باب ٽيون :مخوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي شاعريءَ ۾ تاريخي ۽ رومانوي ڪردار
سَرها ڏٺم سي، جن ساڃاءَ سِراڻِ سين،
تيغَ تنِين جي کي، ڪَٽُ نه لڳي ڪڏهين.
( “شاهه جو رسالو”،سر يمن ڪلياڻ .2/ 17)
هاڻ پاڻ هتي اھڙن ئي تاريخي ۽ رومانوي ڪردارن جو ذڪر ڪنداسين جن کي فقير خوش خير محمد هيسباڻيءَ پنهنجي ڪلام ۾ ڳايو آھي. خوش خير محمد جي ڪلام جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ، ھو نه فقط سنڌي زبان جو ڄاڻو عالم ھو، پر ھن کي تاريخ جو به ڳوڙھو مطالعو ٿيل ھو، سندس ڪلام ۾ ڪيترائي اھڙا انوکا تاريخي ۽ رومانوي ڪردار ملن ٿا جن جو تاريخ سان گھرو تعلق آھي. ھتي نموني خاطر سندس ڪلام ۾ ڳايل ڪردارن مان ستن تاريخي ۽ رومانوي ڪردارن بابت ويچار پيش ڪجن ٿا.
[b]تاريخي ڪردار
[/b]
[b]منصور حلاج
[/b]
عشق فرض آڻي ادا ڪيو
ابروءَ جي محراب ۾
شاھ منصور کي سوليءَ تي چاڙھيائون
اھو مُلن پنهنجو مدعا ڪيو
پُڇو ھُنن کان ھٿ ڇا آيو؟
نينھن وارن جي ڇو ندا ڪيوَ؟
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 99)
مٿئين شعر ۾ شاعر صوفين جي سرتاج تاريخ جي نه وسرندڙ امر ڪردار منصور حلاج جو ذڪر ڪيو آھي. دنيا اندر تصوف جي ٻريل لاٽ منصور حلاج جي فڪر فلسفي جي محنت کي سمجهيو ويندو آھي. ھن ڪردار کي سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن کان ويندي اڄ تائين جي جديد شاعري ۾ به ڳايو وڃي ٿو، سندس شھادت ۽ زندگيءَ جو مختصر تعارف هتي لکڻ لازمي ٿو سمجهان.
“ حسين بن منصور حلاج جو اباڻو وطن ايران جي مشھور شھر شيراز جي ڪجھ مفاصلي تي طور جو ڳوٺ آھي. ھو 857ع ۾ ڄائو، ھن جو والد ڪپھ ٽاڻڻ جو ڪم ڪندو ھو تنھن ڪري حلاج جي نالي سان مشھور ھو. اڳتي ھلي اھو نالو منصور سان به منسوب ٿي ويو. عربيءَ ۾حلاج لفظ جي معنيٰ آھي حق کي حاصل ڪندڙ. سمجهجي ائينءَ ٿو ته ھن کي حق طلبي ۽ حق گوئي سبب حلاج ڪوٺيو ويو. حلاج جي زندگي جو ابتدائي عرصو عراق ۾ گذريو. بغداد ۾ ھو مشھور عالم ۽ صوفين جي اڳواڻ جنيد بغدادي جو شاگرد ٿي رھيو. سندس طبيعت بي باڪ ۽ غيور ھوندي ھئي، جيڪي سندس دل ۾ ايندو ھو سو چئي ڏيندو ھو. ھو پنھنجي عقيدي مسلڪ تي سختي سان پابند ھو رواداري ۽ مصلحت جو قائل نه ھو. ھو وڏي آواز سان انا الحق جو نعرو ھڻندو رھيو ھن تي ڪفر جو مقدمو مڙھيو ويو ظاهر بين ملاڻن ۽ عالمن 309 ھ ۾ ھن کي قتل ڪرڻ جي فتوا ڏني فيصلي ۾ چيو ويو ته پھريان ھن کي درا ھنيا وڃن، سندس ھٿ پير وڍيا وڃن، سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪيو وڃي، جنھن کانپوءِ ھن جي عضون کي باھ ۾ ساڙيو وڃي ۽ سندس خاڪ کي دجلي نديءَ جي پاڻيءَ ۾ اڇلايو وڃي” (1)
