محبت جو ڪائناتي تصور ۽ سنڌي سماج
محبت جي حوالي سان سڀ کان پهريون سوال اهو آهي ته هن سڄيءَ ڪائنات ۾ محبت فقط انسان ئي ڇو ٿو ڪري؟ هيءَ ڪائنات تمام وڏي آهي- تمام وڏي آهي. اڃا انسان ان کي پوريءَ طرح پروڙي ئي نه سگهيو آهي. سڄيءَ ڪائنات ۾ جيوتن جا ۽ زندگيءَ جا هزارين آثار ۽ اظهار آهن پر جنهن کي اسان محبت چئون ٿا، اها انسان کانسواءِ هن ڌرتيءَ تي، هن ڪائنات ۾ ٻي ڪابه جيوت نٿي ڪري. هڪڙو سوال آهي ته آخر ايئن ڇو آهي جو فقط انسان ئي محبت ڪري ٿو ۽ ٻي ڪابه جيوت نٿي ڪري؟ انسان بنيادي طور تي جانور آهي، هن جا جيڪي سڀ طبعي نظام آهن، هن جي ساهه کڻڻ، کائڻ ۽ پيئڻ جا طبعي نظام، هن جي عضون جي ڪم ڪرڻ جا نظام، هن جا سڀ فطري نظام حيواني آهن، ان ڪري انسان فطري ۽ جسماني نظامن جي حوالي کان ٻين جيوتن کان مختلف نه آهي. انسان جيئن ته سماجي جانور آهي، انسان جيئن ته سماج ۾ رهي ٿو ۽ سماج دراصل سماجي شعور جو ٻيو نالو آهي، انسان ان ڪري هڪ باشعور سماجي جانور آهي. انسان هڪ سوچيندڙ، محسوس ڪندڙ، شعور رکندڙ ۽ تصور ڪندڙ جيوت آهي. انسان کان سواءِ هن ڌرتيءَ جي گولي تي ۽ ڪائنات ۾ ٻي ڪابه اهڙي جيوت نه آهي، جيڪا عمل کان اڳ ان جو تصور ڪري سگهي يا جنهن وٽ تخيل جي سگهه هجي. انسان ٻين سمورين جيوتن کان مختلف ان ڪري آهي جو اهو سماجي طور باشعور آهي، اهو سماجي ۽ ماحولياتي سوچ رکي ٿو، هن کي سمجهه آهي، هن کي عقل آهي، هن کي احساس آهي، ان ڪري ئي انسان سماجي جانور آهي.
هاڻي اچو ته ان سوال تي سوچيون ته سماج ڇا آهي؟ سماج جو مطلب آهي ته هڪ فرد ٻئي فرد سان پنهنجو لاڳاپو محسوس ڪري سگهي ۽ ان جو سماجي اظهار به ڪري سگهي. فردن کي اهو ادراڪ هجي ته هن جو هڪ فرد سان، ٻين فردن سان ۽ سڄي ماحول سان ۽ سڄيءَ دنيا سان تعلق ڪهڙو آهي ۽ ان جو ٻئي فرد ۽ سماج سان مفاد ڪهڙو آهي؟ اهو مفاد مادي آهي، سماجي آهي، اقتصادي آهي، سياسي آهي، روحاني آهي، اخلاقي آهي، ذهني آهي، يعني سماج جو مطلب آهي سماج ۾ رهندڙ فرد جو ٻئي فرد سان، ماڻهن سان، پوري ماحول سان، فطرت سان ۽ سڄي جهانَ سان لاڳاپو ڪهڙو آهي؟ ان آگاهيءَ جو نالو شعور آهي. ڪائنات جي ٻي ڪنهن جيوت کي اها خبر نه آهي. هڪ مينهن کي اها خبر نه آهي ته ان جو ٻيءَ مينهن سان ڪهڙو تعلق آهي، يا ان جو فطرت ۽ سماج سان ڪهڙو تعلق آهي، ان جو دنيا سان ڪهڙو تعلق آهي، ان ڪري شعور جو مطلب آهي، انفرادي ۽ اجتماعي رشتن جي پرک جو احساس ۽ رڳو رشتن ئي نه پر مفادن جي پرکَ جو احساس. اهي احساس ذهني، معاشي، اخلاقي، فطري، طبعي، ماحولياتي، ڪائناتي ۽ جيڪي به مفاد آهن، انهن جي ادراڪ، آگاهي ۽ سمجهه جو نالو شعور آهي.
ان ڪري اهو سوال ڏاڍو بنيادي آهي ته فقط انسان ئي محبت ڇو ٿو ڪري؟ هاڻي سڀ کان اڳ سوال اهو آهي ته محبت ڇا آهي ۽ ماڻهو محبت ڇو ٿو ڪري؟ هن کي ڪو هرو ڀرو محبت ڪرڻ جو شوق آهي يا ڪو ٻيو مسئلو آهي؟ هاڻي محبت تي پاڻ مجموعي طرح ٿا ڳالهايون ته جنهن کان سماج، سول سوسائٽي، انساني تهذيب ۽ سڀ شيون شروع ٿين ٿيون. اهو فرد آهي. هڪ فرد جي ٻئي فرد سان نسبت ڪيئن ٿي ٿئي؟ هڪ ڳالهه واضح ڪندو هلان ته نسبت کان سواءِ ڪائنات ۾ ڪا شيءِ جدا ۽ حتمي ڪانه ٿيندي آهي. هاڻي چئجي ته ڪا شيءِ ٿڌي آهي، پر ڇا جي ڀيٽ ۾؟ ڪنهن نه ڪنهن ٻيءَ شيءِ جي ڀيٽ ۾ اها ٿڌي هوندي. چئون ٿا هيءَ شيءِ وڏي آهي پر اُها ڇا جي ڀيٽ ۾ وڏي آهي؟ هڪڙي شيءِ سُٺي آهي، ڇا جي ڀيٽ ۾ سُٺي آهي؟ هڪڙي شيءِ حَسين آهي، پر ڇا جي ڀيٽ ۾ حَسين آهي؟ ڪا شيءِ ڪوجهي آهي، پر ڇا جي ڀيٽ ۾؟ هيٺ آهي، ڇا جي ڀيٽ ۾، مٿي آهي ڇا جي ڀيٽ ۾؟ ايئن هر شيءِ جي نسبت هوندي آهي، هر شيءِ جو وجود ڪنهن ٻيءَ شيءِ جي نسبت سان هوندو آهي. نسبتن کان سواءِ شين جو ڌار ۽ قطعي وجود نه ٿيندو آهي، سواءِ مادي جي هر شيءِ جي نسبت ٿيندي آهي. مادو خيال جي نسبت کان بي نياز آهي، پر ٻيءَ هر شيءِ جو وجود ڪنهن نه ڪنهن شيءِ جي نسبت سان آهي. نسبت کان سواءِ ڪنهن به شيءِ جي ڪا معنيٰ نه هوندي آهي، خاص طور انساني سماج ۾.
