لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

شيخ اياز جي شاعريءَ جو جديد مطالعو

شيخ اياز جي شاعريءَ جي فن ۽ فڪر جو جهان ايترو ته وشال ۽ حُسناڪ آهي، جو ان کي پروڙڻ ۽ پَسڻ لاءِ وڏي پرک، حُسن شناس اک ۽ دردمند دل جو هجڻ تمام ضروري آهي.
شيخ ايازَ جي شاعريءَ جي حوالي سان مختلف قلمڪارن/ محققن جي لکيل مضمونن ۽ مقالن کي ڊاڪٽر فياض لطيفَ جي هيءَ سهيڙَ يقيناً سنڌ واسين کي اياز شناسيءَ جي حوالي سان هِڪَ نئين رستي تي وٺي اچڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.
  • 4.5/5.0
  • 5797
  • 1747
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • فياض لطيف
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book شيخ اياز جي شاعريءَ جو جديد مطالعو

شيخ اياز جي لوڪ گيتن جو جمالياتي اڀياس : ڊاڪٽر فياض لطيف

گيت ۽ سنگيت جو رشتو، جسم سان روح جي تعلق وانگر ازلي ۽ گهرو رهيو آهي. قديم دور کان وٺي لوڪ گيتَ، لکت ۽ تحرير طور نه، پر ’ڳائجڻ‘ طور مختلف سماجن ۾ رائج رهيا آهن. اوائلي توڙي جديد معاشرتي اتهاس کي مطالعاتي اک سان جانچي ڏسنداسين ته، چٽائيءَ سان معلوم ٿيندو ته سماجي زندگيءَ جي عام ڪار وهنوار کان وٺي مذهبي ۽ ڌرمي رسمن جي ادائگيءَ تائين ڪيترن ئي سماجن ۾’گيت‘ راڳ، رقص، ڀڄن ۽ ڳائڻ جي شيءِ رهيا آهن. خاص ڪري هندو ڌرم ۾ راڳ کي نه فقط روح جي غذا تصور ڪيو ويندو آهي، پر ان کي صدين کان عبادت جو درجو ڏئي اَپنايو ويندو رهيو آهي. هندن جي مقدس ڌرمي ڪتاب ’گيتا‘ ۽ ’گيت‘ جي لفظن ۾ نه صرف وڏي لفظي مماثلث ملي ٿي، پر معنوي لحاظ کان پڻ انهن ۾ تمام گھڻي ويجهڙائي نظر اچي ٿي. ساڳيءَ ريت سنڌي لوڪ شاعريءَ جي صنف ڳيچ ۽ سنسڪرت جي لفظن ’گي‘ يا ’گيه‘، جن لاءِ چيو وڃي ٿو، ته انهن لفظن مان ’گيت‘ جنم ورتو آهي، ۾ پڻ يڪتائي ملي ٿي ۽ انهن لفظن جو مطلب ۽ مفهوم پڻ ’ڳائڻ‘ ئي آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، جامع سنڌي لغت ۾،’گيت‘ جون معنائون ’راڳ، گانو، ڳاچُ، ڳيچ، ڀڄن، ڳائڻ، لات، ساراهه جو بيت‘ وغيره ڏنيون آهن، جنهن مان معلوم ٿئي ٿي ته،’گيت‘ ماڻهوءَ جي روح جو آواز، سندس اندر جا عڪاس ۽ صدين کان انسان جا احساساتي همسفر ۽ همراز رهيا آهن. ماڻهن پنهنجون خوشيون ۽ خوبصورتيون، درد، عذاب، اذيتون، خواب ۽ حسرتون نه رڳو انهن گيتن ۾ سمايون ۽ انهن سان سَليون آهن، پر اهي انهن جي پوڄائن، پرارٿنائن، رقص، رنگينين، راحتن، چاهتن ۽ زندگيءَ جي ٻي هر ڪار وهنوار جو اَٽوٽ حصو رهيا آهن. انهن گيتن مان هنن آجپي ۽ آنند جا احساس به ماڻيا آهن، ته پنهنجن لڙڪن کي لفظن ۾ پوئي اندر جو بار هڪلو به ڪيو آهي.
لوڪ گيت، لوڪ ادب جو وڏو اثاثو آهن. لوڪ ادب جي وڏي خصوصيت اها آهي، ته اهو زندگيءَ جي حقيقي تصوير پيش ڪري ٿو. ان ۾ نه رڳو انسان جي اوائلي ۽ اوسر جي تاريخ جا احساساتي عڪس ۽ اولڙا ملن ٿا، پر اهو انسان جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافتي ڪار گذارين جو ڪارائتو ۽ اَملهه رڪارڊ پڻ پيش ڪري ٿو، اهو ئي سبب آهي جو سموري دنيا جي لوڪ ادب جا اثر ان جي ڪلاسيڪي ادب تي نظر اچن ٿا ۽ ان ئي معياري ۽ جديد ادب کي مضبوط بنياد فراهم ڪيا آهن. چاسر، ملٽن، گوئٽي ۽ شيڪسپيئر کان وٺي شاهه لطيف ۽ شيخ اياز تائين سڀني سرجڻهارن تي لوڪ ادب خاص طرح لوڪ داستانن ۽ لوڪ گيتن جو تمام گھڻو اثر آهي ۽ انهن جي ثقافتي رنگ، ٻوليءَ جي رسيلي، مِٺاس ڀريي لهجي، مِٽي ۽ پنهنجن ماڻهن سان موهه ۽ اُنسيت جي احساسن سندن شاعريءَ کي وڏي جمالياتي سگهه ۽ فڪري سُرت عطا ڪئي آهي.
رسول بخش پليجو لکي ٿو، ”گيت روءِ زمين تي ڳائجندا رهيا آهن ۽ ڳائجندا رهندا. اهي ايترو قديم آهن، جيتريون انسان جون آسون ۽ احساس. جڏهن جڏهن ڪا آس ڪر موڙي اُٿي ٿي، ڪو سور سنگ ڪڍي ٿو، ڪا اک آلي ٿئي ٿي، تڏهن انسان جي دل ڪجهه چوڻ چاهي ٿي، ڪجهه ڳائڻ چاهي ٿي. انسان جا سڀ کان نرم، سڀ کان نازڪ احساس گيتن ۾ سمايل آهن“(1).
دنيا ۾ گيتن سِرجڻ ۽ انهن کي ڳائڻ جي روايت قديم مصر ۽ ميسوپوٽاميا کان وٺي روم، يونان، چين، جاپان، هندستان، پاڪستان، عرب، فارس، پولينڊ، آئرلينڊ، يوگوسلاويا، ناروي، اٽلي، اسپين، فرانس، آفريڪا، آمريڪا ۽ ٻين انيڪ ملڪن تائين جي ماڻهن ۾ ملي ٿي.
جاپان ۾’گيشائن جا گيت‘ ملن ٿا، جيڪي اُتان جي ٽن تارن تي مشتمل نازڪ ۽ نفيس رباب، ’سمي سين‘ وڄائي ڳايا ويندا آهن. خاص ڪري قبحه خانن جا مالڪ غريب خانه بدوش قبيلن جون جوان ڇوڪريون خريد ڪري، انهن کان پنهنجن ڪلبن ۾ رقص ۽ راڳ ڪرائڻ کان علاوه اُتي ايندڙ ماڻهن جا من وندرائڻ جا ڪم وٺندا آهن. هر گيشا (رقاصه) جي گيت ۾ ان جي جواني جا خمار به هوندا آهن، ته ان جي تنهائي جو درد به. رباب جي سُرن سان پُرسوز لوڪ گيتن جا ٻول ملي جڏهن فضائن ۾ ٻُرندا آهن، تڏهن مرده ماڻهن جون دليون به ڌڙڪڻ لڳنديون آهن. انهن گيتن ۾ ايترو ته سوز ۽ گداز هوندو آهي، جو انهن سُرن جي گونج نه رڳو ماڻهن جي دلين جا مير ڌوئي ڇڏيندي آهي، پر انهن جي نينهن کي نئين سِر ڀڙڪائي آڳ به بڻائيندي آهي. انهن گيتن جي ٻولن جو ترجمو هوائن ۾ حائل خوشبو کي قيد ڪرڻ مترادف آهي، جيڪو يقينن مشڪل آهي، پر نموني طور هڪ گيت جو سنڌي ترجمي ۾ تت پيش ڪجي ٿو.
تاريڪ آهي راتڙي،
منهنجي من ۾ ڇرڪ ڀري،
جاڳي پئي ڪا باتڙي.
دل منهنجي ۾، چاهه آ بي چين ۽
تن اندر ۾تڙپ ٿي تڙپي پئي،
تون ٿو آکين،
هل هلون ڪنهن هيکليءَ جاءِ تي
تاريڪ آهي راتڙي،
ڏس سوين اسرار آهن
خواب جهڙا پيار آهن،
ڪاري سايَن جي سيج تي
هم آغوش هِن سرگوشيون،
لفظن بنا دل ڪري ٿي
دل سان ڪائي گفتگو....(2).

ڪوريا جا لوڪ گيت پڻ اُتان جي پهاڙي ۽ ڪوهستاني ماڻهن جي من ــ پاتال مان ڦُٽي نڪتل احساساتي آبشار ڌارائن سان مالا مال آهن. ائين فرانسيسي لوڪ گيتن جو پنهنجو الڳ ۽ منفرد رس ۽ چس آهي. انهن گيتن کي فرانسيسي ٻوليءَ ۾ ’رولان جا گيت‘ چيو ويندو آهي، جيڪي اتان جي ماڻهن ۾ تمام گھڻو مقبول آهن. انهن گيتن کي عوامي منگتا ۽ مڱڻهار، عوامي ميڙن، اميرن جي محفلن ۽ مختلف موقعن تي عبادت گاهن ۾ پڻ ڳائيندا آهن. انهن گيتن ۾ ماڻهن جي معصوم خواهشن، تمنائن ۽ خوابن جي اظهار سان گڏوگڏ لوڪ ڪٿائن، رومانوي قصن ۽ روزمره زندگيءَ جي ٻين ڪيترن ئي پهلوئن جو ذڪر ۽ فڪر انتهائي دل گداز انداز ۾ ملي ٿو.
روسي لوڪ گيت، خاص ڪري ’هارين جا گيت‘ پنهنجن مڌر ٻولن، ثقافتي رنگن، سماجي جيوت ۽ احساساتي خيالن ۽ خوبصورتين سبب پنهنجو مثال پاڻ آهن. انهن گيتن ۾ موجود ماحول، منظر، ڪردار ۽ موضوع گھڻي حد تائين سنڌي لوڪ گيتن سان مِلندڙ جُلندڙ آهن. خاص ڪري سندن مشهور گيتَ، جيڪي کيت مزدورن جي جيوت، جاکوڙ ۽ روزاني ڪِرت جي پسمنظر ۾ جوڙيل ۽ انهن جي زباني ڳايل آهن، انهن ۾ حيرت جي حد تائين سنڌي لوڪ گيتن جهڙو ساءُ، رچاءُ ۽ احساساتي روح محسوس ٿئي ٿو. هڪ روسي هارين جو لوڪ گيت، جنهن لاءِ روايت آهي ته، روسي هاري عورتون لُڻيل فصل جي آخري گَڏي کي کڻڻ وقت، ان کي رنگ برنگي رومال پارائينديون آهن. پاڻ ۾ هٿ هٿن ۾ ڏئي، ان گَڏي جي چوڌاري رقص ڪنديون ۽ هي گيت جهونگارينديون آهن، جيڪو ٻولن ۽ منظر توڙي ماحول ۽ احساساتي رچاءَ ۾ سنڌي لوڪ گيتن سان وڏي مماثلت رکندڙ آهي. روسي هارين جي هڪ لوڪ گيت جو سنڌي ترجمو پيش ڪجي ٿو.
اڄ آهي لابارو
وارو ڙي وارو
اسان جي ٻنيءَ جو آ وارو
لک ٿورا رب جا
جنهن غم لاٿا سڀ جا
هڪ ٻنيءَ جو لٿو لابارو
هاڻي ٻيءَ جو آ وارو
وارو ڙي وارو....(3).

پولينڊ جي لوڪ ادب جو شمار پڻ دنيا جي شاهوڪار لوڪ ساهت ۾ ٿئي ٿو. پولينڊ هڪ اهڙو خطو آهي، جيڪو پنهنجي ڳوٺاڻي ماحول، فطري حُسن، قدرتي ڍنڍن، ندين ۽ سرسبز زمينن سبب وڏي فطري ڪشش ۽ حُسناڪي رکي ٿو. هتان جي ماڻهن جي وڏي وندر لوڪ گيت آهن، جيڪي سندن تهذيب، معاش ۽ زندگيءَ جي ٻين سمورن رُخن جو سندر ۽ اثرائتو عڪس پيش ڪن ٿا. يورپ ۾ ٻارهين صديءَ ڌاري جهان گرد ۽ خانه بدوش شاگردن جي ڳايل لاطيني گيتن دنيا ۾ وڏو ناماچار ماڻيو. انهن گيتن جي خاص خوبي انهن جا آزاد ٻول، روان ترنم ۽ جذبن جو بي باڪ ۽ بي ساخته اظهار آهي. انهن گيتن ۾ پيار، سرهائي ۽ آزاديءَ جا احساس پنهنجي پوري جذبي، جوت ۽ جولان سان موجود ملن ٿا.

ڳايو ڳايو پريت جا گيت،
جن سان من کي اچي آرام.
اڄ منهنجي ڪومل من ۾،
جرڪي پيو سرهائيءَ جام.

ڏک ويا هِن سڀ اڏامي،
خوشي، محبت موٽي آئي.
من نچي ۽ جهومي ٿو،
رقص ۾ آهي سڄي خدائي.

ڳايو ڳايو پريت جا گيت،
اچو، اچو منهنجا ميت.(4)

اسپين جي هڪ خانه بدوش قبيلي ۾ جنم وٺندڙ گارشيا لورڪا جا جپسي لوڪ گيت پڻ وڏي اهميت جا حامل آهن. انهن گيتن ۾ خانه بدوش ماڻهن جي جيوت، جذبن ۽ احساساتي خوبصورتين جو عڪس به نظر اچي ٿو، ته جهنگلي هوائن جهڙو آزاد ۽ تازو ترنم به ملي ٿو، جيڪو ماڻهوءَ جي ويڳاڻي من کي ساڻ کڻي، اڻ ڇهي احساساتي دنيائن جا سير ڪرائڻ کان پوءِ جڏهن کيس واپس ڇڏي ٿو، تڏهن اهو پنهنجي من کي نه فقط تازي ماڪ مان وِهنتل ۽ ڌوتل محسوس ڪري ٿو، پر گهڙي کن لاءِ دنيا جا سمورا درد وساري پاڻ کي سائبيريا جي پکين جيان آزاد ۽ آواره ڀانئين ٿو، جن جي اُڏام لاءِ سيمائن جو ڪوئي قيد نه هوندو آهي. لورڪا جي لوڪ گيتن کان اياز گھڻو مرغوب ۽ متاثر رهيو آهي، جنهن جو اعتراف ڪندي هو لکي ٿو، ”لورڪا جو مون تي ڪافي اثر آهي....جيئن ٿر جي ٻيلن جي سونهن، ڪولهين ۽ مينگهواڙن جي رقص جا منهنجي شاعريءَ ۾ پڙاڏا ۽ عڪس ملن ٿا، ائين اسپين جي جپسين جي زندگي ۽ انهن جي لوڪ گيتن جا اثر لورڪا جي شاعريءَ ۾ جهلڪن ٿا....لورڪا جي شاعريءَ کي عوامي لوڪ گيتن مان اُتساهه مليو، پر هن پنهنجي شاعريءَ جي مواد ۽ فارم ۾ انوکا ۽ منفرد تجربا ڪيا آهن“(5).
آمريڪا جي ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن ۽ نيگروز جا لوڪ گيت، ناروي، اِٽلي، اسپين، يوگوسلاويا، هنگري، رومانيا ۽ بالڪن رياستن جي پورهيتن جا لوڪ گيت پڻ پنهنجي لهجي جي مِٺاس، اظهار جي سادگي، ترنم جي ڪشش ۽ ٻولن جي سوز ۽ گداز سبب پنهنجو مَٽُ پاڻ آهن.
مطلب ته مشرق توڙي مغرب ۾، هر ملڪ، هر خطي ۽ هر علائقي جي مختلف نسلن ۽ قومن وٽ پنهنجا پنهنجا اڪيچار لوڪ گيت آهن. انهن جي ٻولي، لهجو، انداز، ثقافتي ون ۽ واس يقينن الڳ ۽ جدارو آهي، پر انهن جو احساساتي ۽ اجتمائي روح ساڳيو ’عامي ۽ عوامي‘ آهي ۽ انهن جو رڌم يڪسان طور روح جي تارن کي ڇُهي، راحتن جا نغما ڇيڙي ڇڏيندڙ آهي.
شيخ اياز جو پنهنجي ڌرتي ۽ شاعريءَ سان انوکو اُنس ۽ عشق رهيو آهي. خاص ڪري پنهنجي سنڌ جي صديون پراڻي تهذيب، ثقافت ۽ گيت /لوڪ گيت سان ته هن جو والهانه پيار آهي. هو پنهنجي ڪتاب، ’ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون‘ ۾ لکي ٿو، ”منهنجي برصغير جي پوري ثقافت سان ائين والهانه محبت آهي، جيئن يوناني شاعر ڪازان زاڪس جي يونان سان هئي. ڪيئي ڀيرا منهنجي دل چاهيو آهي، ته اردوءَ جي مشهور اديب ديوندر ستيارٿيءَ وانگر هن برصغير جو ڳوٺ ڳوٺ گهمان ۽ ان جا لوڪ گيت ٻُڌان، ان جا پهاڙ، نديون، محل سرايون، مندر، مسجدون، گُردئارا ڏسان ۽ انهن جي سموري سونهن ۽ ڌرتيءَ جي سندرتا کي پنهنجن گيتن ۾ سميٽيان. مون کي اها ديو مالائي مورتي ڏاڍي وڻندي آهي ــ سرسوتي هنس تي وڃي رهي آهي. هن کي هڪ هٿ ۾ بنسري ۽ ٻئي هٿ ۾ ڪوئي ڪتاب آهي. مان ڀانيان ٿو، ته مان به گيت لکندي لکندي هن ڀوساگر مان پار تري ويندس ۽ پنهنجو موڪش پائيندس“(6).
شيخ اياز وٽ لوڪ گيت جي حوالي سان چار روايتون ملن ٿيون. پهرين سندس پنهنجي اصلوڪي مقامي لوڪ گيت جي روايت، جنهن ۾ قديم لوڪ گيت کان وٺي مسافر، قليچ، بيوس، دلگير، فاني ۽ دُکايل تائين جا نالا شامل آهن. ٻي هندي لوڪ گيت جي روايت. ٽين پاڪستان جي علائقائي ٻولين ۽ اردو لوڪ گيت جي روايت ۽ چوٿين دنيا ڀر جي ادب جي لوڪ گيت جي مطالعي مان اخذ ڪيل اثرن جي روايت. انهن چئني روايتن کي ملائي اياز لوڪ گيت جي هڪ نئين روايت کي جنم ڏنو آهي، جنهن جو نه رڳو آهنگ، احساس ۽ لفظي تاڃي پيٽو نرمل ۽ نرالو آهي، پر ان جو ترنم به لهرن جيان ماڻهوءَ جي جيءَ کي جهوليءَ ۾ جُهلائيندڙ ۽ روحاني تسڪين آڇيندڙ آهي.
خاص طرح اياز پنهنجي مقامي لوڪ گيتن جي رس ۽ روح کي پنهنجي خيال ۽ احساس جي پيالي ۾ پَرٽي ائين مِلائي ۽ رَلائي ڇڏيو آهي، جئين کير ۾کنڊ مِلي ۽ حائل ٿي ويندي آهي. اياز پاڻ کان اڳ واري موجود مڙني سنڌي لوڪ گيت جي روايتن جا نه رڳو سَنڌا ٽوڙيا آهن، پر لوڪ گيت جي نَين روايتن جا بنياد پڻ قائم ڪيا آهن، جن کي بلاشبه سندس همعصرن ۽ پوءِ جي دور جي شاعرن جي وڏي اڪثريت سَرهائيءَ سان قبوليو ۽ اپنايو آهي.
شيخ اياز جو هندي شاعريءَ جو مطالعو پڻ وسيع ۽ گهرو هو. تلسي داس، امارو، ڪاليداس، ودياپتي ۽ ڪبير کان وٺي بهاري لال، ملڪ محمد جائسي، سورداس، ڀوشن ۽ ميران تائين هن مڙني شاعرن جي شاعريءَ کي گهرائيءَ سان پڙهيو ۽ پروڙيو هو. خاص طرح اياز، ميران ٻائي جي گيتن جو وڏو مداح هو. هُن ميران جي ڳوڙهن مان پنهنجن ڪيترن ئي گيتن جي مِٽي ڳوهي، انهن ۾ اهڙو سُرُ، سوز ۽ گداز جو روح ڀريو آهي، جو انهن جا ٻول سُڻڻ ۽ پَڙهڻ سان دل خود بخود ’مي رقصم‘ بڻجي پوي ٿي.
ميران جي شاعري مور جو رقص ۽ ڪويل ــ من جي پُرسوز پُڪار آهي.

