تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ادب، سياست ۽ سنڌي سماج

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ، اسڪالر ۽ دانشور جامي چانڊيي جي چونڊ فڪري ليڪچرن جو مجموعو آھي، جنھن جو سھيڙيندڙ منير چانڊيو آھي.
هيءُ ڪتاب، جامي صاحب جي مختلف وقتن ۽ جڳھن تي الڳ الڳ موضوعن تي ڏنل فڪري ليڪچرن تي ٻڌل آهي. ھن ڪتاب ۾ ھڪ ھنڌ جامي لکي ٿو:
”لطيف هڪ عالمگير شاعر آهي، رڳو شاعر نه پر مفڪر، ڏاهو ۽ فلسفي آهي؛ ۽ اهو فڪر، ڏاهپ ۽ فلسفو به سنڌ جي دائري ۽ سطح جو نه آهي..... لطيف سڄيءَ دنيا لاءِ املهه فڪري ورثو آهي.... جيئن هيگل جي ڪا قوم نه آهي، جيئن مارڪس جي ڪا قوم نه آهي، جيئن رابندر ناٿ ٽئگور جي ڪا قوم نه آهي..... تيئن لطيف جي به ڪا مخصوص قوم نه آهي، هو سڄيءَ انسانذات جو گڏيل سرمايو آهي.“
Title Cover of book ادب، سياست ۽ سنڌي سماج

سنڌي سماج ۾ اجتماعي سوچ جي کوٽ جا سبب

سنڌي سماج به هڪ انساني سماج آهي، جنهن جي پنهنجي هڪ تاريخ آهي. انهن تاريخي مرحلن مان گذري ان ۾ ڪي زبردست خوبيون ۽ سُٺايون پيدا ٿيون آهن، جن تي سنڌي عوام کي بجا طور فخر ڪرڻ گهرجي. ساڳيءَ طرح ان ۾ انهن تاريخي مرحلن ۽ مختلف معروضي حالتن سبب ضرور ڪي اهڙيون منفي ڳالهيون به پيدا ٿيون هونديون ۽ ٿيون آهن، جن کي اول سمجهڻ ۽ پوءِ دور ڪرڻ جي تمام وڏي ضرورت آهي. سنڌ سان اسان جي بي پناهه محبت جي تقاضا رڳو اها نه آهي ته ان جا رڳو ويهي سُٺا پاسا ڏسون ۽ انهن تي فخر ڪريون پر ان جي اها تقاضا به آهي ته ان جي ڪمزور ۽ منفي پاسن کي ڏسجي ۽ انهن کي دور ڪرڻ لاءِ ڪي عملي حڪمت عمليون ۽ اُپاءَ اختيار ڪجن. ڇاڪاڻ ته دنيا جو اهڙو ڪوبه سماج نه آهي جيڪو يا ته سمورو سُٺو هجي يا مورڳو خراب. انساني سماج تمام پيچيده شيءِ آهي ۽ اهو متحرڪ پڻ آهي. ان ڪري اهو به ضروري نه آهي ته قومن ۾ جيڪي چڱايون آهن اُهي هميشه ساڳيءَ طرح برقرار رهن ۽ انهن ۾ جيڪي ڪمزوريون يا منفي پاسا آهن اُهي به ڪو لکيي جو ليک آهن. قومون ۽ معاشرا پنهنجا مثبت ۽ سُٺا پاسا آهستي آهستي وڃائي سگهن ٿا ۽ ساڳيءَ طرح پنهنجن ڪمزور ۽ منفي پاسن کان به جند ڇڏائي سگهن ٿا. فطرت جي ٻيءَ هر شيءِ وانگر قومن ۽ سماجن جا مزاج به متحرڪ هوندا آهن ۽ اها هڪ زبردست اُتساهيندڙ ڳالهه آهي. ان ڪري نه پنهنجين خوبين تي حد کان وڌيڪ فخر ڪجي جو اُهي تبديليءَ جي پيرن ۾ وَنگَ بڻجي وڃن ۽ نه وري پنهنجين ڪمزورين تي خود قياسي ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته قومن ۽ سماجن کي تبديل ڪري سگهجي ٿو. ان ڪري اسان به پنهنجيءَ قوم، سماج ۽ عوام کي تبديل ڪري سگهون ٿا ۽ اسان کي پنهنجون حياتيون ان مقصد لاءِ وقف ڪرڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته اهو هن وطن ۽ ڌرتيءَ جو اسان تي فرض ۽ قرض آهي. اسان جي انفرادي شعور جو ڪهڙو مُلهه جيڪڏهن اسان جي عوام ۾ شعور نه هوندو ۽ اسان جي انفرادي ترقيءَ ۽ عزت جي ڪهڙي وِٿُ هوندي جيڪڏهن اسان جي قوم ۽ عوام نڌڻڪو، پيڙهيل ۽ مظلوم هوندو.
اڄڪلهه هر جاءِ تي ڳالهايو، لکيو ۽ چيو وڃي ٿو ته سنڌ ۾ اجتماعي سوچ جي کوٽ آهي ۽ اها هڪ حقيقت به آهي. ان حوالي کان سنڌي سماج جو تفصيلي جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي ته آخر اهي ڪهڙا سبب، محرڪ ۽ عمل آهن، جن جي ڪري اسان جي قوم جي سماج ۾ اجتماعي سوچ جي کوٽ آهي.
جيڪڏهن ڪنهن به قوم ۽ ان جي سماج جو رويو بهتر، روشن خيال، مثبت ۽ اتساهيندڙ آهي ته اهو رڳو پنهنجو پاڻ نه ٿيو هوندو، ان جي پويان ضرور ڪو پس منظر ضرور هوندو. ساڳيءَ طرح جيڪڏهن ڪنهن به قوم ۽ ان جي سماج جو رويو صحيح نه آهي، ڪمزور ۽ خراب آهي ته سمجهڻ گهرجي ته ان جي پس منظر ۾ به ضرور ڪي سبب هوندا ۽ انهن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. هر سماج ۾ ڪي سُٺايون ته ڪي خرابيون هونديون آهن، پر اسان جو ان باري ۾ رويو هيءُ هجڻ گهرجي ته ان جا سبب ۽ محرڪ معلوم ڪجن ۽ انهن کي سمجهجي. جيئن ته سماج جو ڪوبه رويو سٺو يا خراب ۽ ماڻهن ۾ ڪابه سوچ آسمان مان نٿي اچي. ماڻهو اهي رويا ۽ سوچون پاڻ اختيار ڪري ٿو ۽ اهو ڪنهن نه ڪنهن نتيجي طور جُڙي ٿو. اسان پنهنجي ارد گرد، پنهنجي سماج، پنهنجيءَ قوم ۾ ماڻهن ۾ جيڪڏهن ڪو ڪمزور رويو ڏسون ٿا يا اهڙو رويو ڏسون ٿا جيڪو بهتر يا گهربل معيار وٽان نه آهي ته بجاءِ ان تي ارهو ٿيڻ جي، ماتم ڪرڻ جي، بجاءِ سڄي قوم تي افسوس ڪرڻ ۽ ان جي مذمت ڪرڻ جي هڪ ڊاڪٽر ۽ هڪ سماجي سائنٽسٽ طور ڏسڻ گهرجي ته آخر ماڻهو ايئن ڇو ٿا ڪن؟ جيئن ڪو ڊاڪٽر ڪنهن مريض کي ڏسي ان جو معائنو ڪندو آهي ته هي اَڀرو ڇو آهي؟ هن کي بخار ڇو آهي؟ هن کي بيماريون ڇو ٿيون ورائين؟ سماج به دراصل ايئن آهي، سماج جي جسم ۽ مزاج کي به ڪي ماڻهو ڊاڪٽر جيئن ڏسن ٿا ته آخر هي سماج ايئن ڇو آهي؟ هي حالتون ايئن ڇو آهن؟ ماڻهون هيئن ڇو ٿا ڪن؟ هونئن ڇو نٿا ڪن؟ وغيره.
جڏهن اسان پنهنجي سماج کي ڏسون ٿا ته اسان کي نظر اچي ٿو ته هن اسان جي سماج ۾ اجتماعي سوچ جي وڏي کوٽ آهي. جيڪي سماج باشعور ۽ فرض شناس آهن، انهن ۾ اجتماعي سوچ جي کوٽ ايتري نه هوندي آهي. اصل سوال اهو آهي ته اهو ڏسڻ گهرجي ته ايئن ڇو آهي؟ ان جا ڪهڙا سبب آهن؟ ٻي ڳالهه هيءَ ته جڏهن به سماج ۾ ڪنهن به رويي جي کوٽ يا ڪمزوريءَ جي ڳالهه ڪجي ته هڪ ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته سماج هڪ پيچيده شيءِ آهي. سماج جا سڀ رويا ۽ سوچون ڪنهن هڪڙي مخصوص سبب جي ڪري ڪونه ٺهندا آهن. مختلف سبب، مختلف حالتون ۽ محرڪ گڏجي پوري سماج جي ڪنهن مخصوص سوچ کي ٺاهيندا آهن. ان ڪري سماجي مسئلا پاڻ به پيچيده هوندا آهن ۽ انهن جا حل به پيچيده هوندا آهن. اينگلس تمام وڏو فلسفي هو، هن هڪڙو زبردست ڪتاب لکيو هو، جنهن جو نالو هو ”فطرت جي جدليات“ يعني “Dialectics of Nature”. ان ۾ هن ڏاڍي زبردست ڳالهه ڪئي هئي ته، ”پيچيده مسئلن جا حل سادا نه ٿيندا آهن، پيچيده مسئلن جا حل به پيچيده ٿيندا آهن.“ اهو ممڪن ئي نه آهي ته هڪڙي ماڻهوءَ کي ڪينسر جو مرض هجي يا ڪو ان کي تمام وڏو مرض هجي ۽ اهو چوي ته مان پونسٽان يا پيناڊال جي گوريءَ سان ٺيڪ ٿي ويندس. جيترو سماج جو مرض گِهرو هوندو، جيترو اُهو گهڻ طرفو هوندو، جيترو گهڻن سببن وارو هوندو، ان جو حل به اوترو ئي گهرو، گهڻ طرفو ۽ گهڻن طريقن وارو هوندو. اهو اوترو ئي پيچيده هوندو ۽ گهڻو وقت وٺندو. ان ڪري سماج جي هر سٺي ۽ خراب رويي ۽ سوچ کي ايئن ڏسڻ گهرجي ته ماڻهو ايئن ڇو ٿا ڪن؟ ان جا ضرور ڪي سبب هوندا ۽ اهي سبب ڪي مخصوص قسم جا نه هوندا، اهي سبب به گهڻن ئي قسمن جا هوندا. ممڪن آهي ته سبب متضاد به هجن، ممڪن آهي ته اُهي هم آهنگ هجن، پر هڪڙي ڳالهه طئي آهي ته اهي سبب مختلف قسمن جا هوندا. ان ۾ سماجي سبب به هوندا، سياسي سبب هوندا، اقتصادي سبب به هوندا، تاريخي سبب به هوندا، نفسياتي سبب به هوندا، ڇو ته جيئن هڪ فرد جي نفسيات هوندي آهي، تيئن قومن جي به نفسيات ٿيندي آهي، عوام جي به نفسيات ٿيندي آهي. اسين هن گفتگوءَ ۽ ڪچهريءَ ۾ ان قسم جي سببن جو جائزو وٺنداسين.
جيئن زندگيءَ جي هر ڪم جي هر شعبي جو هڪ علم آهي، جيئن ٽيبل يا ڪرسي ٺاهڻ هڪ واڍي کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي وَسَ جي ڳالهه نه آهي، ان جو مخصوص علم آهي. جيڪڏهن ڪا ٽيليويزن خراب ٿئي ته ان کي ٺاهڻ ڪنهن دانشور جي وَسَ جي ڳالهه نه آهي، ان کي مستري ئي ٺاهي سگهي ٿو، جيئن ڪپڙا سبڻ جو مسئلو آهي، ڪو ماڻهو ڀلي ڪيترو به عالم، اسڪالر ۽ هوشيار ڇو نه هجي، اها هن جي وس جي ڳالهه نه آهي ته هو هڪ بٽڻ به چڱي نموني لڳائي سگهندو هجي، جي هو درزي نه آهي. ڪپڙن سبڻ جو پنهنجو هڪ علم آهي. ايئن ئي هر شيءِ کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ جو پنهنجو هڪ علم آهي، فطرت کي سمجهڻ لاءِ الڳ علم آهي، جيڪي علم اسان کي فطرت بابت سمجهائين ٿا ته ڪائنات ڇا آهي؟ فطرت ڇا آهي؟ هي وڻ ٽڻ ڇا آهن؟ زندگي ڇا آهي؟ ان جو ظهور ڪيئن ٿئي ٿو؟ زندگي ڪيئن اُسري ٿي؟ اها ڪيئن وڌي ٿي؟ ڪائنات ۾ ڪهڙا لقاءَ آهن؟ موسمون ڇا آهن ۽ اُهي ڪيئن ڦيرو کائين ٿيون؟ ڏينهن ڇا آهي؟ رات ڇا آهي؟ سج ڇا آهي؟ چنڊ ڇا آهي؟ گرمي ڇا آهي؟ سردي ڇا آهي؟ اونهارو ڇا آهي؟ سيارو ڇا آهي؟ طوفان ڇا آهن؟ زلزلا ڇا آهن؟ مينهن ڇا آهن؟ وغيره. اهي سڀ جيڪي فطرت جا لقاءَ آهن ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي فطرت جا اڻ ڳڻيا لقاءَ آهن، انهن کي سمجهائيندڙ علمن کي فطري سائنسون (Natural Sciences) چئبو آهي. اِهي سموريون سائنسون، سمورا تجرباتي علم فطرت جي ڪنهن نه ڪنهن لقاءَ بابت سمجهائين ٿا. سائنس جي معنيٰ تجرباتي علم آهي، جنهن ۾ مختلف علم فزڪس، ڪيمسٽري، زولاجي، باٽني، جينيٽڪس ۽ جيالاجي وغيره اچي وڃن ٿا. ايئن ڪجهه علم وري سماج جي باري ۾ به آهن، جيڪي اهو سمجهائين ٿا ته سماج ڇا آهي؟ ثقافت ڇا آهي؟ ماڻهو ڇا آهي؟ (سماجي معنيٰ ۾)، معيشت ڇا آهي؟ رويا ڇا آهن؟ قدر ڇا آهن؟ تصور ڇا آهن؟ خيال ڇا آهن؟ ماڻهو غريب ڇو آهن؟ ماڻهو امير ڇو آهن؟ ماڻهو آقا ڇو آهن؟ ماڻهو غلام ڇو آهن؟ ماڻهو ڪمزور ڇو آهن؟ (سماجي حوالي سان) ماڻهو ڏاڍا ڇو آهن؟ ترقي ڇا آهي؟ تنزل ۽ زوال ڇا آهي؟ طبقا ڇا آهن؟ قومون ڇا آهن؟ طبقن ۽قومن وچ ۾ تضاد ڇو آهن؟ قومون ۽ معاشرا عروج کان زوال ڏانهن ڪيئن وڃن ٿا ۽ وري زوال ۽ تنزل کان عروج ڏانهن ڪيئن وڃن ٿا؟ سماجي نظريا ڇا آهن؟ انهن جي انسان ۽ سماج سان ڪهڙي نسبت آهي؟ سياست ڇا آهي؟ سياسي عمل ڇا آهي ۽ سماج جي سياسي ترقي ڇا آهي؟ ۽ اُها ڪيئن حاصل ڪري سگهجي ٿي؟
يعني سماج ۾ جيڪو به ننڍي کان ننڍو يا وڏي ۾ وڏو وهنوار هلي ٿو، ان کي سمجهائڻ لاءِ انسان پنهنجي هزارين سالن جي تجربي مان علم ترتيب ڏئي ٿو. ان کي اسان سماجي سائنسون چئون ٿا، جيڪي تجرباتي علم سماج بابت سمجهائين تن کي سوشل سائنسز چئبو آهي. اهي علم عقيدي وارا نه آهن، ڌُڪي وارا نه آهن، پر تجرباتي آهن، ماڻهن پنهنجن هزارن سالن جي تجربن مان اُهي علم ٺاهيا آهن. انهن جي درجه بندي ڪري مختلف علمن کي اُڀاريو آهي، انهن کي سماجي سائنسون (Social Sciences) چئجي ٿو.