هڪڙي فرد جا رشتا مختلف نوعيتن جا آهن، ماڻهوءَ جا مفاد سماجي به آهن، هن کي ڪپڙا ملڻ گهرجن، هن جي ضرورتن جو پوراءُ ٿيڻ گهرجي ۽ هن کي تحفظ ملڻ گهرجي. ماڻهوءَ جا مفاد اقتصادي به آهن، هن کي روزگار ملڻ گهرجي، کاڌو ملڻ گهرجي، هن جا روحاني حق به آهن ته هن کي خوش ٿيڻ جو حق ملڻ گهرجي ۽ سماج هن کي خوش ٿيڻ جو حق ڏئي ۽ ماڻهو پنهنجي خوش ٿيڻ جو احساساتي ۽ روحاني فرض ادا ڪري سگهي. ماڻهوءَ جا جيڪي تمام گهڻا روحاني، ذهني، سماجي ۽ معاشي حق آهن، اهي سڀ حق سندس سماجي رشتن سان وابسته آهن ۽ اهي رشتا هڪ فرد جا ٻئي فرد سان به آهن، نسبت سان به آهن. ماءُ سان هڪ رشتو آهي، پيءُ سان ٻيو رشتو آهي، ڀاءُ سان ٻيو رشتو آهي، ڀيڻ سان ٽيون رشتو آهي، زال سان چوٿون رشتو آهي، دوست سان اڃا ٻيو رشتو آهي، محبوبا سان مختلف رشتو آهي، پنهنجي وطن سان ٻيو رشتو آهي، انسانذات سان ٻيو رشتو آهي. هن جو گل سان به رشتو آهي، هن جو وڻ سان به رشتو آهي، ڇو ته انهن جي تاثير ان کي ملي ٿي. هن جو زمين سان به رشتو آهي، هن جو بادلن سان به رشتو آهي، هن جو برساتن سان به رشتو آهي، هن جو سمنڊ سان به رشتو آهي، هن جو درياهن سان به رشتو آهي، هن جو پهاڙن سان به رشتو آهي، هن جو آوازن سان به رشتو آهي، هن جو حُسن سان به رشتو آهي، رشتن جون اٿاهه نسبتون ۽ وابستگيون آهن، اهي رشتا ڪي هرو ڀرو ڪونه ٿيا آهن. انهن رشتن جي فارم ۾ ماڻهن جا مفاد آهن، ان ۾ نسبت جي ڳالهه آهي، جيڪڏهن رشتا سياسي هوندا ته مفاد به سياسي هوندا، جيڪڏهن رشتا سماجي هوندا ته مفاد به سماجي هوندا، جيڪڏهن رشتا روحاني هوندا ته مفاد به روحاني هوندا. جيڪڏهن رشتا هوندا ذهني ته مفاد به ذهني هوندا، جيڪڏهن رشتا هوندا تصوراتي ته مفاد به تصوراتي هوندا، رشتن ۽ مفادن جو به پاڻ ۾ هڪ بنيادي رشتو آهي.
هاڻي هڪ ننڍڙو مثال ٿا وٺون، هڪ فرد جو ننڊ مان اُٿندي ڪيترين شين سان واسطو پئي ٿو، هڪ فرد ننڊ مان اُٿي ٽوٿ پيسٽ ڪري ٿو، اهي به ڪي فرد ٺاهين ٿا، اهي ٽوٿ پيسٽ هڪ فيڪٽريءَ ۾ ٺهن ٿا، هڪڙي پوري سسٽم مان گذري ۽ ڪيترائي مرحلا طئي ڪري پوءِ شيون ماڻهوءَ تائين پهچن ٿيون. صبح جو ننڊ مان اک کلڻ کان ويندي رات جو سمهڻ تائين ڪيترن ئي نظر نه ايندڙ فردن، ادارن ۽ قومن جي شين ۽ پورهيي جو انهن سان سڌو ۽ اڻ سڌو لاڳاپو آهي. جنهن بلب ٺاهيو آهي، ان سان به رشتو آهي، جنهن جنهن به اهي ايجادون ڪيون آهن، انهن سان رشتو آهي. بظاهر اهو رشتو نظر نٿو اچي پر ان سان پنهنجو تعلق آهي. اهي سڀ ايتريون ساريون شيون جيڪي اسان جي ارد گرد آهن، انهن سان پنهنجو تعلق آهي. هڪ گل آهي، ان جي حُسن اوهان کي موهيو آهي، اوهان جو ان سان رشتو آهي، اوهان جو ان سان مفاد آهي، اهو اوهان کي وڻي ٿو. اوهان ميوا کائو ٿا، اوهان جو وڻن سان رشتو آهي، اوهان اَن کائو ٿا، اوهان جو ٻنين سان رشتو آهي.
هيءَ ڳالهه ڪري پاڻ پنهنجي موضوع کي اڳتي وڌايون ٿا ته هن سڄيءَ ڪائنات ۾ محبت فقط انسان ٿو ڪري، ڇو ته ان کي شعور آهي، هو سماجي جانور آهي ۽ سمجهه ۽ شعور جو مطلب آهي سموريءَ ڪائنات جي سمورين شين سان رشتن ۽ مفادن جي پرک يا ڄاڻ. مثال طور سج آهي، اهو اسان کان ايترو پري آهي جو هڪ لک ڇهاسي هزار ڪلوميٽر هڪ سيڪنڊ ۾ ان جي روشنيءَ جي رفتار آهي. هاڻي اوهان هڪ لمحي لاءِ رڳو تصور ڪريو ته اهو ڪيترو پري هوندو ۽ ان سج سان به جيڪڏهن ڪا گڙٻڙ ٿئي ته ڌرتيءَ سان مسئلو ٿيندو. سج بظاهر تمام گهڻو مٿي آهي ۽ بظاهر ان سان اسان جو ڪوبه رشتو نظر نه ٿو اچي پر ڇا واقعي ان سان اسان جو ڪوبه رشتو نه آهي. سج سان ڪوبه مسئلو ٿئي ٿو ته ان جو اثر هر ماڻهو محسوس ڪري ٿو. جيڪڏهن ٿڌ ڪوئيٽا ۾ پئي ٿي ته ان جو اثر هتي محسوس ڪيو ٿو وڃي. شيون پاڻ ۾ گڏيل، ڳُتيل ۽ ڳنڍيل آهن. اسان وٽ موسمن جو مثال آهي، هڪڙيءَ موسم ۾ انب ٿين ٿا، ٻيءَ ۾ نٿا ٿين.
هڪ فرد جو تعلق ۽ رشتو رڳو پنهنجي همعصر دؤر سان ئي نه آهي پر ان جي ماضيءَ جي ماضيءَ سان به آهي ۽ ان جي مستقبل جي مستقبل سان به آهي، ان جي رشتن ۽ مفادن جو تعلق تمام ڳتيل ۽ نه رڳو ڌرتيءَ، ماحول پر سموريءَ ڪائنات جي سمورين شين سان آهي.
