3
ڪامريڊ هوچي، جيڪو ڪيترن ئي سالن کان پاڻ کي گرفتاري کان بچائڻ لاءِ پاڻ تي مختلف نالا رکي، پنهنجي عوام سان رابطي ۾ رهيو هو، سو عالمي سامراج جي نظر ۾ خطرناڪ ڏوهاري هو. جاسوسن کان بچڻ لاءِ هن عظيم پورهيت ليڊر ڪامريڊ، عيسائي پادرين جو ويس ڌاري به پنهنجي جدوجهد جاري رکي. هو ملڪ کان ٻاهر رهي ڪري به، هر وقت پنهنجي ديس جي پورهيتن جي آزادي لاءِ سوچيندو رهندو هو ۽ عملي طور تحريڪ جي قيادت ڪندو رهيو. 06 جنوري 1931ع تي هانگ ڪانگ ۾ برطانوي اهلڪارن کيس گرفتار ڪري ورتو، مٿس تشدد جا جبل ڪيرايا ويا. اهڙو تشدد شايد ئي زندگي ۾ ساڻس ٿيو هجي. برطانوي اهلڪارن جي ڪارروائي دراصل فرانسيسي سامراج کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪانه هئي، پر ڏکڻ ايشيا ۾ برطانيه جي قابض علائقن ۾ مخالفن کي ڪچلڻ جي سلسلي ۾ هئي. هن خفيه ڪارروائي ۾ برطانوي اهلڪارن سنگاپور ۽ شنگهائي مان ٻن اهم ڪميونسٽن کي پڻ گرفتار ڪيو هو، ٻنهي جو واسطو فرانسيسي ڪميونسٽ تحريڪ سان هو، جيڪي روسي ۽ فرانسيسي ڪميونسٽن جي وچ ۾ خبر رسائي جو ڪم ڪري رهيا هئا. ڪامريڊ هوچي سخت تشدد کان پوءِ به پنهنجا چپ نه کوليا، آخرڪار ڪو وڏو الزام ثابت نه ٿيڻ تي کيس 18 مهينا قيد جي سزا ملي. ڪامريڊ هوچي جولاءِ 1932ع ۾ جيل جي اسپتال مان هڪ ڪامريڊ جي مدد سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ خفيه طور تي هڪ ٻيڙي ۾ سوار ٿي شنگهائي پهتو. ڪامريڊ هوچي موجب، ”موت منهنجي ڀرسان گذريو هو.“
آخرڪار، ڪامريڊن جي مدد سان 1934ع ڌاري ڪامريڊ هوچي ماسڪو پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ٻئي طرف ويٽنام ۾ فرانسيسي بربريت ڏينهون ڏينهن تيز ٿيندي وئي ۽ پارٽي زير زمين ڪم ڪرڻ لڳي هئي. 1931ع جو سال، ماٺار جو سال رهيو. 1932ع ۾ ڪيترن ئي ڪميونسٽن کي ڦاسي ڏني ويئي، ڏهه هزار سياسي ڪارڪن جيلن ۾ بند هئا ۽ انهن سياسي ڪارڪنن جيلن کي انقلابي اسڪولن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو. فرانسيسي بربريت، ويٽنامين جي پنهنجي وطن ۽ پارٽي سان وفا ۽ قرباني وارو جذبو ٽوڙي نه سگهي هئي. 1934ع ۾ انقلابي تحريڪ ٻيهر ڪامريڊ لي هانگ فونگ(Le Hong Phong) جي قيادت ۽ ڪامريڊ هوچي جي رهنمائي ۾ طاقت حاصل ڪرڻ لڳي. 1935ع ۾ ڪامريڊ هوچي ڪميونسٽ انٽرنيشنل جي ٽين عالمي ڪانگريس ۾ شرڪت ڪئي. مارچ 1935ع ۾ ڪامريڊ هوچي جي غير موجودگي ۾ چين جي علائقي مڪائو(Macao) ۾ هند چيني ڪميونسٽ پارٽي جي پهرين ڪانگريس ٿي، ڪانگريس فيصلو ڪيو ته ”هٿياربند جدوجهد ئي طبقاتي جنگ جي سڀ کان اعليٰ شڪل آهي، تنهنڪري وقت اچي ويو آهي ته ظالم راڄ جي خاتمي لاءِ هٿياربند جدوجهد ڪجي.“
