مختلف موضوع

ڳالھيون پيٽ ورن ۾

ھن ڪتاب ۾ اھي بلاگ شامل آھن جيڪي مون سوشل ميڊيا جي جھان تي وقت بر وقت ونڊيا آھن. انھن بلاگن ۾ زندگيءَ جا مختلف موضوع ۽ اندر ۾ اٿندڙ سوال موجود آھن. عبدالرحمٰن پيرزادي صاحب جي بلاگز کي جڏھن پڙھجي ٿو تہ انھيءِ ۾ اسان کي تمام گھڻا موضوع بحث ھيٺ ايندي نظر اچن ٿا جنھن ۾ مذھب، سياست، سائنس، تعليم، صحت، زراعت، ادب، آرٽ، محبت، ماحوليات، نفسيات ءِ تاريخ سميت ٻيا بہ ڪيترائي موضوع شامل آھن.                       

Title Cover of book ڳالھيون پيٽ ورن ۾

حصو پھريون

ڪڇان تہ ڪافر

اڄڪلھ سنڌ ۾ پاپولسٽ دانشوري بہ جھڙوڪر واڻڪي ھٽ وانگر آھي. سنڌ جا مھان دانشور حضرات توھان کي ھر دور جو تجزيو ڪندي نظر ايندا پر متان ڪو اصليت جي پڇا ڪريو، جواب ۾ چوندا تہ کين انھن حالتن جي ڪا خاص خبر ئي ڪونھي جن تي پورو ڪتاب لکي ڇاپرائي ڇڏيندا. ھا ڪتاب ڇپرائڻ تان ياد، آيو مون جھڙو ڪو ليکڪ تہ اھو خواب کڻي مري ويندو تہ سندس ڪم ڪٿي ھٿيڪو ٿئي مطلب ڇپجي، ھي جن ھمراھن جا ھر مھيني ڪتاب پيا ڇپجن، انھن کي ڇپرائي ڪير ٿو ۽ اھي وڪجن ڪيئن ٿا، يار، اھڙا سوال ڪندئو تہ پوءِ، آيتون ئي ٻڌندئو.
ھا ڳالھ پئي ڪئيسين حالتن، ڪردارن ۽ سياسي ڌرين جي جن سنڌ جي سياسي ماحول ۾ ڪا، اٿل پٿل آندي يا ڪو اھڙو ڪردار ادا ڪيو جو کين ياد رکيو وڃي.
سنڌ جي سياسي ڪردارن تي جيڪڏھن نظر وجھو تہ توھان کي شروعات ۾ الھ بخش سومري، سوريھ بادشاھ، مسلم ليگي اڳواڻ(جن جا نالا مان ڄاڻي واڻي نٿو لکان جو وري نئون ممڻ مچي ويندو) ڪميونسٽ پارٽيءَ جا اڳواڻ ڪامريڊ جمال دين بخاري، ڪامريڊ صوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ شانتا بخاري، ھجرت ڪري ويل ڪميوہسٽ اڳواڻ ۽ ھجرت ڪري آيل ڪميونسٽ اڳواڻ، ڄام ساقي، مير ٿيٻو، ھاري ڪميٽي ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، مولوي نظير جتوئي، مولوي عبدالقادر ڪلھوڙو، قاضي محمد بخش ڌامراھ، سائين جي، ايم سيد ۽ ان جا پوئلڳ [بقول سندن جي، ايم سيد جا ڏنگا ٻار]، جيئي سنڌ جون مختلف شاخون، عوامي تحريڪ، رسول بخش پليجو ۽ ان جا پوئلڳ، پيپلز پارٽي، شھيد، ذوالفقار علي ڀٽو، شھيد شاھنواز ڀٽو، شھيد محترما بينظير ڀٽو، ان ساڳي ئي تلسل جي شاخ مير مرتضا ڀٽو، ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ ۽ ان جا ساٿي مطلب تہ ڪيترا نالا ڳڻايون.
ھاڻي جيڪو بہ دانشور صاحب لکي ٿو اھو دانستہ يا نادانستہ انھي سياسي ڌر يا قوت جو ڪٿي ذڪر ڪرڻ بہ مناسب نٿو سمجھي جن جي سڄي ڄمار رڳو انھن ھيرن کي ھڪ لڙھيءَ ۾ پوئيندي گذري وئي. ڪميونسٽن جي صبر، برداشت، محنتن، صبر ۽ سياسي بصيرت سبب ئي سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ سڀئي دوست ڪنھن ھڪ ھنڌ جمع ٿيندا ھيا.
ڏٺو وڃي تہ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ساٿين جي باربار ڪوششن باوجود سنڌ ۾ الڳ الڳ نظرين تحت ڪم ڪندڙ ڌرين کي گھڻو عرصو عوام جي بنيادي مسئلن تي گڏ ڪرڻ ڄڻ ناممڪن نہ تہ مشڪل ضرور ھوندو ھيو.
سٺ جي ڏھاڪي جو سنڌ متحدہ محاذ ھجي، بزم صوفيا، سنڌ اتحاد، سنڌي عوام جو قومي اتحاد، نعپ، عوامي نيشنل پارٽي، سنڌي، ادبي سنگت، سنڌ ھاري ڪميٽي، سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ بھتر سياسي ماحول ۽ امن لاءِ اتحاد، ايم آر ڊي جي جدوجھد، مطلب ھر دفعي توھان کي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اڳڀرائي نظر ايندي. اھا پارٽيءَ جي پاليسي ھئي تہ اھا پسمنظر ۾ رھي دوستن کي اڳتي اچڻ جو موقعو فراھم ڪندي ھئي .
ھاڻي جيڪي دانشور حضرات صفا سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي تاريخ ۽ مستقبل جا، ڄڻ پاڻ ھرتو ٺيڪيدار لڳا ويٺا، آھن، انھن کان اھو تہ پڇي سگھجي ٿو تہ جي سگھارين ڌرين وٽ موجود باقي خبرون بہ کين ملي وڃن ٿيون تہ پو يار انھ ويچارن جن کي پليجو صاحب پيار مان 'ڊينڊڙا' سڏيندو ھو، انھن جي جئي کي ڇو ٿا لوڙھيو.
چون ٿا ڌڪ تہ دشمن جو بہ ڳائبو آھي. ھي تہ بي ضرر سياسي پورھيت ھئا جن پنھنجو ڄمارون، گھر ٻار سنڌ جي ماڻھن جي خدمت ڪندي واري ڇڏيا .