هن وقت تائين پاڻ اها ڳالهه سمجهي آيا آهيون ته ڪابه شيءِ ماڻهو بي سبب ڪونه ٿو ڪري ۽ ڪائنات جي ڪابه شيءِ بي سبب نٿي ٿي سگهي. ڪنهن شيءِ جو بنياد نه هجي، ڪنهن شيءِ جو سبب نه هجي، ايئن نه ٿيندو آهي. اهڙو ڪوبه مظهر، اهڙي ڪابه فنامنا، سبب کان سواءِ ٿي نٿي سگهي. محبت به ته ڪا اهڙي شيءِ هوندي، جنهن کي ضرور ماڻهو ڪن سببن کان ڪري ٿو. ان سان گڏوگڏ رشتا آهن ۽ انهن رشتن سان هن جا مفاد وابسته آهن، ان ڪري ماڻهو محبت ڪري ٿو.
انساني تهذيب انسان کي حيوانيت مان ٻاهر ڪڍڻ جي سفر ۽ جوهر جو نالو آهي. انسان ۾ حيوانيت به آهي ۽ وٽس شعور به آهي. هو فطرتي حوالي کان جانور آهي، ان ڪري هن ۾ حيوانيت به آهي، ان سان گڏوگڏ هو سماجي جانور به آهي، ان ڪري هن کي شعور به آهي. انسان ۾ هڪ ئي وقت ٻه عنصر موجود آهن، هڪ ماڻهو ڪنهن کي چيري ڦاڙي ڇڏي ٿو يا ڪنهن جو قتل ڪري ڇڏي ٿو، اهو ڇا آهي؟ اهو ماڻهوءَ جي اندر جو حيوان آهي. جنسي بُک آهي، ماڻهو ڪنهن سان ريپ ڪري ٿو، ان وقت انسان جو شعور مات کائي ٿو، اتي هڪ فرد جي تهذيب مات کائي ٿي، ان تي حيوانيت حاوي ٿي وڃي ٿي. هڪ فرد ٻئي جو حق کائي ٿو، ٻئي تي ظلم ڪري ٿو، معنيٰ اها هن جي شعور ۽ تهذيب جي نفي آهي. ماڻهوءَ ۾ ٻه شيون آهن، هڪ ان ۾ حيوانيت آهي ۽ ٻيو ان ۾ شعور آهي. هاڻي سوال اهو آهي ته انهن ٻنهي شين مان ماڻهوءَ تي ڪهڙي شيءِ حاوي هجي، ان جو جواب آهي ته تهذيب جي لحاظ کان هن تي شعور حاوي هجي. سڄي انساني تهذيب جي جيڪڏهن اسان پاڇي ڪڍون ته ان جي پاڇي اها نڪرندي ته تهذيب انسان کي حيوانيت مان ٻاهر ڪڍڻ جو نالو آهي. ماڻهوءَ جي دل چاهي ٿي ته ٻئي کي ڦُري ۽ ماري، ڇو ته حيوان ته ماريندو آهي، وڏي مڇي ننڍي مڇيءَ کي کائيندي آهي، شينهن جهنگ ۾ ٻين جانورن کي چيري ڦاڙي ڇڏيندو آهي. اها هڪ جبلت آهي پر شعور چئي ٿو ته ايئن نه ٿيڻ گهرجي، ايئن ڪرڻ غلط آهي. تهذيب انسان کي حيوانيت مان ڪڍڻ جو نالو آهي ۽ محبت ان جو نهايت مٿانهون مقام آهي.
ماڻهوءَ جا حق آهن، هن جا جسماني حق آهن، فطري حق آهن، سماجي حق آهن، سياسي حق آهن، قانوني حق آهن، ذهني حق آهن ۽ روحاني حق آهن. اڄ تائين جيڪي ماڻهوءَ کي حق ميسر آهن، انهن حقن جي جيڪا سڀ کان مٿانهين شڪل آهي، اها اخلاقي حقن جي صورت ۾ آهي، جنهن کي انسان جا روحاني حق به چئجي ٿو. مان اها اخلاقي حقن واري ڳالهه سماجي اخلاقيات واري معنيٰ ۾ نٿو ڪريان پر اها فلاسافيڪل معنيٰ ۾ استعمال ڪريان ٿو. اهو انساني تاريخ جو هڪ وڏو الميو آهي ته هر سُٺي شيءِ، هر سُٺي نظريي، هر سُٺي تحريڪ، هر سُٺي ماڻهو، هر سُٺي فلسفي، هر سُٺي ايجاد جا وارث اڳي پوءِ ٺڳ ٿيندا آهن. هر شيءِ جو پس و پيش جيڪو وارث آهي، جڏهن اهو ان شيءِ جي گادي ٺاهي ٿو ۽ پاڻ ان تي چڙهي ويهي ٿو ته اهو گهڻي ڀاڱي ٺڳ ٿئي ٿو. پوءِ ڀلي اها عيسائيت هجي، مسلمانن جي تاريخ هجي، ٻُڌمت هجي، هندومت هجي، ادب هجي، فلسفو هجي، آرٽ هجي، سياست هجي، انقلاب هجي، يا ڪابه شيءِ هجي. جڏهن ان جي گادي ٺهي ٿي ته پوءِ اها شيءِ ٺڳن جي وَرِ چڙهي ويندي آهي، ڇو ته گادي فقط ٺڳن جي پِڙي هوندي آهي. گادي ان اصل شيءِ جي روح جي اُبتڙ ماڻهوءَ وٽ هوندي آهي. مون هيءَ ڳالهه ڀٽ شاهه ۾ به چئي هئي ته، ”ڀٽائي اڍائي سئو سالن کان يرغمال آهي، هن کي آزاد ڪرايو وڃي.“ ڀٽائي جهالت هٿان يرغمال آهي، ڇو ته ڀٽائيءَ تي پَڙَ پون ٿا، دعائون ٿيون گهرجن، پُٽ پيا گهرجن، ڌيئرون پيون گهرجن، وڻن ۾ پيون ٿيون اڳڙيون ٻَڌجن، اها ته لطيف جي توهين آهي. ڀٽائي جنهن چيو آهي:
”محروم ئي مري ويا، ماهر ٿي نه مئا.“
ڀٽائي، جيڪو ڪائناتي تصورن جو شاعر آهي، جيڪو ڏاهو ۽ فلسفي آهي، جيڪو مفڪر ۽ سماجي معنيٰ ۾ رهبر آهي، اهو ته هاڻي اُتي آهي ئي ڪونه. اها ته لطيف سان عقيدت جي نالي ۾ هن جي عظمت جي نفي ۽ توهين آهي. لطيف ته پنهنجن تصورن ۾ آهي، فن ۾ آهي، ڏاهپ ۾ آهي.
