سنڌ جو بلاگر عبدالرحمٰن پيرزادو
سنڌ ۾ ڪجھ ماڻھو بلاگ ڪن ٿا ليڪن ھڪ بلاگر جي حيثيت ۾ جيڪا سڃاڻ پبلڪ ھيلٿ جي ماڻھو، شاعر، ڪھاڻيڪار، ڪالم نويس رحمٰن پيرزادي جي سنڌ ۾ آھي اھا شايد ئي ٻئي ڪنھن جي ھجي. ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين بلاگ جي حوالي سان جيڪڏھن ڪنھن ماڻھووسيع ڄاڻ سڃاڻ ٺاھي آھي تہ اھو عبدالرحمٰن پيرزادو ئي آھي.
جيئن تہ بلاگ عالمي ويب سائٽ ذريعي پنھنجا خيال، تجربا، ڄاڻ دنيا تائين پھچائڻ جو ذريعو آھي. بلاگ ۾ سُرخي، شہ شُرخي بہ ھجي ٿي. بلاگ جو پيراگراف ۾ مختلف پوائنٽس يا بُليٽس ۾ ورھايل ھجي ٿو. بلاگ ۾ جيڪا پوسٽ ھوندي آھي ان ۾ مُنڍ، وچون سيڪشن ۽ پڇاڙي بہ ھجي ٿي. بلاگ ڪنھن ناول، مضمون، ڪھاڻي يا ڪالم بجاءِ مختصر ٿئي ٿو انڪري جلدي پڙھي بہ وڃجي ٿو تہ انجو اثر بہ اوترو جلدي ٿئي ٿو ۽ جيڪڏھن پاڻ سان جڙيل پڙھندڙ، ٻُڌندڙ سان ڳالھائجي ٿو تہ انجو فيڊبئڪ بہ جلدي اچي ٿو جيڪو انھي جي اھميت کي اجاگر ڪري ٿو. ھڪ بلاگر جي حيثيت ۾ عبدالرحمٰن پيرزادو تہ سوشل ميڊيا ۾ اڳ۾ ئي نروار ھيو ليڪن ڪورونا جي وبا جي آمد دوران ھن جي بلاگ کي غير معمولي پذريرائي ملي. ڪورونا جو مرض ھڪ خطرناڪ طريقي سان دنيا سميت سنڌ ۽ پاڪستان ۾ بہ آيو ۽ انجي آمد غيرمعمولي طور پراسرار ۽ ڀوائتي بہ ھئي. انھي معاملي ۾ دنيا جهان ۾ مونجھارا ھيا انھي موڙ ۽ موقعي تي جنھن طريقي بلاگ ذريعي عبدالرحمٰن پيرزادي سنڌ جي ماڻھن کي ڪورونا جي باري ۾ معلومات ۽ رھنمائي فراھم ڪئي اھا مثالي ھُئي. متِيُون منجهيل سرڪار جي ڀيٽ ۾ ڪورونا متعلق ڳالھ ٻولھ ۾ عبدالرحمٰن پيرزادي جو نالو حوالي طور ورتو پئي ويندو آھي. اھا مڃتا بہ آھي تہ اعزاز بہ آھي. ڪورونا جي باري ۾ ھن جا بلاگ الڳ ڪتاب جي صورت ۾ سھيڙجن پيا جن تي ٽيڪا ٽپڻي بعد ۾ ڪبي ۾ جڏھن تہ ھن وقت بلاگ تي مشتمل جيڪو ڪتاب زيربحث آھي انجو نالو ”ڳالھيون پيٽ ورن ۾“ آھي.اھو ڪتاب بلاگن تي مشتمل آھي.
