حصو ستون
ڪجھ منھنجون حقيقتون آھن.
ڪجھ توھان جون حقيقتون آھن.
توھان جي پنھنجي منزل آھي.
منھنجي الڳ منزل آھي.
ماڻھن کي ساھ کڻڻ ڏيو.
ھرڪو پنھنجي انداز ۾ سوچيندو آھي.
توھان جي سوچڻ جو انساز مختلف آھي.
منھنجو انداز نرالو آھي.
ھيءَ دنيا ھم خيال نہ آھي،
نہ ٿيندي ۽
نہ وري ٿيڻ گھرجي.
رھيو سوال ڌرتيءَ سان محبت جو،
اھو سرٽيفڪيٽ توھان کان نہ گھرجي.
مون کي ثابت ڪرڻ جي ضرورت بہ ڪونھي.
ڳالھ ٻڌ
توھان جو مضمون سنڌيءَ ۾ لکيل آھي،
ھتي اڪثريت کي سنڌي پڙھڻ نٿي اچي،
مھرباني ڪري قومي ٻوليءَ ۾ لکو.
ڪالھ ثقافت جي ڏھاڙي تي اجرڪ ۽ ٽوپيءَ سان تصوير ڪڍرائيندڙ سنڌي منتظم حڪم جاري ڪيو.
مون لکي موڪليو:
مان صرف سنڌيءَ ۾ سوچي سگھندو آھيان،
سنڌي ئي اسان جي قومي ٻولي آھي.
سنڌ تي ماڪڙ جو حملو
ماڪڙ يا قدرتي آفتن تي حڪمت عملي ٺاھڻ ۽ وفاق جي اڪائين جي سھائتا ڪرڻ، وفاقي حڪومت جي ذميواري آھي.
وفاق جي سليڪٽيڊ خداترس حڪومت جھنگلي جيوت تي رحم کائيندي ماڪڙ لاءِ ڪجھ ڪرڻ تي راضي ناھي.
صوبن وٽ نہ لياقت، نہ وسيلا، نہ گھربل سھولتون.
گڏيل قومن جي ادارن کي گھرجي تہ اھي حالتن جو جائزو وٺي، انھي آفت کي منھن ڏيڻ ۾ مدد ۽ رھنمائي ڪن.
حق سچ
ھڪ سئو انڌن جو ٽولو
جيڪڏھن اھو فيصلو ڪري تہ
ھي مڙھ ھاٿيءَ جو ناھي،
ڪنھن مينھن جو آھي.
پوءِ بہ ھاٿيءَ جو مڙھ،
ھاٿي ئي رھندو
اسان جي رسمن تي تنقيد بند ڪريو
ھڪ تہ پڌر تي ٿا ھنگو
مٿان وري مٽي جو ٻُڪ وجھي ٿا ڇڏيوس.
ڀلي تہ ڪو ٻار ٻڍو ترڪي ڪري يا
ڪنھن ڳڀروءَ جو وڃي
انھي ٽانڊي تي پير پئي.
ڪجھ تہ رحم ڪريو
يا تہ اھو پڌر تي ھنگڻ وارو ڪم بند ڪريو
ڀلا جي نٿا مڙو تہ
مھرباني ڪري مٿان مٽي تہ نہ وجھوس،
ايندڙ ويندڙ ماڻھوءَ کي نظر تہ اچي
تہ ڪو دڳ ۾ 'ٽانڊو' بہ پيو آ.
سنڌ ۾ تعليم جو معيار
منھنجي تجربي مطابق سنڌ ۾ تعليم جو معيار وقت سان گڏ بھتر ٿيندو رھيو آھي.
مان اھو ان بنياد تي چئي سگھان ٿو جو مون سنڌ مان گذريل صديءَ دوران 80 جي ڏھاڪي ۾ ميڊيڪل جي تعليم حاصل ڪئي.