عيسائيت ۾ حضرت عيسيٰ عه هڪ عظيم انسان هو، جنهن جي اخلاقيات جو اهو مقام آهي، جو هن چيو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان جي هڪ ڳلَ تي چماٽ هڻي ته اوهان هن کي ٻيو ڳل به ڏيو ته جيئن هن کي شرم اچي. هاڻي اوهان هن جي اخلاق جو معيار ته ڏسو. حضرت علي عه لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو هڪ ڪافر سان وڙهيو پئي، ان ڪافر اسلام جي خلاف پئي ڳالهايو، ان ڪري حضرت علي عه هن سان وڙهي پيو. هن کي دَسي سندس مٿان چڙهي ويٺو ته ان ڪافر حضرت علي عه ڏانهن ٿُڪ اُڇلي. حضرت علي عه هڪدم هن جي سيني تان هيٺ لهي بيهي رهيو ۽ کيس چيائين ته، ”توسان مان هاڻي نه وڙهندس.“ ان ڳالهه تي ڪافر کانئس پڇيو ته، ”اوهان مون کي ماريو پئي، مون اوهان جي شان ۾ گُستاخي ڪئي، اوهان کي ته ويتر ڪاوڙ اچڻ کپي ها، اوهان مون کي مارڻ بدران ڇڏي ڏنو ۽ چئو پيا ته مان هاڻي توسان نه وڙهندس، اها ڪهڙي ماجرا آهي؟“ حضرت علي عه هن کي جواب ڏنو ته، ”مان توسان مقصد (اسلام) جي خاطر پئي وڙهيس، پر هاڻ جيڪڏهن مان توسان وڙهندس ته پنهنجيءَ ذاتي نفرت جي ڪري وڙهندس، ۽ مان توسان پنهنجي ذاتي نفرت جي ڪري نٿو وڙهڻ چاهيان.“ اوهان اها اخلاق جي معيار جي سطح ته ڏسو! هن چيو ته جيڪڏهن مان توکي ڌڪ هڻان ها ته ان ۾ متان منهنجي ڪاوڙ به شامل هجي، ان ڪري مان توکي پنهنجي ذاتي ڪاوڙ جي ڪري ڌڪ نه هڻندس، اها توکي معاف آهي. اها اخلاقيات جي هڪ مٿانهين شڪل آهي.
حضرت عيسيٰ عه جي مذهب کي به پاپائيت اهڙو خراب ڪيو، جو چيائون ته انسان پيدائشي گناهگار آهي، هن ڄمي وڏو گناهه ڪيو آهي، ان ڪري هن کي جيتري گهٽ روحاني آزادي هوندي، اهو اوترا گهٽ گناهه ڪري سگهندو. خوش ٿيڻ جو حق ماڻهوءَ کي ڏيڻ ئي نه گهرجي. هر شيءِ جو تعين چرچ جو پوپ ڪري ته جيئن ڏوهه ڪرڻ جا گهٽ ۾ گهٽ امڪان هجن. اهو سلسلو اٺ سئو کان هزار سالن تائين جاري رهيو ۽ ماڻهن جي انساني ۽ روحاني حقن تي راتاها هنيا ويا، جنهن جي پوءِ مارٽن لوٿر ڪنگ اچي مزاحمت ڪئي. جنهن مذهب جو بنياد هو ته اوهان کي جيڪڏهن ڪو چماٽ هڻي ته اوهان ان کي ٻيو به ڳل ٺاهي ڏيو، اهو ايئن ٿي ويو، شيون به ايئن ٿي وينديون آهن، انسان جا جيڪي سڀ کان اعليٰ حق آهن اُهي روحاني ۽ اخلاقي حق آهن، مثال طور توهان ڪنهن ماڻهوءَ کي سُٺو کاڌو ڏيو ۽ سڀ شيون ڏيو پر سماج ان جي چوويهه ئي ڪلاڪ تذليل ڪري، اها ان جي انساني ۽ روحاني حق جي توهين آهي. ان ڪري انساني حقن ۾ جيڪي سڀ کان مٿانهان ۽ اعليٰ حق آهن، اهي اخلاقي ۽ روحاني حق آهن ۽ ان جي جيڪا اعليٰ ترين شڪل آهي، اها محبت آهي. پوءِ چاهي اها محبت ماڻهو فرد سان ڪري، ماءُ سان ڪري، محبوبا سان ڪري، فطرت سان ڪري، انسانذات سان ڪري، انقلاب سان ڪري يا ڪنهن سان به ڪري، هن کي پنهنجو محبت ڪرڻ جو حق آهي. هن کي محبت جي چونڊ ڪرڻ جو حق آهي ۽ هو ان جي جنهن به سطح تي وڃڻ چاهي، هن کي ان جو حق آهي. اهو انسان جو وڏي ۾ وڏو ۽ سڀ کان وڏو اخلاقي ۽ روحاني حق آهي. (روحانيت جو لفظ مان مذهبي معنيٰ ۾ نه پيو استعمال ڪريان، اهو به مان فلاسافيڪل معنيٰ ۾ استعمال پيو ڪريان) ۽ انهن حقن ۾ وري جيڪو سڀ کان وڏو ۽ اعليٰ ترين حق آهي اهو محبت ڪرڻ جو حق آهي، جنهن جي ڪابه حد نه آهي، اهو يونيورسل آهي.
ڪائنات جون ٻه شيون سڀ کان اعليٰ قدر آهن، انهن ۾ هڪ محبت ۽ ٻيو حُسن آهي. محبت، حُسن ۽ جمال اهي ڪائنات جا عظيم ترين قدر آهن. جيئن ڳالهه ٿي ته محبت رڳو محبوبا سان نه ٿيندي آهي، تيئن حُسن به فقط جسمن جو ڪونه ٿيندو آهي. حُسن روحن جو به ٿيندو آهي، جذبن جو به ٿيندو آهي، هڪ پوڙهي ماءُ جيڪو پنهنجي ٻار سان پيار ٿي ڪري، ان ۾ به تمام گهڻو حُسن هوندو آهي ۽ اهو پيار جي سڀ کان مٿانهين شڪل آهي. مادام ٽريسا جيڪا ڪوڙهه جي مريضن سان محبت ڪندي هئي، ان جو پنهنجو حُسن هو. فطرت جو به حُسن ٿيندو آهي. وليم ورڊس ورٿ فطرت جو بهترين شاعر هو. نئين نئين ريل گاڏي ٺهي ته هن کي اها ريل ڏسڻ جو شوق ٿيو، هو هڪڙي ڏينهن صبح جو ريلوي اسٽيشن تي ريل گاڏي ڏسڻ ويو، ان وقت ريل ڪوئلي تي هلندي هئي، ڏٺائين ته ريل گاڏي تمام گهڻو دونهون ڪڍندي پئي اچي. هن اهو ڏسي چيو ته ڪيڏي نه صاف شفاف، تازي، وڻندڙ ۽ پياري موسم هئي، اها ته هن ريل گاڏيءَ سڄي دونهون ڪري ڇڏي. اسان کي اها ريل گاڏي نه گهرجي. هو شاعر هو، جنهن کي فطرت جو شاعر چئجي ٿو، هن کي اهو چوڻ جو ته حق هو، ڇاڪاڻ ته ريل جي دونهين پرهه ۽ ان جي معطر هوا کي خراب پئي ڪيو، ان ڪري هن ايئن چيو ته اها ريل ئي نه گهرجي. حُسن به ايئن آهي، حُسن ذهني به آهي، جسماني به آهي، روحاني به آهي، تصوراتي به آهي. گل ايئن کڙيو بيٺو آهي، جيڪو ڪير پري کان ڏسي خوش ٿئي ته اهو ان جو جسماني حُسن آهي، ان جي خوشبو ان جو روحاني حُسن آهي، خوشبو نظر نه ايندي آهي، محسوس ڪبي آهي، ماڻبي آهي. سماج به ايئن آهي، انسانذات به ايئن آهي، فطرت به ايئن آهي، سڄي ڪائنات ايئن آهي. محبت سڀ کان اعليٰ قدرن مان هڪ قدر آهي، ان جا ٻه سبب آهن. پهريون سبب واضح ٿي چڪو آهي ته انسان ڪائنات ۾ سڀني کان ممتاز ان ڪري آهي جو هو شعور رکي ٿو، رشتن جي معنيٰ رکي ٿو، رشتن جو ادراڪ رکي ٿو، انهن جو احساس رکي ٿو ۽ شعور رکي ٿو، ان ادراڪ، احساس ۽ شعور جو گڏيل نالو تهذيب آهي. تهذيب جو مطلب آهي انسان جي اخلاقي ترقي (Moral Development). هڪڙو سورمو آهي، جيڪو سچ خاطر وڙهي ٿو، کيس خبر به آهي ته مان مارجي ويندس، تڏهن به پنهنجي ان عظيم مقصد لاءِ وڙهندي مارجي وڃي ٿو، جڏهن هو پنهنجي زندگي ان مقصد لاءِ وڙهندي قربان ڪري ٿو ته ان جو مطلب اهو ٿو ٿئي ته هو پنهنجي اخلاق جي ان بلنديءَ تي بيٺو آهي، جيڪي Highest Moral Values آهن. ڪاسا بيانڪا جو مشهور واقعو آهي ته هڪڙو جهاز پئي ٻُڏو، هڪڙو تختو هو، جنهن تي ڪجهه ماڻهو چڙهي بچي سگهيا پئي، اتي جيڪي مرد هئا، انهن چيو ته هن تختي ذريعي پهرين عورتن ۽ ٻارن کي چاڙهي بچائجي، اسان جو خير آهي. اهي پاڻ ان جهاز ۾ ٻُڏي مري ويا پر ويندي ويندي هڪ مثال قائم ڪري ويا. اها اخلاقي قدر جي هڪ اعليٰ ترين شڪل آهي.
