تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڪامريڊ هوچي منهه (شخصيت ۽ جدوجهد)

هي ڪتاب، انقلابِ ويٽنام جي روشن ستاري ڪامريڊ هوچي منهه جي وسيع زندگي ۽ جدوجهد جو وچور آهي، جيڪو منهنجي خيال ۾ هر محڪوم وجود کي فولادي بنائڻ جي سگهه رکي ٿو، زندگي گذارڻ جو گس ڏيکاري ٿو. ڪامريڊ هوچي جي 55 سالن جي ڊگهي انقلابي جدوجهد جو هڪڙو عظيم باب، هن ڪتاب منجهه تحرير ٿيل آهي.
Title Cover of book ڪامريڊ هوچي منهه (شخصيت ۽ جدوجهد)

سنڌيڪار پاران

جڏهن کان انقلابي هوائن سان پريت لڳي آهي، انهيءَ ڏينهن کان پراڻيون مدي خارج سوچون لهندڙ سج جيان الوپ ٿي وڃڻ سان گڏ، اها به خواهش هر وقت دل ۾ جرڪندي رهندي آهي، ته ديس جو هر باشندو انقلابي هوائن منجهه پساهه کڻي، ڪاري اونداهين کي شڪست ڏيئي، روشن سج ڏانهن پنڌ ڪري، ته جيئن اداس ديس جو چهرو مرڪي پوي.
انهي سلسلي ۾ آئون سدائين ادبي ۽ انقلابي ڪمن ڪارن طرف مائل ٿيندو رهيو آهيان. جيئن ته ڪتاب، منهنجا انقلابي ساٿي رهيا آهن، تنهنڪري منهنجي اها ڪوشش رهندي آهي ته، پنهنجي مصروف جيون مان ڪي گهڙيون ڪتابن کي ڏيان، جن مون کي هڪڙي سڃاڻپ ڏني آهي، ته هن سنسار منجهه منهنجو به ڪو وجود پساهه کڻي ٿو.
ڪتابن سان هن رشتي کي ڏسي، منهنجو محبوب دوست ۽ استاد سليم جمالي، مون کي هر مرحلي تي تحريرون لکڻ طرف پڻ اتسائيندو رهندو آهي. سو گذريل هڪ سال کان، آئون پڙهڻ سان گڏ، لکڻ طرف به سفر ڪري رهيو آهيان. منهنجو هي ترجمو، انهي سلسلي جي هڪڙي ڪڙي آهي.
هي ننڍڙو ڪتابڙو، انقلابِ ويٽنام جي روشن ستاري ڪامريڊ هوچي منهه جي وسيع زندگي ۽ جدوجهد جو وچور آهي، جيڪو منهنجي خيال ۾ هر محڪوم وجود کي فولادي بنائڻ جي سگهه رکي ٿو، زندگي گذارڻ جو گس ڏيکاري ٿو. ڪامريڊ هوچي جي 55 سالن جي ڊگهي انقلابي جدوجهد جو هڪڙو عظيم باب، هن ڪتاب منجهه تحرير ٿيل آهي. مون کي اميد آهي ته هي ڪتاب نوجوان نسل ۾ اتساهه جو باعث بڻجندو، نوجوان نسل پنهنجون ڊگهيون سوچون هن ڪتاب تي کپائي، پنهنجي من کي انقلابي پاڻي ڏيئي، انقلابي راهن طرف پنڌ ڪندا، ته جيئن محڪوم ديس جو ڪومايل چهرو مُرڪي پوي.
آخر ۾ آئون ڪامريڊ سليم جمالي جو ٿورائتو آهيان، جنهن ترجمي دوران منهنجي رهنمائي ڪئي ۽ پنهنجي ڊگهي زندگي جو هڪڙو انمول، نفيس ۽ خوبصورت باب پڻ ونڊيائين، جيڪو هن ڪتاب ۾ بطور مهاڳ شامل آهي. ڪامريڊ ارجڻ ڪمار، مورو مل، امير علي گاڏهي، اظهر علي گاڏهي (ڏوڪري)، ظفر علي گاڏهي (ڄامشورو)، پرديپ ڪمار ڀيل ۽ ڪستورچند ويرماڻي جو به ٿورائتو آهيان، جيڪي هن ڪتاب کي شايع ڪرائڻ ۾ اڳ کان به اڳڀرا رهيا. اميد ته منهنجو انقلابي پورهيو محڪوم طبقي جي ساٿين کي پسند ايندو.

[b]ايشور لال سُوجاڻي
[/b]آڌيگام_ ٿرپارڪر
0333-3897754
14 مارچ 2019ع