منھنجي ڪجھ ٻارن ھن صديءَ ۾ اھا مڪمل ڪئي آھي ۽ ڪجھ اڃا شاگرد آھن.
سندن پڙھڻ جو انداز، پڙھائيءَ ڏانھن رويو ۽ سکيا جو معيار جيڪڏھن مان پھنجي وقت سان ڀيٽيان ٿو تہ ٿلھي ليکي ھن وقت جو معيار بھتر ٿو لڳي.
جنھن ۾ بھتريءَ جي گنجائش موجود آھي جيئن اسان سنڌ مان عالمي معيار جا ڊاڪٽر پيدا ڪري سگھئون.
مينھن ۽ نينھن
سر سارنگ ۾ ڀٽائي جڏھن
'مينھن' ۽ 'نينھن' جو ذڪر ٿو ڪري تہ
اھي ٻيئي لفظي معنا سان گڏ
علامتن طور پڻ استعمال ڪري ٿو.
مينھن ـ برسات ـ سوچ ـ انداز ـ
نينھن ـ پيار ـ عزم ـ واعدو ـ ارپنا ـ
اوطاق
سنڌ جي، اوائلي سماج ۾ چلھ تي گڏجي ويھڻ جو رواج ھيو، جنھن جي مک ماءُ مطلب عورت ھئي.
اوطاق ـ سنڌي ۾ زرعي سماج جي، اوسر سان آئي، جنھن ۾ وري مرد، اھو بہ جيڪو پاڻ ھاري ڪونہ ھيو مک ٿيو.
آباديءَ جي بي ھنگم واڌ اوطاق جي جڳھ تي 'اوتاري'، 'مئخاني' يا ھوٽل کي اسرڻ جو موقعو ڏنو.
اوطاق کي صنعتي سماج ۾ ختم ٿيڻو ھو.
سنڌ ۾ اھا شھري سماج جي، اسرڻ سان ختم ٿيڻ لڳي.
طبقاتي سماج بہ چالاڪيءَ سان اھڙين تڪراري ريتن کي مذھب يا ثقافت جي لبادي، ۾ زندہ رلڻ جي ڪوشش ڪندو آھي.
صنعتي سماج ۾ مقامي سطح تي مختلف طبقن جون الڳ الڳ ڪلبون ھونديون آھن، جيڪي جھڙوڪ اوطاق يا وري اوتاري جو ڪم ڪنديون آھن.
استعماري سماج ۾ وري انھي ساڳي نالي 'ڪلب' کي سرمائيداري گماشتن جي اوطاق طور استعنال ڪيو ويندو آھي.
سنڌي سماج ۾ فنڪار جو رتبو
سنڌي سماج ۾ فنڪار جو رتبو روايتي طور تہ ڪو مانوارو ڪونہ رھيو آھي، پر سياسي جدوجھد جون داعي ڌريون انھي کي تسليم ڪونہ ڪنديون ھيون.
اڄڪلھ ھڪ اديب جيڪو ذات 'ڪنڀر' ٿو لکي ۽ سندس شھرت مذاح (مشڪري) آھي، اھو پنھنجي ئي سياسي لڏي جي ھڪ شاعر کي مڱڻھارن جي اولاد جو طعنو پيو ڏئي.
• ڪنڀر
• حجم
• مڱڻھار
• ڪوري
• موچي
• ماڇي
• ميربحر
• قاضي
• آخوند
• پيرزادو
• ڪاسائي
• کٽي
• ڊکڻ
• آرائين
• اوڏ
• جت
۽ ٻيا ڪيترا 'فن' آھن، جيڪي اڳتي ھلي 'ذات' جي شڪل وٺي چڪا آھن. انھن پيشاورن ۾ مڱڻھار ھجڻ ڇا ۾ گھٽ آھي يا وري ڪنڀرھجڻ ۾ ڪھڙي گھٽتائي.