ھَڙَ
ڪميونسٽ پارٽيءَ جي جڏھن بہ ڪا تربيتي نشست ٿيندي ھئي يا ڪو سينئر دوست ساٿي ڪچھري ڪندو ھو تہ سندس سڄي ڳالھ ٻولھ جو تت ھوندو ھيو، مخالفن تي تنقيد ايتري ڪريو جنھن مان ڪا ھڙ حاصل ٿئي. سياسي اختلافن تي ھروڀرو ايترو بحث نہ ڪريو جو سماجي تعلقات خراب ٿي وڃن. گڏيل مفادن واري گھٽ ۾ گھٽ سياسي پروگرام تي اتحاد ٺاھيو. انھن ڏينھن ۾ تعليمي ادارن ۾ ھٿيارن جي زور تي قوم پرستن طرفان جھڙوڪ روزاني اسان تي ڪنھن نہ ڪنھن تعليمي اداري ۾ تشدد ٿيندو ھو، ان لاءِ چيو ويندو ھو تہ جيڪڏھن توھان تي ڪو تشدد ڪري ٿو تہ ان کي تشدد سان جواب ڏيڻ بدران ان پيدا ٿيل ماحول جو سياسي فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪريو، عام شاگردن جون ھمدرديون حاصل ڪريو، تنظيم کي سياسي طور سگھارو بڻايو. مختلف نظرين جي سياسي تنظيمن ۽ سندن ڪارڪنن کي گڏيل مقصد لاءِ گھٽ ۾ گھٽ گڏيل جدوجھد ڪرڻ جي ترغيب ڏيو. پاڻ کي منظر تان جيترو ٿي سگھي غائب رکو. انھن کي اڳوائي ڪرڻ جو موقعو ڏيو.
سڄي جمھوريت جي بحاليءَ جي جدوجھد جنھن کي ايم آر ڊي جي نالي سان ياد ڪندا آھيون. ان جي لاءِ ڪميونسٽ پارٽيءَ ڄام ساقي ڪيس دوران سڄي ملڪ جي انھن جمھوريت پسند سياستدانن کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪيو جيڪي ھڪٻئي جي شڪل ڏسڻ لاءِ راضي ڪونہ ھئا. ملڪي، سطح کان وٺي، صوبائي، ضلعي ڇا تعلقي سطح تي بہ سڀني کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪرڻ لاءِ ڏينھن رات لوڙيوسين. ذميواري اھا ھوندي ھئي تہ ماڻھن کي گڏ ڪيو، ٻين ڌرين جي سياسي ليڊرن جو تقريرون لکو، اسٽيج سيڪريٽري ٿيو، پر گرفتاريءَ کان بچو، ڄاڻي واڻي گرفتاريون نہ ڏيو. شاگرد، ھاري، مزدور، سياسي ڪارڪن سڀني ڏينھن رات محنت ڪئي. جڏھن تاريخ لکبي تہ اسانجو نالو نشان ئي ڪونہ ھوندو. تاريخدان اخباري خبرن مان گرفتار ٿيلن جا انگ اکر گڏ ڪري، شامل تنظيمن جي قوت جو ڪاٿو لڳائيندا. انھن کي ڪھڙي خبر تہ اسان سماج ۾ تبديلي ۽ سياسي اٿل پٿل جي ھڙ حاصل ڪرڻ لاءِ صفا فنا في اللہ ٿي ويا ھئاسين. جنھن 'ھڙ' جي آسري سڄي عمر ڪکن تي پير رکي ھلياسين. ھاڻي جي اھا سڄي ھڙ ملي بہ پئي تہ اسان وارو تہ جھڳو ئي جھڻ ٿي ويو.
سڄو ڍينگو ئي ڍيري.
کوڙيءَ کي ئي گھمرو.


