حصو چوٿون
جيئن لطيف 'سرڪار'. لفظ 'سرڪار' جي معنا آھي ڪنھن رياست جو ڪارونھوار ھلائيندڙ بندوبست.
منھنجي ذاتي راءِ ۾. 'لطيف' ان وقت جي حڪمرانن ''سرڪار'' سان برسرِپيڪار ھيو.
'ڀٽ' واري علائقي ۾ سندس قيادت ۾ ھڪ متوازي 'سرڪار' ھئي.
ان مزاحمت دوران, سندس مزاحمت جي ساٿين کي 'فقير'.
خطرناڪ مھم تي ويندڙن کي 'گھوٽ' ۽ پنھنجي اڳواڻ لاءِ 'سرڪار' جو مخفف استعمال ڪندا ھئا. ان ڪري لطيف 'سرڪار' جو استعمال بہ لطيف جي فقيرن ۾ ھيو جيڪو بعد ۾ ادب ۾ آيو آھي.
ھي اھڙا سوال آھن جن تي سائنسي انداز ۾ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آھي.
سُر سھڻي
سُر سھڻي داستان اٺين جو بيت ۔ ٽيون
آهِئين هُتِ اُماڻَ، ٻَڌُ تُرَهو تارِ جو؛
لَھريُون، لُڙَ، لَطِيفُ چئي، جَھليا جُنگَ جُواڻَ؛
اُونهي تَڙِ آگَھٽِيا، آڏي پائي آڻَ؛
جي پِيا مُنهن مهراڻَ، تن ٻانڊِيُنِ ٻيٽُ نہ اُڄَهي
آھئين ھت اُماڻَ:
ھتي تہ مھمان آھين، مسافر آھين
ٻَڌُ تُرَهو تارِ جو:
ماڻهوءَ جي مٿي يا قد کان اونھي پاڻيءَ مطابق ترڻ جو ترھو ٻڌ.
اونھي تڙ آگَھٽِيا:
اونھي پاڻيءَ واري پتڻ تان گھريا
آڏِي پائي آڻِ:
منزل متعين ڪرڻ، حد مقرر ڪرڻ
پِيا مُنهن مھراڻ:
جيڪي سنڌو نديءَ ۾ گھريا
ٻانڊِيُنِ (ٻانڊي):
سُڪل سنهڙي (ڪاٺي، ماڻهو)
اُڄَهي (اُڄَهَڻُ):
پسند اَچَڻ، وڻَڻ، آئڙڻ، سُٺو لڳڻ.
سمجھاڻي:
تون ھتي مسافر آھين، توکي ھن پار وڃڻو آھي. اونھي، تار پاڻيءَ وارو ترھو چيلھ سان ٻڌ، سنڌوءَ جي اونچين ھيبتناڪ لھرن جي آوازن ۽ گوڙ، چڱن ڀلن جا ارادا ٽوڙي ڇڏيا آھن.اونھي پاڻيءَ واري پتڻ تان گھڙين ٿو، سامھون ڪٿان نڪرندين، اھو بہ طئي ڪري وٺ. جيڪي سنڌوءَ ۾ گھريا، تن کي ٻيٽ بہ ٻانڊين ڪاٺين جيان ڪونہ جھليندو. ھن پار ڪناري تائين پھچڻ لاءِ رڳو پنھنجي ڪاريگري ۽ ھمٿ ڪم ايندئي.
سُر سامونڊي
سُر سامونڊي، داستان ٽئين جو بيت نمبر ٽيون
اسان اُڌارا، آڻي آوَنگَ چاڙِهيا؛
مُنهُن ڏيئِي مُون آئِيا، سَمُهان سِيارا؛
اُڀِرَنِ سيِڪارا، پَسو وَرَ ٻين جا
ـ *** ـ
ـ آوَنگُ(مذڪر).
رڌ پچاءُ جو ٿانوَ.
ـ آوَنگِ(مؤنث).
کاري جي مڇيءَ جو هڪ قِسم
ـ *** ـ
آونگ چاڙھڻ ـ
رنڌڻ ـ کاڌو تيار ڪرڻ.
