تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڪامريڊ هوچي منهه (شخصيت ۽ جدوجهد)

هي ڪتاب، انقلابِ ويٽنام جي روشن ستاري ڪامريڊ هوچي منهه جي وسيع زندگي ۽ جدوجهد جو وچور آهي، جيڪو منهنجي خيال ۾ هر محڪوم وجود کي فولادي بنائڻ جي سگهه رکي ٿو، زندگي گذارڻ جو گس ڏيکاري ٿو. ڪامريڊ هوچي جي 55 سالن جي ڊگهي انقلابي جدوجهد جو هڪڙو عظيم باب، هن ڪتاب منجهه تحرير ٿيل آهي.
Title Cover of book ڪامريڊ هوچي منهه (شخصيت ۽ جدوجهد)

1

ويٽنام جي صوبي نگهي آن (Nghe An) جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڪم لين(Kim Lien) ۾، هڪ هاري نگوين سنهه هوئي (Nguyen Sinh Huy) جي گهر ۾، 19 مئي 1890ع تي هڪ ٿڪلڙو ٻار ڄائو، جنهن جو نالو نگوين سنهه ڪونگ(Nguyen Sinh Cung) رکيو ويو، جيڪو اڄ سڄي دنيا ۾ ڪامريڊ هوچي منهه جي نالي سان مشهور آهي. ڪامريڊ هوچي منهه جڏهن ڄائو، تڏهن سندس محبوب ڌرتي، فرانسيسي قبضاگيرن جي قبضي ۾ هئي ۽ ويٽنام سان پيار ڪندڙ ويٽنامي جوڌا، ڦرلٽ ڪندڙ وحشي طاقت، فرانسيسي سامراج خلاف وڙهي رهيا هئا. 1885ع ۾ فرانسيسي سامراج جون متون منجهائيندڙ بغاوت، جيڪا ”عالمن جي بغاوت“ جي نالي سان مشهور آهي، ان بغاوت ۾ سندس والد شريڪ رهيو. جيئن ئي بغاوت ٿڌي ٿي، ته ڪامريڊ هوچي جو پيءُ فرانسيسي درٻار ۾ ملازمت ڪرڻ لڳو، پر کيس يڪدم انهي ڪري نوڪري مان ڪڍيو ويو، جو مٿس وطن لاءِ وڙهندڙ جوڌن سان همدردي جو الزام هو. انهيءَ کان سواءِ، هو ملڪ تي مڙهيل فرانسيسي زبان جي عملي طور شديد مخالفت ڪندڙن مان هو. فرانسيسي سامراج، ويٽنامين کان ڌرتي جا وسيلا ته ڦري ورتا هئا، پر ڌرتي ۽ آزادي سان محبت کسڻ، سندن وس کان ٻاهر هو. هاڻي ڪامريڊ هوچي جي پيءُ ٻيهر ٻني ٻاري جو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي ٻارن کي پڙهائڻ لڳو، ڇوته سندس شمار انهن محب وطن ويٽنامين ۾ هو، جن جو خيال هو ته ويٽنامي ٻارن کي هر صورت ۾ پڙهائي کان پنهنجو رشتو ڌار نه ڪرڻ گهرجي.
نگوين سنهه هوئي پنهنجي ٽنهي ٻارن جي تعليم تي وڏي توجهه ڏني، پر ان سان گڏ غلام ويٽنام سان پيار جي لولي به ڏيندو رهندو هو. ڪامريڊ هوچي اڃا ڏهن سالن جو مس ٿيو، ته سندس امڙ وفات ڪري وئي. ان دور ۾ سندس وڏي ڀيڻ باچ لين (Bach Lien)جيڪا لکيل پڙهيل ۽ انقلابي جذبن سان ٽمٽار هئي. اها فوجي آفيسرن جي هڪ ڪينٽين ۾ مئنيجر جي نوڪري ڪرڻ لڳي، پر خانداني ورثي ۾ مليل وطن سان محبت، کيس اتي به وطن کان ڌار نه ڪري سگهي. هوءَ فوجي ڪينٽين ۾ ڪم ڪندي، لڪ ڇپ ۾ فرانسيسي فوج جو اسلحو وطن جي آزادي لاءِ وڙهندڙ گوريلن ڏانهن موڪليندي رهندي هئي ۽ هڪ دفعي پڪڙجي پيئي. ڇانوڻي جي هڪ فوجي آفيسر ساڻس مخاطب ٿيندي چيو؛ ”ٻيون عورتون پيٽ سان ٿينديون آهن، ته ٻار پيدا ڪنديون آهن. تون پڪ سان هٿيار پيدا ڪندينءَ.“ ان ڏوهه ۾ کيس ڊگهي قيد جي سزا ڏني وئي.