ڪوڙو تون ڪفر سين
وڏيرو ھجي يا جاگيردار, پير ھجي يا سردار لفافي صحافي ھجي يا ڀتاخور قومپرست ,ڌنڌوڙي مزدور اڳواڻ ھجي يا ڪوڙو ڪميونسٽ سڀئي ڪردار رياستون پيدا ڪنديون آھن
حڪومتون مجبوري ۾ پالينديون آھن
سماج انھن جو ڪيتو لوڙيندا آھن
جيئن اسان سنڌ ۾ لوڙيون پيا
بيٺڪيت کان جديد بيٺڪيت تائين ڪجھ ڪردار وري بھروپ ۾ ھوندا آھن. بظاھر ڏاڍا، ايگريسو، سطحي سچار، ھر ڳالھ مڃائڻ لاءِ شروعات ئي ڪندا توھان جي تعليمي قابليت يا حالتن کي، سمجھڻ ۽ بيان ڪرڻ جي صلاحيت تي طنز ڪري ـ سوال اٿاري. پنھنجي علمي برتري پيدا ڪري
بظاھر جنھن جي مخالفت ڪندا تہ ايئن لڳندو ڄڻ سندن ازلي دشمن آھي. مڄاڻ انھي جي ونگار وھندي اھڙي لفاظي ڪندا جھڙو ڏوھ ئي اسان جي سمجھ جو آھي
اسان ڪنھن نيڪ دل، سٻاجھڙي ڪردار کي
ڪيڏو غلط پئي سمجھيو
سندن پورو مقالمو مذھب کان ٿيندو قوم تائين صرف ڏوھي جا پيرا لڪائڻ لاءِ ھوندو آھي

