تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڪامريڊ هوچي منهه (شخصيت ۽ جدوجهد)

هي ڪتاب، انقلابِ ويٽنام جي روشن ستاري ڪامريڊ هوچي منهه جي وسيع زندگي ۽ جدوجهد جو وچور آهي، جيڪو منهنجي خيال ۾ هر محڪوم وجود کي فولادي بنائڻ جي سگهه رکي ٿو، زندگي گذارڻ جو گس ڏيکاري ٿو. ڪامريڊ هوچي جي 55 سالن جي ڊگهي انقلابي جدوجهد جو هڪڙو عظيم باب، هن ڪتاب منجهه تحرير ٿيل آهي.
Title Cover of book ڪامريڊ هوچي منهه (شخصيت ۽ جدوجهد)

قصو هوچي منهه سان سنگت جو

ٻيلي! پنهنجا پاڻ ۾ آهيون. سو دل چوي ٿي، ته اڄوڪي هن رهاڻ ۾ دل جون ڳالهيون ڪجن. پراڻيون يادون تازيون ڪجن. هونئن به پراڻي سنگت، پراڻا ڪتاب ۽ پراڻي مڌ جو پنهنجو مزو هوندو آهي.
سو ڳالهه ڪجهه هيئن آهي ته اڄ کان ڳچ وقت پهرين، جڏهن آئون ڏهين درجي جو کٿابي هئس. هائو! ڏهين درجي جو کٿابي هئس. هي ڪيميسٽري، بايولاجي ۽ هي فزڪس، اهي ٽيئي ڪتابڙا، مون کي برزبان ياد هوندا هئا. هائو هائو، برزبان ياد هوندا هئا، پر دل جي ڳالهه اها آهي ته پاڻ کي ذري جي خبر ڪونه هئي، ته ڏتڙيل ماڻهن به آسمان فتح ڪيا آهن. دنيا جي ڳورپٽن، مانگرمڇن ۽ وحشي بگهڙن جي چيلهن ۾ ٻک وجهي، جانٺا هڻي، عبرتناڪ شڪستون ڏيئي، پنهنجون حڪومتون قائم ڪيون آهن، ۽ نه ئي پنهنجي بغاوت، ڇوٽڪاري ۽ انقلاب سان ڪا گهاٽي سنگت هئي.
عجيب دور هو. بس پنهنجي ذهن ۾ انگريزن پاران اڇلايل اهي ئي ردي ڪتاب هئا، جيڪي گهوٽي پيئي ڇڏيا هئا، باقي ڪُل خير. ڪا سُڌ ئي ڪونه هئي، ڪا پرک ئي ڪونه هئي.
ٻيلي! ڳالهه اٿئو صاف، اڄڪلهه پنهنجي سوچ اها آهي ته پاڻ وارن اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهايو ويندڙ سائنسي نصاب، مدي خارج نصاب ٿي چڪو آهي. دنيا اندر، هن سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ واري نصاب جي ٽڪي برابر حيثيت ڪونهي. دنيا سائنس جي ميدان ۾ وڏيون ڇلانگون ڏيئي چڪي آهي. دنيا! ٽين دنيا جي ماڻهن جي تصورن کان اڳتي نڪري چڪي آهي. دنيا جي سائنسي ميوزمن ۾ پيل ڪچري کي، اسان وٽ سائنس چيو ويندو آهي.
شايد اهو ئي سبب آهي ته اسان وارن تعليمي ادارن مان سائنسدان، ڏاها ۽ اديب رضوي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ نڪري ٿو، نه ته رڳو گڏهن جا ولر نڪري رهيا آهن. جن کي ڏسي رومي جهڙو روح رکندڙ ماڻهو جي اندر مان دانهن نڪريو وڃي؛
”حيوانن کي ڏسي، بيزار ٿي پيو آهيان،
هاڻي ماڻهو ڏسڻ چاهيان ٿو.“ (رومي)
هائو، مون اها ئي ڳالهه پئي ڪئي ته سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ واري مدي خارج نصاب جي رسمي تعليم (Formal Education) جا ردي ڪتاب رٽڻ کان پوءِ، مون وارو انساني شعور ڊٻ تي پيل هو. بس ذهن تي هڪڙو ئي ڀوت سوار هوندو هو، ته ڊاڪٽر ٿيڻو آهي، سيون هڻندي هڻندي، چار ٽپڙ ٺاهي، ڪتي جيان مري وڃڻو آهي.
