باب ٻيو : خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي شاعري
[/b]
فقير خوش خير محمد ھيسباڻي جيڪا شاعري ڪئي آھي اھا بيت ۽ ڪافي جي صنف تي مشتمل آھي ان ڪري پاڻ سڀ کان پھريان ڪافي جي وصف ۽ خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي ڪافي ۽ بعد ۾ بيت جي وصف ۽ خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي بيت تي ڳالهائينداسين.
[b]ڪافي[/b]
خوش خير محمد هيسباڻيءَ جون ڪافيون ۽ سندس ڪافين ۾ وصفون خوبيون ۽ فني سٽاءُ تي لکڻ کان اڳ ۾ ڪافيءَ جي باري ۾ ڪجھ لکڻ ضروري ٿو سمجهان. ڪافي جي باري ۾ مختلف اديبن عالمن جا مختلف رايا آھن.
“ڪافي لوڪ ادب جي اھم صنف آھي. هن جو اوائلي شاعر، حاجي جانڻ مشھور آھي. ڪافيءَ ۾ ڪوبه وڌاءُ يا مبالغو نه ھوندو آھي. ڇو جو مبالغو ۽ وڌاءُ غزل ۾ روا آهي. عربيءَ ۾ ڪف جي معنيٰ آهي، دف جي ڪاٺي، جنهن ۾ گنگهرو پيل هجن. ڪافيءَ جي باري ۾ شيخ اياز چئي ٿو ته، ڪافي پهريان شاھ حسين پنجابيءَ ۾ چئي بعد ۾ نانڪ يوسف ۽ خوش خير محمد سنڌي ۾ چئي.” (1)
“ڪافيءَ جي باري ۾“برھانپور ڪي سندهي اولياءَ ” جو مولف ڪافي کي سنڌ جو مقبول راڳ سڏي ٿو. منظور نقوي ڪافيءَ کي سنگيت جي هڪ ٺاٺ مان نڪتل راڳ ۽ خسرو جي ايجاد سڏي ٿو. غلام حسين سومرو جو خيال “دعاءِ ڪاف” ڏانھن ويو آھي.”(2)
اھو ھڪ ڊگھو بحث آھي بحر حال ڪافي تي اھل دل جا صاحب سوز ۽ ساز شوق سان ڳائي وڄائي ويا آھن.
ظفر عباسي پنهنجي ڪتاب “سنڌيءَ ۾ شاعريءَ جون صنفون ۽ صنعتون” ۾ لکي ٿو ته:
“ لطف علي شاھ ۽ منظور نقوي جي چوڻ مطابق، ڪافي سنڌ جي پيداوار نه آهي. ڪافي موسيقيءَ جي هڪ ٺاٺ مان نڪتل راڳ جو نالو آهي. ان ٺاٺ جو ست سئو ورهيه اڳ پنڊت سارنگ ديو، پنهنجي گرنٿ “رتنا ڪر” ۾ نالو “هرپيا ميل” ڄاڻايو آهي. امير خسروءَ به ھرپيا ميل ٺاٺ مان، ھڪ سمپورن راڳ ڪڍيو جنهن جو نالو رکيائين ڪافي، ڪافي نالو انڪري رکيائين جو هن ۾ سڀ سر سنوان سڌا ٿي لڳا. آروهي ۽ امروهيءَ ۾ ست ئي سر اچي ٿي ويا تنهن ڪري نالو رکيائين ڪافي، يعنيٰ مڪمل، پوري، بلڪل مڪمل ڪافي معنيٰ مڪمل سندس ڳائڻ جو وقت اڌ رات ۽ ڏينهن جو منجهند آھي.” (3)
ڪافيءَ جا ڪيترائي قسم آھن جن مان ڪجھ اھم ھي آھن، جھڙوڪ ھيڪوڻي ڪافي يا يڪي ڪافي، ڏيڍي ڪافي يا ڏيڍوڻي ڪافي، ٽيڻي ڪافي، چؤڻي ڪافي وغيره. خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جو ڪلام فني حوالن سان مالا مال آھي سندس ھيٺئين ڪافي مثال طور ڏجي ٿي.
نينهن پڙھائي نماز
عشق ٿي آيو امام اسان جو
حضرت عشق اسان جو دائم
ڏينهن قيامت تائين قائم
نوڙي ڪيو سي نياز
سجدو ٿي آيو سلام اسان جو
عشق جي بازي عاشق ڄاڻن
مام محبت سالڪ سڃاڻن
رند ڪي سمجھن راز
ڪلمو قرآن آھي ڪلام اسانجو
خير محمد بيان چوان مان
اعليٰ عشق جو شان چوان مان
عرش ۾ آھي آواز
جلدي پهچايو پيغام اسانجو.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 77)
خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي مٿئين ڪافي چؤڻين ڪافين مان آهي، ھيءَ ڪافي ڇند وديا تي لکيل آھي ھن ڪافي جي ٿلھ ۾
سارگُنُ = ٻه ڀيرا استعمال ٿيل آھي.
جگُنُ = ٻه ڀيرا استعمال ٿيل آھي.
يگُنُ = ھڪ ڀيرو استعمال ٿيل آھي.
مگُنُ شٽڪل = ٻه ڀيرا استعمال ٿيل آھي.
وچور : ٿلھ ۾ شٽڪل ٻه ڀيرا ۽ ٽي گن استعمال ٿيل آھن.
ڪافيءَ جو پھريون بند چئن سٽن تي مشتمل آھي.
ھگُنُ = ست ڀيرا استعمال ٿيل آھي.