اڄ جڏهن اسان چئون ٿا ته سنڌي سماج ۾ اجتماعي سوچ جي کوٽ آهي، ته سوال آهي ته اها اجتماعي سوچ جي کوٽ ڇو آهي؟ سائنسي، معروضي ۽ تاريخي طور ان جا انيڪ سبب هوندا ۽ آهن. مثال طور اڪثر ڪري چيو وڃي ٿو ته سنڌي ماڻهو گهرن کان ٻاهر نٿا وڃن، يقيناً انهن جي گهرن کان ٻاهر نه وڃڻ جا به ڪي ته سبب هوندا، ڪي ته اهڙيون حالتون هونديون، جن جي ڪري هزارين سالن کان سنڌي ماڻهو گهرن ۾ ويٺل رهيا آهن. چيو وڃي ٿو ته سنڌي ماڻهو قومي طور وڏو شريف ۽ امن پسند آهي، ٻئي ڪنهن تي حملو نه ڪندو آهي. بطور هڪ سماجي سائنسدان جي اسان جو اهو فرض آهي ته اسان ان تي سوچيون ۽ ان جا سبب معلوم ڪريون ته سنڌي ماڻهو ايئن ڇو آهي؟ اجتماعي طور سنڌي ماڻهن پاران ڪنهن تي به حملو ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ جا ڪهڙا سبب ٿي سگهن ٿا؟ هر شيءِ جا ڪي نه ڪي سبب ٿين ٿا، ڪي محرڪ ۽ مخصوص حالتون ٿين ٿيون. جنهن جي ڪري هو حملو نٿا ڪن. ڪن قومن کي حملي ڪرڻ لاءِ سبب، محرڪ ۽ حالتون ٺهي مليا هوندا، جن جي ڪري هنن حملا ڪيا هوندا، ان ڪري هڪڙي ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته جيڪي قومون حملا ڪن ٿيون، اهي پهرين ڏينهن کان حملا آور، خراب، ڦورو ۽ ظالم آهن ۽ جيڪي حملا نٿيون ڪن سي وڏيون ڪي اشراف آهن. جڏهن ته اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي، سمجهڻو اهو آهي ته ايئن ڇو ٿيو ۽ ايئن ڇو نه ٿيو؟ ايئن ضرور آهي ته مختلف معروضي حالتن ۽ تجربن مان گذري قومن ۽ طبقن جو هڪ خاص مزاج پڻ جڙي ويندو آهي، جيڪو نهايت مثبت به هوندو آهي ۽ نهايت منفي پڻ. ايئن اهڙا ٻيا به ڪيترائي موضوع آهن جيڪي اڄ پنهنجي ذڪر ۾ ايندا. اڄ اسان سماجي سائنسن جي علمن کي نظر ۾ رکي سنڌي سماج جو جائزو وٺنداسين ته سنڌي سماج سماجي طرح ڪيئن آهي؟ معاشي طرح ڪيئن آهي؟ سياسي طرح ڪيئن آهي؟ نفسياتي طرح ڪيئن آهي؟ ڇاڪاڻ ته جيستائين اسان پنهنجي سماج کي نه سمجهنداسين، تيستائين پنهنجي سماج کي ڪيئن بدلائينداسين؟ ان ڪري سڀ کان اڳ اِهو سمجهڻ ضروري آهي ته سماج جا ڪهڙا مسئلا آهن؟ اهو سماج ڇا ۾ ورتل آهي؟ پوءِ اهو سوال آهي ته ان کي تبديل ڪيئن ڪجي؟ ان جي سُٺن پاسن کي ڪيئن اڳتي وڌائجي ۽ ان جي ڪمزور پاسن کي ڪيئن گهٽائجي؟ ان ڪري اڄ جيڪي ڳالهيون ڪبيون، انهن ۾ سنڌ ۽ سنڌي سماج کي سماجي سائنس جي اک سان ڏسبو.
سماجي سبب:
سڀ کان اڳ اسان سنڌي سماج جو سماجي لحاظ کان جائزو وٺنداسين ۽ ان ۾ به سڀ کان اڳ ان جي سماجي ڍانچن (Structures) جو جائزو وٺبو، ڇاڪاڻ ته ان کانسواءِ سماج کي سمجهي ئي نه سگهبو. جيئن هر شيءِ جو ڍانچو ٿيندو آهي ۽ دنيا ۾ اهڙي ڪابه شيءِ نه آهي، جنهن جو ڍانچو نه هجي. ٽيبل جو به ڍانچو آهي، ڪرسيءَ جو به ڍانچو آهي، گلاس جو به ڍانچو آهي، پين جو به ڍانچو آهي، موبائيل فون جو به ڍانچو آهي، گهر جو به ڍانچو آهي، هڪڙين شين جا ڍانچا نظر اچن ٿا، انهن جو جسماني وجود آهي ۽ انهن کي ڏسي سگهجي ٿو. ايئن نه آهي ته جيڪي شيون جسماني وجود نه ٿيون رکن تن جو ڍانچو نه ٿيندو آهي. تصورن جا به ڍانچا ٿيندا آهن، خيالن جا به ڍانچا ٿيندا آهن، احساسن جا به ڍانچا ٿيندا آهن، محسوسات جا به ڍانچا ٿيندا آهن، نظرين جا به ڍانچا ٿيندا آهن، نظامن جا به ڍانچا ٿيندا آهن. ڍانچا رڳو جسماني طور نظر ايندڙ شين جا نه ٿيندا آهن پر جن شين جي ڪري سماج هلي ٿو، يعني علمن، خيالن، تصورن، قدرن، سوچن، تنظيمن، پارٽين، قبيلن، ذاتين، خاندانن ۽ گهرن جا به ڍانچا ٿيندا آهن. سماج سان وابسته سمورين شين ۽ لقائن جي ڍانچن کي سمجهڻ جي به هڪ جديد سماجي سائنس آهي، جنهن کي Social Structuralism چئبو آهي. اڄڪلهه سماجي فلسفي وٽ گهڻو ڪم ان ميدان ۾ ٿئي ٿو. ادب، سياست، ثقافت، معيشت، انساني فڪر، انهن سمورين شين کي ان لحاظ کان ڏٺو وڃي ٿو، پاڻ سنڌيءَ ۾ ان کي ”ساختيات جو علم“ چئي سگهون ٿا. مثال طور گهر آهي، گهر جي هڪ ڍانچي ۾ دَرَ ۽ ديوارون آهن پر ان ۾ اندر جيڪي ماڻهو رهن ٿا، ڇا تِن جو ڪو خانداني ڍانچو نه آهي؟ انهن ۾ ڪو پيءُ آهي، ڪا ماءُ آهي، ڪو پُٽ آهي، ڪا ڌيءُ آهي، هڪڙو پورو رشتن جو ان ۾ ڍانچو آهي. ايئن راڄ ۽ ڪُڙَم جو به اسٽرڪچر آهي، قومن جو به اسٽرڪچر آهي ۽ پوري انسانذات جو به اسٽرڪچر آهي. سائنسي سوچ مطابق جيڪي سماج جا نظر نه ايندڙ لقاءَ آهن، جن جو ڪو جسماني وجود نه آهي، انهن جا به نظر نه ايندڙ ڍانچا آهن. ايئن ئي هر سماج جو به اسٽرڪچر هوندو آهي. ڪوبه اهڙو سماج نه آهي جنهن ۾ ماڻهو گڏجي رهندا هجن ۽ ان جو ڪو اسٽرڪچر نه هجي. اوهان اڪثر ٻُڌندا هوندا ته شهري سماج، ڳوٺاڻو سماج، زرعي سماج، صنعتي سماج، قبائلي سماج، جاگيرداراڻو سماج، سرمائيداراڻو سماج، سوشلسٽ سماج، بورجوا جمهوري سماج، آمريتي سماج، اهي سڀ سماج جا مختلف ڍانچا آهن. ايئن ئي رياست جو به ڍانچو هوندو آهي، رياست جو ڍانچو ان جو آئين هوندو آهي، ان کي Constitution ۽ دستور چئبو آهي.
سماج ۾ بظاهر ماڻهوءَ کي لڳندوآهي ته هو آزاد آهي، ڇو ته هو آزاديءَ سان گهمي ڦري ٿو. اسان بظاهر جسماني طور آزاد آهيون پر اسان حقيقت ۾ پنهنجي ذهن، سوچ، ويچار، تصور ۽ پنهنجن اڻ ڳڻين مسئلن ۾ آزاد نه آهيون، ڪنهن جي دل چوندي آهي ته ”هيئن“ ڪجي پر وري سوچيندو ته ماڻهو ڇا چوندا؟ مائٽ ڇا چوندا؟ فلاڻو هيئن چوندو؟ توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته اهو ڇا آهي؟ جڏهن انسان جي دل چئي ته هيئن ڪجي ۽ اسان اهو سوچي نه ڪري سگهون ته ان جو مطلب ته اسان ۽ اسان جا ذهن ڪن نظر نه ايندڙ بندشن ۾ ورتل آهن ۽ سماجي ڍانچي جي نظر نه ايندڙ ضابطن ۽ دائرن جا پابند آهيون. ڳوٺاڻي سماج جو ماڻهو ڏهه ڪلوميٽر پنڌ ڪري ويندو، هن کي اها ڳالهه محسوس ئي نه ٿيندي ته هو ڏهه ڪلوميٽر پنڌ ٿو ڪري. شهري سماج جي ماڻهوءَ کي چئبو ته پنڌ وڃي بازار مان فلاڻي شيءِ ته وٺي اچ ته شام تائين پيو سَهڪندو. ايئن شهري سماج جي ماڻهوءَ جون پنهنجون ڪمزوريون آهن ۽ ڳوٺاڻي سماج جي ماڻهوءَ جون پنهنجون ڪمزوريون آهن، ٻنهي ۾ فرق واضح نظر ايندو.
سنڌي سماج جو ڍانچو بنيادي طور جاگيرداراڻي ۽ زرعي سماج جو ڍانچو آهي. جاگيرداراڻي ۽ زرعي سماج ۾ اجتماعي سوچ گهٽ ٿيندي آهي. ماڻهن جي سماجي زندگي اهڙي هوندي آهي، جنهن ۾ هنن کي گڏجي سوچڻ جو موقعو ملندو ئي نه آهي، ڇاڪاڻ ته ماڻهن کي سندن مسئلن جا حل گڏجي ڳولڻ جو موقعو ملي ئي نٿو. ماڻهو ڀوڳين ضرور ٿا، پر گڏجي سوچين يا ويچارين ڪونه ٿا، اهڙا هنن کي سماجي طور موقعا ملن ئي نٿا. اهڙي سماج ۾ گهر ۾ هڪڙو وڏو آهي، برادريءَ جو ٻيو وڏو هوندو، ڳوٺ جو ٽيون وڏو هوندو، جيڪو اُهي سوچيندا، جيڪو اُهي ڪندا، اهو ئي ٿيندو. مسئلا پيدا به اُهي ئي ڪندا ۽ پنهنجي نموني ۾ حل به اُهي ئي ڪندا. هڪ جاگيرداراڻي سماج جا سڀ اختيار ڪنهن نه ڪنهن هڪ ”وڏي“ وٽ آهن يا ڪجهه ”وڏن“ وٽ آهن. هڪ اهڙي سماجي ڍانچي، جنهن ۾ ماڻهن جي اڪثريت کي فيصلي ڪرڻ جو اختيار ئي نه آهي، جيڪا اڪثريت فيصلن ۾ شامل ئي نه آهي، جيڪا پاڻ کي فيصلن ۾ ڌُر سمجهي ئي نٿي، ان سماج جي ماڻهن جي تحت الشعور ۾ اها ڳالهه ويٺل ئي نه آهي ته ڪو ماڻهو پنهنجي باري ۾ فيصلن ڪرڻ جو مجاز آهي، خاص طور گڏيل ۽ اجتماعي مسئلن جي باري ۾. اهو مسئلو رڳو سنڌي سماج جو نه آهي پر دنيا جي انهن سڀني سماجن جو آهي، جيڪي جاگيرداراڻا زرعي سماج آهن انهن ۾ گهڻي ڀاڱي اجتماعي سوچ گهٽ يا بنهه ڪمزور هوندي آهي. نتيجو اهو ٿو نڪري ته جيستائين سنڌي سماج جو اهو جاگيرداراڻي سماج جو ڍانچو موجود آهي، تيستائين اسان اهو نه ٿا چئي سگهون ته سنڌي سماج ۾ ڪا وڏي اُٿلَ پُٿلَ ايندي ۽ ان ۾ ڪا اجتماعي سوچ پيدا ٿيندي. نتيجي طور اسان کي جاگيرداراڻي زرعي سماج جي ڍانچي مان جان ڇڏائڻي پوندي. ان سماجي ڍانچي کي ٽوڙڻو پوندو. جيتوڻيڪ اهو هاڻي ڀَڄي ۽ ڀُري به رهيو آهي پر اهو ڪنهن وڌيڪ ايڊوانس ڍانچي ۾ منتقل ٿيڻ بجاءِ ٽرانزيشن (Transition) ۾ ڦاسي پيو آهي جو اهو ڪم مڊل ڪلاس ڪندو آهي ۽ سنڌ ۾ شهري ۽ مارڪيٽ سان وابسته گهربل مڊل ڪلاس بنهه ٿورو آهي. ٻئي طرف سنڌ جي جاگيردار ۽ وڏيرڪي طبقي پنهنجي لاءِ جياپي جا نوان سياسي، سماجي ۽ معاشي گَسَ ڳولي لڌا آهن. اهو ضرورت آهر تبديل به ٿئي ٿو ۽ جتي سندس مفاد آهي اُتي اهو روايتي به آهي. سنڌ ۾ الميو اهو آهي ته رياستي تعصب، وڏيرڪي طبقي ۽ شهرن تي قابض ڌارين ٽنهي گڏجي سنڌي مڊل ڪلاس ۽ سنڌي سماج جي فطري اؤسر ۽ ارتقا جا دَڳَ بند ڪيا آهن ۽ سنڌي سماج ڄڻ ته تبديليءَ جي ان ٽرانزيشن ۾ ڦاسي پيو آهي.
