تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڪامريڊ هوچي منهه (شخصيت ۽ جدوجهد)

هي ڪتاب، انقلابِ ويٽنام جي روشن ستاري ڪامريڊ هوچي منهه جي وسيع زندگي ۽ جدوجهد جو وچور آهي، جيڪو منهنجي خيال ۾ هر محڪوم وجود کي فولادي بنائڻ جي سگهه رکي ٿو، زندگي گذارڻ جو گس ڏيکاري ٿو. ڪامريڊ هوچي جي 55 سالن جي ڊگهي انقلابي جدوجهد جو هڪڙو عظيم باب، هن ڪتاب منجهه تحرير ٿيل آهي.
Title Cover of book ڪامريڊ هوچي منهه (شخصيت ۽ جدوجهد)

5

آمريڪا پوري دنيا ۾ پنهنجي ساٿي ملڪن، جنهن ۾ برطانيه، فرانس، آسٽريليا، فلپائن، نيوزيلينڊ، هالينڊ ۽ پاڪستان سان ملي، 08 سيپٽمبر 1954ع تي هڪ ڪميونسٽ دشمن تنظيم سيٽو (South East Asian Treaty Organization) قائم ڪئي، ته جيئن دنيا ۾ وڌندڙ ڪميونسٽ تحريڪن جو مقابلو ڪري سگهجي. آمريڪا، ڏکڻ ويٽنام جي حڪومت کان پڇڻ کانسواءِ کيس سيٽو جو ميمبر ڪري ڇڏيو هو، اها جنيوا ٺاهه جي ڀڃڪڙي هئي، ڇو ته هن ٺاهه موجب اتر ۽ ڏکڻ ويٽنام ڪنهن به فوجي ٺاهه جو حصو نه پئي ٿي سگهيا. ان کان سواءِ ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪندي، فرانس جنگي قيدي اتر ويٽنام جي حڪومت جي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ٺاهه موجب جولاءِ 1956ع ۾ ٿيندڙ چونڊ لاءِ، جولاءِ 1955 تي گڏجي صلاح مشورو ڪري ڪانفرنس ڪرڻي هئي، پر آمريڪي ڇاڙتي ”ڊئيم“ چونڊون ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته آمريڪا سامراج کي ڊپ هو ته چونڊون ٿيون ته ويٽنام هڪ ٿي ويندو ۽ ڪامريڊ هوچي جو مقابلو ڪرڻ ممڪن ئي ڪونهي ۽ ڏکڻ ويٽنام کي ڪميونزم خلاف اڏو بنائڻ جو پلان ناڪام ٿي ويندو.
آمريڪي ڇاڙتي ”ڊئيم“ ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ڪميونسٽن جي ڪوس جو سلسلو عام ڪيو ۽ سوشلسٽ حڪومت، جيڪي جاگيرون هارين ۾ ورهايون هيون، اهي واپس ورتيون ويون، مطلب ته هر طرف ظلم جي بازار گرم هئي. چونڊن جي تاريخ جڏهن ويجهو آئي، ته آمريڪي وزير چيو ته، ”ڪميونسٽن اتر ويٽنام جي گوريلن کي ڏکڻ ويٽنام جي فوج ۾ شامل ڪيو آهي، ملڪ ۾ امن امان جون حالتون خراب آهن، تنهنڪري چونڊون نه ٿي سگهنديون.“ هي اعلان جنيوا ٺاهه جي سرعام ڀڃڪڙي هئي، پر عالمي ڪنٽرول ڪميشن جي وس ۾ اختيار نه هئا، جو اها فيصلن تي عمل ڪرائي سگهي. ڪميشن اها به شڪايت ڪئي هئي ته، آمريڪا جديد ترين جنگي هٿيار ۽ وڏي تعداد ۾ فوج ڏکڻ ويٽنام موڪلي آهي.