اهڙي طرح ڪامريڊ هوچي به پنهنجي ننڍڙي ڄمار ۾ سياسي سرگرمين جو آغاز ڪري ڇڏيو، هو پندرهن سالن جي عمر ۾ اسڪول اندر هڪ ”باغي ڇوڪري“ طور سڃاتو ويندو هو. هن دور ۾ يعني 1903ع ڌاري هڪ روشن خيال سامراج دشمن دانشور ڦان بوئي چائو(Phan Boi Chau) ، جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان جديد ويٽنام ٺاهڻ لاءِ آزادي جي هڪ ڪائونسل قائم ڪئي هئي. چائو فرانس مخالف ۽ روشن خيال بادشاهت جو حامي هو، سندس موجب هڪ ترقي پسند بادشاهه، ويٽنام کي هڪ ترقي يافته ملڪ بڻائي سگهي ٿو. چائو جي آزادي ڪائونسل ٻن ڪمن تي وڏو زور ڏنو، هڪ ويٽنامي نوجوانن کي پڙهائي لاءِ ٻاهرين ملڪ موڪلڻ ۽ ٻيو پاڙيسري ملڪن، جن ۾ چين ۽ جاپان کان مدد وٺڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ. چائو پوري ملڪ مان ڪيترن ذهين نوجوانن کي ٻاهرين ملڪ پڙهڻ لاءِ چونڊيو، انهن ۾ ڪامريڊ هوچي منهه ۽ سندس وڏي ڀاءُ کيم(Khiem) جو به نالو هو. پر ڪامريڊ هوچي ٻاهر وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڇوته هو چائو کي وطن دوست ته سمجهندو هو، پر سندس پروگرام پسند نه هو.
بهرحال، ڦان بوئي چائو هزارين نوجوانن کي تعليم ۽ انقلابي تربيت حاصل ڪرڻ لاءِ جاپان موڪليو. 1905ع ۾ پاڻ جاپان ويو ۽ هڪ سال کان پوءِ اتي ئي هڪ انجمن ”جديد ويٽنام“ جو بنياد رکيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي اها انجمن ويٽنام جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي وئي. چائو جون مزاحمتي لکڻيون پوري ويٽنام ۾ ورهائجڻ لڳيون، جن ماڻهن جي جذبن کي وڌيڪ اڀاريو ۽ جلد ئي پوري ملڪ جي وڏن شهرن ۾ فرانسيسي جبر خلاف وڏا وڏا مظاهرا ۽ هڙتالون ٿيڻ لڳيون. عوامي احتجاجن کان گهٻرائيندي فرانسيسي سامراج بندوقن جا منهن کولي ڇڏيا ۽ ويٽنام ۾ رت جو درياءَ ڇوليون هڻڻ لڳو هو.
هرطرف بهادر ويٽنامي ۽ قبضاگير فرانسيسي آمهون سامهون هئا. 1908ع ڌاري ڪامريڊ هوچي جي ماءُ جو چاچو ”ايڪسيوهن“ ڏکڻ ويٽنام ۾ هڪ باغي ”ڊي ٿيم“ جي اڳواڻي هيٺ ٿيندڙ هڪ فوجي بغاوت ۾ پڪڙجي پيو. اذيت گاهه ۾ راز فاش ڪرڻ لاءِ مٿس عقوبتن جا جبل ڪيرايا ويا، پر هن مڙس ماڻهو ٻاڦ به ٻاهر ڪونه ڪڍي. ايتري تائين جو قومي بغاوت جا راز بچائڻ لاءِ هن پنهنجي زبان ڏندن جي وچ ۾ ڏيئي، واري جو زور ڏنائين، ته سندس زبان جو اڳيون حصو اچي پٽ تي ڪِريو. سر زمين تي موجود گورنر اها سچائي ڏسي، ششدر ٿي ويو.