” ڳالھيون پيٽ ورن ۾“ جيڪي بلاگ شامل آھن اھي مختلف وقتن تي مختلف موضوعن تي لکيا ويا آھن. عالمي سياسي صورتحال ھجي، ملڪي سياسي صورتحال ھجي، سماج جا پيچيدھ مامارا ھجن، انقلاب جي ڳالھ ھجي، علم فن ھجي، ادب ءِ ان ۾ بي ادبي جو ذڪر ھجي، تصوف ھجي ۽ تصوف جي نالي ۾ توھم پرستي جي تقليد ھجي، سرمائيدارانہ نظام جي کل لاھڻي ھجي يا روايتي انقلابي سياست تي ٽيڪا ٽپڻي ھجي، قومپرست سياست ھجي، صحافت يا آگاھي جي ڳالھ ھجي، ٻوڏ اچي وڃي يا سوڪ سنڌ کي ٺوٺ ڪندي ھجي. جيڪڏھن سوشل ميڊيا جو دورو ڪبو تہ انھن مامرن تي عبدالرحمٰن پيرزادي جو بلاگ ضرور ملندو جنھن ۾ موجود سندس ڳالھ نہ صرف وقتائتي، پيرائتي ھوندي بلڪہ ان ۾ ان جو حل بہ تجويز ڪيل ھوندو نہ صرف اھو بلڪہ ھو پنھنجي بلاگ جي بچاءُ ۾ ور کنجيل بہ محسوس ٿيندو. عبدالرحمٰن جي باقي لکڻين جيان سندس بلاگ جي خوبصورتي تُز ھجڻ آھي اھڙي تُز ڄڻ ڪنھن کي بندوق وھائي ڪڍجي. انھي بلاگ ۾ ٽوڪ بہ ھوندي ليڪن سندس ڳالھ توري تڪي ريسرچ ڪيل نظر ايندي جيڪو اسانجي سنڌي لکڻين ۾ گهٽ ملندو آھي. عبدالرحمٰن پنھنجي بلاگ ۾ شامل راءِ تان پٺتي نہ ھٽندو آھي ليڪن اتفاق سان ڪڏھن ڪڏھن جيڪڏھن پُٺتي ھٽيو بہ آھي تہ اھو سندس مڪمل اطمينان کانسواءِ ممڪن ناھي. سندس بلاگ عمومي طور نہ صرف ڪارائتا آھن ۽ مختلف معاملن تي وقتائتي رھنمائي بہ ڪندي ملن ٿا. گُذريل مارچ ۾ عورتن جي عالمي ڏينھن جي حوالي سان جڏھن ”منھنجو جسم منھنجي مرضي“ واري معاملي تي تڪرار پيدا ٿي ويو تہ معاملي جي اصل تھ تائين پھچائڻ جو ڪم بہ عبدالرحمٰن پيرزادي کنيو ۽ بلاگ ٺوڪي رکيائين تہ يورپ ۽ آمريڪا جي عورتزاد تحريڪ ۾ انھي نعري جو مقصد اصل ۾ جنسي بي راھ روي نہ بلڪہ پنھنجي صحت ۽ حالتن کي مد نظر رکندي حمل ڪيرائڻ سان عبارت آھي جنھنجي نہ صرف پاڪستان جي قانون ۾ اجازت آھي بلڪہ ملڪ ۾ ڪافي سارا ادار آھن جيڪي سرڪار جي مرضي سان صحت کاتي سان گڏجي ڪم ڪندي ، اڻ وڻندڙ “حمل ڪيرائڻ“ جي ڪم ۾ مصروف آھن.
ملڪ ۾ جاري بنيادپرستي ۽ دھشت گردي دوارن جڏھن قلندر جي درگاھ تي حملو ٿيو تہ سنڌ ۾ روشن خيال ماڻھن قلندر جي مزار تي ڌمال ھنئي ۽ تصوف کي مٿي تي چاڙھي ڇڏيو تہ عبدالرحمٰن جو بلاگ بہ اچي ويو جنھن ۾ ھن تصوف کي پروموٽ ڪرڻ تي شديد تنقيد ڪئي ۽ لکيائين تہ ”انھن سڀني ساٿين کي جن کي ھن سڄي کيڏ کي سمجهڻ جي سگھ آھي انھن تي لازم آھي تہ نوجوانن جي رھنمائي ڪن ۽ تصوف کي سماج اندرنئون آفيم ڪري استعمال ڪرڻ جھڙي انھي عمل کي بي نقاب ڪجي.”
