تصوف

خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي شاعريءَ جو تحقيقي جائزو

هي ڪتاب اصل ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي سنڌي شعبي ۾ سال 2018ع ۾ پيش ڪيل تحقيقي مونوگراف آهي. هي مونوگراف ڪالم نگار ۽ مضمون نگار راشد شر جو لکيل آهي.
خوش خير محمد هيسباڻي سنڌي ۽ سرائيڪي ٻوليءَ جو ڪلاسيڪل صوفي شاعر آهي. خوش خير محمد سچل جي ورثي صوفياڻي رنگ ۽ بيخوديءَ واري شاعريءَ کي اڳتي وڌايو ۽ ڪافيءَ کي نوان رنگ ڏنا. هي دور سنڌي ڪافيءَ جي اڀار جو دور هو. صوفي خوش خير محمد جي ڪافي ڪمال جي آهي. هن سچل کان پوءِ بيدل جو اثر ورتو ۽ صوفي شاعرن ۾ اهم مقام حاصل ڪيو.
  • 4.5/5.0
  • 3150
  • 1083
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • راشد شر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book خوش خير محمد  هيسباڻيءَ جي شاعريءَ جو تحقيقي جائزو

باب پنجون : خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جا همعصر شاعر ۽ سندس خاندان جا شاعر

[b] همعصر شاعر
[/b]فقير خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي دؤر جي اھا مشھور ڳالھ آھي ته ان وقت جي صوفي شاعرن جا آستانا ۽ اوطاقون راڳ رھاڻن سان آباد هوندا ھئا جتي هي صوفي شاعر هڪٻئي سان ڪچهرين جا ميڙا مچايون ويٺا ھوندا ھئا، ھنن صوفي فقيرن جي ڪچهرين جو سلسلو ايئن ھلندو ھو جو ھو هڪٻئي جي اوطاقن ۾ گڏ ٿي پنهنجي شاعراڻن خيالن کي ھڪٻئي سان ونڊ ڪندا رھندا ھئا. ھنن جون ڪچهريون ايتريون ڪشاديون ھونديون ھيون جو هو ڊگهيون راتيون جاڳي ڪچهرين ۾ هڪٻئي کي پنهنجي شاعري ٻڌائيندا ھئا ۽ ھڪٻئي جا شعر ٻڌي ھڪٻئي کان متاثر به ٿيندا ھئا. سنڌ جي همعصر ڪلاسيڪل شاعرن جي شاعريءَ جي اڀياس ڪرڻ سان اسان کي اھڙي قسم جي شاعريءَ جو جَهجهو مواد ملي ٿو جنهن ۾ ھنن جي شاعريءَ جو ھڪٻئي تي گھرو اثر نمايان نظراچي ٿو. خوش خير محمد هيسباڻيءَ جا جيڪي همعصر شاعر آھن انهن ۾ عثمان فقير سانگي، نانڪ يوسف، بيدل فقير، غلام حيدر شر گودڙيو پڻ اھم آھن جن جي شاعري ۽ خوش خير محمد جي ڪلام ۾ اسان کي گھڻي ھڪجھڙائي پڻ ملي ٿي. خوش خير محمد ھيسباڻي جا جيڪي اهم همعصر شاعر آهن پاڻ هتي انهن جي شخصيت شاعري ۽ خوش خير محمد هيسباڻي فقير جي ڪلام سان سندن ڪلام جي هڪجهڙائي جو مختصر جائزو پيش ڪنداسين.