سارگُنُ = ٻه ڀيرا استعمال ٿيل آھي.
يگُنُ = ٽي ڀيرا استعمال ٿيل آھي.
جگُنُ = ٻه ڀيرا استعمال ٿيل آھي.
مگُنُ شٽڪل = ھڪ ڀيرو استعمال ٿيل آھي.
اھڙيءَ ريت ھن بند ۾ ھڪ شٽڪل چار گُن ۽ ٽيھٺ ماترائون استعمال ٿيل آھن.
ڪافيءَ جي ٻي بند ۾ به چار سٽون آھن.
سارگُنُ = چار ڀيرا استعمال ٿيل آھي.
ڀگُنُ = چار ڀيرا استعمال ٿيل آھي.
يگُنُ = چار ڀيرا استعمال ٿيل آھي.
تگُنُ = ھڪ ڀيرو استعمال ٿيل آھي.
جگُنُ = ھڪ ڀيرو استعمال ٿيل آھي
مگُنُ شٽڪل = ٽي ڀيرا استعمال ٿيل آھي،
ڪافيءَ جي ھن بند ۾ پنج گُن ۽ ٻه ڀيرا شٽڪل آيل آھي، ھن بند ۾ ستر ماترائون استعمال ٿيل آھن.
ڪافيءَ جو ٽيون ۽ آخري بند به چئن سٽن تي مشتمل آھي.
سارگُنُ = ٽي ڀيرا استعمال ٿيل آھي.
جگُنُ ٻه ڀيرا استعمال ٿيل آھي.
يگُنُ = ٽي ڀيرا استعمال ٿيل آھي.
سگُنُ = ٽي ڀيرا استعمال ٿيل آھي.
تگُنُ = ٻه ڀيرا استعمال ٿيل آھي.
مگُنُ شٽڪل = ٻه ڀيرا استعمال ٿيل آھي، ھن بند ۾ پنج گُن ٻه شٽڪل ۽ ڇاھٺ ماترائو استعمال ٿيل آھن.
خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي مٿئين ڪافي ۾ اٺ ڀيرا شٽڪل پنج گن ۽ ٻه سئو ٻاويھ ماترائون آھن. ھيءَ ڪافي شاھ جي راڳڻي ڀانو آچاريا تي ڳائي سگھجي ٿي ۽ ھن ڪافيءَ کي سارڪا ڇند ۾ شامل ڪري سگھجي ٿو. خوش خير محمد جو سمورو ڪلام فني فڪري طور تي آڌاريل آھي. فلسفي ۽ ٻوليءَ جا ماهر ڇند وديا جا استاد ڀلي ڀت ڄاڻن ٿا ته خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جو ڪلام خوبين جي حُسناڪين سان سينگاريل ۽ فني فڪري حوالي سان مالا مال آھي.
[b]بيت[/b]
فقير خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي شاعريءَ ۾ ڪافي کانسواءِ ٻي صنف بيت جي آھي، دوھي ۽ سورٺي وانگر بيت به هندي ڪلاسيڪل شاعريءَ جيئن مقبول صنف آھي، بيت سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي نج ۽ اھم صنف آھي. خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جا بيت به فني حوالي سان شاھڪار آھن سندس ھيءُ بيت ته:
پوءِ آدم جو اولو ڪري اچي ٿو اظھار،
سر ٻڌي دستار، آيو چيرو چوگان ۾
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 62)
خوش خير محمد ھيسباڻي ھن ٻه سٽي بيت کي ھندي ڇند وديا تي سرجيو آھي، مٿئين بيت جي ھر سٽ ۾ پنجويھ ماترائون آھن. مٿيون بيت ٻارنهن تيرنهن جي حساب سان پنجاھ ماترائن تي مشتمل آھي. سندس ھڪ ٻيو بيت ته
پسو جيئن پاڻ، ھر رنگ ۾ رلجي وڃي
طالب کي مطلوب جي اھا اھڃاڻي
سمجھ دل سياڻي، خاصن جي خير محمد چوي.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 63)
مٿئين بيت جي ھر سٽ ٽيويھن ماترائن تي آڌاريل آھي. اھڙيءَ طرح يارنهن ٻارنهن جي حساب سان ھن بيت ۾ ستر ماترائون اچي وڃن ٿيون. مجموعي طور تي خوش خير محمد جيڪي شاعري جون صنفون ڪافي ۽ بيت لکيون آھن اھي فني فڪري ۽ موسيقيت جي رڌم جي حوالي سان سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جو سرمايو آھن.
