شيخ اياز جي سنــگيت ناٽڪن جو اڀياس : عادل عباسي
سنگيت ناٽڪ نثر ۽ نظم کي ملائيندڙ يا اظهار جي ٻنهي اهم ۽ اثرائتي ذريعن کي ساڻ کڻي هلندڙ پهرين صنف سخن آهي. پوءِ وري زماني ۾ آزاد نظم، نثري يا نظاماڻي نثر جون هَيتون سامهون آيون. سنگت ناٽڪ يا منظوم ڊرامي جي ابتدا يونان ۽ هندستان کان ملي ٿي. ٻيو ته انهن ٻنهي تهذيبن جي مذهبي توڙي سماجي قدرن ۽ روايتن ۾ راڳ سنگيت کي تمام گهڻي اهميت رهي آهي. هندستان جي آڳاٽن سنگيت ناٽڪن جا اڪثر موضوع روايتي ۽ اڪثر ڪردار ڌرمي رهيا آهن. مهاڀارت ۾ رامائڻ جا ڪردار ۽ ڪهاڻيون توڙي ڌرمي سورما ۽ سورميون انهن تي ڇانئيا رهيا آهن. جهڙوڪ: راس ليلا، رام ليلا ۽ شڪنتلا وغيره. هندستان جي پوءِ وارن سنگيت ناٽڪن ۾ تمام گهڻي رنگيني، نواڻ، جدت ۽ موضوع جي ورائٽي آئي ۽ انهن جي ڪردارن به روايت کان جديديت ڏانهن سفر ڪيو. هندستان ۾ ان جدت ۽ جديديت جو موڙ جديد هندي ڊرامي جي ناني ڀارتيندو تي آهي. جڏهن ته يورپ ۾ اوپيرا يا منظوم ڊرامي ۾ نواڻ ۽ ندرت، دلڪشي ۽ اثر انگيزي، فڪري بلندي ۽ خيال جي گهرائي شيڪسپيئر آندي ۽ ان ئي اوپيرا کي ڪمال تي پهچايو، شروع ۾ ته شيڪسپيئر جي ڊرامن تي به ڇتي ٽيڪا ٽپڻي ٿيندي رهي، پر پوءِ نيٺ نه رڳو يورپ پر دنيا کي به مڃڻو پيو ته سندس ڪو به مٽ ناهي.
سنڌي ادب جي روايتي توڙي ڪلاسيڪل دور ۾ ته باقاعده ڪو سنگيت ناٽڪ ڪو نه ٿو ملي پر ان جا پاڇا، عڪس ۽ اولڙا، راڳ ويراڳ، ڪوتا ساگر توڙي ناچ ۽ نرت ۾ ڪافي حد تائين نظر اچن ٿا ۽ گوين ڳائڻن توڙي ناٽڪين واتان محفلن، ميلن توڙي ٻين موقعن تي قصن ڪهاڻين ۽ واقعن کي ڳائي وڄائي پيش ڪرڻ جو رواج ملي ٿو. جيڪي مڪمل طور منظوم ته ناهن، پر چئي سگهجي ٿو ته ڪلاسيڪل دور ۾ انهن سنگيت ناٽڪن جي تعمير ٿي رهي هئي. اهڙن سنگيت داستانن يا راڳ جي صورت ۾ قصاگويائيءَ جو تڏهن عام جام رواج هو. راڳ جي صورت ۾ اهڙن قصن کڻندڙن کي ڀڳت چيو ويندو هو. سنڌ جي ڀڳتن ۾ ڀڳت ڪنور رام، موهن ڀڳت ۽ ٻيا کوڙ نالا آهن. اهو رواج هورڙيان هورڙيان متروڪ ٿيندو ويو، هاڻي سنڌ جي ٿر ۾ هندستان جي راجسٿان واري علائقي ۾ ڪٿي ڪٿي اهڙن ڀڳتن جو رواج اڄ به آهي. انهن قصن يا داستانن جا موضوع به لڳ ڀڳ يوناني اوپيراز جهڙا ئي هئا يعني سورمن ۽ سورمين جا قصا، جنگي داستان، مذهبي واقعا ۽ تاريخي ڪردار.
سنڌي ادب ۾ اوپيرا يا منظوم ڊرامي جي ٻي ويجهي ۾ ويجهي صنف، لوڪ ادب جي هڪ معروف صنف ”مناظرا“ آهي. جنهن ۾ واقعاتي، تاريخي، سماجي يا فرضي ڪردار جوڙي، انهن جي وچ ۾ مڪالمابازي ڪئي ويندي آهي. اهي ڪردار هڪ ٻئي سان چٽا ڀيٽي ڪندا آهن ۽ هڪ ٻئي کي رد ڏيندا آهن ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته اها سموري مڪالمابازي منظوم هوندي آهي. سائين رشيد ڀٽي شيخ اياز جي منظوم ڊرامي ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“ جي مهاڳ ۾ اهڙي ئي هڪ ٻئي صنف ”سانگ“ جو به ذڪر ڪيو آهي، پر مان سمجهان ٿو ته اها مناظري جيتري عام ۽ مقبول ناهي. تنهن ڪري سنگيت ناٽڪ جي مناظري سان گهڻي ويجهڙائي آهي.
سنڌي ادب ۾ پهريون سنگيت ناٽڪ مرزا قليچ بيگ، ”ليليٰ مجنون“ جي نالي سان 1880ع ۾ لکيو، جيڪو اسٽيج پڻ ڪيو ويو. ان کانپوءِ هڪ مڪمل منظوم سنڌي ڊرامو اٽڪل سو سالن جي وٿي کانپوءِ 1966ع ۾ اَرجن شاد ”ڏاهيون ڏک ڏسن“ جي نالي سان لکيو جيڪو ان سال ئي مشهور شاعر ۽ ناٽڪ نويس گورڌن ڀارتي بمبئي ۾ اسٽيج ڪيو. ان بعد شيخ اياز ئي اسان کي سنڌي سنگيت ناٽڪ ڏنا، جن کي ادبي حلقن ۾ تمام گهڻي مڃتا ملي. جنهن مان هڪ ڊرامي ”دودي سومري جو موت“ کي سنڌي ادبي سنگت ڪراچي پاران فنانس ۽ ٽريڊ سينٽر ۾ اسٽيج ڪيو ويو.