[b]عثمان فقير سانگي
[/b]عثمان فقير سانگي جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي سان ھو، ھي نه صرف خوش خير محمد جو ھمعصر شاعر ھو بلڪه ھنن ٻنهي شاعرن جو مرشد به ساڳيو عبدلحئي نوشھرو فيروز وارو ھو يعني ھي ٻئي مرشد ڀائي ھجڻ جي ڪري ھڪٻئي جا گھرا دوست به ھئا جنهنڪري ھنن جون ڪچهريون به ڏاڍي ويجھڙائيءَ سان ٿينديون ھيون. عثمان فقير سانگي جي ڪلام ڪتاب “ڪلام عثمان فقير سانگي” جو مرتب ڊاڪٽر نواز علي شوق لکي ٿو ته:
“ھيءَ حقيقت آھي ته عثمان فقير سانگي ۽ خوش خير محمد ھيسباڻيءَ کي سنڌي توڙي سرائڪي ڪافيءَ ۾ اعليٰ مقام حاصل آھي. عثمان فقير عارف عبدالحي نقشبندي جو طالب ھو. خوش خير محمد ھيسباڻي سندس دوست ھو. ھيسباڻي فقير کي عثمان سانگي سائين عبدالحي وٽ وٺي آيو. خوش خير محمد اتي اچي عارف عبدالحي جو طالب ٿيو. عارف عبدالحي ٻنهي طالبن کي تمام گھڻو پيار ڪندو ھو. سندن نظر فيض اثر سبب ٻئي طالب جاڙا چنڊ ٿي چمڪڻ لڳا. سندن سھڻي شاعري سنڌ جي ھر وستي ۽ واھڻ کي واسي ڇڏيو آھي” (1)
خوش خير محمد ۽ عثمان فقير جي ڪلام ۾ ھڪجھڙائيءَ جا ڪجھ مثال ھيٺ ڏجن ٿا.
ڪيا انصاف آکان تيڏي آوڻ دا
ڏاڍا لائق ڪيتئي ليئي پاوڻ دا.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 63)
ڏاڍا لِڪِ ڪيتئي ليئي پاوڻ دا
ڪيھا غرض پيئي اٿي آوڻ دا.
(ڪلام عثمان فقير سانگي ص 156)

بيرنگيءَ جو بيان ڪڏھن، ڪين عقل ۾ ايندو.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 96)
بيرنگ بي بيان،
اُونھو بھر عشق جو آھي.
(ڪلام عثمان فقير سانگي ص 156)

سُڻي پورب جا پيغام، سامي سنک وڄائن ٿا ،
آڌيءَ ويل اُٿائن ٿا.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص113)
صُوفي صافئون صاف، خيال سان الف جاڳائن ٿا
اُهي خان خوديءَ کي کائن ٿا.
(ڪلام عثمان فقير سانگي ص 104)
خوش خير محمد ھيسباڻي فقير جي عثمان فقير سانگي سان ايتري گھري ياري ھئي جو عثمان فقير جي وڇوڙي تي خوش خير محمد ھڪ ڪافي چئي آھي جنھن ۾ عثمان فقير جو نالو به ملي ٿو.
عثمان،،، عاشق آفرين پنھنجو جسم پروان ڪيئي
طالبن جي طور ۾ نالو صحيح نيشان ڪيئي.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص121)


[b]نانڪ يوسف
[/b]نانڪ يوسف سچل سرمست جھڙي عظيم صوفي شاعر جي تربيت جي ڇانوري ھيٺ شاعريءَ جي دنيا ۾ پير پاتو ھن سچل سائين جي صحبت ۾ سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ تصوف جي پيغام جي پرچار ذريعي پنهنجو نالو روشن ڪيو.
“نانڪ يوسف حضرت سچل سرمست جو ٻالڪو ھو ۽ سندس فڪر ۽ خيال مان بيحد متاثر ھو. فقير محمد يوسف ولد محمد ھاشم کوکر جو جنم جھل جي ڀر سان ڳوٺ ڪُنڊي کوکر ۾ ٿيو. درس ۽ تدريس جي تلاش ۾ سچل سرمست وٽ فيض پرائڻ پھتو ھو سچل سر مست کان عمر ۾ 53 سال ننڍو ھو ۽ سندس تخلص نانڪ سچل سائين پاڻ رکيو ھو.” (2)
ڊاڪٽر تنوير عباسي جي ھيٺئين ڳالھ مان اھو واضح ٿئي ٿو ته نانڪ يوسف ۽ خوش خير محمد جون پاڻ ۾ ملاقاتون به ٿيون آھن.
“مير علي مراد جي موسيقيءَ جي محفلن ۾ خوش خير محمد ھيسباڻي پاڻ حاضر رھندو ھو ۽ سندس ڪلام پڻ انھن محفلن ۾ ڳايو ويندو ھو. انھن ڪچھرين ۾ فقير نانڪ يوسف پڻ ايندو ھو.” (3)
خوش خير محمد ۽ نانڪ يوسف جي ڪلام جي ھڪجھڙائي تي ڊاڪٽر تنوير عباسي هي مثال پيش ڪيا آهن جيڪي هتي بيان ڪجن ٿا.
“ نانڪ يوسف ۽ خوش خير محمد هيسباڻي جي ڪيترين ئي ڪافين ۾ هڪجهڙائي نظر اچي ٿي.