هن پيٽ پرست سماج ۽ مدي خارج اسڪولي نصاب ذهن تي، ڄڻ اها ڪلي ٺوڪي ڇڏي هئي، ته چار پئسا ڪمائڻ ئي زندگي آهي ۽ هن سوچ اشرف المخلوقات کي گڏهه بڻائي ڇڏيو آهي.
بهرحال ٻيڙا پار ٿين، مون واري چاچي سائين الهبچايو جمالي جا، تنهن اوچتو منهنجي آڱر پڪڙي، مون کي مرزا شوگر ملز ڀرسان مير ڪونڌر ٽالپر جي اوطاق تي وٺي ويو. اتي رسول بخش پليجي صاحب جو ليڪچر هو. پليجو صاحب آيو، ڳالهائڻ شروع ڪيائين. اسان سڀ ڄڻا سندس طلسماتي گفتگو جي سحر ۾ وڪوڙجي وياسين. هو توري تڪي ۽ اٽل لهجي ۾ ڳالهائي رهيو هو. ڪنهن ڦلترو جيان ڏٻي ۾ ٺڪريون ڪونه وڄائي رهيو هو. اسان سڀ خاموشي سان، سندس گفتگو جي اهم نقطن کي ڪاپي تي نوٽ ڪري رهيا هئاسين. وڏي ڳالهه اها ته اُها منهنجي انمول ۽ تاريخ ساز ڪاپي، اڄ به منهنجي ڪاٺ جي پيتي ۾ پيل آهي. سانجهي ٽاڻي اُٿياسين. مون کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو هو، ڄڻ ڪنهن نئين جهان کان ٻاهر آيو آهيان.
واقعي! رسول بخش پليجو سنڌ وطن جو جينيئس ماڻهو هو، سندس شخصي قد ڪاٺ، علم، فهم ۽ اڪابريت جو ڪو مثال ئي نٿو ملي. ڀلي وڃي، سنڌ جي تاريخ جا پراڻا ورق اٿلايو. منهنجي هن ڳالهه تي، ڪنهن بغض خور، ساڙ باز ۽ منافق شخص کي چهنڊڙي لڳي، ته لڳڻ ڏيوس، باقي آئون انڪاري نٿو ٿي سگهان. حقيقت پڌري پٽ پئي آهي، ته هن جينيئس ڪردار سنڌين کي ڪن مان جهلي، ماڻهو بڻايو. قدامت پسند ۽ هالو چالو ريتن، روايتن ۽ تاريخ کي چيلينج ڪندي، هن فولادي ماڻهو نيون روايتون جوڙيون، نئين تاريخ جوڙي ۽ نئين سنڌ جوڙڻ لاءِ پنهنجي عظيم زندگي وقف ڪري ڇڏي.
بهرحال، اهو سربستو احوال، ڪنهن ٻئي ڀيري . هتي مون اها ڳالهه چوڻ پئي چاهي، ته مير ڪونڌر جي اوطاق تي پليجي صاحب پنهنجي مخصوص عوامي انداز ۾، هڪڙي ڪمال جي ڳالهه چئي، جيڪا ٻالڪپڻي واري وهيءَ ۾ منهنجي ذهن کي محبوب لڳي هئي. اها ڪجهه هن ريت هئي ته، ”هلڪي قد وارو سنهڙو ۽ ٿڪل هوچي منهه، آمريڪا جهڙي زناور کي ٽوٽا چٻاڙي سگهي ٿو، ته ڇا پاڻ ڏٽا موٽا، ڪا نئين تاريخ جوڙي نٿا سگهون؟!“
ائين ئي پليجي صاحب جي زباني، هن ننڍڙي جملي ذريعي منهنجو هوچي منهه سان هڪڙو ننڍڙو تعارف ٿيو هو. منهنجي دل ۾ اُنس پيدا ٿي هئي، ته هن منفرد نالي واري ڀائي جي شخصيت جو مطالعو ڪريان، ته هن ڀائي دنيا جي سپر پاور طاقت کي ڪيئن شڪست ڏني هئي؟ ٻالڪپڻي واري وهيءَ هئي، جنهن ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌندو هئس، اها پوري ڪري پوءِ ڇڏيندو هئس. ٻئي ڏينهن سويل بسڪوٽن سان چانهه پيئي، اسڪول وڃڻ بدران لڪ چوري ۾ چاچي جي ڪتب خاني مان هوچي منهه تلاش ڪرڻ لڳس. ساهه مٺ ۾ هو، ته متان چاچو سجاڳ نه ٿي پوي، ڇاڪاڻ ته چاچي جي سهي جهڙي کل ۽ ڪتابن تي پساهه ڇڏيندو آهي. ڪتاب ڦلوريندي ڦلوريندي، نيٺ وڃي هوچي منهه کي هٿ ڪيو. ڪتاب جو نالو هو؛ ”هوچي منهه جي آتم ڪهاڻي“، ترجمو ڪندڙ؛ رسول بخش پليجو، ڇاپو؛ ٻيو، سن؛ 1975ع.