پيارے درسن ديجيو آئے
تم بن رهيو نہ جائے.
جل بن کمل چند بن رجني،
ايسے تم ديکھيا بن سجنی.
آکل وياکل پھروں رَين دن،
بره کليجو کھائے.
دوس نہ بھوک نيند نهيں رينا،
مکھ سے کتھت نہ آوے بينا.
کها کهو کچھ کهت نہ آوے،
مل کر تپت بجھاوے.(7)

(پيارا اچي مون کي درشن ڪراءِ. تو بن مون کي چين نه آهي. جيئن پاڻيءَ بنا ڪنول ۽ چنڊ بنا رات اداس هوندي آهي، ائين توبن مان بيتاب آهيان. مان تنهنجي لاءِ ڏينهن رات سرگردان آهيان، تنهنجي وڇوڙي منهنجي من کي جهوري وڌو آهي. کاڌو پيتو وسري ۽ ننڊ آرام ڦِٽي ويو آهي. ڪجهه اظهارڻ لاءِ زبان ساٿ نه ٿي ڏي، چوان ته ڇا چوان ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي. پرين اچ اچي ملي منهنجي پياس اُجهاءِ.)
شيخ اياز اردو گيت نگارن کان پڻ گھڻو متاثر نظر اچي ٿو. هن نه رڳو ميراجيءَ جي گيتن مان مڌ جا سرور ماڻيا آهن، پر امانت لکنوي، عظمت الله خان، آرزو لکنوي ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن جي گيتن جي رس ۽ روح مان پڻ فڪري ۽ فني سندرتائون ماڻيون اَٿائين، جنهن جو ذڪر ڪندي پاڻ پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ لکي ٿو، ”مون کي تنوير نقويءَ جي گيتن کان سواءِ مقبول حسين احمد پوريءَ جا گيت به مون وڻندا ها.... مون کي حفيظ جالندريءَ جو گيت، ’ڪاهن مُرلي والي نند ڪي لال بنسري بجائي جا‘ به ڏاڍو وڻيو هو. مجيد امجد، جو هڪ خاموش طبع شاعر هو، انهيءَ جا گيت به دلچسپ ها. قتيل شفائي، عبدالحميد ڀٽي، تاج سعيد، ساحر لڌيانوي، احمد راهي، عادل پرديپ، جميل الدين عالي، قيوم نظر، طفيل هوشيار پوري، ناصر شهزاد ۽ نگار صهبائيءَ جا گيت به مون پڙهيا آهن“(8).
اياز اردو جي گيت سرجڻهارن مان سڀ کان وڌيڪ ميراجيءَ کان مرغوب ۽ متاثر آهي. هن کي ڪاليج واري زماني ۾ ئي ميراجيءَ جي گيتن جي مطالعي جو موقعو مليو. ميراجيءَ جي گيتن جي ٻوليءَ جي مِٺاس ۽ ترنم جي تازگيءَ اياز جي من کي اهڙو موهيو، جو هن پنهنجون انيڪ محبتون هُن سان منسوب ڪيون آهن ۽ عمر ڀر هُن لاءِ مختلف موقعن تي پنهنجي عقيدت ۽ محبت جو اظهار هن ريت ڪندو رهيو آهي. ”دراصل سنڌيءَ ۾ گيت لکڻ جو چاهه مون کي ميراجيءَ جا گيت پڙهي ٿيو. منهنجا گيت پڙهي سنڌيءَ جا دقيانوسي شاعر ايترو بانورجي پيا هيا، جو هو سمجهڻ لڳا ته اهي گيت ميراجيءَ جو ترجمو آهن، پر حقيقت ۾ هڪ سِٽَ به ميراجيءَ تان ورتل نه آهي.... منهنجي مطالعي کي ايتري وسعت ڏيڻ ۾ ميراجيءَ جي مطالعي جو هٿ آهي ۽ جي مان هن سان ملان ها ته سندس گهرو دوست ٿي وڃان ها، جيتوڻيڪ اسان ٻنهيءَ جون عادتون بلڪل مختلف هيون“(9).
اياز وڌيڪ لکي ٿو،”ميراجيءَ جا گيت مون کي پسند آهن. انهن ۾ ڌرتيءَ جو واس ۽ ون آهي ۽ ڪنهن ڪنهن مهل هن جو ڪوئي گيت پڙهي، مون کي ائين محسوس ٿيندو آهي، ته املتاس جي وڻ تان ڪويل ڪوڪي رهي آهي“(10).
”ميراجيءَ جو گيت، ’ان جانے نگر مانے رے ، من مانے نگر اَن جا نے ر ے‘ هڪ خوبصورت گيت آهي. هن جا ٻيا گيت به ائين ٿا لڳن، جيئن چانڊوڪيءَ ۾ پوئين پهر جو رابيل ڦُٽي پوندي آهي ۽ ان جي خوشبو چوطرف ڦَهلجي ويندي آهي“(11).
ميراجيءَ جو لوڪ رنگ ۽ سانوڻ ــ رُت جي سندرتائن، ڦوڙي ۽ فراق جي احساسن سان ڀرپور هي گيت، جنهن جي هوائن جهڙي ترنم مان حِظُ ۽ آلي مٽيءَ جهڙي سڳنڌ جو واس اوهان به حاصل ڪريو.
ساون کي متوالي رُت ميں
جيسے آنکھ جھپکے پل ميں
باد ل آئيں برکھا لائيں آگ لگائيں
ويسے پريت کے ميٹھے برس ميں سُر بدلے جيون کا راگ
دھيمي دھيمي دھن کي لهريں اک پل ميں بن جائيں آگ
مورکھ من پر جادو کر کے پريت سنائے راگ نئے
پريت دکھائے ديس نئے
پريمي بدلے بھيس نئے
جب،
پريت دکھائے ديس نئے (12).
”لوڪ گيتن ۾ ٻهراڙي جو ماحول، محاڪات ۽ منظرَ اهڙيءَ ريت موجود هوندا آهن، جو انهن جو ذڪر ايندي ئي جهومندڙ فصلن، تازي مٽيءَ جي ڀنل خوشبو، گنگنائيندڙ ندين ۽ چوڏس ڦهليل سرسبز ۽ شاداب ساوڪ جي سندرتا اکين سامهون تري ايندي آهي. ٻهراڙين ۾ الهڙ ساده دل عوام جي اڪثريت آباد هوندي آهي، انهيءَ ڪري لوڪ گيتن ۾ سادگي، شادابي ۽ بي خوديءَ جي خمارن جهڙي ڪيفيت ملندي آهي ۽ اهي سدا سرسبز ۽ ساوا محسوس ٿيندا آهن“(13).
ميراجيءَ جي گيتن جي خاص خوبي پڻ اهو ئي لوڪ آهنگ، ٻوليءَ جي سلاست، منظرنگاري، ترنم جي رواني ۽ احساساتي رنگيني آهي، جيڪا نه صرف پڙهندڙ کي پنهنجن ٻولن جي سحر ۽ سندرتا ۾ ويڙهي ڇڏي ٿي، پر ٻُڌندڙ پڻ ان جي اَٿاهه موسيقيت جي لهرن ۾ ٻُڏڻ ۽ اُپڙڻ لڳي ٿو.
شام دھندلکا لے کر آئي
گوري گھر سے باهر آئي.
چهره جيسے بجلي چمکے،
اور کاندھے پر بال گٹھا سے
نئي نويلي اور اچھوتي،
مالا، نکھرے پھولوں والي(14).
اياز تي پنجابي جي ماهيا ۽ پشتو جي ٽپو جا اثر به محسوس ٿين ٿا، جيڪي لوڪ گيتن جي صنف ۾ شمار ڪيا ويندا آهن. سچ ته اياز اهو وينجهار ڪلاڪار آهي، جنهن تخليق جي سفر ۾ هر مثبت اثر کي اَپنائي، ان کي پنهنجو اهڙو روح ۽ رنگ عطا ڪيو آهي، جنهن کي پَسي من سرهائي ۾ مور وانگر رقص ڪرڻ ۽ جهومڻ لڳي ٿو.
شيخ اياز مشرق توڙي مغرب جي ادب ۽ آرٽ جا گهڻ رخا فني ۽ فڪري اثر قبول ڪيا آهن، جن تي تفصيلي اڀياس جي گهرج آهي، ان سان اياز جي شاعريءَ جا ڪيئي نوان پهلو اُڀري سامهون اچي سگهن ٿا، پر خاص ڪري هن دنيا ڀر جي لوڪ ادب مان لوڪ گيت جي حوالي سان جيڪي اثر ورتا آهن، اهو اڀياس پڻ انتهائي دلچسپ ۽ لاڀائتو آهي، جنهن تي پاڻ هڪ طائرانه نظر وجهي ۽ لوڪ گيت جي حوالي سان مٿي ڪجهه مثال پيش ڪري آيا آهيون. اياز انهن گيت نگارن مان ڪنهن نه ڪنهن طرح متاثر رهيو آهي، پر سندس وڏو ڪمال اهو آهي، ته هن انهن اثرن کي پنهنجن لوڪ گيتن ۾ جنهن تخليقي انداز ۽ فنائتي نموني سان اَپنايو ۽ اظهاريو آهي، اهو انتهائي حُسناڪ ۽ حيرت ۾ وجهي ڇڏيندڙ آهي.
”لوڪ گيت، هر ملڪ ۽ هر ٻوليءَ جي ’لوڪ ادب‘ جو اهم ۽ قيمتي سرمايو آهن. سنڌي لوڪ گيت، سنڌ جي ثقافت ۽ سنڌين جي عوامي ادب جو آئينو آهن، جن ۾ سنڌ وارن جي عام زندگيءَ جو عڪس نمايان نظر اچي ٿو. عوامي ٻولن ۽ جذبن جو هي عظيم سرچشمو روايتي شاعرانه تصور کان خالي هئڻ جي باوجود سهڻن ۽ نماڻن خيالن سان ڀرپور آهي. عوام مان ڪن سٻوجهن جي دل تي جيڪي گذري ٿو ۽ زبان تي جيڪي ڪجهه تري اچي ٿو، سو لئي جي آڌار تي ٻولن جي شڪل اختيار ڪري ’لوڪ گيت‘ بنجي ٿو“(15).
مقامي لوڪ گيت جي روايت مان سڀ کان وڌيڪ اياز ٿر جي لوڪ گيتن کان متاثر رهيو آهي، انهيءَ ڪري هن نه صرف ٿر جي گيتڪارن ۽ گيت نگارن کي بي حد پسند ڪيو آهي، پر هُن انهن کي هن طرح جي منظوم ڀيٽا ڏئي ياد ڪيو ۽ ساريو به آهي.
توڙي ڳائين ڪجليو، توڙي ڳائين جوڌاڻو،
اڃان ناهي وِساڻو، ڏيئو تن جي ڏات جو.
(شيخ اياز)

”صدين جي لوڪ ورثي ۾ ٿر جا لوڪ گيت خاص اهميت رکن ٿا. انهن لوڪ گيتن ۾ معاشي ۽ سماجي زندگيءَ جا سمورا رواج، تهذيب ۽ ثقافت جا رنگ سمايل آهن. شادي وهانءَ جون رسمون، فراق جا ڦَٽَ، سخاوت جو جذبو، قربانيءَ جو حوصلو، حُسن ۽ عشق جا داستان، ٽيج تهوار، ساوڻ جا سانگ ۽ ٻيا ڪيترائي موضوع انهن لوڪ گيتن ۾ ذڪر هيٺ آيل آهن. سُرن ۽ سازن جي آهنگ سان ملي، اهي لوڪ گيت اَمرتا ماڻي چڪا آهن“(16).
ٿرين کي ’مور، مينهن ۽ پنهنجي مٽيءَ‘ سان انوکو عشق آهي. ٿري وس ڪئي پنهنجا پَکا ۽ پَٽَ نه ڇڏيندا آهن، پر ڪنهن سانگ سبب، جيڪڏهن هو ڏور هوندا آهن ۽ ٿر تي جڏهن بادل ڀرجي ايندا ۽ وڄون وراڪا ڪنديون آهن، تڏهن ازخود ڪوڏهين ڏور هجڻ باوجود ٿرين کي مينهوڳيءَ جي مُند پنهنجي ڏيهه اُڏائي کڻي ايندي آهي ۽ هو مٽيءَ جي مَهڪ سان پنهنجن ساهن کي تازو ڪري، صحرا جي گل وانگر ٽِڙي ۽ ٻهڪي پوندا آهن. ٿري، مور سان اولاد جهڙي محبت ڪندا آهن ۽ مور به ٿرين لاءِ پنهنجي سونهن جا سارا سانگ سجائي ۽ رنگ رچائي جيئندو آهي. مينهوڳيءَ جي موسم ۾ جڏهن مور سرمست بڻجي ٽهوڪا ڏيندو ۽ حسين پنک پکيڙي رقص ڪندو آهي، تڏهن ڏکن ڏڌيل ٿاريلن جا اداس مُکڙا ته ٽانگر جي گل جيان ٽڙي پوندا آهن، پر سچ ته صحرا جي سُڃي واري به سون ٿي پوندي آهي ۽ ڀِٽون هڪ ٻئي کي ڀاڪرن ۾ ڀري سالن جا درد سور به وساري ويهنديون آهن. ٿر ۾ ’موريو‘ مقبول لوڪ گيت آهي، جيڪو ٿاريلا مور سان محبت جو اظهار ڪندي وڏي سرهائي ۽ هيج مان ڳائيندا آهن.

اري موريا ري موريا ميٺو تون ٻوليو گڙتي رات نون،
اَڇو تون ٻوليو گڙتي رات نون.
ٿاني پَرڻاوان اَکاٽيج رو چوٿ رو،
ٿانرا پانچم را ڦيرا ڪهجين چار ري،
ميٺو تون ٻوليو گڙتي رات نون،
اري موريا موريا ري.......

(اڙي مور! گجندڙ رات ۾ تون ڪهڙا نه مِٺا ۽ موهيندڙ ٻول ٻولين ٿو. توکي چنڊ جي چوڏهين پرڻايان ۽ تون پنچم جا پورا چار ڦيرا ڏين. اڙي مور ڙي مور! تون گجندڙ رات ۾ ڪهڙا نه رسيلا ۽ سندر سُر آلاپين ٿو.)
ٿر گلن ۽ گيتن جي سرزمين آهي. هن صحرائي خطي ۾ جيئن ڀانت ڀانت جا خودرو گل ملن ٿا، ائين ئي ’سُر، گيت ۽ سنگيت‘ وارياسي جي سانت مان سُرٻاٽن جي سرگوشي بڻجي اُڀرن ٿا ۽ پوءِ ساري صحرا جي ٻاٽ ۾ سُرن جي ٽِم ٽِم ٽانڊاڻي جهڙي لاٽ ٽِمڪي ۽ چمڪي پوي ٿي. اياز ٿري لوڪ گيتن جو خوب حُسن ۽ هڳاءُ ماڻيو آهي. ’پڻياري، ڪجليَو، ڍاٽيئڙو، سائٻو (مڙس)، ڀئييو، ساوڻ ٽيج، لِيالو، جوڌاڻو، ڪيوڙو، امرائو، مڱريو، پيئو (پرين)، ڍولو، مهندي، ڪونجل، پڌارو، راسوڙا، همرچو ۽ ٻيا اهڙا ڪيئي لوڪ گيت آهن، جن اياز کي موهيو ۽ متاثر ڪيو آهي ۽ هُن انهن گيتن مان ڪيترن ئي ٿري لوڪ گيتن جي تضمين ۾ نئين انداز، ترنم ۽ احساس سان نوان لوڪ گيت سِرجيا آهن، جيڪي پنهنجي ون ۽ واس ۾ منفرد ۽ موهيندڙ به آهن، ته انهن ۾ ٿري ثقافت جي روح ۽ رَچاءَ جي رنگيني به آهي.
حقيقت ۾”سنڌي لوڪ گيت، دنيا جي لوڪ فن جي بي مثل حاصلات آهي ۽ سنڌي عوام جي اُجري اندر جو آئينو آهي....سنڌ جو لوڪ ادب پڙهي يقين ٿي وڃي ٿو، ته سنڌي ثقافت هر قيمت ڏيئي بچائڻ جهڙي شيءِ آهي“(17).
سنڌي لوڪ گيت جي ابتدا ڪڏهن ٿي ۽ ڪنهن ڪئي، ان بابت وثوق سان ته ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي، ڇوته لوڪ گيت ايترا ئي اوائلي ۽ پُراڻا آهن، جيتري انساني تهذيب ۽ تمدن جي تاريخ قديم آهي. لوڪ گيت ٻين قومن وانگر سنڌي قوم ۾ پڻ صدين کان رائج رهيا آهن، جنهن جا اهڃاڻ مُهين جي دڙي مان مليل رقاصه ’سمبارا‘ جي مورتي مان ملن ٿا، جيڪا رقص جي انداز ۾ اُڀي بيٺل آهي. رقص، موسيقي ۽ راڳ جو پاڻ ۾ گهرو سُٻنڌ آهي، انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو، ته ان دور ۾ رقص سان گڏ موسيقي ۽ لوڪ گيتن کي ڳائڻ جو رواج به عام هوندو.
لوڪ گيت اصل ۾ سينا به سينا ۽ نسل در نسل منتقل ٿيندا رهيا آهن، تنهن ڪري انهن جي سنڀال ۽ رڪارڊ جو حقيقي دفتر ماڻهن جا سينا ۽ انهن جو حافظو رهيا آهن. سنڌ ۾ لوڪ گيتن جا آثار عربن جي دور ۾ پڻ ملن ٿا، پر سڀ کان پهريان تحريري صورت ۾ لوڪ گيت سومرن جي دور (1050 ــ 1350ع) ۾ ’مرکان شيخڻ‘ جا مليا آهن، جيڪي سهري ۽ لاڏي جي سٽاءَ ۾ آهن.
ان کان پوءِ ٻين ڪيترن ئي شاعرن لوڪ گيت جي سادي سٽاءَ، لوڪ رنگ، رس ڀرئي احساساتي لهجي، ترنم جي تازگي ۽ تُرنگ کي اپنائي، انهن ۾ پنهنجن خيالن، نئين تشبيهن، استعارن، علامتن، فني تجربن ۽ فڪري نُدرتن جا نوان رنگ ڀري، انهن کي وقت ۽ حالتن پٽاندر نئين فڪري ۽ فني روح سان پيش ڪيو آهي. جديد دور جي سنڌي شاعرن مان، جن سرموڙ شاعرن لوڪ گيت کي نئين انداز، تخليقي معنويت ۽ فڪري گهرائيءَ سان لکيو ۽ انهن کي ماڻهن ۾ مقبول بڻايو آهي، انهن ۾ خاص طرح شيخ اياز، استاد بخاري، نياز همايوني، بردو سنڌي، امداد حسيني، تاجل بيوس، تنوير عباسي، سرمد چانڊيو، قمر شهباز، شمشيرالحيدري، آثم ناٿن شاهي، علي گل سانگي، ڪوي ۽ ڪجهه ٻين نوجوان شاعرن جا نالا سرفهرست آهن.
استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جو مجموعي لهجو ۽ موضوع گھڻو ڪري عوامي ۽ مٽيءَ جي مهڪ سان واسيل آهي، پر خاص ڪري هن جا لوڪ گيت، ’چيٽ، همرچو، لابارو، ڪوڏر، ڳاهه، ڏاٽو، هورو هيو هور ۽ ڦُٽيون‘ هر وجهه حسين ۽ موهيندڙ آهن. تنوير عباسي، امداد، قمر شهباز، شمشير ۽ آثم ناٿن شاهيءَ جي لوڪ گيتن ۾ پڻ عوامي لب ۽ لهجي، ٻوليءَ جي نج محاوري، ميٺاج ۽ سنڌ جي ثقافت جي اصلي سونهن ۽ سُڳنڌ محسوس ٿئي ٿي.
سنڌي شاعريءَ ۾سرمد چانڊيو جي غزل ۽ وائي جي حوالي سان پنهنجي هڪ نرالي ۽ نشانبر سڃاڻپ آهي، پر سندس لوڪ گيت، هن جي شاعراڻي ڏات ۽ ڏانءَ جو هڪ ٻيو منفرد حوالو آهن. هو پاڻ ٻهراڙي جو ماڻهو آهي ۽ سنڌ جي لوڪ رسمن، روايتن ۽ ٻولي جي اصلي روح کان ائين آشنا آهي، جيئن پاٽولي پنهنجن رنگن جي نج ۽ نبار هجڻ کان باخبر هوندو آهي. هن جي لوڪ گيتن ۾ ٻوليءَ جي نفاست، لهجي جي مِٺاس ۽ موسيقيت جو پنهنجو رنگ آهي، جيڪو ماڻهوءَ جي من کي پنهنجي مَنڊ ۾ مُنڊي ڇڏي ٿو. هن جا لوڪ گيت ’ڪمانگر، گهاگهر، سانورا، چانڊڪو، چيهو، ماڃر، ڪنڀار، ڪونجون ۽ ٻاجهر کيت‘ پنهنجي ٻولي ۽ ترنم جي لحاظ کان نهايت پُرڪشش ۽ پيارا آهن، پر سندس لوڪ گيت ’هنبوڇي‘ روح ۾ رقص جي ڪيفيت پيدا ڪندڙ آهي. اصل ۾ هنبوڇي لوڪ ناچ جو گيت آهي، جنهن کي ڪورس جي انداز ۾ ڳايو ۽ ان تي ڪورس جي انداز ۾ رقص ڪيو ويندو آهي. سندس گيت ۾ ترنم ۽ رقص ڌُن جي تازگي ۽ ڌڙڪندڙ روح جي بي چيني اوهان به محسوس ڪريو.
هنبوڇي وو هنبوڇي،
ڪاڇو برسيو هنبوڇي.
مارو آيا ماڳ تي، جهومي دلڙي راڳ تي،
هنبوڇي وو هنبوڇي.