شيخ اياز ڪل ٽي سنگيت ناٽڪ لکيا آهن. جن مان ٻه ”دودي سومري جو موت“ ۽ ”رني ڪوٽ جا ڌاڙيل“ سندس ٽين شعري مجموعي ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ ۾ 1970ع ۾ ڇپيا، جڏهن ته ٽيون ناٽڪ ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“ ڌار ڪتابي صورت ۾ 1986ع ۾ ڇپيو.
ابتدائي سوال اهو آهي ته شيخ اياز کي منظوم ڊراما لکڻ جي ضرورت ڇو محسوس ٿي يا انهن جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ ان سوال جا ڪيترائي جواب ٿي سگهن ٿا. سنڌي ادب ۾ منظوم ڊرامن جي ڪميءَ کي پوري ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي شاعري ۾ هڪ نئين صنف جي اضافي لاءِ، پنهنجي نئين ۽ نرالي شاعراڻي اسلوب جي تسڪين لاءِ يا حالتن جي جبر کي محسوس ڪندي، نظماڻي احساس جي شدت جي اظهار لاءِ يا اڃا ڪو ٻيو جواب. درست جواب ڳولهڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
اياز مٿيان ٽئين منظوم ڊراما 1960ع کان 1970ع واري ڏهاڪو سالن جي عرصي ۾ لکيا آهن. هي ۽ هن کان ٿورو اڳ وارو دور سنڌ جي تاريخ جو انتهائي ڪارو ۽ ڪٺور دور شمار ڪيو وڃي ٿو. تازو ئي پاڪستان ٺهڻ ڪري انگريزن جي ورثي ۾ ڇڏيل غلامي جي باقيات، پاڪستان جو هڪ سيڪيولر رياست بدران مذهبي تنگ نظري واري رياست طور ٿي اڀرڻ (جنهن منجهان اڄ واري طالبنائيزيشن، مذهبي فرقيواريت ۽ خودڪش حملن واري ويڙهه پيدا ٿئي ٿي.)، ون يونٽ جو ٺهڻ، هڪ عبوري سول مارشالا سيمت ٻه وڏيون مارشالائون، ٻولي جي بنياد تي هڪ ئي گهر ۾ وڇوٽيون پيدا ٿيڻ وغيره، ته اهي هئا ان دور جا زندگيءَ جي هر شعبي ۾ سڀ کان وڌيڪ اثر انداز ٿيندڙ سماجي ۽ سياسي حالات، جن کان ظاهر آهي ته سنڌي ادب ۽ خاص ڪري شيخ اياز جهڙو ڏاهو ڪوي ڪيئن پئي ڪٽجي سگهيو! اياز جي منظوم ڊرامن جا ڪردار ۽ موضوع ڀل ته هڪ ٻئي کان ڌار ڌار ۽ مختلف هجن، پر انهن ڪردارن وٽ سماجي ۽ سياسي احساسِ محرومي لڳ ڀڳ ساڳئي آهي. انهن ڪردارن جي محاڪات، چرپر ۽ ذهني وابستگيءَ کي پنهنجي ڌرتي امڙ ۽ پنهنجن ڏکويل ڌرتي ڄاين جي جذباتي، احساساتي ۽ هيجاني ڪيفيت کان ڪڏهن به ڪٽي نه ٿو سگهجي.
اياز جا ٻه ڊراما ”دودي سومري جو موت“ ۽ ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“ ٻن تاريخي رزميه ڪردارن تي ٻڌل آهن، جڏهن ته ”رني ڪوٽ جا ڌاڙيل“ شيڪسپيئر وانگر سندس نج پج پنهنجا ڪردار آهن، جن کي تاريخي ماحول ڏنو ويو آهي، پر ٽنهي وٽ مُزاحمتي عُنصر ساڳيو آهي. اياز مٿين ڪردارن کي منظوم ڪندي پنهنجي فڪري ۽ فني، توڙي تخليقي ذوق جي نمائندگي ڪئي آهي. هن انهن ڪردارن جي ڪا سوانِح نه لکي آهي، پر ان دور واري حالتن جي جبر کيس مجبور ڪيو ته هو انهن جي احساسن کي پير ڏئي مقصد ۽ آدرشن جي پيچري تي پنڌ ڪرائي ۽ فليسفياڻي انداز ۾ موت ۽ زندگيءَ جي اهميت، ارپنا ۽ بقا، وفاداري ۽ غداري، مقصد سان پيار ۽ انڪار جي وچ ۾ هڪ ديوارِ چين تعمير ڪري، ڇو ته ادب جو زمان ۽ مڪان، سماج ۽ سماجي اُٿل پُٿل سان هڪ گهرو ۽ پائيدار تعلق هجڻ ضروري آهي. يا ته بس رزميه ۽ لوڪ ڪردار کڻي ماضيءَ جي قصا آرائي ڪيون، حال جو روئڻو پٽيون ۽ مستقبل جا ديواني وارا خواب ڏسون، خود شاهه سائين ان کي رد ڪندي، پنهنجي لوڪ ڪردارن کي زمان ۽ مڪان کان به گهڻو اڳتي وٺي ويو آهي ۽ هن لوڪ ڪردارن کي پنهنجي سوانحي ۽ واقعاتي فريم ۾ بند ناهي ڪيو، پر پنهنجي ئي اندر جي ڳالهه انهن جي واتان ڪرائي آهي.