''اڄ اسان اڌارو وٺي ڪني چاڙھي آھي''
اتي اڌار ـ ''سيڌو'' بہ ٿي سگھي ٿو،
سڪل مڇي بہ، تہ ''ڪْنيِ'' بہ
سمجھاڻي:
وني پنھنجي ور کي مخاطب ٿي چئي ٿي تہ:
ڪني( آونگ) تہ اوڌر وٺي بہ چاڙھيون ٿا، سيارو سامھون آھي(ياد رھي تہ اتر لڳڻ سان ئي سامونڊي وري سفر تي نڪرندا) تون اڃا ڪونہ موٽيو آھين، ٻين جيڏين کي ورن سان ڏسي جسم مان سيڪارا ٿا نڪرن . انھيءَ جو ڇا ڪيان. بس ھاڻي گھڻي ٿي وئي موٽي اچ.
سُر سامونڊي
سُر سامونڊي، داستان پھرئين جو بيت پھريون
پَڳَھَ پاسي گھارِ، آيَلِ! سامُونڊيُن جي؛
وجِھي جِيُ جَنجارِ، جِمَ وَڃَنِئِي اوهِري.
سمجھاڻي ـ
او منھنجي امان، انھن سامونڊين جي ٻيڙيءَ جي ويجھو ھج، لنگر جي آس پاس پئي گذار. پنھنجي ور سان ڪجھ گھڙيون گوڏي گڏجي گذار. (جي نہ اتر لڳو تہ) بنا موڪلائڻ جي ھليا ويندئي ۽ پوءِ ھٿ مليندي رھجي ويندينءَ ۽ پئي پاڻ کي پٽون پاراتا ڏيندينءَ. .
ڀٽائي جون اَٺَ سورميون
① سسئي: اڪيلي سر ڀنڀور کان پٻ جو سفر ڪيو
② سھڻي: ميھار سان عشق ڪيائين, دلو کڻي درياھ تري ويندي ھئي.
③ مارئي: زوري کنئي وئي، پر ھمٿ نہ ھاريائين، لالچون قبول نہ ڪيائين. 'کيت' سان نڀايائين.
④ مومل: سونھن جو سرِعام استعمال ڪري، راڄ لٽيائين. جڏھن راڻي سِيتل راء جي روپ ۾ سُومل سان گڏ سمھيل ڏٺي پوءِ بہ قتل نہ ڪيو ويو.
⑤ نوري: غريب ميربحر جي ڌيءُ راڻي ٿي پر ڪينجھر نہ ڇڏيائين
⑥ سورٺ: سورٺ پنھنجي وَرَ ''راء ڏِياچ'' سان گڏ تخت تي ويهندي هُئي
⑦ ليلا: ھار جي بدلي پنهنجي مڙس چنيسر کي پنهنجي هٿان وڃايو
⑧ موکي: پنھنجي ڇھڻ ڀيڻن سميت ڪلالڪو ڪاروبار ڪندي ھئي.
فاصلاتي ـ مراسلاتي ۽ واقعاتي تعليم
واقعاتي تعليم
واقعاتي تعليم ، پاڙھڻ جو اھو طريقو جنھن ۾ معلم ۽ کتابي الڳ الڳ جڳھن تي ھوندي بہ ھڪ ئي وقت ھڪٻئي سان ڳالھ ٻولھ ڪري سگھن.. ان لاءِ معلم ۽ کتابي ٻنھي وٽ ھڪ ئي وقت ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي سھولت ۽ ڳانڍاپي جو ذريعو ھجڻ لازمي آھي.
مراسلاتي تعليم
مراسلاتي تعليم ، واقعاتي بہ ٿي سگھي ٿي يا شاگرد پنھنجي سھولت مطابق پھريان کان ريڪارڊ ڪري محفوظ ٿيل تعليمي مواد کي انٽرنيٽ يا ڪميوٽر وسيلي استعمال ڪري.
ان لاءِ معلم ۽ کتابيءَ جو ھڪ ئي وقت آمھون سامھون ھجڻ ضروري ڪونھي.
فاصلاتي تعليم
فاصلاتي تعليم وري مراسلاتي ۽ واقعاتي بہ ٿي سگھي ٿي يا وري تعليمي اداري پاران ڇپل مواد طور شاگردن لاءِ مھيا ڪيو وڃي، جنھن ۾ درسي ڪتاب، ورڪ بوڪ ۽ ڪارڪردگيءَ جو وچور رکڻ جو بوڪ شامل ھوندا آھن.
ان لاءِ معلم ۽ کتابيءَ جو ھڪ ئي وقت آمھون سامھون ھجڻ بہ ضروري ڪونھي.