دم دم اسان ڏي دل تي هئه تانگهه تيڏي پيارا.
(خير محمد )
دم دم اسان ڏي دل تي سڄڻان ديان ڳالهيان.
(نانڪ يوسف)

دلبر آيا مئڏي ديس ، آمل سيان ڏيوو مبارڪ.
(خير محمد )
دلبر ديس اساڏي آيا، واھ برھ دي بهار لڳي.
(نانڪ يوسف)
جيوين ڪرامت ڪشف اکيندي
عاشق ايوين نھين لکيندي .
(خير محمد )
لکا ڪرامت ڪشف منيندي
ڪنز قدوري هنر بڻيندي.
(نانڪ يوسف)

عشق جڻيا جس پايا هئه
تس واهه اسلام جڳايا.
(خير محمد )
آج سجن ڪيون نه آيا هئه
ڪنهن ڌوتي ني ڀرمايه هئه
(نانڪ يوسف) ” (4(

[b]فقير قادربخش بيدل
[/b]بيدل سائين انگريزن جي ابتدائي دور جو شاعر ھو، ھي صوفي شاعر عمر جي لحاظ کان خوش خير محمد ھيسباڻي فقير کان پنج سال ننڍو ھو.
“سنڌي، سرائيڪي ۽ اردو جو پيارو ٻاجهارو معرفت جو صاحب صوفي سالڪ، صادق فقير قادربخش بيدل 19 صدي عيسوي جو سنڌ جو اعليٰ پايي جو شاعر ھو، فقير قادربخش بيدل 1814ع ۾ فقير محمد محسن جي گهر ۾ ولادت ورتي ۽ 1878ع ۾ روھڙي ۾ ئي پنهنجي پٺيان اعليٰ اظرف رکندڙ شاعر پٽ فقير محسن بيڪس کي سوڳوار ڇڏي تقريبن 59 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.”(5)
اسين بيدل سائين کي خوش خير محمد جي اھم همعصر شاعرن مان ان ڪري به ڳڻي سگهون ٿا جو ھنن ٻنهي شاعرن جي ڪلام ۾ پڻ گهڻي ھڪجھڙائي ۽ ويجهڙائپ ملي ٿي.
بيدل سائين ۽ خوش خير محمد ھيسباڻي جي ڪلام ۾ ھڪجھڙائي جا ڪجهه مثال ھيٺ ڏجن ٿا :

جلوو تاب حُسن جو ڏسي تجليون
سارو جبل وڃي ڪوھ طور جليون
تنهنجي پنبڻين جا پيڪان چوان
اھي نيزا بڙڇيون بان چوان
نت ابرو سيف ايران چوان.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 85)

ابرو سيف ايران عجيبن
نيزا بڙڇيون بان حبيبن
گھاءُ ڪرن منجھ ھانءُ ضعيفن
تيغ چوان يا صمصام چوان.
(ديوان بيدل. ڪافي نمبر 51 روپ بسنت)


پاڻئون پنهنجو پاڻ سڃاڻج
ڄاڻ وڃائي ڄاڻ کي ڄاڻج
منصوريءَ جون موجون ماڻج.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 80)

ڳولا ڪرين جنهن جي، ساڳيو تون سوئي،
جي پاڻ پروڙين پانهنجو، ناهين ٻيو ڪوئي،
هيءُ ھو ھڪوئي، سڏ پڙاڏو سمجھ تون.
(ديوان بيدل،بيت نمبر 124 ص 127)


