تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڪامريڊ هوچي منهه (شخصيت ۽ جدوجهد)

هي ڪتاب، انقلابِ ويٽنام جي روشن ستاري ڪامريڊ هوچي منهه جي وسيع زندگي ۽ جدوجهد جو وچور آهي، جيڪو منهنجي خيال ۾ هر محڪوم وجود کي فولادي بنائڻ جي سگهه رکي ٿو، زندگي گذارڻ جو گس ڏيکاري ٿو. ڪامريڊ هوچي جي 55 سالن جي ڊگهي انقلابي جدوجهد جو هڪڙو عظيم باب، هن ڪتاب منجهه تحرير ٿيل آهي.
Title Cover of book ڪامريڊ هوچي منهه (شخصيت ۽ جدوجهد)

2

جون 1922ع ۾، ڪامريڊ هوچي ڪميونسٽ پارٽي آف فرانس جي اڳواڻ جي حيثيت سان، ماسڪو ۾ ٿيندڙ عالمي هاري ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو ۽ ان جي انتظامي ڪميٽي جو ميمبر مقرر ٿيو. ڪامريڊ ماسڪو وڃڻ وقت پنهنجي هڪ جاپاني اديب دوست ”ڪايو ڪوماتسو“ کي دعوت ڏني ته، ”مون سان گڏ ماسڪو هل، ته جيئن انقلاب جي جنم ڀومي کي روبرو ڏسي اچون.“
جاپاني اديب جواب ڏنو ته؛ ”هو پئرس ۾ رهندي، فن ۽ ادب جي خدمت ڪندي خوشي محسوس ڪري رهيو آهي.“
ڪامريڊ هوچي جواب ڏنو ته، ”هن سڙيل ڌپ ڪيل معاشري ۾ ڪهڙي قسم جو فن ممڪن آهي؟ اسان انقلاب آڻينداسين، پوءِ تون اهڙي معاشري جي آزاد ماڻهن لاءِ لکي سگهندين، جن ۾ ڪابه اوچ نيچ نه هوندي.“
ڪجهه عرصي کان پوءِ ڪامريڊ هوچي فرانس موٽي آيو ۽ ٻيهر جولاءِ 1924ع ۾ ٿيندڙ ڪميونسٽ انٽرنيشنل جي پنجين ڪانگريس ۾ شرڪت لاءِ روس ويو. ڪانگريس ۾ ڪامريڊ پرجوش تقرير ڪندي، سامراجي طاقتن وٽ قيد عوام جي آزادي جي جدوجهد بابت منجهيل موقف رکندڙ ڪيترن ئي ڪميونسٽ پارٽين کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو. سوويت يونين ۾ رهندي ڪامريڊ هوچي، روسي زبان سکي، معيشت ۽ سياست جو وسيع مطالعو ڪرڻ لاءِ مزدورن جي يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ انقلابي اخبار پراودا(Pravda) لاءِ آرٽيڪل تحرير ڪيا. ان کان سواءِ ڪامريڊ هوچي ٻه جڳ مشهور پمفليٽ ”چين ۽ چيني نوجوان“ ۽ ”ڪاري نسل“ جي نالي لکيا ۽ هتي روس ۾ رهندي ڪامريڊ ڪيترن ئي انقلابين سان رابطا قائم ڪيا، جن ۾ جارجي ديمتروف، چين جي لي سان ۽ ايم اين رائي شامل هئا.
ڪامريڊ هوچي منهه، ڪامريڊ لينن سان ته نه ملي سگهيو هو، جيڪو ڏک کيس هميشه رهيو، پر سندس ساٿين سان ويجهو رشتو رهيو، جنهن ۾ ڪامريڊ اسٽالن نمايان آهي. ڪامريڊ هوچي ڪميونسٽ پارٽين جي ڪيترن ئي اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي ۽ سامراجين جي قبضي ۾ آيل ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهن سان ٿيندڙ عقوبتن تي خوب ڳالهايو. هن روسي حڪومت تي زور وڌو، ته هو ويٽنام جي آزادي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري. جوشيلي تقريرن ۽ تجربيڪار انقلابين سان ڪچهريون ڪندي، ڪامريڊ هوچي جي شخصيت روس اندر ايشيائي ليڊرن ۾ گهڻي اڳيان اڀري آئي هئي. هاڻي ڪامريڊ هوچي فيصلو ڪيو ته وقت اچي ويو آهي، ته ايشيا وڃي ڪري اتي انقلاب برپا ڪجي.