اهڙي ريت آمريڪا، ڏکڻ ويٽنام کي مڪمل طور پنهنجي ڄار ۾ وڪوڙي ڇڏيو هو. ٻئي طرف ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻي ۾ اتر ويٽنام سوشلزم تحت وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪري رهيو هو. ڪامريڊ هوچي منهه جي انقلابي حڪمت عملي موجب، اتر ۽ ڏکڻ ويٽنام لاءِ ٻه مختلف پاليسيون ٺاهيون ويون، جن جو هڪ ٻئي سان گهرو لاڳاپو هو. ملڪ جي اترئين ڀاڱي کي ڏکڻ ويٽنام ۾ انقلاب لاءِ مضبوط ترين ٺڪاڻو بڻايو ويو هو. ان کانسواءِ قومي عوامي جمهوري انقلاب جو بنيادي فرض زرعي سڌارا آڻڻ هو، سو ان ڪم لاءِ پارٽي هزارين ورڪرن کي منظم ڪيو ۽ زرعي سڌارن کي نهايت اثرائتي نموني اڳتي وڌايو. 1957ع تائين ملڪ ۾ زرعي سڌارن وارو ڪم گهڻي ڀاڱي مڪمل ٿي ويو هو. 8 لک 10 هزار ايڪڙ زمين جاگيردارن کان ڦري هارين ۾ ورهائي وئي هئي. ڪامريڊن ثابت ڪري ڏيکاريو هو، ته ملڪ جو سچو مالڪ هاري عوام آهي. زرعي سڌارن کان پوءِ معيشت جو کاتو ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿيڻ لڳو هو. اهڙي طرح انقلابين جو ويٽنام، زرعي ۽ صنعتي طور ڊگهيون ٻرانگهون ڏيئي، هڪ نئين انقلابي ڏاڪي تي پهچي چڪو هو.
23 جنوري 1957ع تي قومي اسيمبلي جي صدر ڪامريڊ هوچي منهه جي اڳواڻي ۾ هڪ آئين سڌار ڪميٽي ٺاهي ويئي ۽ ڊگهي سوچ ويچار کانپوءِ 31 ڊسمبر 1959ع تي قومي اسيمبلي ملڪ جو پهريون سوشلسٽ آئين منظور ڪيو. جڏهن ته ڏکڻ ويٽنام، جيڪو آمريڪي سامراج جو اڏو هو، اتي ڪميونسٽن جو ڪوس جاري هو. وڏي تعداد ۾ عوام کي ڪميونسٽ هجڻ جو ليبل هڻي، اذيت گاهه جهڙين ڪئمپن ۾ بند ڪيو پئي ويو. 1958ع جي آخر ۾ ”ڦولو ئي“ جي بدنام زمانه جيل ۾ هزارين انقلابين کي زهريلو کاڌو کارائي ماريو ويو ۽ ڊسمبر ۾ حڪومت جي اذيت گاهن ۾ ڪيترائي ماڻهو قتل ڪيا ويا هئا. هنن واقعن کان پوءِ ڏکڻ ويٽنام ٻري اُٿيو هو.
1959ع جي شروعاتي ڏهاڪي ۾ باغي ويٽنامين، آمريڪي سامراج ۽ سندس ڇاڙتي خلاف ڊگهي جدوجهد جو آغاز ڪري ڇڏيو. جولاءِ 1959ع ۾ ڏکڻ ويٽنام جي باغي عوام ۽ ڊئيم سرڪار جي وچ ۾ خوني جهڙپون ٿيون، اڳتي هلي انقلابين جي قيادت ۾ هڪ عوامي بغاوت جنم ورتو. عوام ننڍڙن ننڍڙن هٿيارن، ڪهاڙين ۽ لٺين سان مهاڏو اٽڪايو ۽ ظالم رياستي مشينري کي تباهه ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. نون آزاد ڪرايل علائقن ۾ عوامي ڪميٽيون ٺاهيون ويون، ته جيئن پنهنجي حڪومت قائم ڪري سگهجي. اها عوامي بغاوت ڪيترن ئي صوبن تائين پکڙجي وئي، جنهن آمريڪا سامراج ۽ سندس ڇاڙتي حڪومت جون متون منجهائي ڇڏيون هيون.