ڪاڪيون ڪالها ڪون ڪانگ لنوي ٿو ،
اڄ ايندا ڪي سڀاڻي.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 101 )

ڪانگ لنوي مٺي لات مهب مسافر ڄاڻ ڪي ايندا
جيڪس دانهان درد منهنجي جون، پهتيون اتي پرڀات،
اٿم اميد ته هينئن نه ڇڏيندا.
(ديوان بيدل، ڪافي نمبر4)


[b]فقير غلام حيدر شر گودڙيو
[/b]عثمان فقير سانگي، نانڪ يوسف ۽ بيدل سائين جيئن فقير غلام حيدر شر گودڙيو به خوش خير محمد جي اھم همعصر شاعرن مان ھڪ آھي. فقير غلام حيدر شر جو تعلق ضلعي خيرپور جي ڳوٺ مينگھو فقير شر سان ھيو. ھي فقير به سچل سرمست ۽ نانڪ يوسف جو عقيدت مند ھو. ڪتاب “غلام حيدر گودڙيو جو ڪلام” جو مرتب الطاف اثيم فقير غلام حيدر شر جي ويجهن دوستن سان ٿيندڙ ملاقاتين بابت لکي ٿو ته:
“محبتي ميڙاڪا پنهنجي ڳوٺ ۾ ھر روز شام سج لٿي کان لڙي سومھڻي تائين ته روز مچايون ويٺو ھوندو ھيو جنهن ۾ فقراءَ صوفي سماع ڪندا ھئا پر ڳوٺ کان ٻاھر جيڪڏھن پاڻ ور ور ڪري ڪنھن وٽ ويندو ھيو ته اھي ھئا سندس ستگرو سائين نانڪ يوسف، درازي درويش سائين قبول محمد فاروقي، خواجه نجم الدين راڻي پور جو، پير شاھ محي الدين جيلاني، روھڙي جو رند فقير قادربخش بيدل، صوفي فقير خوش خير محمد ھيسباڻي، لونگ فقير مهيسر ۽ دريا خان فقير زنگيجو.” (6)
مٿئين حوالي مان اھا ڳالھ واضع ٿئي ٿي ته خوش خير محمد ۽ فقير غلام حيدر جون پاڻ ۾ ملاقاتيون ٿينديون ھيون جنهنڪري ھنن ٻنهي شاعرن جي ڪلام تي به ھڪٻئي جو اثر ٿيو. ھتي پاڻ ٻنهي شاعرن جي ڪلام ۾ ھڪجھڙائي جا ڪجهه مثال پيش ڪنداسين.

پڃري آدم وچ ڪيوين ڦاٿون
آهون مرغ هوائي وي ميان.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 173)

پڃري آدم دي مئين آپي آيس ڪيتم سير الاهي دا.
(فقير غلام حيدر گودڙيي جو رسالو. ڪلام نمبر 16 )


ساوڻ موج ڪيتي دريائون وھن لبولب نالي
مل مل سهيان سير ڪرن سڀ آنديان نال اتالي
خيرمحمد ڪون خوشي رانجهن دي شل ماهي مئڏھون نهالي.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 132)
سدا سانوڻ جيان وھي لايون لس لھر،
بوندان بيهن ڪينڪي وهي نينهن نهر.
(فقير غلام حيدر گودڙيي جو رسالو. بيت نمبر 48)



[b]خاندان جا شاعر
[/b]خوش خير محمد هيسباڻيءَ کانپوءِ سندس خاندان ۾ اڄ ڏينهن تائين شاعرو شاعري جو سلسلو هلندو ٿو اچي، ڏٺو وڃي ته خوش خير محمد جي خاندان جي شاعرن جي شاعري ڇپيل صورت ۾مڪمل طور ناهي ملي سگهي ان ڪري سندس خاندان جي سڀني شاعرن جو هتي ذڪر ڪرڻ مشڪل آهي. پاڻ هتي خوش خير محمد هيسباڻي فقير جي خاندان جي ٻن اهم شاعرن جو مختصر ذڪر ڪنداسين.