لٽل ماسڪو
ٻلھڙيجيءَ کي لٽل ماسڪوجو نالو جماعت اسلاميءَ جي پروفيسر اسداللہ ڀٽو بغز مان ڏنو. اھو الڳ بحث آھي.
اتي 4 ڳوٺ آھن حاجي لعل بخش شيخ , نوان شيخ , ڀليڏنو ابڙو ۽ ٻلھڙيجي.
ڳوٺ حاجي لعل بخش شيخ ۾ پرائمري اسڪول 1886 ۾ خليفي عبدالرحمان پيرزادي قائم ڪيو، جيڪو بعد ۾ خليفو محمود پيرزادوسنڀاليندو ھو. اھو اسڪول بعد ۾ مسلم اسڪول حاجي لعل بخش شيخ ۽ اڄڪلھ گورنمنٽ پرائمري اسڪول حاجيَ لعلَ بخش شيخ جي نالي سان قائم آھي. اھو خانگي اسڪول ھيو ۽ بنا ڪنھن فيس جي ٻار پڙھندا ھئا.
گھڻن کي ڏکيو لڳندو پر حقيقت اھا آھي تہ لٽل ماسڪو جي طنز سان گڏ اتي ھڪ مئخانو آيونام نھاد ترقي پسنديءَ چرس ۽ ڀنگ جو ملڻ مفتَ ڪري ڇڏي. اڄڪلھ انھي چرس ۽ ڀنگ ۾ وري شراب جوَ بہ واڌارو ٿيو آھي.
انھن چئني ڳوٺن جي تعليم ۾ انھي نالي يا لقب جو ڪوبہ ڪردار ڪونھي. ھا ايئن ٿيو آھي تہ ڏوڏي، ڀنگ، چرس ۽ شراب جي موالين کي عظيم ڪري پيش ڪيو ويو آھي.
جيئن تاريخ جي ھر ڪتاب ۾ ھوندو آھي, انھن استادن جوَ ڪو دڪو بہ داخل ڪونھيَ جن ھڙئون، وڙئون اھو تعليمي ماحول پيدا ڪيو. مان لکندم تہ شايد کوڙ پردہ نشين. اگھاڙا ٿيندا
ذڪر صرف انھن جو آھي جيڪي ٻاھر رھيا. جن اتي لوڙيو، جن وقت ڏنو، ڪم ڪيو انھنَ جي ڪنھن کي خبر ئي ڪانھي ڇو جو انھنَ جي مشھوري ءَ وارن وسيلنَ تائين رسائي ڪونہ ھئي ۽ نہ ئي آھي.
انھي حد تائين تہ جنھن شخص انھي ڳوٺَ جي زمين پنھنجي ھڙان خريد ڪري سڀني ڳوٺ وارن کي گھرج آھر جڳھ ڏني، انھي خليفي محمود جو بہ ڪو ذڪر ڪونھي .
ڳوٺ جي پھرين استاد, ڳوٺ جي استادن. بمبئي مان فائينل پاس ڪندڙ مردن، عورتَنَ ڇوڪرين جو اسڪول قائم ڪندڙ آمنتَ پھرين گريجويٽ 'پھرين'ماسٽرس, پھرين ھاءَ اسڪول ٽيچر,60 جي ڏھاڪي ۾ ڳوٺ سڌار تحريڪ جو آغاز ڪندَڙَ. 70 جي ڏھاڪي، ۾ ڊراما سوسائٽي قائم ڪندڙ. سنڌ ھاري ڪميٽَيَ, شاگرد سياستَ, 1980 جي ڳوٺ سڌار سنگتَ ڪو بہ، ڪير بہ ڪجھ بہ ڪونہ ھيو يا آھي.
بس، انھن جو ذڪر آھي جن جي تشھير جي وسيلن تي رسائي آھي