عظيم ليڊر ڪامريڊ هوچي منهه جي غير موجودگي سبب ڪانگريس ويٽنام ۽ سموري دنيا اندر ٿيندڙ تبديلين کي سمجهڻ ۾ ناڪام رهي، اهو ئي سبب هو جو هند چيني ڪميونسٽ پارٽي پنهنجي پاليسي تي ٻيهر سوچ ويچار لاءِ جولاءِ 1935ع ۾ ٻيهر ڪانگريس طلب ڪئي. هن دفعي ڪامريڊ هوچي جي سربراهي ۾ پارٽي ڪانگريس فيصلو ڪيو ته ”ويٽنامي انقلاب آڻڻ لاءِ وسيع محاذن تي ڪم ڪيو ويندو.“ ان سلسلي ۾ هڪ عوامي فرنٽ به قائم ڪيو ويندو، ڇو ته پارٽي اندر ۽ پوري ملڪ ۾ رجعت پسند ۽ ترميم پسند رجحان وڌي رهيا هئا. ايستائين جو پارٽي جا ڪجهه ڪارڪن، سامراج نواز ۽ انقلاب دشمن ٽراٽسڪي(Trotsky) ٽولي سان گڏجي ڪم ڪرڻ لڳا ۽ انقلاب دشمن ٽولي گڏيل جدوجهد جي نالي ۾ هڪ اخبار لالوت (جدوجهد) پڻ جاري ڪئي. هنن سرگرمين جي خبر، جڏهن ڪامريڊ هوچي کي پئي ته ڪامريڊ پنهنجي پارٽي پاليسي بيان ۾ چيو؛ ”جيستائين ٽراٽسڪي ٽولي جو تعلق آهي، انهن سان ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو وڃي، ڇو ته هي ٽولو فاشسٽن جو حامي ۽ ٺڳ آهي ۽ اسان کي انهن فاشسٽي ٺڳن کي اگهاڙو ڪرڻ گهرجي.“
1936ع کان وٺي 1938ع تائين جو عرصو ڪميونسٽن لاءِ سخت مصيبتن جو زمانو هو. هڪ پاسي چين ۾ ”چيانگ ڪائي شيڪ“ جي سرڪار ڪميونسٽ انقلابين جي موت جي وارنٽ تي صحيح ڪري ڇڏي هئي، ته ٻئي طرف فرانسيسي ۽ جاپاني جاسوس سندن پٺيان ڪات ڪهاڙا کڻي پئجي ويا هئا، پر پوءِ به هنن سالن ۾ ڪميونسٽ پارٽي زير زمين زور شور سان پنهنجون سرگرميون جاري رکيون. ڪامريڊ هوچي روس ۾ رهيو ۽ 1938ع ۾ ڪامريڊ چيني ڪميونسٽ پارٽي جي ساٿ سان چين پهتو، جتي چيني ڪميونسٽ پارٽي جاگيردارن ۽ جاپاني فاشسٽن سان وڙهي رهي هئي. 1939ع ۾ ٻي عالمي جنگ لڳي، ويٽنام ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو زير زمين عوام سان گهرو لاڳاپو ۽ وڏي پئماني تي منظم ڪم کي ڏسي فرانسيسي سامراج بوکلاٽ جو شڪار ٿي ويو ۽ ويٽنامي انقلابين ۽ سندس پارٽي کي بي رحمي سان مڪمل طور ميسارڻ جو پڪو فيصلو ڪيو. هرطرف بربريت جي خوني بازار گرم هئي. هڪڙي انداز موجب، 06 هزار کان وڌيڪ انقلابي قتل ڪيا ويا، اڻ ڳڻين انقلابين کي اذيت گاهن ۾ بند ڪيو ويو ۽ ڪيترائي انقلابي جن ۾ فام وان دونگ، وي نگوين گياپ وغيره چين هليا ويا هئا.