جوڙا جوڙا جاٽ تي، جيڏيون جيڏا گهاٽ تي،
هنبوڇي وو هنبوڇي.

مُک مُک تي چانڊاڻ آ، چوڏس ٿي سرهاڻ آ،
هنبوڇي وو هنبوڇي.
(سرمد چانڊيو)

علي گل سانگي پڻ لوڪ گيتن تي مشتمل هڪ پورو ڪتاب، ’گجر پائي گج‘ لکيو آهي، جيڪو سنڌيءَ ۾ تخليقي ۽ جديد نوع جي لوڪ گيتن جو شايد پهريون مجموعو آهي، جنهن ۾ 150 کان وڌيڪ موضوعن تي سوا ٻه سو کن سنڌي ۽ سرائڪي لوڪ موجود آهن، جن ۾ خاص طور ’پينگهو، وڻجارو، ڪانگلڙا، اوٺيئڙا، ڍاٽيئڙا، جوڳيئڙا، ڪونجڙيا، جمالو، مورو، اوڏڻ، ڇلو، لولي ۽ ٻيلڻ‘ گيت پنهنجي انداز، بيان ۽ تاثر ۾ نه رڳو وڻندڙ آهن، پر انهن جو رڌم ۽ لوڪ عوامي احساساتي رنگ پڻ ماڻهوءَ جي سُتل دل جي تارن کي ڇُهي، انهن ۾ جلترنگ پيدا ڪري ڇڏي ٿو.
ڪانگلڙا، ڪانگلڙا، وڃ تون واٽ وهي،
ڪارونجهر تي ڪَهي،
ڪارونجهر تي ڪَهي،

مارو ملندئي واٽ تي، سلجانءِ سور سَهي،
ڪارونجهر تي ڪَهي،
ڪارونجهر تي ڪَهي،

کبڙن پيرون پاند ۾، لهجان لام لهي،
ڪارونجهر تي ڪَهي،
ڪارونجهر تي ڪَهي،
(علي گل سانگي)

نياز همايوني، روايتي لوڪ گيتن جي خزاني مان چڱو لاڀ حاصل ڪيو آهي. هن پنهنجن گيتن ۾لوڪ ٻوليءَ جي لفظن ۽ تُز ترڪيبن جي استعمال سان گڏوگڏ اَروڪ ترنم جو اهڙو انداز اَپنايو آهي، جو سندس لفظ لفظ جهرڻي جي روانيءَ جيان متحرڪ ۽ مترنم محسوس ٿئي ٿو. سندس هي هڪ لاڏي جا ٻول پڙهو:

منهنجي اونداهين جي اور، منهنجي اڱڻ اچجانءِ،
ٽِلي ٽانڊاڻي جي ٽور، منهنجي اڱڻ اچجانءِ،

منهنجي اڱڻ اچجانءِ، منهنجي دل رکجانءِ،
منهنجي ماڙيءَ سندا مور، منهنجي اڱڻ اچجانءِ،

منهنجي اڱڻ اچجانءِ، منهنجي ڳالهه ٻُڌجانءِ،
منهنجي چانڊوڪين جا چور، منهنجي اڱڻ اچجانءِ،

(نياز همايوني)
گيت توڙي لوڪ گيت جي تخليق جي حوالي سان جديد سنڌي شاعريءَ ۾ بردي سنڌيءَ جو نالو وڏي حيثيت ۽ وقعت جو حامل آهي. سنڌي گيت ۾ سلاست، فصاحت ۽ جدت بردي جي خاص خوبي آهي. هن جا گيت لئه ۽ ترنم سان ايترو ته ٽُٻيل ۽ ٽمٽار آهن، جو انهن کي پڙهڻ دوران پڙهندڙ جي دل خودبخود انهن کي جهونگارڻ تي مجبور ٿي پوي ٿي. هن جي عام گيتن ۾ فطرت جي حسناڪي ۽ انسان جي داخلي احساسن ۽ جذبن جي دنيا پنهنجي پوري احساساتي ۽ جمالياتي جوت سان نظر اچي ٿي، پر خاص ڪري هن جي لوڪ گيتن ۾ لوڪ سنسار جي سادگي، سونهن، سُرت ۽ سوڀيا جا جيڪي رنگ ملن ٿا، انهن کي پَسي مَن سرهائيءَ مان مور وانگر جهومڻ ۽ نچڻ لڳي ٿو.
پينگهه پپر ۾ ٻَڌي ڙي جيڏيون،
لُڏي کائون لامارا،
ٽُوڙيون عرش جا تارا،

سانوڻ جي مُند آئي آئي
ڏينهن جُهڙالو رات سهائي،
واهه خوشين جا وارا،
ٽُوڙيون عرش جا تارا.

پينگهه لُڏڻ سان لُڏنديون ٽاريون،
لُڏندي ڪُڏندي عمر گذاريون،
ڳايون ڳيچ پيارا،
ٽُوڙيون عرش جا تارا.
(بوندون بس نه ڪن، ص5)
تاجل بيوس جا سِرجيل لوڪ گيت پڻ پنهنجي اظهار جي نرملتا ۽ ترنم جي حُسناڪيءَ جي لحاظ کان حسين آهن. نموني لاءِ سندس هڪ لوڪ گيت،’سانوڻ ٽيج‘ هتي ڏجي ٿو.

آئي سانوڻ ــ ٽيج ڙي،
آئي سانوڻ ــ ٽيج ڙي،
وسڪاري جا ويلڙا، ماروئڙن سان ميلڙا،

ٻهڳڻ کڻندي ٻيلهڙا،
آئي سانوڻ ــ ٽيج ڙي.
چوماسي جو چنڊ آ، مانڊي وارو منڊ آ،

جيڏل جوٽيو جنڊ آ،
آئي سانوڻ ــ ٽيج ڙي.
مروُئي مهڪار ۾، خوشبوئن کيڪار ۾،

چنڊ ڏٺو چيلهار ۾،
آئي سانوڻ ــ ٽيج ڙي.
آئي سانوڻ ــ ٽيج ڙي.
(تاجل بيوس)

تاجل پنهنجن سِرجيل لوڪ گيتن ۾ لوڪ گيت جي اصلي سٽاءَ کي قائم رکڻ سان گڏوگڏ ان جي فطري ترنم کي به گھڻي حد تائين برقرار رکيو آهي. موضوع، مواد ۽ احساساتي ڪيفيت جي لحاظ کان سندس گيت، لوڪ رنگ ۽ جديد حسيت جو حسين امتزاج آهن ۽ اهو گڻ ئي کيس ٻين جديد گيت نگارن کان منفرد ۽ نرالو بڻائي ٿو.
سنڌيءَ ۾ لوڪ گيتن جو وڏو ذخيرو هر دور ۾موجود رهيو آهي، پر خاص ڪري سنڌ ۾ فارسي ٻوليءَ جي رواج ۽ عروضي دور جي اوج دوران لوڪ گيتن کي نه رڳو نظر انداز ڪيو ويو، پر انهن کي دهڪاني ۽ اڻ پڙهيل ماڻهن جو وکر قرار ڏئي، نه رڳو معيوب سمجهيو ويو، پر انهن کي تخليقي ڪاروهنوار جي ڏيهه مان ئي نيڪالي ڏني وئي. سنڌ ۾ فارسيءَ جي تسلط ٽٽڻ ۽ ان جي بي روح روايتن مان سنڌي شاعريءَ جي ڪنهن حد تائين پاند آجي ٿيڻ بعد وڏي عرصي کان پوءِ سنڌ ۾ شاعرن گيت لکڻ شروع ڪيا، ”اهڙي ريت سنڌي موزون شعر جي باغ ۾ هڪ نئون ٻوٽو اُسريو. اُن من موهيندڙ ٻوٽي جي خوش قسمتي اها ٿي، جو ان کي اياز جهڙو انوکو مالهي نصيب ٿيو. اياز کيس وڌائي ويجهائي اهڙو سرسبز ڪيو آهي، جو ڏسندي ڏسندي سندس سرهاڻ چوطرف ڦهلجي ويئي آهي“(18).
شيخ اياز نه صرف لوڪ گيت کي نئون جيئدان ۽ جنم ڏنو آهي، پر هن گيت ۾ پڻ پنهنجن خيالن، خوابن، اُمنگن، ڏکن ۽ سُکن جي احساسن جو اصلي روح سمائي، ان کي انساني دل جي ڌڙڪنن سان هم آهنگ ڪيو آهي. اهو اياز جي ڏات جو معجزو چئجي، جو هن جي گيت جهڙو گيت، نه هن کان اڳ موجود هو ۽ نه ئي هن کان پوءِ نظر اچي ٿو. ڊاڪٽر اسحاق سميجو لکي ٿو، ”اياز کان اڳ سنڌيءَ ۾ گيت هڪ وساريل صنف هو. سواءِ هري دلگير جي، ورلي جديد شاعر گيت لکندا هئا. بيوس جي گيتن جو ڳاڻٽو گھڻو نه آهي ۽ هوند راج دُکايل کي به هڪ ابتدائي گيت نگار جي حيثيت ۾ اهميت حاصل آهي. فقط هري دلگير کي ئي صحيح معنى ۾ پهريون اهم گيت نگار شاعر سڏي سگهجي ٿو، جنهن گيت جي ٻولي، سٽاءَ ۽ موضوعن ۾ ڪافي نواڻ پيدا ڪئي. ان بعد اياز ان عمل کي هڪ تحريڪ جي صورت بخشي. هن اسلوب، گھاڙيٽي، سٽن جي ترتيب، ڇند ۽ عروض جي مختلف تجربن وسيلي سنڌي گيت کي روايتي گيت جي ڀيٽ ۾ هڪ مڪمل نئون ۽ دل لُڀائيندڙ روپ ڏنو“(19).
جيئن ته لوڪ گيت عام ماڻهن جي سادي سودي فطري جذبن ۽ احساسن جو حقيقي ۽ بي ساخته اظهار هوندا آهن، انهيءَ ڪري اهي نه رڳو مصنوعي هنر ۽ ڪاريگري، اجائي تصنع ۽ تڪلف کان آجا هوندا آهن، پر انهن جي ترنم ۽ ٻولن جو انحصار پڻ شاعريءَ جي مخصوص اصولن ۽ قاعدن بدران لفظن جي سٽاءَ، خيال جي سادگي، رقص جي ڪيفيتن ۽ اظهار جي اندروني ترنم تي آڌاريل هوندو آهي، جنهن ڪري اهي پنهنجي اظهار ۾ اثرائتا، لهجي ۾ نفيس ۽ نرمل، فڪر ۾ سليس ۽ سادا، ٻولن ۾ رسيلا، خيال ۾ سُپڪ ۽ خوبصورتيءَ ۾ انڊلٺ جي رنگن جهڙي حُسناڪي رکندڙ هوندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو لوڪ ادب کي پوپٽ جهڙو نفيس، نازڪ ۽ رنگين تصور ڪيو ويندو آهي.
‘Folk is twice like a butterfly as fragile as beautiful’.
لوڪ گيت، عوامي اُمنگن، احساسن، تهذيب ۽ اجتماعي حسيت جا اهي حسين نغما آهن، جن جي ڌُن ۽ ڌَنڪ تي ڌرتي ۽ آڪاش جون دليون به ڌڙڪڻ لڳن ٿيون. ”لوڪ گيت شاعر جي انا (انفرادي سڃاڻپ) کي مليا ميٽ ڪري ڇڏي ٿو. ان ۾ هن جو ڪو تخلص ۽ نالو نشان نه آهي، اهو عوامي نفسيات جو حصو ٿي وڃي ٿو ۽ ان ڳالهه ۾ ئي ان جي عظمت آهي. لوڪ گيتُ مقامي روايت جو حصو آهي ۽ اهو عوام کي ورثي ۾ ملي ٿو. ان ۾ شائستگي ايندي رهي ٿي ۽ خاص طور تي اهي ديهاتي، جي پڙهي ۽ لکي نه ٿا سگهن، اهي به لوڪ گيت ڳائن ٿا“(20).
اهو ئي سبب آهي، جو لوڪ گيتَ عوامي جيوت جي عڪس سان گڏوگڏ انساني تهذيب، تمدن ۽ تاريخ جا پڻ وڏا عڪاس ۽ گواهه آهن. انهن جا ٻول ايترا سلوڻا، سُريلا ۽ احساساتي آنند ۽ آٿت آڇيندڙ آهن، ”جو ننڍڙن ٻارڙن کي لولي ٻُڌڻ سان ننڊ وٺيو وڃي ۽ ڪم ڪار ڪندڙ پورهيتن کي همرچي ڳائڻ/ ٻُڌڻ سان نه رڳو ٿَڪُ لهي وڃي ٿو، پر ڪم ڪرڻ لاءِ همٿ وڌي وڃي ٿي. اهڙيءَ ريت جدائيءَ جي جهوريءَ ۾ جلندڙن کي ڇلڙي پائڻ سان هنيانءَ تي ٿڌا ڇنڊا پئجي وڃن ٿا. سوڀ ماڻيندڙن جي خوشيءَ جو اظهار ’هو جمالي‘ ڳائڻ/ٻُڌڻ ۾ ٿي وڃي ٿو. هڪ ماءُ/ڀيڻ پنهنجي پٽ/ڀاءُ جي شاديءَ ۾ لاڏا ۽ سهرا ڳائي خوشي ظاهر ڪري ٿي.....مطلب ته عوام جي هر ڏک ۽ سُک جي اظهار جو مهذب، مانائتو ۽ شانائتو وسيلو لوڪ گيت آهن“(21).
ڊاڪٽر نبي بخش خان پنهنجي ڪتاب، ’لوڪ گيت‘ ۾، لوڪ گيت جون 57 صنفون سهيڙيون آهن، جن ۾ ’مورو، ڇلڙو، لولي، جمالو، ڳيچ، ڪوڏاڻو، همرچو، ڇيڄ، ڪجليو، وڻجارو، ٻيلڻ، ڍوليو‘ وغيره شامل آهن، پر لوڪ گيت جي دنيا ايتري ڪشادي ۽ وسيع آهي، جو ان کي ڪنهن مقرر ڳاڻيٽي ۽ انگ ۾ قيد ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي.
شيخ اياز شاعريءَ جي جديد صنفن تي طبع آزمائي ڪرڻ سان گڏوگڏ اساسي ۽ لوڪ شاعريءَ جي ڪجهه صنفن ۾ پنهنجن خيالن ۽ احساسن جو اظهار ڪيو آهي، اهو سچ ته امرت جيان نه رڳو سُرور آڇيندڙ آهي، پر احساساتي ۽ معنوي طرح موهيندڙ ۽ انتهائي حسين پڻ آهي. خاص ڪري هن جا جديد انداز ۾ لکيل لوڪ گيت جن ۾، ’سانوڻ ٽيج، لمڪيان ڙي لو، مڻهيار، چيڻو، ڪرهو، نئون جمالو، بادل ڙي، گيت پروليون، ديهاتي گيت، ڇيڄ ، همرچو‘ وغيره شامل آهن، اهي شاهڪار ۽ اَملهه آهن. اياز جا اهي لوڪ گيت سندس مختلف شعري مجموعن جهڙوڪ: ’ڀونر ڀري آڪاس‘ (ص87، 90، 179)، ’ڪلهي پاتم ڪينرو‘ (ص30، 33، 45)، ’وڄون وسڻ آئيون‘ (ص90، 103، 104، 106، 172، 173، 175، 176، 181، 192، 199، 200)، ’ڪپر ٿو ڪن ڪري‘ (ص317)، ۽ ’واٽون ڦلن ڇانئيون‘ (ص139) ۾ موجود ملن ٿا، جن جو تعداد ويهه کن آهي. سندس اهي لوڪ گيت پنهنجي انداز، لهجي، خيال، احساس، ترنم ۽ ٻوليءَ جي نرملتا جي لحاظ کان انتهائي خوبصورت ۽ من موهيندڙ لوڪ گيت آهن، جن بابت رسول بخش پليجو پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو، ”اياز سنڌي ٻوليءَ جو زبردست عاشق ۽ پارکو آهي. هو سنڌي لفظن جو وينجهار آهي. اکرن جا اَملهه ۽ بي بها خزانا، جيڪي هر هنڌ ٽڙيا پکڙيا پيا هئا، جن ڏانهن ڪنهن ڌيان نه ٿي ڏنو، تن کي هن سهيڙي، اُجاري ۽ گهڙي منجهانئن شعر جا اهڙا حيرت انگيز نوَ لکا هار ٺاهيا آهن، جن کي ڏسي عقل چرخ ٿي وڃي ٿو، خاص ڪري سندس گيت لفظن جي خوبصورتيءَ، سٽاءَ جي سونهن، موسيقيت ۽ اثر ڪري فن جا ڄڻ تاج محل آهن“(22).
اياز جا لوڪ گيت سچ ته موضوعاتي انفراديت، ٻوليءَ جي مٺاس، لهجي جي نفاست ۽ ثقافتي اهڃاڻن جا حامل هجڻ سان گڏوگڏ ترنم جي تازگي، احساساتي معصوميت ۽ جمالياتي حوالي سان پڻ موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهن. سندس لکيل ’لولي‘، ماءُ ۽ ممتا جي احساسن جو گيت آهي. ’لمڪيان ڙي لو‘، پورهئي سان پيار ۽ اجتماعي ايڪي جو گيت آهي. ’سانوڻ ٽيج‘، نو وَرنين ۽ ڪنوارين جو سرتين سان گڏجي سانوڻ جي نِکٽن، سَرهائين ۽ سندرتائن کي ملهائڻ جو گيت آهي. ’مڻهيار‘، کيج ، خوشي ۽ سينگار جو گيت آهي. ’ڪرهو‘، اوسيئڙي، انتظار، مسافت ۽ وڇوڙي جو گيت آهي. ’ڇيڄ‘، مُندن ۽ موسمن جي وري اچڻ تي وڇڙيل سڄڻن کي سارڻ ۽ پڪارڻ جو گيت آهي. اهڙيءَ ريت ’همرچو‘، ٿر جي کيت مزدورن جي کيڙيءَ ۽ ميڙيءَ جي موسم جو گيت آهي. شيخ اياز پنهنجا لوڪ گيت نه فقط جديد فني رنگ ۾ لکيا آهن، پر انهن ۾ هن نئين فڪر ۽ احساس جون جمالياتي نُدرتون پڻ پيدا ڪيون آهن.

[b]شيخ اياز جي لوڪ گيتن ۾ جمالياتي خوبيون
[/b]جديد شاعرن ۾ شيخ اياز اهو شاعر آهي، جنهن شاعريءَ جي جديد ۽ ڪلاسيڪل صنفن تي طبع آزمائي سان گڏوگڏ قديم ۽ لوڪ صنفن ۾ پڻ سگهاري ۽ سهڻي انداز سان پنهنجن خيالن ۽ احساسن جو اظهار ڪيو آهي. توڙي جو لوڪ گيت جو ڪو مقرر گهاڙيٽو، موضوع، وزن، قافيو، رديف ۽ طئي ٿيل ترنم نه آهي، ان جا ٻول ئي سُرن ۾ ٻُڏل ۽ لفظ، ڪيف ۽ سرور جي سرمستيءَ ۾ وِهنتل هوندا آهن ۽ اهي عام ماڻهن جي اندر مان اُٻڙڪا ڏئي سندن اظهار جي چپن تي ائين مُرڪي ۽ مَهڪي پوندا آهن، جيئن خودرو گلَ ڌرتيءَ جو سينو چِيري ڦُٽي پوندا آهن، پر اياز پنهنجن سِرجيل جديد لوڪ گيتن کي نه فقط وزن، تازگيءَ وارو ترنم، سڀاويڪ سوز ۽ گداز عطا ڪيو آهي، پر هُن انهن ۾ ڌرتيءَ جو ون ۽ واس اوتي، انهن ۾ لوڪ گيت جي ازلي ۽ ابدي ڪيفيت به پيدا ڪئي آهي.
تاج جويو، شيخ اياز جي لوڪ گيتن جي خوبين ۽ خوبصورتين جي حوالي سان لکي ٿو، ”هو جڏهن ڪنهن لوڪ گيت کي ڇُهي ٿو، ته ان جو ردم، آبشارن جو ردم بڻجي وڃي ٿو، ان جي لئه هندوري جو لوڏو محسوس ٿئي ٿي، ان جي ٻولي نرتڪيءَ جي ڇير جيان ڇم ڇم ڇڻڪي ٿي ۽ ان جي هيئت، کنوڻ جا کجڪا ۽ وِڄُ وراڪا محسوس ٿين ٿا“(23).
شيخ اياز جو هڪ لوڪ گيت ’ڇيڄ‘ ملاحظه ڪيو ۽ ان مان سنڌوءَ جي لهرن جھڙي ردم ۽ تشبيهن جي اَڇوتي حُسناڪي جو حِظ ماڻيو.