طبقاتي سماج ۾ ھنرمند کي نيچ سمجھڻ جي روايت 21 صديءَ ۾ بہ اسان جو پيڇو ڪونہ ٿي ڇڏي.
اسان موسيقيءَ سان پيار جي ھام تہ ھڻندا آھيون پر فنڪار جي ڪڏھن بہ دل سان عزت ناھيون ڪندا.
وڪٽر جارا
چليءَ ۾ پنھنجي حق لاءِ 'چِلو' پچائيندڙ
جڏھن ''وڪٽر جارا'' جو ڳايل گيت
'امن سان جيئڻ منھنجو حق آ'
ڳائيندا تہ
ھٿيارن جي واپارين کي مرچ تہ لڳندا.
ـــــــــ
''وڪٽر جارا'' ڪير آھي؟
چليءَ جو شاعر، گٽارسٽ ۽ لوڪ فنڪار جنھن کي 1973 ۾ فوجي آمر پنوشي بيرحميءَ سان قتل ڪرايو ھو.
'جارا' جون آڱريون ڀڃي ۽ ان تي چٿرون ڪيون ويون تہ ھاڻي وڄاءِ 'گٽار'.
اڄ چليءَ، ۾ ھزارين ماڻھن گٽار وڄائي، 'جارا' جي ڌن تي گيت ڳائي دنيا تي واضح ڪيو تہ اسان پاڻ ۾ متحد آھيون. امن سان رھڻ اسان جو حق آھي
اگھوتريءَ جي جھيڙن کي انقلاب سان تشبيح ڏيڻ، ڏتڙيل طبقن جو انقلاب تان اعتبار گھٽائڻ جي ڪوشش آھي.
چليءَ وارن تہ ''وڪٽر جارا'' جي نقش قدم تي ھلندي الڳ اعلان ڪري ڇڏيو.
طبقاتي سماج جون غلط العام روايتون.
مطلب ـ
ڪنھن مزدور کي
سائين نہ چئجي.
اسان جي زرعي ڪلچر جو
بنياد ئي طبقاتي آھي.
جنھن ۾ ھنرمند کي
'ڪاسبي' ڪوٺيو ويو آھي.
خودساختہ دانشور جو اعلان
ھڪ خودساختہ دانشور جو اھم اعلان
اين جي او سماج لاءِ ھاڃيڪار آھن.
آءُ ٻن نيڪ ''اين جي اوز'' جو صلاحڪار ۽
ھڪ اين جي او جو سرپرست آھيان.
عجيب روش
جن صاحبن جا پنھنجا ٻار مھانگن خانگي اسڪولن ۾ پڙھن ٿا، اھي پوءِ پاڻ ڀلي ڪنھن سرڪاري اداري ۾ پاڙھيندا ھجن، ايئن ئي سوچن، سمجھن ۽ چون ٿا تہ سرڪاري اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ بالڪل پڙھائي ڪونھي.
حقيقت اھا آھي تہ اڄ بہ پروفيشنل ادارن ۾ 80 سيڪڙو ٻار، سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن مان اچن ٿا.
وقت کان اڳتي ھلڻ جي سزا
ڪجھ دانشورن جي فرمائش آھي تہ اکين تي کوپا ٻڌي، گھاڻي جي ڏاند وانگر جيڪڏھن سندن سياسي تجزئي کي تسليم نٿا ڪريو ۽ سندن پٺيان نٿا لڳو ۽ پنھنجو الڳ موقف ٿا رکو تہ ان کي اھو چئي رد ڪيو ويندو تہ توھان پيپلزپارٽيءَ جا ثناخوان آھيو.
توھان رعايتون ورتيون آھن يا انھن جا اميدوار آھيو.
سائين توھان بالڪل درست آھيو.
اسان کي ڪھڙي خبر تہ اٺ ڪھڙي ڪل ٿو ويھي.
توھان بالڪل حق تي آھيو.
سنڌ جي ماڻھن ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي
لياريءَ مان
تحريڪ لبيڪ ۽
تحريڪ انصاف.
