يورپ ۾ نئين سجاڳيءَ جو دؤر
دنيا ۾ مختلف مذهب آهن، مثال طور هندومت ۾ هو ته شودر ڄائي ڄم کان شودر آهن. مختلف مذهبن وٽ تصورن ۽ عقيدن جا مختلف نظام آهن. ڪيٿولڪ پادرين وري اهو فتنو ٺاهيو ته انسان ڄمي ڏوهه ڪيو آهي ۽ انسان ڄائي ڄم کان ڏوهي آهي. هو آزاد رهندو ته ڏوهه ڪندو. هن جي امڪاني ڏوهن کي روڪڻ لاءِ يا اهڙي انتظام ڪرڻ لاءِ ته جيئن هو گهٽ ۾ گهٽ ڏوهه ڪري سگهي يا بنهه نه ڪري سگهي، ان لاءِ ضروري آهي ته هُن کان پنهنجي زندگيءَ جا سمورا اختيار کسي اُهي ڪليسا ۽ پادريءَ کي ڏنا وڃن ۽ هُن جي باري ۾ فيصلا پادري ڪري. ڇاڪاڻ ته اهو زمين تي خدا جو ٻانهو ۽ نائب آهي. هنن وٽ اهي تصور هئا ته ماڻهن کي گهڻو خوش ٿيڻ ڏبو ته هو وڌيڪ ڏوهه ڪندا، کين ادب، آرٽ ۽ عشق جون آزاديون ڏبيون ته معاشري ۾ ڏوهه وڌي ويندا. ادب ۽ آرٽ ته پادرين لاءِ گار جي برابر هئا. ادب ۽ آرٽ جو ته پادري نالو ٻڌي ڪونه سگهندا هئا، ادب، آرٽ ۽ شاعريءَ جي اجازت ئي ڪانه هئي. ماڻهوءَ شعر لکيو نه آهي، ماڻهوءَ ڪا شيءِ اظهاري نه آهي، هوڏانهن اُهو واجب القتل ٿيو نه آهي. پوءِ ته هن کي زندهه رهڻ جو حق ئي نه هو. ان زماني ۾ جيڪا بربريت يورپ جي سماج ڏٺي ان جو اسان توهان تصور نٿا ڪري سگهون. اڄ به اسان وڏي عذاب ۾ آهيون. اسان وڏيرن کي گاريون پيا ڏيون پر جي توهان يورپ جي تاريخ پڙهو ته اتي ماڻهن سان ڪهڙا ڪهڙا عذاب هئا ته توهان هُنن جي ڀيٽ ۾ چئو ته هي اسان وارا همراهه ته وڏا اشراف آهن. يعني ماڻهوءَ کي زندهه ساڙڻ کان سواءِ ۽ ماڻهوءَ کي قتل ڪري ڇڏڻ کان سواءِ ته ٻي ڪا واٽ ئي نه هوندي هئي. مثال طور ماڻهن جو پاڻ ۾ اختلاف ٿي پوندو هو ته نبيرو ڪيئن ٿئي؟ نبيرو اهو هوندو هو ته اُهي ٻئي تلوارون کڻن، تلوارون کڻي لهن ميدان تي، هڪٻئي سان وڙهن. خدا ته ڏسي پيو، ان کي ته خبر آهي ته ڪير ڏوهي آهي؟ ڪير بدمعاش آهي. هاڻي جيڪو ڏوهي هوندو اُهو مارجي ويندو ۽ جيڪو صحيح هوندو اُهو بچي ويندو. ڇاڪاڻ ته خدا ڏسي پيو، ان کي هر شيءِ جي خبر آهي، منصف اهو آهي، اهو پاڻ ئي ڏوهيءَ کي شڪست ڏياريندو. سوين سال ماڻهو ان ظلم ۽ عذاب ۾ هئا. جيڪو اَڀرو هوندو هو اُهو مارجي ويندو هو ۽ جيڪو سَگهو هوندو هو، اهو بچي ويندو هو. انهيءَ ڪري تلوار بازيءَ جو فن سکڻ تمام لازمي سمجهيو ويندو هو. ان جي پويان اصل روحاني راز اهو هو ته ماڻهن کي خبر هوندي هئي ته سڀاڻي ڪا هيٺ مٿي ڳالهه ٿي ته فيصلو ته ايئن ٿيندو. هي جيڪي ماڻهو مختلف فن سکن ٿا يا جيڪي به شيون زندگيءَ ۾ ڪن ٿا، دراصل انهن جي پويان اصل ڪهاڻيون ٻيون هونديون آهن، سبب ٻيا هوندا آهن، جيڪي بظاهر نظر نه ايندا آهن. مثال طور هندستان ۾ عوامي کاڌن کي ڏسو. آئون پاڻ کاڌن جو تمام وڏو شوقين ماڻهو آهيان. دنيا ۾ توهان ڏسو ته کاڌن جا ٽيسٽ مختلف آهن. بظاهر ته لڳي ٿو ته اهو اتفاق هوندو. سنڌي ماڻهو هرو ڀرو پيو ايئن کائي، چيني هرو ڀرو پيا ايئن کائن. اسان جي ٻوڙن ۾ رس سان ديڳڙو ڀريو پيو هوندو، باقي ڪا ٻوٽي ترندي هوندي، ڪو پٽاٽو ڪو ميهو پري کان پيو ڏسبو هوندو. هاڻي هجي غريب ماڻهوءَ کي کائڻ لاءِ گوشت ته اهو ڪي ٻيا ڊش به ٺاهي! هُن کي هڪڙي پاڻيءَ جي ديڳڙي ۾ مڙيئي چند ٻوٽيون يا ڪي ڀاڄيون پُسائڻيون آهن ته جيئن هو ماني پُسائي کائي سگهي. غريب ماڻهو، جنهن وٽ وسيلا ڪونه آهن، هو صدين کان غربت ۾ آهن ۽ هنن کي ته مڙيئي ڪنهن شيءِ ۾ ٻوڙي ماني چَهرِي ڪري کائڻ لاءِ کپي. اسان وٽ ٻوڙ جو مطلب اهو آهي، پر جي خوشحالي هجي ته توهان جي خيال ۾ ماڻهو ايئن ڪندا؟ جتي جتي خوشحالي آئي آهي، اُتي ماڻهو ڇو نٿا ٻوڙ ماني کائن؟ امير معاشرن ۾ کائڻ جا تصور ئي بدلجي ويا آهن. لباس به ايئن آهن، رهڻيون ڪهڻيون به ايئن آهن، گهر به ايئن آهن، ماڻهن جا ٽيسٽ به ايئن آهن، ذائقا به ايئن آهن، رويا به ايئن آهن، پسند ناپسند جا معيار به ايئن آهن ته انسان جا قدر، رويا ۽ تصور به ايئن آهن ۽ معيار به ايئن آهن، توهان جيڪڏهن ان جي گهرائيءَ ۾ ويندؤ ته توهان کي اهو محسوس ٿيندو ته ان جي پويان تمام ٺوس معاشي ۽ سماجي سبب هوندا آهن. ماڻهوءَ جو مزاج ۽ طبيعت هرو ڀرو ايئن نه ٺهندي آهي. فن به ايئن آهن ۽ علمَ به ايئن آهن. شاعريون، ادب ۽ سڀ شيون يعني جيڪي ڪجهه انسان تاريخ ۾ ڪيو آهي، ان جي پويان جيڪڏهن محرڪ ڏسندؤ ته ان جا سبب آهن. هي ته اسان جا ڪجهه اديب درويش ماڻهو آهن، جيڪي عام طور چون ٿا ته بابا اهو مڙيئي پنهنجو پاڻ ٿيندو آهي، هر اها شيءِ جيڪا ماڻهو ڪهڙي به شعبي ۾ سوچي ٿو، محسوس ڪري ٿو، ڪري ٿو يا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ان جي پٺيان ان جي پاتال ۾، ان جي زمين جي پاڙن ۾ ضرور ڪي نه ڪي ٺوس محرڪ ۽ سبب ڪم ڪري رهيا هوندا آهن. سائنسي ۽ فلسفيانه طور اها ڳالهه طئي آهي. هرو ڀرو ڪا شيءِ نه ٿيندي آهي. يورپ ۾ به اهي سڀ شيون هيون، ائين ٿينديون هيون. اهو اڃا ڊگهو موضوع آهي، ٽائيم وٺڻ جهڙو موضوع آهي. ان ڪري آئون ٻين شين کي هتي نٿو ڇيڙيان. مطلب ته هڪڙو عذاب هو، انساني تاريخ جو هڪڙو وحشتناڪ، تباهيءَ ۽ غلاميءَ وارو دؤر هو ۽ غلامي به فقط ڪا سماجي قسم جي نه، هڪ روحاني قسم جي غلامي، ذهني قسم جي غلامي، ثقافتي قسم جي غلامي، علمي قسم جي غلامي ۽ ٻين انيڪ قسمن جي غلامين جو دؤر هو. اهو اهڙو ڀيانڪ دؤر هو، جنهن اچي ڇيهه ڪيو. ڪليسا، ۽ پادريءَ ماڻهوءَ کان سڀ جيئڻ جا ۽ زندگيءَ جا اختيار کسي ورتا هئا. نتيجو ڇا نڪتو؟ ته هڪڙي پراسيس ۾ ادب ۽ آرٽ ماڻهوءَ کان ڇڏائجي ويو. ماڻهو اظهار ڪيئن ڪن؟ جيئن مثال طور آئون بار بار چوندو آهيان، مشرقي ادب ۾ روحاني عشق تي گهڻو زور آهي. سبب؟ جي هو جسماني (Physical) عشق ڪري سگهن ته روحاني عشق جي پچر ڇڏين نه؟ مشرقي شاعريءَ ۾ گهڻي ڀاڱي روحاني عشق تي زور آهي. ماڻهوءَ کي خبر آهي ۽ هن جي تحت الشعور ۾ اها ڳالهه ويٺل آهي ته هن سماج ۾ فزيڪل عشق ناممڪن آهي. اهو ٿي سگهي ئي نٿو. پوءِ ماڻهو اهي روحاني عشق جون خبرون ڪندا هئا، جيڪا هوائي ڳالهه آهي. ماڻهوءَ کي سڀ حق ڏيو، هن کي آزادي ڏيو، ماڻهوءَ کي خوشحالي ڏيو، ماڻهوءَ کي زندگيءَ جا سڀ ميدان کولي ڏيو، پوءِ اهو روايتي معنيٰ ۾ روحاني عشق ڪري ته آئون ڏنڊ ڀريان. دراصل سون هزارن سالن کان جنهن سماج ۾ پاڻ رهون ٿا، جنهن نظام ۾ پاڻ رهون ٿا، جن وسيلن ۾ پاڻ رهون ٿا، جن روين جي نظام ۾ پاڻ رهون ٿا، جن قدرن ۽ تصورن جي نظام ۾ پاڻ رهون ٿا، ان ۾ ماڻهوءَ جي تحت الشعور ۾ اها ڳالهه ويٺل آهي ته عشق ناممڪن آهي. ماڻهن سمجهي ڇڏيو آهي ته اها شيءِ ناممڪن آهي. ماڻهو ان چڪر ۾ ئي نه پيا ته ڪو جسماني عشق به ٿيندو آهي. آئون چوندو آهيان ته اِها هڪ عجيب ڳالهه آهي ته جيڪو عشق حقيقي آهي، ان لاءِ چون ٿا ته اهو مجازي آهي ۽ جيڪو مجازي آهي سو چون ٿا ته حقيقي آهي. اصل ۾ اها هڪ اُبتي ڳالهه آهي. يعني جنهن کي چوڻ کپي ته هيءُ عشق حقيقي آهي، اهو ٿيو مجازي ۽ جيڪو عشق آهي مجازي ان لاءِ چون ٿا ته اُهو حقيقي آهي. ان جي پويان دراصل تصور اهو آهي ته ماڻهوءَ ۾ اها همت ئي پيدا نه پئي ٿئي ته هو اهڙي ڳالهه ڪري ته ڇا پر ٺلهو سوچي به سگهي. مثال طور اسان جي شاعري ۽ خاص طور ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ توهان محبوب ڳولي ڏيکاريو ته اهو مذڪر آهي يا مؤنث؟ اها رڳو شاعري ڪرڻ واري ڌڻيءَ کي خبر هوندي. هُن اهڙي ته مبهم ڳالهه ڪري رکي آهي جو محبوب جا مطلب ٻئي نڪري سگهن ٿا. سبب ان جو هُن جي تاريخي پسماندگي ۽ تاريخي احساسِ ڪمتري آهي. تاريخي طور اُن ثقافت جو اُن تي اثر آهي جو هو اهو سوچي ئي نه پيو سگهي، يا هُن ۾ ايڏي همت پيدا ڪونه پئي ٿئي. صوفي شاعرن کي کڻو، هو خدا جي باري ۾ ته ڳالهائن پيا، ڇو ته خدا سـؤلو آهي جو اهو پري آهي، پر جيڪو ڪلچر سامهون هن جي بيٺو آهي اها ته ڏکي شيءِ آهي. خدا سان حجتون هنن سڀني ڪيون آهن، جام حجتون ڪيون اٿن. چيائون ته وچ مان مُلو هٽي وڃي، خدا سان اسين پاڻ ڄاڻنداسون، اسان جو هن سان عشق آهي. پوءِ خدا جي باري ۾ جيڪي خبرون هنن کي ڪرڻ آيون اُهي ڪري ڇڏيائون. مُلن کان جان ڇڏايائون پر ڪلچر جيڪو سامهون سِڌو بيٺو آهي اتي محبوب جي باري ۾ هو فنڪاري ڪري ويا. توهان ڳولي ڏيکاريو ته محبوب مذڪر آهي يا مـؤنث آهي؟ ان ۾ ٻئي معنائون رکيل آهن. ڳالهه ذو معنيٰ آهي. چوڻ جو مطلب اهو آهي ته ان اونداهين دؤر ۾ يورپ اندر شاعري ۽ فن هڪڙي پراسيس ۾ ناپيد شيءِ ٿي وئي. ماڻهن جا روح غلام ٿي ويا، ماڻهن جا ذهن غلام ٿي ويا. ماڻهن ۾ خوف چوويهه ڪلاڪ هو. ماڻهن مان سوچڻ جي سگهه ڇڏائجي وئي. ايتري ته تصورن ۽ روين جي بربريت هئي جو ان جو هتي ته تصور به نٿو ڪري سگهجي. يورپ جنهن اؤج تي اڄ پهتل آهي ۽ هو جيڪي اڄ انفرادي طور ايڏي فضيلت سان پيش ٿا اچن، رڳو هنن کي هٿ لڳو ته ”ساري“ ڪندا، انهن ۾ جيڪي ايڏيون فضيلتون آهن، دراصل هنن پنهنجي تاريخ ۾ ايترا گهڻا الميا ڏٺا آهن، جو هنن هاڻي ان جي نتيجن کي روين ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. بادشاهه سلامت ويهندا هئا، درٻارون لڳنديون هيون، شهرن جا شهري اچي ويهندا هئا ۽ فيصلو ٿيندو هو ماڻهن جي سامهون، هاڻي هڪٻئي کي ماريو.... توهان ان دؤر جا ناول پڙهي ڏسو، فلمون ڏسو، گليڊيئيٽر ۽ ٻيون سڀ فلمون ڏسو. اها هنن لاءِ هڪ عام ڳالهه هئي. غلامن کي ڦِٽي ڪري مٿن بکايل سوئر، ڪُتا ۽ ڇِتا جانور ڇڏيندا هئا، سانن هيٺان لتاڙبا هئا، چيربا ڦاڙبا هئا ۽ ماڻهو خوش ٿيندا هئا. اها ايتري عام ڳالهه ٿي وئي هئي، ان تي ڪافي فلمون ٺهيل آهن، توهان ڏسي سگهو ٿا، ته هڪڙي پراسيس ۾ ادب ۽ آرٽ ماڻهوءَ کان کسجي ويو. ماڻهوءَ ۾ ذهني طور اها طاقت ۽ سگهه ئي نه رهي. ماڻهوءَ کان ذهني ۽ فڪري طاقتون ڇڏائجي ويون ۽ نتيجي ۾ هڪڙي ڊگهي پراسيس ۾ اُهي ڏَپُ ڏيئي پوريون ٿي ويون.
ساڳيءَ طرح فلسفو آهي. فلسفي جو بنيادي ۽ پيشيوراڻو ڪم سوال اُٿارڻ آهي، ڇا؟ ڇو؟ ڪيئن؟ ڪٿي؟ ڪير؟ ڪڏهن؟ اهي فلسفي جا بنيادي سوال آهن. فلسفو ڪنهن به شيءِ کي ڪونه بخشيندو آهي. ان ۾ غلط يا صحيح جو سوال نه آهي. هيستائين انسانذات جيڪو فلسفو سامهون آندو آهي، انهيءَ جو نوي سيڪڙو (مان ڊڄي ڳالهه ٿو ڪريان ته) غلط تصورن تي مبني آهي. ڏهه سيڪڙو به آئون وڏي رعايت سان ٿو چوان، ته شايد صحيح هجي، هيستائين فلسفي ۾ جيڪو به ڪم ٿيو آهي ان جي اهميت ان ڳالهه جي ڪري آهي ته فلسفي جي دنيا ۾ رڳو اهو ڪونه ڏسبو آهي ته هُن جي ڳالهه درست آهي يا نه؟ فلسفو پنهنجن مجموعي روين جي نظام ۾ ڇا ٿو ڪري؟ ان جو ڪمال اهو آهي ته اِهو هر شيءِ جي باري ۾ سوال ڪرڻ سيکاري ٿو، ۽ ڪنهن به شيءِ کي بنا سوال ڪرڻ جي، بنا ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ جي قبول نٿو ڪري. ممڪن آهي ته ڇنڊ ڇاڻ کانپوءِ ڪا ڳالهه غلط قبول ڪري ۽ ان مان نتيجا غلط ڪڍي پر ان ڇنڊ ڇاڻ ۽ بي اعتقاديءَ جي پنهنجي اهميت آهي. انساني تهذيب جي اندر اها روايت يا رويو تمام غير معمولي ڳالهه هئي، آهي ۽ رهندي ته هر شيءِ بابت سوال ڪيو وڃي. اُن جو حاصل اهو آهي، اُن جو تَتُ اهو آهي، اُن جو جوهر ۽ روح اهو آهي. ڳالهه صحيح آهي يا غلط، اهو ڏسڻ ڪافي نه آهي. هاڻي، مون توهان کي ڳالهه ٻڌائي، جيڪو عذاب يورپ جي اندر هو، جتي اديب، آرٽسٽ ۽ شاعر جيڪو ڳالهه ڪندو اها رومال ۾ ويڙهي ڪندو هو ۽ جڏهن اُهو ئي گهربل ڪردار ادا ڪري نه پئي سگهيو ته فلسفي ڪٿان ڪندو؟ اديب ۽ آرٽسٽ تمثيل ۾، تشبيهه ۾، استعاري ۾ ۽ رومانويت جي رنگ ۾ ڳالهه ٿو ڪري، ان کي حقيقت کان ٿورو پري کڻي ٿو وڃي. ان ۾ وڌيڪ ٻاهريان افسانوي ۽ تصوراتي توڙي اظهار جا حُسن پيدا ڪري ٿو، پر فسلفي جيڪو سڌو (Direct) سوال ڪري ٿو، اهو ايئن ڪيئن ڪري ها؟ نتيجي ۾ فلسفو به جامد ۽ ناپيد ٿي ويو ۽ ان زماني ۾ جيڪو فلسفو هو اهو يورپ جي عيسائي سماج وٽ ڪونه هو، مسلمانن وٽ هو.