”ميلو“، نالي بلاگ ۾ ھن ڪورونا جي وبا کان اڳ سرڪاري ڪامورڪي سرپرستي ۾ جيڪا ميلن جي ڌم ھئي انتي بہ ٽيڪا ٽپڻي ڪئي آھي .50 ءِ 60 جي ڏھاڪي ۾ ڄاول ٻار جي ذھن ۾ ميلي جو ٻُڌي ذھن تي ڇا تري ايندو ھيو انجي نقشبندي ليکڪ ڪجھ ھينئن ڪئي آھي.
”چوڏيل ،سرڪس، رڇ ءِ ڪتا
راڳ ،ناچُو، کوپري جي مٺائي
سُڪل تُوت ،چُوڙيون ،رانديڪا
ڀولڙي وارو فقير
سُرخي ،ڪجل،مُساڳ جو دُڪان
ٽانگو،ملاکڙو،ڪوڏي ڪوڏي
راڳ رنگ،ڀنگ چرس
بِشني ڳنڍِي ڇوڙ سپاھي...
(اچو تہ ميلا لڳائي سماج بدلايون)
”برابري يا سراسري“ نالي بلاگ ۾ ھڪ نئون نقطو بہ اٿاريل آھي. طبقاتي نظام جو مخالف تہ ليکڪ ھر ٻئي لکڻي ۾ محسوس ٿيندو آھي ليڪن ھن بلاگ ۾ ھو لکي ٿو تہ جيڪي ماڻھو برابري جي ڳالھ ڪن ٿا اھي اصل ۾ سماج کي سمجهڻ کان قاصر آھن انڪري سماج ۾ موجود بدحال ۽ پٺتي پيل طبقن خاص طور عورت کي برابري نہ بلڪہ سراسري جي ضرورت آھي جنھجو بنياد تعليم آھي جنھن ذريعي ماڻھو ڀرجهلو ٿي سگھي ٿو. ڪورونا جي وبا دوران ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ سوشل سيفٽي نيٽ ورڪ تحت ملڪي ۽ عالمي امداد جي حمايت بہ ھو انڪري ڪري ٿو جنھن کي وري سنڌ ۽ ملڪ جا ڪافي دانشور حضرات پنڻ بہ چون ٿا. ھو چوي ٿو تہ اھو سڀ ڪجھ نہ صرف ڪارائتو آھي بلڪہ عورت کي تنظيمڪاري جي عمل ۾ شريڪ ڪري ان عمل کي وڌيڪ سگهارو بنائڻ جي ضرورت آھي. ياد رکڻ گهرجي تہ عورتن کي ڀرجهلو ڪرڻ جي حوالي سان انھي پروگرام کي عالمي طور تي بہ مڃتا ملي چڪي آھي ڇو تہ عورت انھي عمل سان نہ صرف مالي طور ڀرجهلي ٿيڻ ڏانھن روان دوان ٿي آھي بلڪہ انھي سان مقامي گهريلو معاشي سرگرمي ۾ بہ واڌ ٿئي ٿي.