لاڙڪاڻي مان
وفاقي حڪمران ڌر جي
'سانداڻي' کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو آھي.
ھاڻي ''پ پ پ'' جي لاءِ ڪو نئون حڪمنامو جاري ڪريو.
ھو بہ بس ڪن لائيون ويٺا اٿو رڳو توھان جي حڪم جي دير آ
صرف ھڪ نماڻو عرض
ڀاءُ، دل ۾ نہ ڪجو
توھان آھيو ڪجھ گھڻ پاسا انھي ڪري ھڪ ساھي مان بہ ڪجھ سوال ڪري ڇڏيان.
توھان ڪڏھن پيپلز پارٽيءَ جا ميمبر رھيا آھيو؟
ھا، اڄڪلھ ڪھڙي ملڪ جي شھريت اَٿَو؟
ھونءَ، آخري دفعو سنڌ ڪڏھن آيا ھئا؟
نئون دستور
ڪو سوال نہ پڇي جو سرمائيدارن، منشي سنڌي رکيا آھن.
ماڻھن سوال ڪرڻ شروع ڪيو آھي. خوش تہ انھي تي ٿيڻ گھرجي.
ثمر مبارڪ مند جي ڪم ۾ سنڌ حڪومت جو حصو ھيو؟ نہ
بلاڪ ھڪ ۾ سنڌ حڪومت جي ڀائيواري يا سرمائيڪاري آھي؟ نہ
بلاڪ 2 ۾ سنڌ حڪومت جي سرمائيڪاري آھي، اسان ڀائيوار آھيون. مالڪ آھيون. پڇئون ٿا تہ منشين کي ڪاوڙ ٿي لڳي.
منشي تہ ھڪ پاسي، انھن جا ياردوست تہ صفا بجلي لڳا پيا آھن.
خير، پوءِ بہ پڇندا رھنداسين.
ڪو هڪ مثال ـ
جنهن ۾ سنڌ جو مڊل ڪلاس،
ڪنھن تڪراري مامري ۾
'فرد' بدران 'اداري' سان بيٺو هجي.
ڪو هڪ مثال ـ
جنهن ۾ سنڌ جو مڊل ڪلاس،
ڪنھن تڪراري مامري ۾
'آجر' بدران 'عوام' سان بيٺا هجن.
خوشي
مالڪ جو ڪرم
چيائين مالڪ جو ڪرم،
اسان ھڪ ابي جي اولاد،
پاڻ ۾ 6 ڀائر آھيون.
ھر ڪنھن جو پنھنجو ڌار گھر آھي.
عجيب منتق نہ سمجھ ۾ ايندڙ عذر
پھريان شاگرد يونين ۽ سياست لاءِ بہ اھڙي ئي ٻولي استعمال ٿيندي ھئي.
اڄڪلھ وري بلدياتي سياست لاءِ بہ ساڳو راڳ جاري آھي.
سياسي ادارن کي ھر حال اندر زندھ رھڻ گھرجي.
جنھن کي، اھا ڳالھ سمجھ ۾ نہ اچي، اھو 19 صديءَ جي 'شيرف' جو حال ڪنھن فلم ۾ ڏسي يا پڙھي.
وقت انھن سڀني بيمارين جو علاج آھي.
جيئن جيئن تعليم بھتر ٿيندي، سياسي ادارا بہ بھتر ٿيندا ويندا.
شرط اھو آھي تہ اسان سڀئي شامل ٿيئون. جيڪڏھن اميدوار نٿا ٿي سگھئون تہ ووٽ فرض سمجھي ڏيون.
