حُسناڪيون ۽ حقيقتون، تڏهن ئي جاذب ۽ موهيندڙ لڳنديون آهن، جڏهن ان ۾ روح جو تحرڪ ۽ ترنم موجود هوندو آهي. ساڳيءَ ريت شاعريءَ ۾ موسيقي، نه رڳو ڪن رس پيدا ڪري ٿي، پر اها شعر ۾ معنويت ۽ مقصديت کي تقويت بخشي، ان کي وڌيڪ اهم بڻائي ۽ اُجاگر ڪري ٿي. اهو ئي سبب آهي، جو جڳ معروف عالم علامه آءِ آءِ قاضي، شاهه جي شاعري ۽ ان جي فن جي حوالي سان لکيل پنهنجي مقالي ۾ ٿامس ڪارلائل جي انهن لفظن کي وڏي وقعت ڏئي ٿو، جنهن ۾ هن چيو آهي، ته:”عظيم شاعري اها آهي، جنهن ۾ ڳائڻ جي صلاحيت هجي.“ يعني جنهن شعر ۾ لئه ۽ ترنم جي خوبي ۽ خوبصورتي نه آهي، ته اهڙي شعر کي ڪنهن به طور عمدو ۽ اعلى ته ڇا، پر ’شعر‘ به چئي نه ٿو سگهجي.
احسان دانش جو هي مقالو، عام طرح ’شعر ۽ ترنم‘ جي سُٻنڌ تي سٺي روشني وجهي ٿو، پر خاص طرح اياز جي شاعريءَ ۾ موجود موسيقيءَ جي عنصرن ’صوتي ترنم، مقرر ۽ اندروني قافين ۽ رديفن جي ترنم، سُر ۽ آلاپ مان جنم وٺندڙ ترنم، لفظي ورجاءَ مان پيدا ٿيندڙ ترنم وغيره‘ کي تفصيلي طرح زيرِ بحث آڻي، انهن مان هر هڪ جي، اياز جي شاعريءَ مان مثال پيش ڪري وضاحت ۽ تشريح ڪري ٿو. احسان پنهنجي هن مقالي ۾ خاص ڪري اياز جي نظمن، غزلن، گيتن ۽ منظوم ڊرامن جي شاعريءَ ۾ موسيقيءَ جي مختلف عنصرن جي ڇنڊڇاڻ ڪري، مجموعي طور اهو نتيجو اخذ ڪيو آهي ته، ”شيخ اياز جي سموري شاعريءَ ۾ ڪمال جي غنائيت ۽ موسيقي سمايل آهي، جنهن کي پڙهندي ماڻهو پاڻ کي سُرن جي لهرن ۾ لُڙهندي محسوس ڪري ٿو. هُن جا لفظ پڙهندڙ کي احساس جي هندورن ۾ لوڏين ٿا ۽ اندر جي تارن کي ڇيڙي هڪ اهڙي سرور واري ڪيفيت پيدا ڪن ٿا، جيڪا ڪڏهن خوابن جي رنگينين سان هم آهنگ ڪري ٿي، ته ڪڏهن جاڳ ۾ جوڳ جون رمزون پَسائي ٿي“ (ص172).
احسان جو هي مقالو، هڪ طرف شاعريءَ جي بنيادي فڪري روح ۽ رمزن کي سمجهڻ ۾ سٺي سهائتا ڪري سگهي ٿو، ڇو ته هُن ان حوالي سان پنهنجي مقالي ۾ چڱا ويچار ونڊيا آهن، ته ٻي طرف اهو اياز جي شاعريءَ ۾ ترنم ۽ موسيقيت جي پهلوئن جي پرک ۽ پروڙ جي سلسلي ۾ پڻ تمام گھڻو تجزياتي ۽ تحقيقي مواد فراهم ڪري ٿو.
عادل عباسي جو نالو جديد سنڌي شاعري ۾، هڪ صاحبِ اسلوب ۽ اَڇوتي خيال جي شاعر طور ته نرالي شناخت رکي ٿو، پر هن جي تعارف جو هڪ ٻيو سگهارو حوالو به آهي. اهو هي ته هو هڪ ئي وقت بهترين مقرر، گھڻ پڙهيو ۽ اعلى تنقيدي شعور رکندڙ پارکو نقاد به آهي. خاص ڪري شاعريءَ جي فني نزاڪتن، فڪري نفاستن، جمالياتي ۽ وجداني حُسناڪين کي پَسڻ ۽ پرکڻ جو، نه رڳو هن شخص ۾ ڪمال جو ادراڪ ۽ احساس آهي، پر ان پروڙيل، پَسيل ۽ محسوس ڪيل شاعراڻي تخيل ۽ خيال جي اظهار ۽ تشريح ڪرڻ جو به وٽس حسين ۽ متاثر ڪندڙ ڏانءُ آهي.