[b]شھيد صوفي شاھ عنايت
[/b]
شهيد صوفي شاهه عنايت جو نالو سنڌ جي تاريخ ۾ نه صرف هڪ عاشق شاعر طور مڃيو وڃي ٿو بلڪه هن تاريخ جي امر ڪردار اسان کي حق جي راهه تي پنهنجي جان جو نظرانو ڏئي جو کيڙي سو کائي جهڙو انمول نعرو ڏئي ڏاڍ خلاف اعلان بغاوت ڪري سچ جي جدوجهد تي جهڪڻ بجاءِ ڪنڌ ڪپائڻ جو بهادراڻو سبق سيکاريو. شاهه عنايت شهيد پنهنجي فڪر ۾ اها ڳالهه واضع ڪئي ته، حق جي راهه ۾ سر قربان ڪرڻ سان زندگيءَ جو بنيادي مقصد پورو ڪرڻ جو ذمو لهي وڃي ٿو. فقير خوش خير محمد ھيسباڻيءَ پنھنجي ڪلام ۾سنڌ جي ھن عظيم ڪردار شھيد صوفي شاھ عنايت جو نالو کڻي ذڪر ڪيو آھي ۽ ان کي پنهنجي ڪلام ۾ خراج تحسين پيش ڪئي آھي. سچل سرمست بعد خوش خير محمد پھريون ئي شاعر آھي، جنھن سڌو سنئون نالو کڻي شاھ عنايت شھيد کي پنھنجي ڪلام ۾ ڳايو آھي، نه ته ھن کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي ڪلاسيڪل شاعرن فقط اشارن ۾ ھن ڪردار جو ذڪر ڪيو آھي.
عشق اهين دي عجب تماشي، سوليءَ تي سلطان پڇو
شاھ عنايت سخن سچارا، جنھن سر ڪيتا عشق امارا.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 144)
[b]شھيد مخدوم بلاول
[/b]
تاريخ جي مطالعي مان پتو پوي ٿو ته هر دؤر ۾ حقيقت پسند انسانن ڏکيا ڏينهن ڏٺا آهن، هر دؤر ۾ حق پرستن تي امتحان ۽ آزمائشون اينديون رهيون آهن، هر دؤر ۾ مذهب جو غلط استعمال ڪري ڪيترن ئي عظيم انسانن کي گهاڻن ۾ پيڙي سندن ڳچين کي سولين جو سينگار بڻايو ويو آهي ۽ ڪيترن ئي نيڪ دل صوفين تي واجب القتل جون فتوائون جاري ڪيون ويون آهن. تاريخ جي اهڙن عظيم صوفي ڪردارن مان شهيد مخدوم بلاول جو نالو به اهم آهي جنهن کي مذهب جي آڙ ۾ ڪوڙين فتوائن جي سهاري گهاڻي ۾ پيڙي شهيد ڪيو ويو.
“ مخدوم بلاول ذات جو سمو هيو، ۽ ٺٽي جي شاهي خاندان سان واسطو رکندڙ هو. انڪري کيس سمون سردار ڪري سڏيندا هئا. سندن ڄم جي تاريخ ملي ڪا نه سگهي آهي، پاڻ ابتدائي تعليم ٺٽي مان پرائي پوءِ وڌيڪ علم ٽلٽيءَ جي ڳوٺ ۾ مخدوم عمر کان حاصل ڪيائين. شادي به اتي ڪيائين. هو علم حديث ۽ تفسير ۾ ماهر ٿيو، سندس هاڪ چؤڌاري پکڙجڻ لڳي، جنهن ڪري پري پنڌ کان ماڻهو وٽس علم پرائڻ جي لاءِ اچڻ لڳا. هن کي سلسلي طريقت ۾ به ڪمال هيو. سندس طريقو سهروردي طريقي جي شاخ ڪبروي جو هو. سندس شجرو طريقت مان نه ملي سگهيو آهي، پر هو ان وقت جي مکيه بزرگن مان هڪ هو”.(2)
سنڌ جي ھن تاريخي ڪردار کي به خوش خير محمد پنهنجي ڪلام ۾ نالو وٺي ڳايو آھي.