ان زماني کان اڳ يوناني فلاسافيءَ جي روايت هئي، جنهن جو آخري وڏو فلاسافر ارسطو هو. هڪڙو فلسفي هو افلاطينوس، انهيءَ هڪ ڪمال اهو ڪري ڇڏيو جو هن اهي سڀ يوناني ڪلاسڪس عربيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇڏيا، چون ٿا ته ترجما به غلط ڪيائين. پر افلاطينوس جيڪي ترجما ڪيا، اِهو سندس غيرمعمولي ڪارنامو هو. هو ٻن مختلف سماجن جي وچ ۾ علمي ۽ فڪري پُلِ بڻيو. هن يونان جو فلسفو ترجمو ڪيو، جيڪو مسلمانن وٽ اچي ويو ۽ انگريزي تهذيب ۽ عيسائي سماج ان کان محروم رهجي ويا. ابن الرشد ۽ الڪندي وڏا غير معمولي انسان هئا. جيڪڏهن مسلمانن ڪو فسلفي پيدا ڪيو ته اهو الڪندي هو. ايئن ٻيا به هئا، ڪجهه رياضيدان به هئا، طبعيات دان به هئا، ڪيميادان به هئا، طبيب به هئا، حڪيم به هئا، شاعري به ڪندا هئا، ٻيا ڪم به ڪندا هئا، وڏا ماڻهو هئا، جيڪي گهڻا ڪم ڪندا هئا، پر فلاسافر جيڪڏهن ڪو مسلمانن پيدا ڪيو ته اُهو الڪندي هو، مسلمانن ۾ الڪندي عرب هو. غير عرب به ڪافي هئا. آئون چوڻ اهو ٿو گهران ته اُن اونداهين دؤر ۾ به مسلمانن وٽ فلسفو موجود هو ۽ يورپ جو عيسائي سماج ۽ انگريزي توڙي يورپي تهذيب (اسپين کان سواءِ) وقتي طور فلسفي کان محروم ٿي ويا. ساڳيءَ طرح سائنس آهي، اُن زماني ۾ شعبا ايترا اڳتي وڌيل نه هئا جو ماڻهو چوي ته بابا هڪڙو ماڻهو فقط رياضيدان آهي، ٻيو فقط فزڪس جو ماهر آهي، ٽيون فقط ڪيمسٽ آهي يا فقط فلاسافر آهي، ايئن ڪونه هوندو هو، ڇو ته علم جا هي سڀ شعبا تمام گهڻن مرحلن مان اُسري اُسري ايترو ته ڪلاسيفائيڊ ٿيا آهن، جو اُنهن ۾ درجي بندي ٿي آهي ۽ اڄ علم گهڻن شعبن ۾ ورهائجي ويو آهي. ان زماني ۾ ساڳيا ئي ماڻهو فلسفي به هوندا هئا، رياضيدان به هوندا هئا، حڪيم به هوندا هئا، طِبَ جا ماهر به هوندا هئا ته شاعر به هوندا هئا. ابنِ سينا ايئن هو، تمام گهڻا ماڻهو ايئن هئا. الذڪريا رازي به ايئن هو، الفارابي ايئن هو. اُن دؤر ۾ اُنهن ماڻهن جو حيرت انگيز حد تائين علم سان عشق هو. هڪ مشهور واقعو آهي ته هڪ مسلمان رياضيدان سڪرات جي حالت ۾ آخري ڏينهن ۾ هو، ته ان وقت سندس هڪ دوست، جيڪو پڻ رياضيدان هو، تنهن کي خبر پئي ته هو سڪرات ۾ آهي ۽ هُو کيس پڇڻ آيو. سندن وچ ۾ رياضيءَ جي ڪنهن ٿيورم تي ڪافي عرصو بحث مباحثو هلندڙ هو. هُن کي ڏسندي پڇيائين ته، ”ڇا تو اُهو ٿيورم حل ڪيو، جيڪو حل نه ٿي ٿيو؟“ ته هُن چيو ، ”هاڻي تون ته مرين ٿو، توکي ٿيورم جي حل ٿيڻ جي هن سڪرات جي حالت ۾ ڪهڙي ضرورت!“ چون ٿا ته هو ان تي چڙي پيو ۽ چيائين ته، ”تون چاهين ٿو ته آئون جاهل ٿي مران، اهو ڄاڻي نه مران ته ان ٿيورم جو حل ڪهڙو نڪتو؟“ سو عملي طور اِهي رويا هئا. يونان ۾ وڏا فلاسافر هئا، جن سائنس جا بنياد پڻ رکيا هئا. ٿيلس، اناڪسيميندر، ايمپيڊوڪلس، اناڪسيمينس، ڊيموڪريٽس، هيراڪليٽس، زينوفينس، فيثا غورث وغيره. اهو هڪ وڏو سلسلو آهي. انهن مان هر هڪ ماڻهو وڏو غير معمولي هو. اِها سقراط کان گهڻو آڳاٽي دؤر جي ڳالهه آهي ۽ اُن دؤر جي حوالي سان چيو ويندو آهي ته فلسفي ۾ سقراط، افلاطون ۽ ارسطوءَ اچي فلسفي جي معيار کي تباهه ڪري ڇڏيو. هي جيڪو جن کي پاڻ پيا چئون ته عظيم ترين فلسفي هئا، اُنهن لاءِ به ڪي ماڻهو چوندا آهن ته انهن اچي فلسفي جو معيار ڪيرائي ڇڏيو. مطلب ته اڳ فلسفي جا موضوع فطرت ۽ ڪائنات بابت هئا، ان کي فطرتي فلسفي (Naturalist Philosophy)جو دؤر سڏيو ويندو آهي. ان دؤر جي فلسفي فطري سائنسن جا بنياد پڻ رکيا. وچ ۾ سوفسطائي آيا، يعني اُهي ماڻهو جن اچي چيو ته اسان ڏاها آهيون ۽ انهن مان گهڻا پيشه ور فلسفي هئا. سُقراط اخلاقيات ۽ سماجي فلسفي جو نئون دؤر آندو. ان ڪري چيو ويندو آهي ته سقراط سماجي فلسفي جا بنياد ته وڌا پر فلسفي جو فطرتي ۽ ڪائناتي موضوعن کان رشتو ڪٽجي ويو. سو سائنس به ساڳيءَ طرح يورپ اندر ناپيد ٿي وئي ۽ سائنس جي اندر ڪابه نئين جستجو ۽ ڪابه نئين تحقيق نه پئي ٿي. اتي پادرين جي ٻڌايل علم کان سواءِ ٻيو علم ته ممنوع هو. توهان کي رومن اِمپائر جي باري ۾ خبر آهي ته ان جهڙي اِمپائر ته دنيا ۾ ٻي ڪابه نه هئي. خود رومن اِمپائر کي به اهو اختيار نه هو ته ڪو اُها نصاب طئي ڪري سگهي. اهو اختيار فقط چرچ جو هو. رومن امپائر به انهيءَ حق کان محروم هئي ته اها ان باري ۾ تعين ڪري ته معاشري کي ڇا پڙهايو وڃي؟ پادرين ۽ چرچ چيو ته اهو توهان جو ڪم ئي نه آهي ته ماڻهو ڇا پڙهن؟ اهو اسان جو ڪم آهي. باقي رياستي معاملن کي اوهان کي جيئن کپي تيئن وڃي ڪريو. رومن امپائر کي به آخر تائين اهو حق حاصل نه هو ته اها تعليم جي معاملي کي ڇيڙي، ڇو ته اِها چرچ کي خبر هئي ته جيڪڏهن تعليم کي آزاد ڇڏي ڏبو ته علم عام ٿيندو. پوءِ ماڻهو ڇا ۽ ڇو؟ جي چڪر ۾ پئجي ويندا، پوءِ ته فلسفو ايندو، شاعري ايندي، ادب ۽ آرٽ ايندو، معاشري ۽ عوام ۾ تنقيدي شعور ايندو، چرچ کي اها چڱيءَ طرح خبر هئي ته ان جي نتيجي ۾ ڇا ٿيندو؟ پوءِ سندن ٺڳيءَ جو اِهو ٺاهه ته ڪونه بيهندو. سندن اهو جهالت ۽ عقيدن جو نظام بيهندو ئي ڪونه. اڄ اسان سڀني جي خواهش هوندي آهي ته يورپ جي يونيورسٽين ۾ وڃي پڙهڻ گهرجي. اُن زماني ۾ يورپ جا تدريس گاهه دنيا جا سڀني کان جهالت ۾ ٻڏل تعليم گاهه هئا. گهڻيون ئي يونيورسٽيون ابتدائي طور يا ته چرچ هيون يا چرچ جي حوالي هيون. علم قيدي هو، فلسفو قيدي هو، شاعري قيد ۾ هئي، آرٽ قيدي هو، ادب قيد ۾ هو. هاڻي جيڪڏهن ڪنهن سماج ۾ ادب ۽ شاعري به بند هجي، فسلفو به نه هجي، سائنس به نه هجي ۽ ٻيا ڪي به سائنسي علم نه هجن ته توهان جي خيال ۾ اتي سياست ڪيترو اُسري سگهندي؟ ۽ ماڻهو سياسي نظام بابت ڇا سوچيندا؟ اهي سڀ شيون پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن. جي سياسي نظام اُسريل نه هوندا ته ڇا اتي سائنسي علم هوندا؟ اهي ٻئي شيون پاڻ ۾ لازم ملزوم آهن، ايئن نه آهي ته ڪو فقط هڪ شعبو آئسوليشن ۾ ترقي ٿو ڪري، اهي سڀ شعبا هڪٻئي جي ڪري ترقي ڪن ٿا. سو يورپ جي اندر جيڪا سياسي اُٿل پٿل هئي، ان سڄي دؤر ۾ اها به تمام ٿڌي ۽ ماٺي رهي. ماڻهن جي سمجهه، ماڻهن جو سياسي شعور، ماڻهن جو سياسي علم، ماڻهن جي سياسي جرئت ۽ سياسي بهادري، اِها به ماڻهوءَ ۾ ان سطح جي پيدا ڪونه ٿي سگهي ۽ اهو ئي سماجي تبديليءَ جو مسئلو به آهي. ايئن ئي ڪلچر جو مسئلو هو. هي سڀ شيون هڪٻئي سان لاڳاپيل آهن، يعني ان جي نتيجي ۾ سماج ۾ علم جي اوسر بند ٿي وئي، سياسي شعور جي ۽ سمجهه جي اوسر بند ٿي وئي، سماجي تبديليءَ جي شعور جي اؤسر بند ٿي وئي، ثقافتي تبديليءَ جي عمل جي رفتار تمام سُست ٿي وئي. ان جي ڪري اسان چئون ٿا ته اهو سڄو دؤر هڪ اونداهون دؤر هو. انهيءَ سڄي دؤر کان پوءِ يورپ ۾ جيڪو دؤر آيو اهو نئين سجاڳيءَ جو دؤر هو، نئين سمجهه، ساڃاهه، فڪر، روين ۽ تصورن جو دؤر هو.
تاريخ ۾ ايئن ئي ٿيندو آهي. هر شيءِ ۾ ايئن ٿيندو آهي، شيون اُٿنديون آهن، اُهي هلنديون آهن، ڪڏهن ٿورو ۽ ڪڏهن گهڻو، وري رد ۾ ٻيون شيون اينديون آهن، يعني انقلاب ۽ رد انقلاب ايندا آهن، تاريخ ۾ اُبتڙ لقائن جا حادثا ٿيندا آهن. هر شعبي ۾ ايئن ٿيندو آهي. سائنس ۾ به ايئن ٿيندو آهي، فلسفي ۾ به ايئن آهي، آرٽ ۾ به ايئن آهي، مذهبن ۾ به ايئن آهي، هر شيءِ ۾ موومينٽ ۽ ڪائونٽر موومينٽ جا لقاءَ پاڻ ۾ ٽڪرائجن ٿا. جيڪڏهن شيون ٺهن ۽ رَدِ نه ٿين ته انسان جي تاريخ بيهجي ويندي. ان ڪري شين جي ردِ ٿيڻ تي بيهوش ٿيڻ به هڪڙي ناسمجهيءَ جو مسئلو ۽ رويو آهي. فرض ڪريو ڪي شيون زبردست ٿين ٿيون ۽ ڪائونٽر موومينٽ ان کان وڌيڪ سگهاري ٿئي ٿي ته شيون وقتي طور ويهي رهن ٿيون ته ماڻهو بيهوش ٿي وڃي ٿو ته يار هيءَ ته تباهي ٿي وئي. اها سطحي ۽ بيوقوفاڻي ڳالهه آهي، اِهو اُن مرحلي جو حصو آهي. پاڻيءَ جي لهر آهي، اچي ٿي، ان کان ٻيڻي اُٿلَ کائي پوئتي ٿي وڃي ٿي. فطرت ۽ زندگيءَ جي لقائن جو اهو معمول آهي.
چوڏهين صدي، اهو دراصل ان نئين دؤر جو هڪڙو بنياد هو ۽ توهان کي خبر آهي ته تاريخ کي سدائين چرين ماڻهن بدلايو آهي. چريا ماڻهو، معنيٰ اهڙا فقير ماڻهو جن پنهنجي زماني ۾ ان ڳالهه کان بي نياز ٿي ڪم ڪيو ته نتيجا ڇا نڪرندا؟ جيڪو به ٿئي، پر اهي ڪم ڪندا رهيا. سائنسدان برونو کي باهه ۾ ساڙي ڇڏيائون، ان کي جيئري باهه ۾ وجهي ڇڏيائون. اڳ ۾ تنبيهون جام مليس ته سڌري وڃ، فضيلت سک، پر هو نه مڙيو. توهان کي خبر آهي ته چوڏهين صديءَ ۾ گليلو سان ڇا ڪيائون؟ آئون هڪ ٻي ڳالهه به ڪريان ته يورپ جي ان سڄي نئين سڄاڳيءَ جي دؤر جو پهرئين دؤر ۾ جيڪو مرڪز هو، اُهو اٽلي هو. اِٽلي يورپ جي سڄي نئين دؤر جو بنياد ۽ مرڪز هو. هڪ ماڻهو هو ان جو نالو پيٽرياٽ هو ۽ هو هڪ رولاڪ ماڻهو هو. ڦرندو وتندو هو. زندگيءَ ۾ مختلف ڌنڌا ڪيائين. قانون پڙهڻ چاهيائين، ڪونه پڙهي سگهيو ۽ ٻيا الائجي ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪيائين.هن جي باري ۾ مشهور آهي ته هو زندگيءَ ۾ ڪوبه ڪم سڄو نه ڪري سگهيو ۽ ڪوبه زندگيءَ جو ڪم پورو ڪونه ڪيائين. هو هڪ اهڙو بادشاهه ماڻهو هو، مختلف ڌنڌا پيو ڪندو هو، ڊگريون نه وٺي سگهيو، پڙهڻ ويٺو اهو نه ڪري سگهيو، مختلف ڌنڌا ڪيائين، جيڪو به سمجهه ۾ آيس اهو ڪيائين، ۽ ايئن اڪثر ماڻهن سان ٿيو آهي. تازو مون روسو کي پڙهيو پئي. روسو جو سندس آتم ڪٿا تي مشتمل ڪتاب آهي، جنهن جو نالو ”ڪنفيشنس“ آهي، معنيٰ اعترافَ. تمام ڏکيو ۽ ڏاڍو زبردست ڪتاب آهي. ان ۾ هُن لکيو آهي ته جڏهن مان نوجوان هوندو هئس تڏهن مون کي سدائين دل ۾ کُٽڪو رهندو هو ته آئون ڇا ڪريان؟ ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي هئي ته ڪريان ڇا؟ پوءِ مختلف ڌنڌا پيو ڪندو هئس. سمجهه ۾ ڳالهه ڪڏهن نه آئي ته ڪريان ڇا؟ ايئن هلندي هلندي حياتي گذري وئي، پوءِ ماڻهن چوڻ شروع ڪيو ته هيءُ فلسفي آهي. مون کي ته خبر ئي نه پئي ته زندگيءَ ۾ ڪريان ڇا؟ پر ماڻهن اڳتي هلي چوڻ شروع ڪيو ته روسو فلسفي آهي. چيو اٿس ته دل ۾ حيران ۽ ڦِڪو پيو ٿيندو هئس ته مان ڪٿي فلسفي آهيان. آئون ته نِڪمو ماڻهو آهيان. اڃا مونکي اها ڳالهه ئي سمجهه ۾ نه آئي آهي ته زندگيءَ ۾ ڪريان ڇا؟ ايئن اڪثر ماڻهن سان ٿيندو آهي. پيٽرياٽ سان به ايئن هو. هُن کي به سمجهه ۾ نه ايندو هو ته هو ڪري ڇا؟ هو به پيو هلندو هو، تمام حساس، فطرت پسند ۽ حُسن پسند ماڻهو هو، فطرت جو هجي يا ماڻهن جو، هن کي حُسن ڏاڍو وڻندو هو. شاعر اديب شروع ۾ نه هو. زندگيءَ جي ڪنهن ڏاڪي تي اچي هڪڙي مائي ڏٺائين ۽ چون ٿا ته اها اٺن ڏهن ٻارن جي ماءُ هئي، ان تي عاشق ٿي پيو. ان مائيءَ جو نالو لارا هو. هاڻي لارا ٻچن ٻارن جي ماءُ، هوءَ پنهجي گهر مڙس سان ويٺي آهي، هيءُ پنهنجي منهن عشق ۾ انڌو ٿي ويو. هو بادشاهه ماڻهو هو، ان کي ڪير منع ڪري ها؟ حساس ماڻهو هو، گِهرو ماڻهو هو، ۽ يقيناً ڏاهو ماڻهو هو. پوءِ مائيءَ جي عشق جو هن تي ايترو اثر ٿيو جو پيٽرياٽ شاعر ٿي ويو. اڳي ئي هڪ ماڻهوءَ جي دل ته بادشاهه هئي، شاعراڻي دل ته اڳي ئي هيس، سوچون به اڳي ئي اهڙيون هيس، فطرت پسند به هو، رڳو حُسن شناس نه هو پر حُسن سان پاڻ پيار ڪندڙ ماڻهو هو. سو لارا همراهه کي هڻي ڍير ڪري ڇڏيو ۽ هو شاعر ٿي ويو ۽ هن رڳو شاعري نه ڪئي، شاعريءَ کان پوءِ هن ٻه ٽي ڪم ٻيا به ڪيا. شاعريءَ ۾ هُن ڇا ڪيو؟ جيئن ته هو اوريجنل شاعر هو، توڙي جو هو ايڏو وڏو شاعر به نه آهي، جيئن کائنس پوءِ ٻيا شاعر پيدا ٿيا آهن، پر ان ڳالهه جي اهميت نه هوندي آهي. مثال هاڻي زبردست نئين ماڊل جون ڪارون بيٺيون آهن. ان جي اهميت وڌيڪ آهي يا جيڪا پهرين ٺهي ان جي اهميت وڌيڪ آهي؟ هوائي جهاز هينئر زبردست پيا هلن پر جيڪو جهاز پهريون ٺاهيو ويو اهو وڌيڪ آهي، ان ۾ وڌيڪ ڪمال آهي يا هن ۾ وڌيڪ ڪمال آهي؟ تاريخ ۾ هر شيءِ جيڪا پهرين ٿيندي آهي اهي ماڻهو عظيم ترين آهن. هڪ ڪتاب آهي، مون وٽ به آهي، ان جو نالو آهي “First Time it Happened” . ان ۾ چوڏنهن سئو انٽريز آهن. چوڏنهن سئو ڪم لکيل آهن ته اهي پهريون ڀيرو تاريخ ۾ هيئن ٿيا هئا، ۽ توهان عجب ۾ پئجي ويندؤ ته هر عظيم ترين ڪم پهرين ٿيو ڪيئن هو. پيٽرياٽ جو ڪمال به اهو آهي ته هو ان اونداهين دؤر کان پوءِ يورپي عيسائي سماج جي اندر، پهريون ماڻهو هو جنهن هڪ ڀيرو وري حُسن جا، فطرت جا، عشق جا ۽ محبت جا ڪلام چوڻ شروع ڪيا. فلسفو هُن کي وڻندو ئي ڪونه هو. پيٽرياٽ کي چون ٿا ته فلسفي کان نفرت هوندي هئي، ۽ سائنس سان به لڳاءُ ڪونه هوندو هوس. قانون پڙهي اڌ ۾ ڇڏي ڏنائين، چيائين ته اهو بڪواس آهي. هن جي شاعري، سمجهو ته جيئن ٿر ۾ مينهن ٿو وَسي. ڀلا مينهن وَسي جرمنيءَ ۾ ته ڪهڙو فرق پوندو؟ اُتي ته روز پيو وسي. پر مينهن وًسي ٿو ٿر ۾ ته ماڻهو خوشيءَ ۾ ماپن نٿا. ڇو جو اُتي ته مينهن وسي ئي ڪونه ٿو. يورپي سماج جي اندر جتي ذهني ۽ روحاني رڻ ٿي ويو هو، جتي ماڻهن پنهنجي ارد گرد حَسين خيال، حَسين تصور ٻُڌا ئي ڪونه پئي، محسوس ئي ڪونه پئي ڪيا. ڪا شيءِ ڪانه هئي. هنن آڏو رڳو پادري جُبو پائي بيٺو هو ۽ کين هيسائڻ لاءِ چرچ بيٺي هئي. چرچ جي گهِنڊَ ماڻهن جا روح ٿي ڏڪايا. هنن جڏهن پيٽرياٽ جا ڪلام ٻُڌا ته ماڻهن تي ان جو وڏو اثر پوڻ شروع ٿي ويو. ڇو ته صدين کان ماڻهن اهڙي شيءِ ڏٺي ڪانه هئي، ٻُڌي ڪانه هئي. هر شيءِ بند هئي، ۽ پيٽرياٽ هڪ ٻيو زبردست ڪم اهو ڪيو جو هن سفر ڪيا. دنيا ۾ جيڪو ماڻهو سفر نٿو ڪري، اهو ماڻهو محدود رهجي ويندو آهي. جيڪو ماڻهو پنهنجي مخصوص دائري ۾ حياتي گذاري مري کپي ويندو، ان جا خيال ڪهڙا وڌندا؟ ان ۾ هو ڇا ۽ ڪيترو تبديل ٿيندو؟ ان ڪري اهو تمام ضروري آهي ته ماڻهوءَ جي وَسَ ۾ جيترو به هجي ماڻهو سفر ڪري، ۽ پنهنجا ماحول مَٽائي، ماحول تبديل ڪري، مختلف ماحولن ۾ هلي، مختلف ماڻهن سان ملي، مختلف صورتحالن کي ڏسي، مختلف تجربا ڪري ته جيئن هن جي اندر مختلف خيال اچن، هن جي اندر مختلف اُتساهه اچن ۽ هن کي ڪي نوان اُتساهه ملن. سفر ڪرڻ تمام ضروري آهي. ڀٽائيءَ سڄي زندگي سفر ڪيا. هو پيو هلندو هو. پيٽرياٽ به تمام گهڻا ۽ وڏا سفر ڪيا. هو تيرنهن سئو چوٽيهن (1334ع) ۾ ڄائو ۽ هن جي وفات ويهين جولاءِ تيرنهن سئو چوهتر (1374ع) ۾ ٿي. هن جو اسان رائيٽرس جي حوالي سان هڪڙو خوبصورت موت ٿيو. جڏهن هن کي ڏسڻ آيا ته هو هڪ ڪتاب تي مٿو ٽيڪيو سُتو پيو هو، هٿ لاتائونس ته مري چڪو هو. عظيم مارڪس جو موت به ايئن ٿيو هو. اهو ڪيڏو نه عظيم موت آهي، جنهن ۾ جيڪڏهن ماڻهو پڙهندي، لکندي يا سورمن جيان جنگ جي ميدان تي وڙهندي زندگيءَ جو آخري ساهه کڻي. زندگي بظاهر بي معنيٰ شيءِ آهي پر ان کي ڪيڏي نه عظيم معنيٰ ڏئي سگهجي ٿي ۽ زندگي ڇا؟ موت جهڙي نڀاڳي شيءِ کي به ڪيڏو نه با معنيَٰ ۽ عظيم بڻائي سگهجي ٿو. مارڪس برٽش ميوزيم جي جنهن ڪمري ۾ تحقيق ڪندو ۽ لکندو هو، جڏهن ان کي ماني ۽ چانهن ڏيئي ويا، موٽي آيا ته هو پنهنجي آرام ڪرسيءَ تي ٿَڪي، جيئن ڪو ماڻهو لکي پڙهي ٿورو ٽيڪ ڏيندو آهي، ايئن ستو پيو هو. هٿ لاتائونس ته هو مري چڪو هو. پيٽرياٽ جي به تيرنهن سئو چوهتر ۾ ايئن وفات ٿي وئي. پر هُن ٻه ڪم ڪيا. هڪڙو، جيئن مون توهان سان ڳالهه ڪئي ته هن اُها شاعري ڪئي جنهن شاعريءَ ۾ حُسن جون ڳالهيون هيون، محبت جون ڳالهيون هيون، عشق جون ڳالهيون هيون، محبوب جون ڳالهيون هيون، فطرت جون، پيار جون ڳالهيون هيون، يعني جيڪي ڳالهيون عيسائي سماج اندر ممنوع هيون اُهي شاعريءَ ۾ ٿيون ۽ ٻيو هو هڪ افسانا نگار به هو، هو افسانا ۽ ڪهاڻيون لکندو هو، داستان لکندو هو، هن تصوراتي خط لکيا، هڪڙي نئين صنف ايجاد ڪيائين. خدا ڏي خط، محبوبا ڏي خط، فلاڻي ڏي خط، فلاڻي دوست ڏي خط، فرضي ڪردار ٺاهي، پوءِ کين خط لکندو هو. پوءِ جيڪا به هن کي پنهنجي ڀڳت ڪرڻي هوندي هئي سا خطن ۾ ڪندو هو. دراصل اُن زماني ۾ هن هڪ صنف جو سهارو ورتو. هو فنڪار هو، آرٽسٽ هو، هن کي خبر هئي ته سِڌي ڳالهه ڪري ڪونه سگهبي پر جي تمثيل ۾ ۽ علامتي انداز سان ته ڳالهه ڪبي ته اها ڦٻي ويندي. جيئن ون يونٽ جي زماني ۾ پاڻ وٽ ڪهاڻيون گهڻيون لکيون ويون، امر جليل به ”پکي“ نالي هڪ ڪهاڻي لکي. هاڻي اڄ اهي ڪهاڻيون ڇو گهٽ آهن؟ گهڻي ڀاڱي اهو به سبب آهي ته تنهن زماني ۾ اخبارون، رسالا ڪونه هئا، سڌو لکڻ ڏکيو هو، پوءِ ڪهاڻيءَ ۾ ماڻهو ڳالهه ويڙهي ڪري سگهندو هو. هاڻي ماڻهوءَ کي وري وڌيڪ موقعا ملي ويا آهن اظهار جا ته اها شيءِ گهٽ پئي لکجي. پر پيٽرياٽ جي خطن ۽ اُٿاريل سوالن، هڪڙي صدين کان محروم، بيٺل ۽ هڪڙي اُڃايل سماج کي وڏي طاقت ڏني، وڏو اُتساهه ڏنو ۽ هڪڙي اُٿلَ پُٿلَ، غير روايتي انداز سان سماج ۾ شروع ٿي وئي. ان جو هڪ سبب هيءُ به هو جيڪو توهان پڇي سگهو ٿا ته آخر هيترا سئو سال هيڏي بربريت رهي، پوءِ آخر پيٽرياٽ کي اهي خبرون ڪرڻ جو ڪيئن موقعو ملي ويو؟ جيئن مون ڳالهه ڪئي تيرهين صديءَ واري ته اُن ۾ ايتريون شيون ٿي چڪيون هيون، ان ڪري يورپ جي اندر اها چرچ ۽ پادريءَ جي جيڪا اجاراداري هئي، جيڪا هڪ هٽي هئي، جيڪو سماجي ۽ ذهني تسلط هو، جيڪا سندن روحاني آمريت هئي، اُها پنهنجي تاريخ جي ڊگهن مرحلن ۾ هلي اندر ئي اندر ڪمزور ٿي چڪي هئي. جيئن فطري طور شيون ٿينديون آهن. اِهو نظام به پنهنجي اندر سڙي ۽ متروڪ ٿي ويو هو. ان ۾ مزاحمت برداشت ڪرڻ جو ايترو سَتُ نه رهيو هو ۽ پيٽرياٽ کي ڳالهه ڪرڻ جو موقعو ملي ويو. ساڳيءَ طرح، ساڳيءَ صديءَ ۾ اٽليءَ ۾ هڪڙو ٻيو ماڻهو پيدا ٿيو، ان جو نالو بڪيشو هو. پيٽرياٽ وانگر ئي بُڪيشو به اديب هو ۽ هُن به لڳ ڀڳ ساڳيو ڪم ڪيو، جيڪو پيٽرياٽ ادب جي معرفت ڪيو. نه هُنن ڳالهه ڪئي سياست جي، نه هنن ڳالهه ڪئي سماجي اسٽرڪچرس جي، نه هنن ڳالهه ڪئي پادرين جي خلاف، نه هنن ڇيڙيو ڪنهن ٻئي مسئلي کي، نه هنن خدا جي تصور سان گهڻي ڇيڙ ڇاڙ ڪئي، نه هنن چيوته نظام بدلايو. هنن بظاهر ڪابه انقلابي ڳالهه نه ڪئي، هنن فقط اهو ڪيو ته هُنن ماڻهوءَ جا روحاني حق، جيڪي پاپائيت، ڪليسا ۽ پادرين سلب ڪري ورتا هئا، اهي هڪ ڀيرو وري هڪڙي غيرمحسوس طريقي سان، غير روايتي انداز سان پنهنجي شاعريءَ ۽ پنهنجين لکڻين جي بهاني، ماڻهن کي موٽائي ڏنا؛ ۽ انهن جي ترجماني ڪئي ۽ ان جي ڪري سڄي اٽليءَ ۾ پهرين ۽ پوءِ جيئن ته پيٽرياٽ سفرَ ڪندو هو پوري يورپ جا، هو هر جاءِ تي ويو، جرمنيءَ ۾ ويو، پولينڊ ويو، هالينڊ ويو، انگلينڊ ويو، بيلجيم ويو، گهڻن ئي ملڪن ۾ ويو، سڄي يورپ ۾ پيو ڦرندو هو. هن جي سفرن جي ڪري اها شاعري ۽ هن جون لکڻيون يورپ ۾ ڦِهليون ۽ ماڻهن اثر قبول ڪرڻ شروع ڪيو.
دراصل تاريخ ۾ هڪڙو اهڙو دؤر به اچي رهيو هو جيڪو دؤر پنهنجي اندر ۾ اهو سڄو تبديلين جو لقاءُ کڻي پئي آيو، جنهن جا پهريان نقيب ۽ ترجمان هي هئا، ۽ چوڏهين صدي ان ڪري يورپي نشاط الثانيه يعني نئين دؤر جي سجاڳيءَ جو بنياد ٿي وڃي ٿي، جو ان ۾ پيٽرياٽ ۽ بڪيشو جهڙا ماڻهو پيدا ٿيا ۽ هنن ادب ۽ شاعريءَ وسيلي دراصل ان سڄي نظام کي سگهه بخشيندڙ روين، تصورن، قدرن ۽ مفادن تي اڻ سڌيءَ طرح ڌڪ هنيو- نقصان ڏنو ۽ ماڻهن کي تخليقي انداز ۾ سوچڻ جو اتساهه ڏنو. هاڻي تمام گهڻا ماڻهو آهن، سوين ماڻهو آهن، آئون هڪڙي هڪڙي ماڻهوءَ تي ايترو ٽائيم ڪونه وٺندس. رڳو توهان کي ٻڌائڻ چاهيندس ته اهي بنيادي ۽ خاص خاص ماڻهو آهن، جن جي ذڪر کان سواءِ ان دؤر جو ذڪر اڻپورو رهندو. پيٽرياٽ ۽ بڪيشو جي هن سڄيءَ ڳالهه جو تَتُ هيءُ هو ته انهن ٻن ماڻهن يورپي سماج اندر هڪ ڀيرو وري ادب ۽ شاعريءَ کي پير کوڙڻ لاءِ جاءِ پيدا ڪري ڏني. هنن ٻن ماڻهن جي ان ڪارنامي يورپي سماج جي اندر ادب ۽ شاعريءَ کي هڪ ڀيرو وري گهڻن زمانن کان پوءِ بنياد ڏنو، هنن سماج کي اڳتي وڌڻ ۽ سماج ۾ پاڙن هڻڻ جو دڳ ڏنو. جيڪو هنن جو غير معمولي ڪارنامو هو. هڪڙو ٻيو تمام وڏو ماڻهو جيڪو يورپي نشاط الثانيه جي بانين مان آهي، جيڪو تاريخ جي عظيم ترين ماڻهن ۾ ليکيو وڃي ٿو اُن زماني جي نسبت سان، اهو به اٽليءَ جو رهندڙ هو. ان جو نالو ليونارڊو ڊاونچي هو، جيڪو فلورنس کان سٺ ميل اڳتي هڪ ڳوٺ ڄائو، هن جي ماءُ هارياڻي هئي. هو هڪ هارياڻيءَ جو پٽ هو. چيو وڃي ٿو ته هن جي ماءُ شادي نه ڪئي هئي ۽ هن کي بغير شاديءَ جي اهو ٻار ٿيو ۽ جنهن ماڻهو سان تعلق جي ڪري هن کي ٻار ٿيو، ان وڃي ٻي شادي ڪئي. پوءِ ان مائيءَ پنهنجو اهو ٻار هن جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ ڊاونچي ان گهر ۾ پليو وڏو ٿيو پر تاريخدان چون ٿا ته جيئن ته هو ماءُ جي محبت کان محروم رهيو ۽ هن کي اهو احساس هو ته هو روايتي معنيٰ ۾، هڪ ناجائز ٻار آهي، (جڏهن ته ڪوبه ٻار ناجائز نه هوندو آهي، ناپاڪ نه هوندو آهي، ٻار ته معصوم هوندو آهي. اسان جا سماجي قدر هن کي ناجائز قرار ڏين ٿا.) ان ڪري هن جي اندر اهو شديد احساس زندگيءَ ڀر رهيو. ڊاونچي پوءِ عورتن سان نفرت ڪندو هو ۽ توهان کي اها ڳالهه عجيب لڳندي ته هن کان اڳ ۾ ۽ پوءِ به تمام گهڻا وڏا فلسفي ۽ رائيٽر ٿي گذريا آهن، جن کي عورتن کان نفرت هوندي هئي. مثال طور ارسطو عورتن کان سخت نفرت ڪندو هو ۽ کين ناپسند ڪندو هو. ويجهي زماني ۾ ويهين صديءَ ۾ جان پال سارتر جو رويو به اهڙو ئي هو؟ سڄي زندگي سِمان دي بوار سان گڏ پئرس ۾ رهيو، هو ٻئي پاڻ ۾ آخر تائين دوست هئا، پر شادي ڪونه ڪيائون. سارتر هن کي چيو ته، ”آئون شادي نه ڪندس.“ هو شاديءَ جي خلاف هو. عورت سان ان تعلق جي خلاف هو. تاريخ ۾ ان قسم جا تمام گهڻا ماڻهو آهن. اهو به چون ٿا ته ڊاونچي هم جنس پرست هو، جيئن آسڪر وائيلڊ ۽ ڪافي ٻيا رائيٽر ۽ اديب ٿي گذريا آهن. هو هڪ عجيب غريب ماڻهو هو. تاريخ ۾ اهڙا ماڻهو تمام گهٽ ٿي گذريا آهن. اهڙا وڏا جينيئس تمام گهٽ ٿي گذريا آهن. هو ساڳئي وقت هڪ عظيم سائنسدان هو. فزڪس جو ماهر هو، فلڪيات جو ماهر هو، عظيم رياضيدان هو، عظيم مصور هو، مونا ليزا جي مشهور پينٽنگ هن جي ٺاهيل آهي. ڊاونچي ساڳئي وقت ڪيترين ئي مشينن ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو ايجاد ڪندڙ هو. هن لاءِ چيو ويندو آهي ته هو رياضيءَ سان عشق ڪندو هو. دنيا جي پهرين اڪيڊمي افلاطون ٺاهي هئي. اڪيڊميءَ جو لفظ اُتان آيو آهي. افلاطون پنهنجي ان اڪيڊميءَ جي ٻاهران لکي ڇڏيو هو ته جنهن کي به رياضيءَ سان محبت ناهي اهو اندر نه اچي. چون ٿا ته ڊاونچي به ايئن هوندو هو. هو رياضيءَ سان بي انتها محبت ڪندو هو ۽ سچ پچ مون کي به رياضي بي انتها وڻندي آهي. اهو منهنجو سبجيڪٽ رهيو آهي. مون پنهنجي ماسٽرس فزڪس ۾ ڪئي آهي. مان سمجهان ٿو ته رياضي رڳو سائنس ناهي پر انسان جي ايجاد ڪيل سمورن فنن ۾ هڪ عظيم ترين فن به آهي. رياضي رڳو انگن جي راند نه آهي، ان ۾ وڏي ڏاهپ آهي. اسان وٽ رياضيءَ کي صحيح نٿو پڙهايو وڃي، ان ڪري ماڻهو ان مان بيزار آهن. جڏهن ته رياضي ته حَسين ۽ دلپذير شيءِ آهي. مان هميشه چوندو آهيان ته رياضيءَ وارا فلسفو نه پڙهندا ته رياضيءَ جي ڏاهپ تائين رَسي نه سگهندا ۽ فلسفي وارا رياضي نه پڙهندا ته اُنهن ۾ سائنسيت ڪونه ايندي. رياضي ته فزڪس ۽ فلسفي جي ٻولي آهي. سنڌي ماڻهن کي رياضي ضرور پڙهڻ گهرجي. رياضيءَ کان سواءِ ڪوبه سماج ترقي ڪري نه ٿو سگهي. ڊاونچي ته هڪڙو ئي ماڻهو هو جنهن صدين جا حساب برابر ڪيا، جيڪو ساڳئي وقت سائنس، فزڪس، ميٿاميٽڪس، پينٽنگ، اسڪلپچرس، آرٽ، مشين سازي، ٽيڪنالاجي ۽ ٻين سڀني شين جو هڪ همه گير ادارو هو ۽ هرهڪ شعبي ۾ عظيم ۽ غير معمولي هو. هن انهن سڀني شعبن جا يورپ ۾ بنياد وڌا، خاص طور تي اٽليءَ ۾ وڏا بنياد وڌا. ڊاونچي چوڏنهن سئو ٻاونجاهه (1452ع) ۾ ڄائو ۽ پندرهن سئو اُڻويهن (1519ع) ۾ سندس وفات ٿي. ڊاونچيءَ کان پوءِ يورپ ۾ نئين سجاڳيءَ جو پهريون دؤر شروع ٿيو. ان ڪري پاڻ پهرين گهڻو ذڪر اٽليءَ جو ڪنداسون، پوءِ ٻين ملڪن تي اينداسون.