کتابيءَ وٽ ڪمپيوٽر يا، انٽرنيٽ جي سھولت پڻ اختياري آھي.
اھو سڀ تڏھن ممڪن ٿيندو جڏھن اسان کتابين جي عمر مطابق انھن ۾ مھارتن ۽ قابليتن پيدا ڪرڻ لاءِ سندن تعليمي مقصدن ۽ پڙھائيءَ جي روزبروز منزلن کي مناسب ۽ متناسب انداز ۾ مرتب ڪنداسين. ھر مھارت کي قابليت تائين پھچائڻ لاءِ گھربل پڙھائي، مشق ۽ مناسب رھنمائيءَ جو جوڳو بندوبست ڪنداسين.
ھتي، اڄڪلھ بحث اھو پيو ھلي تہ بس وارو ڪريو شروع ڪريو. جيڪڏھن اسان کي فاصلاتي تعليم ڏانھن قدم کڻڻو آھي تہ اھو اٻھرائيءَ بدران ڪنھن ہظام تحت کڻڻ گھرجي جھڙي نموني کتابين لاءِ نصاب کي مرتب ڪرڻو پوندو، ايئن ئي وري کتابين کان اڳ اھو سڀ ڪجھ اسان کي استادن لاءِ پڻ لکت ۾ تيار ڪرڻو پوندو.
بالڪل اھڙي ريت جيئن ڪنھن افساني کي جڏھن ڊرامي ۾ سانچيو ويندو آھي تہ ڪردارن، انھن جا گفتا، سندن پردي تي ظاھر ٿيڻ، ڪپڙا، ڍنگ، ڳالھائڻ جو انداز، لھجو وغيرہ لکيو ويندو آھي جنھن کي اسڪرين پلي چئبو آھي.
کيتي سر سيتي:
کيتي ـ داڻي وارا فصل.
پائيندڙ تي کيتي
واڙي ـ ڀاڄي ڀتيءَ وارا فصل
نار تي واڙي
پوکي ـ فصل پوکڻ
راکي ـ فصل جي سنڀال ڪرڻ
جھار ھڪلڻ ـ پکي پکڻن کان فصل بچائڻ
راھي ـ فصل جي، اپت کڻڻ
لابارو ـ پڪل فصل لڻڻ
سٿريون ـ لڻيل فصل کي ڀاڪر جيتري مقدار ۾ گڏ ڪرڻ.
ديرو ـ سٿريون کڻي سنڀالي رکڻ
کِرِ ـ ٻنيءَ ۾ رھجي ويل فصل جا تيلا، جن ۾ سنگ ھوندا آھن، کر ميڙي ٻار ٻچو، غريب غربو ان ڪڍندو آھي.
ڳاھ ـ ديري مان فصل کڻي ڳاھ ڳاھڻ.
وائر ـ ڳاھيل فصل مان ھوا جي وسيلي داڻن کي گاھ کان ڌار ڪرڻ.
بٽئي ـ ھاري ۽ زميندار گڏجي، ان توري پنھنجو پنھنجو حصو کڻندا.
ٽويو ـ پير، فقير دعا لاءِ.
آھت ـ حجم، مڱڻھار، ڪنڀر، لوھر، ٻيڙيءَ وارو ميربحر فصل تي پنھنجي آھت مطلب اجورو وٺندا.
کِرَ ـ بٽئيءَ کانپوءِ اتي رھجي ويل ڪَڻِ، اھا بہ ميڙي ٻار ٻچو، غريب غربو کڻندو آھي.
ڪُڍِي ـ ٻنيءَ مان کِرِ ميڙي کڻڻ يا کِرَ ميڙڻ جي عمل کي ڪڍي ڪڍڻ چئبو آھي.
'لابارو'ـ فصل جي لڻڻ جو عمل
لابارو ڪندي 'سٿريون' ٺاهبيون آهن.
وري سٿريون گڏ ڪري 'گڏا' کڻبا آهن
جنھن کي 'ول کڻڻ' پڻ چئبو آهي،
جتي وري ول کڻي گڏ ڪبي آهي تنھنن کي 'ٻار' چئبو آهي.
ول کڻندي جيڪي سنگن جا تيلا ڪرندي ٻنيءَ ۾ رهجي ويندا آهن، انهن کي 'کِرُ'چئبو آهي.