جڏهن اسان همعصر اردو ڪلاسيڪل شاعريءَ تي غور ڪريون ٿا ته ان وٽ ڪي به اهڙا لوڪ داستان ۽ لوڪ ڪردار نٿا ملن، جن کي کڻي حسين روايت سان گڏ تخليقي جديديت جو سنگم جوڙجي. سنڌي شاعري جديد دور ۾ همعصر اردو شاعريءَ کاڻ ٻن اهم سببن جي ڪري مختلف، مُمتاز ۽ بلند آهي. هڪ ته ان کي پنهنجي زمين، پنهنجو ماحول، پنهنجي تهذيب، پنهنجا ماڳ مڪان ۽ پنهنجون حسين لوڪ روايتون آهن. يعني ان جون پاڙون پنهنجي سرزمين تي کتل آهن ۽ ٻيو ته سنڌي شاعريءَ ۾ هيتي تجربا گهڻا ٿيا آهن.
اردو شاعري خاص ڪري غزل سِواءِ، لهجي، اسُلوب، لفظي ۽ فڪري اظهار جي مٽا سٽا کان اڄ به ساڳيو ئي روايتي آهي، جڏهن ته سنڌي شاعريءَ ۾ جيترا هيتي تجربا ۽ جيترا حسين ۽ ڀرپور قافيا ۽ رديف استعمال ٿيا آهن، اوترا شايد اردو ۾ هجن.
اياز هڪ ڀيري فيض کان پڇيو. فيض! تنهنجي هن وقت تائين آيل چئني ڪتابن ’نقشِ فرياد، دستِ صبا، زندان نامه ۽ دستِ تَههِ سَنگ‘ ۾ ڪو اهڙو هڪ به قافيو آهي، جيڪو توکان اڳ ڪنهن به استعمال نه ڪيو هجي؟ ته فيض لاجواب ٿي ويو. اياز وٽ اهڙين قافين جي هڪ پوري وساورني ۽ هڪ پوري گيليڪسي آهي. هو سوين نون قانين جو مُوجد آهي.
منظوم ڊرامن جي حوالي سان شيڪسپيئر فڪر ۽ مقصديت تي گهڻو زور ڏنو آهي، پر وٽس شاعراڻو رچاءُ ۽ ڪويتاڻو آرٽ گهٽ آهي. هاڻ ته اهو به بحث آهي ته شيڪسپيئر جي ڊرامن کي شاعري چئجي به يا نه !؟ يورپ جي پوءِ وارن ڊرامن ۾ ان جي پيروي ملي ٿي پوءِ اهو گوئٽي هجي يا بريخت. جڏهن ته اياز وٽ ان جي ابتڙ هڪ ڀرپور جمالياتي حس ۽ شاعراڻو ذوق آهي. وٽس مقصد ۽ معنويت کان وڌيڪ شاعراڻي آرٽ ۽ ڪرافٽ تي زور ڏنو ويو آهي. مان ٻنهي جي ڀيٽ نه ٿو ڪريان، پر انهن جي تخليقي پاسن کي محسوس ڪرڻ چاهيان ٿو، تنهن ڪري شيڪسپيئر ڄڻ هڪ شاعر گهٽ ۽ فلسفي وڌيڪ آهي ۽ اياز هڪ فلسفي گهٽ، پر شاعر وڌيڪ ٿو لڳي.
[b]1. دودي سومري جو موت
[/b]هي سنگيت ناٽڪ جنهن ۾ ڪل ٽي ايڪٽ ۽ ٻئي ۽ ٽئين ايڪٽ ۾ ٻه ٻه پردا يا سينون آهن. هي ناٽڪ سنڌ جي جنگي داستان دودو – چنيسر جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. جيئن ته هي داستان تمام وڏو آهي، تنهن ڪري سڄي داستان کي ناٽڪ ۾ آڻڻ بدران اياز فقط علاوالدين سان جنگ ۽ دودي سومري جي شهادت واري منظر کي نظمايو آهي. ناٽڪ ۾ دودي، چنيسر، ٻاگهي، ڇولي ۽ علاو الدين جي سپِهه سالار، سالار خان جا ڪردار آهن، پر سالار خان جو سڄي ناٽڪ ۾ ڪو به مڪالمو ڪونهي.
دودي جو ڪردار سنڌ جي تاريخ جو اهو امر ديش ڀڳت ڪردار آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي مٽيءَ جي ذري ذري ۾ ڀڻڪي رهيو آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ جتي به دنگ ننگ جي لڄ ۽ نامُوس تان ڪا زبان جان وارڻ جو وچن ڪندي، ته اتي هر زبان جي تارونءُ ۾ دودو اچاربو. اياز جو هي ناٽڪ تاريخي گهٽ ۽ علامتي وڌيڪ آهي، جيڪو هر دور جي دودي جي شهادت ۽ چنيسر جي غداريءَ جي تاريخ ٻڌائي ٿو. جيئن شاهه سائين وٽ هر بيت ۾ سسئي، سهڻي، ماروي توڙي مومل هروڀرو اها ناهي، جيڪا لوڪ داستان ۾ آهي، پر هن ڪردار جو فائدو وٺندي پنهنجي اندر کي اظهاريو آهي. هن ناٽڪ ۾ اياز واقعات نگاري بدران احساساتي ڪردار نگاري ڪئي آهي ۽ اهو ئي سندس ڪمال آهي، جو سندس شعرن وارا مڪالما پڙهندي، جذبا ائين ته ڀڙڪي اٿن ٿا جيئن پلال کي باهه لڳندي آهي. مان پوري ذميواريءَ سان چوان ٿو، دودي چنيسر جو اصل داستان پڙهندي به ايتري جذبات ۽ اهڙي هيجاني ڪيفيت نه ٿي رهي، جيتري هي ناٽڪ پڙهندي رهي ٿي.