عادل پنهنجي شاعراڻي اظهار ۾ انتهائي نفيس ۽ نرمل، طبعيت ۾ تيز ۽ کرو، علمي ۽ ادبي مامرن ۾ عقل، فهم ۽ استدلال جو قائل، تخليق جي پرک ۽ تنقيد ۾ تجزيي، تفهيم ۽ عقلي دليل کي اوليت ڏيندڙ ماڻهو آهي. هُن گھڻو پڙهيو ۽ ٿورو لکيو آهي، پر جيڪو به لکيو آهي، ان جي پنهنجي هڪ علمي ۽ فڪري وقعت آهي.
ڪتاب ۾ موجود عادل جو مقالو، جنهن جو عنوان، ’اياز جي منظوم ناٽڪن جو اڀياس‘ آهي، اهو پڻ سندس فڪري سنجيدگي ۽ اياز جي شاعريءَ جي سٺي سوجهه ٻوجهه جي دلالت ڪري ٿو. عادل جو اياز جي ٽنهي سنگيت ڊرامن، ’دودي سومري جو موت، رني ڪوٽ جا ڌاڙيل ۽ ڀڳت سنگهه کي ڦاسي‘ تي پنهنجي نوعيت جو هي هڪ منفرد ۽ تجزياتي مطالعو آهي، جيڪو نه فقط اياز جي منظوم ڊرامن جي فڪري رخن ۽ فني جماليات جي مختلف پهلوئن کي عيان ڪري ٿو، پر منظوم ڊرامي جي سنڌ کان وٺي هندستان ۽ يورپ تائين ٽڙيل پکڙيل تاريخ جا طائرانه عڪس ۽ اولڙا به پَسائي ٿو. ان حوالي سان هو پنهنجي ليک ۾ لکي ٿو، ”يورپ جي فڪري بيداري ۽ ننڍي کنڊ جي سماجي اصلاح ۾ سنگيت ناٽڪ جو وڏو ڪردار رهيو آهي...سنگت ناٽڪ جي ابتدا يونان ۽ هندستان کان ٿي. انهن ٻنهي تهذيبن جي مذهبي توڙي سماجي قدرن ۽ روايتن ۾ راڳ سنگيت کي تمام گهڻي اهميت رهي آهي. هندستان جي آڳاٽن سنگيت ناٽڪن جا اڪثر موضوع روايتي ۽ ڪردار ڌرمي رهيا آهن.... جهڙوڪ: راس ليلا، رام ليلا، شڪنتلا مهاڀارت، رامائڻ وغيره.... هندستان ۾ ان کي جدت ۽ جديديت ڀارتيندو ڏني. جڏهن ته يورپ ۾ منظوم ڊرامي ۾ نواڻ ۽ ندرت، دلڪشي ۽ اثر انگيزي، فڪري بلندي ۽ خيال جي گهرائي شيڪسپيئر آندي ۽ ان کي ڪمال تي پهچايو.... سنڌيءَ ۾ پهريون سنگيت ناٽڪ مرزا قليچ بيگ، ’ليليٰ مجنون‘ جي نالي سان 1880ع ۾ لکيو“ (ص195).