واري کڻي ڪتاب ور ۾ وجهي، پنهنجي ڪمري ۾ کڻي آيس. انهي مهل ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيو، پليجي صاحب جهڙي عظيم مترجم جو ترجمو ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ جدوجهد ڪندڙ فولادي ماڻهو جي آتم ڪهاڻي کي پڙهندي، ڪتاب منهنجي دل ۾ گهر ڪندي ويو. مون کي چڱي طرح ياد آهي، ته سمهڻي واري ٻانگ مهل وڃي ڪتاب پورو ڪيو. ڪتاب، ڄڻ منهنجي ذهن جي ٽيوننگ (Tuning) ڪري ڇڏي هئي.
منهنجي خيال ۾ هوچي منهه جهڙي فولادي ماڻهو جي شخصيت ۽ جدوجهد، هڏ حرام ماڻهو جي ڀاڙيائي تي ڦٽڪار وجهڻ جو بهترين وکر آهي، جيڪو ماڻهو جي ذهن کي لوڏي ڌوڏي ٿو، سندس اکين ۾ پاڻي جا ڇنڊا هڻي کيس انقلابي راهه ڏسي ٿو، جتي جا هڙ ئي مسافر ڪونڌر ۽ انقلابي آهن.
انقلابي ماڻهن جون زندگيون عام ماڻهن لاءِ رول ماڊل هونديون آهن، جيڪي فرد جي ڪيميسٽري تبديل ڪري ڇڏينديون آهن. ان سان گڏوگڏ فرد جي وجود کي نئين معنيٰ ۽ افاديت بخشينديون آهن. آئون ته اها ڳالهه وڏي واڪ ڪندو آهيان، ته جيڪو رول ماڊل، پراڻي کي وڌيڪ پراڻو ڪري، اهو سماج کي قدامت پسندي جي اوڙاهه ۾ اڇلائيندو آهي ۽ جيڪو رول ماڊل پراڻي کي نئون ڪري، اهو ماڻهو ۽ سماج جي ترقي جا رستا ڏيکاريندڙ هوندو آهي.
رسول بخش پليجي جهڙن ماڻهن جو وڏي ۾ وڏو ڪنٽريبيوشن اهو به آهي، ته هنن ماڻهن سنڌي قوم کي دنيا جي انقلابي ماڻهن سان ملاقاتون ڪرايون. اهو ئي سبب آهي ته سنڌي ماڻهن غلامي جهڙي گند مان پنهنجي جند ڇڏائڻ لاءِ چين، ويٽنام، روس، انگولا، ڪوريا ۽ چلي جا انقلاب ڳولي هٿ ڪيا. انهن انقلابن ۽ اتي جي رول ماڊلس مان اتساهه وٺي، پنهنجي سڪل ٺاٺ وجود ۽ ذهن کي انقلابي پاڻي ڏنو، جيڪو سلسلو ڪافي وقت تائين هلندو رهيو. اوچتو هن سائيبر ايج جي طوفاني هوائن ۽ واچوڙن سڄي سماج جي بيهڪ، نفسيات ۽ ڪيميسٽري تبديل ڪري ڇڏي آهي. پراڻي انقلابي جنريشن کي وقت جون هوائون ڳڙڪائي ويون آهن، باقي رهي، پيءُ کي پاپا، امڙ کي ممي ۽ ڀت کي برياني چوندڙ جنريشن کي فيس بوڪ ڳڙڪائي ويو. .