واقعو
ستر جي ڏھاڪي جو اکين ڏٺو واقعو ـ
''ٽيٽي فقير'' پنھنجي مرشد اڳيان مانيءَ جو دسترخوان رکندي، ھٿ ٻڌي عرض ڪيو
''بابا سائين ڪجھ خيال ڪيو، پيٽ اچي نڪ سان لڳو اَٿَوَ. ڦاٽي نہ پئي''
سڄي محفل ۾ ٽھڪڙو پئجي ويو.
چيائون فقير سائين جن جو ھجائتو خليفو آھي، مذاق پيو ڪري.

ترقي پسند اديبن جي ڪانفرنس
ترقي پسند اديبن جي گولڊن جوبلي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب ڪراچي پريس ڪلب ۾ ٿي جنھن ۾ شيخ اياز جو لکيل گيت "ميرے ديدہ ورو، ميرے دانشورو" بيدل مسرور ڳايو.
ان گيت کي ڪانفرنس جو ترانو ڪري پيش ڪيو ويو ھو.
ان ڪانفرنس ۾ پاڪستان، ھند ۽ سنڌ جي نالي وارن ترقي پسند، اديبن شرڪت ڪئي
سڀني کان وڌيڪ پذيرائي ڪامريڊ صوڀي گيانچنداڻيءَ کي ملي، جنھن کي جڏھن صدارتي پينل ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سڏ ڪيو ويو تہ لڳ ڀڳ 10 منٽ پنڊال تاڙين سان گونجندو رھيو ۽ ھرھڪ موجود منش پيرين اڀو بيٺو رھيو.
چانھ جي وقفي ۾ ڪامريڊ صوڀي، ابراھيم جويو کان شيخ اياز جي نہ اچڻ جو بڇيو، جنھن وراڻيو طبيعت خراب ھيس.
ھلندڙ ڪانفرنس دوران جڏھن ڪامريڊ صوڀو، شيخ اياز جي مزاج پرسيءَ لاءِ سندس گھر ويو تہ اياز چيس، طبيعت کي ڪجھ بہ ڪونہ ٿيو ھو، 'جوئي' سڄو احوال ڏنو ۽ واقعي چڱو ٿيو ڪونہ آيس. توکي جيڪڏھن ادبي ڪانفرنس ۾ مون کان وڌيڪ پذيرائي ملي تہ يار مان برداشت ڪونہ ڪري سگھندس.

چانڊڪا جون يادگيريو ن
شروعاتي ڏينھن
جڏھن اسان چانڊڪا ۾ 80 جي، شروعاتي ڏينھن ۾ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي سياست ڪندا ھئاسين، ان وقت قومپرست جيڪي انھن ملن کان بہ ٻہ ھٿ اڳتي ھئا، انھن تہ ڪڏھن 'سنڌ' کان پنھنجي گناھن جي معافي ڪونھي گھري. ھا، اڄڪلھ وڏا ترقي پسند ٿي پيا آھن

چانڊڪا جا ڪردار
ماما مڙس جي زبان آ,ڪو گڏھہ تہ ڪونھي جو گھُہَ ڪري بيھي رھي
(چانڊڪا جو ھڪ لازوال ڪردار، ڪنھن ڪنھن کي ياد آيو؟)
"چانڊڪا ۾ ھڪڙو ''شاگرد رھنما ''ھر دفعي جنرل باڊي ۾ خطاب ڪندي چوندو ھو "اڄ ھڪ ھڪاڻي ڪبي
پرنسپال وٽ پھچندي سندس پيرن تي ڪري پوندو ھو "ابو "آھين عزت رک ـ
"ٻاھر اچي گاريون ڪڍي چوندو ھو "مون چيو ھو ھڪ ھڪاڻي ڪبي