سنڌي سماج ۾ اجتماعي کوٽ جي سببن تي غور ڪبو ته ان جو ٻيو سبب اسان جو غير منظم سماج هئڻ به آهي. جيڪو سماج زرعي هجي ۽ اهو وري جاگيرداراڻو سماج به هجي ته لازمي طور اهو سماج انتهائي غير منظم هوندو آهي. وڏيرڪي، جاگيرداراڻي ۽ زرعي سماج ۾ ماڻهو غير منظم هوندا اهن، اهي منظم هوندا به آهن ته روايتي ۽ راڄوڻي يا قبيلائي انداز ۾ هوندا آهن. انهن سماجن ۾ به ماڻهو گڏجي ته رهن ٿا، گڏجي ڪم ڪار به ڪن ٿا پر گڏجي ڪي غير معمولي ڪم نٿا ڪن. ان سماج ۾ هڪ گهر آهي يا خاندان آهي، گڏجي ٻني ڪندا آهن ۽ بس. ان سماج جا ماڻهو گڏجي ڪم ته ڪن ٿا، ڪنهن خوشي يا غميءَ ۾ هڪٻئي سان ملن به ٿا پر سماج جي اجتماعي بهتريءَ لاءِ گڏجي سوچن نٿا ۽ رڳو سنڌ جو نه پر دنيا ۾ جتي به اهڙا سماج موجود آهن، اتي ايئن آهي.
وڏيرڪي ۽ جاگيرداراڻي سماج جا رول ماڊلز به فرد هوندا آهن، ادارا نه هوندا آهن. شهري سماج جي ماڻهوءَ جو اهو مسئلو ئي نه آهي ته سوني (Sony) ڪمپنيءَ جو مالڪ ڪير آهي، توشيبا (Toshiba) ڪمپنيءَ جو مالڪ ڪير آهي؟ ۽ نه ئي وري شهري سماج جي ماڻهوءَ کي اها پرواهه آهي ته فلاڻو فلاڻيءَ ڪمپنيءَ جو مالڪ آهي. ڇو ته شهري سماج جا رول ماڊلز ادارا هوندا آهن. اسان جي سنڌي سماج ۾ اجتماعي سوچ جي کوٽ جو وڏي ۾ وڏو اهو سبب آهي ته ماڻهن صدين کان پئي ڏٺو آهي ته هتي سڀ فيصلا ته ڪو ”وڏو“ ڪندو آهي، وڏو ته ڪو هڪڙو ماڻهو ٿيندو آهي. وڏيرڪي ۽ جاگيرداراڻي سماج جا رول ماڊلز سڀ انفرادي ٿيندا آهن، هر شيءِ جا مسئلا فقط هڪ فرد حل ڪري ٿو، فقط هڪ وڏو حل ڪري ٿو. اوهان ڏٺو هوندو ته ڪنهن گهر جو در کڙڪندو، جيڪڏهن اندر ڪا عورت هوندي ته چوندي ته ”ابا گهر ۾ ڪير ڪونهي“. هوءَ پنهنجو پاڻ کي ڪجهه نه سمجهندي. هوءَ پاڻ هيڏي ساري جيئري فرد ويٺي آهي، پر پاڻ کي نفسياتي طور بااختيار نٿي سمجهي. نه ته هوءَ سَڏ ڪندڙ کان پڇي سگهي ٿي ته ”ڇا مسئلو آهي؟ ڪهڙو ڪم آهي؟“ پر شهر ۾ عورت در تي نڪري اچي ٿي، پڇي ٿي ته ڇا مسئلو آهي؟ ڪهڙو ڪم آهي؟ هوءَ گهر کان ٻاهر نڪري ٿي، گهر جو سامان وٺي اچي ٿي، ڀاڄيون وٺي اچي ٿي، ڪپڙا وٺي اچي ٿي، اسڪول ۾ ٻارن جي في ڏئي اچي ٿي وغيره. ٻهراڙيءَ جي سماج ۾ ايئن نه آهي. ڳوٺاڻي سماج ۾ ڪو ٻار ڪا حرڪت ڪندو ته ماءُ چونديس ته، ”اچي پڻهين ته تنهنجي دانهن ٿي ڏيانس.“ جيڪڏهن هوءَ پنهنجي هڪ ٻار کي دڙڪو نٿي ڏئي سگهي ته ان جو مطلب ٿيو ته هوءَ پاڻ کي بااختيار سمجهي ئي نٿي. هن جي روح، ذهن ۽ تحت الشعور ۾ صدين جي غلامي، بي اختياري ۽ ڪمزوري ويٺل آهي. هوءَ پاڻ کي اهڙو خود مختيار ۽ بااختيار ماڻهو سمجهي ئي نٿي جو هوءَ پنهنجي ٻار کي به ڪو دڙڪو ڏئي سگهي ته ”ايئن نه ڪر.“ توهان ان کي پنهنجن روين جي ڍانچي ۾ ڏسندا ته هوءَ پنهنجو پاڻ کي خود مختيار ۽ بااختيار فرد نٿي سمجهي ۽ هوءَ حقيقت ۾ آهي به ڪونه. ان سماج جا رول ماڊلز فرد آهن، گهر جو رول ماڊل فرد آهي، ڳوٺ جو رول ماڊل فرد آهي، راڄ جو رول ماڊل فرد آهي، هر شيءِ جو رول ماڊل فرد آهي. ان سماج جي سياسي پارٽين کي به جيڪڏهن ڏسبو ته ان جو ڪو مستقل وڏو هوندو، جيڪو هر شيءِ پيو ڪندو. جڏهن ته ايئن هجڻ نه گهرجي. اڄ جي زماني ۾ سماجن کي رڳو ٽارزن نه گهرجن، اڄ جي زماني ۾ ادارا گهرجن، رڳو مضبوط فرد نه پر مضبوط ادارا گهرجن. ڇاڪاڻ ته سماج ۾ مستقل طور اُهي ئي هلي سگهندا ۽ جٽاءُ ڪندا. سنڌي سماج ۾ اجتماعي سوچ جي کوٽ جا سبب اهي رول ماڊل فرد ۽ نام نهاد وڏا به آهن، جيڪي اجتماعي سوچ کي وڌڻ نٿا ڏين.
هڪ ٻي ڳالهه جيڪا مان چوڻ چاهيان ٿو، ممڪن آهي ته اُها ڳالهه ٻُڌي ڪجهه دوست ڇرڪ به ڀرين پر اها ڳالهه حقيقت ضرور آهي. اها ڳالهه هيءَ آهي ته سنڌي ماڻهو سياسي حوالي کان قوم آهن پر سماجي حوالي کان اڃا مڪمل طور قوم نه ٿي سگهيا آهن. سياسي حوالي کان ته سنڌي ماڻهو قوم ٿي ويا آهن ۽ پاڪستان ۾ ان ڏاڪي تي به فقط سنڌي پهتل آهن. پنجابي سياسي معنيٰ ۾ قوم نه آهن، بلوچ سياسي معنيٰ ۾ قوم نه آهن، پٺاڻن جا مخصوص حصا ان سوچ تي پهتل آهن پر مجموعي طور اهي سياسي معنيٰ ۾ قوم هجن ايئن نه آهي. پاڪستان ۾ وري به نسبتاً سرائيڪين، بلوچن، پنجابين ۽ پٺاڻن جي ڀيٽ ۾ سياسي معنيٰ ۾ سنڌي اڳتي وڌيل (Advanced) آهن. سنڌي ماڻهن جي اها وڏي زبردست حاصلات آهي ته سنڌ جو هيٺين کان هيٺيون ماڻهو به سياسي معنيٰ ۾ بهتر ۽ پختگيءَ سان سوچي ٿو. اها اسان جي تمام وڏي ڪاميابي آهي ته سنڌي سماج کي اسان سياسي حوالي کان هڪ قوم جي شڪل وڏي حد تائين ڏئي چڪا آهيون. سماجي معنيٰ ۾ قوم هجڻ جو مطلب ڇا آهي؟ ان جو مطلب اهو آهي ته ماڻهو پنهنجو پاڻ کي بنيادي طور چانڊيو نه سمجهي، ميمڻ نه سمجهي وغيره. هو پاڻ کي بنيادي طور هڪ سنڌي سمجهي. ڪجهه ٿورا باشعور ماڻهو پاڻ کي ايئن سمجهن ٿا، پر جي توهان غيبي ديري ويندا ۽ وڃي ڪنهن چانڊيي سان ملندا ته اوهان کي خبر پوندي ته سنڌي هجڻ هن لاءِ اوپري ڳالهه آهي. اسان جي پاسي ڏانهن ته سنڌي هجڻ ويترگهٽ ڳالهه آهي. اتي سنڌي معنيٰ گهٽ. ان جو اهو سبب نه آهي ته ڪو سنڌي ماڻهو گهٽ آهن پر ٻروچ ذاتين کي پنهنجي پسماندگيءَ سبب اهو غرور آهي ته هو سماٽن کان مٿانهان آهن ۽ هنن لاءِ سنڌي معنيٰ سماٽ. هو ٻروچ کي ۽ پاڻ کي قومي طور سنڌي نٿا سمجهن. ڪراچي يا حيدرآباد ايندا ته پاڻ کي سنڌي سڏائيندا پر پنهنجي ڳوٺ، گهر، تَر ۽ راڄ ۾ هو پاڻ کي سنڌي ڪونه سمجهندا. هيٺين سطح تي ماڻهو پنهنجي بنيادي سڃاڻپ پنهنجي ذات سان وابسته ڪري ٿو ۽ ان کي ئي قوم سمجهي ٿو. سنڌي سماج اڃان سماجي معنيٰ ۾ قوم ٿيڻ جي پراسس ۾ آهي. اصل ۾ سماجي طور قوم تڏهن ٺهندي آهي جڏهن شهر ٺهندا آهن، اربنائيزيشن وڌندي آهي، مارڪيٽ اُڀرندا آهن، شهري زندگيءَ جا جديد شعبا اُڀرندا آهن. اسان ثقافتي حوالي کان به قوم آهيون، اسان سياسي حوالي کان به قوم آهيون پر سماجي حوالي کان اسان جي قوم ۾ اڃان گهڻيون وٿيون (Gaps) آهن. اڃان گهڻيون شيون کُٽل آهن، جتي ماڻهو پنهنجي باري ۾ چوي ته مان بنيادي طور سنڌي آهيان. ان حوالي کان سنڌ جون سماٽ ذاتيون وري به ٻين کان بهتر ۽ سُڌريل آهن، پر هاڻي ته انهن ۾ به ذات پرستيءَ جو مرض وڌي رهيو آهي، بلڪه وڌي چڪو آهي. ضياءَ جي دؤر کانپوءِ خاص طور سماج کي عدم سياست ڏانهن ڌِڪڻ لاءِ ان رويي ۽ سوچ کي هٿي وٺرائي وئي. اوهان جيڪڏهن ٿر ويندا ته اهي چوندا ته، ”هي سنڌ مان آيل آهن“، ڪو ماڻهو لاڙ ويندو ته چوندا، ”اُتر مان آيو آهي“، لاڙ جي ماڻهوءَ کي اُتر جي ماڻهوءَ سان وڏو مسئلو آهي، جڏهن اسان 1988ع ۾ پليجي صاحب جي اليڪشن ورڪ جي سلسلي ۾ ٺٽي ۾ هوندا هئاسون ته اتان جا ماڻهو اسان کي اُترادي سمجهي اسان سان تعصب رکندا هئا، جيڪو اسان بلڪل محسوس به ڪندا هئاسين. ايئن لاڙ جي ماڻهوءَ لاءِ اُتر جي ماڻهوءَ وٽ تعصب هوندو. ڪاڇي جي ماڻهوءَ جي نفسيات ٻئي قسم جي آهي، ڪوهستان جي ماڻهوءَ جي نفسيات ٻئي قسم جي آهي. هن وقت تائين سنڌي قوم اڃان ان ڏاڪي تي نه پهتي آهي جتي اسان سماجي طور به ايئن محسوس ڪريون جيئن اسان سياسي طور پنهنجي قومي وحدت کي محسوس ڪريون ٿا. سنڌي ماڻهو ثقافتي طور تي به هڪ قوم طور Behave ڪري ٿو. سنڌ جي لباس، سنڌ جي ٻولي، رهڻي ڪهڻي، سنڌ جي راڳ، موسيقي ۽ اهڙين ٻين ڪيترين ئي شين ۾ هڪ قوم طور ورتاءُ ڪري ٿو، ايئن ئي سياسي طور به ڪري ٿو. ڪالاباغ ڊيم نه کپي ته معنيٰ قومي طور نه کپي. درياهه بچائڻو آهي ته پوءِ قومي طور بچائڻو آهي، ان ۾ سڀ سنڌي بغير ڪنهن فرق جي شامل هجن ٿا، اتي ڪوبه اهو فرق نٿو ڪري ته مان نظاماڻي آهيان، چانڊيو آهيان، شيخ آهيان، سومرو آهيان، ابڙو آهيان، ڪير به آهيان پر مان سنڌي آهيان. ان جو مطلب ٿيو ته سندن سياسي سمجهه اُتي پهتي آهي، جتي هو سياسي حوالي کان سمجهن ٿا ته اُهي هڪ قوم آهن پر سماجي حوالي کان اڃان ڪيترائي خال موجود آهن، ڪنهن به سماج ۾ اجتماعي سوچ تڏهن ئي اُڀرندي آهي جڏهن اهو سماج سماجي طور به هڪ قوم هجڻ جا شرط پورا ڪندو آهي.