سنگيت ناٽڪ بابت اها بنيادي ۽ اهم معلومات ڏيڻ کان پوءِ عادل پنهنجي مقالي ۾، اياز جي ٽنهي منظوم ڊرامن،’دودي سومري جو موت‘، ’ڀڳت سنگهه کي ڦاسي‘ ۽ ’رني ڪوٽ جا ڌاڙيل‘ جي ڌار ڌار ۽ سلسليوار گھڻ طرفي ڇنڊڇاڻ ڪري آخر ۾ اهو نتيجو ڪڍي ٿو ته، ”اياز جا اهي ٽئي سنگيت ناٽڪ شعوري تبديليءَ ۽ فڪري سجاڳي جو سگهاور ذريعو آهن ۽ انهن ٽنهي ناٽڪن جي ٽي طرفي فڪري وقعت آهي. پهرين ناٽڪ ’ڀڳت سنگهه کي ڦاسي‘ جي فڪري نوعيت سياسي آهي. ٻئي يعني ’دودي سومري جو موت‘ جي فڪري نوعيت تاريخي آهي، جڏهن ته ٽئين ’رني ڪوٽ جا ڌاڙيل‘ جي فڪري نوعيت سماجي آهي. اياز جا سنگيت ناٽڪ فني لحاظ کان، روايتي سنگيت ناٽڪ کان بنهه مختلف آهن. جيتوڻيڪ ٽئين ناٽڪ مثنوي واري انداز ۾ چيل آهن ۽ اهي ٻن وزنن يعني فعلن فعلن ۽ متفاعلتن جا لهجا کڻي پاڻ ۾ اُلجهي پيا آهن، تنهن هوندي به هڪ ئي صنف جي بوريت ۽ ساڳي ئي وزن جي رُون رُون بدران ان ۾ نظم، گيت، وائيون ۽ غزل نما جو ذائقو به ملي ٿو، جيڪو اسان جي ذهني خوراڪ ۽ احساساتي طلب جو بهترين پورائو ڪري ٿو“ (ص212).
عادل عباسي، اياز جي ٽنهي ناٽڪن جو، نه فقط فڪري، فني ۽ گھڻ رخي جمالياتي تجزيو ڪيو آهي، جيڪو مختلف حوالن سان ڌيان ڇڪائيندڙ ۽ اهم آهي، پر ڪجهه ڏيهي ۽ پرڏيهي سرجڻهارن، خاص ڪري شيڪسپيئر جي ’اوپيراز‘ سان اياز جي سنگيت ناٽڪن جو موازنو ڪري، اياز جي شاعراڻي فن ۽ فڪر کي جهڙيءَ ريت هُن سڦل، سيبائتو ۽ عصري تقاضائن سان هم آهنگ قرار ڏنو آهي، انهيءَ علمي گڻ ۽ تنقيدي پرک مان عادل جي هڪ سُچيت ليکڪ ۽ ’اياز شناس‘ هجڻ جو پَتو پوي ٿو. مجموعي طور تي عادل عباسيءَ جو اياز جي منظوم ناٽڪن جي فني ۽ فڪري اڀياس تي مشتمل هي مقالو، شاعريءَ جي علمي تجزيي ۽ تنقيدي پرک جو متوازن نمونو آهي، جنهن مان هڪ عام قاريءَ کي گهربل ڄاڻ جي حاصلات سان گڏوگڏ هڪ پارکو ۽ سُڄاڻ پڙهندڙ کي پنهنجي منشا جو ڪافي مواد پڻ ملي سگهي ٿو.
پنجون مقالو ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ جو آهي. شير پنهنجي سُڀاءُ، فطرت ۽ عملي ڏيک ويک ۾ سراپا نماڻو ۽ نِهل آهي. هن جي ڪنهن به عمل مان سندس نالي جي ’شيري ۽ سرڪشي‘ جو پَرو ۽ پَتو نه ٿو ملي، پر هو پنهنجي عمل کان علم تائين نِسورو نياز ۽ نوَڙت جو نرالو نمونو محسوس ٿيندو آهي. هُن ۾ اها نماڻائي ۽ نرملتا لطيف سائين جي شاعريءَ کي پڙهڻ ۽ پروڙڻ کان پوءِ آئي آهي يا اها خصلت سندس سرشت ۾ شامل رهي آهي؟ آءٌ جڏهن کان کيس سڃاڻان، تڏهن کان اها خوبيءَ جي خوبصورتي ۽ خوبصورتيءَ جي خوبي، مون هن ۾ پَسي ۽ پاتي آهي.
ڊاڪٽر شير، ’شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات‘ تي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. ساڳي موضوع تي ڪم ڪرڻ ۽ چڱي ذهني هم آهنگي هجڻ ناتي ۽ ان کان علاوه پنهنجي نماڻي سُڀاءَ ۽ سُٺي علمي بصيرت سبب، شير مون کي ذاتي ۽ فڪري طرح ڪافي قريب محسوس ٿيندو آهي.
