تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڪامريڊ هوچي منهه (شخصيت ۽ جدوجهد)

هي ڪتاب، انقلابِ ويٽنام جي روشن ستاري ڪامريڊ هوچي منهه جي وسيع زندگي ۽ جدوجهد جو وچور آهي، جيڪو منهنجي خيال ۾ هر محڪوم وجود کي فولادي بنائڻ جي سگهه رکي ٿو، زندگي گذارڻ جو گس ڏيکاري ٿو. ڪامريڊ هوچي جي 55 سالن جي ڊگهي انقلابي جدوجهد جو هڪڙو عظيم باب، هن ڪتاب منجهه تحرير ٿيل آهي.
Title Cover of book ڪامريڊ هوچي منهه (شخصيت ۽ جدوجهد)

4

ڪامريڊ هوچي هدايت ڪئي ته جنرل گياپ جي اڳواڻي ۾ هڪ آزادي جي برگيڊ قائم ڪجي، جنهن جو ڪم فوجي گهٽ ۽ سياسي وڌيڪ هجڻ کپي، ته جيئن عوام ۾ سياسي سجاڳي آڻجي. جنرل گياپ کي الوداع ڪندي، سنهي آواز ۾ کيس ڪامريڊ هوچي چيو؛ ”خفيه ڪارروائي، هميشه خفيه ڪارروائي، هميشه اوچتو حملو ڪجي ۽ دشمن جي جوابي حملي کان پهرين پوئتي هٽي وڃجي.“
ڊسمبر 1944ع جي شروع ۾ ”ڪائو بانگ“ صوبي جي گهاٽي ٻيلي ۾ ويٽنام جي آزادي جي لاءِ هٿياربند پروپئگنڊا برگيڊ ٺاهي ويئي ۽ ڪامريڊ هوچي منهه ان وقت موجود 34 گوريلن کان حلف ورتو. گهاٽي جهنگ ۾ هن گوريلا فوج جي تشڪيل ۽ تربيت، ويٽنامي جنگجو تاريخ جو هڪ لافاني داستان آهي. هن برگيڊ جلد هٿياربند ۽ سياسي جدوجهد ڪندڙ يونٽن سان رابطو قائم ڪري ورتو. 24 ڊسمبر 1944ع ڌاري ويٽنامي انقلابي فوج، ڦائي کاٽ (Phai Khat) واري علائقي ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي، حملو ايڏو ته سخت هو جو دشمن جا حوصلا خطا ٿي ويا ۽ اسلحو ڇڏي ڀڄي ويا. ان ڪاميابي جي خبر وڄ جيان پوري ويٽنام ۾ پکڙجي ويئي، ان کان پوءِ ٿين ٿئاٽ(Thien Thuat) ۽ بائولاڪ(Bao Lac) جي علائقن ۾ وڏا حملا ڪيا ويا. انقلابي فوج کي عوام جي ساٿ سان وڏيون ڪاميابيون ۽ اسلحو هٿ آيو ۽ ٻئي طرف ڪميونسٽ پارٽي جي اڳڪٿي موجب فرانس ۽ جاپان پاڻ ۾ وڙهي پيا.
9 مارچ 1945ع تي جاپاني فاشسٽن فرانس کان ويٽنام جو اقتدار کسي ورتو ۽ وڏي تعداد ۾ فرانسيسين کي قيد ڪري ماري ڀڄائي ويٽنام مان ڪڍي ڇڏيو. ڪميونسٽ پارٽي کي اندازو هو ته ويٽنام ۾ فرانسيسي ڌاڙيلن جا ڏينهن پورا ٿيڻ وارا آهن. پيرائتي ڄاڻ کي اڳيان رکي، پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي به ميٽنگ 9 مارچ 1945ع تي گهرائي وئي، ته جيئن مستقبل لاءِ ڪا پاليسي ٺاهي سگهجي. ميٽنگ ان نتيجي تي پهتي ته مقامي بغاوتن جو سلسلو تيز ڪيو وڃي ۽ جاپان خلاف مضبوط تحريڪ ٺاهڻ لاءِ فرانسيسي سپاهين کي ويٽنام جي مدد لاءِ چيو وڃي. ان دوران ويٽنامين ۽ جاپانين جي جنگي پاليسين جي نتيجي ۾ ويٽنام جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڏڪار جنم ورتو، ان ڏڪار جي نتيجي ۾ ويهه لک ويٽنامي موت جو شڪار ٿيا هئا.