هڪ سال جي اندر ئي، جون 1940ع تي فرانس جرمني اڳيان جهڪي پيو، ان صورتحال جاپاني ڌاڙيلن کي چين تي قبضو ڪرڻ جو موقعو ڏنو. آگسٽ 1940ع ۾ جڏهن جاپاني هند چين طرف وڌيا، ته فرانس جرمني کي هند چين اندر گڏيل حڪومت جي رٿ پيش ڪئي، پر پنهنجي فوجي طاقت جي نشي ۾ مست جرمني رد ڪري ڇڏي هئي. آخرڪار سيپٽمبر 1940ع ۾ جاپاني فوج اڳيان پيش قدمي ڪئي، ته فرانسيسي گورنر شڪست قبول ڪئي ۽ ٺاهه ڪيو. ان ٺاهه موجب ويٽنام، فرانس ۽ جاپان جي گڏيل ڪالوني هوندي. نئين صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ويٽنامي انقلابي ميدان تي اچي ويا. سيپٽمبر 1940ع ڌاري ”اتر ٽانڪن“ ۾ فرانسيسي ۽ جاپاني فوجين خلاف بغاوت ٿي، نومبر ۾ ”اولهه ڪوچن چين“ ۽ جنوري 1941ع ۾ ”نگهي صوبي“ تي ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻي ۾ گوريلن بغاوتون ڪيون. ڪامريڊ هوچي پنهنجي ساٿين کي خبردار ڪندي چيو ته؛ ”بغاوتون وقت کان اڳ ٿيون آهن، پر هاڻي تياري، هوشياري ۽ منظم انداز ۾ ويڙهه کي جاري رکڻ گهرجي.“
جنوري 1941ع جي آخري تاريخن ۾ ڪامريڊ هوچي 30 سالن جي ڊگهي عرصي کان پوءِ ويٽنام پهتو. ڪامريڊ ويٽنام جي صوبي ڪائو بانگ(Cao Bang) جي جابلو علائقي پاڪ بو(Pac Bo) ۾ پنهنجو هيڊ ڪوارٽر ٺاهيو، جيڪو چيني سرحد جي بلڪل ويجهو هو. ڪامريڊ اتي جي هڪ جبل جو نالو ڪارل مارڪس ۽ ڀرسان وهندڙ ندي جو نالو لينن رکيو. انهي علائقي ۾ 09 مئي 1941ع تي ڪامريڊ هوچي منهه جي صدارت ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جو اٺون اجلاس ٿيو ۽ اجلاس ۾ فام وان دونگ(Pham Van Dong) ، نگوين گياپ(Nguyen Giap) ، هوانگ ڪوڪ ويٽ(Hoang Quoc Viet) ، هوانگ وان ٿو(Hoan Van Thu) ۽ ٻيا مرڪزي اڳواڻ شامل هئا. هن ئي اجلاس ۾ دنيا جي مشهور ترين تحريڪن مان هڪ تحريڪ ”ويٽنام جي آزادي جي ليگ“ (League for Independence of Vietnam) جو بنياد، هڪ جهوپڙي ۾ رکيو ويو، جتي بانس جي ڪاٺ جي ٺهيل هڪڙي ميز هئي ۽ باقي ڪامريڊ بانس جي لڪڙن تي ويٺا هئا. ڪامريڊ هوچي جي سربراهي ۾ وسيع ۽ مضبوط تحريڪ سڄي دنيا ۾ ”ويٽ منهه“ (Viet Minh)(قومي نجات) جي نالي سان مشهور ٿي. تحريڪ کي وسيع بنيادن تي پکيڙڻ ۽ قومي سطح تي آڻڻ لاءِ حب الوطني جي جذبي تي زور ڏيڻ ضروري هو، تنهنڪري سينٽرل ڪميٽي وسيع پيماني تي عوامي محاذ ٺاهڻ جي حق ۾ راءِ ڏني، ته جيئن هٿياربند عوامي دستن کي منظم ڪري سگهجي.
”ويٽ منهه“ جو فوري مقصد جاپاني فاشسٽن ۽ فرانسيسي بيٺڪيت جو تختو اونڌو ڪري، ”عوامي جمهوري ويٽنام“ جي هڪ انقلابي حڪومت جو قيام هو. ان موقعي تي ڪامريڊ هوچي قومي جدوجهد ۽ اتحاد تي زور ڏيندي چيو؛
”محترم محب وطن، هم وطنو!! جرمني کان پادر کائڻ پوءِ فرانسيسي طاقت ۾ انتشار پيدا ٿيو آهي، ان کان پهرين فرانسيسي لٽيرن، اسان جي قوم سان حيوانن کان به بدترين سلوڪ رکيو هو ۽ هاڻي قوم جاپاني لٽيرن جي غلام ٿي وئي آهي. عظيم سورمن جي ديس جي ٻه ڪروڙ ماڻهن عزم ڪري ڇڏيو آهي، ته هاڻي هو ذلت برداشت نه ڪندا ۽ آزادي جو وقت اچي ويو آهي. قديم زماني ۾ اسان جي ملڪ کي منگولن جي حملن جو خطرو هو، ته ”تان خاندان“ جا بزرگ مقابلي لاءِ اڳيان آيا هئا ۽ هاڻي اسان کي انهن سورمن جي پيروي ڪرڻ گهرجي. اڄ اوهان حب الوطني جي جذبي سان ٽمٽار آهيو. هن وقت قومي آزادي کان مٿي ڪابه شيءِ ڪونهي، جاپاني ۽ فرانسيسي ڌاڙيلن ۽ انهن جي دلالن جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ پاڻ کي متحد ٿيڻو پوندو.