ڊسمبر 1924ع ۾، ڪامريڊ هوچي چين جي شهر ڪينٽين پهتو، سندس خيال هو ته هتي ويهي ويٽنامي انقلابين جي تربيت ڪجي ۽ کين منظم ڪجي. ڪجهه ئي مهينن اندر نوجوان باغين جو هڪ وڏو حلقو گڏ ٿي ويو. ويٽنامي باغي نوجوانن جي باغي صلاحيتن کي انقلابي صلاحيتن ۾ تبديل ڪرڻ ۽ کين منظم ڪرڻ لاءِ ڪامريڊ هوچي پنهنجي انقلابي ساٿين سان گڏجي جون 1925ع ۾ ”ويٽنامي انقلابي نوجوانن جي انجمن“ (Vietnam Revolutionary Youth Association) جو پايو وڌو. جيڪا ٿانهه ينان(Than Yan’an) (نوجوان) جي مختصر نالي سان مشهور ٿي ۽ انهي نالي سان نوجوانن جي لاءِ هڪ انقلابي رسالو جاري ڪيو ويو. رسالي جو وڏو حصو مارڪسزم ۽ ليننزم جي سولي ٻولي ۾ سمجهاڻي تي مشتمل هوندو هو، ته جيئن نوجوان ڪٽر قوم پرستي مان نڪري، سائنسي سوچ ڌاري وطن جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪن. مارڪسي تاريخدانن جو خيال آهي ته، انهن جي ان ننڍڙي اشاعت هند چيني ڪميونسٽ پارٽي، عوامي فوج ۽ ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف ويٽنام جو ٻج پوکيو.
ٿوري عرصي ۾ ويٽنامي سرحد جي ڀرسان چيني علائقو ڪينٽين ويٽنامي انقلاب جو مرڪز بڻجي ويو. نوجوانن جي ذهني تربيت لاءِ ڪامريڊ هوچي 1926ع ۾ ”انقلابي رستو“ جي نالي سان هڪڙو تربيتي ڪتابڙو شايع ڪيو، جنهن ۾ هن ويٽنام جي آزادي جي جدوجهد کي مارڪسزم ۽ ليننزم جي راهه تي بيهاريندي، ٽن بنيادي نقطن تي زور ڏنو.
انقلاب چند ماڻهن جو نه، بلڪه وسيع پيماني تي هارين ۽ مزدورن جو ڪم آهي، تنهنڪري عوام کي منظم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
انقلاب جي سرواڻي هڪ مارڪسي ۽ لينني پارٽي ئي ڪري سگهي ٿي.
هر ملڪ جي انقلابي تحريڪ کي عالمي پرولتارين سان ويجهو رشتو قائم ڪرڻ گهرجي.
ليڪچرن تي مشتمل هن ننڍڙي ڪتاب ۾ ڪامريڊ هوچي ان ڳالهه تي به وڌيڪ زور ڏنو ته معاشري جي سڀ کان وڏي انقلابي قوت هارين ۽ مزدورن تي مشتمل هوندي آهي، ڇو ته اهي ئي وڌيڪ مظلوم ۽ تعداد ۾ سڀ کان وڌيڪ هوندا آهن، تنهنڪري هنن وٽ غلامي جي زنجيرن کان سواءِ، ڪنهن به ٻي شيءِ کي وڃائڻ جو خطرو ناهي هوندو ۽ اهي ئي وڌيڪ ثابت قدم قوت ۽ انقلاب جا بنيادي عنصر هوندا آهن.