سندس ڪجھ بلاگ سرمائيداري ۽ سرمائيڪاري جي حوالي سان بہ آھن. ھو سرمائيداري کي دنيا سميت سنڌ لاءِ زھر قاتل سمجهي ٿو جڏھن تہ ھو سرمائيڪاري جو زوردار حامي آھي. ائين ئي ھو زرعي سڌارن جو بہ حامي آھي جيڪي صرف پني تي نہ بلڪہ حقيقت ۾ بہ ھن جي خيال موجب ھجڻ گهرجن. انڪري ھو تفصيل سان ڄاڻائي ٿو تہ زرعي سڌارن ۾ زمين جو حق ملڪيت، پاڻ ھارپي جو شرط، فصل جي چونڊ ۾ سھائتا، مارڪيٽ تائين رسائي جو نظام، ٻارن جي تعليم جو شرط، صحت ۽ تعليم جون جوڳيون سھوليتون، ھارين جا مثالي ڳوٺ آباد ڪرڻ، ھارين کي تنظيم جو حق، بنا وياج جي ٻج ۽ زرعي ٽيڪنالاجي تائين رسائي، گڏيل ھارپي جي تربيت، گڏيل ميويدار جهنگ پوکڻ جي تربيت، گهرو واڙيون پوکڻ جي تربيت ۽ پاڻي جي بھتر استعمال جي تربيت کي تمام ضروري سمجهي ٿو. انھن مول متن کي ھو سياست ڪندڙ ڌرين کي پنھنجي ايجنڊا ۾ شامل ڪرڻ جي ڳالھ بہ ڪري ٿو.
سندس ھڪ بلاگ زرعي جنسن جي کليل آزاد واپار متعلق بہ آھي. ھو لکي ٿو تہ ڪجھ عقل جا اڪابر سرڪار پاران زرعي جنسن جي قيمتن جي مقرري جا مخالف آھن. ھو مثال ڏيئي ٿو تہ ڪيئن ڪورونا جي وبا دوران يورپ جي ڪافي ملڪن ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اڻاٺ ٿي ويئي جنھن جي موٽ ۾ شين جي موجودگي لاءِ خانگي شعبي ۾ موجود ڪافي صنعتن کي قوميائڻو پئجي ويو. انڪري ليکڪ ماڻھن کي گهرن ۾ ”گُنديون“ ڀري رکڻ جي صلاح بہ ڏئي ٿو.
پاڪستان خاص طور تي سنڌ شديد غذائي کوٽ جو شڪار آھي پنھنجي ڪجھ بلاگن ۾ ليکڪ انگ اکر ڏنا آھن. سنڌ ۾ غذائي کوٽ اڌو اڌ آبادي کي متاثر ڪيو آھي جڏھن تہ ڪجھ ڏھايون اڳ اھا غذائي کوٽ ٽيھ سيڪڙو ھئي. اڄڪلھ سنڌ جو ماڻھو قد بت ۾ جيڪڏھن بندرو ٿي رھيو آھي تہ انھي جو ڪارڻ بہ اھا غذائي کوٽ آھي ليکڪ انھي غذائي کوٽ کي ڪورونا سميت باقي سمورين وبائي بيمارين جي پاڙ سمجهي ٿو. انھي جو حل بہ انھن بلاگن ۾ ڄاڻايل آھي تہ زرعي سڌارن سميت سائنس۽ ٽيڪنالجي جي استعمال ۽ تعليم کي عام ڪندي، سنڌ ۾ موجود سبزين ميون جي مناسب پيداوار۽ استعمال، لوڪ ڏاھپ کي استعمال ڪندي انھي مسئلي کي حل ڪري سگهجي ٿو. ھو چوي ٿو تہ زراعت ڏانھن حڪومت جي سنجيدگي انھي مان مان بہ ظاھر آھي تہ سنڌ ۾ صرف ھڪ زرعي يونيورسٽي آھي جڏھن تہ ڪابہ باراني يونيورسٽي ناھي. ساڳي مامري کي بحث ھيٺ آڻيندي ھڪ ھنڌ لکي ٿو تہ حفاظتي ٽڪن جي پروگرام کي بہ سرڪار سميت ڪميونٽي کي سنجيدھ وٺڻ جي ضرورت آھي. ائين ھو صحت ڪارڪن جي ڊريس ڪوڊ جو بہ حامي آھي تہ جيئين مريض ۽ تيماردار ۾ فرق نظر آچي جنھن سان صحت جون سھولتون بھتر ٿينديون.صحت جي سھولتن ۽ مامرن متعلق ڄاڻ جي فراھمي ۾ ھو اڄ بہ صحت جي عالمي اداري WHO کي مستنند سمجهي ٿو. مٿي ڄاڻايل سمورا ٽاسڪ صرف بھتر منصوبہ بندي، سمجھ ءِ حڪومت ۽ ڪميونٽي جي باھمي تعاون سان پايہ تڪميل تي پھچائي سگهجن ٿا جنھن ۾ وڌيڪ فنڊ جي ڪا خاص ضرورت بہ ڪونہ ٿي پوي.