[b]خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي شاعريءَ جا موضوع
[/b]
خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي دؤر يا کانئن اڳ واري دؤر جي شاعرن جي شاعريءَ جا موضوع سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي ميدان ۾ پاڻ مڃرائي چُڪا ھئا، جھڙوڪ تصوف، تاريخ، فلسفي ۽ رومانويت جا موضوع سنڌي شاعريءَ ۾ عام ٿي چُڪا ھئا جنهنڪري خوش خير محمد جي ڪلام جي موضوعن ۾ به سندس دؤر ۽ اڳ وارن ڪلاسيڪل صوفي شاعرن جي فهم فڪر ۽ فلسفي وارو تسلسل برقرار رھيو. خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي ڪلام جا موضوع ھڪ صوفي تصوف جي پرچارڪ ۽ فطرت جي شاعر وارا آهن، فقير خوش خير محمد جتي پنھنجي ڪلام ۾ خدا جي واکاڻ ۽ وحدانيت جي فلسفي جي تبليغ ڪري ٿو اتي ھن جي ڪلام ۾ تاريخ حب الوطني انقلاب رومانس مزاحمت ۽ فطرتي رنگن جو به ڀريو مشاھدو نظر اچي ٿو جنهن ڪري چئي سگھجي ٿو ته خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي ڪلام جا موضوع خود بيداري، پاڻ سڃاڻڻ سميت حسن پيار محبت ، عشق، تاريخ، حب الوطني، ۽ فطرت جي رنگن سان ٽمٽار آھن. هاڻ سڀ کان پھريان خوش خير محمد جي صوفياڻي ڪلام تي نظر وجھنداسين ڇو ته خوش خير محمد پنهنجي ڪلام ۾ تصوف کانسواءِ ٻين به کوڙ سارن موضوعن کي پنهنجي ڪلام ۾ ڳايو آھي پر جڏهن سندس ڪلام جي سمورن موضوعن جو نچوڙ ڪڍبو ته اھو سندس ڪلام جو نچوڙ ھوندو تصوف جنھن ۾ وحدانيت وارو فڪر ھيڪڙائيءَ وارو نظريو خوديءَ کي ختم ڪرڻ وارو درس سمايل آهي. جيئن ته خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي ڪلام ۾ شاھ لطيف ۽ سچل سرمست وانگر تصوف جي پيغام جي پرچار ۽ پنھنجي صوفياڻي اعتقاد جو پنهنجي ڪلام ۾ چٽو اظھار ڪيو آھي. خوش خير محمد جي ان صوفياڻي اظھار ۾ ٻيائيءَ کي ٻن ڏئي ھيڪڙائيءَ ۾ ھڪ ٿي وحدت الوجودي نظريي جي پرچار ڪري ماڻھن کي خودي ۽ ڀٽڪيل واٽ مان ڪڍي حقيقت واري واٽ تي ھلڻ جو درس ملي ٿو، ڇو ته خود وحدت الوجودي نظريي بار بار اھا تلقين ٿو ڪري ته:
“ڪائنات جي مخلوق عين صفات باري ۽ صفات نالو آھي ذات باريءَ جي تجليات جوتنھن ڪري خالق ۽ مخلوق بنيادي اعتبار سان ھڪ شيءِ آھن ۽ اول، آخر ھڪ ٿي وينديون ”(4)
ساڳئي طرح حقيقي منزل ڏانھن پھچڻ لاءِ خوش خير محمد پنهنجي ڪلام ۾ ظاھري عبادتن کي رد ڪندي چوي ٿو ته
تسبيون تال پڙھين ھر ھر ھو
الانسان سري وانا سرھ ، ،
فرق نه هڪ تر تنھنجو ٿي
خير محمد خيال وحدت وارو
جاڏي ڪاڏي نينھن نظارو
سارو طلسم تنھنجو ٿي.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 67)
صوفين جي نظر ۾ حقيقت جي واٽ جو لنگھ صرف عشق جي سواريءَ جي ڪُلهن تي ئي ٿئي ٿو.
احمد کي اوھان احد سڃاڻو
ميم واري اٿو مام
ميم منجھان جي مست ٿيا
جنگ ڀري پي جام
ميم منجهان معلوم ٿئي
ٽوڙيو دوئيءَ جا دام
احد اچي اثبات ٿئي
لا جي ڪپي ڏسو لام
سڪ سان کڻي آيو سڪندر
پاڻ پنهنجا پيغام
خير محمد خوش ٿيا سي
جن جو عشق امام.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 73)
صوفين جي نظر ۾ عشق عبادت آھي جنهن جي جذبي جي جنونيت سان سادگيءَ کان پيچيدگيءَ جي منزل تائين رسائي ٿئي ٿي. سموري ڪائنات خدا جي وجود جو حصو آھي. ان خدا جي وجود کي سمجھڻ ۽ سمجھائڻ لاءِ عشق جو ھجڻ ضروري آھي ۽ ان حق جي منزل کي ماڻڻ لاءِ ظاھري ڏيکاءَ وارو علم ناقص ۽ مدي خارج آھي.
نينھن پڙھائي نماز
عشق ٿي آيو امام اسان جو
حضرت عشق اسان جو دائم
ڏينھن قيامت تائين قائم
نِوِڙي ڪيو سي نياز
سجدو ٿي آيو سلام اسان جو
عشق جي بازي عاشق ڄاڻن
مام محبت سالڪ سڃاڻن
رند ڪي سمجھن راز.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 77)
خوش خير محمد جي شاعريءَ جي موضوعن ۾ تصوف سان گڏ مجازي رومانس حسن، عشق ۽ ھجر، فراق جو بيان پڻ ملي ٿو. ڊاڪٽر تنوير عباسي خوش خير محمد جي رومانويت بابت لکن ٿا ته:
“ خوش خير محمد سنڌي توڙي سرائڪي ڪافين ۾ ھڪ نئين اسلوب، توڙي نئين تاثر جو اظھار ڪيو، خير محمد ھيسباڻيءَ جي ڪافين ۾ ھر موضوع تي رومانويت جو وڻندڙ رنگ چڙھيل ملندو. اھو اثر سندس همعصرن توڙي کانئس اڳ وارن شاعرن وٽ پڻ ملي ٿو، پر ڪٿي ڪٿي اھو ايترو رچيل نه آھي، جو انھن شاعرن کي رومانوي شاعر ڪري ليکجي. شاھ لطيف توڙي سچل سرمست تصوف تي رومانويت جو پوش چاڙھيو، ان اصلوب جي چوٽ خير محمد ھيسباڻيءَ وٽ ٿي. خير محمد جي ھر ڪافي مجاز جي رنگ ۾ رنگيل آھي. ھن وٽ سونھن جو بيان سراپا تائين وڃيو پھچي. ھن کي صوفياڻي فلسفي، ھمه اوست جي ڳوڙھن ۽ منجهيل مسئلن جي بيان ڪرڻ وقت به پرينءَ جا پار نظر ٿا اچن. اتر توڙي لاڙ ۾، ان اسلوب جي انتھا ھن شاعر وٽ ئي نظر اچي ٿي” (5)
پنهنجي محب جي مجازي رنگ ۽ حُسن جي ڪڙيءَ ۾ قابو ٿيڻ جي ڪيفيت کي خوش خير محمد ڪيتري ته ڪمال سان بيان ڪيو آھي.