[b]معاشي سبب:
[/b]سنڌي سماج جا جيڪي معاشي پيداواري ذريعا آهن، اُهي اڄ تائين گهڻي ڀاڱي زرعي سماج وارا آهن. جيتوڻيڪ هڪ حصو شهري ۽ مڊل ڪلاس ٿي ويو آهي پر اڃان تائين سنڌ جو اڪثريتي عوام جن پيشن ۾ آهي، جيڪي انهن جي روزگار جا ذريعا به آهن، اُهي گهڻي ڀاڱي زرعي سماج جا آهن. زرعي سماج به ڪو شهري زرعي سماج نه پر جاگيرداراڻو ۽ وڏيرڪو زرعي سماج. اهي شيون ماڻهن کي روڪين ٿيون ته جيئن هو اجتماعي طور نه سوچين. مثال طور هڪ ماڻهو ٻنيءَ ۾ ڪم ڪري ٿو، ان جو ٻين ماڻهن سان تمام گهٽ واسطو پئي ٿو. ٻئي طرف هڪ مزدور جيڪو ڪارخاني ۾ ڪم ڪري ٿو، اهو پنهنجي معمول جي زندگيءَ ۾ به تمام گهڻن ماڻهن سان رابطي ۾ اچي ٿو. هڪڙو شهري دڪاندار آهي، پوءِ چاهي ان کي پڪوڙن جو دڪان هجي پر ان جو شهر جي ڪيترن ئي ماڻهن سان هر گهڙيءَ واسطو پئي ٿو. توهان ڏسندؤ ته جيڪي اسان وٽ روايتي معاشي ذريعا آهن تن ۾ اسان جو تمام گهٽ ماڻهن سان واسطو پئي ٿو، ٻئي طرف هڪ شهر جي رڪشي واري کي به ڪيترن ئي ماڻهن جي روين جو تجربو ٿئي ٿو. اها خبر ان کي ڀل ته نه پوندي هجي پر اِها ان رڪشي واري جي تربيت ٿي رهي هوندي آهي. ان ڪري مان اڪثر چوندو آهيان ته سنڌي ماڻهن کي پنهنجا پيشا ۽ روزگار جا روايتي طريقا به تبديل ڪرڻ گهرجن. اهو ”ابي ڏاڏي جي ڪِرت“ سان پيار وارو تصور رجعت پسند ۽ ترقي دشمن آهي. اهو ڪهڙو طريقو آهي ته جيڪو ڪم ڏاڏو ڪندو اهو ئي پيءُ به پيو ڪري، ساڳيو ئي ڪم پٽ به پيو ڪري ته وري ايندڙ نسل کي به اهو ڪم پيو ڏنو وڃي. اها صدين کان معاشي سرگرميءَ جي يڪسانيت آهي ۽ ان ڪري ئي سنڌي ماڻهو ذهني طور جڏا ۽ جامد ٿي ويا آهن. هو هزار سالن کان شاديون به ساڳين گهرن ۾ پيا ڪندا، رت به ساڳيو، مائٽ به ساڳيا، پيشا به ساڳيا، علائقا به ساڳيا، شهر به ساڳيا، ڳوٺ به ساڳيا، ته پوءِ هو ڪٿان ۽ ڪيئن تبديل ٿين؟ گهڻا سال اڳ (شايد 1997ع) اسان جو هڪ دانشور دوست ڊاڪٽر فيروز احمد ڪنهن تحقيق جي سلسلي ۾ آمريڪا مان آيل هو. هو ڪنهن وقت ۾ عوامي تحريڪ ۾ به ڪم ڪندو هو. هو ۽ مان ان ريسرچ جي سلسلي ۾ پروفيسر اعجاز قريشيءَ جي معرفت بدين جي هڪ ڳوٺ ۾ وياسين. اهو هڪ سمن جو ڳوٺ هو. مون ڊاڪٽر فيروز احمد کي چيو ته هنن سان ان موضوع تي مان ڳالهايان ٿو پر پنهنجي ڪم جي ڳالهين کي توهان پاڻ نوٽ ڪجو. هن چيو ٺيڪ آهي. جڏهن ڳوٺ جي اوطاق ۾ سڀ ماڻهو گڏ ٿيا ته مون هڪ پيرسن کان پڇيو، ”چاچا توهان جو ڇا خيال آهي ته هي ڳوٺ ڪڏهن ٻَڌو ويو هو؟“ چيائين ته، ”ابا الائجي پر چون ٿا ته سمن جي راڄ ۾ ٻَڌو ويو هو.“
مون هن کان ٻيو سوال ڪيو ته، ”هن ڳوٺ ۾ سڀ سما رهن يا ٻيون به ڪي ذاتيون رهن ٿيون؟“
هن چيو، ”سائين ٻيا ڌاريا ڪيئن ڳوٺ ۾ رهندا؟ سڀ سما رهن.“
معنيٰ سمن کان سواءِ ٻيا سڀ ڌاريا ٿيا. مون پڇيو، ”ڳوٺ ۾ ماڻهو ڪهڙو ڪم ڪندا آهن؟“
چيائين، ”ڳوٺ جا ماڻهو ٻني ٻارو ڪندا آهن.“
پڇيم، ”اڳي ڇا ڪندا هئا؟“
چيائين، ”اڳي به ساڳيو ئي ٻني ٻارو ڪندا هئا.“
پڇيم، ”ان ۾ ڪا تبديلي وغيره آئي؟“
چيائين ته، ”سائين ابن ڏاڏن جا ڪم آهن، تبديلي وري ڪهڙي؟“
مون وري هن کان پڇيو، ”چڱو ڀلا، اهو اوهان جو ساڳيو ڳوٺ، ساڳيون ٻنيون، ساڳيو ڪم پر فصل ته ڪي ٻيا ۽ نوان پوکيندا هوندؤ؟“
چيائين، ”نه سائين، فصل به اهي ئي ساڳيا.“
پوءِ مون هن کان ڪيترائي سوال پڇيا، آخر ۾ پڇيومانس، ”ڀلا هن ڳوٺ جو جيڪو گس آهي، اهو به ابن ڏاڏن وارو ۽ جيئن جو تيئن آهي يا اهو ڪجهه بدليو آهي؟“
چيائين، ”نه سائين نه، اهو به جيئن جو تيئن آهي.“
ان وقت ڊاڪٽر فيروز احمد پنهنجا ٻئي هٿ مٿي تي ڏئي مون کي انگريزيءَ ۾ چيو، ”دنيا جي ڪابه طاقت هنن کي بچائي نٿي سگهي، هي تباهه ٿي ويندا، هي سڀ رهن به هتي ٿا، ڪم به ساڳيو ٿا ڪن، شاديون به پاڻ ۾ ٿا ڪن، ايتري تائين جو ڳوٺ جو رستو به ساڳيو رکيو اٿن، هي ته تبديل ٿيڻ لاءِ تيار ئي نه آهن. هنن کي ڪير بچائيندو؟“
هڪڙي ڳالهه اوهان طئي سمجهو ته ماڻهو شوق ۾ تبديل ڪونه ٿيندا آهن. اُهي يا ته مجبوريءَ ۾ تبديل ٿيندا آهن يا ضرورت تحت تبديل ٿيندا آهن. دنيا جا فرد ۽ معاشرا يا ته ضرورتن جي ڪري تبديل ٿيندا آهن يا مجبورين جي ڪري. جيڪڏهن شوق ۾ تبديل ٿيندا ته ٿورا ٿيندا، سڀ نه ٿيندا. تبليغ ڪرڻ سان ماڻهو ٿورو تبديل ٿي سگهن ٿا پر گهڻا نٿا ٿي سگهن. گهڻا تبديل اُهي ماڻهو ٿيندا جن کي تبديل ٿيڻ لاءِ مجبور يا سازگار حالتون هونديون. تڏهن ئي لکين، ڪروڙين ماڻهو تبديل ٿيندا.
سنڌ ۾ هڪ ٻيو مسئلو به ٿيو آهي، ماڻهو شهري به ٿيا آهن. اسان چئون ٿا ته سنڌ ۾ اربنائيزيشن ٿيڻ گهرجي. مان سمجهان ٿو ته سنڌ ۾ اربنائيزيشن جي نالي ۾ هڪ وڏي تباهي ٿي آهي. شهري علائقا رڳو ڪراچي ۽ حيدرآباد نه آهن، نوابشاهه به اربن آهي، لاڙڪاڻو به اربن آهي، قمبر به اربن آهي، ماتلي به اربن آهي، اهي شهر ڪيئن ٻهراڙيون آهن؟ دراصل گذريل ويهن، پنجويهن سالن جي عرصي ۾ سنڌ جي ٻهراڙين جو سماج پاڻيءَ جي هٿرادو بحران جي ڪري غير فطري انداز ۾ ۽ تيزيءَ سان سخت مشڪلاتن جو شڪار ٿيو آهي. شهر جيڪي پاڻ کي اڳ ئي پالي ۽ سنڀالي نه پئي سگهيا، جتي ميونسپل هئي ڪانه، رستا روڊ هئا ڪونه، پيئڻ لاءِ پاڻي هو ڪونه، رهڻ لاءِ جايون گهٽ هيون، صفائيءَ جو انتظام هو ڪونه، ڊرينيج هئي ڪانه، انهن شهرن تي ٻين لکين ماڻهن جو بار اچي پيو آهي.
مان رڳو پنهنجي شهر قمبر کي ڏسندو آهيان ته جڏهن مان اتي پرائمري اسڪول ۾ پڙهندو هئس ته اهو هڪ بهترين شهر ليکبو هو. هاڻي شهر ۾ گهڙبو ته ڏسبو شهر ۾ ڪينئن وانگر ماڻهو ٻچڪن ۽ چُرن ٿا. هر طرف ماڻهن جا هجوم آهن، شهر جي مين روڊ تي گاڏي ته ٺهيو پر ٽانگو به نٿو هلي سگهي. هاڻي ٻهراڙيون، ٻهراڙيون نه رهيون آهن ۽ شهر شهر ڪونه رهيا آهن. هڪڙا غير فطري انداز سان بنا ڪنهن رٿا بنديءَ، بنا ڪنهن وسيلن جي ماڻهن جا هجوم شهرن ۾ آيا آهن. شهري هجڻ جو مطلب اهو نه آهي ته ڪنهن ماڻهوءَ شهر ۾ گهر ٺهرايو يا اتي اچي رهيو ته ڪو اهو شهري ٿي ويو. مان اهو اڪثر چوندو آهيان ته شهر جي پڪين جاين ۽ ايئرڪنڊيشنڊ جاين ۾ رهندڙ ماڻهو ضروري نه آهي ته شهري به هجن. شهري هجڻ لاءِ هڪڙو رويو، هڪڙي نفسيات، ان جا قدر گهرجن، ان لاءِ هڪ شهري سماج جي سوچ گهرجي ۽ اهي رويا ڪي رڳو شوق مان نه ايندا، پر ان جي پيشي مان ايندا. اهي هن جي روز مره جي زندگيءَ جي وهنوار مان ٺهندا، اهو شهري ماڻهو انهن مان ٺهندو. اسان جو مڊل ڪلاس ڪيئن ٺهيو؟ هڪ غريب جي ٻار، پاڪستان جهڙي ڪرپٽ ملڪ ۾ نوڪريءَ ۾ اچي رشوت ۽ ڪرپشن ذريعي ڪروڙين روپيا ”ڪمائي“ بنگلا ٺهرايا، گاڏيون ورتيون پر ان جو ذهن ته اهو ئي ساڳيو رهيو. اسان جو هڪ مڊل ڪلاس ماڻهو پڙهي لکي جڏهن آفيسر ٿئي ٿو ته پئسا ڪمائي وري هڪ ٻيو مڊل ڪلاسي وڏيرو ٿي وڃي ٿو. هو هڪ شهري ماڻهوءَ جيئن پنهنجو ورتاءُ نٿو رکي. هو اِهو نه سوچيندو ته پئسا ڪمايا اٿم ته ڪو بزنس ڪريان، ڪي دڪان کوليان، ڪو ادارو کوليان يا ڪا ننڍي صنعت هڻان ته ڪي چار ماڻهو روزگار سان لڳن. هو ٻه روپيا ڪمائي سوچيندو ته پهريان ته ڪو وڏو گهر ٺهرايان، هو وڏو گهر ٺهرائڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪندو، قرض کڻي به وڏو گهر ٺهرائيندو. هن مڊل ڪلاس جي محروم ماڻهوءَ جو وَسُ پڄي ته گهر جي ڀتين تي به نوٽ هڻرائي. شهري سماج جو ماڻهو جيڪڏهن پئسا ڪمائيندو ته هو ان جو ٿورو حصو پاڻ تي خرچ ڪندو، باقي ٻئي حصي مان پُٽن کي روزگار کولي ڏيندو، دڪان کوليندو، ڪاروبار وڌائيندو. اوهان بوهري بازار وڃي بوهرين کي ڏسو، انهن ۾ اوهان کي ڪا هلڪڙائپ يا ٽرڙائپ نه ملندي، ڇو ته هو صدين کان مارڪيٽ ۾ ويٺا آهن. هو پئسا ڪمائي ان مان پنهنجي ڪاروبار کي اڳتي وڌائي اڃا وڌيڪ پئسو ڪمائي ڄاڻن. اسان جو جيڪو مسلمان سنڌي آهي، اهو پئسن کپائڻ جو بادشاهه آهي، هو ٻه روپيا ڪمائيندو ته ڏهه روپيا کپائيندو ۽ اهو رويو هڪ عام ماڻهوءَ کان وٺي وڏيري تائين ساڳيو آهي. اسان جي عام ماڻهوءَ کي ڪجهه پئسا ٿين ٿا ته هن کي شوق ٿئي ٿو ته هو انهن وڏيرن جهڙو ٿئي، ڇو ته هو ڏسي ئي انهن وڏيرن کي ٿو، ان ڪري اسان وٽ صحيح معنيٰ ۾ اربنائيزيشن نه ٿي آهي. اسان جا وڏا شهر اسان کان گهڻيءَ حد تائين کسجي چڪا آهن. ماڻهن جا معاشي رويا ئي انهن جي سماجي روين کي ترتيب ڏيندا آهن. ايئن ئي معاشي رويا ئي سياسي روين کي به ترتيب ڏيندا آهن. سماجي رويا آسمان مان ڪونه ايندا آهن، اُهي سماج مان ئي ايندا آهن.