شير مهراڻي بنيادي طور تي شاعر هجڻ سان گڏوگڏ تحقيق ۽ تنقيد جو ماڻهو آهي، انهيءَ ڪري هن جي لکڻين ۾ توازن ۽ تخليقيت جا عنصر ملن ٿا. هو پنهنجي تحرير ۾ گهڻو ڪري مختصر ۽ تُزُ ڳالهه ڪرڻ، تجزياتي، تخليقي ۽ تحقيقي انداز اَپنائڻ جو گُر به ڄاڻي ٿو، ته سڀاويڪ ٻولي ۽ سندر محاوري جي استعمال کان به ڀليءَ ڀت آشنا آهي، انهيءَ ڪري هن جي لکڻي پڙهڻ ۾ روان، لطف ڏيندڙ، فهم ۾ سليس، فڪر ۾ گهرائي رکندڙ ۽ تاثر ۾ نواڻ ۽ تازگيءَ جو احساس آڇيندڙ آهي. سندس هي مقالو، ’شيخ اياز جي شاعري: فن ۽ فڪر‘ پڻ مذڪوره خوبين سان آراسته آهي. هِن مقالي ۾ هُن اياز جي شاعريءَ جي ٻنهي فن ۽ فڪر جي پهلوئن تي، نه فقط پنهنجا خيال ۽ ويچار پيش ڪيا آهن، پر شاعر/ شاعريءَ جي طلسماتي ۽ گھڻ رخي فڪري جوهر تي ڳالهايو ۽ ان جي جهلڪ پَسائڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي آهي.
هو لکي ٿو، ”شاعري روح جو اهو سفر آهي، جنهن ۾ روح جي رولاڪين جي ڪٿا سان گڏ ذهن جي اٿاهه سوچن جون رمزون شامل هونديون آهن. هر عقلمند فرد جي سوچ جو سلسلو هر وقت هڪ ربط ۽ رفتار سان نين ڏسائن ڏانهن گامزن ته هوندو ئي آهي، پر شاعر جو تخيل هڪ پاسي آسمانن جون وسعتون به ماپي وٺي ٿو، ته ٻي پاسي سمنڊ جي تهن ۾ به لهي وڃي ٿو. تاريخ جي پردن تان دز به لاهي سگهي ٿو، ته ايندڙ کان به پوءِ ايندڙ وقت جي نبض تي هٿ رکي سگهي ٿو. هڪ سوچيندڙ دماغ هڪ وقت ۾ هڪ ڪم طرف رجوع ٿي سگهي ٿو، پر شاعر جو ذهن هڪ ئي وقت مختلف ڏسائن جا ڏس پنڌ معلوم ڪري سگهي ٿو. هو ڪڏهن پنهنجي تخيل جي اُڏام جي آڌار ثقافتن جي خمير ۾ لڪل جوهر کي تلاشي وٺي ٿو، ته ڪڏهن قومن جي ايندڙ صورتحال کان انهن کي آگاھ ڪري ٿو“ (ص213).
ڊاڪٽر شير پنهنجي هن مقالي ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ جو فڪري ۽ فني تجزيو، نه رڳو پنهنجي علم ۽ فهم آڌار ڪري ٿو، پر ارسطو، ٽي ايس ايليٽ ۽ ٻين ڪيترن ئي پارکن ۽ نقادن جا موضوع سان لاڳاپيل حوالا ڏئي ۽ ورڊس ورٿ کان وٺي شاهه لطيف تائين جي شاعرن ۽ سرجڻهارن جي تخليقي سفر کي سامهون رکي، اياز جي تخليقي، فني ۽ موضوعاتي سفر ۽ سندرتائن جي ڇنڊڇاڻ ڪري، جيڪي نتيجا ڪڍي ٿو، انهن جو مجموعي تت هي آهي، ’اياز جي ابتدائي شاعري موضوعاتي طور تي رومانوي ۽ فني طرح فارسي جي استعارن سان سينگاريل آهي. ٿورو پوءِ يعني وچين دور ۾ اياز موضوع کي ڌرتي، سرتي، وطن دوستي، انسان دوستي، مزاحمت، ماڻهو ۽ ماڻهپي سان همڪنار ڪري ٿو ۽ فني طرح فارسيءَ جي زير اضافت ۽ فارسي هاڻن استعارن کي ڇڏي، نج سنڌي تشبيهون ۽ استعارا خلقي ٿو. ان بعد هن جي موٽ فطرت ڏانهن آهي. هو فطري نظارن ۾ گم ٿي الوهيت جون ڳالهيون ڪري ٿو. تصوف جي رمزن کي سمجهندي، اياز موت تي به گھڻو ڳالهايو آهي. فڪري لحاظ کان هن جي شاعري فرد کان عالمگيريت، وجود کان وحدت الوجود، وطن دوستي کان انسان دوستي، پيار کان امن ۽ آزادي طرف وڃڻ جي ڳالهه ڪري ٿي. سندس شاعري جديديت کان مابعد جديديت جو سفر ڪري، نئين تنقيد نگاري کان ويندي، سمبالزم، سماجي حقيقت نگاري، نيچرلزم ۽ جادوئي حقيقت نگاري جا ڏس پتا پڻ ڏئي ٿي‘.
ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ جو اياز جي شاعريءَ جي فڪر ۽ فن تي لکيل مقالو ’اڪيڊمڪ‘ به آهي، ته شاعراڻي تاثريت ۽ تازگي رکندڙ به. خاص ڪري اختصار ۾ جامع هجڻ واري خوبي، ان جي خاص خاصيت آهي، جيڪا ڪنهن اڻ پورائي واري پهلوءَ کي به پورائي جي پاند ۾ ڍڪي ڇڏي ٿي.
ڪتاب جو ڇهون مقالو ننگر چني جو آهي. ننگر چني جو هڪ حوالو سياسي ورڪر ۽ قومي فڪر جي پيروڪار وارو آهي، پر هن علمي ۽ ادبي طور جيڪو تخليقي ڪم ڪيو ۽ خاص طرح مختلف ٻولين مان سنڌي ۾ ۽ سنڌيءَ مان ٻين ٻولين ۾ ترجما ڪري، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪئي آهي، اها قابلِ تحسين ۽ ساراهه جوڳي آهي. پنجابي ٻوليءَ جي ناليواري اديب، دانشور ۽ اياز شناس احمد سليم وانگر سُچيت ۽ هڏ ڪاٺ ۾ سنهڙو سيپڪ ننگر چنو، سچ ته پنهنجي شعوري وجود ۾ علم ۽ آگهيءَ جو ڀنڊار آهي.
ننگر جو اياز جي شاعري ۾ ميٿالاجيءَ جي پسمنظر تي لکيل هي مقالو، هڪ لحاظ کان اهم ۽ منفرد آهي، ڇو ته ان سلسلي ۾ اياز جي شاعريءَ تي گھٽ ڪم ٿيو آهي. خاص ڪري آغا سليم جي ڪتاب، ’شيخ اياز ــ صدين جي صدا‘ ۾ ان حوالي سان ڪجهه مواد ملي ٿو، جيڪو اياز جي شاعريءَ جي ان ڏس ۾ وڏي اهميت جو حامل آهي.
اصل ۾ اهي ڏند ڪٿائون ئي هجن ٿيون، جيڪي اڳتي هلي حقيقتن کي جنم ڏينديون آهن. شاعري ۽ ڏندڪٿائن جو پاڻ ۾ تمام گھڻو قريبي ۽ گهرو تعلق آهي. شاعريءَ ۾ احساس، خواب ۽ خيال به اهڙا ئي هوندا آهن، جهڙيون ڏند ڪٿائن ۾ تصوراتي ۽ طلسماتي ڪردار ۽ ڪٿائون هونديون آهن. شاعري، ڏند ڪٿائن جي حقيقيت ۽ حقيقتن جي ڏند ڪٿائن جهڙي آهي، انهيءَ ڪري ئي ان ۾ خيال جي پَرن بنا پرواز جو احساس به پَسي سگهبو آهي، ته ڌرتي ۽ آڪاش جون وسعتون ماپي ۽ سولائي سان ان جون سيمائون به اُڪري سگهبيون آهن.