ڏڪار سٽيل ماڻهن جي مدد لاءِ ۽ حالتن مان فائدو وٺڻ لاءِ پارٽي نعرو هنيو ته، ”خوراڪ جي گدامن تي قبضو ڪيو وڃي ۽ عوام کي بک کان بچايو وڃي.“ اهو نعرو ڏاڍو مقبول ٿيو ۽ عوام کي منظم ڪيو، ٻئي طرف جنرل گياپ جي اڳواڻي ۾ هٿياربند پروپئگنڊا برگيڊ ۽ چو وان تان(Chu Van Tan) جي اڳواڻي ۾ ”قومي نجات جي فوج“ ويٽنام جي ڏاکڻي علائقي ۾ تيزي سان ڪاميابيون حاصل ڪرڻ لڳي ۽ انقلابي مرڪز قائم ڪيا هئا. اپريل 1945ع ۾ ”پاڪ بو“ ۾ ڪامريڊ هوچي ۽ گياپ جي ملاقات ٿي، ٻئي پنهنجي ڪاميابين تي خوش ٿيا ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهين جي ڏي وٺ ٿي هئي. 4 جون 1945ع تي ڪامريڊ هوچي فيصلو ڪيو ته انقلابي حڪمت عملي ۾ سڌارو آندو وڃي ۽ کين هڪ آزادي جي فوج جي تحت متحد ڪيو وڃي. فوجي تنظيمن جي فرضن جي ادا ڪرڻ لاءِ جنرل گياپ کي مقرر ڪيو ويو، ان کان سواءِ ڇهه آزاد ڪرايل صوبن باڪ ڪان، ڪائو بانگ، ٿائي نگوين، لانگ لُون، توين ڪوانگ ۽ هاگيا نگ جو عارضي آزاد دارالخلافت بڻايو وڃي ۽ هر سطح تي عوامي ڪميٽيون ٺاهيون وڃن.
عالمي صورتحال تيزي سان تبديل ٿي رهي هئي. 6 آگسٽ 1945ع تي آمريڪا جاپان مٿان ائٽم بم ڪيرائي، هڪ ڌڪ سان کيس ڪمزور ڪري ڇڏيو هو. وري 08 آگسٽ تي روس جاپان خلاف جنگ جو اعلان ڪيو ۽ بنا ڪنهن وڏي مزاحمت جي روس اتر اوڀر چين ۾ موجود سموري جاپاني فوج کي شڪست ڏيئي ڇڏي هئي. اهڙي ريت 15 آگسٽ تي جاپان روس ۽ ٻين اتحادي طاقتن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ٿي پيو هو. عالمي سطح تي جاپان جي چيلهه چٻي ٿي چڪي هئي، پر ويٽنام جي سطح ته اڃا مضبوط طاقت رکندڙ هو. ان طاقت کي ٽوڙڻ لاءِ 16 آگسٽ تي ”ٽائون ٽرايو“ جي جاءِ تي عوامي ڪانگريس ٿي، جنهن ۾ عام بغاوت ذريعي حڪومت تي قبضو ڪرڻ، آزاد ويٽنام لاءِ قومي جهنڊو، ترانو ۽ قومي آزادي جي مرڪزي ڪميٽي جو سربراهه ڪامريڊ هوچي منهه کي مقرر ڪرڻ جا فيصلا منظور ڪيا ويا. ڪانگريس جي پڄاڻي تي ڪامريڊ هوچي قوم کي اپيل ڪندي چيو ته، ”ويٽنامي جهنڊي هيٺ سڄي قوم بهادري سان جاپاني سامراج کي شڪست ڏي ۽ پنهنجو وطن آزاد ڪرائي.“
هن اپيل کان پوءِ سموري قوم ميدان تي اچي وئي، انقلابي فوج جا جٿا جهنگلن مان نڪري ميدان تي اچي ويا ۽ ڌڙاڌڙ ويٽنامي انقلابي ويڙهو جٿن ۾ شامل ٿي رهيا هئا. 19-20 آگسٽ تي ڪامريڊ جي ڪمانڊ هيٺ عوامي بغاوتن جو آغاز ٿيو، چند ڏينهن اندر سامراجي فوج کي ماري ڀڄائي، اسلحو ۽ گولا بارود حاصل ڪيو ويو ۽ ان کان سواءِ ”ويٽ منهه“ جي دستن سمورن سرڪاري عمارتن تي پنهنجو ڪنٽرول سنڀالي ورتو هو. اهڙي طرح ڪجهه ئي ڏينهن اندر انقلابي فوج پوري ويٽنام تي ڪنٽرول سنڀالي ورتو ۽ 29 آگسٽ تي حڪومت جي سربراهن ۽ وزيرن جو اعلان ڪيو ويو هو.