وفا عبدالڪريم پلي هڪ بهترين شاعر ۽ زبردست انسان هو. هو هڪ فقير منش انسان هو، هن کان ماڻهو اَن وٺڻ ايندا هئا، پوءِ هو انهن کي پرچيون لکي ڏيندو هو ته هنن کي هيتريون اَن جون ٻوريون ڏيو، هن جي در تان ڪوبه ماڻهو خالي نه موٽيو هو. هو ماڻهن کي ڏئي خوش ٿيندو هو. هن ڏانهن هڪ ماڻهو آيو، هن اچي کيس عرض ڪيو ته مان غريب ماڻهو آهيان، مو نکي اَن ڏيو. پوءِ وفا عبدالڪريم پلي هن کي پرچيءَ تي ٻهَ ٻوريون اَن جون لکي ڏنيون. هن ڇا ڪيو جو ٻن جي ڀرسان ٻُڙي ڏئي وِيهه لکي ڪمدار ڏانهن کڻي ويو. ڪمدار پرچي ڏسي هن کي ويهه ٻوريون اَن جون ڏئي ڇڏيون، ڇو ته ڪمدار کي خبر هئي ته سائين وڏو بادشاهه قسم جو ماڻهو آهي. ٻئي ڀيري جڏهن اهو ساڳيو ماڻهو آيو ته ڪمدار هن کي ٻه ٻوريون ڏنيون. پلي صاحب ڪمدار کي گهرائي هن کي ويهه ٻوريون ڏيڻ لاءِ چيو. ڪمدار گذريل ڳالهه ٻُڌايس ته هن کي چيائين، ”بابا هن کي ويهه ئي ٻوريون ڏيو، هن کي گهرج ويهن ٻورين جي آهي، پر هيءُ گهُري نٿو سگهي.“ اهو هن انسان جو اخلاقي مقام هو. تهذيب، لاڳاپو ۽ اخلاقي قدر ۾ محبت وڏي ۾ وڏو قدر ان ڪري آهي جو محبت ان Moral Level جي مٿانهين شڪل آهي. پوءِ ڀلي اها فرد سان ڪئي وڃي، انسانذات سان ڪئي وڃي، آزاديءَ سان ڪئي وڃي، عظيم مقصد سان ڪئي وڃي، ماءُ سان ڪئي وڃي، رشتن سان ڪئي وڃي، ڏٺل يا اڻڏٺل مفادن سان ڪئي وڃي. هڪ شاعر آهي، هن کي پوريءَ فطرت سان پيار آهي، هن ته پوري فطرت نه ڏٺي آهي، اڻ ڏٺل ڪائنات سان هن کي ايترو پيار آهي، اها ته حيرت جهڙي ڳالهه آهي.
جيئن پهرين روحاني حُسن جي ڳالهه ڪئيسون، ته محبت روحاني حُسن جي مٿانهين شڪل آهي. محبت روحاني حُسن جي آخري حد آهي ۽ محبت ان ڪري ئي يونيورسل ويليو آهي. جڏهن حضرت علي عه دشمن جي سيني تان اخلاقي دٻاءَ تحت لٿو هوندو ته هن جي اُن لهڻ ۾ ڇا ته حُسن هوندو، هن جو هڪ سماجي احساس وچان هن جي سيني تان لهڻ ڏاڍو حَسين هوندو، اها وڏي حُسناڪي آهي، رڳو ڏسڻ واري اها اک هجي. اها وري روحاني حُسن جي به مٿانهين شڪل آهي ۽ ٽيون هڪ عجيب عنصر آهي، ان بهاني سان مان ڀٽائيءَ تي ايندس. اهو ٽيون عنصر آهي، جيڪو انسان کي روح جي اندر تبديل ڪري ٿو. انسان جي اندروني تبديلي محبت ڪرڻ کان سواءِ ٿي نٿي سگهي. محبت اندر جي تبديليءَ جو وڏو محرڪ آهي. اياز چيو هو، ”جنهن محبت نه ڪئي آهي، اهو زندگيءَ جي گناهگارن مان آهي.“ ڇو ته محبت تهذيب جو حاصل آهي. جنهن به فرد پنهنجي روح جي گهرائيءَ سان، پنهنجي مَنَ جي گهرائيءَ ۽ مڪمل سچائيءَ سان محبت ڪئي آهي ته اها محبت هن جي اندروني تبديليءَ جو وڏي ۾ وڏو ذريعو آهي.
مون محبت جي باري ۾ دنيا جي ڪيتري ئي شاعري پڙهي آهي، پر محبت جي باري ۾ جيڪو لطيف جو تصور آهي، اهڙو عظيم ۽ شاهڪار تصور ٻئي ڪنهن به شاعر جو نه آهي. اهڙو تصور مون ادب جي تاريخ ۾ ڪٿي به نه پڙهيو آهي. منهنجي پنهنجي ايمانداراڻي راءِ آهي، جنهن سان ڪوبه جي چاهي ته اختلاف ڪري سگهي ٿو. مان اها ڳالهه رڳو ان ڪري نٿو چوان ته لطيف سنڌي شاعر هو ۽ مان به سنڌي آهيان، ان حوالي کان جيڪڏهن ڪوبه لطيف کان وڏو شاعر هجي ها ته مان ضرور ان جو نالو کڻان ها، جيڪا ڳالهه صحيح هوندي اها ضرور چئبي.