گھاڻي وچ بلاول پيڙيا، برحق ڏاڍي بره ڀڪيڙيا
تنهن ڪون وانگر تيل نپيڙيا، جوش جبر جولان پڇو.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 144)
[b]موکي ۽ متارا
[/b]
ھن انمول تاريخي ڪردارن کي شاھ لطيف سميت ٻين ڪيترن ئي ڪلاسيڪل شاعرن کان ويندي جديد شاعرن پنهنجي ڪلام ۾ خوب ڳايو آھي. موکيءَ جو مئخانو مڌ جي پياسن لاءِ مشھور ھوندو هو پري پري جا مڌ جا پياڪ هن جي مئخاني تي ايندا ھئا. ڪي پانڌيئڙا ٿڪ ڀڃڻ ۽ اُڃ اُجهائڻ لاءِ ڪُجھ وقت موکي جي مئخاني ۾ ويھندا ھئا. موکي پاڻ جھڙي طبيعت جي معشوق هئي اھڙو مست ڪندڙ سندس مڌ ھو عشق جي اُڃارن ۽ محبت جي مارين کي جڏھن موکي جي مئخاني جو مڌ ملندو هو ته هو مست ۽ مگن ٿي ويندا ھئا. ڪجھ گھڙين ۽ ڪجھ لمحن لاءِ پنھنجا غم ۽ ڏک وساري ويھندا ھئا. موکي جو مقصد اُڃايلن جي اُڃ اجهائڻ ۽ غمگينن کي آٿت ڏيڻ ھو. خوش خير محمد پنهنجي ڪلام ۾ ھنن ڪردارن کي به ڳايو آھي، هنن ڪردارن تي ڳايل سندس شاعريءَ مان نموني طور ڪلام پيش ڪجي ٿو.
سُرڪ تي ساقي مٽي ٿو ڏس متارن جا مٿا
اصلئون اھا آئي اٿن خرچن ٻئي ناڻي نٿا
اھي سر وڍي ڏين سيگھ ۾ جن جا پيئڻ لئه چپ چتا
ڪاٽيون ڪلالن کي ڏسن ڪوپا نه ڪن ڪائي ڪٿا.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 81)
[b]مارئي[/b]
مارئي جو ڪردار پنھنجي وطن ڌرتي سان پيار حب الوطني ۽ قومي غلامي جبر ڏاڍ کان بغاوت ڪرڻ جي علامت آھي. مارئيءَ جو ڪردار وطن جي حب ۽ محبت جو ڪردار آهي، جهوپڙن ۾ رهندڙ مارن ۽ جهانگين جي ڏکي پر ۽ محبت ڀري رهڻي ڪهڻي جي شهرن ۽ ماڙين ۾ رهندڙن جي سک ۽ عيش واري پر پابند زندگيءَ تي فوقيت جو ڪردار آهي، مارئي جو ڪردار سنڌ جي غريبن جي اشرافت ۽ خود داري سميت سنڌ جي اعليٰ سماجي قدرن جو آئينو پڻ آهي جنهن ڪري هي ڪردار صدين کان وٺي سنڌ ۾ ماڳين مشهور ۽ مقبول رهيو آهي. ھن ڪردار بابت خوش خير محمد جي ڪلام مان سندس شعر نموني طور پيش ڪجي ٿو.