هاري تيلو تيلو ڪري ميڙيندو آهي کِرُ هاريءَ جو هوندو آهي ان ۾ زميندار جو حصو نه ٿيندو آهي.
ٻار کانپوءِ 'ڳاھہ' ٻڌبو آهي. فصل کي ڳاھڻ کانپوءِ هوا ۾ ان 'وائر' ڪبي آھي.
وائرڻ سان ڪڻن مان مٽي يا دڌڙ ڪڍي صاف 'اَنُ' الڳ ڪبو آهي.
صاف ڪيل اَنُ جي کوڙيءَ کي 'ديرو' چئبو آهي.
ديري تان اھو اَنُ جڏھن توري، ٻوريون ڀري ھاري، ۽ زميندار، ۾ ورھائبو آھي تہ انھي عمل کي 'بٽئي' چئبو آھي.
بٽئي ڪندي ان جي کوڙيءَ جي تري ۾ مٽيءَ سان گاڏڙ جيڪي ان جا داڻا رهجي ويندا آهن ان کي 'ڪُڍي' چئبو آهي. جنهن کي هاري گڏ ڪري ڇڄ ۾ وجهي ڇنڊي مٽي ڪڍي صاف ڪندو آهي، ان کي ڪُڍي چئبو آهي. ڪڍي هاريءَ جي هوندي آهي هن ۾ بہ زميندار جو حصو نہ هوندو آهي.
ھاري ھاڻ پنھنجو ڪم ختم ڪندو.
ان کانپوءِ غريب ترين ماڻھو ان جڳھ تي اچي 'ڪڍي' ميڙيندا يا ڪڍندا. ڪو ڳاھ کان رھجي ويل سنگ، ديري يا کوڙ واري جڳھ تي بٽائي کانپوءِ رھجي ويل 'ڪڻ' ميڙي صاف ڪري کڻڻ وارو عمل کي 'ڪڍي' ڪرڻ چئبو آھي.
متان کليا آھيو
ايماندار
يار، ماڻھو ايترو بہ ايماندار نہ ھجي جو سڄي ڄمار سرڪاري نوڪريءَ تي پلٿي ھڻي ويھي رھي.
رھنما
مان جاگيرداريءَ جي خلاف سنڌي قوم کي متحد ڪري ان جي رھنمائي ڪرڻ ٿو چاھيان.
جيئن سنڌ جو ھر فرد ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا پڙھي لکي دنيا ۾ پنھنجو ۽ سنڌ جو ڪنڌ اونچو ڪن. ٿلھي ليکي مان ''وڏيرائپ'' کي سماجي برائي سمجھندو آھيان ۽ سنڌ مان جاگيرداري ۽ وڏيرائپ جي خاتمي لاءِ مون ھڪ غير سرڪاري تنظيم رجسٽر ڪرائي آھي ۽ آءُ ان جو عھديدار آھيان.
منھنجو والد صاحب ڳوٺ جو خانداني 'وڏيرو' ھيو، انھي نسبت سان مان بہ ''پيدائشي وڏيرو'' آھيان. جنھن تي مون کي فخر آھي. اسان اڃا تائين ڳوٺ جا 'معزز' وڏيرا ليکبا آھيون.
منھنجي راءِ ۾ 'بلاول' کي گھرجي تہ 'آصف' سان لاتعلقي جو اظھار ڪري 'پارٽيءَ' کي سگھارو ڪري، مستقبل سندس ھوندو.
نوٽ: جنھن کي بہ ھي ليک سندس شخصيت جي عڪاسي لڳي اھو مھرباني ڪري ٿڌي پاڻيءَ جو گلاس پي ڇڏي.
ڌرتيءَ جو اصلي پُٽُ
ان جو مطلب ٿيو 'اصلي' معنا 'وارث' يا قانوني 'مالڪ' پوءِ ڀلي گھر جا، ٽپڙ ٽڪي کپائي يا جوا، ۾ لٽائي اھو سندس پيدائشي حق ٿئي ٿو، انڪري 'اصلي' جيڪو ڪجھ بہ ڪن انھن کان پڇا ڪرڻ، ايستائين جو معلوم ڪرڻ بہ ٻئي ڪنھن جو حق يا اختيار ڪونھي.