20 ڊسمبر 1960ع ۾ ”پاڪ بو“ جي هڪ آزاد علائقي ۾، ڏکڻ ويٽنام ۾ پابندي پيل هارين، مزدورن، دانشورن ۽ شاگرد تنظيمن جي هڪ ڪانگريس ٿي، جتي ”ڏکڻ ويٽنام جو قومي آزادي جو فرنٽ“ (National Liberation Front of South Vietnam) جوڙيو ويو، جنهن جو ڏهه نقاطي پروگرام به منظور ڪيو ويو، جنهن ۾ مرڪزي نقطو آمريڪي سامراجيت ۽ ان جي ڇاڙتي حڪومت کان آزادي ۽ پُرامن ويٽنام جو قيام هو. هن تنظيم اڳتي هلي، عوامي فوج جي شڪل اختيار ڪئي، جنهن کي ”ويٽڪانگ“ سڏيو ويو هو. آزادي جو سياسي فرنٽ ۽ ويٽڪانگ هرروز نيون ڪاميابيون ماڻيندي اڳتي وڌندو رهيو ۽ آزادي فرنٽ جا تيزي سان شهرن ۽ ڳوٺن ۾ يونٽ ٺاهيا ويا هئا. اهڙي طرح هاڻي سڄي ڏکڻ ۾ آزادي جي هلچل زور تي هئي. هاري ۽ مزدور ڏينهن جو روزگار ۽ رات جو ويٽڪانگ گوريلن سان آزادي جي سرگرمين ۾ حصو وٺندا هئا. عوام دوست پاليسين سبب هر جاءِ تي گوريلا منظم ۽ مضبوط ٿيندا پئي ويا ۽ گوريلن هاڻي شهرن جو ڪنٽرول سنڀالڻ شروع ڪيو هو. عوام جي مدد سان انقلابي گوريلن جنوري 1963ع ۾ سائگان(Saigon) (گادي) کان 60 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي هڪ وڏو حملو ڪيو ۽ طاقتور سرڪاري فوج کي وڏو نقصان پهتو ۽ هزارين سرڪاري فوجي اچي عوامي فوج ۾ شامل ٿي ويا هئا.
1963ع جي آخري مهينن تائين ”ڊئيم“ حڪومت ڏاکڻي ويٽنام جي هڪ محدود حصي تائين پهچي چڪي هئي، جڏهن ته ان وقت 16 هزار کان وڌيڪ آمريڪي فوج پنهنجي جديد ترين هٿيارن سان سرڪاري فوج سان گڏ بيٺل هئي. اها روز شڪستن مٿان شڪستون ۽ گوريلن جي حمايت ۾ اضافو ڏسي مڇرجي پئي ۽ گوريلن سان نبيرڻ لاءِ مختلف پلان جوڙڻ لڳي. نومبر 1963ع تي آمريڪا پنهنجي ڇاڙتي ”ڊئيم“ کي هڪ سازش ذريعي مارائي ڇڏيو، سندس جاءِ تي هڪ فوجي جنرل ”وان ٿيو“ کي مقرر ڪيو ويو. ”ويٽڪانگ“ کي شڪست ڏيڻ لاءِ آمريڪا پنهنجي قبضي هيٺ آيل ويٽنام کي فوجي ڪئمپ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو. سڄي آبادي جا سٺ سيڪڙو ماڻهو 6 هزار ڪئمپن ۾ قيد هئا، سندن اصل ڳوٺن کي ساڙيو ويو هو. فقط انهي ڪري ته اهي گوريلن کي پناهه ڏين ٿا ۽ سندن آرمي ۾ ڀرتي ٿين ٿا. فوجي ڪئمپن ۾ قيد ويٽنامين تي اذيت جون نيون تاريخون جوڙيون وينديون هيون. هڪ اندازي موجب، فوجي اذيتگاهن ۾ 1962ع ۾ 40 هزار ۽ 1963ع ۾ 3 لک ويٽنامي قتل ٿي ويا هئا.