هُن کان پوءِ هڪ ٻيو وڏو ماڻهو پيدا ٿيو، اهو به اوڏو ئي ايترو ماڻهو هو، اهو عظيم آرٽسٽ مائيڪل اينجلو هو. مائيڪل اينجلو انساني تاريخ جو هڪڙو حيرت انگيز آرٽسٽ هو. ماڻهو چوندا آهن ته عظيم فن جي وصف ڪهڙي آهي؟ ته ڪنهن چيو ته عظيم فن جي وصف اِها آهي ته اُها شيءِ جيڪا حيرت کي جنم ڏي. جيئن ڀٽائي پڙهي ماڻهو حيران ٿي وڃي ٿو ته وَڃُ! اهڙي ڳالهه به ماڻهو ڪري سگهي ٿو! جيئن ڪا حَسين شيءِ ڏسي ماڻهو حيران ٿئي ته ههڙي شيءِ به ٿي سگهي ٿي! حَسين پينٽنگ، حَسين مجسمو، حَسين شعر، حَسين افسانو، ناول، خيال، تصور وغيره. مائيڪل اينجلو جي پيءُ جي خواهش هئي ته هو آرٽسٽ نه ٿئي. جيئن اسان وٽ عام طرح ٿيندو آهي. هن جي پيءُ هن تي وَس ڪيو ته بابا آئون توکي وڏو ماڻهو پيو ڪرڻ چاهيان، تون وري سڄو ڏينهن مٽيءَ ۾ هٿ ڀريو ويٺو آهين ۽ پٿرن کي لڳو پيو آهين. ان تي ڪنهن چرچو ڪيو هو ته مائيڪل اينجلو ڄائو ئي پٿرن تي هو ۽ هن جيڪا پهرين شيءِ هٿ ۾ کنئي هئي، اُها هٿوڙو ۽ ڇيڻي هئي. سدائين سندس پيءُ کانئس ڪاوڙيل رهيو. پوءِ هن جو پيءُ سمجهي ويو ته هيءُ ڪونه سڌرندو ، پڙهندو ئي ڪونه، بس کري ويو، هاڻي هن ۾ ڪا فضيلت ڪانه ايندي، پوءِ هيءُ ٽن سالن لاءِ هڪڙي اڪيڊميءَ ۾ آرٽ پڙهڻ ويو. اُتي هو آرٽ سکيو. مائيڪل اينجلو ڳالهائڻ جي شيءِ ناهي ته ماڻهو ان تي ويهي ڳالهائي. مائيڪل اينجلو جون تخليقون ماڻهو فقط ڏسي سگهي ٿو. اها منهنجي خوشنصيبي آهي جو مون اهي سڀ اوريجنل شيون يورپ ۾ وڃي پاڻ اکين سان ڏٺيون. ماڻهو گئلريءَ ۾ گهڙندو ۽ بس گم ٿي ويندو. مون سان منهنجو دوست وُسعت الله خان (بي بي سيءَ وارو) به گڏ هوندو هو. اسان گڏجي اهي شيون گهميون. پندرهن سئو چوهٺ (1564ع) ۾ مائيڪل اينجلو جي وفات ٿي ۽ هن يورپ جي اندر هنن اڳين ماڻهن وانگر مصوريءَ جي دنيا ۾، سنگتراشيءَ ۽ فن جي دنيا ۾ نه رڳو صدين جا حساب برابر ڪيا پر يورپ جي اندر هڪ اهڙو بنياد وجهي ڇڏيو، جنهن ۾ فن جو ڪمال انتهائي عظيم ۽ اعليٰ درجي تي پهتو. توهان هن جون شيون ڏسندؤ ته هن جون پينٽنگس گهڻيون تصوراتي آهن. هو لينڊ اسڪيپ يا پورٽريٽ ڪونه ٺاهيندو هو. آرٽ جي دنيا ۾ ان کي ننڍي ڳالهه سمجهيو ويندو آهي. آرٽ جي دنيا ۾ ان جو ايڏو درجو ناهي. گُل، ٻوٽا، منظر ۽ ماڻهن جا مُهانڊا ٺاهڻ ڪا ايڏي وڏي غير معمولي شيءِ نه آهي، جيڏي غير معمولي شيءِ تخيلاتي پينٽنگس آهن. جيئن شاعري آهي، اها به تصوراتي آهي، اها شيءِ جيڪا دنيا ۾ موجود ئي نه آهي، اها تخليق ڪئي وڃي. مائيڪل اينجلو فن جي شعبي کي اميجينيشن جي حوالي سان پنهنجيءَ بلنديءَ ۽ اؤج تي رسايو. ساڳيءَ طرح هڪ ٻيو ماڻهو هو، هن جو نالو ڪاپرنيڪس هو ۽ هُو به عجيب غريب ماڻهو هو. هنن مان هرهڪ ماڻهو عجيب غريب آهي. بس ماڻهو هنن مان هرهڪ تي فقط حيران ئي ٿي سگهي ٿو ته هي خفتي ڇا ڇا هئا؟ دلچسپ ڳالهه ته ڪاپرنيڪس بنيادي طرح هڪ پادري هو ۽ هن جي زماني تائين اڃا ايڏي مذهبي ريفرميشن جي تحريڪ نه اُسري هئي. جيتوڻيڪ هو هڪ پادري هو پر هن کي فلڪيات جو جنون هوندو هو، سڄو ڏينهن ويٺو نقشا ٺاهيندو هو ته ڪائنات ڪيئن هوندي؟ ۽ جيئن ته هو رياضيدان به هو ۽ هن جو اهو چوڻ هو ته دنيا ۾ ڪنهن به اهڙي علم کي سائنس نٿو مڃي سگهجي، جنهن کي رياضي ثابت نٿي ڪري- يعني نيچرل سائنس جي خيال کان. ڪاپرنيڪس جو ڪمال اِهو آهي ۽ هن جي سڄي زندگيءَ جو ڪُل حاصل اها هڪڙي تصوير آهي، جنهن ۾ هن ڪائنات جو هڪ خاڪو چِٽيو آهي. هُن جو تاريخ ۾ اهو ڪنٽريبيوشن آهي ۽ مزي جي ڳالهه هيءَ آهي ته هو جنهن شيءِ، جنهن غير معمولي ڪارنامي جي ڪري تاريخ ۾ ايڏي وڏي حيثيت ماڻي ٿو، اها هُن جي تحقيق دراصل سئو سيڪڙو غلط هئي. هن ڪم ڇا ڪيو ته هن کان اڳ ۾ جيڪو عيسائي سماج هو، جيڪو پادري ويٺو هو، پوپ ويٺو هو، ان پئي چيو ته دراصل ڪائنات جو جيڪو محور ۽ مرڪز آهي اُها ڌرتي آهي. هاڻي اِها سڄي مصيبت هئي ۽ انهيءَ چڪر ۾ ڪيترا راڄ ماڻهن جا، سائنسدانن جا هنن تباهه ڪري ڇڏيا، مارائي چَٽُ ڪري ڇڏيا. رياضيدان چون ٿا ته اهو ميٿاميٽڪس ثابت ڪري ئي ڪونه ٿي. ڏٺي اسان به ڪائنات ڪونهي، ته اُها ڪيئن هوندي پر رياضي اهو مڃي ئي ڪونه ٿي. ميٿاميٽڪس اهو مڃي ڪونه ٿي ته ڪو ڌرتي ڪائنات جو محور هوندي. ماڻهن جا راڄ مارجي ويا. هن ماڻهوءَ ڇا چيو؟ هن هڪ پادري هئڻ باوجود ڪائنات جو خاڪو ٺاهي اهو نظريو سامهون آندو ۽ چيو ته ڪائنات جو مرڪز ڌرتي ناهي، سج آهي. ڪائنات ۾ ڌرتيءَ جي حيثيت تمام ننڍڙي آهي، ثانوي آهي، معمولي آهي. ٽين ڳالهه ته ڌرتي هڪڙي سج جي چوڌاري ڦرندڙ شيءِ آهي. هاڻي هو جيڪو پادري پيو چوي ته ڪائنات ٺهي ئي ڌرتيءَ لاءِ آهي، ماڻهوءَ لاءِ آهي، جيڪو ڪليسا جو تصور هو ته ڪائنات سڄي ٺهي اسان جي لاءِ آهي، ڌرتيءَ لاءِ ٺهي آهي. هن اهو تصور تبديل ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ هُن جي ڳالهه به سئو سيڪڙو غلط آهي ته ڪو سِجُ ڪائنات جو محور آهي پر جيئن مون چيو ته تاريخ ۾ شين کي ڏسڻ ۽ پرکڻ جا ماپا اِهي نه هوندا آهن ته ڪا شيءِ صحيح آهي يا غلط، تاريخ ۾ واڌاري جي خيال کان جيترو غير معمولي ڪنٽريبيوشن غلط ڳالهين جو آهي اوترو شايد ڪن حالتن ۾ صحيح ڳالهين جو به نه هجي. بظاهر اها هڪ عجيب غريب ڳالهه آهي. ان ڪري تاريخي لقائن جهڙين غلط ڳالهين کي فقط رسمي معنيٰ ۾ غلط ڳالهيون سمجهي ڇڏي ڏيڻ ۽ انهن جي اهميت کي نه سمجهڻ ۽ گهربل مانُ ۽ مرتبو نه ڏيڻ، اها علمي طرح هڪڙي غيرواجبي روش آهي، غيرمنصفاڻي روش آهي. تنهن ڪري ڪاپرنيڪس جو خيال به غلط هو پر ڪاپرنيڪس جي ڳالهه عيسائي سماج ۾ چرچ جي ڪائنات بابت تصورن جي نظام جا بنياد لوڏي ڇڏيا ۽ اهو پنهنجي سِر هڪ وڏو انقلاب هو. ڪاپرنيڪس دراصل پولينڊ جو هو، پوءِ اٽليءَ به ويو، مختلف جاين تي ويو هو. ڪاپرنيڪس ڪمال اهو ڪيو ته چيائين ته ڌرتي ڪائنات جو مرڪز ناهي، پر سج مرڪز آهي. هن هڪ ڌڪ سان اهو اڻ سڌيءَ طرح چئي ڇڏيو ته چرچ غلط آهي. هن اڻسڌيءَ طرح چرچ جي نظريي تي حملو ڪري، ان سڄي خيال تي حملو ڪري، ان جي رد ۾ متبادل ۽ ان جي متضاد ڳالهه ڪري، چرچ جي پوري تصوراتي نظام جي بنيادن کي لوڏي ڇڏيو. هن جي ڳالهه جو منطقي نتيجو اهو نڪتو ته سوال اُٿيو ته چرچ، پادري، ڪليسا ۽ بائيبل به غلط ٿي سگهن ٿا. مطلب ته بائيبل غلط هو يا نه پر پادري ته ضرور غلط هو. اها ڳالهه يورپ اندر باهه وانگر پکڙجي وئي، ڇاڪاڻ ته صدين کان پوءِ هڪڙي صفا نئين ڳالهه ٿي، جڏهن ته ان قسم جي ڳالهه اڳ ۾ ٻين به ڪئي هئي. پر هن ماڻهوءَ ان کي ايئن پنهنجي پوري اعتماد سان ۽ ان کي ايئن پنهنجي حساب سان سامهون آندو. نتيجي ۾ هڪڙي نئين دؤر اچڻ جا سانباها ٿيا.
هاڻي آئون اها ڳالهه پيو ڪريان ته اهو دؤر ڪيئن آيو؟ ادب آيو، شاعري آئي، سائنس آئي، ٽيڪنالاجي آئي، مصوري آئي. هاڻي آهستي آهستي سڀني شين کي يورپ جي سماج ۾ دَڳُ پئي مليو، پيرَ کوڙڻ لاءِ جاءِ پئي ملي. اهي سڀ رڳو ڪي ماڻهو نه هئا، پر اهي سڀ شعبا هئا، اهي سڀ هڪڙن علمن جا، نون روين جا ۽ علمن جي خزانن ۽ علمن جي واڌاري جا ميدان ۽ رستا هئا. انهن کي ڊگهي اونداهي دؤر کان پوءِ هڪ گهڻ طرفو دڳ مليو. ان ڪري انهن مان ڪنهن به ماڻهوءَکي فقط هڪ فرد سمجهڻ غلط ٿيندو. تاريخ جي مخصوص حالتن ۾ غيرمعمولي ڪارناما سرانجام ڏيندڙ فرد دراصل ان دؤر جي محرڪن ۽ معروضي حالتن جا لقاءَ ۽ نمائندا هوندا آهن. جيئن حضرت محمد ﷺڪو رڳو فرد نه هو، لطيف ڪو رڳو هڪ فرد نه هو- تاريخ جو هڪ لقاءُ هئا، گانڌي ۽ جناح ڪي رڳو فرد نه هئا. ايئن هنن مان هرهڪ ماڻهو تاريخ جو هڪ لقاءُ هو، هڪ فنامنا هو، هڪ مرحلو هو. انهيءَ ڪري اها هڪ غيرمعمولي ڳالهه آهي. ڪاپرنيڪس جي حوالي سان مسئلو اهو هو ته آخر هن کي ڇا ڪن؟ هو پادري ته پاڻ هو، انگريزي رومانوي شاعريءَ ۾ هونئن عام طرح ڪيٽس، بائرن ۽ شيلي مشهور آهي پر ذاتي طرح مون کي جان ڊان وڌيڪ وڻندو آهي. هو به پادري هو. هن ماڻهوءَ به اهو ڪمال ڪري ڇڏيو. شاعريءَ ۾ سڄي شيءِ جا بنياد لوڏي ڇڏيائين. هڪ ٻيو وڏو ماڻهو هو جيڪو اسان وٽ تمام بدنام آهي ۽ جنهن کي عام طرح دنيا ۾ تمام شاطر سمجهيو ويندو آهي اهو ميڪاولي آهي. اسان جي لاءِ ميڪاولي معنيٰ وڏو حرامي. آئون وري ٿو ساڳي ڳالهه ڪريان ته شين کي ان جي نسبت سان ڏسبو آهي ته هُنن ڪم ڪهڙو ڪيو؟ جيئن هنن سڀني جي پاڻ ڳالهه ڪئي، تيئن ميڪاوليءَ به ڪمال ڪيو. ميڪاولي فلورنس (اٽلي) جو هو، سندس پيءُ هڪ وڪيل هو. ميڪاولي پاڻ به قانون پڙهيو، پر اهو مڪمل طور ڪونه پڙهي سگهيو. يعني اڳين خفتين وانگر ميڪاولي به ساڳيءَ طرح بظاهر هر شيءِ ۾ ناڪام رهيو. هو به سڄي زندگيءَ ۾ ڪابه شيءِ صحيح نه ڪري سگهيو. جنهن به ڪم ۾ هٿ وڌائين، ان کي ڦِٽائي ڏنائين، ٺاهي ڪونه ڏنائين. نه ڊگري وٺي سگهيو، نه پڙهي سگهيو، هن درويش کان ڪابه شيءِ سڄي ۽ صحيح ٿي ڪونه سگهي. هو چوڏهن سئو اڻهتر (1469ع) ۾ پيدا ٿيو. هن جو ڪمال اهو هو ته هڪ شعبو کُٽل هو، ان جو هن اچي پوراءُ ڪيو. اٽليءَ جي پوري ان نشاط الثانيه جي ابتدائي دؤر ۾، جنهن شعبي جو هو نقيب بڻيو، اُها سياست هئي. سائنس جي ڳالهه پئي ٿئي، آرٽ جي ڳالهه پئي ٿئي، مصوريءَ جي ڳالهه پئي ٿئي، ٽيڪنالاجي اچي پئي، فن اچن پيا، موسيقيءَ جو اِحياءُ پيو ٿئي، شاعري، فلسفو وري متعارف ٿيا پئي، ۽ توهان کي خبر آهي ته سياست جو ڪم شروع ئي پوءِ ٿيندو آهي. هي ته شين جا سڀ ميدان ٺهن ٿا. انهن سڀني شين کي سماجي معنيٰ ۾ جيڪا شيءِ ڪلٽيويٽ ڪندي آهي اُها سياست آهي. سماج جي سڀني شعبن جي ترقيءَ کي جيڪا شيءِ يقيني بڻائي ٿي اها سياست آهي. سماجي معنائن ۾ اُن جي جيڪا گڏيل پونجي آهي، جيڪا اها کڻي اڳتي وڌي ٿي اها پاليٽڪس آهي، مطلب اهو ناهي ته ڪو اُها سڀني کان اُتم آهي. اها ڀيٽ ڪرڻ ئي غلط آهي. اها ڪيئن ڀيٽ ڪبي ته شاعري وڌيڪ آهي يا ميٿيميٽڪس وڌيڪ آهي؟ انهن مان هر هڪ شيءِ هڪ جيتري اهم۽ غيرمعمولي آهي. انهن جي ڀيٽ ڪرڻ بيوقوفاڻي ڳالهه آهي. اِها اُنهن شعبن جي توهين آهي ته ڪو ماڻهو ايئن ڀيٽ ڪري ته ٽيٽيهه مارڪون هُن جون، ٻٽيهه هِن جون ۽ ڇويهه هن جون. اهو غلط آهي ۽ ساڳيءَ طرح آئون جينيئس ماڻهن جي وچ ۾ اها سطحي تفريق پسند نه ڪندو آهيان ته هنن مان ڪهڙو ننڍو ۽ ڪهڙو وڏو هو؟ جينيئس اِز جينيئس! شعبن جو فرق ٿي سگهي ٿو، دائرن جو فرق ٿي سگهي ٿو، نتيجن جو فرق هوندو پر جينيئس جينيئس ٿئي ٿو.
ميڪاوليءَ اهو ڪمال ڪيو ته هن اٽليءَ ۾ سياسي علم ۽ سفارتڪاريءَ جو علم متعارف ڪرايو. سياست اندر جيڪو سفارتڪاريءَ جو علم آهي، ان جو هو باني هو. هن جو جيڪو ڪتاب ”پرنس“ آهي جنهن جي ڪري هو بدنام آهي، ان ڪتاب جي ڪري سڄيءَ دنيا ۾ هن تي لعنت جو ڦهڪو آهي. هن اهو ڪونه چيو آهي ته ڪو توهان اهڙا حرامي ٿيو! هو ابتدائي زمانن ۾ ڊپلوميسيءَ جي شعبي جو تمام وڏو ماڻهو هو. هن جو چوڻ اِهو هو ته سياست کي رڳو اخلاقيات جي تابع نه ڪريو.هن جو اهو خيال غلط آهي يا صحيح؟ اهو واقعي بحث طلب موضوع آهي. پر اهي خيال سڀ ڄڻ ته سماجي ايجادون آهن. هنن سڀني شين کي ايئن وٺڻ گهرجي. جيئن مشينن جون ايجادون آهن، تيئن تصورن جون به سماجي ايجادون آهن. دراصل هو حڪمت عمليءَ (Strategy) جو ماهر هو ۽ هن اهي ڳالهيون اسٽريٽجيءَ جي لحاظ کان چيون آهن. اخلاقيات مقصد ۾ ٿيندي آهي پر اسٽريٽجي هميشه بيرحم هوندي آهي. هن اها سڄي ڀڳت ٺاهي، جنهن سان ماڻهو اختلاف ڪري سگهي ٿو ۽ گهڻي حد تائين اها غلط به آهي، جيئن ٻيون ڪيتريون شيون غلط هونديون آهن، جيئن ڪاپرنيڪس غلط هو، جيئن نيوٽن جون ڪيتريون ئي شيون غلط هيون، جيئن دنيا جي سمورن وڏن انسانن ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون غلط هونديون آهن، جيئن عظيم سائنسدانن جون ڪيتريون شيون غلط هيون، جيئن ارسطو غلط هو، جيئن افلاطون غلط هو، جيئن ٻيا ماڻهو غلط هئا، جيئن تمام وڏن وڏن شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ غلط ڳالهيون به ڪيون آهن. ڪٿي ڪٿي هنن روايتي، سطحي، ڇسيون ۽ بيوقوفاڻيون ڳالهيون ڪيون آهن پر ميڪاوليءَ جو اٽليءَ جي نئين سڄاڳيءَ جي ان دؤر ۾ اهو ڪنٽريبيوشن آهي ته هن سفارتڪاريءَ ۽ سياست ۾ حڪمت عمليءَ جي علم ۽ فن کي اڳتي آندو، ان جو هڪ حساب سان پختو بنياد رکيو. جيئن سن زوءَ جنگ جي فن جا بنياد رکيا هئا. جيئن مائو ءَ حڪمت عمليءَ جي سائنس ۽ فن جو جديد دؤر جو جينئس هو.