ڀلائي
پرائي ڪافي عرصي کان بند پيل گاڏي [ويگن] جي چاٻي ٺھرائي ان کي بغير ڪرائي جي اسڪول وين ڪري ھلائڻ لاءِ چندو گڏ ڪرڻ کي سنڌيءَ ۾ ڇا چونداسين ـ [ڀلائي]
جڳ مشھور صحافي
مان ھڪ جڳ مشھور صحافي آھيان. مشھور اخبارن ۾ ڪالم لکندو آھيان. ڪڏھن ڪڏھن اخبارن جا ايڊيٽوريل بہ لکندو آھيان. روزانو ٽي وي چينلن تي بہ پروگرامن جي ميزباني ڪندو آھيان يا وري پروگرامن ۾ ماھر ٿي ويھندو آھيان.
مان سنڌ سان ٿيندڙ ويساھ گھاتين تي لکندو آھيان ۽ انھن خلاف سنڌي قوم کي متحد ڪرڻ ٿو چاھيان. انھي مقصد خاطر ڪافي سياسي، ادبي، ثقافتي ۽ غيرقانوني تنظيمن جو ميمبر، باني ۽ اڳواڻ بہ آھيان.
منھنجي آمدنيءَ جا ذريعا ڪي محدود تہ ڪونھن، ڌڻيءَ جا لک قرب پر مستقل طور مان ھڪ سرڪاري ملازم مطلب سنڌ حڪومت جي ماتحت کاتي جو ملازم آھيان. ڏسو پيريءَ ۾ پينشن بہ تہ گھرجي ھروڀرو اولاد جي اڳيان ھٿ ٽنگڻو نہ پوندو.
صحافي ھجڻ جو فائدو اھو آھي جو ان ڪري نوڪريءَ تي وڃان ئي ڪونہ، ڪو پڇندو بہ ڪونھي. جيڪڏھن ڪنھن جرئت ڪئي تہ اخبارن ۾ رڻ ٻاري ڏيندا آھيون.
منھنجي سوچ مطابق سنڌ جي حڪومت تي قابض ٽولو سنڌ دشمن آھي، انھن مان جند ڇڏائڻ تمام ضروري آھي. خاص ڪري اسان جي کاتي وارو وزير تہ بالڪل چٽ آھي. اڳيون شھري وزير اسان جو خاص خيال رکندو ھيو.
نوٽ: جنھن کي بہ ھي ليک سندس شخصيت جي عڪاسي لڳي اھو مھرباني ڪري ٿڌي پاڻيءَ جو گلاس پي ڇڏي.
پرائي ماڙي، پنھنجو جھڳو
پرائي ماڙي ڏسي پنھنجي جھڳي کي باھ نہ ڏيوـ
ڏٽن پوزين تي سڄي ڳوٺ کي گارگند نہ ڪريو ـ
دنيا تي ھڪ نظر ڦيرايو
عراق
شام
لبيا
يمن
افغانستان
لڳا پيا آھيون
پنھنجي وس آھر منھن ڏيون پيا.
وسئون تہ ڪونہ ٿا گھٽايون.
جيڪي دوست عوام جي ملڪيتي (سرڪاري) ھيپٽائيٽس ۽ ايڊز ڪنٽرول پروگرام جو ھٿ ونڊائين ٿا انھن جي بہ مھرباني، رڳو ايئن تاثر نہ ڏين تہ کانئن سواءِ سنڌ ۾ انڌير لڳو پيو آھي.
پاڻ تہ ڪنھن ھڪ ڳوٺ يا صحت مرڪز تائين ڪم پيا ڪن پر، اسان جا ملڪيتي ادارا سڄي سنڌ ۾ ڪم ڪن ٿا.
ڪوتاھيون آھن، انھن جي مثبت نشاندھي ڪرڻ اسان سڀني ڌڻين جو فرض آھي.