ميارون
'چِٽَ' جي گرميءَ جون ميارون سڀئي ڀلي 'سَرَ' کي ڏيو جو اھو بہ نسرندو، پنھنجي 'ڪُتِ' [ٻج] ھوا، ۾ پکيڙي پنھنجي وجود جي بقا جو اعلان ڪندو. اھو ٻج وري بھار ۾ ڪنڌيءَ، ڪناري ۽ ڪپن تي ڦوٽھڙو ڪري 'سَرَ' جي نسل جي بقا جو ضامن ٿيندو. سندس 'ڪانو' بہ قد ڪندو، ڪنھن ڇپر ۾ حصو ونڊائيندو، ڪٿي 'سارين جي پَليِ' ۾ ڪم ايندو، ڪٿي 'ڪنڌي' ، ڪٿي مَنَھَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندو.
پر رڳو سر ٿورئي، فائدو تہ
'ونئڻ' ۾ پڪل 'گوگڙي' کي 'ڪپھ' ڪڍڻ ۾ بہ ٿيندو،
'ٻاجھري' جو سنگ بہ سک جو ساھ کڻندو ۽
'ساريون' بہ ڪجھ سنگ ۽ ساھ سارينديون.
نظر ڦيرائيندئو تہ 'ڪنول' بہ جام ٽڙيل ڏسبا ۽ ڪجھ ڀلو 'پٻڻن' جو بہ ٿيندو.
سوڳوار
فيس بوڪ واري سنڌ سوڳوار بہ طبقاتي رتبي تحت ٿيندي؟
اھا سوڳواري ڪو سماجي تحرڪ تہ ڪونہ پيدا ڪندي.
سنڌ کي عورت ۽ ٻارن جي لاءِ بنا طبقاتي متڀيد جي آواز بلند ڪرڻو پوندو.
موت تہ نجات آھي.
انھن جو بہ سوڇيو جيڪي جيئرا آھن پر
تپ دق( ٽي بي)، خوراڪ جي کوٽ سبب بندرا, EPI زريعي بيمارين کان بچاءُ جي سھولت نہ ھجڻ.
• ويم جي جوڳي سھولت نہ ھجڻ ڪري فسٽيولا ـ
• ھيپٽائيٽس
• ايڊز
• غربت
• جھالت
• تعليمي سھولتن جي کوٽ
• توليدي صحت ۽ حقن جي ڄاڻ جي کوٽ
• کاڌخوراڪ جي کوٽ جھڙن عذابن ۾ مبتلا آھن.
ڪالم نگار
ڪالم نگار جي ٻولي جي پختگي ۽ استعارن جي تعريف ڪندي عرض تہ صحت جون سھولتون ايئن ڪنھن فوٽو وانگر ڏسڻ سان سمجھہ ۾ نہ اچڻ فطري ڳالھہ آھي
ڪنھن بہ اسپتال جي ڪارڪردگي ان جي قائم ڪرڻ مھل مختص ڪيلَ بجيٽ، عملي، بسترن جيَ تعداد ۽ موجود حالتن کي سامھونَ رکي ئي ڏسي سگھجي ٿي.
اسپتال جي رپورٽ ۾ ڄاڻايل فوتگيون ان شھر، ضلعي ايستائين جو صوبي سان سلھاڙڻ بہ زيادتي ٿيندي.
اسان وٽ ھڪ عجيب رسم شروع ٿي آھي) جنھن جو شڪار ڏسڻا وائسڻا لکاري بہ ٿيندي نظر ٿا اچن (جنھن تحت سڄي سنڌ ۾ ڀينگ لڳي پئي آھي
لاڙڪاڻي ۾ ميڊيڪل ڪاليج ايستائين جو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ کي بہ ايئن پيش ڪيو ويندو آھي جھڙوڪر ڪجھہ ھجي ئي ڪونہ.
اسان کي پنھنجي انھي روش تي نظرثاني َڪَرڻي پوندي.
مشڪل حالتن ۾ ڪم ڪندڙ ھزارين ھنرمندن جي دلجوئي ۽ ھمت افزائي ڪرڻي پوندي.
