مختلف موضوع

ڳالھيون پيٽ ورن ۾

ھن ڪتاب ۾ اھي بلاگ شامل آھن جيڪي مون سوشل ميڊيا جي جھان تي وقت بر وقت ونڊيا آھن. انھن بلاگن ۾ زندگيءَ جا مختلف موضوع ۽ اندر ۾ اٿندڙ سوال موجود آھن. عبدالرحمٰن پيرزادي صاحب جي بلاگز کي جڏھن پڙھجي ٿو تہ انھيءِ ۾ اسان کي تمام گھڻا موضوع بحث ھيٺ ايندي نظر اچن ٿا جنھن ۾ مذھب، سياست، سائنس، تعليم، صحت، زراعت، ادب، آرٽ، محبت، ماحوليات، نفسيات ءِ تاريخ سميت ٻيا بہ ڪيترائي موضوع شامل آھن.                       

Title Cover of book ڳالھيون پيٽ ورن ۾

پنھنجي پاران

توھان جي اڳيان منھنجو قلمي پورھيو “ڳالھيون پيٽ ورن ۾“ حاضر آھي.
ھن ڪتاب ۾ منھنجا اھي بلاگ شامل آھن جيڪي مون سوشل ميڊيا جي جھان تي وقت بر وقت ونڊيا آھن.
انھن بلاگن ۾ زندگيءَ جا مختلف موضوع ۽ منھنجي اندر ۾ اٿندڙ سوال موجود آھن. منھنجي راءِ آھي جنھن سان ھروڀرو سھمت ھجڻ لازمي ڪونھي. ڀلو ڪيو وبا جو وقت ملي ويو ۽ مون پنھنجو پورھيو سھيڙي ڪتابي، شڪل ۾ گڏ ڪيو. ھاڻي اھو ڪتاب ڪو ناشر ادارو ڇاپيندو يا نہ، اھڙي ڪا خبر ڪانھي.
سنڌ ۾ ھڪڙو عجيب رواج آھي، پھريان لکو پوءِ پٽ سٽ ڪري، اوڌريون کڻي پنھنجو ڪتاب ڪنھن نالي واري پبلشنگ ھائوس جي نالي تي ڇپرايو ۽ وڃي بازر۾ وڪڻو. مان اصولي طور ان روش کي سٺو نہ سمجھندو آھيان ۽ ايئن ڪري بہ ڪونہ سگھندس.
ھن ڪتاب جو مھاڳ نوجوان سرمد کوسي لکيو آھي ۽ ڊاڪٽر عبدالحميد سومري جا ٻہ لفظ بہ شامل آھن.
اميد تہ منھنجي محنت توھان کي پسند ايندي.

عبدالرحمٰن پيرزادو
حيدرآباد