ننگر پنهنجي هن مقالي ۾ ڏند ڪٿا جي اهميت ۽ مختلف عظيم شاعرن جي شاعريءَ ۾ ان جي ذڪر ۽ فڪر جي ڳالهه ڪندي لکي ٿو، ”سڄي انساني تاريخ ۾ ڏند ڪٿا، انسان جي اُتساهه جو اهم ڪارڻ رهي آهي. هزارين سالن کان وٺي اهي ڏند ڪٿائون سماج جي اوسر، ان جيِ قانون سازي، مذهب، شاعري، مصوري، راڳ، ناچ ۽ ٻين انيڪ شعبن جي لاءِ وڏو سگهارو وسيلو رهيون آهن. يونان جي عظيم شاعر هومر جي اوڊيسي هجي يا عالمي شاعر ڀٽائي جو رسالو، ٻنهين وٽ ڏند ڪٿا يا ديو مالا، انهن جي اُتساهه ۽ شاعريءَ جو طاقتور ماخذ رهي آهي. ائين شيخ اياز وٽ به ڏند ڪٿائون سندس شاعريءَ جي ڪهڪشان ۾ جڳ مڳ جرڪندي نظر اچن ٿيون... هن جي شاعري ۾ مصري، يوناني، عراقي، ڪلداني، عبراني، ايراني ۽ سڀ کان وڌيڪ هندي ڏند ڪٿائون وِڄُ وانگر وراڪا ڏئي رهيون آهن“ (ص226).
ازل کان وٺي اڄ جي جديد دور تائين انسان سان جيڪو ڏند ڪٿائن ۽ ديو مالائن جو سماجي، احساساتي ۽ فڪري تعلق ۽ رشتو رهيو آهي، اهي مختلف دورن ۾ ڪهڙيءَ ريت مذهبن کان وٺي زندگيءَ جي ڪار وهنوار ۽ فنون لطيفه جي شعبن سان سلهاڙيل رهيون آهن، تن جي پسمنظر تي طائرانه نظر وجهڻ کان پوءِ ننگر، شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ديومالائي ڪردارن، اهڃاڻن ۽ علامتن کي پنهنجي علمي قابليت ۽ تجزياتي پرک سان نهايت ئي برجستي نموني بحث هيٺ آندو آهي. ننگر جي تحرير جو انداز عامي ۽ هن جي تشريح جو طريقو تجزياتي ۽ تحقيقي آهي.
ستون مقالو عزيز قاسماڻيءَ جو آهي. عزير جي شخصيت پڻ گهڻ رخي آهي. هڪ سُڄاڻ استاد کان وٺي شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ نقاد تائين هن جو هر حوالو پنهنجي لحاظ سان منفرد آهي. هو ذاتي طرح طبيعت جو تيز، گفتي ۾ صاف گو، نماءَ ۾ نڊر، تيش ۾ ٽانڊو ۽ ذات جو چانڊيو آهي، انهيءَ ڪري ڪجهه ماڻهو کانئس ونئون ويندا آهن، پر حقيقت ۾ هو پنهنجي ظاهري ڏيک ويک ۾ جيترو کرو، سخت ۽ رُکو لڳندو آهي، ايترو ئي اندر ۾ نرم، نفيس، لحاظ وارو، بارگير ۽ يار ويس ماڻهو آهي. هو اندر ۾ رکڻ وارو نه، پر ڀرئي بادل جيان گجي ۽ برسي دل جو غُبار لاهي، آجو پاجو ٿي وڃڻ وارو شخص ۽ قلمڪار آهي.
عزيز شاعريءَ کان ڪهاڻي، تحقيق ۽ تنقيد تائين جي شعبن ۾ ڪم ڪيو آهي، پر هن جي تحرير جو پنهنجو اسلوب، تقرير جو پنهنجو ڏانءُ، تنقيد جو پنهنجو انداز، تحقيق جو پنهنجو طريقو، تخليق ۽ اظهار جو پنهنجو ’ڊڪشن‘ آهي، جيڪو نج پج انفرادي ۽ هن جو پنهنجو آهي. هن سان علمي ۽ ادبي مامرن تي ڪنهن جو ڪيترو به اختلاف ٿي سگهي ٿو ۽ اهو هر ڪنهن جو جمهوري حق آهي، پر هن جي ادبي پورهئي، علمي ڪم ۽ ڪردار کان ڪنهن به طور تي انڪار ڪري نه ٿو سگهجي.