اڙي چنڊ، اڙي چنڊ، پرين تو ته ڏٺو ناهه!
سندس روپ، سندس رنگ، ائين آهه جيئن تون!

اَڙي رات، اَڙي رات، پرين تو ته ڏٺو ناهه!
سندس وار، سندس ونگ، ائين آهه جيئن تون!

اَڙي ڦول، اَڙي ڦول، پرين تو ته ڏٺو ناهه!
سندس رنگُ، سندس انگُ، ائين آهه جيئن تون!

اَڙي هير، اَڙي هير، پرين تو ته ڏٺو ناهه!
سندس ساٿ، سندس سنگ، ائين آهه جيئن تون!

اَڙي نانگ، اَڙي نانگ، پرين تو ته ڏٺو ناهه!
سندم ڏاهه، سندس ڏنگ، ائين آهه جيئن تون!
(ڀُونر ڀِري آڪاس، ص87)

’چنڊ‘، سونهن ۽ سندرتا جي علامت آهي، ’رات‘ گنڀيرتا، گدازي ۽ جمالياتي حصار جو اهڃاڻ آهي، ڦول، ’سڳنڌ‘، نرملتا ۽ نفاست جي نشاني آهي، ’هير‘، فرحت، سڪون ۽ آنند جو اهڃاڻ آهي، جڏهن ته ’نانگ‘، نينهن ۾ مِٺي مِٺي درد ۽ دهشت جي علامت هوندو آهي. پيار ۾ محبوبن جو نانگ جهڙو ونگ وڻندڙ ۽ ڏنگ لطف ڏيندڙ هوندو آهي ۽ اهي سمورا سماجي، ثقافتي ۽ جمالياتي اهڃاڻ کڻي، اياز جنهن نمونيءَ سان پنهنجي گيت ۾ سمايا آهن، اهو سندس ڏات ۽ ڏانءَ جو ڪمال آهي. لوڪ گيت توڙي جو صحرائي گل وانگر ماڻهن جي دردمند ۽ پياسي دلين مان خودبخود ڦٽي نڪرندا آهن، ۽ انهن جي بي ساختگي ۽ بي ربطگيءَ ۾ ئي سموري سونهن سمايل هوندي آهي، پر اياز جي لوڪ گيتن ۾ بي ساختگي ۽ جذبن جي اڻ جهل اُڇل ته آهي، پر بي ربطگي ڪونهي، جيڪا روايتي لوڪ گيت جي هڪ اهم ۽ خاص خصوصيت آهي، پر ان جي باوجود اياز جو لوڪ گيت رسيلو، رنگين، رومانوي ڪشش ۽ جذباتي جاذبيت رکندڙ آهي ۽ اها خوبي لوڪ گيت ۾ فقط اياز جي دين آهي.
”لوڪ گيت ڪنهن به قوم جي اجتماعي احساسن جي نغمگيءَ جو اظهار هوندا آهن. اهي ماڻهن جي احساسن جا آثارِ قديمه نه، پر سندن زندهه جذبن ۽ اُمنگن جا آئينا هوندا آهن“(24). شيخ اياز ڪنهن به لوڪ گيت لکڻ کان پهريان ان جي ثقافتي روح ۽ سماجي پسمنظر کي پوريءَ طور نه صرف سمجهيو ۽ پنهنجي هينئين سان هنڊايو آهي، پر ان جي لوڪ ترنم ۽ اصلي احساساتي تازگيءَ کي پڻ پنهنجي تخليقي اندر ۾ اُتاري، پَچائي، رَچائي، نئين نِکار ۽ نغمگيءَ جي نئين نُدرت سان پيش ڪيو آهي، جيڪا پنهنجي فڪري جوهر ۽ جوت ۾ تازه دم ۽ پُراثر به آهي، ته موهيندڙ ۽ اندر ۾ رقص ۽ راحتن جون رنگينيون پيدا ڪندڙ به. اياز جي گيتن جي ٻولي اهڙي ته روان، رسيلي، سليس، سادي، تاثريت ۽ تازگي ڀري آهي، جو انهن جي فطري رڌم، لهرن جهڙي رواني ۽ رنگينيءَ ۾ ماڻهو من کان وجود تائين لمحي ٻُڏڻ ۽ لمحي اُپڙڻ لڳي ٿو. لفظن ۾ احساساتي ساءُ سان ڀرپور، معنوي تاثريت سان مالا مال ۽ ترنم جي انوکي تازگيءَ سان ٽمٽار اياز جو هي ’ڇيڄ‘ پڙهي ڏسو، جنهن جي سِٽَ سِٽَ ۾ پنهنجو احساساتي سواد، پنهنجي رومانوي رنگيني ۽ پنهنجي تخليقي حُسناڪي ۽ حسيت آهي. گيت جي ٻولن ۾ هڪ طرف پيار جي احساسن جي پالوٽ آهي، ته ٻي طرف لفظي ورجاءَ سان پيدا ڪيل نغمگيءَ جو ڪمال آهي، جيڪو پڙهندڙ کي هڪ ئي وقت رومانوي خيالن ۽ خوابن ۾ مگن به ڪري ڇڏي ٿو، ته موسيقيءَ جون لهرون ان کي مست بڻائي جهومائن ۽ نچائن به ٿيون.
تون آءُ، هلي آءُ، هلي آءُ، هلي آءُ!
اي پيار، ڀلي آءُ، ڀلي آءُ، ڀلي آءُ!

هيءَ هيج ڀري سيج، هلي آءُ، هلي آءُ!
هي چاهه ڀريو ساهه، هلي آءُ، هلي آءُ!
هي سنگ ڀريا انگ، هلي آءُ، هلي آءُ!
هي نينهن ڀريا ڏينهن، هلي آءُ، هلي آءُ!
هيءَ ڌير ڀري هير، هلي آءُ، هلي آءُ!
هيءَ ڏات ڀري لات، هلي آءُ، هلي آءُ!
هي سوچ ڀري لوچ، هلي آءُ، هلي آءُ!

تون آءُ، هلي آءُ، هلي آءُ، هلي آءُ!
اي پيار، ڀلي آءُ، ڀلي آءُ، ڀلي آءُ!
(ڀونر ڀري آڪاس، ص90)

مٿين گيت ۾ محبوب لاءِ هيج ڀري ڪوٺ جا حسين احساس اوريل آهن. پهرين سِٽَن ۾ پرين لاءِ کُليل ٻانهن جو ڀاڪرُ ۽ انهن ۾ اچڻ جي آڇ آهي. ’تون آءُ، هلي آءُ...... پيار ڀلي آءُ، ڀلي آءُ!.....‘ لفظ لفظ ۾ اَٿاهه پيار، سِڪَ ۽ اُڪير جي، سمنڊ جي وير جهڙي اُٿل آهي. ’تون آءُ‘ کان پوءِ ’هلي آءُ‘ لفظن ۾ اِلتجا به آهي، ته اُڪير به. جڏهن محبوب ٻه وکون کڻي اڳتي وڌي ٿو، ته سڄڻن جي آجيان ۾ وجود جو انگ انگ ٻَهڪي پوي ٿو ۽ مُرڪندڙ چپن تي خود بخود هي لفظ، ’پيار ڀلي آءُ، ڀلي آءُ!‘ مور جو رقص بڻجي جهومڻ لڳن ٿا.
تنهن کان پوءِ گيت ۾ ارپنائن جو نرالو انداز سامهون اچي ٿو، جنهن ۾ نه رڳو ’هيج ڀري سيج، چاهه ڀريي ساهه، سنگ ڀريي انگ ۽ نينهن ڀريي ڏينهن‘ جون سموريون حُسناڪيون محبوبن حوالي ڪرڻ جي سرهائي ۽ سندرتا ملي ٿي، پر ’ڌير ڀري هير، ڏات ڀري لات، ۽ سوچ ڀري لوچ‘ پڻ پريتم تان صدقي ڪرڻ ۽ گهورڻ جو ساهس ملي ٿو. لفظ سادا ۽ ڏسڻ ۾ ڪيترا نه عام ۽ رواجي آهن، پر انهن ۾ موجود اڻ جهل جذبن ۽ احساسن جي سچائي، انهن کي موهيندڙ ۽ اثرائتو بڻائي ٿي.
گيت ۾ معنوي اثريت ۽ احساساتي تازگي ته ڪمال جي آهي ئي آهي، پر ان ۾ موجود ترنم جو جمال به ماڻهوءَ کي حيرت ۾ وجهي ڇڏي ٿو. ’هيج ڀري سيج، چاهه ڀريو ساهه، سنگ ڀريا انگ، نينهن ڀريا ڏينهن، ڌير ڀري هير، ڏات ڀري لات، سوچ ڀري لوچ‘ ڇا ته لفظن جو جَڙاءُ ۽ مُترنم قافين جو رَچاءُ آهي. لفظ لفظ پڙهندي، انهن کي اُچاريندي، دل پنهنجو پاڻ، نه فقط انهن کي جهونگارڻ تي مجبور ٿي پوي، پر انهن لفظن ۾ موجود اُڌمن، اُمنگن ۽ احساسن کي پنهنجا اُڌما محسوس ڪرڻ لڳي ٿي.
شيخ اياز ڪيترن لوڪ گيتن ۾ روايتي موضوعن ۽ مواد بدران پنهنجن نوَن، نرمل ۽ جديد خيالن ۽ احساسن جي خوبصورتي اوتي آهي. ڇيڄ به هڪ اهڙو لوڪ گيت آهي، جنهن جو روايتي موضوع طنز، مزاح ۽ گھڻو ڪري سرهائي ۽ خوشيءَ ۾ جهومڻ ۽ نچڻ آهي. ”ڇيڄ جي لفظي معنى آهي ناز/ نخرو / چاڳ، خوشي، دُهل جي وڄت، جهمر، ناچ، تماشو“(25). وغيره، پر اياز ان ۾ اندر جي سنجيده اُڌمن ۽ احساسن کي اظهارڻ کان علاوه خارجي منظرن ۽ مظهرن جو هڪ نئون ۽ موهيندڙ جهان کڻي آيو آهي، جيڪو نه فقط سندس تخيل ۽ تخليقي تصورن جي طلسماتي ڪاڪ محسوس ٿئي ٿو، جنهن جي در ۽ درين مان پنهنجي راڻي لاءِ منتظر ’مومل‘ جو وياڪل ۽ ويڳاڻو عڪس نظر اچي ٿو، پر ان ۾ ترنم جي نئن جهڙي رواني ۽ فطري رچاءَ جو روح کي راحت بخشيندڙ رنگ به ملي ٿو، جيڪو لوڪ گيت ۾سچ ته اياز جي يڪتا ۽ انفرادي حاصلات آهي. شيخ اياز جو لوڪ رس، روايتي ٽاڻن ۽ رسمي اهڃاڻن سان ٽمٽار هي لوڪ گيت ’ڇيڄ/ ڪانگلڙو‘ پڙهو، جنهن ۾ ڪانگ لنوڻ، اُڀ تي بادلن جي ڀرجي اچڻ، وِڄُ جي وراڪن، کيتن ۾ ڪڻڪ جي سوني سنگن، اُتر جي هير جي گُهلڻ ۽ اندر ۾ پرينءَ جي ساروڻين جي طوفان برپا ٿيڻ جي انتهائي اثرائتي ۽ من کي موهيندڙ منظرڪشي ڪئي وئي آهي، جيڪا احساساتي طور تي نه صرف دلڪش ۽ متاثر ڪندڙ آهي، پر ان ۾ موجود ترنم جي تازگي ۽ تخيل جي حُسناڪي پڻ هينئين سان هنڊائڻ جهڙي آهي.
ڪانگ لنوين، ڪانگ لنوين، ڪانگ لنوين وو،
آءُ پرين! آءُ پرين! سانگ ڪري ڪو،
ڪانگ لنوين وو ــ

آءُ پرين! اُڀ مٿان آهه لڳههَ ــ لَس،
ڄاڻ وُٺو مينهنُ، ڏنو وِڄ وراڪو،
ڪانگ لنوين وو ــ

آءُ پرين! ڪڻڪ ڪيا سَنگَ سُنهرا،
کيت ٿيا کاڻ، سچو سون ٻري ٿو،
ڪانگ لنوين وو ــ

آءُ پرين! واءُ وري اَنُ اُجاريو،
مند مٿان مند اچي، تون نه اچين ڇو؟
ڪانگ لنوين وو ــ

روز مِٺي لات ڪري، مات ڪري مَنُ،
پَکُ لهي لَکُ ڏئي نينهن ـ نياپو،
ڪانگ لنوين وو ــ
هاءِ پرين! هاءِ پرين! دير ڪئي تو،
ڪانگ لنوين، ڪانگ لنوين، ڪانگ لنوين وو.
(وِڄون وَسڻ آئيون، ص181)

محبوبن ۽ سڄڻنِ کي ته سڀ ڪوئي ساريندو ۽ ياد ڪندو آهي، پر جيئن اياز ساري ۽ پَچاري ٿو، اهو موهيندڙ، من ۾ جذبات جون لهرون پيدا ڪندڙ ۽ احساساتي خيالن ۽ خوابن ۾ گم ڪري ڇڏيندڙ آهي. مٿين لوڪ گيت ۾، وڇوڙي ۽ جدائيءَ جو ڏهاڳ ڀوڳيندڙ وني پنهنجي ڏور ويل ورَ سان مخاطب آهي، جنهن ۾ کيس پُرسوز انداز ۾ پنهنجي اندر جي اور اوريندي چوي ٿي: ’اي منهنجا پرين! مند وري آ، مينهن منڊل ڪيا آهن. وِڄن جا وراڪا ۽ بادلن جي لس ليٽ آهي. کيتن ۾ سونا سنگ اُسريا ۽ من ۾ نوان نينهن نِسريا آهن، ڪانگ به روز لنوين پيو، ان جون لاتيون، ڪاتيون بڻجي، من کي وڍن ۽ جهير ڏين ٿيون. مندون سڀ وري ويون آهن، پر تو اچڻ ۾ ڏاڍا ڏينهن لاتا آهن، هاڻي ڪو سانگ ڪري ترت ورڻ جي ڪر، تنهنجي جدائي جهوري ۽ وڇوڙي جو موت هاڻي ماري ٿو‘. گيت ۾ هڪ طرف رڌم ۽ روانيءَ جو درياءُ آهي، جيڪو پنهنجي لهرن ۾ پڙهندڙ کي ساڻ کڻي هلي ۽ کيس ترنم جو ساءُ آڇي ٿو، ته ٻي طرف جذبن ۽ احساسن جو لونءَ ڪانڊاري ڇڏيندڙ هڪ جهان آهي، جيڪو ماڻهوءَ کي پنهنجي حصار ۾ ويڙهي ڇڏي ٿو ۽ هُن کي گيت ۾ موجود اهي سموريون ڪيفيتون پنهنجي من اندر جون وارتائون محسوس ٿيڻ لڳن ٿيون.
شيخ اياز لوڪ صنفن ۾ پنهنجي جديد فڪر ۽ فن جو اظهار ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي مخصوص موضوع ۽ روايتي مواد کي پڻ قائم رکيو آهي. هن جو هڪ ’ڇيڄ‘ جيڪو روايتي ’ڇيڄ‘ جي اصلي رنگ ۽ معنوي روپ يعني ’طنز ۽ مزاح‘ تي مشتمل آهي، سو سندس شعري ڪتاب ’وڄون وسڻ آئيون‘ ۾ ملي ٿو. هِن ڇيڄ ۾ اياز سنڌ جي مَڪار وڏيري، جيڪو پنهنجن لاءِ سدائين شينهن وانگر خونخوار ۽ ٻين طاقتورن اڳيان گيدي ۽ گدڙ هوندو آهي، تنهن جي اصلي ڪردار ۽ ڪرتوتن کي عيان ڪري، ان تي ٺٺولي ڪئي آهي، جيڪا پنهنجي اظهار ۽ انداز ۾ ايتري ته اثرائتي ۽ ڀرپور آهي، جو سنڌ جي ويڪائو ۽ موقعي پرست وڏيري جو انيڪ ’ماسڪ‘ اوڙهيل چهرو عين بين سامهون اُڀري اچي ٿو. گيت ۾ ذڪر ڪيل ڪردار ’وڏيري‘ لاءِ ’هلِ، جهرڪي، نانگ، ساپو، ڌپ، ڏاند‘ وغيره جون تشبيهون ۽ تمثيلون اهڙيون ته تُز ۽ ٺَهڪندڙ استعمال ڪيون ويون آهن، جو اياز کي انهن لاءِ داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي.
هُونءَ وڏيرو هِل ڙي!
ڏاڍي جو ڏهڪارُ، ته هُن جي جهرڪيءَ جهڙي دِل ڙي!


هوُنءَ وڏيرو نانگُ ڙي!
بِگڙي جو سرڪار، هُن جو ساپي وارو سانگ ڙي!

هُنءَ ته وڏيرو ڌَپَ ڙي!
ڪِئن نه ڪچهريءَ ۾ ايندو آ، لائي سُرهي لَپَ ڙي!

هاڪَ ته هُن جي هُونءَ ڙي!
سوين سُريتيون ڌاري، ها پر جوءِ ته هُن جي جُونءِ ڙي!

پنهنجي ريٽي راند ڙي!
لالَ جهندي جي اڳ تان ڏاڍو، مَڇري ٿو هو ڏاند ڙي!
پنهنجي ريٽي راند ڙي!
ڇو ته وڏيرو ڏاند ڙي!
(وڄون وسڻ آئيون، ص192)

لوڪ گيت جي وڏي خوبي آهي ئي ٻول ۽ ٻوليءَ جي سلاست ۽ سَرلتا. توڙي جو شيخ اياز پنهنجن لوڪ گيتن ۾ موضوعن، گھاڙيٽن ۽ اسلوبن جا انيڪ نوان تجربا ڪري، انهن کي نئون رنگ ۽ آهنگ عطا ڪيو آهي، پر هو ٻوليءَ ۽ لفظن جي چونڊ ۾ تمام گھڻو نفاست پسند، سُچيت ۽ سجاڳ آهي. هن نه رڳو پنهنجن گيتن ۾ روان، آسان ۽ عام فهم لفظ استعمال ڪيا آهن، پر ڪيترا ئي خارج ۽ متروڪ ٿي ويل لفظ ڪنهن سوناري ۽ گهاڙوءَ وانگر ٻيهر گهڙي ۽ اُجاري استعمال ۾ آندا آهن. ”شيخ اياز جي شاعري پڙهندي پل لاءِ به اهو احساس نه ٿيندو ته، هن لفظن جي ميڙا چونڊي ڪري پوءِ ويهي شعر گوئي ڪئي آهي. هن پنهنجي مطالعي، مشاهدي، علم ۽ رولاڪين مان سِکيو آهي ۽ انهن متروڪ، پراڻن ۽ وساريل لفظن کي پهرين اپنايو ۽ پوءِ تخليق جو حصو بڻايو آهي. هن پنهنجن گيتن ۾ لفظ ٽاڪيا نه آهن، پوئيا به ناهن بلڪ انهن کي حل ڪيو آهي، جيئن کنڊ پاڻيءَ ۾ ۽ خوشبو ساهن ۾ حل ٿي ويندي آهي“(26).
اياز جي هن لوڪ گيت ’چيڻو‘ کي ئي ڏسو، جنهن جو نه رڳو ماحول ۽ محاڪات، رواج ۽ رسم، ڪلچر ۽ تهذيبي رچاءُ نج ٻهراڙي سان تعلق رکندڙ آهي، پر ان جي لفظيات، اظهار جي ادائگي ۽ لهجي جي نفاست ۽ رنگيني پڻ مخصوص زرعي سماج جي آهي، جنهن کي صنعتي ۽ شهري سماج جو ماڻهو تيستائين آسانيءَ سان سمجهي ۽ ان مان حقيقي حِظ حاصل ڪري نه ٿو سگهي، جيستائين هو ان جي سموري پسمنظر ۽ ماحول کان واقف نه هوندو. هن گيت جي رنگ ۽ روح کي ’چيڻي‘ لفظ جي پسمنظر ۽ معنوي معلومات جي آشنائي کان سواءِ سمجهڻ مشڪل آهي، ڇو ته ’چيڻو‘ رڳو هڪ لفظ ئي نه آهي، پر هڪ اهڃاڻ آهي، سماجي جيوت ۽ جياپي جو اهم ۽ اَٽوٽ عنصر آهي. ٻهراڙيءَ جي ماڻهن خاص طرح ٿر، ڪاڇي، ڪچي ۽ سنڌ جي ٻين اهڙن ڪيترن ئي علائقن، جن ۾ غربت جهجهي، وسيلن ۽ معاشي ذريعن جي اَڻاٺ آهي، اُتي انهن جي زندگيءَ جو انحصار ’چيڻي‘ تي آهي. ’چيڻو‘ لفظ جي معنى جامع سنڌي لغات ۾ هن ريت ملي ٿي، ’چيڻو اناج جو هڪ قسم آهي، جنهن جي داڻي تي ست کَلُون چڙهيل هونديون آهن. چيڻي جو ڀَتُ نهايت لذيذ ٿيندو ۽ اهو ڏٿ طور ڪم ايندو آهي‘.
چيڻي کي ٻهراڙيءَ جون عورتون پهريان اُکريءَ ۾ وجهي مُهريءَ سان مارَ ڏينديون ۽ ڇَڙهينديون آهن. ڇڙهڻ کان پوءِ ڇڄ ۾ ڇنڊينديون آهن. چيڻي جو اَنُ ايترو ته چيڙهالو ٿيندو آهي، جو اهو چئن پنجن مارن کان پوءِ ڇَڙهبو آهي، جنهن کان پوءِ اهو جَنڊَ ۾ وجهي ڏڏربو ۽ ڏربو آهي، ان کان پوءِ ئي اهو کاڌ ۽ خوراڪ جي قابل بڻجندو آهي.
شيخ اياز جي هن لوڪ گيت ۾، هڪ طرف ان محنت ڪش عورت جي جفاڪش جيون ۽ ڏکن ڏڌي زندگيءَ جو عڪس آهي، جنهن جي عام معمول ۾ چيڻو ڇڙڻ جي مشقت کان علاوه گهر جا ٻيا سمورا ڪم ڪار شامل آهن، ته ٻي طرف ساڻس گهر واري/ مڙس جي سخت رويي ۽ اوپري سلوڪ جي تصوير به عيان آهي، جيڪو ايتري محنت ۽ مشقت کان پوءِ به هُن مان راضي نه آهي. ٿوري ٿوري ڳالهه تي ويڻ ڏئي سارو ڏينهن کيس ڏنڀ ڏيندو رهي ٿو. ٻهراڙيءَ جي عورت گھڻو ڪري ’جنابت ۽ مٿي ميرائيءَ‘ سان رزق روزيءَ کي ايستائين هٿ نه لائيندي آهي، جيستائين وهنجي سهنجي صاف نه ٿيندي آهي. دهڪاني عورت ايتري ته شرميلي ۽ محجوب هوندي آهي، جو مٿي جي ميرائي ڪڍڻ لاءِ به اهڙو گھاٽ تلاشيندي آهي، جتي کيس ڪو عزيز ۽ احباب نه ڏسي ۽ مٿي جي ميرائي محسوس نه ڪري وٺي. هِن لوڪ گيت ۾ به اهڙي عورت جي وارتا آهي، جنهن جي مٿي ۾ مير آهي ۽ جنابت سان چيڻو ڇڙڻ نه ٿي چاهي. وهنجڻ لاءِ گهر ۾ کيس ڪائي ڪُنڊائتي جاءِ ميسر ڪونهي ۽ هوءَ جوان ڏير کي ڪائي کُڙڪ ڏيڻ کان سواءِ اهڙي گهاٽ گهير جي تلاش ۾ آهي، جتي هوءَ نويڪلائي ۾ وهنجي پاڪ صاف ٿئي، پر سندس مڙس جو زور ۽ ضد آهي ته هوءَ ’چيڻو‘ ڇَڙي. لوڪ گيت جي هر ٻول ۾ لوڪ جيوت جو رنگ جهلڪي ٿو. اياز جو ڪمال اهو آهي ته هُن لوڪ گيت ۾، نه رڳو گهربل ٻولي، تُز محاوري ۽ ٺهڪندڙ ترڪيبن جو سيبائتو استعمال ڪيو آهي، پر وڏي ڳالهه ته ان ۾ نسواني لهجي ۽ ڪيفيتن کي اُڀارڻ ۽ اظهارڻ ۾ پڻ وڏي حد تائين سوڀارو رهيو آهي. لوڪ گيت اوهان به پڙهو ۽ ان ۾ موجود مختلف احساسن ۽ ڪيفيتن جي بي قراريءَ کي ماڻيو ۽ محسوس ڪيو.