2 سيپٽمبر 1945ع تي 15 لک ماڻهن جي هجوم ۾ هڪڙو سنهڙو شخص ويٽنامي ويس ۾ پنهنجي ساٿين سان گڏ اسٽيج تي آيو، ته هر طرف ”چاچو هو“ جون صدائون بلند ٿي ويون. چاچو هو صدين جي غلامي جي خاتمي جي خوشخبري ٻڌائيندي، آزاد ويٽنام جي قيام جو اعلان ڪندي چيو ته؛
”منهنجي ديس جا باشندو!! اڄ پنهنجو ويٽنام آزاد ٿي چڪو آهي، انهن ظالمن کان، جن 80 سالن کان مٿي اسان کي غلام رکيو. ظلم، جبر ۽ ڏاڍ جا پهاڙ ڪيرايا، جن اسڪولن کان وڌيڪ جيل ٺهرايا، جن اسان جي بغاوتن جي ڪوششن کي رت جي درياهن ۾ تبديل ڪيو، جن اسان جي نئين نسل کي آفيم، شراب ۽ ٻين نشن ذريعي بيهوش ڪيو، جن معاشي ميدان ۾ رت چوسيو، اسان جي زمينن، فصلن، معدني وسيلن جي ڀيلاڙ ڪئي، ڇا ڇا نه انهن فرانسيسي آدم خورن اسان سان ڪيو.“
ڪامريڊ هوچي جي ڊگهي تقرير کان پوءِ عبوري حڪومت قائم ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو ويو، جنهن ۾ ملڪ جو پهريون صدر ڪامريڊ هوچي منهه چونڊيو ويو هو. اهڙي طرح ڊگهي جدوجهد کان پوءِ انقلاب ويٽنام جو پهريو ڏاڪو پنهنجي پڄاڻي تي پهتو هو.
انقلاب کان پوءِ استحصالي قوتن جي ڦرلٽ ۽ مسلسل ويڙهه سبب ملڪ جي معاشي صورتحال انتهائي ڇرڪائيندڙ هئي، ٻن صوبن ۾ 20 لک ماڻهو ڏڪار سبب مري چڪا هئا ۽ ٽئين صوبي ۾ وري ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي هئي. آزاد ويٽنام جي حڪومت هڪ طرف معاشي ۽ سياسي مسئلن ۾ وڪوڙيل هئي، ته ٻئي طرف سامراجي قوتون جيڪي انقلاب ويٽنام کي ڪميونسٽ انقلاب سمجهي پنهنجي سامراجي مفادن جو خاتمو ڏسي رهيون هيون، اهي هڪ دفعو ٻيهر اڀرڻ لڳيون. آمريڪي سامراج، ويٽنام ۾ ڪميونسٽ حڪومت جي قيام جي حق ۾ نه هو، سو آمريڪي سامراج جي اشاري تي چيني سامراجي ايجنٽ ”چيانگ ڪائي شيڪ“ اتر ويٽنام تي حملو ڪيو. جڏهن ته ٻئي طرف ڏاکڻي ويٽنام جي هڪ شهر ۾ برطانوي فوج برطانيه جي بدنام زمانه جنرل گريسي(General Gracey) جي اڳواڻي ۾ داخل ٿي. هي فوج ظاهري طور جاپانين کان هٿيار کسڻ جي مهم جي بهاني سان داخل ٿي، پر اصل سامراجي مقصد فرانس کي خطي ۾ ٻيهر مضبوط ڪرڻ هو. ڪجهه ئي هفتن اندر فرانس جنرل گريسي جي مدد سان ڏاکڻي ويٽنام جي ٻن صوبن تي ٻيهر قبضي جو آغاز ڪيو ۽ جنرل گياپ جي گوريلن ۽ سندن وچ ۾ شديد ويڙهه شروع ٿي وئي. اهڙي طرح ويٽنام جو سڀ کان وڏو دشمن فرانسيسي بيٺڪيتي حملا آور هڪ دفعو ٻيهر سرگرم حملا آور ٿيو هو.