عزيز جو هن ڪتاب ۾ شامل مقالو، ’شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ منظر نگاري‘ سندس نهايت ئي اهم ۽ ڪارائتو ڪم آهي، جنهن ۾ هو نه صرف اياز جي شاعريءَ جي هڪڙي فني پهلو يعني محاڪات/ عڪس نگاري تي روشني وجهي ٿو، پر ان سان لاڳاپيل شاعريءَ جي ٻين ڪيترن ئي فني عنصرن کي زيرِبحث آڻي، اياز جي شاعريءَ جي نُدرتن ۽ حُسناڪين کي ڪمال ڪاريگريءَ سان نروار ڪري ۽ انهن جي جمالياتي، فني ۽ فڪري نقطه نگاهه کان تشريح ڪري ٿو. هو سڀ کان پهريان ’منظر نگاري‘ (منظر = ڏيک/لقاءُ + نگاري = چٽسالي/ مصوري) لفظ جو ڇيد ڪري، ان جي ادبي ۽ اصطلاحي معنى ’لفظن سان مصوري ڪرڻ‘ ڪڍي ٿو. يعني جهڙيءَ ريت مصور رنگن سان مصوري ڪندا آهن، ائين شاعر لفظن سان عڪس تراشيندا آهن. ان بعد شاعريءَ ۾ منظر نگاري جي اهميت تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي، هو پنهنجي مقالي ۾لکي ٿو،”منظر نگاريءَ کي پرکڻ لاءِ انسان پنهنجي سڀني حواسن کان ڪم وٺندو آهي ۽ سڀ حواس ان مان حظ حاصل ڪندا آهن. هن ڪائنات ۾ منظر ٻن قسمن جا آهن. هڪ سماوي منظر ۽ ٻيو ارضي منظر. سماوي منظرن ۾ سج، چنڊ، تارا، ڪتيون، سمورا نکٽ، موسمون، هوا، پکي پکڻ، جُهڙ، وڄ، گوڙيون ۽ گجڪارون اچي وڃن ٿيون. ارضي منظرن ۾ ڍنڍون ڍورا، نديون نالا، جبل پهاڙ، کيت، ٻنيون، وڻ ٽڻ، گل ٻوٽا، رنگ، جانور، انسان، پسون پکڻ، جيت جڻيان، شهر ڳوٺ، ڀٽون ڀاڻان، وستيون واهڻ، باغ باغيچا، کيت ۽ واڙيون شامل آهن“ (ص245).
شاعريءَ ۾ منظر نگاري جي وقعت ۽ ان جي وضاحت کان پوءِ عزيز ادبي حوالي سان منظرن جا ٻه قسم 1. محاڪاتي منظر 2. مصنوعي منظر ٻُڌائيندي، انهن جي مختصر وضاحت هن ريت ڪري ٿو. ”محاڪاتي منظر ــ جن ۾ سڀئي قدرتي منظر ۽ نظارا اچي وڃن ٿا. مصنوعي منظرــ جن ۾ شاعراڻي صنعت گريءَ يعني استعارن، تشبيهن ۽ تمثيلن وارا منظر شامل آهن“ (ص245).
انهن بنيادي ۽ اهم نقطن جي ڇنڊڇاڻ بعد عزيز، اياز جي شاعري مان انيڪ ۽ مختلف منظر ۽ عڪس نگاريءَ سان تعلق رکندڙ شاعريءَ جا اسم چونڊي، نه صرف انهن جي عام فهم تشريح ڪئي آهي، پر ٻولي به اهڙي تُز ۽ رسيلي استعمال ڪئي اٿائين، جو منظرن جي محبوبيت مان محظوظ ٿيڻ سان گڏوگڏ پڙهندڙ سندس ٻوليءَ مان پڻ چڱو حِظُ ۽ ساءُ ماڻي ٿو. مجموعي طور تي اياز جي منظر نگاريءَ جي حوالي سان عزير جو هي تحقيقي مقالو سَڪارتو ۽ اهم آهي، جنهن کي آءٌ ’اياز فهمي‘ جي سلسلي ۾ سندس هڪ ڪارائتي ڪوشش ۽ اهم قدم سمجهان ٿو.
هن مجموعي جي آخر ۾ اَٺون مقالو، ’شيخ اياز جي لوڪ گيتن جو جمالياتي اڀياس‘ جي سِري سان راقم جو آهي، جنهن تي راءِ ڏيڻ ۽ ان جو پَس و پيش پرکڻ ۽ پروڙڻ جو ڪم پارکو ۽ سُڄاڻ پڙهندڙن حوالي ڪجي ٿو، ڇو ته انهن جي راءِ ۾ ئي سچائي ۽ حقيقت جو حقيقي روح سمايل هوندو آهي. مون کي ان بابت صرف ايترو چوڻو آهي، ته مون هن مقالي ۾ اياز جي لوڪ گيتن جي مجموعي فڪري، فني ۽ جمالياتي رخن تي تفصيلي طرح ڳالهائڻ ۽ انهن جي تشريح ڪرڻ جي پنهنجي طور تي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا اميد ته پارکو پڙهندڙن کي لاڀ ۽ لطف ڏيندي.