هاڻي آئون پنهنجي موضوع کان هٽي ٻه ٽي ٻيون ڳالهيون به ڪندس. ڇو ته ڳالهه يورپ جي نئين سجاڳيءَ جي پئي هلي ۽ يورپ ۾ گهڻيون ئي شيون ٿي چڪيون هيون. جرمني يورپ جو هڪ ملڪ آهي، اتان جو هڪ ماڻهو هو، جنهن جو نالو مارٽن ڪنگ لوٿر هو. مارٽن لوٿر ويهين صديءَ ۾ به ٿي گذريو آهي، جيڪو وڏو يگانو مقرر هو. هو پهريون مارٽن ڪنگ لُوٿر هو. مون کي اهو ٻُڌائڻ ۾ خوشي پئي ٿئي ته آئون مارٽن لوٿر ڪنگ جي ڳوٺ ويو آهيان، آئون هن جي گهر ويو آهيان، جيڪو اڄ به جرمنيءَ ۾ محفوظ آهي. اسين جرمنيءَ ۾ هڪ ڳوٺ ڀرسان گذرياسون پئي ته اسان جي گائيڊ اُٿي اسان کي چيو ته، “Gentle man! Now we are passing through the village of Martin King Luther-1.” (معززو! اسان هاڻي مارٽن ڪنگ لوٿر ون جي ڳوٺ وٽان گذري رهيا آهيون) توهان کي ٻُڌي حيرت ٿيندي ته جرمنيءَ ۾ هاڻي نوجوان نسل کي پنهنجي عظيم ماڻهن جي باري ۾ گهڻي اون ئي نه آهي. هنن کي انهن جي پرواهه ئي نه آهي. اها خبر ئي ڪانه اٿن، هنن کي انهيءَ ڳالهه سان واسطو ئي نه آهي. آئون بس ۾ اُٿي بيهي رهيس. مون چيو ته آئون اوڏانهن هلندس. ته هنن چيو ته اها مصيبت الائي ڪير آهي؟ سڀني کي ڳالهه ڪانه وڻي! مون چيو، ”هاڻ هيئن ڪريو، ڏهن منٽن جو وقفو ڪريو، هيءُ جتي اسٽاپ اچي ٿو، ڏهن منٽن جي وقفي ۾ توهان کي آئون ٿو ٻڌايان ته هيءُ ماڻهو هو ڇا؟ ۽ هن ڪيو ڇا؟ پوءِ توهان جي مرضي آهي، هلو نه هلو!“ چيائون، ”ٺيڪ آهي.“
مون سوچيو! هاڻي ڪم ٿي ويو. مون لهي هنن کي مختصر ليڪچر ڏنو ته مارٽن ڪنگ لوٿر ون ڇا ڪيو هو؟ ڪندو ڇا هو؟ هن جا ڪنٽريبيوشنس ڇا آهن؟ مون جو ڏهن منٽن ۾ هن جو مختصر بيان ڪيو ته سڀني چيو ته هاڻي چانهه به ڇڏيو، بيئر به ڦِٽي ڪريو، هلو ۽ چڙهو بس ۾.....! پوءِ اسين هن جي گهر وياسون، جيڪو هڪ ميوزيم ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. تمام ننڍڙو ۽ ڏاڍو سهڻو ڳوٺ هو. مارٽن ڪنگ لوٿر چوڏنهن سئو ٽياسيءَ (1483ع) ۾ ڄائو ۽ جرمنيءَ جي حَسين شهر ميگڊ برگ ۾ پڙهيو. آئون ان شهر ۾ به ڪجهه ڏينهن رهيو آهيان. ڏاڍو سهڻو شهر آهي. 1508ع ۾ هيءُ ماڻهو وِٽن برگ يونيورسٽيءَ ۾ فلسفي (مارل فلاسافي) جو استاد بڻيو ۽ پندرهن سئو ڏهه (1510ع) کان پندرهن سئو يارهن (1511ع) تائين روم (اٽلي) ويو. ان کان پوءِ پندرهن سئو ٻارهن (1512ع) ۾ مذهب جي علم يا مذهب جي فلاسافيءَ (ڊاڪٽر آف ٿيولاجي) جو پروفيسر بڻيو. هن پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ ملازمت اختيار ڪيائين. هن جي وفات 1546ع ۾ ٿي. ساڳيءَ طرح جيئن پهرين ڳالهه ڪئيسون ته مارٽن ڪنگ لوٿر به هڪڙو عجيب غريب ماڻهو هو. هڪڙي پاسي تاريخ جو غيرمعمولي ماڻهو هو، ٻئي پاسي پورهيتن، مزدورن ۽ هارين جو جاني دشمن هو. هو مارل فلاسافيءَ جو استاد هو ۽ چوندو هو ته پورهيت گوڙ ڪن ته کين موچڙا هڻو. جيڪي به هن جي همعصر دؤر ۾ مزدورن ۽ هارين جون تحريڪون اُٿيون، اُنهن کي بيهي مارايائين. انهن جي سخت خلاف هو. سرمائيدارن جو حمايتي هو ۽ جاگيردارن جي پاسي هو. مطلب ته ماڻهو عجيب غريب شيءِ آهي. سو بلڪل هڪ پاسي کان هو حرامي هو ۽ ٻئي پاسي کان عظيم ماڻهو هو. ٻئي شيون صحيح آهن. تضاد ڪائناتي حقيقت آهي، ان ڪري تضاد ماڻهوءَ جي ذات، سوچ، فڪر، مفادن ۽ روين ۾ به آهي. جي ان زماني ۾ هو نه هجي ها ته ڪا شيءِ ٺهي ئي ڪونه ها. هو هڪ عظيم ماڻهو به هو. وري سوال آهي ته آخر هن اهڙو ڇا ڪيو ؟ اهو تمام وڏو موضوع آهي. ڳالهين مان ڳالهيون کُلن ٿيون ته ڪندا پيا هلون. بنيادي طور سورهين صديءَ کي يورپ اندر “Age of Reformation” (مذهبي سڌارن جو دؤر) چيو وڃي ٿو. اهو يورپ جي اندر مذهبي سُڌارن جي تحريڪ جو دؤر هو، مون توهان کي اڳ چيو هو ته تاريخ جو ڊگهو عرصو يورپ اونداهيءَ ۾ هو، ان جو سبب ڇا هو؟ ان جو سبب پادري ۽ چرچ جي عوام ۽ سماج جي مٿان مذهبي اجاره داري هئي. هنن ماڻهن کي هر حوالي کان بند ڪري رکيو هو. پاڻ جيڪا اٽليءَ جي ڳالهه ڪئي ته اتي هيترا ماڻهو پيدا ٿيا، تمام گهڻا ماڻهو ٻيا پيدا ٿيا، سڀ شيون ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن تاريخ ۾ بظاهر لڳندو آهي ته اهو اتفاق آهي. ساڳئي دؤر ۾ سائنسدان، ساڳئي دؤر ۾ شاعر، ساڳئي دؤر ۾ اديب، ساڳئي دؤر ۾ فلسفي پيدا ٿيڻ اهو اتفاق آهي. دراصل صدين جي ان اُڃ ۽ ان تباهيءَ کان پوءِ يورپي سماج جي اندر پاپائيت پنهنجي زوال ڏانهن مائل ٿي رهي هئي ۽ سماج جو نئون تاريخي دؤر اچي رهيو هو. انساني تاريخ ۾ ڪڏهن به هميشه ۽ هڪ جهڙي ترقي نه ٿي آهي. ايئن ڪونهي ته ڪو هميشه سائنس ترقي پئي ڪري. هاڻي ته کڻي ڪري پئي پر ماضيءَ ۾ هميشه فن بلندين تي هو، هميشه عظيم شاعري پئي ٿي، هميشه زبردست ناول پئي لکيا ويا، هميشه عظيم سورما پيدا پئي ٿيا، هميشه سياست بهترين ۽ زبردست هئي- ايئن نه هو ۽ نه ٿي سگهي ٿو. تاريخ ۾ هر شيءِ جا هڪڙا خاص دؤر اچن ٿا، بلڪل ايئن جيئن ماڻهو پنهنجي عام زندگيءَ ۾ هميشه سٺو نه سوچيندو آهي. توهان ڪڏهن محسوس ڪندا آهيو ته توهان پنهنجي پاڻ کي پيا وڻندا آهيو ته: واهه واهه مون واهه جو ڪم ڪري ڇڏيو! ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته ماڻهو پنهنجي بُت مان بيزار هوندو آهي. جيئن ماڻهو پنهنجي سڄي حياتيءَ ۾ هر وقت ڀرپور ۽ اُتساهه سان نه هوندو آهي، هر وقت ايڏو سرگرم نه هوندو آهي، هر وقت ايڏن سهڻن، خوبصورت ۽ وڏن خيالن سان نه هوندو آهي، هر وقت بهترين احساسن سان نه هوندو آهي، انساني تاريخ به ايئن آهي. ڇاڪاڻ ته ماڻهن جي تاريخ آهي، تاريخ ۾ ادب جا، فن جا، سائنس جا، انسان جي غير معمولي شين جا، ڏاهپ جا، ايجادن جا، غير معمولي ڪارنامن جا، قربانين جا، تخليقي ڪارنامن جا ۽ تخليقن جا هڪڙا دؤر اچن ٿا. هميشه ۽ هر زماني ۾ ساڳيءَ رفتار سان شيون اڳتي نه وينديون آهن. ايئن يورپ ۾ به اهو دؤر وري موٽي رهيو هو. جرمنيءَ مان جيڪا سورهين صديءَ ۾ يورپ اندر ايج آف ريفارميشن آئي، ان جو باني مارٽن ڪنگ لوٿر هو. هن ڇا ڪيو ؟ هن چيو، جيڪا مون توهان سان ڳالهه ڪئي ته پادرين لاءِ بائيبل ته ماڻهن کي پڙهائڻ جي شيءِ نه هئي. اصل ۾ اُصولي ڳالهه ته اها آهي ته ماڻهن کي سمجهڻ لاءِ چئو ته هو بائيبل سمجهن، تنقيدي ۽ تخليقي شعور سان پڙهن، انهيءَ مان سکن. انهيءَ مان جيڪا ڏاهپ آهي اها حاصل ڪن ۽ ان جون بهترين شيون زندگيءَ تي لاڳو ڪن ۽ ٻين شين تي به غور ڪن. جيئن اسان وٽ مُلي جو سڄو زور رڳو تلاوت تي آهي، قرآن شريف کي سمجهي پڙهڻ ۽ پروڙڻ تي نه آهي. قرآن پاڻ چوي ٿو ته سمجهي پڙهو. عقل سان پڙهو، شعور سان پڙهو پر مُلي جو سڄو زور رڳو عربيءَ ۾پڙهڻ تي آهي. مطلب ته ماڻهو ڳالهه تي انڌو ويساهه رکن پر سمجهن نه، ڇو ته پوءِ هن جي بادشاهي نه رهندي. ماڻهو مذهب کي مُلي جي معرفت نه پر سڌيءَ ريت سمجهڻ لڳندا. پوءِ هن جو ڪم ئي ڪونه رهندو. جيئن صوفي آهي، هڻي مُلي کي ڪَنَ کان وٺي ٻاهر ڪڍي ڇڏيائين، چيائين ته تنهنجو واسطو ئي نه وڃي، خدا ڄاڻي آئون ڄاڻان! خدا منهنجو محبوب آهي. صوفين ڇا ڪيو آهي؟ صوفيءَ جو وري الڳ موضوع آهي، تصوف دراصل فڪري طور مُلائيت خلاف ڪائونٽر موومينٽ هئي. ڪڏهن ان موضوع تي به ڳالهائڻ گهرجي ته تصوف ڇا آهي؟ تصوف جي آئون خلاف نه آهيان. تصوف زبردست شيءِ هئي. تصوف فقط اسلام ۾ نه آيو آهي، اها تحريڪ ته هر جاءِ تي آئي آهي. يورپ ۾ عيسائي، صوفي پادريءَ خلاف به اُڀريا. هر مذهب جي سامهون تصوف جون تحريڪون اُڀريون. گوتم ٻُڌ ڪير هو؟ اهو به هندو مذهب جي سامهون ڪائونٽر موومينٽ هو. تاريخ ۾ موومينٽ ۽ ڪائونٽر موومينٽ جا تضاد ۽ حادثا آهن. مارٽن ڪنگ لوٿر اهو ڪيو ته هن پهرين چيو ته بائبل ترجمو ڪريو! پادريءَ چيو پئي ته ترجمو نه ڪريو! ماڻهو نه پڙهن. هن انهن جي رد ۾ ڳالهه ڪئي. هن ٻه ٽي شيون ٻيون به ڪيون. پادرين جو چوڻ هو ته انسان ڄائي ڄم کان گنهگار آهي ۽ هو هميشه ڏوهه ڪندو. ان ڪري سندس سموري سماجي آزاديءَ جو حق کانئس کسيو وڃي. هن وٺي فشري شروع ڪئي ته جيڪڏهن ماڻهوءَ ڄمي ڏوهه ڪيو آهي ۽ جي ماڻهو ازل کان ڏوهاري آهي ۽ هو ڏوهه ضرور ڪندو ۽ ان ڪري انهيءَ جا سڀ حق کسي پادريءَ کي ڏنا وڃن ته جيئن هو ڏوهه نه ڪري سگهي ته پوءِ سوال آهي ته پادري ماڻهو آهي يا نه؟ اهو طئي ڪريو! هن چيو ته اهو طئي ڪريو. جڏهن ته هو پاڻ به عيسائي هو ۽ تمام سخت عيسائي هو، هن جو بائيبل ۾ ويساهه هو. هو به مڪمل مذهبي ماڻهو هو. هن کي به بائيبل لاءِ اوترو ئي احترام ۽ پيار هو، هو رڳو پادريءَ جي حرامپائيءَ جي خلاف هو. چيائين ته اهو طئي ڪريو ته هيءُ پادري ماڻهو آهي يا نه؟ جي ماڻهو آهي ته پوءِ هيءُ ڏوهه ڇو نه ڪندو؟ اهو ڪيئن طئي ڪبو ته هيءُ ڏوهه نه ڪندو؟ جي هو به ماڻهو آهي ته پوءِ هن به ڄمي ڏوهه ڪيو آهي، پوءِ ڄمندي هيءُ به گنهگارآهي. پوءِ هيءُ ڏوهه ڇو نه ڪندو؟ پادريءَ بائيبل جي آڙ ۾ جيڪي اختيار پاڻ وٽ رکيا هئا، هن انهن اختيارن جي پيرن هيٺان زمين ڪڍي ڇڏي. ان مخصوص دؤر ۾ هن جو ڪمال اهو هو. هڪڙي سوال ۾ هن پادريءَ جي پوري اختيارن جي اداري جو ڪم لاهي ڇڏيو- جيئن ڪاپرنيڪس ڪيو هو. هن ٻي ڳالهه اِها ڪئي ته جي هو ماڻهو نه آهي ته بائيبل ۾ ته لکيل ئي نه آهي ته ڪو ماڻهوءَ کان سواءِ ٻي مخلوق توهان تي مڙهيل هوندي. هن ۾ لکيل آهي ته جيڪي توهان مان چڱا هوندا اُهي بهتر هوندا. پوءِ چڱو ته ڪير به ٿي سگهي ٿو. اهو ڪنهن طئي ڪيو آهي ته چڱو فقط هڪ پادري هوندو؟ هن هڪ سوال اُٿاري ڪيٿولڪ پاپائيت جا جيڪي ماڻهن کي غلام رکڻ لاءِ اختيار هئا، اُنهن جي پيرن هيٺان زمين ڪڍي ڇڏي ۽ اها ڳالهه باهه جيان جرمنيءَ کان ٿيندي سڄي يورپ ۾ پکڙجي وئي. سبب اهو ته ماڻهو ته صدين کان آتا هئا ته ڪو اهڙيون ڳالهيون ڪري. ماڻهن جا روح سُڪي ويا هئا، ماڻهو عذاب ۾ هئا، ماڻهو، تاريخ ۽ ڄڻ ته هڪڙو دؤر انتظار ۾ هئا ته ڪي ماڻهو اچن ۽ اهڙيون ڳالهيون ڪن ته اسين ريسپانس ڏيون. جيئن زمين جڏهن گهڻي خشڪ ٿي ويندي آهي ته آتي هوندي آهي ته بس هاڻي پاڻي وَسي ته اُها ڦُٽي پوي. تاريخ به ايئن آهي، ماڻهو به ايئن آهن، تهذيبون به ايئن آهن، سماج به ايئن آهن. لوٿر جي ڳالهه يورپ ۾ باهه وانگر پکڙجي وئي. هن ٻيو اهم ڪم اهو ڪيو ته هن بائيبل جو جرمن ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري ڇڏيو ۽ جيڪو بائيبل جو ترجمو جرمن ٻوليءَ ۾ هن ڪيو، اهو جرمن ادب جو ڪلاسڪ آهي. اهڙو خوبصورت نثر چون ٿا ته ترجمي جي صورت ۾ جرمن ٻوليءَ ۾ نه آهي. ان ڪري هو وڏو اديب به مڃيو وڃي ٿو. تاريخ ۾ اهڙا تمام گهٽ ماڻهو آهن، جيڪي ترجمي جي ڪري وڏا اديب ليکيا وڃن ٿا. جيئن چرچل ڪجهه ڪونه لکيو هو. پر هو پنهنجي آتم ڪٿا لکي نوبل انعام کڻي ويو- نه ڪڏهن شاعري، نه ڪهاڻي، نه افسانو، نه مضمون، نه مقالو ۽ نه ڪا ٻي شيءِ لکيائين پر آتم ڪٿا ڪمال جي لکيائين. اهڙيون شيون به ٿين ٿيون. مارٽن ڪنگ لوٿر جو ترجمو، هڪڙو ته ادب جي خيال کان غير معمولي شيءِ آهي ۽ جرمن نثر جو لاجواب ڪارنامو آهي؛ ٻيو ان جو ڪارج ادب کان علاوه اِهو آهي ته هن جو ڀاڳ اهو هو ته هن جي ترجمي ڪرڻ واري زماني ۾ اتفاق سان تاريخ ۾ هڪڙي ٻي غير معمولي شيءِ ٿي چڪي هئي يعني پرنٽنگ پريس ايجاد ٿي وئي هئي. ڪڏهن ڪڏهن تاريخ ۾ ڪيئن ٿيون شيون ٿين. ان ساڳئي زماني کان اڳ صدين کان ماڻهن ايڏيون وڏيون شيون ڪيون پئي پر پريس ڪانه هئي. ماڻهو هٿ سان لکي پيا ورهائيندا هئا. هڪڙي ماڻهو تاريخ ۾ اتفاق سان هڪڙو غيرمعمولي ڪم ڪيو ته هُن جي ساڳئي دؤر ۾ تاريخ جو وڏو ڪارنامو اهو ٿيو ته پرنٽنگ پريس ايجاد ٿي وئي. هن جو ترجمو ڪيل بائيبل ڇپجي سڄي يورپ ۾ ڦهلجي ويو ته پاپائيت جا بنياد لُڏي ويا. ماڻهن چيو وڃ ٻيلي! هنن حرامين ته چيو پئي ته هي سڀ شيون حرام آهن، بائيبل ۾ ته اهڙيون ڳالهيون آهن ئي ڪونه! جيڪو سڄو ٺڳيءَ جو ٺاهه هنن ٺاهيو هو، اهو ماڻهن سِڌو پڙهي سڄي ڳالهه سمجهي ورتي. ان ڪري اسان ٿلهي ليکي چئون ٿا ته يورپ جي اندر سورهين صدي نئين سجاڳيءَ جي دؤر ۾ مذهبي سُڌارن واري صدي هئي. اُها هڪ مذهبي سڌارن جي تحريڪ هئي، جنهن هڪ نئين دؤر کي جنم ڏنو. اها يورپ اندر تنگ نظر ڪيٿولڪ عيسائي سماج ۾ مذهبي سڌارن جي غير معمولي تحريڪ هئي، جنهن جو مؤجد مارٽن ڪنگ لوٿر هو. اها صحيح ڳالهه آهي ته هو هڪڙي پاسي کان مزدور دشمن هو پر توهان ڏٺو ته ٻئي پاسي کان ڪيڏو نه غير معمولي ماڻهو هو، ۽ هن جو اهو ڪارنامو تاريخ ۾ هميشه زندهه رهندو.
هاڻي ته ڳالهه مان ڳالهه پئي کُلي، وڌيڪ موضوع پيا نڪرن، توهان کي خبر آهي ته تاريخ ۾ لازمي حادثا ته ٿيندا آهن پر لازمي اتفاق به ٿيندا آهن. آخر ڇو جرمنيءَ ۾ لوٿر جي ترجمي ۽ پاپائيت مخالف رويي کي ايڏي پذيرائي ملي؟ ڪيٿولڪ عيسائي ته سڀ هئا، ان ايڏي وڏي پذيرائيءَ جو سبب ڇا هو؟ سبب هيءُ هو ته پاپائيت جو هيڊ ڪوارٽر روم (اٽلي) ۾ هو ۽ جرمنيءَ جو اٽليءَ سان تاريخي ٽڪر به هو. اٽليءَ ۽ جرمنيءَ جو پاڻ ۾ تاريخي سياسي تضاد هو. هاڻي ٻن ملڪن جون پاڻ ۾ هڪٻئي سان اڳ ئي نفرتون آهن ۽ چرچ جو مرڪز روم ۾ هو. وري جو هڪ ماڻهوءَ اها ڳالهه ڪئي ته ماڻهن جي تحت الشعور ۾ اهو تضاد به ويٺل هو ته هيءَ ڳالهه پس و پيش روم جي سگهه جي خلاف پئي ٿئي. پاور جي حوالي سان اٽلي پئي هيڏي هوڏي ٿئي. توهان ڏٺو ۽ توهان کي خبر آهي ته ساڳيءَ طرح دلچسپ ڳالهه هيءَ آهي ته جيڪي سڀ وڏا عظيم ماڻهو پاڻ اٽليءَ جا ڳڻيا، اهي سڀ شاعر، اديب ۽ آرٽسٽ هئا، پر انهن مان سڌيءَ ريت چرچ کي ڪنهن به ڪونه ڇيڙيو هو- ڪنهن اعتراض نه ڪيو، هي سڀ جيڪي عظيم ماڻهو هئا، انهن مان ڪنهن به ماڻهوءَ سڀ ڪجهه سمجهندي به پاپائيت ۽ ڪليسا تي آڱر نه کنئي. ان جو هڪ دلچسپ سبب اهو به آهي ته روم عيسائيت جو هيڊ ڪوارٽر هو. سڄي يورپ جي عيسائي سماج مان چندو، پئسو روم ۾ ايندو هو، اٽليءَ ۾ ايترو پئسو ئي نه هو ۽ اٽليءَ جي خوشحاليءَ جو هڪڙو سبب اهو به هو، ته ماڻهن نفرت ڪرڻ باوجود ڊائريڪٽ ان تي حملو نه ڪيو، ڇو ته ان سان هنن جو معاشي ۽ سياسي مفاد به لاڳاپيل هو. مثال طور جيئن پنجاب آهي، پنجاب جا بهترين ماڻهو به چوندا ته ٺيڪ آهي، اُصولي طور ڪالاباغ ڊيم نه ٺهڻ کپي پر پاڻ وانگر ڪالاباغ ڊيم خلاف اُٿي وڙهندا ته ڪونه، ڇو ته پنجاب جي هڪ هٽيءَ ۽ ڦرلٽ جو هڪ حد تائين حصو سموري عوام کي به ملي ٿو. لوٿر جي موومينٽ تمام زبردست نموني سان هلي ۽ ان موومينٽ سڄي يورپ جي سياسي توازن تي وڏو اثر وڌو، ۽ دنيا ۾ پروٽيسٽنٽ فرقو ٺهيو. اهو لوٿر جي موومينٽ جي نتيجي ۾ ٺهيو، يعني اهي سڀ ماڻهو جيڪي لوٿر جي خيال جي پويان لڳا اهي پروٽيسٽنٽس ٿيا ۽ اهو نالو ڪو هنن پاڻ تي خوشيءَ سان ڪونه رکيو. اها هنن کي ڄڻ ته گار ڏني وئي. اهو هنن تي الزام هنيو ويو، تهمت مڙهي وئي ته هي ڦڏائي آهن، فسادي آهن، فشري باز آهن، هي پروٽيسٽ ٿا ڪن، هي ماڻهو احتجاج ڪن ٿا، هي احتجاجي ماڻهو آهن. مٿن اها تهمت ۽ الزام سندن فرقو بڻجي ويو. برلن شهر اندر آبادي ورهايل آهي؛ ان جو وڏو اڌ پروٽيسٽنٽ آهي، ننڍو اڌ حصو اتي اڄ به ڪيٿولڪ آهي ۽ جنهن جاءِ تان برلن جي ديوار کنئي وئي، ان جي بلڪل ڀرسان اُها چرچ آهي، جيڪا دنيا جي پهرين پروٽيسٽنٽ چرچ هئي ۽ انهيءَ ۾ سڀ اصلوڪيون شيون محفوظ ڪري رکيون ويون آهن. اها چرچ ڏاڍي خوبصورت جاءِ تي آهي، سامهون ڍنڍ ٿي وهيس. اتي ماڻهو تمام گهڻو اچي ويهندا آهن، چانهيون پيئندا آهن، بيئر پيئندا آهن، ڪچهريون ڪندا آهن، اها ڏاڍي خوبصورت جاءِ آهي، مان اها چرچ ۽ اها خوبصورت جاءِ ڏسي آيو آهيان. مطلب ته لوٿر جي موومينٽ رڳو جرمنيءَ نه پر سڄي يورپ تي اثر ڇڏيا.