نال ماھي ميڏيان اکيان اڙيان
جهلان پلان تي رندن کڙيان
قرب حسن وچ قابو ڪڙيان
ماريا جوڳي جادوگر داڻا.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 178)
جانب جي جدائيءَ جي عذاب، اکين مان ھاريل آب ۽ لاچاري بيتابي کي بيان ڪندي لکن ٿا ته:
جانب جدائيءَ جو مون کي ڏاڍو آھ عذاب
ساعت ساعت سڄڻ ٿيون اکيون ھارن آب
لالڻ لاچاريءَ کان ٿيون ڏين عجيب عتاب
ماندي ھت مري ٿي تنھن ڏي مڪئي ڪونه جواب
خيرمحمد خوش خواب، ڪيئن ويچارن وڇڙين اچي؟.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 61)
جيئن صوفين جي نظر ۾ مجازي عشق حقيقت ڏانھن ويندڙ رستي جي ڏاڪڻ آھي ائينءَ خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي زندگيءَ جي شروعاتي ڏينهن دوران سندس ڳايل ڪلام ۽ سندس سموري ڪلام جي مجموعي جي ڳچ حصي ۾ به مجازي محبوب جي پيار محبت ۽ عشق جي خوب واکاڻ ٿيل نظر اچي ٿي.
عشق اچي مون سان ڪيون ڳالھيون
ڏسڻ نه جھڙيون سلڻ نه جھڙيون.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 72)
آيا اڄ ڪي سلام عجيبن جا
خط پروانا ڪيئي لکيائون
هاواڻا هئا حبيبن جا
ڪانگ نياپو چئج نڌر جو
قاصد قول قريبن جا
خير محمد خوش دلبر مليو
وٺجان ڪنجڪ ڪريمن جا.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص(101)
مٿئين ڪافيءَ ۾ شاعر پنهنجي محبوب سان ملاقات جي سڪ لاءِ دل ۾ پيدا ٿيندڙ بيتابي ۽ ڪانگل کي پرينءَ طرف نياپا پھچائڻ واري ڪيفيت کي ظاهر ڪيو آھي.
وڇڙيا ملن يار لھندا غم غبار
گڏ ٿي گذاريون دم نه ٿيون ڌار
دلڙي اُداسي من گھڻو ماندو
برھ ڍولڻ کان مور نه واندو
لَئون سڄڻ جي ڪيو لاچار
روز سڄڻ لئه ڪانگ اڏايان
پنڌ پِرينءَ جا واٽ واجهايان
تن اندر آ ڍوليا تنهنجي تار.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي ص 102)
شاعر حساس دل جا مالڪ ھوندا آھن ان حساسيت جو اندازو اسان خوش خير محمد جي مٿئين شعر مان لڳائي سگهون ٿا ته جڏھن ھڪ شاعر کان مُحب وڇڙي ٿو تڏھن ھڪ عاشق شاعر جي ڪھڙي ڪيفيت ھجي ٿي ۽ سندس اکين ۾ ندين وهڻ جو عڪس ڪيئن ته لفظن ۾ چٽجي وڃي ٿو. ھاڻ جڏھن ساڳئي سڪ جي ستايل عاشق شاعر جي پنهنجي محبوب سان ملاقات ٿئي ٿي تڏھن سندس سمورا ٿڪ کن پل ۾ ڪيئن ته لهي وڃن ٿا.
آيو يار اڱڻ ويا وھم لھي
ساڻي سکڙا ٿين سور سھي
ھيڻو حال ڏسي ھيڪاريون
دلبر ڏنيون لک دلداريون
منهنجون سي ئي ڳل ڳاريون
ويا لحظي اندر لڙڙا لھي
سو جيرو جدائيءَ ۾ جليو
سو سڀڪي مون سڄڻ کي سليو
ھيڻو حال ڏسي وئين ھوت ھليو
تنھنجي روءِ ڏسي پيا رنجڙا لھي.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 103)
مجموعي طور تي فقير خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي ڪلام جو اڀياس ڪرڻ کان پوءِ سندس ڪلام جي موضوعن کي ڪنهن ھڪ اڌ محدود نظريي سان ڀيٽي نٿو سگھجي ڇو ته ھن شاعر جي ڪلام جا موضوع گھڻ رُخا گھڻ پاسائا آھن. ھن شاعر جتي خدا جي وحدانيت ۽ پرينءَ کي پاڻ ۾ ڳولي اندر اجاري ھوت سان ملڻ جي رستي جي واٽ جي تبليغ ڪئي آھي اتي سندس ڪلام ۾ مارئي جي حب الوطن جهڙن ڪردارن جو به ذڪر ملي ٿو سندس ڪلام ۾ ٻين تاريخي ڪردارن سان گڏ فطرتي رنگن، عشق جي آتش بازي ۽ مجازي حسن يار جي جلون جي جماليات جا به کوڙ سارا رنگ ملن ٿا . خوش خير محمد جي ڪلام جي مختلف موضوعن سان ملندڙ شاعريءَ جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا.