سنڌ جو مارڪيٽ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اسان کان کسجي ويو. هاڻي ان تي ٻين جو قبضو آهي. مثال طور ريل گاڏيءَ ۾ سڀ سنڌي ماڻهو ويٺل هوندا، جيڪڏهن ڪو ان ۾ چانهه وارو چڙهندو ته هوڪو اردوءَ ۾ ڏيندو ”چائي والي“، ”چائي والي“- ايئن ڪو اخبار کپائڻ وارو ايندو، ڪو بسڪيٽ کپائڻ وارو ايندو ته اهو هوڪو اردوءَ ۾ ڏيندو، جڏهن ته ٽرين ۾ سڀ سنڌي ويٺل هوندا ۽ هو پاڻ به سنڌي هوندو. ان جو مطلب ته هو مارڪيٽ جي ٻولي سنڌيءَ کي نٿو سمجهي. اسان کي اردو ٻوليءَ سان ڪابه نفرت نه آهي، اسان ڏسڻ اهو ٿا چاهيون ته ايئن ڇو پيو ٿئي؟ دڪاندار به سنڌي هوندو، گراهڪ به سنڌي هوندو پر بورڊ اردوءَ ۾ لکيل هوندو. اوهان کي اهو ڪڏهن نظر نه ايندو ته ڪو اردو ڳالهائيندڙ سنڌيءَ ۾ هوڪو ڏئي يا پنهنجي دڪان جو بورڊ سنڌيءَ ۾ لکرائي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان جو مارڪيٽ اسان وٽ نه آهي. سنڌ جي مارڪيٽ جي ٻولي به سنڌي نه آهي. اهي فقط شاعرن اديبن جون ڳالهيون آهن ته شاهه لطيف ۽ شيخ اياز سنڌي ٻوليءَ کي اهڙا ڪوٽَ ڏئي ويا آهن جو اها ڪڏهن نه مرندي. جڏهن ته اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي. ادبي معنيٰ ۾ اهو ٺيڪ آهي پر سماجي معنيٰ ۾ اهو تصور غلط آهي. شاهه لطيف، شيخ اياز ۽ استاد بخاري هئڻ جي باوجود سنڌي ٻولي مري سگهي ٿي. سماجي طور ٻولي بچندي ئي اُها سماج جي واهپي جيڪا مارڪيٽ ۾ هوندي. اسان جي ٻولي ته آهستي آهستي مارڪيٽ کان پري ٿيندي پئي وڃي. سنڌي ماڻهن جو مارڪيٽ کان پري ٿيڻ ۽ مارڪيٽ ٻين جي قبضي ۾ اچي وڃڻ ئي وڏو سبب هو، جنهن اسان جي سماجي ترقيءَ جي فطري رفتار کي روڪي يا سُست ڪري ڇڏيو. بطور هڪ سماج جي اسان اڳتي وڌون ها، اسان ترقي ڪريون ها، اسان جديد رويا اختيار ڪريون ها، تبديل ٿيون ها، اسان شهري ماڻهو ٿيون ها، اربنائيزيشن ڏانهن وڌون ها، جديد شهري شعبن ۽ روزگار ڏانهن وڃون ها، مارڪيٽ ۾ هجون ها ته اسان جي قوم جي روين ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق اچي وڃي ها. ان راهه ۾ جيڪي فطري رستا هئا اهي سڀ روڪيا ويا. سنڌيءَ ۾ هڪڙو ڪتاب آهي ”ساهڙَ جا سينگار“، مان ان جو هر جاءِ تي مثال ڏيندو آهيان، اهو هر سنڌيءَ کي ضرور پڙهڻ گهرجي. ان ۾ علامه آءِ آءِ قاضي ۽ سائين جي ايم سيد جا هڪٻئي ڏانهن خط آهن، اُهي ڏاڍا دلچسپ خط آهن. ان زماني جي نسل ۾ هڪ روايت هوندي هئي، هو پنهنجي هر شيءِ لاءِ لکندا هئا، ان ڪتاب ۾ شامل خط ڏاڍا دلچسپ آهن. انهن ۾ علامه آءِ آءِ قاضي سنڌي مسلمانن جي لاءِ لکي ٿو ته انهن ۾ هي هي، فلاڻيون فلاڻيون ڪمزوريون آهن، ان ۾ هو لکي ٿو ته سنڌي مسلمان هينئن نٿو ڪري، سنڌي مسلمان هونئن نٿو ڪري وغيره. سنڌي مسلمان ايئن ڇو پئي ڪيو؟ هن ان ڳالهه تي نه لکيو آهي، ڇو ته هو ان شعبي جو ماڻهو نه هو پر هن سوال ڏاڍا سُٺا اُٿاريا آهن، اهي مسئلا اڄ تائين اسان سان لاڳاپيل آهن، انهن ئي سببن جي ڪري سنڌي سماج جي ارتقا ۽ اوسر، سنڌي سماج جي ترقي هن ملڪ ٺهڻ کانپوءِ سست رفتار ٿي وئي. نتيجي طور اسان هڪ غير فطري انداز ۾ بي ترتيبيءَ سان، هڪ بي راهه رويءَ سان ترقي پيا ڪريون، جيڪا ترقيءَ جي نالي ۾ دراصل ڪا ٻي شيءِ آهي. اِها ترقي نه آهي ۽ اسان جي ماڻهن کي گهربل شيءِ نٿي ملي. سنڌي ماڻهوءَ جو مارڪيٽ کان پري هجڻ ۽ سنڌ جي مارڪيٽ تي ٻين جو قبضو هجڻ به هڪڙو سبب آهي سنڌي سماج ۾ اجتماعي سوچ جي کوٽ جي سببن جو. ان ڪري اسان کي صحيح معنيٰ ۾ اربنائيزيشن ڏانهن وڌڻو آهي، جديد شعبن ۾ اچڻو آهي، ترقيءَ جي نون ميدانن تي پيرُ رکڻو آهي، جديد انسان ۽ معاشرو ٿيڻو آهي، گلوبل وليج ۾ پنهنجي ڪا ڀونگي اَڏڻي آهي، ڇاڪاڻ ته معاشي سرگرمين تبديل ٿيڻ کانسواءِ ڪنهن به سماج جي روين ۽ سوچ ۾ انفرادي توڙي اجتماعي تبديلي نا ممڪن آهي.

[b]سياسي سبب:
[/b]سنڌ هڪ آزاد قوم طور تمام گهٽ وقت حقيقي خود مختياري ڏٺي آهي. جيئن قومون آزاديءَ ۽ خود مختياريءَ سان پنهنجي وطن جون مالڪ هونديون آهن، پنهنجا فيصلا پاڻ ڪنديون آهن، غلطيون ڪنديون آهن، بهتر ڪم ڪنديون آهن ۽ بطور هڪ قوم جي آهستي آهستي انهن جي اؤسر ٿيندي آهي. ان حوالي سان سنڌ تاريخي طور پنهنجي خود مختيار حڪمراني ۽ بهتر حڪمراني گهٽ ڏٺي آهي. مثال طور ميرن جي دؤر ۾ بظاهر ته سنڌ آزاد هئي پر هو صفا درويش هئا، انهن کي ڪا سمجهه نه هئي ته حڪومتي انتظام ڇا ٿيندو آهي؟ رياست ڇا ٿيندي آهي؟ رياستي انتظام کي ڪيئن هلائبو آهي؟ سياسي دور انديشي ڇا هوندي آهي؟ نتيجي ۾ انهن اسان جي تباهين ۽ بدبختين جا بنياد وڌا، جنهن کانپوءِ انگريزن اچي سنڌ تي قبضو ڪيو. قومن ۾ اندر خود اعتمادي تڏهن پيدا ٿيندي آهي، جڏهن اُهي خود مختياري ماڻينديون آهن.
آزادي ۽ خود مختياري نه رڳو قومن جو ازلي حق آهي ۽ سندن خوشيءَ ۽ ترقيءَ جي ضمانت آهي پر حقيقت ۾ آزادي ۽ خود مختياري قومن جي سياسي تربيت جو به وڏو ذريعو آهن. تربيت ته غلاميءَ ۾ به قومن جي ٿيندي آهي پر آزاديءَ جي ڳالهه ٻي آهي. يعني آزادي ۽ قومن جي فطري اؤسر ڄڻ ته لازم ملزوم معاملا آهن. جيڪڏهن سنڌي قوم تاريخ جو وڏو عرصو هڪ آزاد ۽ خود مختيار وطن طور گذاري ها ته اڄ اسان جي سماجي نفسيات، رويا، اجتماعي سوچ ۽ ڪردار گهڻو مختلف هجن ها. اها ٻي ڳالهه آهي ته پاڪستان پاڻ به ڪو آزاد ۽ خود مختيار ملڪ نه آهي پر سنڌي قوم جي حيثيت پاڪستان ۾ بهرحال غلام واري آهي. اسان پاڪستان ۾ آزاديءَ جي نالي ۾ پنهنجي آزادي وڃائي ۽ پاڪستان ۾ اسان جي اجتماعي سوچ جي فطري ۽ صحتمند اؤسر کي سخت ڌڪ لڳو آهي. غلامي، قومن جي نفسيات تي جيڪي منفي اثر وجهندي آهي، اُهي سنڌي ماڻهن تي به بريءَ طرح پيا آهن.
سنڌي قوم جو ٻيو به هڪ وڏو ۽ حساس مسئلو آهي، مان سوچان ٿو ته ان تي تفصيل سان لکجي. اهو مسئلو هي آهي ته اڄ به سنڌ ۾ سنڌي ماڻهن جي ڪا هڪ وڏي قومي پارٽي نه آهي. مثال طور عوامي تحريڪ هڪ زبردست پارٽي آهي، ان جو سنڌ ۾ ڪو مثال نه آهي پر ان جي باوجود به اها سنڌ جي قومي پارٽي ان معنيٰ ۾ نه آهي جو وسيع تر سڄي سنڌي قوم جا ماڻهو ان پارٽيءَ ۾ شامل هجن.
موجوده دؤر ۾ سنڌي قوم اُتي پهتل آهي، جتي کيس ٻئي شيون گهرجن ٿيون. سنڌ کي هن وقت هڪ انقلابي مزاج رکندڙ نظرياتي پارٽي به گهرجي ٿي ته ان کي هڪ نيشنل بورجوا جمهوري پارٽي به گهرجي ٿي، جيڪا گهڻ طبقاتي هجي، جيڪا وطن فروش ۽ غدار نه هجي. اها اسان وٽ نه آهي. پيپلز پارٽي اهو ڪردار ادا ڪري پئي سگهي ۽ ان لاءِ اهو ڪم ان ڪري به آسان هو جو سنڌي عوام جي اڪثريت گذريل چئن ڏهاڪن کان ان پارٽيءَ کي ئي اليڪشني سياست ۾ سپورٽ ڪيو آهي پر پ پ پ پنهنجو اهو ڪردار اُڀاري نه سگهي. ان جو سبب سندن نظرياتي لائين به آهي ۽ منجهن موقعي پرست وڏيرڪو ۽ مڊل ڪلاس به آهي، جيڪو نيو-فيوڊل جيان هلي ٿو. هونئن سائين جي ايم سيد جي سياست سان ڪنهن کي ڀل ته ڪيترا به اختلاف ڇو نه هجن پر جيڪڏهن جيئي سنڌ تحريڪ هڪ خالص سياسي تحريڪ يا تنظيم طور اُڀري ها ۽ اُها پيشه ور ڏوهارين ۽ ڏوهاري ذهنيت جي وَرِ نه چڙهي ها ۽ فضيلت واري سياست ڪري ها ته اسان کي قومي طور ان مان نقصان بجاءِ فائدو ٿئي ها. بحث به ٿين ها، اختلاف به ٿين ها ۽ هڪ ٻئي جو سياسي مقابلو به ٿئي ها پر مجموعي طور اسان کي ان مان سياسي فائدو ٿئي ها. گهڻ پارٽي سياسي چٽا ڀيٽي هڪ سُٺي ڳالهه آهي ۽ اُها پس و پيش قوم ۽ عوام جي سگهه ٿيندي آهي، پر افسوس جو هڪ دانشور سياستدان جي تنظيم سندس ئي حياتيءَ ۾ ۽ سندس ئي اکين آڏو ڏوهارين جي وَرِ چڙهي وئي ۽ هن پاڻ به ان کي بچائڻ ۾ ڪجهه نه ڪيو. ان تحريڪ ۾ جيڪي سنجيده سياسي ڪارڪن هئا، اُهي آهستي آهستي ڪَڻو ڪَڻو ٿي وِکري ويا ۽ ڪوبه کين گڏ ڪري هڪ ڌارا ۾ وٺي وڃي نه سگهيو. عوامي تحريڪ جهڙي پارٽي جيڪا پنهنجي مخصوص نظرياتي ۽ فڪري واٽ رکي ٿي، جيڪا گهڻ طبقاتي بورجوا پارٽي ٿيڻ نٿي چاهي، ڇاڪاڻ ته اها پارٽي نيشنل بورجوا جمهوري ۽ وڏي پارٽي تڏهن ئي ٿي سگهندي جڏهن موجوده واٽ ۾ تبديلي آڻيندي. ڇو ته نوان طبقا ايندا ته اُهي پنهنجن طبقن جو مفاد به کڻي ايندا، پنهنجو انفرادي مفاد به کڻي ايندا ۽ پنهنجو بورجوا قومي مفاد به کڻي ايندا. نيشنل بورجوا پارٽي هڪ قومي جمهوري پارٽي هوندي، ان ۾ جيڪي ماڻهو ايندا اُهي ضرور پنهنجا ذاتي ۽ انفرادي مفاد به کڻي ايندا ۽ پس و پيش پنهنجا قومي مفاد به کڻي ايندا. اها پارٽي موقعي پرستيون به ڪندي ۽ هڪ حد تائين قومي مفادن جو به پوراءُ ڪندي. جيئن ڪانگريس هئي، ان ۾ موقعي پرست به هئا، منافق به هئا پر ان هندستان جي مفاد جو به پورائو پئي ڪيو. بنگال ۾ عوامي ليگ هئي، ان ۾ انقلابي ماڻهو نه هئا، ان ۾ بيورو ڪريٽ هئا، ان ۾ مڊل ڪلاس هو، ان ۾ سڀ ماڻهو هئا. جيڪڏهن اهڙي پارٽي هجي ها، اسان ڀلي ان تي عوام ۾ لک تنقيدون ڪريون ها، ان جون مزاحمتون ڪريون ها، سياسي ۽ نظرياتي طور پاڻ ۾ وڙهون به ها، پر دل ۾ خوش به ٿيون ها. اهڙي ڪا ته پارٽي هجي جيڪا ڪجهه ته اسان جو ڪم به آسان ڪري ته جيئن اسان پنهنجو بنيادي ڪم ڪري سگهون. تنهن ڪري هڪ اهڙي پارٽيءَ جو هجڻ به ضروري آهي، ان ڪري سنڌ کي هڪڙي عوامي ليگ جهڙي پارٽيءَ جي واقعي به ضرورت آهي. جيڪا ظاهري ڳالهه آهي ته عوامي تحريڪ نه آهي، ان جون پنهنجون گهرجون آهن، نظرياتي پارٽيءَ جون پنهنجون گهرجون آهن ۽ انهن ۾ وڏو تضاد به آهي. هاڻي اهڙي پارٽي ڪيئن ٺهي؟ اهو هڪ وڏو سوال آهي. ان موضوع تي مون ڏاڍو سوچيو آهي، منهنجو ان موضوع تي تفصيل سان لکڻ جو ارادو آهي. منهنجو چوڻ اِهو آهي ته ڪنهن وڏي قومي جمهوري پارٽيءَ کانسواءِ سماج ۽ قوم ۾ اجتماعي نفسيات گهٽ پيدا ٿيندي آهي. سنڌ کي انقلابي ۽ نظرياتي پارٽيون به گهرجن پر سنڌ کي هڪ گهڻ- طبقاتي وطن دوست وڏي قومي پارٽي به گهرجي.

سنڌي سماج ۾ وڏين جدوجهدن جو نه هجڻ:
سنڌي ماڻهن پنهنجي تاريخ ۾ ڪي تمام وڏيون جدوجهدون نه هلايون آهن، تاريخ ۾ سنڌي ماڻهن بطور ذاتين جي قومي مزاحمت ضرور ڪئي، پر پوري قوم مزاحمت ڪري ايئن نه ٿيو. سڪندراعظم کان ويندي مغلن، ارغونن، ترخانن ۽ انگريزن تائين سڀني دؤرن ۾ سنڌين مزاحمت ڪئي آهي پر اها مزاحمت قومي سوچ تحت ڪانه ڪئي آهي. مختلف علائقن جي مختلف برادرين ۽ ذاتين مزاحمت ڪئي. اهي ڪي غير معمولي يا ڪي وڏيون مزاحمتون نه هيون. جدوجهدون انهن ذاتين جي پنهنجين پنهنجين حالتن تحت هيون. انهن ان خيال کان نه پئي ڪيو ته اسان جي سنڌي قوم تي ڪاهه پئي ٿئي. حقيقت ۾ قومي طور تي جدوجهدون اسان ون يونٽ واري دؤر کان هلايون آهن. بمبئيءَ کان سنڌ جي عليحدگيءَ واري تحريڪ سنڌ لاءِ هئي، پر ان ۾ وسيع تر سنڌي ماڻهو شامل نه هئا. ان ۾ مخصوص ماڻهو شامل هئا. وسيع تر ماڻهن کي ان جي خبر ئي نه هئي.