چِيڻو ڪونه ڇڙيندي سانءِ!
چِيڻو ڪونه ڇڙيندي سانءِ!

وهجان ٿي ته ڏسي ٿو ڏير
منهنجي آهه مٿي ۾ مير
ڳولي گھاٽ ڪٿي ڪو گهير
وهنجي سهنجي ايندي سانءِ!
چِيڻو ڪونه ڇڙيندي سانءِ!

ڀَل تون گَجُ نه گُجريون آڻِ
ڀَل تون ٻي ڪا مومل ماڻِ
منهنجي ڪانه ڪڍين ٿو ڪاڻِ
روئي رَڇ ڀريندي سانءِ!
چِيڻو ڪونه ڇڙيندي سانءِ!
سارا ڏينهن ڏئين ٿو ڏنڀَ!
اهڙي رَهٽ نه ڪنهن جي رَنڀ
کوهي کوهي پنهنجا کنڀَ
آخر اُڏري ويندي سانءِ!
چِيڻو ڪونه ڇڙيندي سانءِ!
(وِڄون وَسڻ آئيون، ص90)
لوڪ گيتَ، انسان جي سچن پچن جذبن، احساسن، ڪيفيتن، پيار، پورهئي، محبت، وصل، جدائي، قرار، بي قراري، واعدن، وفائن، بي وفائين، انتظارن، آزين، نيازين، ماڻن، ٽاڻن، نازن، نخرن، ادائن، قدرتي منظرن ۽ مظهرن جو اهڙو منظرنامو آهن، جيڪي هر تصنع ۽ تڪلف کان آجا ۽ آزاد هوندا آهن. لوڪ گيتَ انسان جي حقيقي اُڌمن، آرزوئن، مشاهدن ۽ محسوسات تي محيط اهڙو بي ساختا منظوم اظهار ٿين ٿا، جن ۾ عروض توڙي ڇند واري شاعريءَ جهڙو ڪو فني ساز ۽ سامان، فڪري پيچيدگي ۽ موضوعي پابندي ۽ پئد ڪونه آهي، پر هڪ آزاديءَ واري جولاني، جذبات جي اُڇل، لفظي شائستگي، ترنم جي انوکي تازگي، فڪري فرحت ۽ احساساتي تاثريت هوندي آهي. لوڪ گيتن جو ڪو مخصوص موضوع ۽ مواد نه هوندو آهي، پر اهي زندگيءَ جي هر رنگ ۽ روح سان ٽمٽار ۽ آڪاش جي وشال وسعتن وانگر حسين ڪئنواس رکندڙ هوندا آهن.
’لولي‘ پڻ ماءُ جو پنهنجن ٻچن لاءِ محبت جو نغمو آهي. ماءُ، جيڪا سراپا محبت جو اهڙو درياءُ هوندي آهي، جيڪو اولاد لاءِ سدائين سانوڻ توڙي سياري، هر موسم ۾ ڪنا تار موجزن رهندو آهي، پر ڪڏهن به ماٺو ٿيندو ۽ سُڪندو ناهي. اصل ۾ ’لولي‘، جنهن کي اردو، پنجابي ۽ هندي زبان ۾، ’لوري‘ چيو وڃي ٿو، سا لوڪ شاعريءَ جي نهايت ئي اهم ۽ اوائلي سرائتي صنف آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو، ته شاعريءَ ۾ سڀ کان اول اها صنف ئي تخليق ٿي هوندي، ڇوته ’لولي‘ ماءُ جي ممتا ۽ محبت جو نغمو ۽ پنهنجي اولاد لاءِ چيل’دعائيه گيت‘ آهي. اولاد هر ماءُ کي اها مغربي هجي يا مشرقي، قديمي هجي يا جديد دور جي، پر ٻار فطري طرح ان لاءِ پهريون محبوب هوندو آهي، جنهن سان هوءَ بي لوث محبت ڪندي آهي. هر ماءُ سڀ کان وڌيڪ پنهنجي اولاد لاءِ فڪر مند ۽ ان جي سُک، سڪون، خوشحالي ۽ آباديءَ لاءِ آسروند ۽ دعاگو هوندي آهي، ان ڪري جڏهن ڪنهن ماءُ جي من ۾ محبت ۽ جذبات جا پهريان ٻول ٻُريا هوندا، سي لوليءَ جو ورلاپ هوندا.
لولي، لوڪ گيت جو هڪ قسم آهي، جنهن ۾ ماءُ جي ممتا، ان جي پنهنجي اولاد لاءِ فڪرمندي، انهن جي آرام ۽ سڪون لاءِ دعائن ۽ دلي تمنائن جو ورد ۽ خاص ڪري هن جي داخلي احساسن، جذبن، اُلڪن ۽ دلي اُڌمن جو اظهار ٿيل هوندو آهي. لولي جي روايت دنيا جي هر ٻوليءَ جي لوڪ ادب ۾ ملي ٿي. ان جا ٻول، انداز، آلاپ ۽ ورلاپ مختلف ٿي سگهن ٿا. انگلستان جي ماءُ جي لولي جا لفظ هندستان جي ماءُ جي لوليءَ جي لفظن کان مختلف ٿي سگهن ٿا. فلسطين جي ماءُ جي لوليءَ جا آلاپ، فرانس جي ماءُ جي لولي جي آلاپن کان الڳ ٿي سگهن ٿا، سنڌ جي ماءُ جي لوليءَ جو انداز ۽ اوراڻو اِٿينس ۽ افغانستان جي ماءُ جي ورلاپ ۽ واڪي کان جدا ٿي سگهي ٿو. ائين دنيا جي هر خطي ۽ ملڪن جي مائرن جا لفظ هڪ ٻئي کان مَٽيل، الڳ ۽ مختلف ٿي سگهن ٿا، پر انهن جو مجموعي جوهر ۽ روح ماءُ جي ممتا ۽ ان جو بي لوث محبت جو جذبو ئي آهي، جيڪا اولاد جي سُک ۽ چين لاءِ سدائين دعاگو ۽ بي چين رهي ٿي.
دنيا جي هر ڪائي ماءُ پنهنجن ٻچن لاءِ دعاگو هوندي آهي ۽ اها پنهنجي انداز سان پنهنجي جگر جي ٽُڪرن سان پنهنجي پيار جو اظهار ڪندي آهي، پر مشرقي عورت، خاص ڪري سنڌي ماءُ پنهنجي اولاد لاءِ پنهنجن محبتن جو مها ساگر لوليءَ جي ٻولن ۾ اوتيندي آهي ۽ اهو پنهنجي احساساتي تاثر ۽ جذباتي هيج ۾ اهڙو ته پورالو، حسين، مترنم ۽ پُراثر هوندو آهي، جو ان جا ٻول پٿر دلين کي به پِگهاري وجهندا آهن. روايتي ۽ رسمي لوڪ لولين جو رنگ ۽ ڍنگ پنهنجو آهي، پر اياز فن توڙي فڪر جي لحاظ سان جيڪي جديد لوليون لکيون آهن، اهي به پنهنجو مثال پاڻ آهن. سندس لولي جا هي ٻول ٻُڌو:

منهنجيءَ ڇاتيءَ ڇولي وو!
لولي وو! لولي وو!
لالڻ منهنجا، لولي!

اهڙي ٻولي ڪابه نه جھڙي ٻاروتي جي ٻولي وو!
لالڻ منهنجا، لولي!

سنڌڙيءَ جھڙي سينڌ نه ڪنهن کي، تنهنجي ڌرتي ڍولي وو!
لالڻ منهنجا، لولي!

جنهن ۾ ڀٽ ڌڻيءَ جو واسو، آءٌ انهيءَ جي گولي وو!
لالڻ منهنجا، لولي!

مون جھڙي ڪا جھولي وو!
لولي وو! لولي وو!
لالڻ منهنجا، لولي!
(وِڄون وَسڻ آئيون، ص106)


مٿين لوليءَ ۾ لفظ نه آهن، ڄڻ ساهن جي ڌڙڪن آهي، امڙ جي ڇُلندڙ ڇاتيءَ جو بي قابو اُڌمو آهي. ماءُ جي ممتا ۽ محبت جو بي چين روح آهي، جيڪو سِٽن ۾ سرايت ڪري ويو آهي ۽ لوڪ گيت جي ٻول ٻول ۾ ٻُري ۽ ڌڙڪي رهيو آهي. لولي حقيقت ۾ پيار ۽ پينگهي جو گيت آهي. مائرون گھڻو ڪري پنهنجن ٻچڙن کي پينگهي يا پنهنجي هنج ۾ سمهاري، لوليءَ جا ٻول جهونگارينديون آهن، ۽ انهن ٻولن ۾ اهڙو ته مٺاس، موهه ۽ تاثير جو جادو هوندو آهي، جو گهڙي پل ۾ ٻار ننڊ جي پُرسڪون واديءَ ۾ آرامي ٿي ويندو آهي.
لولي جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا. شاعراڻي لولي، سينگار لولي، سُرائتي لولي (شاعرن/ سگهڙن جون لوڪ انداز ۾ جوڙيل لوليون)، مجازي لولي، پَرَ لولي (پيار جي ڪيفيتن ۽ محبوب جي اُڪنڊ ۽ اڪير ۾ جوڙيل لوليون)، واقعاتي لولي (حادثن ۽ سوانحن تي سرجيل لوليون)، وَرَ لولي (ورن کان وڇڙيل وَنين جي ورلاپن واريون لوليون)، ساکي لولي (مصيبت ۽ مشڪل کان ڇوٽڪاري جي لولي) وغيره، پر لوليءَ جي انهن سمورن قسمن ۾ عورت جي احساسن، اُڌمن، خيالن، خوابن، انتظار، وصال توڙي وڇوڙي جون ڪيفيتون پنهنجي پوري تاثر، حسيت ۽ حسناڪيءَ سان موجود ملن ٿيون.
شيخ اياز پڻ جديد انداز ۾ ڪجهه لوليون سرجيون آهن، جيڪي پنهنجي فهم، فراست، لهجي ۽ انداز ۾ لوڪ گيتن جو سندر نمونو آهن، پر انهن ۾ هن جديد دور جي حسيت ۽ حقيقت جي اُپٽار سان گڏوگڏ اهڙي تخليقي ۽ فني حسناڪي سمائي آهي، جو انهن کي پڙهڻ سان نه صرف لفظي روانيءَ ۽ احساساتي رنگينيءَ جو حظ حاصل ٿئي ٿو، پر انهن جي ٻولن ۾ موجود تاثر جي تازگي ۽ خيال جي اُڇل من موهڻ سان گڏ تن جون تندون تڙپائي ۽ جيءَ کي جهنجهوڙي وجهي ٿي. لولي توڙي جو ماءُ جي ممتا ۽ محبت جو گيت آهي، جنهن ۾اها پنهنجن جذبن ۽ احساسن جو ساگر لوليءَ جي ٻولن ۾ اوتي پنهنجي اولاد کي ارپيندي آهي، پر سنڌ جي عورت، خاص ڪري سورهيه ۽ غيور ماءُ پنهنجن ٻچن کي سلامتي ۽ سرهائيءَ جي دعائن سان گڏ دولهه ۽ دودو ٿي پنهنجي ڌرتيءَ تان قربان ٿيڻ، سرخرو ٿي جيئڻ ۽ سرخرو ٿي شهيد ٿيڻ جي لولي پڻ ڏيندي آهي. جيئن هيءَ لولي:
لوليون،
او اَبا!
لوليون! لوليون!
شال دولهه ٿئين، شال دودو ٿئين!
شال سورهيه ٿئين، سنڌ تي سِر ڏئين!
لوليون،
او اَبا!
لوليون! لوليون!
سو اسان مان نه آ، جو جيئي جُٺ ۾،
گهاءُ ڪو تو ڏٺو پيءُ جي پُٺ ۾؟
لوليون،
او اَبا!
لوليون! لوليون!
سنڌ جي سڏ تي شال گهوريو وڃين!
ڪاڪ وهندي رهي تون ڪڪوريو وڃين!
لوليون،
او اَبا!
لوليون! لوليون!
(وڄون وسڻ آئيون، ص103)

”اياز جون لوليون ڪنهن شاهڪار کان گهٽ نه آهن، جن ۾ هن نه فقط موضوعاتي ڪشادگي پيدا ڪئي آهي، پر ٻوليءَ جي نرمي، نفاست ۽ مڌرتا جو به بي مثال نمونو پيش ڪيو آهي.... هن جي لولين ۾ جيڪو سنڌ جو ثقافتي پسمنظر، فطرتي حسن، ٻوليءَ جي لطافت ۽ احساسن جي نواڻ آهي، سا ڪنهن جديد هيئت ۾ به ورلي ملندي...ان کان اڳ ۾ سنڌ ڪڏهن به اهڙي ’لولي‘ نه ٻُڌي هوندي، جنهن ۾ پنهنجي تهذيبي سفر ۽ شعوري حاصلات جو اهڙو نچوڙ پيش ڪيو ويو هجي.... اياز پنهنجن لولين ۾ جيڪا ممتا جي محبت ۽ وطن سان عشق واري جذبي جي شدت پيدا ڪئي آهي، سا قابل رشڪ آهي“(27).
شيخ اياز پيءُ جي زباني اولاد کي ڏنل لوليون پڻ لِکيون آهن. سندس هڪ انوکي لولي ’منهنجا مِٺڙا پُٽَ‘ جي عنوان سان ملي ٿي، جنهن ۾ هڪ پيءُ پنهنجي پُٽَ سان مخاطب ٿي، هن کي ڪوڙ سان هلندڙ پنهنجي ويڙهه، ڌرتي ۽ ڌرتيءَ ڌڻين سان ٿيندڙ اَنيائن کان نه رڳو آگاهه ڪري ٿو، پر سچ جي تلاش لاءِ کيس اُڪساهي ۽ ان تان سِر گهورڻ جي ترغيب ڏيندي چوي ٿو: ’منهنجا ٻچڙا! تون پنهنجو سچ ضرور تلاش ڪجان. پنهنجا سُک ماڻجان. ممڪن آ ڌرتيءَ جي سُک ۽ سچ جي بقا جي جنگ ۾ مان ماريو وڃان. منهنجي موت کان پوءِ به جيڪڏهن ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن جا ڏک ختم نه ٿين، هو پيٽ بُکيا ۽ انگ اُگهاڙا رهن. ان صورت ۾ منهنجا مٺڙا، تون پنهنجي سِر جو سانگو نه ڪجان، ڪنهن ظالم اڳيان جهڪجان نه، پر سورهيه ٿي سچ خاطر آخري دم تائين ڪوڙ سان جهيڙيندو رهجان، ڇو ته ڪوڙ جي ڪاڪ ڪيتري به طلسمي هجي، پر هڪ ڏينهن ان جو انت اچڻو آهي، رات ڪيڏي به اونداهي هجي، پر سچ جو سج اُڀرڻو آهي‘.
شيخ اياز جي هيءَ لولي پنهنجي فڪري تاڃي پيٽي ۾ جيتري گِهري، پُراثر ۽ تاريخي صداقتون رکندڙ آهي، ايتري ئي پنهنجي اظهار ۾ انوکي، لهجي ۾ نرمل ۽ احساس ۾ ڪيفيتن جا انيڪ عڪس پيش ڪندڙ آهي. شيخ اياز هڪ اهڙو بي چين شاعر ۽ سِرجڻهار آهي، جنهن جي تخليقي روح ۾ هر لمحي بي قراريءَ جوسمنڊ موجزن ملي ٿو. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ايترا فني ۽ فڪري تجربا ڪيا آهن، جيترا برصغير ۾ ورلي ڪنهن ڪويءَ ڪيا هوندا، پر ان جي باوجود هن جي خيالن ۽ خوابن جا پنچي ڪنهن اَڇوتي ۽ وشال آڪاش جا متلاشي ۽ ان ۾ اُڏم لاءِ بي چين ۽ بي قرار محسوس ٿين ٿا. هن لوليءَ ۾ به هُن جي فني تجربن جي تخليقيت ۽ تخليقي حُسناڪي جو حسين امتزاج نظر اچي ٿو. لوليءَ جو هيئت ۽ سٽاءُ نظم وارو آهي، پر لهجو، ٻولَ، احساس ۽ ترنم گيت جو آهي، انهيءَ ڪري اهو هڪ ئي وقت ’نظماڻو‘ ساءُ ۽ سواد به ڏئي ٿو، ته ان ۾ ’گيتاڻي‘ نرمي، ٻوليءَ جي سادگي، لهجي جي نفاست ۽ اظهار جي بي ساختگي به ملي ٿي.

جهوني ڪوڙ سان منهنجو جهيڙو هلندو آخر تائين،
نئون نئون سچ تون ڳوليندين، جيئين شال سدائين!
ڌرتيءَ جي دک ۾ آ منهنجو چاهه اِنهيءَ لَيءِ لال!
نئون نئون سُکُ جئن تون ماڻين، جيئين سدائين شال!
ممڪن آهه ته ڌرتيءَ جو دک پورو ڪونه ٿئي،
ممڪن آهه ته تنهنجو بابا وڙهندي جان ڏئي!
ممڪن آهه ته مون کان پوءِ ڀي، ڏکيو بُکيو انسان،
ڳڀي ڳڀي لَيءِ ڳاٽ جُهڪائي، هجي اڃان حيران!
ان صورت ۾ منهنجا مٺڙا! جيئين شال سدائين!
تون به ائين ئي وڙهندو رهجانءِ، پنهنجي آخر تائين.
نيٺ ته ڊهندو ڪوڙ، سدائين جنهن کي ناهه ثبات،
نيٺ ته ڦُٽندو سچ جو سورج، نيٺ ته کُٽندي رات!