ڪينٽين ۾ ويهي باغين کي انقلابي تربيت ڏيئي کين ويٽنام روانو ڪرڻ وارو سلسلو جاري هو، ته اوچتو اپريل 1927ع تي ڪامريڊ مٿان هڪ شامت ڪڙڪي. چو اين لائي جو ساٿي، چيني انقلاب جا بنياد رکندڙ سن يات سين(Sun Yat-sen) جي مرڻ کان پوءِ سندس جان نشين چيانگ ڪائي شيڪ(Chiang Kai Shek) عالمي سامراج جي اشارن تي ڪميونسٽن جو قتل عام شروع ڪيو. تنهن کان پوءِ ويٽنامي انقلابي نوجوانن جي انجمن جا ساٿي ڪي شنگهائي، هانگ ڪانگ ۽ ڪي روس هليا ويا. ڪامريڊ هوچي پهرين شنگهائي ۽ پوءِ ماسڪو ويو.
ڪامريڊ هوچي 1928ع ۾، برسلز ۾ سامراجي جنگ جي خلاف ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو، جتي سندس ملاقات پنڊت جواهرلال نهرو جي والد پنڊت موتي لال نهرو سان به ٿي. ڪجهه مهينا فرانس ۾ رهڻ کان پوءِ ڪامريڊ هوچي سئيزرلينڊ، اٽلي کان ٿيندي ٿائيلينڊ ويو، اتي ويهي ويٽنامي انقلاب لاءِ ڪوششون ورتيون، ڇو ته هتي ويٽنامي باشندن جي وڏي اڪثريت رهندي هئي. ڪامريڊ هتان ”دوستي“ جي نالي سان هڪ اخبار شايع ڪئي، ويٽنامي ٻارن لاءِ اسڪول کوليو ۽ ويٽنامي آبادي ۾ خفيه سياسي سيل قائم ڪيو. ان سياسي سيل هتان جي ويٽنامين ۾ پنهنجي اباڻي وطن سان محبت جو بنياد رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ٻئي طرف ويٽنامي سجاڳ ٿي پيا هئا، هنن فرانسيسي سامراج کي سک جو ساهه کڻڻ نه پئي ڏنو، صنعتي مزدور ايتري قدر ته مضبوط ٿي ويو، جو فيبروري 1928ع تي سائيگان جي لاتعداد فيڪٽرين ۾ مزدورن هڙتالون ۽ مظاهرا ڪيا هئا. جنوري 1929ع ۾ ريلوي جي مزدورن ۽ جهاز جي شعبي سان لاڳاپيل مزدورن هڙتالون ڪيون، اهڙي ريت ويٽنامين جي جدوجهد مارڪسي ۽ لينني رنگ ۾ رنگجي چڪي هئي. ”ويٽنامي انقلابي نوجوانن جي انجمن“ پنهنجو فرض پورو ڪري چڪي هئي ۽ هاڻي هارين ۽ مزدورن جي عوامي سگهه کي منظم ڪرڻ لاءِ پورهيت پارٽي جي تشڪيل ڏيڻ انتهائي ضروري هو، ته جيئن ويٽنام ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت گروهن جي طاقت کي گڏ ڪري سگهجي. ان سلسلي ۾ هند چيني ڪميونسٽ پارٽي جو بنياد رکيو ويو، پر اوچتو ننڍن ننڍن اختلافن ۽ مختلف رجحانن جي ڪري پارٽي مان ٻيون ٻه ڪميونسٽ پارٽيون ”ويٽنام ڪميونسٽ پارٽي“ ۽ ”هند چيني ڪميونسٽ فيڊريشن“ جي نالي سان ورهائجي ويون. ويٽنام ۾ ڪميونسٽ طاقت کي ٽولن ۾ تقسيم ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڪامريڊ هوچي 1929ع جي آخري ڏينهن ۾ ٿائيلينڊ کان هانگ ڪانگ پهتو هو. هڪڙي ڪميونسٽ انٽرنيشنل جي نمائندي جي حيثيت سان ڪامريڊ هوچي ڊگهي بحث مباحثي کانپوءِ اتحاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو ۽ 3 فيبروري 1930ع تي ٽنهي ڪميونسٽ تنظيمن جي گڏيل ڪانگريس ڪالون شهر ۾ ڪوٺائي وئي. ڪامريڊ هوچي منهه جي صدارت ۾ ٿيندڙ ڪانگريس ويٽنام ۾ هڪ ڪميونسٽ پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو، جنهن