مون ڪٿي پڙهيو آهي ته ايوب کهڙو ۽ علي محمد راشدي ڪراچيءَ کان ريل ۾ لاڙڪاڻي پئي ويا، راشديءَ کهڙي کي چيو ته، ”اسان کي بمبئيءَ کان الڳ ٿيڻ گهرجي.“ کهڙي چيس ته، ”چريو ٿيو آهين ڇا؟ بمبئيءَ کان ڪيئن الڳ ٿينداسين؟ ننڍڙي سنڌ، اڀرا ماڻهو، بمبئي سرڪار کان ڪيئن الڳ ٿي سگهنداسين؟“ راشديءَ چيس ته، ”اسان بمبئيءَ کان الڳ ٿي سگهون ٿا، مون وٽ هڪ فارمولا آهي.“ کهڙي چيس ته، ”ٺيڪ آهي، مون کي قائل ڪر، جيڪڏهن تون مون کي قائل ڪري وئين ته پوءِ سنڌ کي بمبئيءَ کان الڳ ڪرايون ٿا.“ هن سمجهايس، کهڙو سمجهي ويو ته هي ڳالهه صحيح پيو ڪري. هو ٻئي ڄڻا جنگشاهيءَ جي اسٽيشن تي لهي پيا، واپسيءَ جي ٽرين ۾ چڙهيا ۽ سنڌ جي بمبئيءَ کان عليحدگيءَ جي تحريڪ شروع ٿي وئي. ايوب کهڙو ان تحريڪ ۾ سنڌ جو هيرو هو، ان زماني ۾ سنڌ جو هيرو ئي ايوب کهڙو هو. اِهو ته هُو بدنصيب ماڻهو هو، جنهن ون يونٽ جي حمايت ڪري، پنهنجي ڪئي ڪمائي وڃائي ڇڏي، نه ته ان دؤر ۾ جيڪو ڪجهه سنڌ لاءِ هن ڪيو، سو ٻئي ڪنهن نه ڪيو. هن رڳو ون يونٽ جي حمايت ڪري پنهنجي تباهي ڪري ڇڏي. سنڌ جي بمبئيءَ کان عليحدگيءَ واري تحريڪ به ڪا سنڌ جي قومي تحريڪ نه هئي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڪا وسيع تر قوم شامل نه هئي. سنڌي ماڻهن پنهنجي قومي تحريڪ قومي معنيٰ ۾، جنهن ۾ قوم پاڻ کي هڪ قوم سمجهي حصو ورتو هجي، اها ون يونٽ جي زماني ۾ ثقافتي ۽ ادبي طرح شروع ڪئي. ان کانپوءِ مختلف تحريڪون رهيون آهن، جنهن ۾ ايم آر ڊي آهي ۽ ٻيون شيون آهن. منهنجي خيال ۾ حقيقي معنيٰ ۾ سنڌ جي پاڻيءَ جي جدوجهد اُها واحد جدوجهد آهي جيڪا تاريخي طور تي سنڌي ماڻهن هڪ قوم طور ڪئي آهي، جنهن ۾ ننگر پارڪر کان ويندي غيبي ديري جي ماڻهوءَ تائين هنن اهو سمجهيو آهي ته سنڌ جي پاڻيءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ منهنجو قومي فرض آهي ۽ ههڙي قسم جي هم آهنگيءَ واري، قومي سوچ واري، قوم جي سڀني حصن جي ماڻهن واري جدوجهد اڳ ۾ نظر نٿي اچي. جنهن کي سياسي معنيٰ ۾ قومي جدوجهد چئون، اهڙو ٻيو مثال نٿو ملي. ڇاڪاڻ ته هن جدوجهد ۾ هر ذات، طبقي، پارٽيءَ ۽ علائقي جو ماڻهو قومي فرض طور شامل ٿيو.
هڪڙي ڳالهه ماڻهو اڪثر چوندا آهن ته هيڏي جدوجهد هلي، ٿيو ته ڪجهه به ڪونه. سوشل سائنسز جي نظر سان ڏسبو ته سياسي تحريڪون ماڻهن جي تربيت ڪن ٿيون. اسان چئون ٿا ته اجتماعي سوچ پيدا ٿيڻ گهرجي، اها سوچ ماڻهوءَ جي عمل مان ايندي. گڏيل قومي جدوجهدون ماڻهن جي اندر اجتماعي سوچ پيدا ڪن ٿيون. گڏيل قدم کڻڻ لاءِ اتساهه پيدا ڪن ٿيون، گڏيل ويساهه ڏين ٿيون، گڏيل اعتماد ڏين ٿيون ته نه هي سڀ ڪجهه ممڪن آهي. جدوجهدن جو ان کان وڌيڪ سِلو ٻيو ڇا مِلندو ته اُهي ماڻهن جي تربيت ڪن ٿيون. جدوجهدون ماڻهن جون سياسي يونيورسٽيون آهن، جدوجهدون ماڻهن ۾ تبديلي آڻين ٿيون. ماڻهو نااُميديءَ مان اُميد ۽ اتساهه ۾ اچيو وڃي. جدوجهدون عوام ۽ سماج جي لڪل قوتن کي ظاهر ڪن ٿيون، ماڻهن اندر جيڪي بي پناهه قوتون موجود آهن، تن جي خبر پوي ٿي. جدوجهدون ماڻهوءَ مان دشمن جو ڀؤ ٽوڙين ٿيون، جدوجهدون ماڻهو کي ڇا ڏين ٿيون؟ ان جي هڪ وڏي فهرست آهي، ان جو هڪ وڏو جهان آهي. ڀلي بظاهر ان جو ڪوبه نتيجو نه نڪري پر ان جا ڪيترائي غير معمولي اثر پون ٿا. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته ڪابه حقيقي جدوجهد ناڪام نه ٿيندي آهي. ڇاڪاڻ ته رڳو ميڪانڪيت سان ان جي ظاهر ۽ مقرر ڪيل ڪاميابين کي ڏسڻ ڪوتاهه نظري آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ تاريخي طرح تمام وڏيون جدوجهدون نه هلڻ جو هڪ وڏو سبب اهو به آهي ته سنڌ ۾ اجتماعي سوچ جي کوٽ آهي، جيڪا هاڻي ختم ٿئي پئي ۽ خاص طور تي پاڻيءَ واري جدوجهد ان معاملي ۾ گهڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌ جي هر باشعور ۽ وطن دوست ماڻهوءَ جو فرض آهي ته اهو سنڌ ۾ هلندڙ جدوجهدن ۾ حصو وٺي. جدوجهد ڪنهن به پارٽيءَ طرفان هلي، جيڪڏهن ان جو مقصد، محرڪ ۽ واٽ صحيح آهي يا غلط نه آهي ته جزوي اختلافن هوندي به ان ۾ حصو وٺجي. ڇاڪاڻ ته ان سان نه رڳو اها جدوجهد سگهاري ٿيندي پر ماڻهوءَ جي پنهنجي به تربيت ٿيندي. مان هڪ ڳالهه پنهنجي حوالي سان محسوس ڪندو آهيان ته جيڪڏهن مان اڃا به وڌيڪ اُٺَ ڪتابن جا پڙهان ها پر هڪ سياسي ڪارڪن نه هجان ها ۽ قومي جدوجهدن جو حصو نه رهيو هجان ها ته شايد زندگيءَ، سماج، عوام ۽ تاريخ کي ايترو گهرائيءَ ۽ گهڻَ رُخائيءَ سان سمجهي نه سگهان ها يا ايترو سنڌ-شناس نه هجان ها. عوامي سياسي جدوجهدون قومن اندر اجتماعي سوچ پيدا ڪرڻ جو وڏو سبب، محرڪ ۽ ذريعو آهن.

[b]سنڌي سماج ۾ ڪن وڏن تاريخي بحرانن جو نه اچڻ:
[/b]سنڌي قوم ۾ اجتماعي سوچ جي کوٽ جو اهو به سبب آهي ته ان تاريخ ۾ ڪي به وڏا غير معمولي بحران نه ڏٺا آهن. يعني اهڙا بحران جنهن جي ڪري قومون تباهه ٿي وڃن، قومون پيڙهجي وڃن، قومون مڪمل طور زوال ۾ اچي وڃن. توهان جيڪڏهن جرمنيءَ جي ڪنهن به شهر ۾ ويندا ته اوهان کي خبر پوندي ته ٻي عالمي جنگ ۾ اهو ستر سيڪڙو تباهه ٿي ويو هو، ڪا شيءِ نه بچي هئي ۽ ماڻهو چوندا ته هي شهر وري نئين سر ٺاهيو ويو آهي. ٻي مهاڀاري جنگ ۾ اوهان ڏٺو ته ملڪن جا ملڪ تباهه ٿي ويا، سنڌ تاريخ ۾ نه ڪو وڏو بحران ڏٺو آهي، نه ئي ڪي وڏا زلزلا ڏٺا آهن، نه سنڌ ۾ ڪڏهن ڪو غير معمولي ڏُڪار آيو آهي ۽ نه ئي سنڌ ۾ ڪي وڏيون اُٿلون پٿلون آيون آهن. منهنجيءَ نظر ۾ سنڌ جي پاڪستان ۾ شموليت سنڌ جي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو حادثو آهي. سنڌ سنڌو درياهه جي پڇڙيءَ ۾ آهي ۽ پڇڙيءَ ۾ هجڻ جي ڪري گهڻي ڀاڱي زراعت تي دارومدار رکندڙ رهيو آهي. اڳي درياهه هزار سالن ۾ پنهنجو پيٽ بدلائيندو هو جو انگريزن کان اڳ سنڌو درياهه تي اريگيشن جو ڪو نظام نه هو. ميرن جي دؤر ۾ درياهه پنهنجو پيٽ بدلايو هو، جنهن جي ڪري سنڌ جي يارهن لک ايڪڙ زمين متاثر ٿي هئي. ان وقت معاشي حوالي کان سنڌ ۾ ڪجهه اُٿلَ پُٿلَ آئي هئي. اسان سنڌي قوم جيڪي بحران ڏٺا آهن اُهي وچولي قسم جا آهن. اهڙو بحران اسان نه ڏٺو آهي، جنهن جي ڪري لڳي ته اسان جو الهه تلهه ويو هليو. پاڪستان ۾ گذريل ڇهه ڏهاڪا گذاري ضرور اسان کي لڳي ٿو ته اسان پنهنجو الهه تلهه وڃايو آهي. باقي مجموعي طور هڪ سماج جي حيثيت ۾ اسان جو اهو حال آهي، جيئن اوهان شهري ٻار ڏٺو هوندو، ان کي جيڪڏهن ٿورو ڌِڪو به ايندو ته ان جا پيءُ ماءُ پريشان ٿي ويندا. هو جيڪڏهن گهر کان ٻاهر به نڪرندو ته ان سان ڪو ماڻهو گڏ هوندو. ڳوٺاڻو ٻار وَتندو ڳوٺ ۾ گهمندو، ٻنين ۾ هلندو، واهن ۽ شاخن ۾ ٽَپا ڏيندو، وڻن تي چڙهندو، ان جي پيءُ ماءُ کي ان جي پرواهه ئي نه هوندي. شهري ٻار کي پريشانين ۽ بحرانن کي مُنهن ڏيڻ جي صلاحيت ئي نه هوندي. عربن جا امير گهراڻا پنهنجن ٻارن کي ٻهراڙين ۾ موڪلي ڇڏيندا هئا. هو ٻارن کي پهريان ڏَههَ، ٻارنهنَ سال ٻهراڙيءَ ۾ گذارڻ لاءِ موڪلي ڏيندا هئا، ڇاڪاڻ ته ٻارُ ٻهراڙيءَ ۾ هوندو ته فطرت کي ويجهو هوندو، ٻهراڙيءَ جو ٻار فطرت سان مزاحمت ڪري ڪري، ماحول سان مزاحمت ڪري مضبوط ٿيو وڃي. شهري ٻار گهر کان ٻاهر نڪري ٿو ته به ساڻس ملازم گڏ هوندا. هاڻي هو ڪٿان خطرا ڏسي؟ ڪو ڌِڪو کائي، ڪا تڪليف ڏسي، ڪو ايذاءُ ڏسي يا روئي؟ شهري ٻار روئندو ته به هن جا ماءُ پيءُ پريشان ٿي ويندا. مان جڏهن مائٽن جي گهر ويندو آهيان تڏهن ڏسندو آهيان ته جيڪڏهن ڪو ٻار روئندو آهي ته ان جا مائٽ پريشان ٿي ويندا آهن ۽ ٻار کي روئڻ نه ڏيندا آهن. مان انهن کي چوندو آهيان ته ٻار کي ٿورو روئڻ ڏيو، ان سان هن جا ڦڦڙ مضبوط ٿيندا. روئڻ ٻار جو ڪم آهي، جيڪڏهن ٻار نه روئندو ته ٻيو ڪير روئندو؟ سماج به ايئن آهي، جيڪڏهن سماج ڪو وڏو بحران نه ٿا ڏسن ته اهو به شهري ٻار جيئن ٿوري ٿوري ڳالهه تي ڊهيو ۽ ٽُٽيو پون. جن به قومن وڏا بحران ڏٺا آهن، اُهي اوتريون ئي پُختيون ٿيون آهن، اُهي اوتريون ئي سگهاريون ٿيون آهن. وڏن غير معمولي بحرانن نه ڏسڻ ڪري اسان جي گهربل تاريخي تربيت نه ٿي آهي ۽ ان جو اظهار اسان پنهنجن روين سان به ڪريون ٿا.

[b]نفسياتي سبب:
[/b]اسان وٽ عام طور ڪو ماڻهو ڀلي وڏيرو يا جاگيردار نه رهيو هجي، پر ان وٽ وڏيرڪي ۽ جاگيرداراڻي نفسيات ضرور موجود آهي. وڏيرڪي ۽ جاگيرداراڻي سماج ۾ ڪو ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ کي خوش ڏسي خوش نه ٿيندو آهي. ٻئي کي ڪامياب ڏسي خوش نه ٿيندو آهي. هي جيڪي ساڙَ، بُغزَ، تِيسا، ٻئي کي گهٽ ڏسي خوش ٿيڻ ۽ ڪوڙي اَنا- سڀ وڏيرڪي ۽ جاگيرداراڻي سماج جون نفسياتي بُڇڙايون آهن. شهري ماڻهوءَ کي اهڙي اَنا جو وقت ئي نه آهي. جنهن ماڻهوءَ کي ڪرڻ لاءِ ڪم آهي، پوءِ اُهو ذهني ڪم هجي يا جسماني، اُهو ڪوڙي اَنا ڇا لاءِ ڪندو؟ اَنا ڪم ئي نفسياتي طور غير متوازن ۽ محروم ماڻهن جو آهي، اُهو واندن جو ڪم آهي. ڪنهن به ڪارائتي ماڻهوءَ وٽ اَنا پرستيءَ لاءِ وقت نه هوندو آهي. جاگيرداراڻي نفسيات اسان جي سماج ۾ اڃان تائين گهَرُ ڪري ويٺل آهي. اِها نفسيات رڳو وڏيرڪي ۽ جاگيردراڻي طبقي وٽ نه آهي، اها نفسيات غريبن وٽ به آهي، وچين طبقي وٽ به آهي، توهان وٽ به آهي، مون وٽ به آهي، اسان سڀني ماڻهن جي اندر اها نفسيات گهر ڪري ويٺل آهي. اسان ٻئي کي ڪامياب ڏسي خوش نه ٿينداسين، ٻئي کي طاقتور ڏسي خوش نه ٿينداسين، ٻئي کي اڳتي وڌندو ڏسي خوش نه ٿينداسين، توهان ڏٺو هوندو ته ڪنهن جو جيڪڏهن ڪو مائٽ سُکيو ٿيو هوندو ته ٻيا ان سان ساڙُ ڪندا هوندا، انهن شين تي غور ڪرڻ گهرجي ته ايئن ڇو پيو ٿئي؟
جاگيرداراڻي نفسيات ۾ ايئن هوندو آهي ته ڪم نه ڪبو، رڳو اجائي لئي ڪبي. ٻئي کي گهٽ ۽ ڪمزور، هيڻو ۽ ناخوش ڏسي خوش ٿبو. ٻئي کي هيٺ ڪري خوش ٿبو آهي، ڪوڙي انا ۾ خوش ٿبو آهي، ڪجهه نه ڪري ۽ ڪوڙي لئي ۾ خوش ٿبو آهي. توهان کي ماڻهو ملندا هوندا، ڪو چوندو هوندو ته منهنجي نوڪري ڏاڍي سٺي آهي. اوهان هن کان پڇندا ته ڪيئن؟ ته هو اوهان کي ٻُڌايئندو ته، ”ڪم ڪار آهي ڪونه، سڄو ڏينهن واندا ۽ ڏاڍي مزي سان ويٺا آهيون.“ جنهن ڳالهه تي ماڻهوءَ کي اخلاقي طور ٻُڏي مرڻ گهرجي ته هو اهڙي نوڪريءَ جي پگهار ٿو کڻي جنهن ۾ ڪوبه ڪم ڪار نه آهي، مفت جي پگهار ٿو کڻي، ماڻهو ان ڳالهه تي خوش ٿيندو ته مان اُتي آفيس ۾ ڪم نه ڪندو آهيان. جيڪو ماڻهو ڪم نٿو ڪري اُهو زماني تي وڏي چَٽِي آهي، پر جاگيرداراڻي نفسيات جي ڪري ماڻهو ان تي خوش ٿيندا آهن، ڇو ته هو صدين کان ڏسن ٿا ته جيڪي حرامخور طبقا پورهيو نٿا ڪن اُهي ته وڏيءَ لئي وارا آهن، جيڪي ڪم ڪن ٿا اُهي وڏا بڇڙا لڳا پيا آهن. اُهي ته ڪمزور آهن، اُهي ته هيڻا آهن ۽ جيڪي حرام خور ڪم نٿا ڪن اُهي وڏن مزن ۾ آهن. اها هڪ پوري نفسيات آهي، جنهن جو مظاهرو اسان سڀ ڪريون ٿا. اسان مان ڪوبه ماڻهو ان مان آجو نه آهي، ڇو ته ان نفسيات مان جان ڇڏائڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي. ان نفسيات مان نڪرڻ لاءِ تمام وڏي اخلاقيات ۽ سماجي تبديليءَ جي ضرورت آهي.