اياز جي شاعريءَ جي فڪري، فني ۽ جمالياتي پهلوئن جي تشريح ۽ تفهيم تي مشتمل هي مقالن جو ڪتاب هڪ لحاظ سان هڪ منفرد گلدستو آهي، جنهن ۾ ڀانت ڀانت جي فڪر ۽ خيالن جا گل موجود آهن. انهن گلن جو رنگ ۽ روپ يقينن پنهنجو پنهنجو ۽ انفرادي آهي، پر انهن جي مجموعي سُڳنڌ، اياز جي شاعريءَ جو واس ۽ سُواس آهي.
هڪ ننڍڙي وضاحت ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان، جيڪا هيءَ آهي، ته هن ڪتاب جي مقالن جي ترتيب سينيئر ۽ جونيئير جي معيار ۽ بنياد تي نه، پر مضمون، موضوع ۽ مواد جي لحاظ سان ڪئي وئي آهي، ته جيئن اياز جي شاعريءَ جي فڪري سفر کي سمجهڻ سان گڏ ان جي مرحليوار اوسر ۽ سندس شاعريءَ جي مجموعي فني نزاڪتن ۽ نُدرتن کي بهتر نموني سان پرکي ۽ سمجهي سگهجي. منهنجي نظر ۾ ان ترتيب جو هڪ فائدو اهو به آهي، ته ان سان نه رڳو مواد ۽ موضوع جو تسلسل برقرار رهي ٿو، پر پاٺڪ ۽ پڙهندڙ پڻ اُن مان اُڪتاهجڻ بدران چڱو لطف ۽ حِظُ پڻ حاصل ڪري سگهي ٿو.
هن اينٿالاجيءَ جي تياري جي ابتدائي مرحلن دوران مون سنڌ جي ڪجهه چونڊ اديبن، نقادن ۽ اياز شناسن کي اياز جي شاعريءَ جي مختلف رُخن تي لکڻ جي گذارش ڪئي هئي، پر رابطن باوجود وقت تي مقالا ملي نه سگهيا. هن اينٿالاجي ۾ اهي سمورا سُڄاڻ دوست شامل هجن ها، ته نه رڳو مون کي خوشي ٿئي ها، پر انهن لاءِ پڻ سرهائيءَ جو سبب هجي ها، ڇو ته اسين سڀ اياز جا مقروض آهيون، ان طرح اهو قرض ۽ فرض ادا ٿي سگهيو ٿي.
اياز تي هيءَ اينٿالاجي رواجي ۽ روايتي نوع جي نه آهي، پر معياري تحقيقي، تجزياتي ۽ تنقيدي نوعيت جي مقالن ۽ مضمونن تي مبني آهي، جنهن جي پنهنجي هڪ غير رواجي اهميت ۽ وقعت آهي. مون کي وشواس آهي، ته اياز جي شاعريءَ جي فڪري ۽ فني اڀياس تي محيط مقالن جو هي مجموعو، نه صرف عام طالبِ علمن لاءِ مفيد ۽ ڪارائتو ثابت ٿيندو، پر محقق ۽ اياز جي شاعريءَ جا پارکو ۽ پڙهندڙ پڻ ان کي هڪ ’ريفرنس بوڪ‘ طور استعمال ڪري، ان مان سٺو استفادو حاصل ڪري سگهندا.
جن دوستن جا مقالا وقت سِر موصول ٿيا، آءٌ انهن سڀني سڄڻن جامي چانڊيو، ڊاڪٽر شير مهراڻي، ڊاڪٽر احسان دانش، عادل عباسي، ننگر چني ۽ عزيز قاسماڻيءَ جو دلي شڪريو ادا ڪريان ٿو. خاص ڪري اڪبر لغاريءَ جا وڏا وڙ، جنهن جو مقالو هن ڪتاب جو محرڪ بڻيو. ٿورا پوپٽ پبليڪيشن جي روحِ روان قربان منگيءَ جا، جنهن ڪتاب کي سهڻي ۽ سيبائتي نموني سان شايع ڪري، اياز جي سالگرهه جي مبارڪ موقعي تي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچايو آهي.
[b] ــ ڊاڪٽر فياض لطيف
[/b] 30 جنوري 2017ع