هي سنگيت ناٽڪ لکندي اياز جي باڪمال شاعراڻي حِس هميشه بيدار رهي آهي ۽ هو شاعراڻي کٿوري جي دٻلي کوليندي تشبيهن جي بي حساب واس سان واسي ويو آهي. سندس منظوم مڪالما هڪ خوبصورت غزل جهڙا آهن. جيڪڏهن ڪردارن کي ڪٽي ڇڏجي ته ڄڻ ڀرپور غزل ۽ نظم جو چَسُ ۽ چاءُ رکن ٿا. حالانڪه سنگيت ناٽڪ لکڻ لاءِ هڪ ئي وقت شاعراڻي رچاءَ، ڪردار جي مڪالمي جو تُز خلاصو، ماحول جي عڪس بندي، ٻئي ڪردار سان تخاطب ۽ پنهنجي مقصد جي ڳالهه ڪري سگهڻ جا ڪيترائي پيچيده معامرا ڪار فرما رهن ٿا، پر اياز جو لازوال اظهار انهن سڀني پاسن کي هڪ شفيق ماءُ وانگر پنهنجي ڇاتي ڏانهن سميٽي ٿو ۽ انهن سڀني رخن تي سندس عظيم ڇاپ آهي:
هر ماڻهو هڪ باجو آهي،
جنهن جي سُرَ ۾ موت ڀريل آ.
پاڻيءَ تان جو سانءِ اڏاڻي،
ڄڻ ڪا جر تان جهانءِ اڏاڻي.
ڇن ڇن ڪن تارن جا سڪا،
ٿا موت مُهاڙن ۾ گڏجن،
اونداهن لاڙن ۾ گڏجن۔
هن ناٽڪ ۾ تخليقي جماليات سان گڏ هڪ فڪر، هڪ فلسفو ملي ٿو، جيڪو زندگي ۽ موت بابت پنهنجا منطق ڏئي ٿو، هڪ ڪردار پنهنجي زندگي سان پيار ڪندي هر حالت ۾ جيئڻ چاهي ٿو، پوءِ ڀلي اها زندگي ذلت ۽ بي لڄائي واري ڇو نه هجي، ته اهو آهي چنيسر:
جيڪو آهي سو هي پل آ،
موت اٽل آ، موت اٽل آ.
ڀل ته هجي پو لولو لڱو،
مئي وليءَ کان ڪتو چڱو.
ٻيو ڪردار به جيئڻ ته چاهي ٿو، پر عزت، عظمت، وفاداري ۽ وقار سان، پر جي اهي شيون کسي کيس موت ٿو ملي ته به خبر آهي. جيئڻو به مرتبي سان آهي ته مرڻو به مان سان آهي. ذلت ۽ بي غيرتي جي حياتي کيس قبول ناهي ته اهو آهي دودو:
ٻاگهي ! جي اڄ جان ڏيان مان،
هن ڌرتيءَ تي گهور ٿيان مان،
سچ چوين ٿي ساهه ته ويندو،
ماڻهوءَ جو ويساهه نه ويندو.
ڇولي هڪ نج ٻهراڙيءَ جي ڪنڀارڻ آهي، جنهن کي ’موٽڙي‘ جي چولي پاتل آهي ۽ کيس پاتل گَجُ سنڌي عورت جي هٿ آڱريون جو اهڙو هنر آهي جيڪو ڦيٿي جي ايجاد جيترو ئي عظيم آهي. اها عام عورت هوندي به پنهنجي عصمت ۽ مريادا توڙي وني ۽ ڌرتيءَ جي لڄ جو لحاظ آهي. اها دل جي هٿان مجبور ٿي چنيسر جو ته هر چاڳ قبول ڪري ٿي، پر هڪ ڌاري هٿ جي ڇهاءَ کي ڪوڙهه جي مرض کان وڌيڪ ڇوت سمجهي ٿي، جيڪا چنيسر جي ڪانئرتا، بزدلي ۽ بيغيرتيءَ جي ڪري کانئس بغاوت ڪري دودي جي پيرن جي پڻي بڻجڻ ۾ پنهنجي عظمت ۽ اقبال سمجهي ٿي:
ڪهڙي جادوءَ ۾ جڙجي مون،
ڪهڙي ڪانئر سان اڙجي مون،
پنهنجي عمر گنوائي آهي،
اڄ جو منهن تي ڇائي آهي.
۽ ها! ٻاگهي وري هن سموري ناٽڪ جو اهو لازوال ۽ مثالي ڪردار آهي، جيڪو سنڌي عورت جي روايتي مان،لڄ، همت،بهادري ۽ سُچيتائي جو ڀنڊار آهي، پر اياز ڄڻ هن ڪردار کي غير روايتي ۽ غير معمولي بڻائي ڇڏيو آهي. ٻاگهيءَ جي سيني ۾ لڄ ۽ لوئي، همت ۽ دليريءَ سان سرشار اها دل ڌڙڪي رهي آهي. جيڪا سنڌ جي هر عورت جي سيني ۾ هجي ٿي ۽ اهو تسلسل مائي جَتو کان وٺي جِندو تائين هجي يا بختاور کان وٺي بينظير تائين. اياز هت ٻاگهيءَ جي ڪردار ۾ هڪ عظيم سنڌي عورت جي ڏاهپ، دانشمندي. عظمت ۽ غيرت کي آشڪار ڪيو آهي. جڏهن دودو ڪو فيصلو نٿو ڪري سگهي ۽ ٻُڏَتَر ۾ آهي ته هڪ طرف ڀيڻ جي لڄ آهي ۽ ٻئي پاسي موت، اتي ٻاگهي، بي بي زينب جهڙي ئي جرئت ۽ بي ڊپائي ڏيکاريندي دودي کي طاقتور ۽ تاريخي خطاب ڪندي چوي ٿي، ته مسئلو منهنجي سڱ جو ناهي، پر مسئلو آهي ننگ ۽ نامُوس جو، تنهن ڪري تو کي مڙس ٿي مُهاڏو اٽڪائڻو پوندو:
تنهنجا پٽ، نه ته تنهنجا پوٽا،
رهندا توسان پور وڇوٽا،
تن جي لاءِ مثال ڇڏي وڃ.