تاريخ جي ڊگهي غلامي، غربت ۽ ڪمزوريءَ جي ڪري، احساسِ محرومي اسان جي ذهنن ۾ گهَرُ ڪري وئي آهي. ڪنهن ماڻهوءَ کي چئبو ته هينئن ڪر ته هو چوندو ته ٿيندو هونئن ئي ڪجهه به ڪونه.، اوهان ڪنهن کي چوندا ته نوڪريءَ لاءِ اَپلاءِ ڪر، چوندو ته ڪهڙو مون کي نوڪري ڏيندا، فلاڻي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا لاءِ ٽيسٽ جي تياري ڪر، هو چوندو ته ڪهڙي وري داخلا ملندي؟ هر شيءِ لاءِ ماڻهن وٽ جواز ٺهيو پيو آهي، ”ڇا وري ڇا ٿيندو؟“ ماڻهوءَ جي روح ۽ تحت الشعور ۾ احساسِ ڪمتري جو اِهو رويو ويٺو آهي. اهي هڪ راءِ قائم ڪريو ويٺا آهن ته ٿيندو ته هونئن ئي ڪجهه به ڪونه ۽ منهنجي ته وَسَ ۾ صَفا ڪجهه به ڪونهي. مون کان ته صفا ڪجهه ڪونه ٿيندو. نتيجي طور ماڻهن مان پيش قدمي ۽ اُتساهه مري ويو آهي. هڪڙو سماج تاريخ جو ڊگهو عرصو غلاميءَ ۽ غربت ۾ رهيو آهي، هيڻو ۽ ڪمزور رهيو آهي، نتيجي طور ان ۾ احساسِ ڪمتري وڌي آهي. اُن احساسِ ڪمتريءَ مان نڪرڻ جي تمام وڏي ضرورت آهي. ماڻهو سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو، ماڻهو ڇا نٿو ڪري سگهي؟ ماڻهو ڪهڙي شيءِ نٿو ڪري سگهي؟ ماڻهو علم حاصل ڪري سگهي ٿو، روزگار حاصل ڪري سگهي ٿو، خوشحال ٿي سگهي ٿو، آزاد ٿي سگهي ٿو، باوقار ٿي سگهي ٿو، طاقتور ٿي سگهي ٿو، ماڻهو ڇا نٿو ڪري سگهي؟ هو هر شيءِ ڪري سگهي ٿو. رڳو ماڻهو پنهنجي ان روحاني روڳ مان نڪري ته، ”ٿيندو ته هونئن ئي ڪجهه به نه.“ اسان جو فرض آهي ته اسان پاڻ ۽ ٻين کي ان روڳ مان ڪڍون ته ٿيندو ته هونئن ئي ڪجهه به ڪونه. ماڻهن ۾ اهو ويساهه پيدا ڪجي ته سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو. ماڻهو ننگر پارڪر جو هجي يا آمريڪا جو، جهڙا ٻه هٿ، ٻه اکيون، ٻه ٽنگون ۽ هڪ دماغ وغيره هُن کي آهن، سي ئي هِن کي به آهن. جيڪي ماڻهو وڏا ڪم ڪن ٿا يا جن وڏا ڪم ڪيا آهن، انهن کي ڪي چار هٿ نه هئا. انهن کي ڪي چار اکيون نه هيون، انهن کي ٻه دماغ نه آهن، انهن جي ڏينهن ۽ رات ۾ چوويهن مان اٺيتاليهه ڪلاڪ نه هوندا آهن. جهڙو وقت ڪم ڪرڻ لاءِ آمريڪا ۽ يورپ جي ماڻهوءَ وٽ آهي، تهڙو وقت ننگر پارڪر جي ماڻهوءَ وٽ به آهي ته اهو انهن کي ڪيئن ٿو استعمال ڪري!
اسان وٽ هڪ ٻيو به وڏو سبب آهي، اسان اجتماعي مسئلن جا حل به انفرادي طور ڳوليون ٿا. اسان جي هميشه اها وڏي ترجيح هوندي آهي ته وڏي خفي ۾ پوڻ بجاءِ مسئلي جو آسان حل ڳولجي. هڪڙو مثال آهي، اوهان اڪثر ڏٺو هوندو، جڏهن برسات سبب گهٽين ۾ پاڻي ڀرجي ويندو آهي ته ماڻهو ڇا ڪندا آهن؟ اتي هڪ هڪ سِرَ رکندا ويندا آهن، چار ڄڻا سيڙجي ميونسپل نه ويندا آهن، ڪنهن ناظم کي نه چوندا آهن ته اسان جي گهٽيءَ ۾ ڇو ٿو پاڻي بيهي؟ هو گهٽيءَ ۾ سِرون رکي ڇڏيندا ۽ اتان پيا ايندا ويندا. ماڻهو مسئلن جا آسان، انفرادي ۽ فوري حل ڳولين ٿا. ڇو ته ماڻهن تاريخي طور اجتماعي حل ڏٺا ئي نه آهن. ماڻهو اجتماعي توڙي انفرادي مسئلن جا حل رڳو انفرادي طور ڳولي ٿو. اها نفسيات به ختم ٿيڻ گهرجي.
اسان وٽ اڪثر مڊل ڪلاس بابت ذڪر ٿيندو آهي، سنڌ جو مڊل ڪلاس ڏاڍو عجيب سماج آهي، ان تي تحقيق ٿيڻ گهرجي. مون پنهنجي حساب سان ان تي لکيو به آهي. هي اهو طبقو آهي، جنهن تي اهو الزام آهي ته اهو مڊل ڪلاس طبقو آهي. ان طبقي ۾ ڪجهه فرد آهن، ڪجهه حصا آهن، جيڪي مڊل ڪلاس جي معيار تي پورا لهن ٿا ته اهي ڀلي پاڻ کي مڊل ڪلاس سڏرائين. بنيادي طور مڊل ڪلاس معنيٰ وچولو طبقو، معنيٰ ته هڪڙو هيٺيون طبقو آهي، جنهن ۾ غريب، پورهيت، هاري ۽ عوام اچي ويو. ٻيو مٿيون طبقو آهي، جنهن ۾ امير ماڻهو اچي وڃن ٿا. مڊل ڪلاس لاءِ چون ٿا ته اهڙو طبقو آهي، جيڪو ٻنهي جي وچ ۾ آهي. دراصل جڏهن ڪي به طبقا پنهنجا پيداواري رشتا ۽ ناتا تبديل ڪندا آهن، پنهنجا ذريعا تبديل ڪندا آهن، ان کي اڃان وڌيڪ واضح ڪندي چئون ته جڏهن ڳوٺاڻو زرعي سماج، شهري سماج ۾ تبديل ٿيندو آهي ته ان جي وچ ۾ جيڪو عنصر ٺهندو آهي، ان کي وچولو طبقو چئبو آهي، جڏهن ڳوٺاڻو ۽ زرعي سماج، صنعتي ۽ شهري سماج ۾ تبديل ٿيندو آهي ته انهن تبديل ٿيندڙ پيداواري ذريعن جي نتيجي ۾ وچولو طبقو ٺهندو آهي، هتي ته ايئن ٿيو ئي نه آهي، ٻهراڙيءَ جا ماڻهو اهي ئي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو رهجي ويا ۽ شهرن تي به قبضو ٿي ويو. تبديل ٿيڻ جو جيڪو فطري عمل ۽ لقاءُ ٿيندو آهي، اهو ته هتي ٿيو ئي ڪونه. ان ۾ ڪيتريون ئي رڪاوٽون اچي ويون. ٿيو هيئن ته ڪرپٽ رياست جي ڪرپٽ ادارن ۾ جيڪي غريبن جا ٻار اچي ويا، انهن نه ڪڏهن ڪو سٺو گهر ڏٺو نه ڪڏهن انهن ڪا گاڏي ڏٺي، نه ڪڏهن ڪا سٺي ماني ڏٺي، نه ئي ڪڏهن ڪو سکيو پَلُ ڏٺو. هنن ڪڏهن پنهنجو احترام ڪونه ڏٺو، هنن رڳو پنهنجي بي عزتي ڏٺي، هنن کي جو نوڪري ملي وئي. انهن ۾ ڪو انجنيئر ٿيو، ڪو ڊاڪٽر ٿيو، ڪو ڪهڙي نوڪريءَ ۾ وڃي لڳو ته ڪو ڪهڙيءَ ۾. جهڙي هيءَ رياست ڪرپٽ آهي ته هو وڃي چريا ٿي لڳا پئسن ڪمائڻ کي. هنن پئسا ڏٺا ئي ڪونه هئا، هنن جيترا پئسا ڪمايا اوتريون شيون ويا ٺاهيندا. بظاهر هنن جو نمونو تبديل ٿي ويو پر نفسيات تبديل نه ٿي، هنن جي سوچ تبديل نه ٿي. هنن جا رويا تبديل نه ٿيا. هو اهڙو طبقو ڪونه ٺهيو، جنهن کي وچولو شهري طبقو چئبو آهي. اهو طبقو جيڪو نوان تصور آڻيندو آهي، جيڪو نوان قدر آڻيندو آهي، جيڪو نوان رويا آڻيندو آهي، نوان مفاد پيدا ڪندو آهي ۽ ان جي تحفظ لاءِ ڪوشش ڪندو آهي، ان جي بچاءُ لاءِ وڙهندو آهي، نيون شيون ٺاهيندو آهي، واپار ڪندو آهي، سياست ڪندو آهي، مارڪيٽ ۾ هوندو آهي. مڊل ڪلاس ته مارڪيٽ مان ٺهندو آهي، واپاري ۽ ڪاروباري مفادن مان ٺهندو آهي. دنيا ۾ ڪٿي به سرڪاري نوڪرين مان حقيقي مڊل ڪلاس نه ٺهيو آهي. دنيا ۾ مغربي ملڪن ۾ به جيڪڏهن گهڻو مڊل ڪلاس ٺهيو آهي ته به اهو مڊل ڪلاس سرڪاري نوڪرين جي ڪري نه ٺهيو آهي، اتي به اهو واپار مان ٺهيو آهي. سرڪاري نوڪريءَ مان جيڪو مڊل ڪلاس ٺهندو ان مان ڪي فرد اهڙا نڪرندا، جيڪي مڊل ڪلاس سڏيا ويندا، ايئن اتفاقي طور ڪجهه ماڻهو هر لقاءَ مان نڪرندا آهن، اتفاقي طور ڪي ماڻهو پورهيت طبقي مان به عوام دشمن نڪرندا آهن، اتفاقي طور ڪي وڏيرا به چڱا نڪرندا آهن، اتفاقي طور ڪي سرمائيدار سٺا نڪرندا آهن. هاڻي جيڪو مڊل ڪلاس ٺهي پيو اهو اڳ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه بهتر آهي، ڇو ته جيڪو مڊل ڪلاس 1970ع ۾ ٺهيو ان جو اولاد اهڙو بکيو ۽ محروم نه هو جهڙا هو پاڻ هئا. هنن جي اولاد ته گهر به ڏٺا، گاڏيون به ڏٺيون، پئسا به ڏٺا، اهي ايئن چريا ٿي پئسن کي ڪونه لڳندا، جيئن انهن جا وڏا وڃي لڳا. هاڻي اِهي مڊل ڪلاس جيئن ورتاءُ ڪن ٿا، ڇو ته انهن جي تعليم ۽ تربيت اهڙي آهي، پر صحيح معنيٰ ۾ سنڌ کي اهڙو مڊل ڪلاس تڏهن ملندو جڏهن اهو پنهنجي روزگار جا روايتي ذريعا تبديل ڪندو، جديد تعليم ۾ ايندو، جديد شعبن ۾ ايندو، مارڪيٽ فورس ٿي اُڀرندو ۽ اُتي ڄَمي مقابلو ڪندو ۽ جاگيرداراڻي حرام خور نفسيات بجاءِ پنهنجيءَ محنت سان ڪمائڻ جي ڪوشش ڪندو. ان ۾ ڪابه خراب ڳالهه نه آهي ته پئسا ڪمائجن، پئسا ڪمائڻ گهرجن، ضرور ڪمائڻ گهرجن، ماڻهن کي ضرور خوشحال ٿيڻ گهرجي پر اُهي پئسا جائز طريقي سان ڪمائڻ گهرجن، حق ۽ حلال جو پورهيو ڪري پئسا ڪمائڻ گهرجن. ماڻهوءَ پنهنجي قابليت سان جيترو ٿي سگهي اوترو ضرور خوشحال ٿئي، ٻين کي خوشحال ڪري، ٻين کي موقعا فراهم ڪري، تڏهن ئي قوم اڳتي وڌندي. جيئن لطيف چيو آهي: ”ڪُسر نِسرياءِ“. هي مڊل ڪلاس به ايئن ئي آهي. جيئن کِريل وڻ ٿيندا آهن، کريل ميوا ٿيندا آهن، تيئن سماجن جون به کريل شيون هونديون آهن. اهڙيءَ ريت اسان جو 1970ع وارو ٺهيل مڊل ڪلاس به ايئن هو، هاڻي صورتحال تبديل ٿئي پئي، هاڻي اڳ جي ڀيٽ ۾ بهتر صورتحال آهي، هاڻي اسان جي ماڻهن ۽ نوجوانن جو هڪ عنصر اڳتي وڌي ٿو، اهو بزنس ۾ اچي ٿو، تعليم ۾ اچي ٿو، چٽا ڀيٽيءَ واري ميدان ۾ اچي ٿو، اها ڏاڍي سُٺي ۽ بهتر تبديلي آهي.