آمريڪي بربريت خلاف 1964ع جي پڄاڻي ۾ لکين ماڻهن سائگان ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ مظاهرا ڪيا هئا. ان سان گڏ وگڏ عوامي فوج ۽ سرڪاري فوج ۾ دوبدو هڪڙو مقابلو ٿيو هو. ڇهن ڏينهن تائين جاري رهندڙ ويڙهه ۾ سرڪاري فوج جون ٻه بٽالون، 37 هوائي جهاز ۽ بڪتر بند گاڏيون تباهه ڪيون ويون هيون. هن وڏي مقابلي کان پوءِ عوامي فوج ”بنهه گيا“ جو علائقو مڪمل فتح ڪري ورتو هو.
اهڙي تنگ ٿيندڙ صورتحال کانپوءِ 1965ع تائين آمريڪي سامراج جي فوج جو ڏکڻ ويٽنام ۾ تعداد 5 لک تائين پهچي چڪو هو. ويٽنامي ڇاڙتي حڪومت جي فوج ملائجي ته ڪل فوج جو تعداد 15 لک جي ويجهو هو، وٽن هر قسم جو جديد ترين هٿيار ۽ بارود هو، پر اها جديد ترين فوج ۽ فوجي هٿيار ۽ بارود ”ويٽڪانگ“ جي باغين کي جهڪائي نه سگهيا هئا. آگسٽ 1965ع ۾ ويٽنام جي علائقي ”وان ٽونگ“ ۾ باغين جي هڪڙي يونٽ آمريڪا جي 8 هزار فوجين جي حملي کي ناڪام بڻايو هو.
ان کان پوءِ گوريلن ۾ ويساهه وڌيو، ته ٻئي طرف آمريڪي فوج اڃا وڌيڪ ڇتي ٿي پئي هئي ۽ هن هڪ خطرناڪ پلان جو آغاز ڪيو؛ ”تلاش ڪريو ۽ تباهه ڪريو.“ ان لاءِ ٻه لک آمريڪي فوجين، 1965ع جي پڇاڙي وارن ڏينهن ۾ باغين مٿان وڏو حملو ڪيو، جيڪو ناڪام ٿيو ۽ سامراجي فوج کي ذلت سان ڀريل شڪست ملي هئي. آمريڪا سامراج هنن شڪستن کان پوءِ وڌيڪ ڇتو ٿيو ۽ ڀرپور محسوس ڪرڻ لڳو هو ته اتر ويٽنام ڏاکڻي حصي لاءِ انقلاب جو اڏو بڻجي ويو آهي، ته آمريڪا سامراج اتر ويٽنام تي جهازن ذريعي شديد بمباري ڪئي. هڪ اندازي موجب، اتر ويٽنام تي هر منٽ ۾ ڏيڊ ٽن وزني بم ڪِري رهيا هئا. اهڙي شديد بمباري ٻي عالمي جنگ ۾ آمريڪا سڄي يورپ تي به ڪانه ڪئي هئي.