جو نالو ”هند چيني ڪميونسٽ پارٽي“ رکيو ويو. ڪامريڊ هوچي پارٽي جو آئين ۽ منشور ٺاهيو، جيڪو ڪانگريس منظور ڪيو. اهڙي ريت ڪامريڊ هوچي پنهنجي وسيع تجربي ۽ ڏاهپ سان، پورهيتن جي پارٽي کي ڇڙ وڇڙ ٿيڻ کان بچائي ورتو. ڪانگريس ۾ هو هر هر ڪميونسٽ ساٿين کي ياد ڏياري رهيو هو ته، ”جڏهن اسان جو مقصد پوري دنيا ۾ سوشلسٽ انقلاب برپا ڪرڻو آهي، ته پوءِ اسان کي ننڍڙن جهيڙن جهڳڙن ۾ پوڻ بجاءِ پنهنجي عظيم مقصد طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي.“
ڪامريڊ هوچي جي وڏي خواهش هئي، ته هو پنهنجي وطن ۾ ويهي انقلاب لاءِ ڪم ڪري، پر پوليس ۽ جاسوسي ادارا کيس مارڻ لاءِ هر وقت تيار هوندا هئا. ڪانگريس کان پوءِ هو چين هليو ويو. هند چيني ڪميونسٽ پارٽي جي قيام کي ڪجهه مهينا مس گذريا ته فرانسيسي سامراج خلاف ننڍيون ننڍيون بغاوتون، مظاهرا ۽ هڙتالن جو آغاز ٿيو. 12 سيپٽمبر 1930ع ۾، نگهي تنهه(Nghe Tinh) صوبي جي 6 هزار هارين، فرانسيسي ڦرلٽ ۽ بربريت خلاف هڙتال ڪئي ۽ زبردست جلوس ڪڍيو. فرانسيسي سامراج طاقت جي نشي ۾ مدهوش ٿي، جلوس مٿان انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني ۽ مختلف ڳوٺن مٿان بمباري ڪئي ويئي. نتيجي ۾ هڪ اندازي موجب 3 سئو ويٽنامي مارجي ويا هئا. هن واقعي کان پوءِ ويٽنامي عوام جا جذبا وڌيڪ ڀڙڪو کائي اٿيا، سرڪاري آفيسن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، پوري صوبي ۾ هٿياربند ڪارروايون شروع ٿي ويون ۽ ڪامريڊ هوچي جي پارٽي عوام سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪندي رهي.
آڪٽوبر 1930ع جي آخر تائين ”نگهي تنهه“ صوبي ۾ ويٽنامي انقلابين فرانسيسي سپاهين کي ماري ڀڄائي عوامي سوويتون (عوامي پنچائتون) ٺاهيون. هي عمل وقت کان اڳ هو، پر عوام ۾ همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ ڪميونسٽ پارٽي کي ڪرڻو پيو. انهن عوامي سوويتن، زميندارن کان زمينون کسي، بي زمين هارين ۾ ورهائي ڇڏيون، فرانس انتظاميه جا مڙهيل سمورا ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيا ۽ عوامي سوويت کي بچائڻ لاءِ فرانسيسي سامراجي فوج سان ويڙهه لاءِ عوامي فوج ٺاهي وئي، پر اڃا ويٽنامي ايڏا سگهارا ڪونه ٿيا هئا، جو فرانس جي طاقتور فوج سان مقابلو ڪري سگهن. سو وڏي ويڙهه کان پوءِ طاقت جي زور تي ”نگهي تنهه“ جي عوامي سوويت کي ختم ڪري ڇڏيو. ڪميونسٽ پارٽي جا اهم رڪن گرفتار ڪيا ويا، انهن ۾ فام وان دونگ(Pham Van Dong) (جيڪو بعد ۾ آزاد ويٽنام جو وزير اعظم ٿيو)، تون دوڪ ٿانگ(Ton Duc Thang) ، (جيڪو بعد ۾ آزاد ويٽنام جو نائب صدر ٿيو) شامل هئا. جڏهن ته پارٽي جي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ تران فو (Tran Phu)تي ايترو تشدد ڪيو ويو، جو هو اپريل 1931ع ۾ شولون جي اسپتال ۾ گذاري ويو.