(ڀونر ڀري آڪاس، ص179)

روايتي لوڪ گيت جي تخليق لاءِ ڪنهن مصنوعي مهارت ۽ فلسفياڻي فڪر جي ضرورت نه هوندي آهي، پر اهي لَئه، تاڙي جي تال ۽ خودساخته اندر جي جذباتي اُڇل مان جنم وٺندا آهن، پر اياز پنهنجن لوڪ گيتن ۾ خارجي ۽ داخلي حقيقتن ۽ حُسناڪين جون اهڙيون نيون نرملتائون ۽ نُدرتون اوتيون آهن، جو اهي نه رڳو روايت جي روايت جو نئون ۽ جديد جنم محسوس ٿين ٿا، پر اهي سچ پچ پراڻي صراحيءَ ۾ اياز جي نئين اَمرت جو تاثير ۽ اَحساس پيش ڪن ٿا. ”اياز جي گيتن جي ٻولن ۾ عجيب رواني آهي...هن گھڻا تڻا گيت هندي ماترڪ ڇند تي لکيا آهن ۽ ڪيترا هندي ڇند ۽ فارسي وزن جي ميلاپ مان جوڙيل نَوَن ترنمي سانچن تي جوڙيل آهن. ڪجهه فارسي وزنن تي به ڪامياب گيت لکيا اٿس، پر هن فارسي وزن اهي استعمال ڪيا آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۽ شاعريءَ جي مزاج سان ٺهڪندڙ آهن“(28).
هڪ لحاظ کان اياز لوڪ گيتن جي آزاد ٻولن ۽ فطري ترنم جو شائق ۽ ان جي موسلا ڌار بارش جهڙي تاثر ۽ تازگيءَ جو قائل آهي ۽ ان سان شاعريءَ جا لوازمات لاڳو ڪرڻ، گيت جي معصوميت کي ميسارڻ برابر سمجهي ٿو. هو ان حوالي سان لکي ٿو، ”دراصل لوڪ گيت جي ترتيب، ان کي مخصوص ترنم يا بحر وزن ڏيڻ هڪ ادبي گناهه آهي، جنهن جو آءٌ به مرتڪب ٿيو آهيان. اهو ته ائين آهي، جيئن ٿر جا گل ٻوٽا ڪراچيءَ جي پارڪ ۾ لڳايا وڃن، اُهي گهڻو ڪري نه اُسرندا ۽ مُرجهائجي ويندا. لوڪ گيت انهن گلن وانگر آهن، جن جو ٻج نه لڳايو ويندو آهي، پر اهي ڌرتيءَ مان ازخود ڦٽندا آهن“(29).
عوامي لوڪ گيتن جي آبشار ڌارائن جهڙي رواني ۽ سادن ٻولن جي صحرائي گلن جهڙي سڳنڌ ۽ سندرتا پنهنجي جاءِ تي بي مثل ۽ بي بدل آهي، پر حقيقت اها آهي، ته اياز جا تخليق ڪيل لوڪ گيت به پنهنجي ون ۽ واس ۾ منفرد ۽ موهيندڙ آهن. هن جي لوڪ گيتن ۾ فني پابندي، فڪري ڳوڙهائي ۽ جمالياتي ندرت، اياز جي پنهنجي شعوري ڪوشش جو نتيجو آهي، پر ان ’شعوري ڪوشش‘ ۾ به اياز جي ’لاشعوري تخليقي سگهه ۽ سُرت‘ شامل آهي، جنهن ڪري هُن جا لوڪ گيت مصنوعي ڀاسڻ بدران فطري حُسن ۽ حقيقتن سان سرشار محسوس ٿين ٿا.
اياز پنهنجن لوڪ گيتن ۾ اندروني ۽ صوتي ترنم پيدا ڪرڻ جي تجربن سان گڏوگڏ ڇند ۽ عروض تي گيت لکڻ جا پڻ ڪيئي تجربا ڪيا آهن. سندس هيءُ ٿري لوڪ گيت، ’لَمڪيان ڙي لو‘ پڙهو، جنهن کي هُن ’مفتعلن فاعلن‘ جي وزن تي سِرجيو آهي.
لَمڪيان ڙي لو
آءُ اُتر هير سان، لَمڪيان ڙي لو،
لَمڪيان ڙي لو.
کنڀ کِنياتا ڪِرن، لَمڪيان ڙي لو،
پَٽ ــ تِترَ پار جا،
روز اُتر کان اچن، لَمڪيان ڙي لو،
پنڌ پري هوءِ ڙي، لَمڪيان ڙي لو،
پارِ پرينءَ لوءِ ڙي، لَمڪيان ڙي لو،
تانگهه ڪئي تاوِڙي، لَمڪيان ڙي لو،
ڪانگ ڏسي ڪامڻي،
ڪانڌ مٿان ڪاوڙي، لَمڪيان ڙي لو،
ڏور ڪٽيهءِ ڏينهڙا، لَمڪيان ڙي لو،
ڪالهه اُٺا مينهڙا، لَمڪيان ڙي لو....
نيڻ ڀريان نير سان، لَمڪيان ڙي لو،
آءُ اُتر هير سان، لَمڪيان ڙي لو.
(وِڄون وَسڻ آئيون، ص172)
’لَمڪيان ڙي لو‘ بنيادي طور تي ٿر جو هڪ لوڪ گيت آهي، جيڪو ڏٿ چونڊڻ وقت ڪجهه سهيليون ۽ سرتيون پاڻ ۾ گڏجي ڪورس جي انداز ۾ چونديون آهن. ’لمڪيان‘ لفظ لمڪڻ مان نڪتل آهي، جيڪو لوڏ سان هلڻ ۽ چيلهه جي لچڪي سان ٽِلڻ جي انداز ۽ عورت جي نِرت ـ ڪَلا جي احساس کي عيان ڪري ٿو. هن گيت ۾ موضوعاتي طور وڏي وسعت ۽ علامتي طرح وڏي گهرائي آهي. ’اُتر جي هير، کِنياتي جو کنڀ، تاوِڙي جي تانگهه، مينهن جو وَسڻ، ماڪ ۾ ڪانهن جو پُسڻ، ٻُٽي ٻانهن ۽ نِيرن سان ڀِنل نيڻ‘ سڀ علامتون آهن، جن کي اياز استعمال ڪري هڪ طرف لوڪ گيت کي پنهنجي لوڪ ثقافتي سچائين ۽ سماجي اهڃاڻن سان هم آهنگ ۽ اثرائتو ڪيو آهي، ته ٻي طرف ان ۾ شعري صلاحيت ۽ ترنم جي نئين تازگي پيدا ڪري، ان لوڪ گيت کي انوکي حُسناڪي ۽ حسيت عطا ڪئي آهي.
حقيقت ۾ لوڪ گيت عام ماڻهن جي اُمنگن ۽ احساسن، خاص ڪري عورت جي داخلي ڪرب ۽ قرار جي ڪيفيتن جا عڪاس هوندا آهن. اياز جي لوڪ گيت ’ساوڻ ٽيج‘ ۾ پڻ عورت جي اندر جي سرهائي، آترويلا ۽ انتظار جي مختلف ڪيفيتن جو عڪس ملي ٿو.
سانوڻ ــ ٽيج

آئي سانوڻ ــ ٽيجَ ڙي ــ
گج سوين تارڙا، واجهه وجهي وِڄ ڙي!
ڇوريءَ نه ڇڄ ڙي!
آئي سانوڻ ــ ٽيجَ ڙي ــ

هيکلڙو هينئڙو، اُڀ ڪري گاج ڙي!
راڻو نه راج ڙي!
آئي سانوڻ ــ ٽيجَ ڙي ــ

ڍٽ مٿي مينهڙا، ڇٽ ڪئي ڇاٽ ڙي!
توريءَ اُساٽ ڙي!
آئي سانوڻ ــ ٽيجَ ڙي ــ
ڍول بنا ڍوڍو، ڪيئن لڳي بُک ڙي!
توريءَ نه سُک ڙي!
آئي سانوڻ ــ ٽيجَ ڙي ــ

ناٽَ ڪري ننڊڙي، رَتُ ڪري راتڙي!
تو ريءَ نه تات ڙي!
آئي سانوڻ ــ ٽيجَ ڙي ــ

ڀُڄَ مٿان بادلو، ڀيڄَ ڀِني وَسجو!
پائرُ به پَسجو!
آئي سانوڻ ــ ٽيجَ ڙي ــ
(وِڄون وَسڻ آئيون، ص173)

’سانوڻ ٽِيجَ‘ اصل ۾ هڪ ٿري لوڪ گيت آهي، جيڪو نوجوان ڇوڪريون سانوڻ جي سُهائي پَک ۽ اونداهي پَک جي ٽيج تي پاڻ ۾ گڏجي ڳائينديون، جهومنديون ۽ نچنديون آهن. هي سَرهائي ۽ وسڪاري جو لوڪ گيت آهي، جيڪو سانوڻ ــ رُت ۾ آڪاش ۾ ڀريل بادل ۽ وِڄن جا وراڪا پَسي، هيج مان نووَرنيون ۽ ڪنواريون نينگريون ڳائينديون آهن. سانوڻ جي موسم ۾ ٿر جون ڳڀرو نينگريون اڪثر ڪري وڻن ۾ پينگهون ٻَڌي ۽ ڪڏهن ترائين ڀَرِ تي هيءُ لوڪ گيت جهونگارينديون آهن، جنهن جي ٻولن ۽ جهونگار ۾ هڪ ئي وقت سرهائي جا احساس به هوندا آهن، ته پنهنجن کان وڇوڙي جو درد، سوز ۽ گداز به هوندو آهي، انهيءَ ڪري هيءُ لوڪ گيت لڙڪن ۽ مُرڪن جي مِليل جُليل ڪيفيتن جو آئينه دار آهي.
شيخ اياز جو لوڪ گيت ’مڻهيارُ يا مڻهيارو‘ پڻ پنهنجي ثقافتي پسمنظر ۽ احساساتي لوڪ سٽاءَ جي لحاظ کان منفرد ۽ نيارو آهي. ’مَڻيهار‘ لفظ مَڻيي مان نڪتو آهي ۽ ڦيريدار مَڃاريءَ لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جيڪو ٻهراڙين ۾ اُٺ يا گڏهه تي مڃارڪو وکر ’بُولا، بينسر، چوڙا، جُهومر، ڪَٺمال، ڪانٽا ۽ ٻيو عورتاڻي سينگار جو سامان‘ کڻي ڳوٺ، وستيون ۽ واهڻ رُلندو، ڏهر ڏهر ۾ ڊاٻو ڪندو ۽ گهر ويٺي ڪنوارين، وَريتين، وڏڙين ۽ ننڍڙين کي سينگار جو سامان مهيا ڪندو آهي. اياز پنهنجي هن گيت ۾ احساسن جي اهڙي منظرنگاري ڪئي آهي، جو هن جي لوڪ گيت جي لفظن مان نه رڳو مَڻيهارَ جي ڪِرت، ڪم، ڪردار ۽ رولاڪين جو عڪس ۽ نقش چِٽو نظر اچي ٿو، پر گيت جي ٻولن ۾ موجود اندروني غَنائيت ۽ اظهاريل علامتي رنگ پڻ عيان ٿي سامهون اچي ٿو.

مَڻهيارُ

ڻهيارُ آيو، مَڻهيارُ ڙي!
مَڻهيارُ ڙي!

آيو ڇنن ۾، والا ڪنن ۾،
ڳانا ڳلي ۾، جھونجهارُ ڙي!
مَڻهيارُ ڙي!

موتي لُٽائي، جوتي لُٽائي،
ڇا ڇا سَجائي سنسارُ ڙي!
مَڻهيارُ ڙي!

ٻانهنِ ٻٽيءَ جو، ويندي لُٽيءَ جو،
ڇوريءَ ڇِنيءَ جو سينگارُ ڙي!
مَڻهيارُ ڙي!


گهونگهٽ هٽائي، جهومر ٽِڪائي،
ڇا ڇا وِرونهون واپارُ ڙي،
مَڻهيارُ ڙي!
(وِڄون وَسڻ آئيون، ص175)

لوڪ گيت جي هڪ خوبي ان جي بيان ۽ اظهار ۾ ’ورجاءُ ۽ وراڻ‘ هوندي آهي، اها وراڻي نه رڳو گيت ۾ رڌم ۽ رواني پيدا ڪندي آهي، پر هڪ وڻندڙ تاثر ۽ جذباتي ڪيفيت کي به پيدا ڪندي آهي. اياز جي سمورن لوڪ گيتن ۾ وراڻ جي اها ورجيس پنهنجي منفرد انداز سان ملي ٿي، پر سندس هن لوڪ گيت ’ڪرهو‘ ۾ اها خوبي نرالي نوع ۾ نظر اچي ٿي. ’ڪرهو‘ دراصل ٿري لوڪ گيت آهي، جيڪو صحرا ۽ سڃ جي سفر ۾ اوٺي ۽ اوٺار ڳائيندا آهن. هن گيت ۾ سفر جي اُڻتڻ، منزل تي پهچڻ جي اوسيئڙي ۽ راهه جي اوکائين سوکائين جا احساس اوريل هوندا آهن. هن گيت جي سٽاءُ سان توڙي جو ’ڪرهي ۽ اُٺ‘ جو بظاهر ڪوئي سُٻنڌ ڪونهي، پر ان ۾ ان جو ساءُ ۽ احساس ضرور آهي.
گيت جي ٻولن ۾ سادگي ۽ سلاست ته آهي ئي آهي، پر ان جو ترنم ۽ احساساتي تاثر ڪمال جو آهي، جيڪو پڙهندڙ ۽ ٻُڌندڙ کي پنهنجي ٻوڙان ٻوڙ وهڪري ۾ وَهائي کڻي وڃي ٿو. سموري لوڪ گيت ۾ ’هُڙڪ هلو هو، ڌيمان هلو هو‘ جي مترنم لفظن جو مسلسل ورجاءُ ، ’پ، ي، ر، ٽ، ا ۽ ڏ‘ اکرن جي تجنيس ۽ مٿان وري ’هو‘ لفظ جي قافيي جو تواتر سان استعمال، گيت ۾ نه فقط سنگيت جو لطف پيدا ڪري ٿو، پر ساري وجود ۾ رقص جي احساسن کي اُڀاري، من ۾ ’مي رقصم‘ جي ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي ٿو.
ڪرهو
هُڙڪ هَلو هو، ڌيمان هَلو هو ــ
پَنڌُ پَري هو،
ڪير ڪَري هو،
واٽَ اَواٽي،
ڏِيلُ ڏري هو،
پو به پرينءَ جو پَنڌُ ڀَلو هو،
هُڙڪ هَلو، ڌيمان هَلو هو...
سانولڙي جو،
ڳيچ چَئو ڪو،
سانتِ بُري آ،
سانتِ ڪَيوَ ڇو؟
گونجَ اُڀاري ڪا ته گَلو هو،
هُڙڪَ هَلو هو، ڌيمان هَلو هو ــ
(وِڄون وَسڻ آئيون، ص176)

لوڪ گيتن جي ٻُولن جي سولائي، سَرلتا، عوامي انداز ۽ اَڻ جهل احساساتي اُڇل ئي انهن جي خوبي ۽ خوبصورتي هوندي آهي. توڙي جو انهن جي لفظن جي اظهار ۽ بيان ۾ گھڻو ورجاءُ ٿيندو آهي، پر ان ورجاءَ ۾ ئي انهن جي حُسناڪي هوندي آهي، جيڪا اُڪتاهٽ ۽ بيزاريءَ بدران انوکي آسيس، سادگي، مِٺاس ۽ محبوبيت جا احساس اَرپيندي آهي. انهن جي ٻولن جي جھرڻي جھڙي تازگي ۽ ترتيب، انهن جي لفظن جي ماکيءَ جھڙو مِٺاس ۽ مڌرتا پاڻ ۾ ملي لوڪ گيت کي رسيلو ۽ رنگين بڻائيندا آهن.
”اياز جا ’ديهاتي گيت‘ سنڌي ادب ۾ هڪ نئين ڳالهه آهن. ديهاتي زندگيءَ جي سادي جذبات، سڌيون تشبيهون، عام فهم ٻولي، مڪاني رنگ، محبت جا مِٺا مِٺا، هَلڪا هَلڪا گيت، اَلهڙ جوانيءَ جا بي غم، بي پرواهه نغما. انهن جي ٽيڪنڪ جي وڏي خوبي اها آهي، ته اهي تقطيع جي ڄاڻوءَ کي به لطف ڏيندا، ته عام ماڻهوءَ جي دلچسپيءَ جو سبب به ٿيندا“(30).
’هو جمالو‘ سنڌ جو تمام گھڻو مقبول لوڪ گيت آهي. هن لوڪ گيت ۽ ان جي پسمنظر بابت روايتي طرح مختلف ڪٿائون، حڪايتون ۽ قصا ملن ٿا، پر بنيادي طرح هي سورهيائي، ڪاميابي، سوڀ ۽ سرفرازيءَ جو گيت آهي. خوشين، خوبصورتين، سرهائين، ڪاميابين ۽ ڪامرانين جي احساسن سان سرشار هي لوڪ گيت، عام طرح سنڌ ۽ خاص طرح دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ايترو مشهور ۽ مقبول ٿي چڪو آهي، جو هر سماع ۽ جشن جي محفل جو اختتام هن لوڪ گيت جي ڳائڻ سان ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ رنگ، نسل، قوميت، ٻولي، رُتبي ۽ ٻي هر طبقاتي فرق جي تميز بنا، هن گيت جي ڌُن ۽ ڌَمال ۾ شامل ٿي، هر ماڻهو بي خوديءَ جي ڪيفيت ۾ جهومڻ ۽ نچڻ لڳي ٿو. هن گيت جو لفظي سٽاءُ ۽ ترنم اهڙي نوع جو آهي، جنهن ۾ سرهائي ۽ هيج جا احساس ڇولين جيان ڇُلندي ۽ رقص ڪندي محسوس ٿين ٿا. حقيقت ۾ هي لوڪ گيت انسان جي مشترڪا سرهائين، سندرتائين ۽ سوڀن کي اجتماعي طور ملي ملهائڻ جو گيت آهي.
روايتي ’هو جمالي‘ جي ٻولن، لفظي سٽاءَ ۽ احساساتي اُڇل جو پنهنجو رنگ آهي، جنهن ۾ توڙي جو خيال ۽ فڪر جي ڪا خاص گهرائي ۽ معنويت ڪو نه ٿي ملي، پر ان جي باوجود ان جي آهنگ ۽ ادا ۾ رقص جي ڪيفيت آهي، جيڪا ئي ان لوڪ گيت جي خاص خوبي ۽ خوبصورتي آهي، پر جديد دور ۾ جن شاعرن هي لوڪ گيت لکيو آهي، جن ۾ نياز همايوني، استاد بخاري، علي گل سانگي، شيخ اياز وغيره جا نالا شامل آهن، انهن هن لوڪ گيت ۾ گهڻو ڪري لوڪ آهنگ، ادا ۽ ترنم کي ته ساڳيءَ ريت قائم رکيو آهي، پر ان ۾ استعمال ٿيندڙ لفظن، خيال جي اُڇل ۽ تخيل جي تازگيءَ کي پڻ اوليت ۽ اهميت ڏني آهي. خاص ڪري شيخ اياز هن لوڪ گيت ۾ نئين علامتن، استعارن ۽ ترڪيبن کي استعمال ڪري، ان ۾ نه رڳو نئون فڪري ۽ احساساتي رنگ ۽ روح بيدار ڪيو آهي، پر ان ۾ اندروني قافين، تجنيس حرفي ۽ صوتي سٽاءَ سان ترنم جو اهڙ رچاءُ ۽ نئون سيبائتوانداز تخليق ڪيو آهي، جيڪو من ۾ جلترنگ پيدا ڪري ڇڏي ٿو ۽ ٻول ٻول سان دل خودبخود جهومڻ ۽ رقص ڪرڻ لڳي ٿي. هيٺين لوڪ گيت جا ٻول هينئين سان هنڊايو ۽ ان جي تازي ترنم مان اوهان به حِظ ماڻي، ان جي تخليقي علامتن ۽ معنوي حُسناڪين مان حرارت حاصل ڪريو.


نئين موج ٿي مهراڻ ۾،
هو جمالو!
جنهن ۾ ليٽ ٻُڏا ٻيٽ ٿي،
هو جمالو!
جنهن جي ڦاٽ ڀڳا گهاٽ ٿي،
هو جمالو!
جنهن ۾ ٻيڙيون سائينءَ سيڙهيون ٿي،
هو جمالو!
جن جا پڳهه جڳهه جڳهه ٿي،
هو جمالو!