[b]فقير در محمد (ٻيو)
[/b]فقير در محمد (ٻيو) خير محمد دوم (ٻي) جي گھر ۾ 1887ع ۾ تعلقي فيضگنج جي ڳوٺ خوش خير محمد هيسباڻي ۾ پيدا ٿيو ۽ سندس وفات مئي 1977ع ۾ ٿي در محمد فقير جو ڪلام “مڪنوز در لعل” جي نالي سان فقير احسان علي هيسباڻي ڇپايو آهي، فقير در محمد جو ڪلام به خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي ڪلام جيئن تصوف ۽ انسان دوستيءَ جي سبق سان ٽمٽار آهي سندس ڪلام مان نمونو مثال طور هيٺ پيش ڪجي ٿو.

مطلع : دل ٿيم ديوان، دوست جڏهن ديدار ڪرايو،
وسريو شوڪت شان، ناز صنم نروار ڪرايو.

1: حُسن حقيقي حڪم هلايو، عشق مجازي عقل تڙايو،
هوش ٿيو حيران، اکين بي اختيار ڪرايو.

2: ناز اعجاز جا راز نيارا ، مام ملائن نسنگ نطارا،
نيڻن ۾ نشان ، ثابت سر سردار ڪرايو .

3: بي رنگجا رنگ باطن ظاهر ، نسنگ سڃاڻن ملنگ ماهر،
آ گهه هر اعلانِ محبت مڱڻهار ڪرايو.
4: مالڪ سان پيو ست ٿياسون ، مُلڪ وساري مست ٿياسون ،
حُسن رهيو همخان ، عشق قائم اعتبار ڪرايو.

5: زلف زنجيري دام سڀيئي ، ڦاٿل خاص و عام سڀيئي ،
دام اندر دردان ، حسن شهباز شڪار ڪرايو.
(مڪنوز در لعل حصه اول ڪلام نمبر 90)

[b]خير محمد (ٽيون)
[/b]فقير خير محمد (ٽيون) فقير در محمد (ٻي) جو فرزند هو، سندس جنم 1929ع ۾ ۽ وفات 4 جنوري 2007ع ۾ ٿي هي فقير به خوش خير محمد هيسباڻي جي خاندان ۽ فڪري سلسلي جي اهم شاعرن مان آهي پر سندس ڪلام هن وقت تائين ڇپجي ناهي سگھيو، سندس شاعري جو ڪجهه نمونو ڪتاب “مڪنوز در لعل” ۾ ملي ٿو جيڪي هتي پيش ڪجي ٿو.
“ مطلع آيا عجيب اسان جي اڱڻ احسان ٿيا،
پسي حُسن حبيب هڙئي حيران ٿيا
1: دل گھريو دلدار اڱڻ اڄ آيو آ،
محبت ۾ مشتاق مڙئي مستان ٿيا،
2: سرس ڪري سينگار صنم آيو صورت جو،
ڪاتب قلم قضا جا ڇڏي قربان ٿيا،
3: ساقيءَ سِڪ سان سڏي سوائي سرڪي ڏني،
پلڪ اندر پُر پياسن جا پئمان ٿيا .
4: هيسباڻي صد بار صدق تنهن ساجن تان،
عاشق جنهنجا عرش و برين انسان ٿيا.” (7)


[b]حوالا[/b]
1. شوق، ڊاڪٽر نواز علي “ڪلام عثمان فقير سانگي”، شاهه نصير الدين ادبي ۽ ثقافتي ڪاميٽي نوشهرو فيروز 2004ع ص 5
2. ملاح مختيار احمد “سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو”، ڪاٺياواڙ ڪراچي 2018ع ص 206
3. عباسي، تنوير “ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي”، ڄامشورو سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 2008ع ص 23
4. ايضاً ص 31، 32
5. “بيدل” 4 نمبر، بيدل يادگار ڪاميٽي، 2004ع ص 56
6. اثيم الطاف “ فقير غلام حيدر گودڙيي جو رسالو” سچل چيئر، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور، ڊسمبر 2006ع ص 18
7. هيسباڻي،فقير احسان علي، “ مڪنوز دُرلعل”، حصه اول،صوفي خوش خير محمد هيسباڻي اڪيڊمي ڪرونڊي 2000ع ص 16.