پرين نيندءِ پاڻ سان ڇڏ ھُڏي واري ھوڏ
چار ڏھاڙا ٿي جوڀن پوءِ ڀُري ٿيندي ڀور
خير محمد چوي لوڏ، وڻئي نه ويڙھيچن کي.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 63)
آئيندو اندر جو سدا رک صفا
روشني ٿئي روح کي جانب ساڻ جفا
خير محمد نفعا، ڪوڙين ملني قيمتي.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 63)
وھ سير چمن گلزاري وي
مست اکين مخمور ويکو.
جوڙ محبوب آون جھڙ بادل
زلفان مينگھ ملھاري وي
چشمان دا ڪجل ڪلور ويکو.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 156)
تيڏي ديد دونالي مار پري
ڇوھان جڏان ڇٽي لک خون ڪري
مزگان تير ڀرون تلوار ميان
اھي ھيبتناڪ ھٿيار ميان.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 162)
سڄو منڇر ملاحن جي مٿان
ڪيو سمي ڄام انعام
سمي هئي صورت سمجهندي
مورت واري مام
صورت سڃاڻي ڪري
اچي ڪيائين هُل هنگام.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 104)
پنھوار پٽ تي پشم نه مٽن
اصل اھا تن ريت رسم.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 106)
خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي شاعريءَ جون خوبيون
جيئن ھر عام ماڻھو شاعر ناھي ٿي سگھندو ائينءَ ھر اھو خاص ماڻھو شاعر ٿيندو آھي جنهن جي فھم فڪر سوچ ويچارکي خاص ماڻھن جي صف ۾ شمار ڪيو وڃي، ڇو ته شاعرن کي پيغمبري جو سرٽيفڪيٽ مليل آھي جيڪي ھڪ پيغمبر جي حيثيت سان ماڻھن تائين پنهنجو پيغام پھچائيندا آھن اھو پيغام عام ماڻھن جي ٻولي لهجي بيان انداز کان گھڻو خوبصورت ۽ پنھنجن نرالين خوبين سان مالا مال ھوندو آھي .
“تمام اُتم ۽ اعليٰ درجي جي شاعريءَ کي پيغمبريءَ جو جزو چيو ويو آھي. ان پيغمبريءَ واري نقطي کي سمجھڻ ۽ سمجھائڻ لاءِ ان جي ڏاھپ کي سمجھڻ ضروري آھي ۽ انھيءَ حوالي سان ڪنھن اھڙي شاعري ڪندڙ شاعر ۾ پيغمبري جا اھي اوصاف به ڳولڻا پوندا” (6)
فقير خوش خير محمد جي شاعري فن فڪر موسيقيءَ جي خوبين سميت ٻين ڪيترين ئي شاعراڻين خوبين سان مالا مال آھي. پاڻ جڏھن خوش خير محمد جي ڪلام جو اڀياس ڪنداسين ته اسان کي سندس ڪلام ۾ اھي سڀ خوبيون نظر اينديون جيڪي ھڪ بيباڪ صوفي شاعر کي الهام مان ملنديون آھن.
“اھو شاعر جيڪو فن جي بلند ترين منزل تي ھجي ۽ سندس شاعري پيغمبريءَ جي جزي جھڙي حيثيت رکندي ھجي ته ان جي فن ۾ ھنر پنھنجي پوري سچائيءَ ۽ ڪاريگريءَ سان موجود ھوندو. شاعر اھو چئجي ٿو جنھن جي اُجري اُجري من ۾ جڏھن ڪو احساس پيدا ٿئي ۽ جنھن کي ھو پيغام جي شڪل ڏيڻ چاھي ته ھن جي بنيادي ھنرمندي ھن کي شعر ٺاھڻ يا گھڙڻ ۾ مددگار ۽ معاون ٿيندي آھي” . (7)
جڏهن خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي ڪلام جو اڀياس ڪري سندس شاعريءَ کي غور سان ڏٺو ويندو ته اسان کي سندس ڪلام ۾ اھڙي اعليٰ درجي جي شاعري نظر ايندي جو سندس ڪلام جي شيرين بيان انداز دل کي پيو ڇھندو. خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي گھاڙيٽن جي خوبين کي ڊاڪٽر تنوير عباسي بيان ڪندي لکن ٿا ته:
“خوش خير محمد جي ڪلام ۾ ڪيترن ئي قافين جو گھاڙيٽو نرالو آھي. ھن قافين جي ترتيب ۽ ھڪ بند ۾ مصراعن جي تعداد ۾ ڦير گھير ڪرڻ سان ڪيترائي نوان نمونا ايجاد ڪيا آھن. قافيي جي نشست مان نرالي موسيقيت پيدا ڪرڻ خوش خير محمد جو خاص فن آھي” (8)
پسي صورت جو سلطان ھئه ھيران لڳي
جن ملائڪ حوران پريون ھر هڪ ٿي ھيران
پڙھڻ سبحان لڳي.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 82)
مٿئين ڪافيءَ ۾ خوش خير محمد ھيسباڻيءَ ھڪ رواجي قافيو استعمال ڪيو آھي ۽ ٻيو اندروني قافيو استعمال ڪيو آھي، پر ٻئي قافيا آھن ساڳيا، مٿئينءَ ڪافيءَ جي ھڪ اھا به وڏي خوبي چئبي جو ان ۾ نوان تجربا ٿيل آھن جيڪي خوش خير محمد جي پنهنجي ايجاد ٽيڪنڪ آھن جنھن تي بعد ۾ ٻين شاعرن به عمل ڪيو آھي. هڪ شاعر جي شاعري جي صرف اھا خوبي ناھي ته سندس ڪلام جو فني سٽاءُ اصول پيرا ۽ ڪارب ۾ قابو ھجي بلڪه ھڪ سٺي شاعر جي ڪلام جي اھا به ھڪ وڏي خوبي ليکي سگھجي ٿي جو سندس ڪلام ۾ فڪر ھجي. خيال جي گھرائي ھجي لفظن جي چونڊ ھجي لفظن ۾ وزن ھجي، اھڙي طرح اسان کي خوش خير محمد فقير هيسباڻيءَ جي ڪلام ۾ مٿي بيان ڪيل اھي سڀ خوبيون نظر اينديون، جيئن ته:
رمزن غمزن رم جھم لائي
ڪوئل قمري قم قم ڳائي
مينا طوطي مست ٿي آئي
ڏسي مک محبوب مھتابي.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 88)
شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ تڏھن پڙھندڙ جو پاڻ ڏانھن ڌيان ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ويندو آھي جڏھن ان جي شعر ۾ لفظن جي چاش ھجي فطرت جي رنگن جي منظر ڪشي ھجي ھوائن پکين سمنڊن جون محبوب جي حُسن سان تشبيهون ڏنل ھجن جيڪي سڀ خوبيون اسان کي خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي شاعريءَ ۾ ملن ٿيون.