۽ جي چاهين، خال ڇڏي وڃ!
مون لئه تون جيڪو به قبولين،
خلجي، ڪتو، جو به قبولين۔
هن ناٽڪ جو وڏو ڪمال اهو آهي ته اظهار جي تخليقي اڻت ۽ آرٽ جي باريڪين ئي تحت ئي ڪردار هڪ ٻئي سان مخاطب ٿين ٿا ۽ انهن جي اندر ۾ رڳو جذبن ۽ احساسن جو آبشار نٿو وهي، پر انهن مڪالمن ۾ فن جي سنگتراشي جا نادر نمونا به آهن:
ڪوڙ انهيءَ تي ٽهڪ ڏئي ٿو،
تنهن چادر کي چهڪ ڏئي ٿو.
جا هن منهن تي اوڙهي آهي.
ڪوڙ پراڻو ڪوڙهي آهي.
هڪ هنڌ چنيسردودي کي چوي ٿو:
آسام اوهان لئه ابڙن جي
جيئن ڇانو ٿئي ٿي کبڙن جي.
موت ايئن آهن جي من ۾،
چچڙ جيئن ڪتي جي ڪن ۾،
ناٽڪ ۾ وزن جو تجربو گهٽ ملي، جنهن جي ڪري سڄي ناٽڪ جو ساڳيو عام سهل وزن يعني فعلن فعلن استعمال ڪيو ويو آهي، پر ڪٿي ڪٿي اهو برقرار رهي نه سگهيو آهي ۽ متفاعلتن ۾ بدلجي ويو آهي. خاص ڪري ايڪٽ ٻئي جي پردي ٻئي جو سڄو وزن. هونئن ته چڱو ڀلو ۽ سڄاڻ شاعر به انهن ٻنهي وزنن ۾ تفريق ناهي ڪري سگهندو ۽ انهن جي لهجي کي ناهي پڪڙي سگهندو، پر گهٽ ۾ گهٽ اياز بابت اها راءِ قائم ڪرڻ لاءِ سوچڻو پوندو.
ناٽڪ جو آخري منظر انتهائي جذباتي ۽ دل آويز منظر آهي، ڄڻ ته شامِ غريبان جو ڏيک هجي. جڏهن دودو آخري ڀيرو پنهنجي سپاهين کي ڀاشڻ ڏي ٿو. ڇا ته ٻولي آ، ڇا ته جذبو آ، ڇا ته سرويچي آ ۽ ڇا ته عزم آ:
هن ڌرتيءَ تان تن ڌڱن جا،
تن لوهي جهڙن لڱن جا،
سي جُنگ اوهان ۾ جرڪن ٿا،
ٿي مولهيا مولهيا مُرڪن ٿا،
اي سنڌ سپوتو، سرويچو!
ڀل ويريءَ سان اڄ بَرميچو!
سڀ پنهنجي پنهنجي سينڱ سڃن،
ايئن ڪڙڪڙ ڪڙڪڙ ڪان وڃن،
جيئن سخت ڳڙن جو مينهن اچي،
۽ ڪانهُن هوا ۾ ڪو نه بچي،
جنهن وقت ڪڏي ڪيڪان وڃن،
ٿي مٽيءَ جا طوفان وڃن،
جيئن هڻڪارن کان هانوَ هِڄن،
ڇَهَه ويريءَ جا بر وقت ڇڄن،
اڄ ماري ڏاري ورڻو آ،
يا وڙهندي وڙهندي مرڻو آ،
[b]2. رني ڪوٽ جا ڌاڙيل
[/b] هي مڪمل طور علامتي ناٽڪ آهي، جنهن جا سڀ ڪردار فرضي آهن ۽ اياز جي پنهنجي تخليق آهن، پر اهي سمورا چر پر ڪندڙ اسان جي زندگيءَ جو حصو آهن. اهي سڀ سماجي ڪردار آهن، جن کي اسان پنهنجي زندگيءَ جي سڀني ڏسائن ۾ ڏسي سگهون ٿا. اها وينگس ۽ ولهار توڻي آڍو، ڪاڍو ۽ ڏاڍو، سڀ اسان جي سماجي ۽ احساساتي زندگيءَ جو حصو آهن. احساساتي ايئن ته هڪڙا مثُبت آهن ٻيا منفي. هڪڙا هاڪاري آهن ته ٻيا ناڪاري، هڪڙا محبت، امن، آشتي، ٻڌي ۽ خوشحاليءَ جي علامت آهن ته ٻيا نفرت، ويڙهه، سماجي بڇڙائين، نفاق ۽ تنزليءَ جي علامت آهن. هونئن به هڪ عظيم ۽ عوامي شاعر ۾ اها سگهاري ۽ سماج جي ذهنن تي ڇائنجي وڃڻ واري شڪتي هوندي آهي، ته جيڪي قرضي ڪردار ۽ علامتي ڪردار جوڙيندو آهي، اهي عوامي بڻجي ويندا آهن ۽ تخليقي ادب جا امر ڪردار بڻجي ويندا آهن. جيئن شيڪسپيئر جا روميو ۽ جوليٽ، اوٿيلو وغيره، سندس پنهنجي خدائي جا خلقيل ڪردار آهن، پر پوءِ اهي سموري انگريزيءَ ۽ يورپي ڪلاسيڪل ادب جا لوڪ ڪردار بڻجي ويا، پر اها ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه ضرور آهي ته اياز جا پنهنجا خلقيل ڪردار، عوامي ۽ ادبي علامت نه بڻجي سگهيا. ان جو سبب شايد اهو هجي ته اسان پنهنجي ذميواري کان منهن ڦيريندي انهن کي اسٽيج ڪرڻ جي فرض کان غافل ۽ بي اونا ٿي چڪا آهيون.