ايڪسيوهن جي وطن سان وفا، هوچي کي وڌيڪ فولادي بڻايو. هڪ ڏينهن فرانسيسي ڦرلٽ ۽ بربريت خلاف هڙتال ٿي، هڙتالي جلوس ۾ ڪامريڊ هوچي شرڪت ڪئي. اوچتو پوليس جلوس تي لٺ بازي ۽ گوليون هلائڻ شروع ڪيون، سندس ٻيا نوجوان ساٿي ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پر ڪامريڊ هوچي آخر تائين پٿراءُ ڪندو رهيو. پوليس اهلڪارن کيس سڃاڻي ورتو، ٻئي ڏينهن پوليس وارا اسڪول پهچي ويا ۽ انهن جي شڪايت تي 1908ع ۾ کيس ”باغي“ چئي ڪري اسڪول مان نيڪالي ڏني وئي. هي واقعو، سندس تعليمي سرگرمين جي پڄاڻي هئي، ان کان پوءِ ڪامريڊ هوچي منهه انقلابي درسگاهن جو کٿابي رهيو. اسڪول مان نيڪالي ڏيڻ وارو واقعو ڄڻ ڪامريڊ هوچي جي باقاعده سياسي زندگي جو شروعاتي سبب بڻيو. اوچتو پوليس اشتهاري مجرمن جي لسٽ جاري ڪئي، ان لسٽ ۾ سندس نالو موجود هو. ڪامريڊ هوچي روپوش ٿي ويو، ان روپوشي کيس انقلابي گوريلي ٿيڻ جا دروازا کولي ڇڏيا. جنهن کان پوءِ هو سائيگان، هليو ويو، جتي هن بحري جهازن ۾ ملازمت جي ڪوشش ڪئي، ته جيئن هو فرانس پهچي سگهي. هن جي من ۾ خيال هو ته فرانسيسي زبان ۽ ڪلچر مان واقف ٿئي، ته جيئن هو آزادي جو قابل عمل منصوبو ٺاهي سگهي.
هوچي منهه، 1911ع جي آخري ڏينهن ۾، ڪامريڊ نالي هڪ فرانسيسي بحري جهاز ۾ ملازم ٿيو، ملازمت دوران کيس اسپين، پرتگال، مصر، الجزائر ڏسڻ جو موقعو مليو. ان وقت سندس ڄمار 21 سال هئي. اوچتو ڪامريڊ تي هڪڙي شامت ڪڙڪي، هن ملازمت ڇڏي ڏني ۽ پيٽ گذر ڪرڻ لاءِ فخر سان مختلف هوٽلن تي پيشگيري ڪرڻ لڳو هو. ان سان گڏ وگڏ پئرس ۾ رهندي، فرانسيسي زبان سکڻ ۽ اتي رهندڙ مقامي ويٽنامين سان واسطا وڌائڻ شروع ڪيا. ايستائين جو هن فرانس جي سوشلسٽ پارٽي سان به واسطو قائم ڪيو هو.
شروع شروع ۾، فرانسيسي دانشور کيس شرميلو ۽ فڪري طور اٻوجهه سمجهندا هئا. آهستي آهستي تجربي ۽ علم سندس شعور ۽ علم ۾ زبردست اضافو ڪيو ۽ ڪامريڊ هوچي، فرانس سامراج جي جبر ۽ ويٽنامي عوام جي آزادي جي جدوجهد تي مختصر مضمون لکڻ شروع ڪيا. پر جلد 1914ع ڌاري هو وسيع مشاهدي ۽ مختلف سماجن جو اڀياس ڪرڻ لاءِ فرانس ڇڏي، هڪ بحري جهاز ۾ بورچي بڻجي آمريڪا پهتو. هن هتي آمريڪا جي شهر بوسٽن ۽ نيويارڪ ۾ هڪ بسڪيٽ ٺاهيندڙ بيڪري تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ آمريڪي معاشري کي ويجهي کان ڏٺو ۽ واقفيت حاصل ڪئي. ان کان پوءِ ڪامريڊ هوچي ڀٽڪندو ڀٽڪندو انگلينڊ پهتو، هتي هن هوٽلن تي پيشگيري ڪئي، فوٽوگرافي واري پيشي سان وابسته رهيو ۽ ڪيتريون ئي مزدوريون ڪيون، پر پوءِ به وطن سان محبت ۽ آزادي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪندو رهيو. هن هتي آئرلينڊ جي قومي آزادي جي تحريڪ ۾ حصو ورتو، سياسي مضمون پڙهيا ۽ لفظ انقلاب کي صحيح طرح سمجهڻ جي ڪوشش ڪيائين.