منھنجا اباڻا مون وٽ ايندا
وري وطن تي شل وٺيون ويندا
لوئي لياري ڪين لڄائيندا.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 108)
بظاھر ته مٿيون شعر مارئيءَ جي ڪردار تي چيل آھي پر ڏٺو وڃي ته ان شعر ۾ شاعر جي حب الوطنيءَ جو فڪر به جهلڪا ڏئي ٿو، ڇو ته مارئيءَ جي ڪردار کي اھو شاعر ڳائي سگھي ٿو جيڪي تاريخي طور تي مارئيءَ جي ڪردار کان واقف هوندو ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي لوئي ۽ لڄ جو محافظ ھوندو. خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي اھڙي قسم جي شعر کي پڙھڻ کان پوءِ سندس شاعريءَ جي ٻين خوبين سان گڏ سندس حب الوطنيءَ واري خوبيءَ کي اهم خوبين ۾ ڳڻجي ته غلط نه ٿيندو. هڪ سڄاڻ شاعر جي اھا به اھم خوبي هوندي آھي ته هو پنهنجن سمورن عشقيه احساسن کي اکين جي روپ ۾ بيان ڪندو آهي، جڏھن شاعر انسان جي حساس عضوي اک کي پنهنجي ڪلام ۾ ڳائي ٿو تڏھن سندس شعر جو منظر ڏاڍو دلچسپ ٿي ويندو آهي، خوش خير محمد جي شاعريءَ جي ٻين خوبين جي ڳالهه پنهنجي جاءِ تي پر سندس ڪلام ۾ ڏنل اشتهارن ۽ تشبيهن جون خوبيون پنهنجو مٽ پاڻ آهن. صوفي شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪندڙ اک جي لفظ سان حقيقت جي دنيا کي ڳولڻ واري اک جي فرضي نالي سان پڻ تشبيھون ڏنيون آھن، خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي شاعريءَ ۾ به اسان کي اکين جو ذڪر سندس بيتن ۽ ڪافين جي گھڻي تعداد ۾ محبوب جي ڪارين نشيلين ۽ نخريلين اکين سميت وحدت جي دنيا ۾ رھي محبوب کي ڳولڻ وارين اکين جو ذڪر پڻ ملي ٿو.
اکڙيون اڙايم دل جي ٺارڻ لئي
سڄڻ پاتو سُرمو منھنجي مارڻ لئي
مُرڪي مٺل يار کلي ٿو کارڻ لئي
بڙ تي پورو ڪيو چاڪ چڪنن ٿا
ڏسي عشق اکيون منھن ۾ موچاريون
ڇرڪن ڇنڀڻ لاءِ بيوس ويچاريون
ھڪ اڳي سھڻيون ٻيو سُرمي سينگاريون
ايڏو تاب تارن ڏيھ ڏڪن ٿا.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 112)
ھاڻ جڏھن اسين فقير خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي ڪلام اندر ٻين خوبين کي بيان ڪرڻ کانپوءِ سندس ڪلام اندر موسيقي جو ذڪر ڪنداسين ته اسان کي خوش خير محمد جي سڄي ڪلام ۾ موسيقي جا رنگ ڏسڻ ۾ ايندا. خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جون ڪافيون خاص ڪري اتر سنڌ سميت سنڌ جي ڏاکڻي ۽ وچولي حصي ۾ ڏاڍيون مشھور آھن، خوش خير محمد جو ڪلام سنڌ جي مشھور صوفي فنڪارن پڻ ڳايو آھي جن ۾ عابده پروين، سهراب فقير، استاد منظور علي خان، قلندر بخش فقير، ھدايت فقير نوناري ۽ ممتاز لاشاري پڻ اچي وڃن ٿا. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته شاعري آھي ئي اھا جيڪي آساني سان ڳائي وڄائي سگھجي، جيڪا سُريلي شاعري آھي اھا بذاتخود پاڻ موسيقي آھي ان ۾ سھڻن لفظن جي چونڊ اچارڻ وقت ئي موسيقيءَ جي ترنم کي اڀاري ايندي آھي. جيئن خوش خير محمد ھيسباڻي جي ھيٺئين ڪافي نموني طور ڏجي ٿي:
دل کسي دلبر وڃي پوءِ ٿو پُڄنديون ڪرين
محبت سان مستان ڪيئي
ھينئڙو وري حيران ڪيئي
ساري لوڪ ۾ نيشان ڪيئي
لائي لنئون ڇو ٿو لڙنديون ڪرين.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 116)
مٿئين ڪافي ۾ ساڳين لفظن جي وراڻ يعنيٰ ھم آواز لفظ جھڙوڪ ڪيئي سميت مستان، حيران ۽ نيشان کي اُچارڻ سان پاڻ ئي ڄاڻي لفظ ترنم جي تارن جو سُرندو ٿي موسيقي جي آلاپ ظاھر ڪن ٿا. خوش خير محمد جون ٻيون ڪيتريون ئي اهڙيون ڪافيون ريڊيو پاڪستان سميت هند سنڌ جي صوفياڻين محفلن ۾ ڳايون وڄايون وڃن ٿيون. سندس ڳايون ويندڙ مشھور ڪافين مان ڪجھ مثال طور ھيٺ ڏجن ٿيون.