پاتال ۾ گڏ آھيون
اسان جو گڏيل مقصد 'متحد ٿيڻ' سان گڏ "منظم ٿيڻ" بہ ھجڻ گھرجي. رڳو ڪنھن سان پھر وھڻ وارو رويو مناسب ڪونھي. جيڪڏھن منظم ۽ متحد ٿيڻو آھي تہ رڳو ڪنھن ھڪڙي 'مذھب' جي معاملي تي ڇو؟ قومپرستي، نسل پرستي، جمھوريت دشمني، عورت دشمني، مزدور دشمني، سائنس دشمني، جھالت، موقعي پرستي ۽ ٻِدوئيءَ خلاف ھڪ ئي وقت منظم ٿيڻو پوندو. ڪووڊ پڄاڻان مسئلو رڳو مذھب ڪونھي، مٿي ڄاڻايل سڀئي رويا بشمول صوفيت جي سامھون نروار بيٺا آھن. اڪثريت جو سڀ کان وڏو مسئلو ٽن ويلن جي بُکَ، صحت جون سھولتون، معياري تعليم، پنھنجو جھڳو ۽ عزت ڀريو روزگار آھي. مذھب ۽ قومپرستي تہ ڀريل پيٽ جا چونچلا آھن. مبارڪن ڏيڻ ۽ مذمتون ڪرڻ واري مڊل ڪلاسي ثقافت مان جند ڇڏائڻي پوندي، جيڪڏھن نہ تہ پوءِ پاتال ۾ گڏ آھيون.
ڳالھائيون حق سچ
سڄو سچ، اڌ سچ تہ
اھا ڀينگ ڪئي آھي
ڌُرِ ٿيئون ڌُرِ، اڻڌريو مطلب
ڏاڍ ۽ ڏاڍي جو ساٿاري
سانڊن جو ساٿ ڇڏي
انھن کي وائکو ڪريون
ھر ڪنھن جي ھشيءَ تي
دوسو ٿينداسين تہ پوءِ
دھلاري تہ رڳو نچائيندا
ڪيستائين رڳو نچنداسين
عنايتون، رعايتون پننداسين
پنڻ جي پورھيئي مان
ڪو پَلَ ڪونہ ڀربا
رڳو جھول ئي ڀربا
ماٺِ نہ مُٺي ڀلي
نہ وري مِٺيِ ڀلي
سڏ کي سڏ ڪيئون
سڏ جو سڏ ورائيون
سڏ جو سڏ ورنائيون
سڏ جو پڙاڏو ٿيئون
اچو ماٺ جو روزو کوليئون
اچو تہ گڏجي ڳالھائيون
جيڪڏھن چپ رھنداسين
پاتال ۾ تہ گڏ آھيون
منجھيل سوال
آمريڪا ۾ 2020 جي نومبر، ۾ رٿيل صدارتي چونڊن لاءِ اميدواريءَ جو حق حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ فبروري 2020 ۾ شروع ٿي، جنھن ۾ برني سينڊرس نالي واري سوشلسٽ اميدوار طبقاتي سوال اٿاريو ۽ معمول کان ابتڙ پذيرائي بہ حاصل ڪئي. مجموعي طور ھاڻوڪي متوقع اميدوار 'بائيڊن' کانپوءِ ٻئين نمبر تي ووٽ بہ حاصل ڪيا. ڏٺو اھو پيو وڃي تہ ھن سال واري صدارتي اليڪشن ۾ طبقاتي سوال جھڙڪ صحت، تعليم، روزگار ۽ اجھو نمايان ھوندا.
ٿيو ايئن جو ھڪ آفريڪي نسل جو آمريڪي شھري 'جارج فلائيڊ' پوليس ھٿان بيگناھ ماريو ويو جنھن جي نتيجي، ۾ نہ رڳو آمريڪا پر سڄي دنيا ۾ نسل پرستيءَ خلاف ھڪ اڀار آيو جنھن جي وھڪري ۾ طبقاتي سوال لڙھي ويو ۽ آمريڪا ۾ رٿيل نومبر 2020 جي صدارتي اليڪشن جو مک سوال ''پوليس جي نظام'' ۾ بھتري آڻڻ تائين محدود ٿي ويو.
مون کي ھڪڙي سوال منجھائي وڌو آھي، اھو سڀ ڪجھ اوچتو، پاڻ ھرتو ٿيو آھي يا اڳتي ھلي خبر پوندي تہ طاقتور ڌرين ڪنھن رٿابنديءَ سان 'برني' ۽ سندس ساٿين جي محنت کي لوڙھيو آھي.
ماڻھن کي ڳالھائڻ ڏيو
تنقيد ڪرڻ ۾ ڪا بہ برائي ڪونھي.
ڪنھن ناليواري مفڪر يا شاعر تي تنقيد ڪرڻ ۾ ڪا بہ برائي ڪونھي.