اياز جا هي ڪردار ڀلي عوامي نه ليکجن، پر اهي پنهنجي ادبي ۽ شاعراڻي تخليقي جوهر ۾ تمام وڏا ۽ طاقتور آهن، جن وٽ پنهنجو لهجو، پنهنجو پيار، پنهنجا منظر ۽ پنهنجو هڳاءُ آهي. جيڪي اياز جي شاعراڻي سگهه جو اعليٰ فن پارو آهن. هنن ڪردارن جي مڪالمن ۾ اياز جي تخليقي حِسَ تمام تيز فهم ۽ سندس اندر جي جمالياتي اک بيدار آهي، جيڪا ڪردار جي هر حرڪت ۽ ذري پرزي کي تپاسي رهي آهي:
پل پوپٽ آ، پل جگنو آ،
پل پل کي پنهنجي خوشبو آ،
آ ماڻهوءَ جومن ڪنڍيءَ ۾،
ڪو ڪنڊو آهي منڍيءَ ۾،
جو هلڪي پيڙا آڻي ٿو.
جا پيڙا ماڻهو ماڻي ٿو.
۽ مٽيءَ جو پيار ٽڙي ٿو،
هي سارو سنسار ٽڙي ٿو.
ٻِجَ منجهان جا ٻوٽا چاهي،
سا مٽيءَ جي پريت ته آهي.
هي هڪ انقلابي ناٽڪ آهي، جيڪو ڪنهن عظيم سماجي تبديليءَ ڏانهن اشارو ڪندي، ان تبديليءَ جو محرڪ بڻجي سگهي ٿو. هي رڳو ناٽڪ نه پر هڪ سجاڳي آهي، هڪ شعور آهي ۽ هڪ سماجي تبديليءَ جي پيشين گوئي آهي. هي هر روپ ۾ موجود ظلم، بربريت ۽ ناانصافي خلاف للڪار به آهي، ته بغاوت به. هي ناٽڪ تبديلي واري پڪي اميد جو اهو ڏيئو آهي، جيڪو هر ڪاري رات ۾ اوس ٻرڻو آهي ۽ هر ڪنڊ پاسي پنهنجي روشني جو نشان ڇڏيندو. سڀ ڪردار ديسي آهي جنهن ۾ دنگ يعني ڌرتي جي حفاظت لاءِ هر مصيبت سان منهن مقابل ٿيندڙ ولهار به آهي ته، جان جو نذرانو ڏيندڙ ۽ شهادت ماڻيندڙ وينگس به آهي، جيڪا هر دور جي بختاور به ٿي سگهي ٿي ته سيتا به. وري آڍي، ڪاڍي ۽ ڏاڍي جي روپ ۾ هر دور جا ارغون، ترخان، نادر شاهه ۽ ضياءَ آهن. ولهار پنهنجي شهيد ٿيل ونيءَ سان وچن ڪندي چوي ٿو:
مان تنهنجي ارتي کهنبي مان،
هي ڳاڙهو جهنڊو ٺاهيان ٿو.
اڄ هن پرچم جي پاڇي ۾،
مان ڪوٽ اندر يا ڪاڇي ۾
للڪار ڪندس هر ويريءَ تي
۽ وار ڪندس هر ويريءَ تي.
جيئنءَ ٽِڪَ ٻڌي ڏي واگهه ٽپو،
۽ هانءُ ڪڍي هاڙهيالي جو.
سندس علامتي ڪردار ولهار پنهنجي ڳوٺائڻ (ديس واسين) کي مخاطب ٿيندي جيڪو ڪجهه به چوي ٿو، سنڌ جو اڄوڪو اتهاس، اها ئي گونج، اهو ئي پڙلاءُ ٻڌڻ چاهي ٿو، پر افسوس جو اڄوڪا ليڊر ۽ اڳواڻ حقيقي هوندي به فرضي يا مئل آهن ۽ ولهار فرضي هوندي به سنڌ جو آواز آهي، سنڌ جو نعرو آهي. پوءِ ته اهو مطلب ٿيو ته اياز جو ڪردار اڄوڪين ساهه کڻندڙ پتلين مٿان ڄڻ ڪرندڙ وڄ جو ڪڙڪاٽ هجي:
اي معصومو! اي مظلومو!
گهنگهور گهٽا ٿي جهومو.
هر ڏونگر تي للڪار ڪيو
۽ اڀري ان تي وار ڪيو
انڌير نه ڪوئي رهڻو آهو،
۽ پير نه ڪوئي رهڻو آ.
اياز جو هي سنگيت ناٽڪ انتهائي مختصر آهي، جيڪو هڪ ئي سيٽ (One Act Play) تي مشتمل آهي ۽ آساني سان اسٽيج ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن هي هر هر اسٽيج ڪجي ته يقينن اسان جي سماجي شعور جي پل بڻجي اسان کي پرار پڄائي سگهي ٿو ۽ اسان جي اندر جو آواز بڻجي، سماجي اٿل پٿل جو محرڪ ٿي سگهي ٿو.