جن جا مانجهي ٿي منجهدار ۾،
هو جمالو!
اهي تري ويندا تار ۾،
هو جمالو!
(ڪلهي پاتم ڪينرو، ص33)

شيخ اياز پنهنجن لوڪ گيتن ۾ رسُ ڀري ٻولي ۽ اَروڪ ترنم جي استعمال کان علاوه عروضي وزن پڻ ورتايا آهن، جيئن پنهنجي لوڪ گيت ’لَمڪيان ڙي لو‘ کي ’مُفتعلن فاعلن‘ جي وزن تي سِرجي، ان ۾ شعري نغمگي ۽ وڌيڪ رقص جي ڪيفيت ۽ رنگيني پيدا ڪئي اَٿائين.
ائين ئي سندس لوڪ گيت، ’همرچو‘ آهي، جنهن ۾ رقص ــ ڌن ۽ ٿري لوڪ ٻوليءَ جي سنگم سان اياز اهڙو رنگ رچايو آهي، جو هر ٻول سان من جھومڻ ۽ نچڻ لڳي ٿو ۽ ٿر جي سرسبز ۽ سَرهي تصوير اکين اڳيان اُڀري اچي ٿي.
اصل ۾ ’همرچو‘ ٿر جو مقبول ۽ موهيندڙ لوڪ گيت آهي، جنهن ۾ نه رڳو ٿري پورهيتن جي لوڪ جيوت، ٻَڌي، اجتمائي سرهائين ۽ سندرتائن جو اُجرو عڪس نظر اچي ٿو، پر انهن جي داخلي دردن، تڪليفن، ڏور ويل ڏيهه واسين جي خيريت سان واپس وطن ورڻ جي اُلڪن ۽ محبوبن سان ملڻ جي آنڌ مانڌ جي احساسن سان گڏوگڏ مستقبل جي اوني ۽ جياپي جي جستجو جو اُتساهيندڙ روح ۽ رنگ به ملي ٿو. حقيقت ۾ هي لوڪ گيت ٿري پورهيتن جي پورهئي ۽ پيار جو لازوال گيت آهي، جنهن ۾ هارين جي گڏجي هيج ۽ سرهائي سان ٻني ٻاري ۾ گُڏ ۽ لاباري ڪرڻ جا منظر چٽيل آهن، انهيءَ ڪري ’همرچو‘ کي ٿري کيت مزدورن جو ’ترانو‘ چئجي ته ان ۾ ڪو به مبالغو نه ٿيندو.
’همرچو‘ لفظ جي معنى ’همراهه اچو‘ ٻُڌائي وڃي ٿي، پر جيڪڏهن ان لفظ جو اشتقاق ڪبو، ته ان جي معنى ٿيندي. (هم = اسان/ سڀ + رچو = جنبجي/ ملي وڃو) يعني اچو ته اسان سڀ ملي، ڪم ۾ مصروف ٿي وڃون ۽ ان کي اُڪلايون. هن گيت مان هڪ طرف پورهيتن جي پاڻ ۾ ٻَڌي ۽ يڪجهتي نظر اچي ٿي، ته ٻي طرف هو پورهئي کي ڪهڙي نه پيار ۽ پنهنجائپ سان گڏيل سرگرميءَ طور اپنائي، ان کي جشن وانگر ملهائن ۽ ان مان محظوظ ٿين ٿا، ان جو پڻ موهيندڙ احساس ملي ٿو.
گيت جا ٻول مترنم ۽ ان جو آهنگ ايترو سُريلو ۽ دلڪش آهي، جو بظاهر لفظن جي معنى ۽ مفهوم نه سمجهندڙ ماڻهو به جڏهن انهن کي سُڻي ٿو، تڏهن سندس سماعتون ان جي رسيلي ۽ روح کي لطف آڇيندڙ سُرن جي سحر ۾ منڊجي وڃن ٿيون. ٿر جي سفر دوران شيخ اياز پهريون ڀيرو جڏهن اهو گيت ٻُڌو هو، تڏهن هو به انهن جي ٻولن جو مڪمل مفهوم نه سمجهڻ باوجود انهن جي سُرن جي سحر ۾ ٻُڏي ويو ۽ انهن مان خوب سرور ماڻيو هئائين. هو پنهنجي آتم ڪهاڻي، ’ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ ۾ ان حوالي سان لکي ٿو، ”اسان ميرپور خاص کان مٺي ٿي آياسين، ته ڪوئي آواز ڪويل جي ڪوڪ وانگر آسمان کي چيري رهيو هو. اسان ڏٺو ته ڪجهه ڀيل ليڏاڻ (گُڏ) ڪڍي رهيا هئا ۽ همرچو به ڳائي رهيا هئا....ٿري همرچي جا لفظ دل مان چيرجي ٿا نڪرن، انهن کي تراش خراش نه آهي، قافيا نه آهن، بحر وزن نه آهي. جيئن ڌرتيءَ مان گل ازخود ڦُٽي پوندا آهن، اهي ٻول (ٿرين) جي دل مان ڦٽي پون ٿا. اسان جيپون روڪي انهن ڀيلن سان ڪچهري ڪئي. گيت انهن جي دل ۾ ائين ٿي آيا جيئن سانوڻ جا بادل آگم ڪري ٿي اُڀريا. هو ڳائي رهيا ها:
همرچو، روڪيو ميڙيو لا،
(گڏجي ڪم ڪرڻ جو هي ميڙ الا)
الا همرچوڙي لا.
ڏور رهيو اسان جو ڏيسيڙو لا،
(ڏور رهيو اسان جو ديسيئڙو)
الا همرچوڙي لا.
ڏيسرو آ ڏيسيڙو لا،
(پرديس کان ڪو ڏيهي ايندو)
الا همرچوڙي لا.
آسي ڪڏهان اوهان اوٺيڙ لا،
(ايندو ڪڏهن اتان اوٺيڙو)
الا همرچوڙي لا.
کاسي کبر لاسي کاهوڙي لا،
(اهو ڪا سُٺي خبر آڻيندو)
الا همرچوڙي لا.
لاسي مانڀيڙان را سنيهڙا هو لا،
(سانگين جا ڪي سنيها ڏيندو)
الا همرچوڙي لا.
آڌيءَ اُٿي اونان ڪَران ڙي لا،
(آڌيءَ جو اُٿي پرين کي ٿي پڪاريان)
الا همرچوڙي لا.
هُون اِٿ هيڪلڙي ٿي ڦِران لا،
(آءٌ هت اڪيلي ٿي هنجون هاريان)
الا همرچوڙي لا.
آسي مان جو جانيئڙو لا،
(شال منهنجو جاني ايندو)
الا همرچوڙي لا. (31)
شيخ اياز پنهنجو لوڪ گيت ’همرچو‘ مٿين ٿري لوڪ گيت کان متاثر ٿي ۽ ان جي تضمين ۾ لکيو آهي، پر اياز جي ’همرچي‘ ۾ نه رڳو نئين احساساتي ۽ جمالياتي رنگيني هن جي پنهنجي ۽ تخليقي آهي، پر ان ۾ اظهاريل ڪيترائي اهڃاڻ ۽ عڪس جديد دور جا آهن، جن کي هن پنهنجي ڪمال فني ڪاريگريءَ سان استعمال ڪري، ’قدامت ۾ جدت ۽ جدت ۾ قدامت‘ جي سهڻي سنگم جو انوکو مثال پيش ڪيو آهي.
سُر ۽ سنگيت جي اعتبار کان هي لوڪ گيت، دنيا جي انهن اوائلي ۽ انوکي گيتن مان هڪ آهي، جيڪي هر دور ۾ ماڻهن جي موهه ۽ مزاج سان هم آهنگ رهيا ۽ انهن جي دلين کي انهن ڌڙڪايو آهي. هن لوڪ گيت جي وڏي فني خوبي ۽ خوبصورتي اها آهي، ته هي هڪ سُر بدران چئن سُرن ۾ ڳايو ويندو آهي. شايد اهو ئي سبب آهي، جو هن جي ردم جي رنگيني ۽ سُرن جو سوز هر ماڻهوءَ جي روح کي موهي، ان کي ’مي رقصم‘ بڻائي ڇڏيندو آهي.
شيخ اياز پنهنجي هن لوڪ گيت ۾ جهڙالي موسمن، گهنگهور گھٽائن، رم جهم راتڙين، پرهه ڦٽي پرڀاتين، ڀني برساتين، ڪارونجهر جي ڪور ۽ مور جي ٽهوڪن جا حسين منظر به چٽيا آهن، ته مخصوص ٿري لفظ ’گاجڙلو، ٽوڀڙ، ڏوٿي، ڏيکي، تَل ترايون، برساري‘ وغيره به استعمال ڪيا آهن، جيڪي تُز ۽ اظهار جي سٽاءَ ۾ اهڙا ته سونهندڙ ۽ سيبائتا محسوس ٿين ٿا، جو ان لاءِ اياز کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي. اياز جو ڪمال اهو آهي، ته هن جنهن به لفظ کي ڇُهيو آهي، اهو غير مانوس هجڻ باوجود هن جي اظهار جو حصو بڻجي، مانوس ۽ موهيندڙ ٿي پيو آهي. هو لفظن ۾ اهڙي نموني سان ڪيفيتن ۽ احساسن جو روح اوتي ٿو، جهڙي نموني سان سنگتراش اڻ گهڙيل پٿرن ۾ حسين مورتين جا نقش بيدار ڪري انهن کي زنده ۽ جاويد ڪري ڇڏيندو آهي.
ان کان علاوه اياز هن لوڪ گيت ۾ انتظار جي ڪيفيتن ۽ پنهنجن پرين پيارن سان ملڻ جي جيڪا آنڌ مانڌ ۽ آترويلا بيان ڪئي آهي، اها پڻ لونءَ ڪانڊاري ڇڏيندڙ آهي. گيت جي ٻولن ۾ لوڪ رنگ ۽ روح به آهي، ته فطرت جون حُسناڪيون ۽ حقيقتون به آهن، جن کي پَسي ۽ پائي، من گيت جي ترنم سان گڏ ڌڙڪڻ ۽ جهومڻ لڳي ٿو.

گَرجي گَرجي گاجَڙلو، لا....
هَمرچي جو ويلو ڙي!
هيل گھٽا گھنگھورُ اَلا لا!
سانوڻ زوران زورُ اَلا لا!
هَمرچي جو ويلو ڙي!
رم جھم رم جھم رات اَلا لا!
گھَنَن گھَنَن پِرڀات اَلا لا!
هَمرچي جو ويلو ڙي!
تَلَ تَرايُون تارِ ٿيو لا!
ٽوڀَڙ لا ٽِمٽارِ ٿيو لا!
هَمرچي جو ويلو ڙي!
بَرساري ۾ مورَ اَلا لا!
ڪارونجهرَ جي ڪورَ اَلا لا!
هَمرچي جو ويلو ڙي!
ڏوٿي ڏيکي ڏينهن ٿِيا لا!
هيلَ ملڻ جا مِينهن پِيا لا!
هَمرچي جو ويلو ڙي!
هَمرچي جو ويلو ڙي لا!
ماروئڙن سان ميلو ڙي لا!
هَمرچي جو ويلو ڙي!

(ڪَپر ٿو ڪُن ڪري، ص317)

ٿر گيتن جي سرزمين آهي. فطري حُسن ۽ گلن جي هُٻڪارن جو اهڙو حسين ديس آهي، جنهن جي ڌرتيءَ جي دلفريب نظارن، دلڪش ۽ موهيندڙ ڪارونجهر جي سونهن ۽ قدرتي حُسناڪين کي پَسي اياز چيو هو، ’ٿر خدا جي مصوري آهي.‘ ’بادليئو‘ پڻ ٿر جو هڪ روايتي لوڪ گيت آهي، جنهن جي ترنم ۾ موسلا ڌار بارش جهڙي نغمگي ۽ ٻولن ۾ مينهن جي اُجري پاڻيءَ جهڙي شفافيت آهي. ٿر ۾ جڏهن ڪڪر ڪارونڀار ڪري وسڻ جا ويس ڪندا آهن. کنوڻيون کيج مان چمڪنديون، چيٽ ۾ واهوندا ورندا ۽ چوماسي جون هوائون هيج مان گهُلنديون آهن، تڏهن ٿري نينگريون ۽ نووَرنيون سرتيون پاڻ ۾ گڏجي، بارش جي آمد تي سرهائي ۽ خوشيءَ مان هي گيت چونديون ۽ مينهوڳيءَ جو جشن ملهائينديون آهن.
شيخ اياز روايتي ’بادليئو‘ بدران ان گيت کي ’بادل ڙي‘ جي نالي سان اَپنايو ۽ اظهاريو آهي. ’بادليئو‘ لفظ کي پنهنجي هڪ جدا جاذبيت آهي، پر ’بادل‘ سان ’ڙي‘ جي تصغير ملائي، اياز ’بادلڙي‘ لفظ ۾ جيڪا ملائميت ۽ معصوميت پيدا ڪئي آهي، اها وڌيڪ موهيندڙ آهي، ڇو ته ان ۾ بارش جي احساس وانگر تاثر جي تازگي ۽ چِٽائيءَ جو عڪس وڌيڪ اُجرو ۽ آسيس آڇيندڙ محسوس ٿئي ٿو. اياز جي هن لوڪ گيت ’بادلڙي‘ ۾ ڪيفيت ۽ لئي ته ساڳي ’بادليئو‘ واري آهي، پر ان جي اظهار ۽ احساس ۾ پنهنجي هڪ نرالي فني نُدرت، الڳ ڪردارنگاري ۽ فڪري انفراديت ملي ٿي. آغا سليم جي اياز جي لوڪ گيتن تي ڏنل اها راءِ گھڻي حد تائين درست آهي، ته ”اياز روايتي لوڪ گيتن جي تضمين ۾ پنهنجا جديد لوڪ گيت لکي، ماضيءَ جي احساساتي منظرنامي ۾ پنهنجي دور جي طرزِ احساس (Sensibility) جو اظهار ڪيو آهي“(32).
شيخ اياز پنهنجي هن لوڪ گيت ’بادلڙي‘ ۾ ماحول، محاڪات ۽ ترنم ته ٿري لوڪ گيت جو اوتيو ۽ اَپنايو آهي، پر ان ۾ هُن جي فڪر جو وسڪارو ۽ هن جي تخيلي حُسناڪي پنهنجي آهي، جنهن جو ون ۽ واس موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهي. لوگ گيت ۾ هڪ طرف سُرمئي بادلن، گجندڙ گهنگهور گهٽائن، سانوڻ من ڀانوڻ ۾ سرتين جي کيج ۽ خوشين جا منظر آهن، ته ٻي طرف پرينءَ کان ڏور جدائي جا ڏنگ ڀوڳيندڙ ۽ ڏهاڳ جا ڏينهن گهاريندڙ هڪ وَني سسئي آهي، جنهن جا نيڻ بادلن سان گڏ برسن ٿا. بادل ته ڪجهه ساعتون برسي بند ٿي وڃن ٿا، پر هن جا پنهنجي پرين پنهونءَ جي ياد ۾ برسندڙ نيڻ بس نه ٿا ڪن. پورو لوڪ گيت، ڪرب ۽ قرار جي گڏيل ڪيفيتن سان ٽمٽار آهي. اياز جي لوڪ گيتن جي اهم ۽ خاص خوبي اها آهي، ته انهن جو موضوع روماني هجي يا درديلو، هو هڪ خاص رنگ ۽ پيرايي ۾ لفظن کي اظهاري انهن ۾ مختلف ڪيفيتن جا عڪس ۽ نقش اُڀاري ٿو. هن لوڪ گيت ۾ پڻ اياز ان ’ٽيڪنڪ‘ کي اَپنايو آهي.
بادل ڙي، بادل ڙي! منهنجا نيڻ نه ٿا بس ڪن!
گَجي گَجي گهنگهور گھٽائون آگم ۾ اُڀرن،
منهنجا نيڻ نه ٿا بس ڪن!
سانوڻ من ڀانوڻ ۾ سرتيون کلندي کيج وجهن،
منهنجا نيڻ نه ٿا بس ڪن!
رُت آئي، رُت ويئي، جهوليءَ ۾ ٿا ڏينهن جهُلن،
منهنجا نيڻ نه ٿا بس ڪن!
مون ڳهَليءَ جئن ڳولي ٿي، ڪجهه پن پن منجهه پون،
منهنجا نيڻ نه ٿا بس ڪن!
ڀيڄ ڀنيءَ ڀنڀور مٿان اڄ بونديون ٿيون برسن،
منهنجا نيڻ نه ٿا بس ڪن!
ڪهڙي پار پنهونءَ کي چايو آڌيءَ رات اُٺن!
منهنجا نيڻ نه ٿا بس ڪن!
هاءِ ولهيءَ کي ڪيئن وساريو سڃ ۾ سانگيئڙن!
منهنجا نيڻ نه ٿا بس ڪن!
(ڪلهي پاتم ڪينرو، ص30)
اياز جي شاعريءَ ۾ سهري ۽ ڳيچ جون صورتون به ملن ٿيون. سندس شعري مجموعي ’واٽون ڦلن ڇانئيون‘ ۾ هڪ وائي ڏنل آهي، جيڪا لهجي توڙي اظهار ۽ احساس ۾ هر لحاظ کان وائي بدران سڀني وسبين لاڏي جو رنگ ۽ روپ پيش ڪري ٿي، پر خبر ناهي ڪهڙي خيال کان ان کي وائيءَ جي صنف طور ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي. آءٌ ان کي ٻولن، خيال ۽ لهجي جي بنياد تي سهرو ۽ لاڏو سمجهان ٿو. اوهان خود ان کي پڙهي ۽ پُرجهي ڏسو.

ٿالهه کڻي روپڙو ميندي پُسايو،
دودل گهر آيو.

نڀ جيان نيرڙو تنبو لڳايو،
دودل گهر آيو.

ڀورڙيون نينگريون ٻانهون وڌايو،
دودل گهر آيو.

ڏونڪلڙا ڀير تي وَر وَر وڄايو،
دودل گهر آيو.

دودلَ جو ديس لئه لايو سجايو،
دودل گهر آيو.
(ص139)
اهڙيءَ ريت سندس ڪتاب، وڄون وسڻ آئيون‘ ۾ شامل ڪيل ٻه وائيون، ’لوري ڪيئن لڳي، او آيل! آيل! لوري ڪيئن لڳي‘ (ص83). ۽ ’گَرجُ گَرجُ اي گونگي ڌرتي! ڀَرجُ ڀَرجُ ڀٽياڻي!‘ (ص179). پنهنجي احساس، اظهار ۽ ڌنڪ ۾ ’وائي‘ کان وڌيڪ ’لوڪ گيت‘ جو ساءُ ۽ سواد ڏين ٿيون.
شيخ اياز جديد رنگ، فني نواڻ، فڪري ڳوڙهائي ۽ علامتي گھرائيءَ جي سنگم سان’پِروليون‘به سِرجيون آهن. اهي ست پروليون سندس شعري مجموعي، ’وڄون وسڻ آئيون‘ ۾ ڏنل آهن. انهن پرولين ۾ هڪ ئي وقت نظم جو تسلسل ۽ گيت جي نغمگي ۽ بي ساختگي ملي ٿو. هيئت جي لحاظ سان هر پرولي پنجن سِٽن تي مشتمل آهي، جن مان ٻي ۽ پنجين سِٽ پاڻ ۾ هم قافيه آهن، باقي سِٽن ۾ ڪنهن قافيي نه هجڻ باوجود اهڙي لفظي رواني آهي، جو پڙهڻ سان سِٽون زبان تي ترنديون وڃن ٿيون ۽ انهن جو مڌهم ترنم دل ۽ دماغ کي سڪون ڏئي ٿو.
جيتوڻيڪ هر پروليءَ ۾ پنهنجو هڪ الڳ خيال آهي، جيڪو ان کي جدا حيثيت ڏئي ٿو، پر سِٽن ۾ مخصوص لفظي ورجاءُ انهن کي پاڻ ۾ جوڙي هڪ مالها جهڙو تسلسل به بخشي ٿو. مختلف رنگن جي گلن کي ڌاڳي ۾ پِروئي جهڙيءَ ريت مالها ٺاهي ويندي آهي، ائين ئي اياز هنن ستن پِرولن کي پنهنجي فني لَڙيءَ ۾ پوئي هڪ سهڻو گلدستو ٺاهيو آهي. اياز چواڻي، هُن هي پِروليون امير خسرو جي اردو پرولين / دوسخنين کان متاثر ٿي لکيون آهن. امير خسرو نه صرف فارسي ۽ اردوءَ شاعريءَ جو عظيم شاعر هو، پر هُن جو سُر ۽ سنگيت جي حوالي سان به دنيا ۾ وڏو ناماچار آهي. اياز، خسروءَ لاءِ لکي ٿو، ”هو اردوءَ جو پهريون شاعر هو، جنهن جي اڃا تائين پنهنجي زبان تي مُهر آهي. هن، غزل، دوها، ڪُهه مَڪرنيون ۽ ڳُجهارتون لکيون آهن. هو هڪ عظيم شاعر سان گڏ موسيقيءَ جو وڏو ماهر، موسيقيءَ ۾ خيال جو باني، ستارَ جو موجد ۽ ڪيترن ئي راڳن ۽ راڳڻين جو خالق هو. مان هن جي شخصيت ۽ تخليقي ڪارنامن کان ڪافي متاثر رهيو آهيان“(33).
اياز پنهنجن پرولين ۾ يقينن هيئت امير خسرو جي اَپنائي آهي، پر انهن ۾ خيال، علامتي رنگ ۽ فڪري روح هن جو پنهنجو آهي. پِروليءَ کي هنديءَ ٻوليءَ ۾ ’پهيلي‘، پاليءَ ۾، ’پهليڪا‘، سنسڪرت ۾، ’پَرهيلڪار‘ ۽ پراڪرت زبان ۾، ’پهيليا‘ سڏيو وڃي ٿو، جنهن جي معنى آهي، ’ڳُجهارت، راز يا رمز‘. پِروليءَ جي صنف لوڪ ادب ۾ به ملي ٿي، جيڪا پنهنجي سُهڻي لفظي سِٽاءَ، علامتي انداز ۽ فڪري ڳوڙهائي سبب پنهنجي هڪ الڳ ۽ انفرادي شناخت رکي ٿي. پروليءَ جي وصف بيان ڪندي ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو پنهنجي ڊاڪٽريٽ جي ٿيسسز ۾ لکي ٿو:

“Proli is a developed technique of symbolism of Sindhi language and shows the relationship among different qualities of concrete immediate objects in Sindhi society”(34).