منھنجي ذاتي راءِ ۾ تہ 'ڀٽائي' بہ تنقيد کان آجو ڪونھي.
جنھن ڏينھن سماج اھو حڪم صادر ڪيو تہ فلاڻي، فلاڻي تي تنقيد حرام آھي، ان ڏينھن 'ادب' جا دروازا بند ٿي ويندا.
ماڻھن کي ڳالھائڻ ڏيو.
ھا جڏھن پاڻ ڳالھائيو يا انھن جي تنقيد جو جواب ڏيو تہ ايئن ڳالھايو جيئن توھان کانئن ڳالھائڻ گھرو ٿا. سھپ جو اھڙو ماحول پيدا ڪريو جيئن نئين پود ان مان ڳالھائڻ ۽ جواب ڏيڻ سکي.
ھڪ طرفا فيصلا صادر نہ ڪريو،
اھو پڙھندڙ کي فيصلو ڪرڻ ڏيو تہ
سچ ڇا آھي، ڪوڙ ڪھڙو آھي.
ڪير صحيح آھي، ڪير غلط.
ڪاوڙ ڪرڻ ڪٿان جو انصاف ٿيندو
جيڪڏھن ڪو اکين کان نابين اھو چئي تہ ھر طرف ڪجھ نظر ڪونہ ٿو اچي تہ ان تي ڪاوڙ ڪرڻ ڪٿان جو انصاف ٿيندو.
جيڪڏھن ڪو فرد اسان جي تخليقڪارن جي جنسي قصن ڪھاڻين تي پنھنجي راءِ ڏئي جيڪا اسان جي ذاتي راءِ کان مختلف ھجي تہ ان تي ڪاوڙ ڪرڻ ڪٿان جو انصاف ٿيندو.
جيڪڏھن ڪنھن فلسفيءَ کي غلط العام سياستدان سمجھيو وڃي تہ انھن نادان ماڻھن تي ڪاوڙ ڪرڻ ڪٿان جو انصاف ٿيندو.
جيڪڏھن ڪنھن افسانہ نگار کي غلط العام فلسفي سمجھيو وڃي تہ انھن نادان ماڻھن تي ڪاوڙ ڪرڻ ڪٿان جو انصاف ٿيندو.
جيڪڏھن ڪنھن سياسي ڪارڪن کي غلط العام ليکڪ ڪري سمجھيو وڃي تہ انھن نادان ماڻھن تي ڪاوڙ ڪرڻ ڪٿان جو انصاف ٿيندو.
لفظن جو استعمال
جڏهن انسان ڪاوڙ اچڻ تي پٿر جي بجاءِ لفظن جو استعمال ڪيو. اهو تھذيب جي آغاز جو اظھار هوـ
ڪجھ دوستن جون ڪرڀ ڀريون پوسٽون پڙھي اھو لکڻ جي، ضرورت محسوس ٿي تہ ھر ڪم يا منصوبو جنھن ۾ توھان ملازم يا منتظم جي حيثيت ۾ شامل آھيو، اھو دراصل عوامي نوعيت جو منصوبو ھوندو آھي.
توھان پنھنجي ڄاڻ آھر بالڪل بھترين طريقي سان پنھنجو فرض نڀايو ھوندو آھي مگر اھو چوڻ تہ ان تي ڪو بہ ٽيڪا ٽپڻي نہ ڪري يا بھتريءَ جي صلاح نہ ڏئي ڪٿان جي عقلمندي آھي.
جنھن ڏينھن سماج اھو حڪم صادر ڪيو تہ فلاڻي، فلاڻي تي تنقيد حرام آھي، ان ڏينھن بھتريءَ جا دروازا بند ٿي ويندا.
ماڻھن کي ڳالھائڻ ڏيو.
ھا جڏھن پاڻ ڳالھائيو يا انھن جي تنقيد جو جواب ڏيو تہ ايئن ڳالھايو جيئن توھان کانئن ڳالھائڻ گھرو ٿا.
سھپ جو اھڙو ماحول پيدا ڪريو جيئن نئين پود ان مان ڳالھائڻ ۽ جواب ڏيڻ سکي.
ھڪ طرفا فيصلا صادر نہ ڪريو،
اھو پڙھندڙ کي فيصلو ڪرڻ ڏيو تہ
سچ ڇا آھي، ڪوڙ ڪھڙو آھي.
ڪير صحيح آھي، ڪير غلط.