هاڻي پاڻ سترهين صديءَ تي ٿا اچون. سترهين ۽ سورهين صديءَ ۾ ٻيون به ٻه شيون غير معمولي ٿيون. هڪڙي اها زبردست تبديلي آئي ته فلسفي جو نئين سِر اِحياءُ ٿيو. ان کان اڳ ۾ فلسفي جو زبردست دؤر ٿي گذريو هو. اهو دراصل يونان جو دؤر هو ۽ يونان جي اندر به ٽي دؤر هئا. هڪڙو دؤر هو جنهن کي اسان سُقراط کان اڳ جو دؤر چوندا آهيون. يوناني فلسفي ۾ سُقراط کان اڳ، جيڪو پهريون دؤر آهي ان کي فطرت پسند فلاسافرس (Naturalist Philosophers) جو دؤر چيو ويندو آهي. اهي فلسفي جن فطرت جي باري ۾ سوال اُٿاريا، فطرت جي باري ۾ معلوم ڪرڻ چاهيو، فطرت جي باري ۾ ويچاريو، هُنن جي جستجو ۽ اميجينيشن، هُنن جي ڳولا، هنن جي تحقيق جو بنياد، ماڻهو ۽ سماج نه پر فطرت هئي.مثال طور اهي سڀ سوال اُن زماني ۾ ٿيا ته ڪائنات ڇا آهي؟ زندگي ڇا آهي؟ فطرت ڇا آهي؟ خدا آهي يا نه آهي؟ ڪائنات ڪڏهن ٺهي؟ ڇو ٺهي؟ ڪيئن ٺهي؟ ڇا مان ٺهي؟ ماڻهو ڇا مان ٺهيو؟ زندگي ڇا مان ٺهي؟ نيٺ وڏن سوالن، ڦڏن ۽ بحثن کانپوءِ فلسفين چيو ته زندگي هڪ مسلسل وهندڙ شيءِ ۽ مسلسل متحرڪ شيءِ آهي، اها ڪنهن هڪ مخصوص شيءِ مان نه ٺهي آهي. ٻئي ڪنهن چيو ته نه دراصل زندگي هوا مان ٺهيل آهي. وري ٻيو فلسفي آيو، ان چيو ته زندگي پاڻي، هوا ۽ مٽيءَ مان ٺهيل آهي. هيراڪليٽس چيو ته پاڻي، هوا ۽ باهه مان ٺهيل آهي. پوءِ اهڙو هڪڙو وڏو سلسلو آهي. هي سڀ جدليات جا بنيادي سوال پهرين انهن اُٿاريا هئا. جدليات جا سوال، سائنس جا سوال، فلڪيات جا سوال، فزڪس جا سوال ۽ فلسفي جا بنيادي سوال، سڀ انهن اُٿاريا هئا. هڪڙي فلسفيءَ چيو ته ڪائنات مسلسل تغير پذير آهي، مسلسل تبديل پئي ٿئي. چيائين ته جيڪڏهن توهان ڪنهن درياهه جي وهندڙ پاڻيءَ ۾ پير وجهو ۽ پوءِ ڪڍو ۽ وري وجهو ته اهو درياهه اهو نه هوندو ٻيو هوندو. ڇو ته ان گهڙيءَ اندر درياهه بدلجي چڪو هوندو. اهڙا وڏا خيال هئا، جيڪي ٻُڌي توهان حيران رهجي ويندؤ ته ان دؤر ۾ هنن ڪهڙا ڪهڙا سوال اُٿاريا آهن؟ تبديليءَ ۽ تضاد جي باري ۾ ڇا ڇا ڪيو آهي؟ ڊيموڪريٽس ۽ ٻيا تمام گهڻا ماڻهو هئا. فيثا غورث هو، هُو بنيادي طرح صوفي هو، اهو جڏهن يونان ۾ رهيو هو ته اتي صوفي هو. پوءِ عراق آيو، مصر ۽ هندستان به آيو. چون ٿا ته هتي اچي هو رياضي سکيو، ڇو ته مصر ميٿاميٽڪس جو ڳڙهه هو. هن تهذيب ۾ ميٿاميٽڪس جو ڳڙهه هو، جنهن ۾ مصر، عراق ۽ هندستان اچي وڃن ٿا. هُو هتان رياضيدان ٿي ويو. فيثا غورث، جنهن کي پاڻ رياضيءَ ۾ پڙهندا آهيون، جنهن کي Pythagoras چيو ويندو آهي. ايئن زينوفينس هو، ايمپيدوڪليس ۽ ٻيا به تمام گهڻا ماڻهو هئا. مطلب ته هڪڙو دؤر هو، جنهن ۾ فلسفين ان باري ۾ سوال اُٿاريا، جستجو ڪئي، ڳولا ڪئي، سوچيو، ڳالهايو، جواب ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ته هيءَ فطرت ڇا آهي؟ دنيا ڇا آهي؟ هيءَ ڪائنات ڇا آهي؟ ۽ اها هلي ڪيئن پئي؟ ڪنهن ٺاهي آهي؟ ڇو ٺاهي آهي؟ خدا آهي يا نه آهي؟ ڇو نه هجڻ کپي؟ ڇو هجي؟ ڪيئن هوندو؟ مثال طور چيائون ته ڪائنات ڪنهن ٺاهي هوندي؟ وري چيائون معنيٰ ته هرشيءِ کي ٺاهڻ لاءِ ڪونه ڪو ضروري آهي ته پوءِ خدا کي ٺاهڻ لاءِ ڇو ڪو ضروري نه آهي؟ اهڙا ڦڏا اُٿاريائون، اهڙا سڀ سوال هنن اُٿاريا، جيڪي به وڏا ۽ بنيادي سوال جديد سائنسن يا فلسفن ۽ ٻين علمن کنيا، انهن جا بنياد هنن رکيا هئا. اهو دؤر به گذريو. ان کان پوءِ ٻيو دؤر آيو، جنهن کي فلسفي ۾ سوفسطائين جو دؤر چيو ويندو آهي. سوفيه معنيٰ ڏاهپ. سافسٽ معنيٰ ڏاها ماڻهو. يونان جي فلسفين جو هڪڙو گروپ هو، جيڪو چوندو هو ته اسين ڏاها آهيون. حقيقت ۾ ڏاها پاڻ کي ڪڏهن به ڏاهو ڪونه چوندا آهن. جيڪو ڏاهو هوندو ان کي زمانو چوندو، ان کي پاڻ چوڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي ته آئون ڏاهو آهيان. ماڻهو جيڪڏهن ڏاهو آهي ته ان مان اها سڄي شيءِ نظر ايندي. سافسٽ هڪڙا ماڻهو هئا، هڪڙو پورو فڪري قبيلو هو، هڪڙو ٽرينڊ هو، دؤر هو، جنهن ۾ ماڻهو چوندا هئا ته بابا اسين ڏاها آهيون. پوءِ انهن وڏيون زبردست خبرون ڪيون. پر دراصل يوناني فلسفي جو ٻيو وڏو دؤر جن ماڻهن تي مشتمل آهي اهي سقراط، افلاطون ۽ ارسطو آهن. سُقراط لکندو ئي ڪونه هو، بلڪه لکي سگهندو ئي ڪونه هو. هو ڪچهري باز ماڻهو هو. ايٿنز جي گهٽين ۾ ويٺو نوجوانن سان خبرون ڪندو هو ۽ هن ڪڏهن ڪا شيءِ ڪونه لکي. هن سان منسوب سموريون شيون هن جي شاگرد افلاطون ۽ سندس شاگرد ارسطوءَ لکيون. هاڻي ٿلهي ليکي ڇا ٿيو؟ سقراط جيڪو ڪنٽريبيوشن ڪيو، ان جي باري ۾ مون توهان کي چيو ته ماڻهو چون ٿا ته هنن فلسفي جو معيار ڪيرائي ڇڏيو. دراصل اهو معيار ڪيرائڻ جو مسئلو نه آهي، هي به ايڏا ئي وڏا ماڻهو هئا، شايد انهن اڳوڻن کان به وڏا ماڻهو هئا. فرق رڳو اهو آهي ته فسلفي جڏهن فطرت کي ڊيل ڪيو پئي تڏهن ان سڀ سوال فطرت سان لاڳاپيل کنيا پئي. ٻئي دؤر ۾ سُقراط ڇا ڪيو ته هُن فلسفي کان فطرت جو موضوع کسي ان کي سماج جو موضوع ڏيئي ڇڏيو. يعني فلسفي جو جيڪو ڪم هو فطرت شناسيءَ جو، فطرت کي سمجهڻ جو، فطرت جي باري ۾ سوال اُٿارڻ جو ۽ فطرت جي دائري ۾ ڪم ڪرڻ جو، سُقراط فلسفي کان اهو موضوع کسي ان کي سماج ۽ ماڻهوءَ جو موضوع ڏئي ڇڏيو. دراصل هن پنهنجي فڪر ۽ پنهنجي عمل وسيلي، غيرمحسوس طريقي سان فلسفي کان هڪڙو کاتو کسي ان کي ٻيو ڏيئي ڇڏيو، ۽ توهان کي خبر آهي ته هو عجيب غريب سوال اُٿاريندو هو. هو اخلاقيات (Ethics) جو بادشاهه هو. هن جو فلسفو جنهن ۾ هن جو سوال اُٿاريل آهي ته دنيا ۾ ڪهڙو ماڻهو خوش رهي سگهي ٿو؟ ان جي جواب ۾ وڏي ڀڳت ڪري آخر ۾ نتيجو ڪڍيائين ته دنيا ۾ فقط اهو ماڻهو خوش هوندو جنهن جو ضمير صاف هوندو. چيائين ته جنهن ماڻهوءَ جو ضمير ڏوهي، مجرم ۽ ميرو آهي، اهو زندگيءَ ۾ روحاني خوشي حاصل ڪري سگهي ئي نٿو. سُقراط اخلاقيات جو امين هو، ۽ اهو ئي سبب هو جو هن کي آخر ۾ چيائون ته زهر پي ته پي ڇڏيائين. پرواهه ئي ڪونه ڪيائين. ڇو ته هن جو ضمير صاف هو ۽ هن بلڪل ان ۾ خوشي محسوس ڪئي هوندي. آخر ۾ به اهي پئي خبرون ڪيائين ته فلاڻي کان مون ڪُڪُڙ ورتو هو، ان جا پئسا رهجي ويا آهن، سي واپس ڪجوس. آخر ۾ به شاگردن کي اهي هدايتون پئي ڏنائين. فلاڻي سان منهنجو هيءُ مسئلو رهيل هو، ان کي پئسا موٽائي ڏجو، اهڙيون خبرون ڪندي ڪندي زهر پي ڇڏيائين، ۽ تمام خوشيءَ سان پي ڇڏيائين. مطلب ته ٻئي دؤر ۾ فلسفي وٽ فطرت جي موضوع کان ٽپي ڳالهه سماج جي آئي. افلاطون خود هڪڙي وڏي مصيبت هو. هو هڪ زبردست فلسفي هو. هو تصوريت (Idealism) جو بادشاهه هو. هن آئيڊيل ازم جي عمارت ايڏي ته وڏي کڙي ڪئي، ايڏو وڏو ڄار اُڻيو جو ان ۾ حقيقت بيهي نه پئي سگهي. فلسفي ۾ حقيقت جو پير ئي نٿي کُپيو. هو وڏو قانوندان به هو. قانون ٺاهيندو هو. ماڻهن کي آئين لکي ڏيندو هو. تنهن زماني ۾ ريپبلڪ لکي چڪو هو. هن جو چوڻ هو ته رياست جو حڪمران يا بادشاهه ڏاهو ماڻهو هجي. رڳو فلسفيءَ کي حق آهي ته اهو رياست جو حڪمران ٿئي، ٻئي کي حق نه آهي. هو چوندو هو عوام ته بيڪار آهي. هو عوام جي سخت خلاف هو. گهڻائيءَ جي خلاف هو. چوندو هو عوام ته جاهل آهي، ان کي ڪهڙي خبر. اڪثريت کي ليکجي ئي نه، ته اها ڇا ٿيندي آهي!؟ هو چوندو هو ته اڪثريت ته رڳو ان قابل آهي ته ان کي پويان هلائجي. اڪثريت کي ٿوروئي اهو حق ڏبو آهي ته اُها ويهي فيصلا ڪري! اهو حق آهي فقط فلسفين کي. هڪڙي رياست هئي، ان جي بادشاهه کي خبر پئي ته افلاطون ههڙيون خبرون پيو ڪري ۽ هڪڙو ڪتاب لکي چڪو آهي. چيائين ته هن کي گهرايو. هن کي گهرايائون. هن کي چيائين ته، ”جيڪڏهن تون اهڙيون خبرون ڪرين ٿو ته توکي پنهنجي بادشاهي ٿو ڏيان، تون هلائي ڏيکار. جي اها تون هلائي وئين ته بادشاهي تنهنجي آهي ۽ جي نه هلائي سگهئين ته پوءِ تنهنجي سزا موت آهي.“ چيائين ته، ”قبول آهي.“ هاڻي هن درويش ته پئي خبرون ڪيون. رياست جو انتظام فلسفيءَ کان ڪٿان ٿو هلي؟ بادشاهي هلائڻ وڏي ڳالهه هئي، هلائي نه سگهيو، پوءِ ماريائونس پئي. نيٺ شاگردن چندو ڪري، پئسا گڏ ڪري ڏنڊ ڀري جان ڇڏايس.
افلاطون فلسفي اندر زبردست واڌارا ڪيا، سندس فلاسافيڪل ٽريٽمينٽ خاص طرح ڌيان لهڻي. توهان ”ريپبلڪ“ (Republic) پڙهندؤ ته حيران رهجي ويندؤ. سڄو ڪتاب ان کان شروع ٿئي ٿو ته انصاف ڇا آهي؟ ۽ هن جو طريقي ڪار اهو آهي ته هو مخالف کي ڪڏهن به ڪونه چوندو آهي ته تون غلط آهين، هو پهرين چوندو، پوءِ کانئس ئي دليلن سان چَوَرائيندو ته هو غلط ڪيئن آهي. تنهنجي ڳالهه صحيح آهي. هن جو ڪردار سُقراط آهي. هن جي سمورين لکڻين ۾ هُو پاڻ نه ٿو ڳالهائي. دنيا جا ڪيترائي ماڻهو چون ٿا ته دراصل سُقراط ڪا شيءِ نه هو، اهو افلاطون پاڻ هو، جنهن سُقراط جي نالي ۾ پنهنجون ڳالهيون ڪري ڇڏيون. سُقراط اصل ۾ ڇا هو؟ پاڻ کي خبر نه آهي. رڪارڊ ٿيل شيون هيون ڪونه جو ماڻهو پرکي سگهي. اسان جيڪي سڀ شيون ڏٺيون، دنيا ڏٺيون اهي ته افلاطون جون آهن. انهن ۾ ڪردار هُن جو آهي. ممڪن آهي ته هُن چيون هجن پر ممڪن آهي ته ايئن نه به هجي. هو به ڏاهو هو ۽ هن اُن ۾ پنهنجون فنڪاريون به ڪيون هونديون. مثال طور هو ڪڏهن ان موضوع تي ڳالهائيندا هئا ته انصاف ڇا آهي؟ هاڻي هڪڙو گروپ ويٺو آهي، ان ۾ سُقراط ۽ ٻيا ماڻهو ويٺا آهن، انهن مان هڪ ماڻهو چوي ٿو ته انصاف اهو آهي ته توکي آئون ڪا امانت ڏيان ۽ پوءِ توکان واپس وٺڻ اچان ۽ تون واپس ڏين ته پوءِ انصاف ٿي ويو. جڏهن ته اتي جيڪا سُقراط جي ٽريٽمينٽ آهي، اها ڪمال جي آهي. هُو سڌو سنئون ان ماڻهوءَ کي ايئن ڪونه چوندو ته تون غلط آهين. هو چوندو، ”فرض ڪر، تو مون کي ڇُرو ڏنو ۽ تون پوءِ چريو ٿي وئين، پوءِ تون وري مون ڏانهن موٽي آئين ۽ مون کي چيو ته هاڻي مون کي منهنجو ڇُرو موٽائي ڏي. اُهو آئون توکي موٽائي ڏيان ته معنيٰ انصاف ٿي ويو؟ اها ته غلط ڳالهه ٿيندي، پوءِ تون چريائيءَ ۾ ڪنهن کي ڇُرو هڻي ڇڏين. معنيٰ تنهنجي ڳالهه صحيح نه آهي.“ پوءِ سڄو ڪتاب ان بنيادي سوال تي ٿو هلي ته انصاف ڇا آهي؟ اهڙيءَ طرح سڄي رياست جو خاڪو ۽ تصور ٿو اُڻي، جيئن مايون ڀرت ڀرينديون آهن، ان سوال جي ڌاڳي ۽ سُئيءَ سان ته آخر انصاف ڇا آهي؟ هن جا اهي ڪارناما آهن، هو آئيڊيل ازم جو بادشاهه هو. ساڳيءَ طرح ارسطو به غيرمعمولي فلسفي هو، هن تباهيون ڪري ڇڏيون. هن به غيرمعمولي ڪارناما ڪيا. هو منطق جو بادشاهه هو، علم الڪلام جو بادشاهه هو. هو دليلن جي نظام جي علم جو بادشاهه هو. يوناني فلسفو ارسطوءَ تي ختم ٿئي ٿو. هو پهريون ماڻهو هو جنهن ادبي تنقيد جا بنياد وڌا. ادبي تنقيد جو مؤجد ۽ ادبي تنقيد جي علم ۽ فن جو باني ارسطو هو، اُن زماني ۾ گهڻي شاعري هئي، نثر تمام گهٽ هو. ادب جي دنيا اندر تنهن زماني ۾ صنفون تمام ٿورڙيون هيون، يونان ۾ ڊراما هئا، شاعري هئي، ۽ افسانا يا ناول وغيره نه هئا. هن جو هڪ ڪتاب آهي پوئٽڪس (Poetics) يعني شعريات، شاعريءَ کي ڪيئن سمجهجي ۽ شاعريءَ کي ڪيئن پروڙجي؟ ان موضوع جو بهترين ابتدائي فلسفياڻو ڪتاب آهي. ادبي تنقيد جي علم ۽ فني نظام جو باني ارسطو هو. تمام گهڻيون شيون ڪيائين، سائنسدان ۽ رياضيدان هو ۽ ساڳيءَ طرح، جيئن ته آئيڊيلسٽن جو بادشاهه هو. افلاطون جو شاگرد هو. ان لحاظ کان فلسفي کي نقصان به ڏنائين. اهو سڄو ٿلهه ٻڌي اچون ٿا، 17هين صديءَ تي ته نئين سجاڳيءَ جي دؤر جي حوالي سان ان ۾ ٿيو ڇا هو؟ڇاڪاڻ ته اهو ٻڌائڻ ضروري هو. جي نه، ته اها خبر نه پوي ها ته هن دؤر ۾ ڇا ٿيو، جنهن تي پاڻ ڳالهايون پيا. ارسطوءَ کان پوءِ فلسفي جي ارتقاءَ ۽ اؤسر يورپي سماج ۾ بيهجي، مسلمانن ڏي منتقل ٿي وئي. فلاطينوس جي معرفت اتي شيون ترجمي جي روپ ۾ پهتيون، پر ان ۾ وڏا بريڪ ٿروز ڪونه ٿيا. فلسفي اندر ڪجهه رواجي واڌارا ٿيا، ڪجهه سٺا واڌارا ٿيا، اهي مسلمانن ڪيا پر فلسفي ڪو وڏو ڇال ڏنو هجي، ايئن ڪونه ٿيو ۽ اهو پورو دؤر فلسفو ڪنهن غيرمعمولي ڇال کان محروم رهيو. سورهين ۽ سترهين صديءَ ۾ خاص طور تي ٻه بنيادي ماڻهو هئا ۽ پوءِ گهڻا ماڻهو، جن وري فلسفي کي نئون اُڀار ڏنو- ۽ اهي ماڊرن مغربي فلاسافيءَ جا باني آهن. زبردست فلسفي ۽ غيرمعمولي ماڻهو آهن، پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهي غلط به آهن. هڪڙي ماڻهوءَ جو نالو آهي فرانسس بيڪن، جيڪو پندرهن سئو ايڪهٺ (1561ع) ۾ ڄائو ۽ سورنهن سئو ڇويهن (1626ع) ۾ وفات ڪيائين ۽ ٻيو ڊيڪارٽ هو، جنهن جو جنم پندرهن سئو ڇهانوي (1596) ۾ ٿيو ۽ سورنهن سئو پنجاهه (1650ع) ۾ سندس وفات ٿي. انهن کانسواءِ ٿامس هابس به هو، جنهن جو جنم پندرهن سئو اٺاسي (1588ع) ۾ ٿيو ۽ سورنهن سئو اڻاسيءَ (1679ع) ۾ وفات ڪيائين. بنيادي طرح هنن ماڻهن ٻه ڪم ڪيا. ذهن ۾ رکجي ته هو هئا غلط، پر ان ڳالهه جي اهميت ڪانهي. اهميت ان ڳالهه جي آهي ته فلسفي جو اهو سلسلو جنهن بلنديءَ تي رڪيو هو، هنن ”هتان کڻي هت، جن رکيو سي رسيا“ واري ڪار ڪئي. هنن اها شيءِ اتان کڻي وري ان جو نئين سر آغاز ڪيو- ان جي ليول تان. دراصل اهي فلسفي جي اندر ابتدائي ماديت پسنديءَ جي دؤر جا باني هئا. پر هئا آئيڊيلسٽ ۽ اها به عجيب غريب ڳالهه آهي ته هو مڪمل طرح آئيڊيلسٽ هئا ۽ فلسفي اندر ماديت پسنديءَ جا پهريان باني به هئا. ساڳئي وقت هنن ٻه ٽي ٻيا به ڪارناما ڪيا. هنن کان اڳ ۾ فلسفي جو بادشاهه ارسطو هو. بيڪن اچڻ سان ارسطوءَ کي فلسفي جي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ آڻي بيهاريو. ارسطوءَ تي جيڪو پهريون حملو ڪيائين، ان ۾ چيائين ته ارسطوءَ فلسفي ۽ سائنس کي ايترو ته نقصان رسايو آهي جو صدين تائين ان نقصان جي تلافي ٿي نه سگهندي. اهو نقصان هو ته ارسطو سائنس ۾ مقصديت کي آندو ۽ هن الاهيات کي سائنس سان ملايو. هن چيو ته سائنس ۾ مقصد معنيٰ سائنس جو موت. سائنس کي ان کان وڌيڪ نقصان ڇا رسندو، جو انهيءَ ۾ مقصد وڌو وڃي؟ سائنس ۾ مقصد ٿي سگهي ئي نٿو، ان ۾ مقصد هجڻ ئي نه گهرجي. سواءِ ان جي ته سائنس ۾ مسلسل جستجو ڪجي، مسلسل ڳولا ڪجي، ان مسلسل جستجوءَ جو نالو سائنس آهي. جيڪڏهن ان ۾ مقصد رکبو ته پوءِ هڪڙيون شيون ڪنهن نه ڪنهن طرح ثابت ڪرڻيون پونديون. اهي سڀ سوال بيڪن اُٿاريا. هُن کان اڳ فلسفي جي جيڪا عظيم عمارت هئي، جيڪو ارسطو هڪ وڏو جبل هو، ان تي هن وار ڪيو ۽ هن چيو ته ارسطو عظيم فلسفي آهي، ان ۾ ته ڪو شڪ نه آهي پر عظيم فلسفي هوندي به، هن سائنس ۽ فلسفي کي جيڪو نقصان ڏنو، ان جي تلافي صدين تائين نه ٿي سگهي، جو دراصل هُن عقيدي، سائنس ۽ فلسفي کي پاڻ ۾ ملائي ڇڏيو. هُن الاهيات ۽ مقصديت کي سائنس ۽ فلسفي ۾ آندو. اُن زماني ۾ ٻي به هڪ زبردست ڳالهه ٿي، ان کي پاڻ فلاسافيءَ جي ٻوليءَ ۾ عقليت پسنديءَ جو دؤر “Age of Reason” چوندا آهيون. سورهين صديءَ جو آخري حصو ۽ سترهين صدي پوري کي اسان فلاسافيءَ جي ٻوليءَ ۾ عقليت پسنديءَ جو دؤر چوندا آهيون، معنيٰ هر ڳالهه کي عقل جي بنياد تي پرکيو وڃي. پوءِ نتيجا غلط نڪرن يا صحيح- اهو ٻيو سوال آهي. هاڻي توهان سمجهو پيا ته ڇو ان جي اهميت آهي؟ سوين سال ڪليسا عقل کي ڌرتيءَ تي پير کوڙڻ نه ٿي ڏنو. اهو دؤر جهالت ۽ غلاميءَ جو ۽ سڀني شين جي پسماندگيءَ جو دؤر هو. هنن سڀني عظيم فيلسوفن فلسفي جي شعبي مان عقيدي کي ٻاهر ڦٽو ڪيو ۽ هنن سماج ۾ عقل ۽ عقليت پسنديءَ (Rationality) کي زمين تي پير کوڙڻ جي جاءِ پيدا ڪري ڏني. انهيءَ ڪري اهي سڀ عظيم ماڻهو هئا. ڪاپرنيڪس وانگر هنن جا فلسفا به غلط هئا، پر ان کان وڌيڪ اهميت ان ڳالهه جي آهي ته هنن تاريخ ۾ ڪجهه زبردست بريڪ ٿروز ڪيا. هنن سائنس ۽ فلسفي مان عقيدي کي تڙي ڪڍيو. ڊيڪارٽ وڏو رياضيدان هو، هن به وڏو زبردست ڪم ڪيو، توڙي جو هنن ٽنهي ۾ وڏو فرق هو، مثال طور بيڪن چوندو هو ته احساس کي فيصلو ڪرڻ ڏيو، هن جو چوڻ هو ته دراصل عقل ۽ احساس ٻئي ماڻهوءَ ۾ موجود آهن، سوال اهو آهي ته ماڻهوءَ جي اندر سُپيريئر فيڪلٽي ڪهڙي آهي؟ عقل يا احساس؟ اهي ته ٻئي ماڻهوءَ وٽ آهن. ماڻهو محسوسات ۾ به فيصلا ڪندو آهي، ماڻهو عقل ۾ به فيصلا ڪندو آهي. پس و پيش مجموعي طرح ڪهڙي شيءِ وڌيڪ سپيريئر آهي؟ احساس يا عقل؟ فلسفي ۾ اهو وڏو ڦڏو آهي. ان پوري علم جو نالو اپسٽيمولاجي يعني علم العلم (Theory of Knowledge) آهي، اهو فلاسافيءَ اندر پورو زبردست سبجيڪٽ آهي، ۽ منهنجو فيوريٽ سبجيڪٽ آهي. علم العلم ۾ عقل ۽ احساس جو مسئلو ڇا آهي؟ ان کي عقل بمقابله احساس (ريزن ورسز سينسيشن) چئبو آهي. عقل ۽ احساس جو پاڻ ۾ ڪهڙو تضاد آهي؟ آئون ان خيال جو آهيان ته ان ۾ حدِ فاصل ڪري سگهجي ئي نٿي. منهنجو خيال آهي ته غيرمعمولي عقل کان سواءِ غيرمعمولي احساس جنم نه وٺندو، ۽ غيرمعمولي احساس کان سواءِ غيرمعمولي عقل اڳتي نه وڌندو. اهي هڪٻئي سان گڏ آهن، هڪٻئي کي سپورٽ ڪن ٿا، اهي هڪٻئي کان سواءِ اڳتي ڪونه وڌندا. مثال طور، هڪڙو جنگي سورمو آهي، جيڪو ميدانِ جنگ ۾ سِر ڏئي ٿو، توهان جي خيال ۾ ڇا هو سوچي سِرُ ڏيندو؟ هو ته پنهنجي احساساتي بلنديءَ تي بيهي سِر ڏيندو، ميدانِ جنگ ۾ تجزيا ۽ دانشوري ڪري ته سِر نه ڏيندو . دراصل هو پنهنجي احساساتي بلنديءَ جي ان پَدَ تي پهتل هوندو آهي، جتي هو پنهنجي مارجڻ جي احساس کان بي نياز ٿي ويندو آهي، تڏهن ته ائين ڪري سگهندو آهي. جيئن ماءُ آهي، هوءَ رات جو ويهي سوچي ته هن (ٻار واري) مصيبت کي هيترو ويهي پاليان، هن کي رات جو اوجاڳا ڪري ويهي کير پياريان، هيءُ وڏو ٿي ڀائيندو الائي نه؟ ته ڇا هوءَ ان ٻار لاءِ جاڳي سگهندي؟ هوءَ احساساتي بلنديءَ تي اچي، عقل کان بي نياز ٿي اهي شيون ڪري ٿي. ان ۾ تضاد به آهي، ڪڏهن ڪڏهن توهان جو احساس توهان جي جائز عقلي ڳالهه جي نفي ڪندو آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن توهان جي جائز احساساتي شيءِ جي توهان جو عقل نفي ڪندو آهي. اهي ٻئي شيون فطري آهن، پر آئون ان خيال جو آهيان ته ٻنهي ۾ تضاد به آهي، ٻئي حقيقتون به آهن، ٻئي ضروري شيون به آهن ۽ دراصل انسان جي انهن ٻنهي شين، مختلف شعبن ۾، پنهنجو غيرمعمولي اظهار ڪيو آهي. اڄوڪي زماني ۾ جيڪو علم اُسري چڪو آهي، ان جي خيال کان اسان کي ڏسڻو اهو آهي ته عقل ۽ احساس جو سوال ڇا آهي؟ دراصل اهي ٻئي انسان جا ڄاڻ ۽ سمجهه جا ذريعا (Sources of Knowledge) آهن. ان حوالي کان بيڪن جو چوڻ هو ته زندگي ۽ سماج بابت، توڙي ڪائنات بابت سوچڻ ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ ۾ جيڪا شيءِ ماڻهوءَ جي اڳواڻي ڪري اهو عقل هجي، احساس کي اڳواڻي ڏبي ته ماڻهو حقيقت پسنداڻا فيصلا ڪري نه سگهندو ۽ هن ۾ حقيقت پسند سوچ اڳتي نه اُڀري سگهندي. ايئن ٿامس هابس، مٽيريلسٽ هو، اهو ڳالهه اُبتي ڪندو هو. ڊيڪارٽ رياضيدان هو ۽ عقليت پسنديءَ جي دؤر جو ماڻهو هو، ۽ ان ۾ ٻئي عجيب غريب شيون هيون. هو ساڳئي وقت زبردست آئيڊيلسٽ به هو ۽ مٽيريلسٽ به هو. اسپينوزا هو، ٻيا تمام گهڻا ماڻهو هئا. جرمني ته فلسفي جو ڳڙهه هو. ڪانٽ ۽ هيگل وڏا غير معمولي فلسفي هئا. دنيا جو عظيم ۽ يگانو مفڪر، ڏاهو ۽ فلسفي مارڪس جرمنيءَ جو هو. اهڙو هڪ تمام ڊگهو سلسلو آهي. پر ان دؤر ۾ بيڪن ۽ ڊيڪارٽ گڏجي عقليت پسنديءَ جو دؤر آندو. منهنجي خيال ۾ يورپ جي ان مخصوص تاريخي پسمنظر ۾ اها غيرمعمولي ڳالهه هئي. صدين کان عقيدي ۾ گِهلجندي، ماڻهو تباهه ٿي ويا هئا، فلسفي کي بنياد نٿي مليو ۽ سائنس ڪانه پئي اُسري، ۽ بيڪن چيو ته سائنس ۾ مقصديت ناجائز ۽ غلط آهي، ۽ ڊيڪارٽ ڇا چيو؟ جيئن ته هو رياضيدان هو، ان ڪري هو منطق جو بادشاهه هو. ڊيڪارٽ چيو ته جنهن شيءِ کي منطق ثابت نه ڪري اها نه بيهڻ کپي. ڀلي عقيدو هجي. جنهن شيءِ کي منطق ثابت نه ڪري، دليل ثابت نه ڪن، اها شيءِ نه مڃڻ کپي. هاڻي توهان سمجهيو ته اها ڪيڏي وڏي ڳالهه آهي. ماڻهو اهو طئي ڪري ڇڏي ته جنهن ڳالهه کي دليل ثابت ڪن اها شيءِ بيهڻ کپي. دليل معنيٰ عقل جي ڳالهه. ته دراصل هنن فلسفي اندر هڪڙو نئون تصورن جو، قدرن جو ۽ پئمانن جو نظام آندو ۽ فلسفي کي نوان موضوع ڏنا ۽ آئون ان خيال جو آهيان ته جيڪڏهن ههڙا ماڻهو نه هجن ها ته مارڪس فڪري معنيٰ ۾ پيدا ٿئي ها ڇا؟ مارڪس رڳو ان ڪري عظيم نه آهي ته هن رڳو پاڻ سڀ فڪري ايجادون ڪيون، پر اهي سڀ ڏاها هئا جن انهن شين جا بنياد رکيا. مارڪس ان جو تسلسل آهي ۽ مارڪس فلسفي کي لڳ ڀڳ سائنس جو درجو ڏئي ڇڏيو. ممڪن آهي سڀاڻي اڳتي هلي مارڪس کان هزار ڀيرا وڌيڪ وڏا ماڻهو اچن. هيءُ هڪ عملي، سائنسي ۽ فڪري تسلسل آهي، هنن مان هر ڪنهن جي ڳالهه غلط ثابت ٿي سگهي ٿي. عقيدي جو مسئلو ئي نه آهي، اسان جو عقيدي سان واسطو ئي نه آهي. اسان جو واسطو حقيقت سان آهي. جيتري واسطيدار ڳالهه هوندي اوتري مڃبي، جيتري نه هوندي ان کان ٻانهون ٻڌي موڪلائبو. اهو ئي ته اسان سڄيءَ ڳالهه مان سکيو آهي. اهو ئي ته رويو سائنس آهي. ان ڪري هيءَ جيڪا پوءِ ماڊرن سائنس ۽ ماڊرن فلاسافي اڳتي وڌي آهي، ان جو بنياد اهي رويا ۽ اهي ماڻهو هئا ۽ اهي ماڻهو هئا جن ميٿاميٽڪس، سائنس ۽ فلاسافيءَ جي پاڻ ۾ ميريج ڪرائي. توهان کي خبر آهي ته ميٿاميٽڪس کي فلاسافيءَ جي ٻوليءَ ۾ ڇا چئبو آهي؟ ميٿاميٽڪس فلسفي جي زبان آهي، ميٿيميٽڪس دراصل سائنسي لاجڪ جي زبان آهي. آئون توهان کي هڪڙو دلچسپ مثال ڏيان، توهان سمجهي ويندؤ ته اها ڪيئن آهي؟ توهان انٽر ۾، مئٽرڪ ۾ ميٿاميٽڪس جا فارمولا پڙهيا هوندا، تمام سمپل فارمولا آهن، مائنيس ان ٽو مائينس (-x-=+)، ٻڌايو ڇا؟ پلس ان ٽو مائنس (+x-=-)، ٺيڪ. مائنس ان ٽو پلس (-x+=-) مائنس، پلس ان ٽو مائنس (+x-=+) مائنس، پلس ان ٽو پلس (+x+=+)، پلس- هاڻي فلسفي تي اچو. جدليات تي اچو، نفيءَ جي نفي ڇا ٿيندو؟ اثبات ٿيندي - هاڻي ڇڏي ڏيو رياضيءَ کي. هاڻي اچو فلسفي جي ٻوليءَ ۾- نفي ۽ اثبات- نفي معنيٰ مائنس، اثبات معنيٰ پلس- زندگيءَ ۽ سماج ۾ اثبات جي نفي ڪبي ته ڇا ٿيندو؟ اثبات معنيٰ بهتر شيءِ- نفي معنيٰ ان جو انڪار، اثبات جي نفي ڇا ٿيندي؟ نفي ٿيندي نه؟ نفيءَ جي اثبات ڪبي ته ڇا ٿيندو؟ بڇڙائيءَ جي اثبات ڪبي ته نفي ٿيندي. ميٿاميٽڪس ۾ جيڪي حُسناڪيون آهن، جي توهان ان جا مزا وٺو ته ميٿاميٽڪس واقعي افلاطون وانگر هڪڙي پيار ڪرڻ جهڙي شيءِ آهي. اها منطق، فلسفي يا فزڪس جي زبان آهي. يورپ اندر ٻيو به هڪ غير معمولي ڪم ٿيو ۽ جيڪا تمام وڏي ڳالهه ٿي، اُها هيءَ ٿي ته يورپ جي ڪجهه ملڪن ۾ خاص طور تي ڊينمارڪ، بيلجيم، انگلينڊ ۽ هالينڊ ۾ به ڪنهن حد تائين پندرهين ۽ سورهين صديءَ کان وٺي صنعتڪاريءَ جو دؤر ٿي چڪو هو، جيڪو تاريخ ۾ صنعتي انقلاب چورائي ٿو. ايئن ڪونهي ته دنيا ۾ فقط سماج جي اؤسر ۽ ترقيءَ ۾ شاعرين ۽ افسانن ڪم ڪيو آهي، جيئن ٻوڙ ۾ سڀ شيون کپن، لوڻ به کپي، مرچ به کپن، گيهه به کپي، ڀاڄي به کپي، ڌاڻا به کپن، گدامڙي به کپي وغيره. ايئن ئي سماج جو چڪر آهي. جنهن ۾ فلسفو به کپي، سائنس به کپي، آرٽ به کپي، ميوزڪ به کپي، اهي سڀ شيون کپن. پاڻ کان ڪيترائي عظيم انسان رهجي به ويا، جيئن نيوٽن هو. ڪيترن ماڻهن جا نالا کڻون؟ گليلو جي پاڻ ڳالهه ڪري سگهون ٿا. اهي تمام وڏا ماڻهو هئا. نيوٽن پنهنجي ڪتاب”پرنسپيا“ ۾ حرڪت جا قانون ٻڌايا ۽ ٻيون شيون ٻڌايائين، چون ٿا ته ان ڪتاب کي فقط انساني تاريخ ۾ ڊارون جي ڪتاب سان ئي ڀيٽي سگهجي ٿو؛- ته ”پرنسپيا“ به اوڏو وڏو ڪتاب آهي جيڏو ”اوريجن آف اسپيشيز“ آهي. اهي غير معمولي شيون آهن، نيون ڳالهيون آهن، ان دؤر ۾ هڪ ٻي به غيرمعمولي ڳالهه ٿي ته ان دؤر ۾ صنعتي انقلاب آيو، هاڻ صنعتي انقلاب جو مطلب ته صنعتڪاري ٿي، پيداواريءَ ۾ تيزي آئي، پيداوار وڌي، ته پيداوار جو وڌيل اهو سامان ڪن ڪيڏانهن؟ معنيٰ واپار ڪن؟ ان کي کپائين، کپائين ڪيئن؟ پهچ جو وڏو مسئلو آهي، چوندا آهن ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي، سو جهاز سازي اُن زماني ۾ ايجاد ٿي. اهو انساني تاريخ جو غيرمعمولي ڪم هو. ايڏو ئي غيرمعمولي ڪم هو جيڏي ڪاپرنيڪس جي ٿيوري هئي. ايڏو ئي جيڏيون مائيڪل اينجلو جون پينٽنگز هيون. ايڏو ئي وڏو جيڏا ٻين شعبن ۾ ڪيل ڪم هئا. لوٿر ڪنگ واري موومينٽ جيڏي وڏي ڳالهه هئي ته پاڻيءَ جو جهاز ٺهي ويو. جهاز سازيءَ ۽ جهاز رانيءَ جي شروعات ٿي. يورپ جو جيڪو شهر سامونڊي گيٽ وي هو، اُهو هيمبرگ آهي. اهڙو خوبصورت شهر آهي جو وڃڻ سان توهان ان شهر تي عاشق ٿي پوندؤ. اهو شهر اڄ تائين قديم حالت ۾ محفوظ رکيو ويو آهي. توهان گهٽين ۾ گهمندؤ ته توهان کي لڳندو ته هيءُ پندرهين صديءَ وارو ساڳيو شهر آهي، اهي سڀ عمارتون ۽ اهي شيون انهيءَ حالت ۾ بيٺيون آهن. عمارتن کي رنگ به ڪونه ٿا ڪن. هيمبرگ وٽان جهاز راني شروع ٿي، ان جي ڪري واپار جا لاڳاپا تيز ٿيا، اسپين کي وڏو موقعو ملي ويو ۽ جتي جتي سامونڊي علائقا هئا، جتي جتي سمنڊ هو، واپار ۾ تيزي اچي وئي، پيداوار ۾ تيزي اچي وئي ۽ جڏهن واپار ۾ تيزي آئي ته معنيٰ ڇا ٿيو؟ معنيٰ پئسو وڌيو ۽ مان توهان کي عجيب غريب ڳالهه ٻڌايان، شايد توهان کي حيرت به ٿئي، اُن زماني ۾ عجيب شيون ٿيون. مثال طور آمريڪا دريافت ٿيو. آمريڪا جي دريافت ڪولمبس وڃي ڪئي. هو پاڻيءَ جي جهاز ۾ هو، واپار جي چڪر ۾ پيا رُلندا هئا، ايئن رُلي رُلي آمريڪا کنڊ طور دريافت ڪيائون. اهو جهاز تي دريافت ٿيو ۽ اهو دريافت ٿيو ته لاڳاپا وڌيا، سڄيءَ دنيا سان، جهان سڄي سان، پاڻيءَ جي رستي جي ڪري هيستائين واسطا وڌيا، تنهن ڪري واپار وڌيو، تمام گهڻيون شيون ٿيون، صنعتڪاري ٿي، پيداوار وڌي ۽ هاڻي ڏسو ته هڪڙي شيءِ مان ٻي ڪيئن ٿي جنم وٺي؟ جڏهن صنعتڪاري ٿي، پيداوار وڌي، وسيلا وڌيا، پئسو وڌيو، پيداواري لڳ لاڳاپا تيز ٿيا ته معنيٰ نيون پيداواري قوتون ٺهيون. جڏهن پيداوار وڌي ته پيداوار جي ڪري ضرورت تحت مشينون ايجاد ٿيون. هيءَ ٽيڪنالاجي گهڻي ڇو ايجاد ٿي؟ مشينون ايجاد ٿيڻ ضروري هيون، نه ته صنعت ڪيئن لڳي ها؟ ان ۾ تمام تيز رفتاري آئي، هاڻي اهو جيڪو پورو پراسيس آهي، پيداوار، پيداواري ذريعا، پيداواري لاڳاپا، انهن سڀني شين جو حاصل نتيجو ڇا آهي؟ ته سماج جي اندر نيون پيداواري قوتون جنم وٺن. معنيٰ مڊل ڪلاس، بورجوا، سرمائيداري ۽ هتي سرمائيداري هڪڙي تمام ترقي پسند ڳالهه آهي. جيتوڻيڪ سرمائيداري جديد دؤر جي بڇڙائي آهي پر اها جاگيرداريءَ جي ڀيٽ ۾ ته ترقي پسند آهي. پنهنجين سمورين بڇڙاين هوندي به تاريخ جي ان مخصوص ڏاڪي تي، تاريخ جي هڪڙي نئين لقاءَ طور ۽ هڪڙي نئين نظام طور اهو نظام ترقي پسند هو- پنهنجي اڳوڻي نظام جي ڀيٽ ۾ جيڪو جاگيرداريت هو. جڏهن يورپ اندر صنعتي دؤر آيو، اهي سڀ شيون ٿيون ته جيڪي پيداواري قوتون يورپ جي اندر پيدا ٿيون تن جا مرڪز ڪنهن حد تائين انگلينڊ، بيلجيم، ڊينمارڪ ۽ هالينڊ هئا. اهي پيداواري قوتون جڏهن اُسريون، جڏهن طاقتور ٿيون ته پوءِ ڇا ڪنديون؟ ظاهر آهي ته وڙهنديون نه، پاڻ کان اڳوڻي متروڪ شيءِ سان. ٻه ڪم زبردست ٿيا. سموري فلسفي، سائنس، علم ۽ سجاڳيءَ جي ڪري پادري، ڪليسا ۽ چرچ جو اثر گهَٽيو. مُلائيت جيڪا هُنن جي هئي، انهيءَ جو اثر گهٽيو، ان کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. تاريخي طور ان مان هوا نڪري وئي، ان جو اهو اڳوڻو اثر ڪونه رهيو. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايئن ٿيو جو جڏهن ڪاوڙجي ڏمرجي پوپ روم مان خط لکيو، نياپو موڪليو، مارٽن لوٿر کي ته تو ڏوهه ڪيو آهي، تون ڏوهي آهين، تون اچي پيش پئهُ ته هن انڪار ڪري هن کي چيو ته تون اچي پيش پئهُ. ايئن تاريخ ۾ ڪڏهن ٻڌو ئي ڪونه ويو هو، پر هاڻي اهڙا ڪم ٿيڻ شروع ٿيا. معنيٰ ان سڄي آرٽ، فن، سائنس ۽ انهن سڀني شين جيڪا مجموعي سجاڳي آندي، جيڪو اٿاهه علم آندو، انهيءَ ان عقيدي جي نظام ۽ ان عقيدي جي نظام جي سنڀاليندڙ ۽ وارث قوت يعني پاپائيت جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي؛ ۽ ٻئي پاسي جيڪو صنعتي انقلاب آيو، ان صنعتي انقلاب جي نتيجي ۾ نيون پيداواري قوتون ٺهيون. جيڪو نئون مڊل ڪلاس ٺهيو، نئون بورجوا ڪلاس ٺهيو ۽ نئون صنعتي مزدور به ٺهيو، انهن پاڻ بدران پنهنجي ڀيٽ ۾ آيل نظام سان چٽا ڀيٽي ڪرڻ شروع ڪئي، ان سان ويڙهه ڪرڻ شروع ڪئي. اها ڳالهه فطري به آهي ۽ ظاهر آهي ته ٻه نظام گڏ هلندا ته پاڻ ۾ وڙهندا. سو بورجوا ڪلاس ۽ اُڀرندڙ مڊل ڪلاس ان جاگيرداريت سان وڙهڻ شروع ڪيو. ظاهر آهي ته اهو بورجوا ۽ جيڪو نئون ڪلاس هو ان جي مفادن جي نگهباني جاگيرداريت ۾ ناممڪن هئي. هنن جي معاشي مفاد ۾ هو ته هو نظام کي بدلائين ۽ اڳوڻي نظام کي ڊاهي پٽ ڪن ۽ نئون نظام ٺاهين. هنن جي اها خواهش ڪا هرو ڀرو ڪانه هئي. هنن جو معاشي مفاد ان ڳالهه ۾ رکيل هو ته جاگيرداريت ختم ٿي دفن ٿئي، نيون حڪومتون ٺهيون. هاڻي ڳالهه کي صفا اڳتي کڻي ٿا هلون ته ان سڄي ڳالهه وڃي ڇيهه ڪيو 1789ع ۾ جنهن کي فرينچ انقلاب چئبو آهي. توهان جيڪڏهن ناول پڙهندا آهيو ته فرينچ ناولن جهڙا ناول دنيا ۾ ڪڏهن ٿيا ئي نه آهن، اهي وڏا زبردست آهن. ڊڪنس جون شيون پڙهو، پڪ وڪ پيپرس، ٽيل آف ٽوسٽيز، تمام گهڻيون شيون آهن، اسٽينڌال ۽ ٻيا تمام گهڻا رائيٽر آهن. اهو يورپ جو پورو دؤر ڪيئن هو، توهان کي انهن لکڻين مان ان مان خبر پوندي.