1917ع ۾ روس جي پورهيت انقلاب اچڻ کان ڪجهه هفتا پهرين ڪامريڊ هوچي ٻيهر فرانس پهتو. روس جي پورهيت انقلاب جهڙي ريت پوري دنيا جي پورهيتن کي ويساهه ڏنو، نجات جو گس ڏيکاريو، ساڳي طرح فرانسيسي صنعتي معاشري تي وڏو اثر پيو ۽ هتي مزدورن جون جماعتون ۽ کاٻي ڌر جون پارٽيون وڌيڪ منظم ٿيڻ لڳيون. فرانس پهچي، ڪامريڊ هوچي پنهنجو نالو نگوين اي ڪوڪ (Nguyen Ai Quoc) رکيو، جنهن جو مطلب هو ”محب وطن نگوين“ ۽ سندس دوست ڦان وان ترونگ(Phan Van Truong) سان گڏ هڪڙي گنجان آبادي واري علائقي ۾، هڪ پراڻي ڪوارٽر ۾ رهڻ لڳو. ٿوري ئي عرصي ۾ جڏهن ڪامريڊ هوچي پنهنجي مقامي باشندن سان واسطا وڌايا، ته هو انهن هم وطنن سان رهڻ لڳو هو.
ڪامريڊ هوچي، هتي فوٽوگرافي جو ڪم ڪرڻ لڳو، تنهن ڪري کيس لکڻ پڙهڻ ۽ سياسي ميل ميلاپ لاءِ ڪافي وقت مليو هو. هو اڪثر هڪ مشهور ڪتابن جي دڪان تي ويندو هو، جتي سندس مزدور پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون. فرانس جي مزدور رهنمائن جي چوڻ تي ڪامريڊ هوچي هڪ اخبار ”لومانتي“ ۾ آرٽيڪل لکڻ جو سلسلو شروع ڪيو. پنهنجي مضمونن ۾ هن فرانسيسي بربريت ۽ ڦرلٽ کي اگهاڙو ڪيو ۽ ويٽنام جي آزادي جا گيت لکيا. ان وچ ۾ سندس ملاقات پورهيتن جي عظيم فڪري استاد ڪارل مارڪس جي پوٽي جين لانگيوٽ (Jean Longuet) سان ٿي، پوءِ ڪامريڊ هوچي سندس رسالي ”لوپو پوئير“ جي لاءِ مضمون لکڻ شروع ڪيا.
فرانس ۾ رهندي، هلڪڙي طبيعت رکندڙ فيشني سوشلسٽ ڪامريڊن، ڪامريڊ هوچي تي سياست بابت گهٽ ڄاڻ جو الزام هنيو، جنهن تي ڪامريڊ پنهنجي علم جي اضافي لاءِ مارڪس، اينگلز ۽ لينن جي لکڻين جو گهرو مطالعو شروع ڪيو. ڪامريڊ لينن جي تحريرن مٿس وڏو اثر وڌو، کيس هڪ نئين راهه ڏيکاري. آخرڪار ڪامريڊ هوچي منهه کي پنهنجو هڪ رهبر، ڪامريڊ لينن جي شڪل ۾ ملي ويو. مارڪسزم ۽ ليننزم جي مطالعي، صحافت ۽ سياحت جي ڊگهي سفر کان پوءِ ڪامريڊ هوچي منهه سمجهي ورتو هو، ته ويٽنام، الجزائر ۽ فرانس جي پورهيتن جو دشمن هڪ ئي آهي، جنهن جو نالو فرانسيسي سامراج آهي. ڪامريڊ هوچي موجب؛ ”استاد لينن جي تحريرن منهنجي زندگي بدلائي ڇڏي. مون پوري طرح سمجهي ورتو، ته دنيا جي پورهيتن ۽ مظلوم ماڻهن کي صرف سوشلزم ۽ ڪميونزم ئي آزادي ڏياري سگهي ٿو.“