لک ناز سکيو آن نوان
مشتاقن جي مارڻ لئه.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 99)
ڪيا انصاف آکان تيڏي آوڻ دا
ڏاڍا لائق ڪيتئي ليئي پاوڻ دا.
نينان ناز ڀريا ھن رنگارنگي
ٻڌڪي ٻاڻ مرينديان مشڪ ٻنگي
دلڙي زلفان زوري زوري ونگي
ڪاڪل ڪنڍڙا گھتيئي نه ڇڙواڻ دا.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 155)
[b]خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي سرائڪي شاعريءَ جو مختصر جائزو
[/b]
سنڌ جي اڪثر ڪلاسيڪل صوفي شاعرن سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ جن ٻين ٻولين ۾ شاعري ڪئي آھي انھن ۾ سرائڪي ٻولي کي خاص اهميت حاصل آھي. سنڌ جي اھم ڪلاسيڪل شاعر سچل سرمست جھڙن عالم شاعرن به ٻين ٻولين جيئن سرائڪي ٻولي کي اهميت ڏئي سرائڪي ۾ شاعري ڪئي آھي، خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي ڪلام ۾ سنڌي شاعري کان سواءِ ٻين ٻن ٻولين يعنيٰ سرائڪي ۽ ھندي ۾ چيل ڪلام پڻ ملي ٿو. پاڻ ھتي خوش خير محمد جي سرائڪي ڪلام تي مختصر نظر وجهنداسين. خير محمد ھيسباڻي فقير سنڌي شاعري جيئن پنهنجي سرائڪي ڪلام ۾ به بيت ۽ ڪافيون لکيون آھن، خوش خير محمد جتي پنهنجي سنڌي ۽ ھندي ڪلام ۾ وحدت الوجودي نظريي کي اڳڀرو ڪيو آھي ائينءَ ھن سرائڪي ڪلام ۾ به ساڳيو دلين کي صاف رکي من اُجرو ڪرڻ وارو موضوع رکيو آھي. سندس سرائڪي ڪلام مان ڪجھ مثال طور ڪلام پيش ڪجي ٿو.
دليون طواف دلين دا ڪر تون شبھا شڪ نه ڪيجي
صاف آئينه صورت دي وچ پاڇا پريم وکيجي.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص127)
دل دريا سمونڊون اونھي ڪون دليان نون جاني؟
وچ ڪعبي وچ قبلي وچ مسجد مئخاني
خوش خير محمد ڪعبه خاص دلين دا ويک دانا رھن ديواني.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 128)
فقير خوش خير محمد جي سرائڪي ڪلام جا موضوع سنڌي ڪلام جھڙا آھن. ھن سنڌي ڪلام جيئن سرائڪي ڪلام ۾ به عشق کي ڳائي عشق جي گھڻي تعريف ڪئي آھي.
بيدردان دي بٺي تي ٻالڻ والي ڪٿان
عاشق آڙاھ وچ جان جليندي نھين ڪريندي ڪٿان
خوش خير محمد خيال خدائي ٻيا سڀ ڇوڙ وٿان.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 131)
خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي سرائڪي ڪلام ۾ فطرت جي رنگن جُھڙ ڦڙ حسن پيار محبت ۽ محبوب جي ڳل تر زلف جي بياني به ڪمال جي آھي.