1789ع ۾ فرينچ انقلاب آيو، جيڪو تاريخ جو پهريون بورجوا جمهوري انقلاب هو ۽ ان انقلاب سان دراصل عالمي طور تي جاگيردار طبقو ۽ جاگيرداريت هڪڙي نظام طور ختم ٿي وئي. ان جي باقيات پوريءَ دنيا ۾ موجود هوندي پر عالمي نظام طور اُها ختم ٿي وئي. جيئن باقيات ٻين سمورين شين جون آهن، تيئن هي جيڪي پاڻ وٽ مصيبتون آهن اهي به ان متروڪ عالمي نظام جون باقيات آهن. اڄوڪي زماني ۾ جاگيرداريت عالمي نظام طور ختم آهي، ان نظام جي باقيات آهي، پسمانده سماجن ۽ اسان جهڙن ملڪن ۾ نه ته عالمي نظام طور اهو ختم آهي. پر دلچسپ ڳالهه اها آهي، جيئن مون چيو ته ڪائونٽر موومينٽ، ڇو ته ظاهر آهي ته صدين ۾ اهو طبقو ٺهيو هو، نظام هليو ويو، جاگيردار طبقي پاڻ کي وري ڌڪ پچائي منظم ڪيو، ۽ ڪجهه ئي عرصي اندر ڪائونٽر ريووليوشن آيو ۽ سرمائيدارن کي موچڙا هڻي ڪڍي ڇڏيائون. وري جاگيردارن جو دور موٽي آيو- يورپ اندر فرانس ۾. ڪجهه عرصي کان پوءِ سرمائيداريءَ وري پاڻ کي منظم ڪيو، اها پوري ڪائونٽر موومينٽ ٿي ۽ پوءِ اهو حتمي ڌڪ هو. ان مان جاگيردار چڙهيا ئي ڪونه. ايئن يورپ ۾ ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ جاگيرداريءَ جو خاتمو آيو. يورپ ۾ بورجوا جمهوريت آئي ۽ اهو انساني تاريخ جو هڪڙو نئون دؤر هو. سڀ کان دلچسپ ڳالهه اها ته ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ ۾ ۽ خود سائنس جي ترقيءَ ۾ جيڪي غيرمعمولي واڌارا آيا، اهي سرمائيداري نظام جي ڪري آيا. هڪڙي پاسي سرمائيداري نظام معاشي معنائن ۾ ماڻهن جا روح قيد ڪيا پر اهو جاگيرداريءَ کان وري به بهتر هو. ٻئي پاسي، جيئن ته سرمائيداري نظام جون پنهنجون گهرجون آهن. ان کي حالتون کپن، شيون کپن، ان کان سواءِ اهو هلي ڪونه سگهندو. ان کي مارڪيٽ کپي، ان کي ٽيڪنالاجي کپي، ان کي ڪميونيڪيشن کپي، ان کي واپار جا سڀ ذريعا کپن. تعليم کان سواءِ ان جو ڪم نه هلندو، ان ڪري سرمائيداريءَ کي اهي سڀ شيون کپن پر گهڻي ۾ گهڻو فرق اهو آهي ته ٽيڪنالاجي ۽ سائنس جي ترقيءَ ۾ زبردست واڌارو ٿيو ان زماني ۾، ۽ اهو سرمائيداريءَ جي وڌڻ جي ڪري ٿيو. ڇاڪاڻ ته اهو نظام ان کان سواءِ اڳتي وڌي نه سگهي ها. چڙهي ڪونه سگهي ها.
ادب جو جيڪو دؤر هو، ان ۾ مصوري ۽ فن، تعميرات جو فن، خود سائنس جو ابتدائي مرڪز اٽلي هو. جزوي طرح سائنس، فلسفي ۽ مذهبي سجاڳيءَ جو مرڪز جرمني هو. صنعتي انقلابن، تبديلين ۽ واڌارن جا مرڪز انگلينڊ، بيلجيم ۽ ڊينمارڪ هئا. اڄ به بيلجيم جي باري ۾ مشهور آهي ته جي توهان چنڊ تي وڃو ۽ چنڊ کان ڌرتيءَ ڏانهن نهاريو ته جيڪي به روشنيون نظر اينديون، اُهي برسلز جون هونديون. دنيا سڄي ۾ روشني آهي، پر برسلز جي باري ۾ اهو چيو ويندو آهي ته اهو ايڏو خوبصورت آهي، ايڏو روشن آهي جو وڃي چنڊ کان ڌرتيءَ ڏانهن نهاريو ته جيڪي به روشنيون ڏسندؤ اُهي روشنيون برسلز جون آهن ۽ جيڪي به وڻ ڏسندؤ جيڪا به ساوڪ هوندي، اها برسلز جي هوندي، اهي جيڪي به خوبصورتيون آهن اهي برسلز جون هونديون. اهي شاعرن جون خبرون آهن پر اها ڳالهه ڪنهن حد تائين صحيح به آهي. بيلجيم تمام حَسين ملڪ آهي. اهي ٿيا فن جا مرڪز. فرانس ۽ انگلينڊ ۾ ادب کي وري نئين سر اُڀار مليو. ادب جا مرڪز اٽليءَ کان منتقل ٿي آيا. اٽلي بيهجي وئي. پوءِ سورهين صديءَ جي آخر ۽ سترهين جي شروعات کان پوءِ اٽلي وري بيهجي وئي، ڇو ته اها پنهنجو تاريخي ڪم ڪري چڪي هئي. وري شيون فرانس ۽ انگلينڊ ڏانهن منتقل ٿي ويون. اتي ادب وڌي وري زبردست نموني پيدا ٿيو. خاص طور تي ناول ۽ ٻيون زبردست شيون ٿيون. شاعري، افسانا، ڊراما ۽ گهڻيون شيون ٿيون. اڻويهين صديءَ ۾ ٻه زبردست ڪم ٿيا. هڪ فرينچ انقلاب، اهو هو سياسي تبديليءَ جو پاسو ته ان وسيلي جمهوريت آئي. جيتوڻيڪ، صنعتي دؤر ۾ سائنس بابت عمومي ڳالهه ڪئيسون پر ڪيمسٽريءَ تمام وڏي ترقي ڪئي. ٻيو زبردست ڪم اهو هو. اهو ڪيمسٽريءَ جي ترقيءَ جو نتيجو ئي هو جو ٽيڪسٽائيل انڊسٽري اُڀري آئي. ٽيڪسٽائل انڊسٽري ڪيمسٽريءَ کان سواءِ چڙهي ئي ڪانه ها. ٻيون تمام گهڻيون صنعتون چڙهيون ئي ان ڪري جو ڪيميسٽريءَ ۾ واڌارا ٿيا. ٻيون به گهڻيون شيون ٿيون، تمام گهڻيون شيون ٿيون. اڻويهين صديءَ ۾ دوربينون ايجاد ٿيون، ايسٽرالاجي، فزڪس، ڪيمسٽري، فزيڪل سائنسز، بايولاجيڪل سائنسز جي تاريخ جو عروج شروع ٿيو، جنهن جو مؤجد سرچالس ڊارون هو. جنهن تاريخ جي سڄي ڪايا پلٽي ڇڏي. جنهن چيو ته دراصل زندگي ۽ فطرت جي ترقي، مسلسل ۽ لڳاتار ارتقا جي نتيجي ۾ ٿئي ٿي. ايئن ڪونهي ته شيون بيٺل آهن، زندگي متحرڪ آهي، مسلسل وڌي ٿي، اُها مسلسل تحرڪ ۾ آهي، مسلسل اُسري ٿي، ۽ فقط اها شيءِ ڄمي بيهي ۽ وڌي ٿي جنهن جو ڪارج آهي، ۽ جيڪا شيءِ اڪارج آهي، اُها مري وڃي ٿي. هر شيءِ ڄمي ٿي، وڌي ٿي، پوڙهي ٿي مري وڃي ٿي، هن ارتقا ۽ اؤسر جو پورو نظريو ڏنو. هن جي بايولاجيءَ سان وابستگيءَ ۽ گهري لاڳاپي جي ڪَٿَ هيئن ڪري سگهبي، ته هن جي پوري حياتي جهنگن ۽ ٻيلن ۾ گذري. هن وڃي هڪڙي هڪڙي جيت جڻين ۽ جانور سان ڏهه ڏهه سال گذاريا. ڪو مذاق ته نه آهي. هيءُ تمام وڏو ماڻهو هو، هن جي سڄي حياتي جانورن سان گذري وئي ۽ ماڻهو چريو چوندا هيس: الائي ڇا ٿو ڪري ويٺو اهو؟ ٻيلن ۾ ويٺو آهي، جهنگلن ۾ ويٺو آهي، نوريئڙن کي ڏسي ويٺو. جيت جڻيا ۽ جيڪي فطرت ۾ حياتياتي شيون آهن، هڪڙي هڪڙي جيوت کي هن ڏٺو. جيڪا به جيوت هئي، انهيءَ کي جزئيات ۾ سمجهڻ لاءِ، هن سالن جا سال ڳاريا، ۽ انهيءَ ڪم جي اونهائين ۾ گم ٿي ويو، پوءِ هن جيڪا شيءِ سامهون آندي، اُها تاريخ ۾ نئين ڳالهه ٿي وئي. هن فطرت جي باري ۾ ۽ زندگيءَ جي باري ۾، زندگي، سماجي نه پر نيچرل لائيف، جي باري ۾ هڪڙو بلڪل نئون نظريو سامهون آندو، جنهن اڳوڻن سمورن تصورن، جيڪي باقي تصور بچيا هئا، تن جا، عقيدن جا ڪم لاهي ڇڏيا. پوءِ گهڻو رد مليو، ٽڪراءُ ٿيو؛ ۽ ايئن ڪونهي ته فقط ان کي آسانيءَ سان قبوليت ملي. هر نئين شيءِ ۾ فشري ضرور ٿيندي آهي، پر تاريخي طور تي بريڪ ٿرو ٿي چڪو هو. نئين شيءِ ٿي وئي هئي ۽ ساڳيءَ طرح اڻويهين صديءَ ۾ مارڪس ۽ اينگلس به بنهه ڪمال ڪري ڇڏيو. هنن ڪائنات، زندگيءَ، فطرت ۽ سماج کي پروڙڻ ۽ پرکڻ جي ڳالهه ڪئي. جڏهن ته انهن کان اڳ، مثال طور، ڪانٽ تمام وڏو فلسفي هو- لاجڪ جي خيال کان تمام وڏو فلسفي هو، هن جو ڪتاب آهي ”ڪِرٽڪ آف پيور ريزن“ (خالص عقل تي تنقيد)، هاڻ هن جي سڄي ڀڳت ان باري ۾ آهي ته عقل آهي ڇا؟ ساڳيءَ ريت، پروفيسر هيگل تمام وڏو ۽ غير معمولي ماڻهو هو، جنهن جدليات جي ابتدائي بنيادن، جيڪي هيراڪليٽس ۽ ڊيموڪريٽس وڌا هئا، کي وري هٿ ۾ کڻي، انهن کي اؤج تي پهچايو. هاڻي ڊاروِن جي بايولاجيڪل سائنسز ۾ انقلاب جون جيڪي سوشل امپليڪيشنس هيون، اهي مارڪس ڪيون. يعني ڏسو ڪيئن شيون هڪٻئي کي سپورٽ ڪن ٿيون؟ اها پاڻ پهرين ڳالهه ڪئي. جيڪڏهن ڊارون جو اهو سائنسي انقلاب نه اچي چڪو هجي ها ته شايد مارڪس انهيءَ ليول تي پهچي ئي ڪونه هئا. مارڪس اهو ڪمال ڪري ڇڏيو ته هن هيگل جي جدلي فلسفي ۽ ڊارون جي حياتياتي فلسفي ۽ باقي پوءِ سڄي سائنس ۽ فلسفي جي تاريخ، ان جي ماخزن ۽ جوهرن جا تت ڪڍي، زندگيءَ، سماج، فطرت ۽ ڪائنات جي باري ۾، هڪڙي نئين سائنسي فلسفي ۽ علم جو بنياد وڌو، جيڪو نئون به هو ۽ ان سڄيءَ ڳالهه جو تسلسل به هو. اهو هڪڙين معنائن ۾ نئون هو ۽ ٻين معنائن ۾ انهن سڀني شين جو تسلسل هو. چيو ويندو آهي ته ڊاروِن خوشنصيب ماڻهو هو، اڳي ايئن تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪونه ٿيو ته هڪڙو غير معمولي ڳالهه دريافت ڪري ۽ ان جي دريافت جي ايڏي وڏي امپليڪيشن وري ايڏو ئي ٻيو وڏو ماڻهو سندس همعصر دؤر ۾ ڪري. ارتقا جي نظريي جي سماجي ۽ سياسي تاريخي امپليڪيشن ڪرڻ کان پوءِ مارڪس پوري تاريخ کي ٻيهر واضح ڪيو، ۽ ساڳي نوعيت جو ڪم هن فطرت جي باري ۾ ڪيو، سماج جي باري ۾ ڪيو ۽ هن جو به وري ڀاڳ هو ته هن جي همعصر دؤر ۾ هن جيڏو ئي زبردست ماڻهو اينگلس هو ۽ گهڻي ڀاڱي تاريخ ۾ همعصر جينيئس ماڻهو پاڻ ۾ ٺهندا ئي ڪونه آهن، پر هي پاڻ ۾ ٺهيل به هئا. جڏهن ته روسو ۽ والٽيئر پاڻ ۾ هڪٻئي جون ڪچيون ٻوٽيون کائيندا هئا. تاريخ ۾ اڪثر ايئن آهي. نيوٽن وڏو سائنسدان هو، نيوٽن امير ماڻهو هو، وڏو خوشحال ماڻهو هو، امير طبقي جو ماڻهو هو، هن جو هڪ همعصر سائنسدان هو، جيڪو تمام غريب هو، ان کي آخر تائين چيائين ته پنهنجو نظريو سامهون آڻيندين ته موچڙا کائيندين. چون ٿا ته اهو مئو ته پوءِ هن غريب سائنسدان جي ڳالهه سامهون آئي. ايئن تاريخ ۾ عظيم ماڻهو پاڻ ۾ ساڳئي دؤر ۾ ٺهيل به ملن ٿا پر ايئن تمام گهٽ ٿيندو آهي. اهو تاريخ جو حسين اتفاق هو جو مارڪس ۽ اينگلس وري ان سڄي شيءِ کي گڏجي پيش ڪيو. وٽن هڪڙو نظريو، هڪڙي سائنس ۽ هڪڙي شيءِ آهي ۽ آئون ان راءِ جو آهيان ته مارڪس ۽ اينجلس سان به بلڪل تاريخ ۾ ايئن ٿيو آهي ۽ ٿئي پيو، جيئن ٻين اڳوڻن ماڻهن سان ٿيو آهي. هنن عقيدي خلاف جنگ ڪري پنهنجو سائنسي نظريو ۽ فڪر ڏنو پر وري هنن کي عقيدو بڻايو پيو وڃي. آئون ان ڳالهه جي قطعي خلاف آهيان ته مارڪس ۽ اينجلس کي مذهب سمجهيو وڃي، ان کي عقيدو سمجهيو وڃي- ”نه“. مارڪس ۽ اينجلس جون به ڪيتريون ڳالهيون متروڪ ضرور ٿيون آهن ۽ ٿينديون، جيئن هر سماجي سائنس جون ٿينديون. ان ڪري ان کي عقيدو بڻائڻ به غلط آهي. هنن جي باري ۾ اها روش رجعت پرستي آهي، اها ترقي پسندي نه آهي. ڇاڪاڻ ته هو پاڻ ان رويي جا علمبردار ۽ باني هئا. هنن ته پاڻ اهو چيو ته هي رويو هيئن رکڻ کپي.
منهنجي خيال ۾ اهو جيڪو پورو انقلاب هو، جيڪو اهو يورپي ريناسانس جي پوري تحريڪ جو هڪڙو اؤج هو، هڪڙي وڏي مقام تي ڳالهه پهتي، جنهن ۾ يورپ جي اندر سجاڳي به آئي، يورپ ۾ فن جو احياءُ به ٿيو، سائنس وڌي، ٽيڪنالاجي وڌي، صنعتي انقلاب آيا، ادب لکيو ويو، شاعري، فن، موسيقيءَ ۾ انقلاب ۽ زبردست واڌارا ٿيا، نوان سماجي طبقا ٺهيا، نوان جمهوري انقلاب آيا، نيون قوتون ٺهيون، نيون سائنسون آيون، نوان خيال ۽ فڪر آيا، ۽ يورپ ان سڄي اونداهين دؤر مان نڪري آيو ۽ مجموعي طور سڄي انسان ذات انهن شين مان نڪري آئي، ۽ انهيءَ ڪري ئي ان پوري دؤر کي انساني تاريخ جو هڪ عظيم ترين دؤر سمجهيو وڃي ٿو.
]سنڌي هاري تحريڪ طرفان عوامي اسٽڊي سرڪل جي ٽه روزه فڪري تربيتي ورڪشاپ ۾ ڏنل ليڪچر جو مڪمل متن. اهو ورڪشاپ 15 نومبر 2003ع تي حيدرآباد ضلعي جي هڪ ڳوٺ پٻڻ شريف ۾ منعقد ٿيو.[