(پرولي سنڌي ٻوليءَ جي اهڃاڻن جو اهو طريقو آهي، جيڪو سنڌي سماج ۾ موجود مادي شين جي خاصيتن جو پاڻ ۾ لاڳاپو ڏيکاري ٿو).
عام طرح سان پروليءَ ۾ هڪ ’ڳُجهه‘ رکيل هوندو آهي، ۽ ان ’ڳُجهه‘ ۾ ئي سموري پرولي جو روح سمايل هوندو آهي. پرولي دراصل دماغي مشق ۽ دلي وندر جو هڪ اهڙو وکر آهي، جيڪو ٻهراڙيءَ جا اڻ پڙهيل، پر دور انديش ۽ دانشمند ماڻهو وڏي شوق سان واپرائيندا ۽ ٻين سان پڻ ونڊيندا ۽ ورهائيندا آهن. پروليءَ جي پرک لاءِ سوچ ۽ سُرت درڪار هوندي آهي، انهيءَ ڪري هيءَ صنف ڳوٺاڻي ۽ ٻهراڙيءَ جي سُچيت ۽ سپورنج ماڻهن ۾ نه رڳو مقبول آهي، پر ان ۾ انهن جي ذهني کوجنا ۽ دل جي ورونهن جو سامان به موجود هوندو آهي. پرولي نئين لغت، سماجي اهڃاڻن ۽ تخليقي علامتن آڇڻ کان علاوه انوکي عقلي نقطن ۽ سماجي قدرن جي آشنائي به ڏئي ٿي. تشبيهه ۽ استعارو پروليءَ جي جان هوندا آهن. پرولين جا ڪيترا ئي قسم ٻُڌايا وڃن ٿا. جهڙوڪـ: ’ڳوڙهي پرولي، سادي پرولي، ٻول پرولي، منظوم پرولي، گرچيلو پرولي، سوال جواب پرولي، ڏٺ پرولي‘ وغيره. هيٺ نموني طور هڪ روايتي منظوم پِرولي پيش ڪجي ٿي.

ڪارو ڪڪر گوڙ سان، ٿو ڏهاڙي وَسي،
نه ڪا ڦُڙي آب جي، نه ڪو ريج رَسي،
ان جي وس پَسي، عالم ئي آباد رهي.
(ڀڃڻي: جَنڊُ چَڪي) (35).

شيخ اياز جي پرولين ۾، تاثراتي ۽ مرڪزي لحاظ کان توڙي جو اڻ لکو هڳاءُ لوڪ پرولين جو به محسوس ٿئي ٿو، پر ان جي باوجود اياز جون پروليون سندس فڪري دانش ۽ شاعراڻي وجدان جو نتيجو آهن. هن جي پرولين ۾ فني سندرتا ۽ فڪري حُسناڪي هن جي پنهنجي بي پناهه ڏات ۽ فني ڏانءَ جو ڪمال آهي. اياز جون ست ئي پروليون منظوم آهن ۽ اهي هُن علم عروض تي لکيون آهن، جن مان پهريون ٻه سِٽون (فعلن فعلن فعلن فعلن) تي، جڏهن ته ٽين ۽ پنجين سِٽ (فاعلن فعلن) ۽ چوٿين سِٽ (فعلن فعلن) جي وزن تي آڌاريل آهي. هي پروليون خيال ۽ سٽاءَ جي لحاظ کان لوڪ پروليءَ جي ’سوال جواب پرولي‘ سان گهڻي مماثلت رکن ٿيون. اياز جي پرولين مان هر پروليءَ جي پهرين ٻن سِٽن ۾ ’ڳُجهه ۽ راز‘ سمايل آهي. سندس هيءَ پرولي پِڙهو ۽ ان جي معنى ۽ مفهوم جي پروڙ لاءِ ان تي ٿورو غور ڪريو:

هر هر انڌياريءَ اوجهڙ ۾،
ساري رات انهيءَ جو ليئو ــ
ڇا سکي، ساجن؟
اُن هوُن، اُن هوُن،
اي سکي، ڏيئو.

پرولي جي پهرين مصرع ’هر هر انڌياريءَ اوجهڙ ۾/ ساري رات انهيءَ جو ليئو‘ تي ويچاربو، ته ان ۾ هڪ ڳجهي معنويت لڪل محسوس ٿيندي. ٽين سِٽ، ’ڇا سکي! ساجن؟‘ سواليه نوع جي آهي، جنهن ۾ مٿين ٻن سِٽن ۾ سمايل ڳُجهارت جي ڀڃڻي لاءِ لڳايل هڪ اندازو ته، ’ڇا اهو ساجن ته ناهي!‘ جيڪو پنهنجي محبوب سان انڌاري رات ۾ ملڻ لاءِ منتظر آهي ۽ گهڙي گهڙيءَ ليئا ٿو پائي؟، پر موٽ ۾، ’اُن هُون، اُن هُون‘ جا لفظ، جيڪي ڪنڌ ــ ڌوڻ سان نَهڪر ۽ نفي جو تاثر ڏين ٿا. آخري سِٽ ۾ خود ئي ڳُجهارت ڏيندڙ جو جواب، ’اي سکي! ڏيئو‘، جنهن سان ڳجهارت ڀَڄي پوي ٿي. سڄي پروليءَ جو راز لفظ ’ڏيئو‘ ۾ لڪل آهي. ڏيئو لفظ چوڻ کان پوءَ ڳالهه کُلي پوي ٿي ۽ ڀڃڻيءَ کي وڌيڪ واضح ڪندي ڳجهارت ڏيندڙ، سموري راز کي عيان ڪري ٿو. ’نه نه اهو ڪو محبوب جي ملڻ لاءِ آتو ۽ ليئا پائيندڙ عاشق ناهي، پر انڌياريءَ اوجهڙ ۾، ساري رات هر هر ليئا پائي، تيز ۽ مخالف هوائن سان جهيڙي ثابت قدم رهڻ وارو ’ڏيئو‘ آهي، جنهن سڄي رات اونداهي سان لَڙي، وڙهي صبح ڪيو آهي، ليڪن اونداهيءَ کي حاوي ٿيڻ نه ڏنو آهي.
شيخ اياز ڪمال ڪريگريءَ سان هر پروليءَ ۾ هڪ ’ڳجهارت‘ رکي آهي، جنهن جي هڪ لفظ ۾ ڀڃڻي ان جي آخري سِٽ ۾ ڏئي ٿو. شاعراڻي تخليقي تخيل ۽ نرالي فني هنر تي محيط اياز جون هي ’لوڪ پِروليون‘ سچ ته دلچسپ به آهن، ته دلفريب به، پر سڀ کان وڏي ڳالهه ته انهن ۾ فڪري ۽ احساساتي تاثر به موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ ملي ٿو. چند پروليون ملاحظه ڪريو:

سانوڻ رُت ۾ هُن جا سڏڙا
ڀانءِ نه مون کي اوڙو پاڙو ــ
ڇا سکي، ساجن؟
اُن هوُن، اُن هوُن،
اي سکي، تاڙو.

جهُڙ ڦُڙ، ميگهه ملهارُ انهيءَ سان،
اُن جي آئي، ڀائي جَلُ ٿَلُ ــ
ڇا سکي، ساجن؟
اُن هوُن، اُن هوُن،
اي سکي، بادل.

ساري رات اَمَرُ جوتيءَ سان،
جيءُ جَڙي ٿو منهنجو وينجهَرُ ــ
ڇا سکي، ساجن؟
اُن هوُن، اُن هوُن،
اي سکي، ڪينجهَرُ.

جنهن بِن ڪانه سَري اي سرتي!
جيءَ جيءَ تي جنهن جو جارو ــ
ڇا سکي، ساجن؟
اُن هوُن، اُن هوُن،
اي سکي، سنڌوُ.
(وڄون وسڻ آئيون، ص199، 200)

شيخ اياز جي پرولين ۾ وان گوگ جي پينٽگنس وانگر احساسن ۽ ڪيفيتن جا مختلف ۽ منفرد عڪس ملن ٿا. هُن جون پروليون ڪنهن تجريدي آرٽسٽ جي ذهني اختراع ۽ نرگسيت جي شڪار دانشور جيان اَجائي بي معنوي ڳوڙهائي ۽ ڳَرائي رکندڙ نه آهن، جن کي پڙهڻ کان پوءِ ماڻهو مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهي يا اُڪتائجي، بيزار ٿي ڪتاب بند ڪري رکي ڇڏي، پر هن جي پرولين ۾ رنگ رتي ۽ تارن ڀري آڪاس جهڙي جاذبيت به آهي، ته انهن ۾ واڙيءَ ڦلن ۽ سرنهن جي ڦولارن جهڙي ڪشش ۽ بصارت جي محبوبيت به ملي ٿي، جيڪا تصوراتي ۽ احساساتي طرح ڪجهه ساعتن لاءِ ماڻهوءَ جو هينئون هُٻڪارون ڪري ڇڏي ٿي. هن جي پِرولين ۾ سانوڻ ــ رُت جون سُندرتائون به آهن، ته بادل، بارشون ۽ جهڙ ڦڙ ميگهه ملهارون به. تاڙي جون تنوارون، اَمر جوتيءَ جا احساس به آهن، ته انهن ۾ داخلي ڪيفيتن ۽ ذاتي تجربن جا احساساتي عڪس ۽ نقش به ملن ٿا. مطلب ته هن جي پرولين ۾ زندگيءَ جا اهي سمورا رنگ ۽ اهي فطرت جون سڀ حُسناڪيون ملن ٿيون، جن کي پَسي من سَرهو ۽ باغ بهار ٿي وڃي ٿو ۽ ذهن نئين سج جي تازگي ۽ حرارت جو احساس محسوس ڪرڻ لڳي ٿو.
اياز جي پرولين ۾ خارجي مشاهدن ۽ محسوسات جي اظهار کان علاوه داخلي جذبن ۽ احساسن جي اُپٽار به اثرائتي انداز ۾ ملي ٿي. هن جي سموري شاعريءَ ۾ ڌرتي ۽ ڌرتيءَ واسين لاءِ جيڪو اُنسَ، اُڪيرَ ۽ عشقَ جو احساس ملي ٿو، اهو ته مثالي آهي، جنهن کي پڙهي ۽ پَسي فهميده رياض چواڻي، ’هڪ غير سنڌيءَ به سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان محبت ڪرڻ لڳي ٿو‘ پر هنن پِرولين ۾ پڻ اياز جي پنهنجي ڏيهه ۽ ڏيهه واسين سان پيار ۽ محبت جا مختلف ۽ منفرد رنگ پَسي سگهجن ٿا. جيئن:

نگريءَ نگريءَ ۾ هُن جهڙو،
مون ته ڏٺو ڪو ناهي نيهِي ــ
ڇا سکي، ساجن؟
اُن هوُن، اُن هوُن،
اي سکي، ڏيهِي.

هُن سان پريت نه لائي ڪوئي،
پريت ڪري مون پيڙا ورتي ــ
ڇا سکي، ساجن؟
اُن هوُن، اُن هوُن،
اي سکي، ڌَرتي.

اياز جي مٿي پيش ڪيل ٻن پرولين مان خاص طرح ٻي پروليءَ ۾ ميران جي هڪ گيت جي سِٽن، “جو ميں ايسا جانتي ري، پريتي کياں دکھ هوئے/نگر ڈهنڈورا پيٹي ري، پريتي کرو مت کوئے ” جي سُڳنڌ ملي ٿي، جنهن کي اياز پنهنجي ڪيفيت ۽ احساس جي مِٽيءَ ۾ ڳوهي، پنهنجن لُڙڪن ۽ مُرڪن سان ملائي پيش ڪيو آهي. هُن مختلف سِرجڻهارن ۽ تخليقڪارن جي تخليقن مان تضمين طور اهڙيون انيڪ سٽون ترجمو ڪري پنهنجايون آهن، جو سندس انهن تضمين طور ڪيل ترجمن تي جدا لکڻ جي ضرورت آهي، جنهن تي هڪ الڳ مقالو لکبو. اياز جي ترجمي جو انداز به ايترو ئي تخليقي ۽ تازگيءَ ڀريو آهي، جو ان جي ترجمي جو احساس نه ٿو ٿئي. هڪ بنگالي گيت جو ڪيل اياز جو هي ترجمو پڙهو ۽ ان مان تخليقي حُسناڪي جو ساءُ، سڪون ۽ اصلوڪي ترنم جي سرمستي اوهان به ماڻيو.
هَيا هَيا هَيا، او....
دور وڃي ٿي نَيا،
هَيا هَيا هَيا !

ڪهڙي گھاٽ لڳي، هي نَوُڪا، ڪٿي کُٽي جيون،
ڇڪي پيو اڄ من کي سپني جهڙو سندر ــ بَن:
هَيا هَيا هَيا، او....
دور وڃي ٿي نَيا....

چانڊوڪيءَ ۾ چڙهندي پدما، تِکَ سان وهندي تار،
لُڙهندي لُڙهندي پنهنجي نَوُ ڪا، پهچي ويندي پار،
هَيا هَيا هَيا، او....
دور وڃي ٿي نَيا....

بِن مانجهيءَ منجهڌار مٿان هيءَ نَوُ ڪا ويندي دور،
ڪنهن ڏورينهين ڏيهه اسان کي ڇِڪي پرينءَ جو پور،
هَيا هَيا هَيا، او....
دور وڃي ٿي نَيا....



ساڳي بَن ۾ مِرگهه به موهي، ساڳي ۾ سَئو واگهَه،
سُک جي سيج به ساڳو جيون، ساڳو ڏک جي ڏاگههَ،
هَيا هَيا هَيا، او....
دور وڃي ٿي نَيا....

پنهنجو جيون آهي پيارا، جل ــ ڌارا تي جوت،
مِٺڙي مِٺڙي ننڊ اسان لئه بڻجي ايندو موت:
هَيا هَيا هَيا، او....
دور وڃي ٿي نَيا....
هَيا هَيا هَيا !
هَيا هَيا هَيا !
(ڪلهي ڪاتم ڪينرو، ص45)

شيخ اياز جي لوڪ گيتن جي مجموعي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو، ته هن جا لوڪ گيت موضوعن جي انفراديت، لفظن جي نرمل انتخاب، ترڪيبن ۽ تشبيهن جي نُدرت، احساس جي بي ساخته اُڇل، فني تجربن ۽ غَنائيت جي لحاظ کان بنهه ئي نرالا ۽ موهيندڙ آهن. هُن جي مٿين لوڪ گيتن مان ڪنهن ۾ اوٺين جي مسافريءَ جي مشڪلن، ڏکن ۽ ڏولاون جي تصويرڪشي آهي، ته ڪنهن ۾ ڏُٿ چونڊيندڙ سرتين ۽ سهيلين جا پورهئي ۾ سرهائي محسوس ڪرڻ جا احساس ۽ رقص جون ڪيفيتون آهن، ته ڪنهن ۾ برساتي موسم، پرينءَ جي يادن ۽ سانوڻ ٽيج جي رسمن، رنگينين، راحتن ۽ موهيندڙ ماحول جو ذڪر آهي، ته ڪنهن ۾ پيار ڪندڙ دلين جي اُڌمن، اوجاڳن، انتظارن ۽ اوسيئڙن جا جيئرا جاڳندڙ، متحرڪ ۽ مضطرب عڪس آهن. هر گيت ۾ ڪيئي ڪيفيتون آهن، ڪرب، قرار، سانت، سرمستي، وصل ۽ وڇوڙيءَ جون ڪيفيتون، ان سان گڏوگڏ هر گيت ۾ پنهنجي مڌرتا ۽ موسيقيت آهي، جيڪا پڙهندڙ ۽ ٻُڌندڙ تي پنهنجي ڪيف جا قرار ۽ پنهنجي بي قراريءَ جون ڪيفيتون طاري ڪري ٿي.
شيخ اياز جي لوڪ گيتن جي بنيادي خوبي انهن جو لوڪ آهنگ، احساس ۽ نئين نويلي وينگس جي ڇير جي ڇم ڇم جھڙو ترنم آهي. هن جا لوڪ گيت پنهنجي لوڪ روايتن سان سلهاڙيل هجڻ باوجود انفرادي جوهر، خيال جي جدت، احساس جي نرملتا، جذباتي جولان، صوتي سندرتا، فڪري سلوڻائي، هئيتي تجربن، اظهار جي اَلبيلائي ۽ لفظي رچاءَ جي اَڇوتائي جي لحاظ کان موهيندڙ آهن ۽ انهن ۾ ترنم، ٻوليءَ جي رس ۽ آزاد اظهار جي جمال جا عنصر اياز جي ٻين شعري صنفن جي نسبت وڌيڪ ۽ نرالي انداز ۾ ملن ٿا. اهو ئي سبب آهي، جو لوڪ گيت اياز جي محبوب ۽ مرغوب صنف رهي آهي ۽ هن پنهنجن شعري صنفن مان سڀ کان وڌيڪ گيتن ۽ لوڪ گيتن ۾ پنهنجي اندر جي ڪيفيتن جا جولان آسانيءَ سان اوريا ۽ پنهنجن جذبن جون جمالياتي ۽ تخليقي حُسناڪيون ڀرپوريت سان اظهاريون آهن.


[b]حوالا[/b]

1. پليجو، رسول بخش، ”اياز جا گيت“، ماهوار روح رهاڻ، حيدرآباد، سيپٽمبر 1966ع، ص 14.
2. ميراجي، ”مشرق و مغرب ڪي نغمي“، آج ڪي ڪتابين، ڪراچي، 1999ع، ص440.
3. ثمينه، ميمڻ، ”ٽه ماهي مهراڻ“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، اپريل، جون 2013ع، ص160.
4. جالبي، جميل، ” کلياتِ ميراجي“، سنگِ ميل پبليکيشنز، لاهور، 1996ع، ص1030.
5. شيخ اياز، ”شاعري ــ 6“، ثقافت کاتو، حڪومتِ سنڌ، 2010ع، ص1097، 1099.
6. شيخ اياز، ”ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، 1989ع، ص146، 147.
7. جي ڪرشن، ”ميران ڪي گيت“، اداره انيس اردو، اله آباد، 1959ع، ص12.
8. شيخ اياز، ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“، نيو فيلڊس پبليڪيشس، حيدرآباد، 1996ع، ص115.
9. شيخ اياز، ”شاعري ــ 6“، ثقافت کاتو، حڪومتِ سنڌ، 2010ع، ص1091، 1092.
10. برسات، شيخ اياز نمبر، ص9.
11. مظفر چانڊيو، ”ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان“، (مهاڳ)، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 1992ع، ص44، 45.
12. جالبي، جميل، ”کُليات ميراجي“، سنگِ ميل پبلي کيشنز، لاهور، 1996ع ص610.
13. احمد عزيز، شفيق، ”ادب، لوڪ گيت اور ڪهانيان“، نيشنل بڪ فائونڊيشن، اسلام آباد، 1999ع، ص31.
14. جالبي، جميل، ”کُليات ميراجي“، سنگِ ميل پبلي کيشنز، لاهور، 1996ع، ص893.
15. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ٽه ماهي ”مهراڻ“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 3، 4/ 1969ع، ص131.
16. امراڻي، ڀارو، ”گيت سانوڻ من ڀاوڻ جا“، نينهن پبليڪيشن، مٺي، ٿرپارڪر، 2004ع، ص7.
17. شيخ اياز، ”وِڄون وسڻ آئيون“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، 1989ع، ص174.
18. پليجو، رسول بخش، ”اياز جا گيت“، ماهوار روح رهاڻ، حيدرآباد، سيپٽمبر 1966ع، ص 16.
19. سميجو، اسحاق، ”ناو هلي آ گيت کڻي“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2009ع، ص24.
20. شيخ اياز، ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿَڪُ مسافر، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، 1995ع، ص204.
21. ڄامڙو، ڪمال، ڊاڪٽر، ”سنڌوءَ جا گيت“،ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2008ع، ص64.
22. پليجو، رسول بخش، ”اياز جا گيت“، ماهوار روح رهاڻ، حيدرآباد، سيپٽمبر 1966ع، ص 15.
23. جويو، تاج، ”مان ورڻو هان، مان ورڻو هان“، مارئي اڪيڊمي، حيدرآباد، 2000ع، ص81.
24. آغا سليم، صدين جي صدا، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 2005، ص7.
25. ڄامڙو، ڪمال، ڊاڪٽر، ”سنڌو جا گيت“، ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2008ع، ص277.
26. سميجو، اسحاق، ”ناو هلي آ گيت کڻي“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2009ع، ص36، 37
27. حوالو ساڳيو، ص31.
28. جويو، تاج، ”سنڌي گيت“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو، 1980ع، ص53.
29. شيخ اياز، ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، 1995ع، ص204.
30. شيخ، اياز، ”نثر ــ 2“، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2010ع، ص695.
31. شيخ اياز، ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، 1995ع، ص94، 95.
32. آغا، سليم، ”صدين جي صدا “، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 2005، ص7.
33. شيخ، اياز، ”شاعري ــ 6،“ ثقافت کاتو، حڪومتِ سنڌ، 2010ع، ص809.
34. ٻوهيو، الهداد، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1978ع، ص127.
35. عباسي ظفر، ”سنڌيءَ ۾ شاعريءَ جون صنفون ۽ صنعتون“، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد، 2007ع، ص168.