اھي ئي ادارا آھن جيڪي اسان کي مستقبل جا ڊاڪٽر، نرسون، صحت ڪارڪن ۽ اسپيشلسٽ تيار ڪري ڏيندا.
اھي ادارا ملڪي ۽ غيرملڪي سطح تي مڃيا وڃن ٿا.
انھن جو تعليمي سندون سڄي دنيا ۾ قابل قبول آھن
رڳو جج، ڪالم نگار ۽ صحافي انھن کي مڃڻ لاءِ تيار ڪونھن
عجيب بحث
نوابشاھ ضلعي جو نالو شھيد بينظيرآباد ڇو رکيائون
سائين، اھو انتظامي فيصلو آھي,
جيڪو وقت جي حڪومت ڪيو آھي
نہ سائين،
اھو بالڪل غلط ڪم آھي،
تاريخ سان ھٿَ چراند آھي وغيرہ وغيرہ
باقي، ڀلا، اھو تہ ٻڌايو؟
خان ڳڙھ - جيڪب آباد تي تہ ڪنھن کي سور ڪونہ ٿيو
نيروڻ ڪوٽ -حيدرآباد تي ڪنھن ڪجھ ڪونہ ڳالھائيو
ڀلا
سيوستان - سيوھڻ ڇو؟َ
چانڊڪا - لاڙڪاڻو ڇو؟
سيتا - رحماني ننگر ڇو؟
لب درياھ - ڏوڪري ڇو؟
لائلپور - فيصل آباد ڇو؟
رام باغ - آرام باغ ڇو؟
لالوکيت - لياقتَ آباد ڇو؟
ھاڻي ڄڻ سھڻن جي وات ۾ مڱ پيل آھن
رستو
سنڌ توڻي ھاڻوڪي پاڪستانَ ۾ مون کي تہ ڪو اھڙو اڪابر ڪونہ سجھي جنھن ڪو نئون سياسي، سماجي يا معاشي نظريو ڏنو ھجي جو ان جي ويھي ڪا سائنسي بنيادن تي ڇنڊڇاڻ يا نئين سر تحقيق ڪريون.
ڪجھ گذري ويل اڪابرن جون ڪيل دل جون ڳالھيون ھيون، جيڪي سچي دل سان ڪيون ھئائون، انَ جي موٽَ ۾ اھي عزت لھڻن ۽َ اسان سندنَ دلَ سانَ عزت ڪيون ٿا.
رھيو سوال اڳتي ڪيئن ڪجي؟َ
جيڪڏھن 21 صديءَ جي سماجي، سياسي ۽ معاشي منظرنامي تي ڪو صحتمند پروگرام جوڙڻو آھي تہ پوءِ گھٽ ۾ گھٽ نشيدار خيالن جھڙوڪ مذھب ۽َ قومپرستيءَ کان آزاد ٿيڻو پوندو.
موجودہ حالتن پٽاندڙ قومي جمھوري سوال کي سياست جو مرڪزي نقطو بڻائي نئين سر صفبندي ڪرڻي پوندي.
طبقاتي سوال پنھنجي جا ءِ تي موجود رھندو جنھن جو جوڳو حل قومي جمھوري حڪمت عملي تحت ڳولھڻو پوندو،روايتي تقليد سان ڪي جوڳا نتيجا ملڻ جي اميد رکڻ خام خيالي ھوندي.
قومي جمھوري پڌرنامي ۾ طبقاتي ۽ قومي سوال تي مربوط حڪمت عملي جو ھجڻ لازمي جز ھجڻ گھرجي.
عالمي جنگي سرمائيداريءَ جي موجودہ دور ۾ سائنسي بنيادن تي معاشي نظام مرتب ڪرڻو پوندو.
جديد غلامي ۽ نوآبادياتي منظرنامي ۾ پنھنجو قبلو طئي ڪرڻو پوندو.
جمھوري روايتن پٽاندڙ اجتماعي قيادت جو رستو ڪڍڻو پوندو.