ڏي موڪل ميان مارن وڃڻ جي
مارن ريءَ دل ماندي
سر ساھ ملي سانگيئڙن سان
ورائي ڇڏ وطن تي
جيئن عمر تو آندي
اھو ٿورو ڪر ٿاريچن سان
موڪل ڏي ته مٽين ملان.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 106، 107)
[b]رومانوي ڪردار
[/b]
[b]نوري ڄام تماچي
[/b]
سنڌ ۾ ڄام تماچي نالي هڪ مشهور حڪمران ٿي گذريو آهي جنهن جي دؤر ۾ ڪينجهر ڍنڍ تي رهندڙ هڪ مهاڻي جي ڌيءَ پنهنجي حُسن ۽ خوبصورتيءَ جي ڪري مشهور هوندي هئي جنهن جو نالو نوري هو جنهن کي ڏسڻ سان ئي هر ماڻهو موهجي پوندو هو. هڪڙي ڏينهن ڄام تماچي ڪينجهر جو سير پئي ڪيو ته سندس نظر وڃي نوريءَ تي پئي جنهن نوريءَ جو جمال ڏسي ساڻس شادي ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ پوءِ نوريءَ جي والدين سان ڳالهائي نوريءَ سان نڪاح ڪيائين. نوري جيڪي ذات جي مھاڻي هئي ۽ سندس مائٽ ڪينجھر ڍنڍ تي مڇي ماري پنهنجو گذران ڪندا ھئا نوري جي حسن نماڻپ ۽ نوڙت پنھنجي دؤر جي حاڪم ڄام تماچي کي موهي ڇڏيو ھو، نوري جي حسن جي ڪري ڄام تماچي سمورن مهاڻن مٿان سڄو منڇر انعام ۾ گھور ڪري ڇڏيو جنھنڪري ھن ڪردار کي ڏاڍي پذيرائي ملي ۽ نوري جي سونھن ماڳھين مشھور ٿي وئي ۽ نوري جي ڪردار ۽ حسن جڳ مشھوري ماڻي. فقير خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي ڪلام ۾ نوري جو ذڪر ھن ريت ملي ٿو.
سڄو منڇر ملاحن جي مٿان
ڪيو سمي ڄام انعام
سمي ھئي صورت سُجهندي
مورت واري مام
صورت سڃاڻي ڪري
اچي ڪيائين ھُل ھنگام
مھاڻيءَ جي من ۾
اھو اصل کان ھو الهام
ڏسو نوريءَ ساڻ نگاھ
جنهن کي ڪوڙين ڪن سلام
گندرين جي گام ۾
ڏس ڄلي آيو ڄام
ڪيو تماچيءَ تڪيو
منجھ مياڻيءَ مقام.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 104)
[b]سھڻي[/b]
ھن سنڌ جي جڳ مشھور امر ڪردار کي سماجي اڻ برابري ۽ پنھنجي مرضي خلاف زندگي گذارڻ وارين ڪُڌين رسمن خلاف ھڪ بغاوت ڪندڙ باغي ڪردار طور مڃيو وڃي ٿو سھڻي جو ڪردار جتي بغاوت جو اھڃاڻ آھي اتي ھي ڪردار خوف کان نفرت ۽ بهادريءَ جو ڪردار آهي، سهڻي جي ڪردار ۾ عشق مٿان قربان ٿيڻ جو گس پڻ ملي ٿو. اچو ته ڏسون سنڌ جي هن سورميءَ کي خوش خير محمد هيسباڻي فقير پنهنجي ڪلام ۾ ڪيئن ڳايو آهي.
رات اونداھي مينھن وسن ٿا گھمر گھير جتي ديونسن ٿا
قدم دريا ۾ ڪير ڌري سھڻيءَ ريءَ تک ڪير تري
سُرڪ ميھر جي ڪئي مستاني دلبر دلڙي ڪيس ديواني
وس کان وئي سا ڪيئن وري بيوس ڪئي آ ذوق ذري
خير محمد خوش خيال ملڻ جو موج متي مھراڻ گھرڻ جو
ڇو ساھ سريءَ جو سانگ ڌري مر ميهر سان پرت پري.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي. ص 104)
[b]حوالا[/b]
1: ”سرمست“ 10، خيرپورسچل سرمست يادگار ڪميٽي، 1990ع ص 9،10
2: www.google.com//htp.sindhsalamat