25 ڊسمبر 1945ع تي مرڪزي ڪميٽي اپيل جاري ڪئي ته ”ويٽنامي عوام جو سڀ کان وڏو دشمن فرانسيسي بيٺڪيتي حملا آور آهي، تنهنڪري قوم جو بنيادي فرض آهي، ته پنهنجي طاقت کي منظم بڻائي، فرانسيسي حملا آورن جو مقابلو ڪجي، اندروني غدارن جو خاتمو ڪجي ۽ عام معيار زندگي بهتر ڪجي.“
06 جنوري 1946ع تي ويٽنام ۾ چونڊون ٿيون. 02 مارچ تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪامريڊ هوچي منهه کي صدر مقرر ڪيو ويو هو. ٻئي طرف ”چيانگ ڪائي شيڪ“ به پنهنجي قبضي ۾ آيل ڏاکڻي ويٽنام جو علائقو آمريڪا جي چوڻ تي فرانسيسي فوج جي حوالي ڪري ڇڏيو. ڪامريڊ هوچي هن دفعي ويڙهه بدران امن جي موڊ ۾ هو ۽ 05 مارچ 1946ع تي سينٽرل ڪميٽي پنهنجي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ته، ”هن موقعي تي ملڪ جي حفاظت ڪرڻ جو بهترين طريقو هي آهي ته امن قائم ڪيو وڃي، نه ڪي پلن کي ساڙيو وڃي. جيڪڏهن فرانس سان امن جو معاهدو ٿي وڃي ٿو ته سموريون مشڪلاتون ختم ٿي وينديون.“
ان موقعي تي ڪامريڊ هوچي چيو ته، ”ويڙهه ڪرڻ کان بهتر آهي، ته ذهانت جو مظاهرو ڪندي گفتگو ڪجي.“ ڪامريڊ پنهنجي تقرير هنن جملن تي ختم ڪئي ته، ”مون سموري زندگي ملڪ جي آزادي ۽ جدوجهد ۾ گذاري آهي. توهان ڄاڻو ٿا ته آئون غلامي کان موت کي ترجيح ڏيندس.“ ڪامريڊ جي جذباتي تقرير کان پوءِ باغي ويٽنامين امن جي معاهدي کي قبول ڪيو. 22 جون 1946ع تي ڪامريڊ هوچي پئرس لاءِ روانو ٿيو، اتي جي حڪومت ڪامريڊ کي صدارتي پروٽوڪول ڏنو. امن جي سلسلي ۾ ميٽنگون ٿيون، ڊگهي ياترا کان پوءِ ڪامريڊ مسلسل هڪ سال تائين مسئلي جي پُرامن حل لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو، پر آمريڪا سامراج جو پٺو فرانس پنهنجي هوڏ تي قائم رهيو، نتيجي ۾ ٻيهر انقلابي ميدان تي اچي ويا هئا. 20 ڊسمبر 1946ع تي هڪ اعلان جاري ٿيو؛
”هم وطنو!! امن جي جذبي سان ٽمٽار اسان تمام گهڻيون رعايتون ڏنيون، پر هر رعايت جو فرانسيسين غلط فائدو ورتو ۽ اسان جي حقن تي ڌاڙو هنيو. ملڪ کي انهن جي حوالي ڪرڻ ۽ ٻيهر غلامي جي غار جي ذلت ۾ پوڻ کان سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ بهتر آهي. هم وطنو!! جنهن وٽ رائفل آهي، اهي رائفلون استعمال ڪن، جن وٽ تلوار آهي، اهي تلوارون استعمال ڪن، جن وٽ تلوار به ناهي، اهي ڪهاڙيون ۽ ڏنڊا کڻن. چاهي اسان کي سخت کان سخت مشڪلاتن ۽ بدترين مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي، پر هر قرباني لاءِ تيار رهڻو پوندو. فتح اسان جي ٿيندي.“
ويٽنامي انقلابي هڪ دفعو ٻيهر جنگي مورچن تي اچي ويا، پر هن دفعي انقلابين جي لاءِ وڏي خبر اها هئي جو ايشيا جي سڀ کان وڏي ملڪ چين جي گادي ڪميونسٽن جي قبضي ۾ اچي چڪي هئي. جڏهن جون 1949ع تي هڪڙو سابق ڪٺ پتلي بادشاهه بائو دائي(Bao Dai) کي ٻيهر فرانس جو بادشاهه بڻايو ويو، ته عوامي جمهوريه چين، روس ۽ ٻين سوشلسٽ ملڪن کيس تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ٻئي طرف 18 جنوري 1950ع تي جڏهن چين جي انقلابي حڪومت ڪامريڊ هوچي جي حڪومت کي تسليم ڪرڻ ۽ ساڻس سفارتي تعلقات قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته ان بدلجندڙ صورتحال سامراجين کي منجهائي ڇڏيو، ٻئي طرف مختلف محاذن تي انقلابين ۽ سامراجين جي ويڙهه جاري هئي.