”صحتمند سنڌ“ نالي بلاگ ۾ ھو سنڌ حڪومت کي مفت ۾ مفيد مشورا ٿو ڏئي تہ جيڪي خاندان فيملي پلاننگ ڪن ٿا انھن جي نہ صرف مالي سھائتا ٿيڻ گھرجي بلڪہ انھن جي ٻارن جي صحت ۽ تعليم جو جوڳو بندوبست بہ ٿيڻ گھرجي جيڪا 18 سال عمر يعني نادرا جي شناختي ڪارڊ ٺھڻ تائين جاري رکڻ گهرجي. پڙھڻ ۽ ٻُڌڻ ۾ اھي ڳالھيون ننڍڙيون ۽ معمولي ٿيون لڳن ليڪن غور ڪجي تہ انھي جا اثر غيرمعمولي ۽ ھمہ گير آھن.
پنھنجي ڪجھ بلاگن ۾ ھن شاھ لطيف کي بہ نئين اک سان ڏسڻ جي ڳالھ ڪئي آھي. شاھ لطيف کي ڀٽائي ”سرڪار“ پئي سڏيو ويندو رھيو آھيو آھي جنھن متعلق ڪنھن لطيف شناس کان پڇا ڪبي تہ چيو ويندو آھي تہ اھو لطيف جي تعظيم ۾ چيو ويندو آھي. ليڪن عبدالرحمٰن جي راءِ جنھن کي ھو پنھنجي راءِ چوي ٿو تہ انھي لطيف سرڪار جي معني آھي ڪنھن رياست جو ڪارونھوار ھلائيندڙ بندوبست. ھن مطابق لطيف ان وقت جي حُڪمران سرڪار سان برسرپيڪار ھيو، ڀٽ واري علائقي ۾ سندس قيادت ۾ ھڪ متوازي سرڪار قائم ھئي ان مزاحمت جي ساٿين کي فقير ۽ خطرناڪ مھم تي ويندڙ کي گهوٽ سڏيو ويندو ھيو. سندس چواڻي ڀٽ جي الھندي علائقي ۾ ڏھ گهوٽن جون قبرون آھن جيڪي انھن خطرناڪ مھم تي ويندڙن جون قبرون آھن، ھو اھو دليل ڏئي ٿو تہ ڀٽ تي عام جي اک کان پري وسندي آباد ڪرڻ جتي لطيف سندس فقير، گهوٽ ۽ مريد ھجن انھي ڳالھ جو مظھر آھي تہ ڪا ڳالھ ھئي جيڪا لوڪ کان الڳ ٿي ڪئي پئي ويئي.
ڪڏھن ڳاڙھو گھوٽ ڪڏھن مڙھ مقام ۾ واري بيت کي مٿين خيال سان جوڙي پڙھجي تہ مفھوم ئي مٽجي ٿو وڃي ۽ جڏھن لطيف جي ھيٺ ڄاڻايل بيت تي نظر وجهجي ٿي تہ سندس ڳالھ تي غور ضروري ٿي وڃي ٿو..،
”گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينھڙا،
ڪڏھن منجھ ڪوٽن ڪڏھن راھي رڻ جا.“
ھتي ڄاڻايل گهوٽ اھو بلڪل ناھي جيڪو شادي ۾ لانئون لھي وني ماڻيندو آھي. ھي تہ اھڙو غير معمولي غير روايتي گهوٽ آھي جنھنجي گهوڙي سان ڀيٽ ٿيل آھي جيڪو ڪڏھن ڳاڙھو گهوٽ ڪوٽن ۾ قيد ٿئي ٿو تہ ڪڏھن وري رڻ جو راھي ٿئي ٿو. ھي اھو ئي گهوٽ آھي جيڪو ليکڪ جي راءِ ۽ خيال ۾ آباد آھي جنھن تي سچ بہ تحقيق جي ضرورت آھي .