خالد محمود
خالد محمود سومرو، جميعت طلبہ اسلام جي نمائندگي ڪندي چانڊڪا ۾ پروگريسو اسٽوڊنٽس الائنس جو صدر ھيو.جنھن ۾ سپاف، ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن، پروگريسو جيئي سنڌ، سنڌي شاگرد تحريڪ شامل ھيون.
اھوMRD جي تحريڪ جو ثمر ھيو جو ھڪ پاسي JTI ترقي پسند قوتن سان سلھاڙيل ھئي ۽ ٻئين پاسي جمھوريت پسندن وڏي دل ڪري انھن کي پاڻ سان گڏ رکيو.
خالد محمود جڏھن سينيٽر ھيو، ان وقت عورتن جي مسئلي تي سندس موقف بہ اھو ئي ھيو جيڪو اڄڪلھ ان جي جماعت جو آھي.
سبق: ڌران ئي ڌاريا، مٽ مئيءَ جا نہ ٿيا

سترھين آڪٽوبر
ساٿي ٻارڙا سنگت طرفان سترھين آڪٽوبر 1984 تي مھين جو دڙو بڇايو ڪانفرنس رٿيل ھئي ۽ انھن ئي ڏينھن ۾ اسانجي ڪاليج طرفان ھائيجن ٽوئر رکيل ھئي .ھاسٽل جي ڪمري ۾ جڏھن مون حميد سومري کي ٻڌايو تہ مان ٽوئر جي لاءِ پئسا ڏئي نالو لکرائي آيـو آھيان تہ صفا ڪاوڙجي پيو .چيائين خبر بہ اٿئي ايڏو وڏو پروگرام رٿيل آھي، تون اسٽيج سيڪريٽري ھوندين پوءِ بہ ھروڀرو پنھنجي ٿو ھلائين
.مون چيو ھڪڙي پاسي ڏنگا ٻار پيا ڳالھيون ڪن تہ اسان اھا ڪانفرنس ڪرڻ ڪونہ ڏينداسين، ٻئي پاسي ڊپٽي ڪمشنر ھاشم ميمڻ بہ اجازتنامو جاري ڪونہ ٿو ڪري، يار مونکي تہ اھا ڪانفرنس ٿيندي نظر نٿي، سچي ھروڀرو گھمڻ جو .موقعو بہ تون وڃائيندين .منھنجي مڃ تون بہ ھل گڏ ھونداسي مزو ايندو.
حميد سومرو مڃڻ وارو ڪٿي ھو ۽ مان وري مڙڻ وارو ڪڏھن ٿيو ھيس .بس ايئن ٽوئر تي ھم ڪلاسين سان گڏ نڪري پياسين.
سترھين آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ علامہ اقبال اوپن يونيورسٽيءَ جي ھاسٽل ۾ يا گيسٽ ھائوس ۾ ھياسين چٽو ياد ڪونھي تہ اھا خبر آئي تہ ٽوڙي ڦاٽڪ تي حادثو ٿيو آھي، جنھن ۾ ڪجھ نوجوانن حياتيون بہ وڃايون آھن .اسان فيصلو ڪيو تہ پريس ڪانفرنس ڪري ان واقعي جي نندا ڪرڻ گھرجي پر ٽوئر ڪميٽيءَ دل نہ جھلي .ڌڻين بہ اھو چيو تہ ھي ڊينڊڙا شيطانگيري ٿا ڪن جي ھتي ٻڌجي پياسي تہ مالڪي ڪير ڪندو .
مھين جو دڙو بچايو ڪانفرنس تہ ضلعي انتظاميا ھڪ يا شايد ٻہ ڏينھن اڳ حڪمنامو جاري .ڪري بندش ھڻي ڇڏي ھئي پر پانڌيئڙن ۽ ٻين ڌر کي شايد وقت سر سُڌ نہ پئي ھئي.
جيڪو بہ ٿيو ڏاڍو خراب ٿيو، ان کانپوءِ اڳتي ڪوھ مري، پشاور، بحرين، ڪالام، لنڊي ڪوتل، خيبر تائين بس ڪٽڪ اسان جي .ٽوئر سان گڏ پئي ھليا .
ھڪ ڳالھ جيڪا اڃا تائين سيسراٽيون ڪڍيو ڇڏي، ھمراھن پوءِ بہ ھٿيار پنھوار دل تي خريد ڪيا