سڄي انساني تاريخ ۾ منزل کي وڏي اهميت حاصل آهي، لطيف جو پنهنجو جهان آهي، اوهان رڳو هن جا سسئيءَ تي لکيل سُر پڙهو، يا سندس ٻي شاعري پڙهو، هن وٽ منزل جي ڪا اهميت نه آهي. هن وٽ محبت ۽ سفر جي اهميت آهي. هو چئي ٿو ته محبت ڪجي ۽ ان لاءِ سفر ڪجي، پوءِ منزل تي رسجي يا نه رسجي، اها خير جي ڳالهه آهي. لطيف سسئيءَ ۾ چئي ٿو:
عمر سڀ عشق سين، پنهون جي پُڇن.
هاڻي اوهان مٿين سٽ تي ٿورو غور ڪريو، هو رَسڻ جي ڳالهه نه پيو ڪري، جيڪڏهن ڀٽائي عام شاعر هجي ها ته چوي ها:
عمر سڀ عشق سين، پنهون جي رَسن.
پر هو ايئن نٿو چئي، هو چئي ٿو ته:
عمر سڀ عشق سين، پنهون جي پُڇن،
ريسَ، ريزاليون تن سين، ڪُڄاڙي کي ڪن.
لطيف چئي ٿو، جيڪڏهن سسئي پنهونءَ جي عشق ۾ سڄي عمر رڳو هلي آهي ۽ ان تائين رَسي نه آهي ۽ رڳو ان جون پڇائون ڪندي ٿي وتي ۽ ان سفر ۾ ئي مري کپي وئي ته پوءِ ان ۾ روئڻ، پِٽڻ ۽ افسوس ڪرڻ جي ته ڪا ڳالهه نه آهي. جيڪڏهن هوءَ محبت ۾ هلي ٿي ته پوءِ ڇا لاءِ قياس آرائي ڪندي ته پوءِ هوءَ ڇا لاءِ خود قياسي ڪندي؟ اڳتي هلي هو چئي ٿو ته:
وڏا طالع تن جا، مارڳ جي مَرن
هتي لطيف اُن پنڌَ، اُن سفرَ ۽ اُنَ جستجوءَ کي مارڳ (منزل) ٿو ڪوٺي، هاڻي اوهان ان سڄي بيت تي ٿورو غور ڪريو:
عمر سڀ عشق سين، پنهون جي پڇن،
ريس، ريزاليون تن سين، ڪڄاڙي کي ڪن،
وڏا طالع تن جا، مارڳ جي مرن.
لطيف چئي ٿو، اها ئي ته منزل آهي جو سسئي پنهونءَ جي عشق ۾ پڇائون ڪندي ڪندي، پنڌ ڪندي ڪندي، جستجو ڪندي ڪندي مري کپي وڃي ۽ ايئن سسئيءَ جا سڀ داستان آهن ۽ لطيف جا ٻيا سُر آهن، سُر ڪاموڏ آهي، ان ۾ نوري ڄام تماچيءَ جو قصو آهي، ڪاموڏ جي جيڪا به تشريح ٿي آهي، اها غلط ٿي آهي. مون کي اسان جي سينئر ڏاهن محققن سان ان ڳالهه تي اختلاف آهي. اڄ تائين اهو چيو ويو آهي ته نوري سورمي آهي ۽ تماچي سورمو نه آهي. مان ڀٽائيءَ جو پڙهندڙ ۽ عاشق آهيان، مان اِها راءِ پنهنجي ايمانداراڻي ذميواريءَ سان ڏيان ٿو ته تماچي به سورمو آهي. هاڻي سوال آهي ته ايئن ڇو آهي؟ ڇو ته ڄام تماچيءَ نوريءَ کي وقت جي بادشاهه جي حيثيت ۾ قبول نه ڪيو هو. هو سنڌ جو بادشاهه هو، نوريءَ جهڙيون ته هو ٻانهيون رکي پئي سگهيو، نوريءَ جي مائٽن جو ته اهو ٻُڌي هنياءُ ڦاٽي پوي ها ته وقت جو بادشاهه اسان کان نوريءَ جو سڱ ٿو گهري. پر هن ايئن نه ڪيو. لطيف چئي ٿو ته:
کِکيءَ هاڻيون کاريون، ڇِڇيءَ هاڻا ڇڄ،
پاند جن جي پاند سين، لڳو ٿئي لڄ،
سَمو ڄام سهڄ، اُڀو ڪري اُن سين.
ڄام تماچي جيڪو وقت جو بادشاهه آهي، اهو انهن کِکيءَ هاڻين کارين ۽ ڇڄن تي پاڻ اُڀي پيرين بيٺو آهي ۽ ان سان فخر ڪري بيٺو خوش پيو ٿئي. اهو ڇا آهي؟ اها مٿانهين Moral Level جي ڳالهه آهي. اهو ڪو تماچيءَ جو ڪمال نه هو، ماڻهو ته ماڻهو آهي. اها محبت ئي هئي، اهو محبت جو ئي ڪمال هو جنهن تماچيءَ کي اهڙو بدلائي ڇڏيو جو هو نوريءَ ۽ مهاڻن جي سامهون ککين هاڻين کارين ۾ اُڀو ٿيو بيٺو هو. اهو ان محبت جو ڪمال آهي، اهو تماچيءَ جو مسئلو نه آهي، نه ئي اهو ڪو نوريءَ جو ڪمال آهي، پر جنهن ڳالهه تماچيءَ کي تبديل ڪيو، اها محبت هئي. هو جڏهن نوريءَ ڏانهن ويو ته سمو ڄام ٿي نه ويو، تڏهن ته لطيف چيو ته ”نوريءَ جي نوازيو، ٿيو تماچي تي“. يعني ڄام نوريءَ کي نه نوازيو پر نوريءَ جي محبت هن کي نوازيو. هو به وٽس بادشاهه ٿي نه ويو، پر عاشق ٿي ويو، محبت ڪندڙ ٿي ويو، هن پنهنجي ڪلاس جي نفي ڪئي، هن پنهنجيءَ انا جي نفي ڪئي، هن سڀني بدبودار روايتن جي نفي ڪئي، پنهنجي سماجي طبقي جي نفي ڪئي، هو نوريءَ جي اڳيان سچو محبت ڪندڙ ۽ عاشق ٿي بيٺو. ڀٽائي اسان کي سمجهائڻ چاهي ٿو ته محبت اهو احساس آهي، جيڪو ماڻهوءَ کي تبديل ڪري ڇڏي ٿو، جيڪو ماڻهوءَ کي وڏو ماڻهو ڪري ڇڏي ٿو ۽ محبت ڪرڻ کان سواءِ ڪوبه ماڻهو وڏو ماڻهو ٿي سگهي ئي نٿو.