ائين ئي ھڪ بلاگ ۾ لطيف جي سورمين ۾ ھن موکيءَ کي بہ شاھ جي سورمي ڄاڻايو آھي جيڪا ھونئن سورمي بجاءِ ڪو منفي ڪردار ٿو لڳي.
بلاگ جي مختصر مجموعي ۾ سياست جو بحث بہ چوٽ تي چڙھيل آھي جنھن ۾ ھڪ بلاگ ۾ ھو ڳالھائي ٿو تہ ڪٿي ائين تہ ناھي تہ آفريقي نسل جي جارج فلائيڊ جو پوليس ھٿان بيگناھ قتل دنيا ۾ اڀرندڙ طبقاتي بنياد تي سياست کي پٺتي ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو ھجي ڇوتہ ان وقت نومبر 2020 جي آمريڪي چونڊن لاءِ مک ڊيموڪريٽڪ برني سينڊرس انتھائي ريڊيڪل سياست سبب آمريڪا ۾ ڇانيل ھيو. انھي قتل جي نتيجي ۾ عالمي طور اھم سوال نسلي متڀيد ۽ آمريڪا ۾ پوليس نظام ۾ بھتري اھم سوال ٿي سامھون آيا ۽ برني سينڊرس جو بيانيو پُٺتي رھجي ويو. ھن وقت اوپينين پول ۾ ٽرمپ پُٺتي ۽ ڊيموڪريٽڪ اميدوار جو بائيڊن ڪافي اڳتي آھي جنھنجي حق ۾ برني سنڊرس بنا ڪنھن سبب جي ھٿ کڻي ويو ھيو.
ليکڪ ارڙھين ترميم کي سنڌ ۽ خاص طور پيڙھيل قومن جي اھم حاصلات سمجهي ٿو انڪري ان خلاف ٿيندڙ سازشن خلاف خبردار بہ ڪري ٿو.
ھن جو ھڪ بلاگ ”رستو “ جي نالي سان بہ آھي جنھن ۾ ھو ڄاڻائي ٿو تہ جيڪڏھن اڳتي وڌڻو آھي تہ مذھب ءِ قومپرستي جي بدعت مان جان ڇڏائڻي پوندي ۽ سندس مطابق ڇوٽڪاري جو رستو صرف قومي جمھوري سوال کي سياست جو مرڪزي نڪتو بنائڻ سان ئي ممڪن آھي.قومي جمھوري پڌرنامي ۾ طبقاتي قومي سوال تي مربوط حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آھي،عالمي جنگي سرمائيداري جي عھد ۾ سائنسي بنيادن تي معاشي نظام مرتب ڪرڻو پوندو ۽ جمھوري قيادت پٽاندڙ اجتمائي قيادت جو رستو ڪڍڻو پوندو.