عبدالرحمٰن 'نقاش' ۽ انب گوپانگ
لنواري شريف جي لائبرريءَ مان شروع ڪيل عبدالرحمٰن نقاش جو سفر ۽ سندس انھن ڏينھن جي ھمسفر انب گوپانگ سان ستر جي ڏھاڪي ۾ ٿيل ملاقت کي الائي ملاقات بہ چئي سگھجي يا نہ.. اسان پانڌيئڙا جڏھن 'لنواري شريف' ڳوٺ ۾ اچي لٿا سين تہ شام جو ڏاڏو مون کي بازار جي ڏکڻ پاسي واري ان لائبرريءَ ۾ ڇڏي ويو جتي 'عبدالرحمان نقاش' ۽ 'انب گوپانگ' بہ موجود ھئا. وڌيڪ ڪجھ بہ ياد ڪونھي.

حلالي
مون 1986 ۾ ھڪ نامي گرامي ڌاڙيل سان ڪچي ۾ ڪچھري ڪئي،
کيس ھارين جي حال ۽ حقن نہ ملڻ جو ڏاڍو درد ھيو.
اھو ڌاڙيل علائقي ۾ ھارين سان انصاف ڪرڻ لاءِ مشھور ھيو.
جنھن بہ کري تي قبضو ڪندو ھيو، رڳو زميندار جو حصو کڻندو ھيو.
ھا باقي جنھن ڳوٺ جي ڀر ۾ رات پئي، اتي رات ملھائيندو ھو.
چوندو ھو وڏيرن کي نٿا جھلن، اسان ڪھڙو ڏوھ ڪيو.

اجُڪو
سنڌ ۾ بئراج ۽ نھري نظام انگريز سامراج ھتي جي زرعي استعداد کي لٽڻ لا ءَ قائم ڪيو. ڪجھ ناعاقبت انديش انھن آقائن جي تعريف ڪندي ناھن ٿڪبا .جن سنڌو ءَ جو اھو درياھي اچ وڃ جو سڄو نظام برباد ڪري ڇڏيو.
ياد رکجو انھي ساڳيَ دور ۾ انھن پنھنجي ملڪ ۾ اھو نظام قائم ڪيو ھيڪو اڄ سوڌو موجود آھي.
سنڌو درياھ ۾ پاڻي ءَ وارا جھاز 'ٻيڙا 'ھلندا ھئا. اھي سنڌ مھاساگر جي بندرن، ڪيٽي بندر ۽ شاھ بندر تان سازوسامان توڻي انساني چر پر لا ءَ استعمالَ ٿيندا ھئا.
سنڌو ندي ءَ جي بندرن 'جھرڪ'، 'سونڊا'، 'گدو'، 'آمري'، 'سيوستانَ'، 'دادو'، 'چڪرو' 'ويھڙ'، 'ڪاراڻي'، 'ٻلھڙيجي'، حسن واھڻ، 'عاقل'،َ 'سکر'، 'روھڙي ھزارين بندر ھئا جن وسيلي ڏيھ اندر توڻي ڏيھا ڏيھي وڻج واپار ٿيندو ھو.
سنڌوءَ ڪناري مشھور واپاري مرڪز ايئن ھوندا ھئا جيئن اڄڪلھ ڪا 'برانڊ' ھجي
'سيدپور''، 'خيرپور'، ''شاھ جمالَ''، 'ڪوٽڙي'' ان وقت جَا واپاري دڪا ''برانڊ ''آھنَ