ساوڻ موج ڪيتي دريائون وھن لبو لب نالي
مل مل سھيان سير ڪرن سڀ آنديان نال اتالي.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 132)
جوڙ محبوب آون جھڙ بادل
زلفان مينگھ ملهاري وي.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 156)
رم جھم آيا رات انڌاري
ول وسڻ دا ڪرڪي ويس.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 158)
اکيان مست قدح مخمور ڏوھين
نينان نور ڀريان گھتن گھور ڏوھين.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 159)
لب لال سونھن سُرخي نال اوپر
بنيا نيلم دانه خال اوپر
ويکو غنچه دهن مشڪ مثال اوپر
هڻ ٻان مساڳ مليندا هي.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 160)
بئنسر بيني نقش نراڙ بنيا
جهالر جهومڪ جهرمردار بنيا
دهري دام دلين هس هار بنيا
ڳل مالها پا ڪي مريندا هي.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 160)
ڇٽي زلف اتي رخسار ميان
ڪڍ ڪاڪل برھ بازار ميان.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 161)
پاڻ جڏھن فقير خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي سنڌي ۽ ھندي ڪلام جو اڀياس ڪري سندس سرائڪي ڪلام کي غور سان پڙھي ڏسون ٿا ته سندس سرائڪي شاعريءَ جو بيان انداز سندس ٻين ٻولين ۾ لکيل شاعري يعنيٰ سنڌي ۽ هندي ڪلام جي ڀيٽ ۾ سرائڪي ڪلام ڏاڍو دلڪش ٿو لڳي جنهن ڪري سندس سرائڪي ڪلام پڙھڻ سان نه صرف چپن تي واھ واھ جي صدا بلند ٿئي ٿي بلڪه سندس سرائڪي ڪلام جي بيتن ۽ ڪافين جي اچارڻ جو به ترنم اھڙو ته موسيقي سان ٽمٽار ۽ رسيلو نظر اچي ٿو جو سندس سرائڪي ڪلام جون سٽون اچارڻ سان دل جهومڻ تي پڻ مجبور ٿئي ٿي. مجموعي طور تي خوش خير محمد جو سرائڪي ڪلام سرائڪي شاعري جي ٻين سنڌي شاعرن جيئن سرائڪي ٻولي جو پڻ سرمايو آھي.
خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي شاعريءَ جو نمونو
[b]سنڌي بيت
[/b]
دلبر لايون دوست تون پويان نه ڪر پير ،
ميان ! ملاقات جي هينئڙي ڀڃ نه هير
ڳنڍ سڄڻ ڪر ڳالهيون تون ٻيا وجھه نه وير
توسان ريڌم روحڙو نه ته ٻيا ماڻهون به ڍير
سڪ گهمائي سير ، نه ته هر ڪو خوش خير محمد چوي.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 61)
جانب جدائيءَ جو مون کي ڏاڍو آهه عذاب
ساعت ساعت سڄڻ ٿيون اکيون هارن آب
لالڻ لاچاريءَ کان ٿيون ڏين عجيب عتاب
ماندي هت مري ٿي تنهن ڏي مُڪئي ڪو نه جواب
خير محمد خوش خواب ، ڪيئن ويچارن وڇڙين اچي.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 61)
[b] سنڌي ڪافي
[/b]
عشق اچي مون سان ڪيون ڳالهيون
ڏسڻ نه جهڙيون سلڻ نه جهڙيون
هر دوجهان جي حجابن واريون
سڀ پڌر اچي پيون
علم عقل جون اڳ ٻڌيون سي
نينهن سڻايون نيون
حُسن جون فوجان سر عشاقن
اچن امالڪ کنيون
خوش خير محمد قبل ماضيءَ جون
وحدت ۾ سڀ ويون.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 72)
[b] سرائڪي بيت
[/b]
ساوڻ موج ڪيتي دريائون جل ٿل پڙي گاهان
سکيان موريان سڀ سرتيان آون ڪر ڪي سرخ نگاهان
کڙي هان ماهي ملڻ دي ڪيتي رکدي قدم اڳاهان
خير محمد خوش رانجهن دي مئن کڙي ڀلينديان راهان .
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 131)
[b]سرائڪي ڪافي
[/b]
ڪيا انصاف آکان تيڏي آوڻ دا
ڏاڍا لائق ڪيتئي ليئي پاوڻ دا
نينان ناز ڀريا هن رنگارنگي
ٻڌ ڪي ٻاڻ مرينديان مشڪ ٻنگي
دلڙي زلفان زوري زوري ونگي
ڪاڪل ڪنڍڙا گهتيئي نه ڇڙوان دي
هي حسن تيڌي دي ملڪان ملڪ هولي
لڳي لون لون دي وچ للڪار لولي
تيڏي مٺڙي ٻهڳڻ هي ٻولي
سچا سخن تيڏاهي الاوڻ دا
تيڏي اتون قربان ڪران
سر صدق صدق جند جان ڪران
تئن تي گهوران ڪون مڪان مڪان ڪران
خوش خير محمد هادي آپ ڏتا
پيالا وحدت دا ڀر پاڪ پيتا
اهين شوق شراب مست ڪيتا
نشا نينهن چڙهيا نينهن لاوڻ دا.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 155)
[b]هندي ڪلام
[/b]
رام سمر ٿي سجاڳ ڀوري دل
رين سُتي ساري گذر ڳئي هي
غافل هوڪي وطن وساريئي
ڪهان مُلڪ تيرا ماڳ ڀوري دل
جاڪي ملو تم سا ڌوڪي سنگت
لئي صاحب سهاڳ ڀوري دل
انڇر آڪي هر دم هوگا
ڳاءِ رباني راڳ ڀوري دل
خوش خير محمد خيال ڇوڙ دوئي دا
وحدت دي گھت واڳ ڀوري دل.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 189)
[b]حوالا[/b]
1. عباسي،ظفر، “سنڌيءَ ۾ شاعريءَ جون صنفون ۽ صنعتون”، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدر آباد، 2007ع ص 353
2. ايضاً، _ص 354
3. ايضاً _ص 354
4. انصاري، عثمان. “رسالو سچل سرمست”، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 1997ع. ص 38
5. عباسي تنوير،“ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي”، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2008ع. ص 37
6. “ڀٽائي”، تحقيقي جرنل، ٽيون نمبر، سنڌي شعبو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور1994ع ص 26
7. سراج “شاهه جي شعر جا گهاڙيٽا”، لطيف ڊائجيسٽ، آگسٽ 1995ع ص 65
8. عباسي، تنوير،“ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي” سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2008ع ص 47