اهڙي وحشت باوجود، اتر ويٽنام جو عوام ڊڄي وڃڻ بدران هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي محبوب رهنمائن جي قيادت ۾ ميدانِ جنگ تي اچي ويو هو. ڪامريڊ هوچي عوام کي اپيل ڪندي چيو ته، ”آمريڪي بربريت کي شڪست ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃو. ممڪن آهي ته جنگ پنج ڏهه يا ويهه سال هلي، ”هائي ڦونگ“ ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ وڏي محنت سان جوڙيل ڪارخانا ۽ ٻيا ادارا تباهه ٿي وڃن، پر ويٽنامي عوام جا حوصلا ڪڏهن به نه گهٽجن، آزادي ۽ خودمختياري کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به مقدس ناهي. فتح کان پوءِ اسان پنهنجي ملڪ جي نئين سر تعمير ڪنداسين.“
اهڙي ريت ڪامريڊ هوچي، فتح حاصل ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪم آڻڻ جي پاليسي هڪ دفعو ٻيهر دهرائي، ”همت ڪري آمريڪي جهازن کي ڪيرايو، پيداوار وڌايو، ٻيلن ۾ اسڪول کوليو ۽ آخري رت جي ڦڙي تائين ويڙهه ڪريو.“ هن نعري تحت هزارين ويٽنامي ٻيهر ميدان تي آيا هئا، آمريڪي جنگي جهازن جهڙي ريت ڏينهون ڏينهن پنهنجي حملن ۾ شدت برپا ڪئي، ساڳي ريت ويٽنامي گوريلا جنگي جهازن جي رفتار سان اڳيان آيا. 30 جنوري 1968ع تي آزادي فوج پنهنجي مقدس تهوار تي رات جي پهر ۾ هڪ ئي وقت 20 کن شهرن، ڳوٺن ۽ فوجي جاين تي اوچتو زبردست شدت سان حملا شروع ڪري ڏنا، جنهن ۾ آمريڪي سفارت خانو، صدارتي محل، سرڪاري هيڊ ڪوارٽر ۽ پوليس جون وڏيون جايون شامل هيون. هنن منظم حملن کان پوءِ انقلابي گوريلن 2 هزار کان مٿي قيدي آزاد ڪرايا، دشمن جي 6 لک 30 هزار فوج بيڪار ٿي وئي، جن ۾ 2 لک 30 هزار آمريڪي ۽ سندس ڇاڙتن ملڪن جي فوج شامل هئي. اهڙي طرح سموري سامراجي فوج انتشار جو شڪار ٿي وئي ۽ دفاعي پوزيشن تي اچي بيٺي هئي. هڪ اندازي موجب، 1968ع تائين رڳو اتر ويٽنام ۾ 3243 آمريڪي جنگي جهاز تباهه ٿي چڪا هئا، ان کان سواءِ هزارين سپاهي مارجي چڪا هئا. هنن حملن آمريڪي سامراج کي لوڏي ڇڏيو هو، هو پنهنجي جنگي پاليسي تبديل ڪرڻ تي مجبور ٿي پيو ۽ امن جو ڍونگ رچائڻ شروع ڪيائين.
31 مارچ 1968ع تي آمريڪا، اتر ويٽنام تي بمباري گهٽائڻ ۽ گفتگو ڪرڻ تي راضي ٿيو. اتر ويٽنام اها آڇ قبولي ۽ مئي 1968ع کان پئرس ۾ امن گفتگو شروع ٿي، پر دوران گفتگو آمريڪي بمباري جاري هئي. جڏهن آمريڪي نئون چونڊجي آيل صدر رچرڊ نڪسن پنهنجي مرضي موجب ٺاهه ڪرڻ چاهيو، ته ڪامريڊ هوچي 20 جولاءِ 1969ع تي قوم کي خطاب ڪندي چيو ته، ”آمريڪي سامراج اسان تي انساني تاريخ جي انتهائي ظالماڻي جنگ مڙهي آهي. آمريڪي عوام سان غداري ڪندي، نڪسن اسان جي ملڪ جي ڏاکڻي حصي ۾ پنهنجي ڏاڍ مڙسي قائم ڪرڻ لاءِ جنگ ڪري رهيو آهي.“
ڪامريڊ هوچي قوم کي ويڙهه ۽ آزادي جو اتساهه ڏياريندي وڌيڪ چيو ته، ”وطن سان پيار ڪندڙ منهنجي ديس جا سورمو! انقلابي تيارين سان اڳتي وڌو، آمريڪي بربريت کي شڪست ڏيو، سوڀ ويٽنامي عوام جي ٿيندي.“ هن خطاب کان پوءِ عوام ۾ جدوجهد جو ويساهه وڌيڪ مضبوط ٿيو، ان جو اندازو توهان هن ڳالهه مان لڳائي سگهو ٿا، ته اتر ويٽنام ۾ انقلابين جي ساڍا اٺ لک فوج ۾ چاليهه سيڪڙو عورتون هيون.