هڪڙو ٻيو مثال آهي، هڪڙو سائنسدان آهي، جيڪو ويهه ويهه ڪلاڪ ليبارٽريءَ ۾ ويهي ڪم ڪري ٿو، اهو ڇا آهي؟ اها هن جي پنهنجي ڪم سان محبت آهي، وڏا ڳائڻا آهن، جيڪي ڪلاڪن جا ڪلاڪ رياض ڪن ٿا، اها به محبت آهي، مائيڪل اينجلو لاءِ چون ٿا ته هو ويهه ويهه ڪلاڪ ويٺو ڪم ڪندو هو، اها به محبت آهي. هڪ ماڻهو پنهنجي محبوبا جو ويهه ويهه ڪلاڪ ويٺو انتظار ڪري ٿو، اها به محبت آهي، ۽ محبت جي ڪابه حد نه آهي. مون مائوءَ تي هڪ ڪتاب پئي پڙهيو. مائو هڪ سخت ڊسيپلين پسند ماڻهو هو. هڪ رات هڪڙي جهنگ ۾ سينٽرل ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي هئي، اتي لائيٽ جو ڪو بندوبست نه هو. سخت سيءُ هو، هنڌ بسترا ٿورا هئا، جڏهن ميٽنگ شروع ٿي ته مائو ڪنهن ڳالهه تي انهن تي سخت تنقيد ڪئي. جڏهن سڀ ساٿي سُتا پئي ته مائو انهن کي چيو ته اوهان سمهي رهو، مون کي ڪجهه لکڻو آهي. جڏهن مون کي ننڊ ايندي ته ڪنهن ساٿي ڪامريڊ کي اُٿاري سمهي رهندس. مائو هنن سان ڪوڙ ڳالهايو، مائو سُتو ڪونه، سڄي رات ويٺو رهيو. ڇو ته بسترا اڻ پورا هئا. اها به محبت آهي ۽ محبت کان سواءِ ماڻهو تبديل نٿو ٿي سگهي. محبت جو احساس ماڻهوءَ کي تبديل ڪري ٿو ڇڏي. دنيا جا سڀ وڏا مفڪر، فلسفي، عالم، آرٽسٽ ڏاها، شاعر، انقلابي ۽ سورما سڀ وڏا عاشق هئا. عاشقيءَ جي ڪابه مخصوص صورت نه آهي، ان جو ڪوبه مخصوص مهانڊو نه آهي، ان جا خد و خال مخصوص نه آهن، اها ڪائناتي آهي، اها ڪٿي به ٿي سگهي ٿي، ڪنهن سان به ٿي سگهي ٿي، ڪهڙي به رنگ ۾ ٿي سگهي ٿي. ماڻهو بنيادي طور جانور آهي، جانور جي جبلت کسڻ آهي، فقط محبت آهي جيڪا ڏيڻ سيکاري ٿي. اهو ڏيڻ به ايئن نه آهي، ان ڏيڻ ۾ خوشي ۽ سرمستي آهي، اهو ڏيڻ اهڙو آهي جنهن ۾ لطف اچي ٿو، جنهن ۾ مزو اچي ٿو، هڪ ماءُ آهي، اها پنهنجي ٻار لاءِ سڄي رات جاڳي ٿي، پر پيءُ نٿو جاڳي سگهي. پيءُ عاشق نه آهي پر ماءُ جاڳي ٿي، ان جاڳڻ مان خوش به ٿئي ٿي ۽ مزو به وٺي ٿي. هوءَ پنهنجي ٻار جي لاءِ جاڳي، محبت جي احساس جي صورت ۾ ان جي پوري قيمت حاصل ڪري ٿي. محبوب جي انتظار مان به ماڻهو مزو وٺي سگهي ٿو. هڪڙو انتظار اهڙو آهي جنهن ۾ اچڻ جو آسرو آهي، پر بي آسري، انتظار، لاحاصل محبت جي انتظار مان به ماڻهو لطف حاصل ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته شيون پنهنجي Highest Level تي وڃي طاقت بڻجي وينديون آهن، جيئن صوفين وٽ خدا جو تصور آهي، لاحاصل انتظار مان فقط محبت ئي مزو وٺي سگهي ٿي.
نيلسن منڊيلا اٺاويهه سال جيل ۾ رهيو. هو پنهنجيءَ جوانيءَ ۾ جيل ويو، هن جي پنهنجي عاليشان زندگي هئي، هو پاڻ به وڏو شوقين ماڻهو هو پر هن حق لاءِ سڀ ڪجهه ٿُڏي ڇڏيو. اها ان جي اخلاقي سطح هئي. هو اٺاويهه سال جيل ۾ گذارڻ کان پوءِ جڏهن آزاد ٿيو ته پنهنجن ماڻهن کي چيائين ته گورن سان پاڻ وڙهون ٿا، اڄ کان پوءِ ڪير به انهن سان نه وڙهندو، اهي اسان جا ڀائر آهن، اسان جا شهري آهن، سڀ انسان هڪٻئي لاءِ برابر آهن. اهو ڪو ڀوڳ نه آهي، اها ڳالهه فقط ڪرڻ جي نه آهي، اهو چوڻ لاءِ به ماڻهوءَ کي ڪائنات جيڏي دل گهرجي. حضور ﷺ جن مڪي ۾ ايئن ڪيو، چيائون ته اسان تي جيڪو به ڪافرن ظلم ڪيو آهي، اهو انهن کي معاف آهي، ڪير به ڪافرن سان نه وڙهندو. اها وڏي ڳالهه نه آهي ته هنن ڇا ڪيو، اها وڏي ڳالهه آهي ته اسان کي ڇا ڪرڻو آهي. اهو اخلاقي معيار آهي. نيلسن منڊيلا ٻه سال اقتدار ۾ اچي، شيون ٺاهي، اقتدار ٻين حوالي ڪري ڇڏيو، هن وقت هو پنهنجي ڳوٺ ۾ رهي ٿو. محبت جي ڪائناتي تصور کان سواءِ ڪوبه ايڏو وڏو ماڻهو ٿي نٿو سگهي. اهو ان جي محبت جو احساس ايڏو وڏو آهي، اهو ان جي محبت جو دامن ايڏو وڏو آهي، جنهن جي ڪري ماڻهو ايڏا وڏا ڪم ڪري ٿو.
هڪڙو سوال آهي ته محبت ڇو ايترو وڏو قدر (Value) آهي، ان جو جواب آهي ته ڪائنات ۾ فقط محبت آهي، جيڪا تخيلقڪار آهي. جيڪڏهن اها ڪنهن جسم سان محبت آهي ته اها احساس تخليق ڪري ٿي، جيڪڏهن ڏاهپ سان محبت آهي ته اها فلسفن کي تخليق ڪري ٿي، جيڪڏهن فطرت کي سمجهڻ ۽ ان کي دريافت ڪرڻ جي محبت آهي ته اها سائنس کي تخليق ڪري ٿي، جيڪڏهن هڪ آرٽسٽ حُسن سان محبت ڪري ٿو ته پوءِ مصوري ۽ مجسما تخليق ٿين ٿا، جيڪڏهن آواز جي حُسناڪيءَ سان محبت ٿئي ته راڳ ۽ موسيقي تخليق ٿئي ٿي، ڪو رقص ڪري ٿو ته اهو سمجهڻ گهرجي ته اِهو ڪو فرد ڪونه ٿو نچي، پر اها محبت آهي جيڪا جهومي ۽ نچي ٿي. محبت جي وڏي ۾ وڏي قدرن مان اهو به قدر آهي ته محبت تخليقڪار آهي. هر تخليق جو محرڪ فقط محبت آهي، پوءِ ڀلي اها انقلاب جي تخليق هجي، تنظيمن جي تخليق هجي، آزاديءَ جي تخليق هجي، ملڪن جي تخليق هجي، تحريڪن جي تخليق هجي، نظرين جي تخليق هجي، فڪر جي تخليق هجي، ايجادن جي تخليق هجي، خوابن جي تخليق هجي ۽ ڪنهن به شيءِ جي تخليق هجي، تخليق فقط محبت ئي ڪري سگهي ٿي. جيڪو جذبو ۽ قدر تخليق ڪندڙ آهي، اهو ڪيڏو اعليٰ هوندو آهي، ان کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه نه هوندو آهي.