ڊسمبر 1953ع تي پارٽي فيصلو ڪيو ته ويٽنام ۾ فرانس جي مضبوط ڇانوڻي ڊين بين ڦو(Dien Bien Phu) کي فتح ڪجي. فتح جي ڪمانڊ جنرل گياپ کي ڏني وئي، سندس ڪمانڊ هيٺ 70 هزار هٿياربند انقلابين انتهائي مهارت سان مارچ 1954ع تي ”ڊين بين ڦو“ جو گهيرو ڪيو. ”ڊين بين ڦو“ جي جابلو سلسلي ۾ سرخ گوريلن هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي ۽ وڏي جفاڪشي سان 200 کن توپون جبلن تي پهچايون هيون. فرانسيسي فوج جا ان وقت هوش ئي خطا ٿي ويا، جڏهن جبلن مان توپن جا گولا فائر ٿيا هئا. اها ويڙهه لڳ ڀڳ 55 ڏينهن شدت سان جاري رهي ۽ 07 مئي 1954ع تي ”ڊي بين ڦو“ جي سامراجي ڪئمپ تي انقلابين ڳاڙهو جهنڊو ڦڙڪايو هو.
هن مورچي تي 16هزار کان وڌيڪ سامراجي سپاهي موت جو کاڄ ٿيا هئا. ويٽنامي انقلابين جي ”ڊين بين ڦو“ واري سوڀ آمريڪا سامراج کي پريشان ڪري ڇڏيو هو ۽ آمريڪا خطرناڪ بمباري جو پلان ويٽنام لاءِ سوچيو، پر ٻين سامراجي ملڪن سندن ساٿ نه ڏنو هو.
ٻئي طرف ويٽنام جي مسئلي کي نبيرڻ لاءِ جنيوا ۾ عالمي ملڪن جي ڪانفرنس شروع ٿي چڪي هئي، جنهن ۾ فرانس کان سواءِ سوشلسٽ ملڪن ۽ سامراجي ملڪن شرڪت ڪئي هئي. 75 ڏينهن جاري ڪانفرنس کان پوءِ 31 جولاءِ 1954ع تي فرانس ۽ ويٽنام امن معاهدي تي صحيحون ڪيون. هن معاهدي تحت ويٽنام کي عارضي طور تي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو، اتر ويٽنام جو علائقو ڪامريڊ هوچي منهه جي حوالي ڪيو ويو ۽ ڏاکڻي ويٽنام آمريڪي ڇاڙتو رجعت پسند بادشاهه نگو ڊنهه ڊئيم(Ngo Dinh Diem) جي حوالي ڪيو ويو.
واضح رهي ته جڏهن آمريڪين محسوس ڪيو، ته فرانس خطي مان نڪرڻ چاهي ٿو، ته هڪ سازش تحت آمريڪا، فرانس نواز بادشاهه ”بائو دائي“ کي پري ڪري سندس ڪٽر مخالف ”ڊئيم“ کي وزير اعظم مقرر ڪرايو. ان کان سواءِ مسئلي کي هميشه حل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ٻن سالن کان پوءِ قومي اليڪشن جي ذريعي حل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. معاهدي ۾ هڪ بين الاقوامي ڪميشن جو به اعلان ڪيو ويو، جنهن کي جنگ بندي، فوج جي واپسي ۽ چونڊن جي نگراني وارو ڪم سونپيو ويو هو. جنيوا ٺاهه کي فرانس ۽ برطانيه قبول ڪيو، پر پوءِ به ٻئي ٺاهه جي مخالفت ڪندا رهيا، جڏهن ته آمريڪا ٺاهه تي صحيح ئي ڪانه ڪئي هئي. ٻئي طرف آمريڪي ڇاڙتي ”ڊئيم“ پنهنجي آقا جي اشاري تي ڏکڻ ويٽنام ۾ ظلم جي هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي، خطي ۾ قومي سورمن جي يادگارن کي ڊاهيو ويو ۽ ڪميونسٽن جي ڪوس جي هڪ فوجي مهم شروع ڪئي وئي.