1969ع جي شروعاتي مهينن ۾ انقلابين جا ”اوچتو حملن“ سان گڏ ”باقاعده حملا“ شروع ٿي ويا، ڇهن مهينن اندر دشمن جا وڌيڪ ٽي لک سپاهي ڪي گرفتار ٿيا، ڪي مري ويا هئا، جن ۾ هڪ لک 45 هزار آمريڪا ۽ ان جي ڇاڙتن ملڪن جي فوج هئي. 06 جون 1969ع تي ”ويٽڪانگ“ ۽ ”سياسي فرنٽ“ ڏاکڻي ويٽنام ۾ عارضي حڪومت جي قيام جو اعلان ڪيو. هن اعلان کان پوءِ آمريڪا سامراج اتر کان ڏکڻ ويٽنام ۾ بمن جا مينهن وسايا، هڪ اندازي موجب اتر ۽ ڏکڻ ويٽنام جي ساحلي علائقن ۾ رڳو 69-1968ع ۾ 20 لک ٽن کان مٿي بارود وسايو ويو، پر سامراجي ويٽنامين جي حوصلي، بهادري ۽ جرئت کي جهڪائي نه سگهيا. آزادي جي جنگ هلندي 03 سيپٽمبر 1969ع واري ڏينهن تي صبح 09 وڳي مارڪس ۽ لينن جي رستي جو پانڌيئڙو، ويٽنامي پورهيتن جو رهبر، ويٽنامي آزادي جي تحريڪ جو سرواڻ ۽ سمورين مظلوم قومن جو هيرو ڪامريڊ هوچي منهه، جنهن کي ويٽنامي پيار مان ”چاچا هوچي“ چوندا هئا، 69 سالن جي ڄمار ۾ دل جي دوري سبب وفات ڪري ويو.
ڪامريڊ جي وفات تي آمريڪي سامراج ۽ سندس ڇاڙتا سمجهڻ لڳا ته هاڻي ويٽنامي پنهنجي رهبر جي جسماني طور نه هجڻ ڪري انتشار جو شڪار ٿيندا، سندن تحريڪ ڪمزور ٿي ويندي. پر اها سندن ڀُل هئي، ڇو ته ڪامريڊ هوچي منهه پنهنجي پويان لاتعداد دلير، سجاڳ، فولادي، وسيع سوچ رکندڙ انقلابي پيدا ڪري ويو هو، جن سندس تعليم ۽ وصيت (جدوجهد جاري رهي، ايستائين جيستائين دشمن وٽ توهان جي زمين جو هڪ انچ به باقي هجي) جي سٽ سٽ تي عمل ڪندي، تاريخي ڪاميابيون حاصل ڪري، چار سالن اندر هڪ جابر سامراجي طاقت کي شڪست ڏئي ”انقلاب ويٽنام“ آندو. ويٽنام جي انقلاب سڄي دنيا جي هارين مزدورن کي سبق سيکاريو، ته جيڪڏهن توهان به پيڙهيل، ستايل ۽ اڻپڙهيل آهيو، پر توهان دلير آهيو ۽ توهان جا عزم فولادي آهن، ته پوءِ دنيا جي وڏي ۾ وڏي جابر ۽ ظالم طاقت کي به شڪست ڏئي سگهو ٿا.