هاڻي ان سڄي پسمنظر ۾ محبت جي ڪائناتي تصور جي حوالي سان اهو ڏسڻو آهي ته سنڌي سماج جي ان سان نسبت ڪهڙي آهي؟ سنڌي سماج ڪو خاص (Exceptional Case) نه آهي، جنهن سماج پنهنجي تهذيب جي اؤسر ۾ جيڪو سفر ڪيو هوندو، اتي سماج جي فردن کي انفرادي توڙي اجتماعي طور، ان جا سياسي، سماجي، اقتصادي، ثقافتي، اخلاقي ۽ روحاني حق به اوترائي حاصل هوندا. جيڪو سماج پنهنجي ترقيءَ جي هيٺين سطح تي بيٺو هوندو، ان کي ڪي به سماجي حق مٿين سطح جا نه هوندا. انساني تهذيب جي اؤسر جو فرد جي اقتصادي حقن سان، سماجي حقن سان، ثقافتي حقن سان، اخلاقي حقن سان، ذهني حقن سان ۽ روحاني حقن سان لاڳاپو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن سڀني حقن جو تعلق سماج سان آهي.
اسان جي سنڌي سماج ۾ ڪارو ڪاريءَ جا واقعا ٿين ٿا، اهي واقعا سنڌي سماج ڪونه ٿو ڪري، پر اهي انساني تهذيب جو پسمانده ڏاڪو ٿو ڪري. اهي واقعا پسمانده سوچ ڪري ٿي، محبت جي خلاف انتهائي وحشي رويو ڪري ٿو، ۽ ان پسمانده ڏاڪي جون علمبردار قوتون ٿيون ڪن، جيڪي محبت جون ويري آهن. ڇو ته هتي ماڻهن جا سماجي حق پورا نه آهن، معاشي حق پورا نه آهن، انهن جا ثقافتي حق پورا نه آهن، پوءِ هتي ماڻهن کي ڪيئن اخلاقي حق ملندا؟ انهن کي ڪيئن روحاني حق ملندا؟
هن سماج ۾ جڏهن ڪا ڇوڪري محبت ڪري ٿي ته هن کي اها خبر هوندي آهي، ته کيس محبت ڪرڻ جي ڪري پيءُ ماريندو، ڀاءُ ماريندو يا ٻيو ڪو مائٽ ماري ڇڏيندو. نظرن ۽ روين سان سماج ماريندو پر پوءِ به هوءَ محبت ٿي ڪري؛ هوءَ نفي ٿي ڪري انهن سڀني روايتن جي، هوءَ نفي ٿي ڪري پنهنجي سماج جي ۽ چئي ٿي ته مون کي اهو قبول نه آهي، ان ڪري اها سماجي معنيٰ ۾ انقلابي آهي. ڇو ته هوءَ حقيقي پيار ڪري ٿي. مان محبت جي مٿانهين مقام جي ڳالهه ٿو ڪريان، جيڪا واقعي محبت آهي، مان ان محبت جي ڳالهه ٿو ڪريان، جنهن ۾ سهڻي پنهنجي مڙس ڏَمَ کي ڇڏي ميهار سان ملڻ پئي وئي، لطيف سهڻيءَ تي سڄو سُر لکيو آهي. ڇا لطيف کي خبر نه هئي ته سهڻيءَ کي مڙس به آهي، سهڻي پنهنجي مڙس کي ڇڏي، اچي ميهار سان ملندي هئي، تنهن هوندي به، هن ان تي پورو سُر لکيو آهي. هاڻي ڪو مُلو اُٿي لطيف سان کؤنس ته ڪري ڏيکاري. جنهن ماڻهوءَ محبت نه ڪئي آهي، اهو حيوان آهي، جڏهن ماڻهو حقيقي محبت (Pure Love) ڪري ٿو ته ان ۾ ڪنهن به بندش ۽ دائري جي ڪا ڳالهه ۽ حد بندي نه آهي.
مان جڏهن هتي آيس پئي ته منهنجي طبيعت ٺيڪ نه هئي پر هن محبت جي موضوع جي ڪري ٺيڪ ٿي وئي آهي. اسان جو ۽ اوهان جو اهو گڏيل فرض آهي ته اسان سنڌ کي اهڙو سماج ٺاهڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ ان لاءِ پنهنجو پاڻ پتوڙيون، جيڪو محبت کان انڪار نه ڪري سگهي، ۽ جيڪو محبت کي پاڙن هڻڻ لاءِ سٺي ۽ سنواريل زمين ڏيڻ جو ڪردار ادا ڪري سگهي. سنڌ حقيقي طور تڏهن ئي آزاد ۽ باوقار ٿيندي، جڏهن ان ۾ محبت ڳَڀا ڳَڀا نه ٿيندي، محبت تي آڱر نه کڄندي، ان تي ڪهاڙيون اُڀيون نه ٿينديون. اسان کي اهڙي سنڌ جي اڏاوت ڪرڻي آهي، جنهن ۾ محبت جا تصور حقيقتن جو روپ ماڻين ۽ لطيف جي ٻوليءَ ۾ ”ڪيف ڌاران ڪوءِ جيئي ڪو نه جهان ۾“ واري ڳالهه هجي. ڇاڪاڻ ته محبت شعور به آهي ته احساس به آهي، محبت اخلاق به آهي ته ڪمٽمينٽ به آهي، محبت حُسن به آهي ته لطف به آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته محبت انسان جي تبديليءَ جو وڏو روحاني ۽ احساساتي محرڪ آهي. محبت جي احساس کان عاري ماڻهوءَ کان توهان ڪنهن به غير معمولي رويي، ڪم ۽ نتيجي جي توقع نٿا ڪري سگهو. ڇاڪاڻ ته هيءُ واحد جذبو آهي، جنهن ۾ ماڻهو ڏئي ۽ وڃائي به خوش ٿيندو آهي ۽ ڪنهن به فرد يا سماج جي اخلاقي اوسر لاءِ اهڙو ئي رويو گهرجي. محبت ئي فرد جي خوشي ۽ سماج جي تبديليءَ جو منشور آهي، اها محبت ئي ڪائناتگير آهي ۽ اها فرد کي به ڪائنات جيترو ئي وسيع ۽ ڪشادو ڪري ڇڏيندي آهي.
(14 فيبروري 2001ع تي ”ويلنٽائن ڊي“ جي موقعي تي سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي آڊيٽوريم هال ۾ ڏنل ليڪچر)