آزادي جا ساٿيو!! وقت اچي ويو آهي، اُٿي بغاوت جو جهنڊو بلند ڪريو، مادرِ وطن اوهان کي پڪاري رهيو آهي.“
ڪامريڊ هوچي جي اپيل کانپوءِ ويٽنامي ڀڀڙ باهه جيان ڀڙڪو کائي اُٿي پيا، ان سورهيائي کي منظم ڪرڻ لاءِ گوريلا جنگ جي تربيت ۽ فوجي جٿن جي قيام واري ڪم کي تيز ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ڪامريڊ هوچي نظرياتي ۽ انقلابي ڄاڻ ۽ پروپئگنڊا لاءِ ”آزاد ويٽنام“ نالي هڪ اخبار پڻ جاري ڪئي. 1941ع جي پڄاڻي تائين ڪامريڊ هوچي منهه ”روسي ڪميونسٽ پارٽي جي تاريخ“ ۽ سن زو (Sun Tzu)جو ڪتاب ”جنگ جو فن“(The Art of War) جو ترجمو ڪيو ۽ گوريلا جنگ جي فن تي چند پمفليٽ لکيا. انقلاب کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ پنهنجي ساٿين ۽ همدردن جو دائرو وسيع ڪرڻ ۽ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي ۽ ان جي ذريعي ماسڪو سان رابطو قائم ڪرڻ لاءِ ڪامريڊ هوچي جولاءِ 1942ع ۾ چين جو دورو ڪيو. پنهنجي روانگي وقت ڪامريڊ پاڻ تي هڪ نئون نالو هوچي منهه (روشني پکڙڻ وارو) رکيو، هي سندس آخري نالو هو، جنهن سان ڪامريڊ اڄ پوري دنيا ۾ مقبول آهي.
چيني سرحد پار ڪندي، ”چيانگ ڪائي شيڪ“ جي فوجين کيس گرفتار ڪري جيل ۾ بند ڪري ڇڏيو، ڇوته اهي کيس سڃاڻڻ ۾ ناڪام رهيا هئا. 15 مهينن تائين جيل ۾ گهٽ درجي وارن قيدين سان رهندڙ ڪامريڊ هوچي جيل جي سلاخن پٺيان شاعراڻي انداز ۾ جيل ڊائري لکي. جيل ۾ لکيل سندس آزاد نظم عظيم فن جا مظهر آهن، جيڪي دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا آهن.
ڪامريڊ هوچي منهه، سيپٽمبر 1943ع ۾ جيل کان آزاد ٿي، ويٽنام پهتو. هتي آزادي جي تحريڪ جو ڳوٺن ۾ وڏو اثر هو، پر شهري محاذ بيحد ڪمزور هو. پارٽي ان سلسلي ۾ اهم قدم کنيا، خاص ڪري ويٽنامي ڪلچر جو پروگرام پيش ڪيو، ته جيئن ويٽنامي آرٽسٽ ۽ دانشور تحريڪ جو حصو ٿين. ٻئي طرف جنرل گياپ جي قيادت ۾ باغي ٽولن فرانسيسين کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا هئا، هر روز کين مزاحمت کي منهن ڏيڻو پوندو هو.
جون 1944ع ڌاري عظيم روس، جرمني ۽ ٻين ڌاڙيل ملڪن کي شڪست جي ويجهو پهچائي چڪو هو. فرانس اندر سياسي ڇڪتاڻ به وڌي وئي هئي ۽ ٻئي طرف فرانس لاءِ جاپان، هند چين ۾ خطرو بڻجي سامهون آيو هو. ڪامريڊ هوچي منهه اڃا چين ۾ ئي هو ته ملڪ جي ڪيترن ئي حصن ۾ هٿياربند جدوجهد تيزي سان شروع ٿي چڪي هئي. جولاءِ 1944ع ۾ ڪائو بانگ(Cao Bang) جي انقلابي ڪميٽي جي هڪ هنگامي اجلاس ۾ ڊگهي بحث کان پوءِ گوريلا جنگ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان جي جاءِ ۽ تاريخ مقرر ڪرڻ لاءِ هڪ ٻي ميٽنگ ٿي، ان ميٽنگ ۾ ڪامريڊ هوچي چين کان ”ڪائو بانگ“ پهتو. ڪامريڊ هوچي نوجوان جنرل گياپ ۽ ٻين ساٿين کي ٿڌو ڪندي چيو ته، ”پُرامن انقلاب جو مرحلو گذري چڪو آهي، پر پُرامن بغاوت جو وقت به اڃا ناهي آيو، ڇو ته اسان جي قوت اڃا ٽڙيل پکڙيل آهي.“