سندس ھڪ بلاگ اندر اڌ ڪرڻ جهڙو آھي جنھن سان سندس ماضي جون سياسي يادون سلھاڙيل آھي ھو ڪجھ ماڻھن ڏي ميار موڪلي ٿو تہ اھي ماڻھو جنکي ”ڊينڊڙا “ سڏيو ويندو ھيو انھن مارون کائي بيعزتون سھي، ذلتون برداشت ڪري پنھجي سموري ڄمار رڳوسياست ۽ جدوجھد کي ھڪ لڙھي ۾ پروئيندي گُذاري انھن جو ذڪر ڪجھ دانشور اک ٽيٽ ڪن ٿا. سٺ جي ڏھاڪي جو سنڌ متحدھ محاذ ھجي، بزم صوفيا سنڌ ھجي، سنڌ قومي اتحاد ھجي يا سنڌي عوام جو قومي اتحاد، نيشنل عوامي پارٽي ھجي يا عوامي نيشنل پارٽي، سنڌي ادبي سنگت، سنڌ ھاري ڪميٽي، سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ بھتر سياسي ماحول امن قائم ڪرڻو ھجي يا ايم آر ڊي جي تحريڪ ھجي جدوجھد جي ھر ميدان ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اڳڀرائي نظر ايندي. ليڪن کوڙ نالي ڪُٺيا دانشور سنڌ جي سياسي پورھيئي ۾ باقي ماڻھن جو ذڪر تہ ڪندا ليڪن سوڀو گيانچنداڻي، ڄام ساقي ۽ سندن پارٽيءَ انجي بي ضرر سياسي پورھيتن جو نانءُ وٺندي کين تپ چڙھي ويندو جن عمرون ڏنيون جوانيون ڏنيون ليڪن سودو نہ ڪيو نہ پنھنجو نہ پنھجي نظريئي جو نہ پنھنجي اصولن جو. جن جي نالن تي نان ڪلاسيفائيڊ پنن تي اڄ بہ ڳاڙھا دائرا لڳل آھن.
سنڌ جي بلاگر عبدالرحمٰن جا بلاگ دلچسپ بہ آھن تہ انھن ۾ دلبري بہ آھي جن ۾ چٿر، ٽوڪ بہ آھي. ميلن جي نالي ۾ ٿيندڙ پروگرامن ۾ سنڌ جي ثقافت جي واڌ ويجھ ٿئي ٿي جڏھن تہ تصوف جو بنياد پرستي خلاف ھڪ محدود ڪارج تي ڪافي ماڻھن جي راءِ ليکڪ کان مختلف آھي ليڪن اھو روزروشن جيان عيان آھي تہ سنڌ جي بلاگر عبدالرحمٰن کي پنھنجي وطن واسي ويڙھيچن لاءِ اٿاھ پيار آھي انڪري ھو ھر مامري تي ڳالھائي بہ ٿو تہ ڪن جا پردا چيري وجهندڙ رڙ بہ ڪري ٿو تہ جيئن اجهاڳ ڏوجهرن ۾ ڦاٿل سنڌ پنھجي وجود سان وڻ ويڙھي جيان وڪوڙيل ڏوجهري مان اُڪري پار پئي.پنھنجن غلطين جو ليکو چوکو ڪري ان مان سبق پرائي پنھنجي وسيلن،ڏاھپ جو مناسب استعمال ڪري تہ جيئين سندس ايندڙ نسل پاڪستان سميت دنيا جهان ۾ ڪنڌ کڻي ھلڻ جهڙيو ٿئي ۽ دنيا آڏو سرخرو ٿي اھو باور ڪرائڻ جي حقدار بہ ٿئي تہ ھي اھي ماڻھو آھن جن مھين جو دڙو تڏھن آباد ڪيو، ھڪ شاندار لازوال تھذيب کي تڏھن آباد ڪيو جڏھن دنيا جھان جي تھذيبن جو اڃا جنم ئي نہ ٿيو ھيو. اھا سنڌ ئي سنڌ جي بلاگر مھين جي دڙي ۽ سنڌو جي ڪڇ واري وسندي ٻلھڙيجي واسي سنڌ جي بلاگر عبدالرحمٰن پيرزاي جو خواب آھي ۽ خواب سچا بہ ٿيندا آھن بشرطيڪہ مومل ماڻڻ جي سچي نيت ھجي.اھا نيت سنڌ جي بلاگر عبدالرحمٰن پيرزادي جي بہ آھي.
حميد سُومرو
حيدرآباد 31 آڪٽوبر 2020