هاڻي ماڻهن پنڌ ڪرڻ ڇڏي ڏنا آهن، ماڻهو ڪاهل بڻجي چڪو آهي. ماڻهو انفراديت جي زنجيرن ۾ جڪڙجي، کوکلو بڻجي چڪو آهي. ايتري قدر جو امڙون پنهنجي ٻارن کي لولي ڏيڻ بدران پائوڊر وارو کير ڏيئي، کين ڪارٽون بڻجڻ جون هدايتون ڪنديون آهن. سڄي سماج جو جهڳو ئي جهڻ ٿي چڪو آهي. سچ پڇو ته هاڻي اهي سحر انگيز داستان ۽ سحر انگيز طلسماتي شخصيتون اهو سحر طاري نٿيون ڪن، جيڪو 60، 70، 80ع واري ڏهاڪي ۾ لوساٽيل چهرن کي انقلابي جانٺا هڻي، کين پهلوان بڻائي، ترار جي تاءُ سامهون مقابلا ڪرڻ جون همتون بخشينديون هيون.
پوءِ به، اڄ به دنيا جي هيڻن ماڻهن جون بغاوتون ۽ انقلاب محڪوم قومن ۽ فردن لاءِ راهه مشعل آهن، ڇاڪاڻ ته پيرن اگهاڙن ماڻهن وٽ نجات جو هڪڙو ئي گس آهي، اهو آهي انقلاب. انقلابي ماڻهو ئي، تتل سج هيٺ پساهه کڻندڙ نٻل ۽ هيسيل ماڻهن کي دلداريون ڏيئي، نيون زندگيون بخشي سگهن ٿا. باقي هڙ ئي مٿاڪُٽ بکئي پيٽ کي ٿپڪي هڻڻ برابر آهن، ٻيو مڙئي خير.
منهنجي هن ڳالهه جو بهترين دليل، مون واري کٿابي ايشور لال سُوجاڻي جو ترجمو ڪيل هي ننڍڙو ڪتابڙو آهي. ڏسو ته سهي، ڪيئن هيڻن ماڻهن دنيا جي خوفناڪ بلائن سان مقابلو ڪري، پنهنجو وطن ۽ پنهنجي آزادي واپس ورائي ۽ پنهنجو نالو سورهيائي جي تاريخ ۾ سنهري لفظن ۾ لکرائي ڇڏيو. ڇڙوڇڙ بهادر ويٽنامين کي انقلابي نظرين سان اڏول ۽ منظم بڻائيندڙ جيڪو مڙس مٿير هو، تنهن جو نالو ڪامريڊ هوچي منهه هو، جيڪو کين انقلابي ۽ منظم ڪرڻ لاءِ مارڪسي لينني راهه تي وٺي آيو ۽ انقلابي تنظيم ٺاهي ڏني، انهي انقلابي تنظيم هڪ بهادر قوم کي انقلابي ۽ منظم بڻايو. ايتري قدر جو ارڙ بلا اڳيان جيتامڙا وجود بندوقن جي آوازن تي رقص ڪرڻ لڳا هئا. بيشڪ ڪنهن غلام قوم کي هوچي منهه جهڙو محبوب ليڊر ملي پوي، ته اها قوم پنهنجي نڌڻڪائپ، ويڳاڻپ ۽ سموريون اوڻايون وساري، وطن ۽ آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ آتشي ويڙهه ۾ سر ڌڙ جي بازي لڳائيندي ۽ چپن تي فاتح مرڪ آڻي، بزدل وجودن کي همتون بخشيندي.
قصو مختصر، ويٽنام جي انقلاب جي سرواڻ ڪامريڊ هوچي منهه، جنهن کي ويٽنامي باشندا ”چاچا هو“ جي نالي سان سڏيندا آهن، ان جي زندگي ۽ جدوجهد اسان پارن ڏتڙيل ماڻهن لاءِ مشعل راهه آهي. هن راهه تي هلندي، اسان پنهنجي وجود ۾ موجود سمورين بزدل، گيدي، ڪمچور ۽ نڌڻڪن جذبن کي شڪست ڏيئي، لاجواب بهادري، خود اعتمادي، سچائي، جوش ۽ ولولي جهڙن عظيم جذبن ۽ صلاحيتن سان ٽمٽار ٿي، پنهنجي ماڻهن ۽ پنهنجي وطن لاءِ ڪو سڀاويڪ عمل سرانجام ڏيئي سگهون ٿا. وڏي ڳالهه اها به ته هن ڪتابڙي ۾ جتي ڪامريڊ هوچي منهه جي ڊگهي زندگي جو وِچُور شامل آهي، اتي انقلابِ ويٽنام جو ڳوڙهي نموني سان اڀياس به شامل آهي. بس غور سان مطالعي جي ضرورت آهي.

[b]سليم جمالي
[/b]ڪڍڻ شهر، ضلع بدين
03332547781.