[b]3. ڀڳت سنگهه کي ڦاسي
[/b] هي منظوم ڊرامو جنهن ۾ ڪل ٻه ڏيک ۽ ٻنهي ۾ گڏيل طور 10 مڪالما آهن. گڏيل هندستان ۾ هلايل انگريزن جي نيڪالي ۽ هندستان ۾ سوشلسٽ نظام جي لاءِ انتهائي جوشيلي، بهادر ۽ سچي انقلابي ڀڳت سنگهه کي انقلابي سرگرمين جي ڪري ڦاسي چاڙهڻ واري پسمنظر ۾ لکيل آهي ۽ ڀڳت توڙي سندس ساٿين چندر شيڪر آزاد، ڪشوري لال، سکديو، ڊاڪٽر گياپرساد ۽ راج گرو جي ڪردارن تي آڌاريل آهي. جنهن ۾ سندن آدرشن، احساسن ۽ جذبن کي بيان ڪيو ويو آهي. وڏي ڳالهه ته هن ڊرامي ۾ ماڻهوءَ جي فطري ۽ جبلي محسوسات کي پڻ اظهاريو ويو آهي، جيئڻ گهٻرائڻ، موت جو خوف، روئڻ وغيره پر وري ڀڳت جي جوش، ولولي ۽ موت کي پنهنجي آدرشن اڳيان هيچ سمجهڻ واري حقيقت پسنديءَ کي به بيان ڪيو ويو آهي.
هن ڊرامي ۾ ڪٿي ڪٿي آزاد نظم وارو مسلسل پڻو به ملي ٿو، جنهن ۾ قافين کي هروڀرو مڙهيو نه ويو آهي. جڏهن ته هڪ گيت ساڳئي انداز ۾ ۽ ٻه غزل نما شعر به آهن، جن جو وزن مفعول مفاعيلن آهي. باقي سڄو ڊرامو متفاعلتن جي وزن ۾ آهي. شعرن جا اندروني قافيا ڏاڍا شاندار ۽ تز آهن. حالانڪه اوپيرا ۾ اها آزادي آهي، ته توهان وزن يا قافيي تي گهڻو ڌيان نه ڏيو، پر اياز جي شعرن ۾ اياز جو شاعراڻو ڪمال ۽ جمال ڇرڪائي وجهي ٿو. ڪنهن به فن پاري جي تخليقي ڪسوٽي اها آهي ته ان ۾ تخيل، فن ۽ اسلوب، اظهار جي هندوري ۾ جهولندا رهن ۽ ابلاغ جو ٻالڪ گهري ننڊ ۾ به مرڪندو رهي. اياز جي شعرن ۾ اهڙي ئي لوليءَ جهڙو ئي تاثير آهي. نه رڳو ايترو پر ڊرامي جي شعرن ۾ جوالا مکي جو ٻنڀ به آهي، ته دو ڌاري تلوار جهڙو قاتل وار به آهي:
جا ڪيچڙ ڪيڙا ڪيڙا آ،
سا ديس سڄي جي پيڙا،
ڪنهن سوچي آ، ڪنهن ڄاتي آ؟!
ڪنهن ان ۾ جهاتي پاتي!!
هي آهي ديس ڀوانيءَ جو.
ٿو تاتي خون جوانيءَ جو.
ڪو اهڙو لايو ٿي شنڪر!
جو خون سجايو ٿي شنڪر!
قومي غلاميءَ جي احساس محروميءَ جي ههڙي تشبيهاتي ۽ تخيلاتي منظر نگاري ڪو اهڙو شاعر ئي ڪري سگهي ٿو، جنهن وٽ لفظن ۽ خيالن کان ڪم وٺڻ جي قدرت هجي، جنهن وٽ اها خدائي شڪتي هجي، جنهن کي فقط ”ڪُنُ“ چوڻ جي ضرورت پوي ۽ اياز جي اهڙي شڪتي به روشنيءَ جي رفتار سان سڄي ڪائنات لتاڙي وڃي ٿي:
هي ديس نماڻي رڍ جيان،
ڄڻ آهي ساڻي رڍ جيان،
۽ ان جي چئني طرف بگهڙ،
جي چيرڻ ڦاڻڻ ۾ سڀ ڀڙ.
اصل ڪردار ڪيئن به هئا، پر اياز جي ڊرامي جو چندر شيڪر جنهن جي زبان ۾ ديس دروهي ۽ پرماري سامراج خلاف جيڪو زهر آهي، اهو جي ڪنهن ڦٽ کي لڳي پوي ته ماڻهو کرڙي به نه هڻي. جوش ۽ جلال ۾ چيل لفظ مرحب مٿان حيدري ڌڪ ٿي ڪڙڪيا آهن:
هي مڪتي آ، هي ڀڳتي آ،
هي بم گولا ڪا شڪتي آ،
جا ناهي ڪنهن ڀي جپ تپ ۾،
هي بم گولو منهنجي لپ ۾،
سو دشٽ اڏائي سگهندو آ،
سو راوڻ گهائي سگهندو آ.
هي ڊرامو ان وقت جي ٻه قومي نظريي کي پڻ ردي ڪندي، مذهبي انتها پسندي ۽ روحاني نرگسيت جي بد نما داغن کي تيزاب سان ڌوئي ٿو، ته جيئن فرقيواريت جو ڪو به چٽو نه رهي ۽ انساني اتحاد ۽ ڀائيچاري جو حسين چهرو ماڪ وانگر پاڪيزه، شفاف ۽ شگفته رهي:
۽ پنهنجا مسلم ڀائر پڻ،
ٿي ڏهڪائي ساڳي ڏائڻ،
هو پنهنجي لُوءِ نه لوچن ٿا،
ايران، عرب جو سوچن ٿا،
تن لاءِ سنوسي، سوڊاني،
ڪو ابدالي، ڪو افغاني،
ڪا جوٺي جنت ٺاهي ٿو،
پو هرڪو تنهن ڏي ڪاهي ٿو.
ڪٿي ڪٿي موت جو هلڪو خوف ۽ پڇتاءُ به ملي ٿو، جيڪو انساني احساسن ۽ جبلي بيهڪ ۾ سُڀاويڪ ۽ فطري آهي، ڇو ته جڏهن مسيح کي صليب تي چاڙهي ڪوڪا هنيا ٿي ويا ته هن جيتوڻيڪ پنهنجي عمل تي ڪو به پڇتاءُ نه ڪيو هو، پر پوءِ به تڪليف جي فطري / احساساتي طور رڙ ضرور ڪئي هئي. توڻي جو سکديو وٽ به اهڙو پڇتاءُ آهي، پر ان ۾ به هڪ سوال تيز ڌار واري خنجر وانگر اڀو ضرور بيٺو آهي:
مان هينئون هاري سوچان ٿو،
هي جيون واري سوچان ٿو،
مون ڇالئه جان گنوائي آ!