جڏهن ڊسمبر 1920ع ۾ فرانسيسي ڪميونسٽ پارٽي ٺاهي پئي وئي ته ڪامريڊ هوچي بنيادي ڪردار ادا ڪيو، 26 ڊسمبر 1920ع تي تُور ۾ ٿيندڙ سوشلسٽ ڪانگريس ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي ۽ ان موقعي تي زبردست جذباتي تقرير ڪندي چيائين؛ ”ڪامريڊو!! ڪاش! آئون اڄ سڄي دنيا اندر انقلاب آڻڻ واري عظيم ڪم ۾ توهان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي، اول صف ۾ بيٺو هجان ها، پر ڇا ڪجي، آئون هڪ سوشلسٽ جي حيثيت سان منهنجي وطن ۾ برپا ڪيل بربريت خلاف آواز بلند ڪري رهيو آهيان. توهان بخوبي ڄاڻو ٿا ته فرانسيسي سامراج گذريل پنجاهه سالن کان ويٽنام تي قبضو ڪري ويٺو آهي، هن بندوق جي زور تي قبضو ڪيو ۽ سرمائيداري جي نالي تي غلام ڪيو. ان وقت کان وٺي اڄ تائين، انسانيت لڄائيندڙ ظلمن ۽ مختلف طريقن ذريعي استحصال کان سواءِ اسان کي ماريو ويو ۽ آفيم، شراب ۽ ٻين نشن جي صورت ۾ زهر ڏنو ويو، ته جيئن اسان مدهوش هجون. بهرحال هن پاپي سرمائيدارن جي ظلم جي ڪهاڻي ڊگهي آهي، چند منٽن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن ڪونهي. جيل، جن جو تعداد اسڪولن کان وڌيڪ آهي، هميشه کليل هوندا آهن ۽ انهن ۾ لاتعداد ماڻهو قيد آهن. جيڪو به آواز بلند ڪري ٿو، ان کي جيل ۾ بند ڪيو وڃي ٿو يا ڦاسي تي لٽڪايو وڃي ٿو. اسان وٽ اظهارِ آزادي، اخبارن، رسالن تي پابندي آهي، اسان جلوس نٿا ڪڍي سگهون، نه ئي ڪا تنظيم ٺاهي سگهون ٿا. اسان جهالت جي غار ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون، اسان کي تعليم حاصل ڪرڻ جي آزادي ڪونهي. اسان ويٽنامين کي آفيم سان بيهوش ۽ شراب سان بدمست ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويئي آهي.
ڪامريڊئو!! ٻه ڪروڙ ويٽنامين سان اهو انسانيت لڄائيندڙ سلوڪ ٿي رهيو آهي، تنهنڪري ڪميونسٽ پارٽي جو اهو فرض آهي ته ويٽنامين لاءِ ڪجهه ڪيو وڃي. هڪ ڪميٽي ٺاهي وڃي، جيڪا ڪالونين جي مسئلي جو اڀياس ڪري ۽ حل لاءِ تجويزون پيش ڪري، ته اسان اڃا به وڌيڪ خوش ٿينداسين.“
ڪامريڊ هوچي جي ڊگهي تقرير کان پوءِ هر طرف تاڙين جي گونج بلند ٿي، اهي تاڙيون ٻڌائي رهيون هيون، ته ڪميونسٽ پارٽي ويٽنامين ۽ سمورن محڪوم قومن جي باشندن سان گڏ آهي. اهڙي طرح هڪ ڪميٽي ٺهي وئي ۽ ڪامريڊ هوچي ان جو ميمبر ٿيو. ڪامريڊ هوچي پنهنجو هڪ ڪتاب ”فرانسيسي بيٺڪيتي عمل“ شايع ڪيو. هن ڪتاب ۾ ويٽنامين تي قابض فرانسيسي حڪومت جي جبر جي تصوير ڪشي ڪئي وئي هئي ۽ هي ڪتاب ”انٽر ڪالونيل يونين“ قائم ٿيڻ جو سبب بڻيو، ته جيئن ويٽنامي ۽ ٻين فرانسيسي ڪالونين جي آزادي ۾ لاڳاپو رکي سگهجي ۽ يونين جو ترجمان ”ڪوپاريا“ (مظلوم) نالي هڪ اخبار ڪڍي وئي. هن اخبار فرانس ۾ رهندڙ ويٽنامين ۽ ويٽنامي پڙهندڙن ۾ مارڪسزم ۽ ليننزم جو ٻج ڇٽيو. جيئن ئي اخبار جو شور گونجيو، ته فرانسيسي پوليس ڪامريڊ هوچي جي پٺيان پئجي وئي. هاڻي ڪامريڊ هوچي جو فرانس ۾ رهڻ خطري کان خالي نه هو، ڇوته فرانسيسي پوليس کيس هڪ خطرناڪ انقلابي جي روپ ۾ ڏسي رهي هئي.