ساروڻيون
سنگت جي اڪثريت جڏھن چانڊڪا ۾ پڙھائيءَ ۾ مگن ھئي. اسان وري سياست ۾ مگن ھياسين، سال بہ وڃايو. لطيف ميڊيڪوز، ايس اين ايس ايف، سنڌي ادبي سنگت چانڊڪا شاخ، ڊي ايس ايف. شاعري، تنقيدي نشستون، ادب، سياست، تقريربازي، ڊبيٽ بس، اھي ئي ڪندا رھياسين. ميڊيڪل جا ڪتاب رڳو امتحان ڏيڻ لاءِ پڙھياسين.
جڏھن وڃي گريجويشن ڪئيسين تہ ھائوس جاب مڙئي عزت ڀريو ڪيو، ڪجھ سکياسين. وري ستت ئي، سرڪاري نوڪري ملي وئي، ڪجھ عرصي کانپوءِ چانڊڪا ۾ موٽي اچي ماستر ٿياسين. اتي وري ماسترن جي تنظيم چانڊڪا ٽيچرس ايسوسيئيشن قائم ڪئي. جن ڏينھن ۾ سنگت ڪلينڪن يا ڪلينيڪل پوسٽ گريجويشن طرف پئي وئي مون بہ چائيلڊ ھيلٿ ۾ ڊپلوما ڪئي پر بعد ۾ سمجھ ۾ آيو تہ دڪان تي ويھي ڪنھن ٻار جي بيمار ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ منھنجي وس ۾ ڪونھي. ڀڄڻ ڪم وريام جو جي مصداق ڪلينڪل سائيڊ کي خدا حافظ چئي پبلڪ ھيلٿ ڏي ھلي پياسين. ان کانپوءِ وري اڳتي پڙھائيءَ ڪرڻ جي ڪڍ لڳاسين ھيلٿ ۾ ماسٽرس ڪري ورتي. ادب ۽ سياست تہ ڪاليج کان وٺي گڏ ھيو، ان ۾ وري سائنس، صحت، صحت جي سياست، صحت جي معاشيات، سماج جي صحت ۽ سوشل سائنس بہ شامل ٿي وئي.
جڏھن سرڪاري نوڪري ڪرڻ جي قابل نہ بچياسين تہ ان کي بہ اللہ حافظ چئي ھيلٿ سروسز، اڪيڊمي، آغا خان يونيورسٽي، سي پي ايس پي جھڙن تعليمي ادارن ۽ اقوام متحدہ جي ادارن يونيسيف، يو اين ايف پي اي، ڊبليو ايڇ او، ورلڊ بئنڪ جڳھ ڏني. اتي وري ھيلٿ، اڪانامڪس، سياست ۽ ڊپلوميسي جي خبر پئي. پوسٽ گرجويٽ سطح تي پڙھائڻ لاءِ وري ڪجھ گھڻو. ئي پڙھڻو ٿو پئي
ھاڻي سنگت کي اسان مان اميد آھي ان پراڻي ھم ڪلاسي، دوست يا واقفڪار جھڙي جيڪو پوئين بئنچن تي خاموش ويٺو ھوندو ھيو. سندن اميدن جي برعڪس جيڪا فخر، پڪ ۽ مھارت سان ڳالھ پيش ٿا ڪريون، ان کي ھو وري ڪجھ ٻيون سمجھي پنھنجي ڪاوڙ ڪڍڻ ۾ دير ئي نٿا ڪن.
ھاڻي ڪجي تہ ڇا ڪجي حق سچ جو ساٿ تہ ڏيڻو پوندو. باقي رھيا رٺل انھن کي بہ پرچائينداسين.