سنڌي ماڻهن جي هڪ اهڙي خاصيت آهي، جيڪا انهن جي زبردست خوبي به آهي ته انهن جي وڏي خامي به آهي. سنڌي ماڻهو وڏو Critical Mass آهي. سياسي ٻوليءَ ۾ ڪريٽيڪل ماس اهڙي تنقيدي شعور واري عوام ۽ سماج کي چئبو آهي جيڪو پنهنجي راءِ رکندو هجي ۽ شين تي باشعور انداز ۾ سوچيندو هجي. مان ايمانداريءَ سان چوان ٿو ته مون پوري پاڪستان ۾ اهڙو ڪريٽيڪل ماس ٻيءَ ڪنهن قوم ۾ نه ڏٺو آهي جهڙو سنڌي قوم ۾ آهي. ان جو سبب هيءُ آهي ته ان ۾ اسان جي نسلن جو فڪري، ادبي، علمي ۽ سياسي پورهيو شامل آهي. اسان جي سڀني ڪتابن، علمن ۽ سياست وغيره جو ان ۾ عمل دخل آهي. انهن سڀني گڏجي اهڙو ڪريٽيڪل ماس ٺاهيو آهي. اسان جو عوام گهڻي حد تائين تنقيدي شعور وارو ٿي ويو آهي. اسان جي ماڻهوءَ کي هاڻي بيوقوف ٺاهڻ ڏکيو آهي. اسان جو ماڻهو اخبارون پڙهي ٿو، خبرون ٻُڌي ٿو، تبصرا ڪري ٿو، بحث ڪري ٿو، اسان جي ماڻهوءَ کي هاڻي آسانيءَ سان بيوقوف ٺاهڻ ڏکيو آهي. پوءِ ڀلي اهو گڏهه گاڏيءَ وارو هجي، مانڊڻيءَ وارو هجي، مزدور هجي، هاري هجي، ڪير به هجي، ان کي بيوقوف ٺاهڻ ڏکيو آهي. ٻين صوبن جو ماڻهو ايترو سياست تي نه ٿو ڳالهائي، اتان جو ماڻهو ايتري اخبار نٿو پڙهي، ان کي اهڙن موضوعن ۾ ايتري دلچسپي نه آهي، جيتري اسان جي ماڻهن کي آهي. اسان جي تربيت وڌيڪ ٿيل آهي، اسان جو ادب وڌيڪ مزاحمتي ۽ روشن خيال رهيو آهي. اسان وٽ ترقي پسند، وطن دوست ۽ روشن خيال سياست وڌيڪ ٿي آهي، اسان وٽ ٻين جي ڀيٽ ۾ تحريڪون وڌيڪ هليون آهن، نتيجي ۾ اسان ٻين قومن کان سياسي طور ٻه قدم وڌيڪ اڳتي آهيون. اها ڏاڍي بهتر ڳالهه آهي. ڪريٽيڪل ماس تنقيد ڪندڙ عوام تڏهن ئي تمام گهڻو فائدو ڏيندو آهي جڏهن ان کي سياسي عمل ۾ شامل ڪيو ويندو آهي، جڏهن ڪا پارٽي ان سموري عوام کي پاڻ سان گڏ کڻي هلندي آهي. اسان وٽ هاڻي اهو مسئلو آهي ته اسان تمام وڏي انگ ۾ تنقيد ڪندڙ ۽ سوچيندڙ عوام پيدا ڪري ڇڏيو آهي ۽ اوتري وڏي ڪا پارٽي موجود نه آهي. هڪ صاحبِ راءِ ۽ اعتراض ڪندڙ ماڻهو اسان تمام گهڻي تعداد ۾ پيدا ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو هر شيءِ تي نظر رکيو ويٺو آهي پر اهي ڪنهن ڪارائتي سياسي دڳ سان لڳل نه آهن. سنڌ ۾ في الوقت اهڙي ڪابه پارٽي نه آهي، جيڪا انهن ايترن گهڻن ماڻهن کي دڳ سان لائي. نتيجي طور ماڻهو شين کي رڳو رد ڪرڻ لڳا آهن ۽ اهڙا تمام گهٽ ماڻهو هوندا، جن سان شين بابت ڳالهائجي ته اهي پهريون رايو مثبت ڏين. اوهان ماڻهن سان فرد جي متعلق ڳالهايو، پارٽين جي متعلق ڳالهايو يا ڪن ٻين موضوعن تي ڳالهايو. اڪثر ماڻهن وٽ جيڪي شين بابت منفي رايا آهن، پهرين اهي ڏيندا. ماڻهو ڪنهن به شيءِ کي تڪڙو مثبت نٿا وٺن. ان کي انگريزيءَ ۾ Non Conformist ٿيڻ چئبو آهي. ان جو سبب هيءُ آهي ته اسان وٽ سوچيندڙ، اعتراض ۽ تنقيد ڪندڙ ۽ صاحبِ راءِ عوام موجود آهي پر اهو سياسي ۽ تنظيمي طور صحيح دڳ سان لڳل نه آهي، اهو پوريءَ طرح ڪنهن ذميوار پارٽيءَ سان لاڳاپيل نه آهي. اهو بنا ڪنهن ڊائريڪشن ۾ پيو وڃي. ان جي تنقيدي شعور کي صحيح دڳ سان نه لاتو ويو آهي، نتيجي طور اهو شعور رڳو رد ڪرڻ وارو تنقيدي شعور ٿي ويو آهي. ان ڪري چڱي کان چڱي ماڻهوءَ جو به شين کي رڳو رد ڪرڻ وارو رويو ٿي ويو آهي، هاڻي هڪڙي ڳالهه مشهور ٿي آهي ته دنيا ۾ جتي به ٻه سنڌي هوندا ته اتي ٽي رايا هوندا. ماڻهو ڪٿي سهندو به آهي، ڪٿي برداشت به ڪندو آهي، ڪٿي ٻئي ماڻهوءَ کي جاءِ ڏيندو ته جيئن هو جيڪڏهن اختلاف ڪرڻ چاهي ته ڀل اختلاف ڪري. اختلاف کي جيڪڏهن هڪ پڙهيل لکيل ماڻهو جاءِ نه ڏيندو ته ٻيو ڪير ڏيندو؟ اسان کي هڪ سهپ وارو ماحول پيدا ڪرڻو آهي، جتي ماڻهو هڪٻئي سان اختلاف ڪري سگهن، هڪٻئي سان بحث ڪري سگهن، سوال اُٿاري سگهن. جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو اتفاق نه ڪري ته به خير جي ڳالهه آهي. ماڻهن کي موقعا فراهم ڪجن، جتي هو تجربا ڪن، سِکن، هڪ ٻئي سان ڳالهائين. اسان وٽ روين ۾ متوازن نه هجڻ به هڪ وڏو مسئلو آهي، اسان کي پنهنجن روين ۾ توازن پيدا ڪرڻو پوندو.

سنڌ ۾ سياسي سماج جي اڏاوت:
اسان کي هڪ اهڙو سماج گهرجي ٿو، جنهن جو ڪوبه ماڻهو غير جانبدار نه هجي، اڻ ڌريو نه هجي ۽ پنهنجي راءِ کان سواءِ نه هجي، پوءِ ڀلي ان جي راءِ غلط هجي، اها خير جي ڳالهه آهي. ماڻهو سياست ۾ هوندا، پنهنجي راءِ رکندا، تڏهن ئي سکندا. اسان کي اهڙو سماج گهرجي جيڪو ماڻهن کي همٿائي، جيڪو ماڻهن کي اڳتي وڌائي، جتي ماڻهو جيڪڏهن سياسي پارٽي نه به جوائن ڪن ته به گهٽ ۾ گهٽ سياسي ذهن ضرور رکن.

[b]ذات پرستيءَ واري بڇڙائي ختم ڪرڻ:
[/b]اڳي اها پِٽ رڳو ٻروچ ذاتين ۾ هئي پر هاڻي اها مصيبت سماٽ ذاتين ۾ به ڪاهي پئي آهي. ضياءَ جي دؤر کان پوءِ اها بڇڙائي وڌي وئي آهي. پهرين چانڊين ۽
مگسين جا سردار ٻُڌبا هئا، پر هاڻي سمن، سومرن ۽ ٻُرڙن جا به سردار ٿي پيا آهن، جيڪڏهن اهو سلسلو ايئن وڌندو رهيو ته هڪ ڏينهن ڪولهين، ڀيلن ۽ ميگهواڙن جا سردار ٺهيا پيا هوندا. انهن کي ته ٻين جي ڀيٽ ۾ سردار ڪرڻ جو شايد حق به آهي، ڇو ته اُهي دراوڙ آهن. انهن ته هندستان تي حڪمراني ڪئي آهي، هاڻي تاريخ انهن کي هيڻو ڪري ڇڏيو آهي. سرداري ۽ جاگيرداري نظام هڪ مڪروهه، هڪ مُدي خارج ۽ هڪ واهيات سماجي بڇڙائي آهي، جنهن مان سنڌي ماڻهو اڳي ئي تنگ هئا، ان کي ضياءَ جي دؤر کان پوءِ حڪمت عمليءَ طور وڌيڪ اُڀاريو ويو آهي. ماڻهن کي ذاتين جي بنياد تي وڌيڪ ورهايو ويو آهي. مون کي سچوا (سنڌ چانڊيا ويلفيئر ايسوسيئيشن) وارا اڪثر پنهنجن پروگرامن ۾ اچڻ لاءِ دعوتون ڏيندا هئا، مون کين چيو ته جيڪڏهن اوهان مون کي رڳو چانڊيو سمجهي گهرايو ٿا ته پوءِ ته منهنجي ان کان وڌيڪ توهين ٻي ڪانه ٿيندي. توهان ڪنهن کي به گهرايو ٿا ته هڪ پڙهيو لکيو ماڻهو سمجهي گهرايو، هڪ سنڌي سمجهي گهرايو، باقي اهو ذات پرستيءَ وارو طريقو صحيح نه آهي. هڪڙي ڳالهه هميشه ياد ڪرڻ گهرجي ته ذات پرستيءَ کي هميشه نندڻ گهرجي. ذات پرستي ڪٿي به ٿيندي هجي ان جي حوصله شڪني ٿيڻ گهرجي. اسان ته تنگ نظر قومپرستيءَ جي به خلاف آهيون، قوم جي پرستش ڪبي آهي ڇا؟ قوم کي پوڄبو آهي ڇا؟ قوم سان ته پيار ڪبو آهي، اسان کي اسان جي قوم بيحد عزيز ۽ پياري آهي، ان ۾ جيڪي خرابيون آهن اهي ان مان ختم ڪنداسون، پنهنجي قوم جي خامين کي ٺيڪ ڪنداسون، پنهنجي قوم کي سڌارينداسين، ان کي ترقي ڏيارينداسين، پر ويهي ان جي پرستش ٿوروئي ڪنداسين. جيڪا سوچ چوي ٿي ته قوم جي پرستش ڪرڻ گهرجي، اسين ان سوچ جي خلاف آهيون، مون کي ته ڏاڍو شرم اچي جيڪڏهن مان چوان ته مان قوم پرست آهيان. نيشنلزم جي معنيٰ قوم پرستي ورتي وڃي ٿي، جيڪو ترجمو ئي غلط ٿيل آهي. اسين وطن دوست ۽ عوام دوست آهيون ۽ پنهنجيءَ قوم سان پيار ڪريون ٿا پر قوم جي پرستش ڪرڻ واري سوچ کي غلط سمجهون ٿا.

[b]فردن بجاءِ ادارن تي انحصار:
[/b]اسان کي موجوده دؤر ۾ ڪي ٽارزن نه پر سگهارا ۽ ذميوار ادارا گهرجن، هڪڙا ماڻهو ايندا ٻيا ويندا، پر ادارا هوندا. جديد دؤر جي اها تقاضا آهي ته فردن بجاءِ ادارن تي ڀاڙڻ گهرجي. هڪڙي ڀيري نرسمها رائو تي تنقيد پئي ڪيائون ته جنهن پارٽيءَ جو سربراهه گانڌي هو، ان جي سربراهيءَ تي اچي هي ويٺو آهي. ان تي هن کين چيو ته مون کي اوهان جون ڳالهيون ٻُڌي ڏاڍو افسوس ٿيو آهي. اوهان جي خيال ۾ هاڻي جيڪڏهن گانڌي هندستان ۾ هوندو ته ڇا ڪندو؟ يا جيڪڏهن هاڻي پاڪستان ۾ جناح هجي ها ته ان سان ڪهڙي حالت ٿئي ها؟ مخصوص حالتون ماڻهن کي ٺاهينديون آهن. جديد زماني جي سوچ اها آهي ته فردن تي ڀاڙڻ بدران ادارن تي ڀاڙڻ گهرجي. آڪسفورڊ يونيورسٽي الائجي ڪنهن ٺاهي آهي، هارورڊ ۽ ڪيمبرج يونيورسٽي آهي پر اهي ادارا اڄ موجود آهن. ڪم ڪار ڪن ٿا، پارٽيون هلن ٿيون، ادبي ۽ سماجي ادارا آهن، اهي سڀ هلن ٿا، ان ڪري فردن بجاءِ ادارن کي ترقي وٺرائڻ گهرجي ته جيئن اهي ادارا نسل در نسل هلن، نسل در نسل جٽاءُ ڪن ۽ وڌندا رهن. اهي ادارا اسان کي نسلن تائين هلائڻا آهن. فرد وڏي شيءِ آهن پر فرد ادارن جي ماتحت هئڻ کپن، اُهي ادارن جي ذريعي کپن، فرد ادارن کان مٿانهان نه هئڻ کپن. اهي جديد سوچون اسان کي اپنائڻ گهرجن. گهرن ۾ به ايئن هجڻ گهرجي، هڪڙو ماڻهو گهر ۾ سڄو ڏينهن لٺ کنيو ويٺو آهي، ڇو ته گهر جو وڏو آهي، مان ته پنهنجي ٻارن کان پڇندو آهيان هر شيءِ جي باري ۾، ماحول، سياست، ادب جي باري ۾. اوهان پنهنجي ٻارن ۽ عورتن کي ننڍڙن ننڍڙن فيصلن ۾ شريڪ ڪريو، انهن کان راءِ وٺو، انهن کي اهو احساس ڏياريو ته اهي صاحبِ راءِ ماڻهو آهن، انهن جي راءِ جي اهميت آهي. ايئن ئي گهر، معاشرا ۽ ماڻهو تبديل ٿيندا آهن. ان ڪري فردن بجاءِ ادارن تي ڀاڙڻ به هڪ بهترين حل آهي.
اچو ته سنڌ کي هڪ جديد ۽ فخر جوڳو، روشن خيال، انسان دوست ۽ اعليٰ انساني سماج ٺاهڻ لاءِ سڀ پنهنجي پنهنجي پتيءَ جو ڪم ڪريون ۽ ان خواب کي هڪ حقيقت جو روپ ڏيون.


[b](سنڌ فورم ۽ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران ممتاز مرزا آڊيٽوريم ڪراچيءَ ۾ ڏنل ليڪچر – 2007)[/b]