ڇا منهنجي ڀيٽ اجائي آ؟!
پر ڀڳت سنگهه وٽ اهو ئي جوش ۽ جلال، ولولو ۽ ووڪ آهي. هو تلوار جي وار کان ڊڄي ڀڄڻ بدران، تلوار جي ڌار کي زبان سان چمي چهڪ ڏيڻ لاءِ اتاولو ٿو ڏسجي. وٽس موت کان بي اونائي ۽ بي خوفي آهي:
ڪي ماڻهو آهن ڳاڻ ڳڻيا،
ٿو بخشي جن کي موت مڻيا،
تاريخ اندر هو ڌڙڪن ٿا،
ڪجهه وقت اُجهامي، ڀڙڪن ٿا.
مٿيون سٽون نه رڳو موت مٿان هڪ ڀرپور ٽوڪ آهن، پر شاعراڻي ڪرافٽنگ جو عظيم فن پارو آهن. تشبيهون، جذبا ۽ معنويت ملي اظهار جو حجرِ اسود بڻجي ويا آهن. سندس تخليقي الهام جا ڪجهه مثال هي به آهن:
هر پنڌ، مري جي موچ ڏٺي.
ٿو واڍيون ڪرمن ساڻ وٽي.
آڪاس ته ڪوئي وڻ آهي،
۽ ان جا پن ستارن جان.
هن ڊرامي ۾ اياز جي اظهار جي گاڏي جي رفتار ايتري ته تيز آهي جو رستي جي هلڪي ناهمواري، هيٺائين مٿائين، کڏا، ڀينڊ ۽ پٿر اڏائي رهي آهي، پر ڪٿي ڪٿي اهي گاڏي جي ڊرائيونگ کي متاثر ڪري، ڊرائيور کي وڌيڪ خبرداري ڏين ٿا. ڪٿي ڪٿي قافيا اٻاڻڪا به لڳن ٿا ۽ لئه، ترنم توڻي وزن متاثر به ٿئي ٿو. مثال طور ڏيک ٻئي جي ٽئين مڪالمي ۾ ڀڳت سنگهه جي واتان:
جي ڪوئي چاهي آزادي،
ڪا چوري ناهي آزادي،
جو ڳهندو هو، گِههَ ڳرنديءَ کي،
هي اڻ سرندي هَر سرنديءَ کي،
من تان ميساريندي آهي،
۽ اڀري ڏاريندي آهي،
اوچا ڪوٽ غلاميءَ وارا،
انساني آزادي پيارا،
سِرَ جي سَٽَ سوا ڪجهه ناهي،
ڇو جو ڪو به ڳِٽيءَ جيئنءَ ٺاهي،
جي توکي آزادي ڏيندو،
توکي حاصل ڪجهه به نه ٿيندو،
دير نه لڳندي اڙجي ويندين،
زنجيرن ۾ جڙجي ويندين.
هن سنگيت ناٽڪ ۾ جوش، جدوجهد، وَلولي، پڇتاءَ، مقصد سان پيار ۽ مرڪي مرڻ سان گڏ سڀ فطري انساني احساس ۽ ڪيفيتون سمايل آهن.
”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ جو مهاڳ لکندي محمد ابراهيم جويي، اياز بابت ڏاڍي وزنائتي ۽ تاريخي ڳالهه چئي آهي ته ”پاڪستان جي شايد 23 سالن (هاڻوڪن 64 سالن سميت) ۽ سنڌ جي سڄي تاريخ ۾، نجي فن ۽ ادب لاءِ، ڪنهن کان ايتري قرباني نه گهري وئي ۽ نه ئي ورتي وئي. گلائون، تهمتون، گاريون، دڙڪا، حملا، شهر نيڪاليون، نظربنديون، ڪال ڪوٺڙيون ۽ ڪيسن مٿان ڪيس.“
آخر ۾ مان اياز جي ٽنهي سنگيت ناٽڪن کي شعوري تبديليءَ جو طاقتور هٿيار ڄاڻائيندي، انهن ٽنهي کي ٽن وڏن فڪري پاسن ۾ رکندس. جنهن ڪري نه رڳو ٽنهي جي فڪر پر انهن جي نوعيت ۽ بيهڪ ۾ به ورائٽي موجود رهي ٿي. هڪ جي فڪري نوعيت سياسي آهي يعني ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“، ٻئي جي فڪري نوعيت تاريخي آهي يعني ”دودي سومري جو موت“ ۽ ٽئين جي فڪري نوعيت سماجي آهي يعني ”رني ڪوٽ جا ڌاڙيل“. اياز جا سنگيت ناٽڪ فني لحاظ کان، روايتي سنگيت ناٽڪ کان بنهه مختلف آهن. جيتوڻيڪ ٽئين ناٽڪ مثنوي واري انداز ۾ چيل آهن، يعني هر ٻه سٽون پاڻ ۾ هم قافيا آهن ۽ ٻن وزن فعلن فعلن ۽ متفاعلتن جا لهجا پاڻ الجهي پيا آهن. تنهن هوندي به هڪ ئي صنف جي بوريت ۽ ساڳي ئي وزن جي رُون رُون بدران نظم، گيت، وائيون ۽ غزل نما جو ذائقو به ملي ٿو. جيڪو اسان جي ذهني خوراڪ ۽ احساساتي بک ۾ آئرن، وٽامنس ۽ منرل جو طاقتور ٽانڪ ثابت ٿئي ٿو.