حصو ٽيون
زبان، نسل ۽ مذھب جي دڪانداريءَ کانپوءِ اڄڪلھ وري سنڌ کي سرمائيداري جو وکر پيو آڇجي. جنھن سرمائيداريءَ دنيا کي تاراج ڪيو آھي، اھا سنڌ کي ڪھڙا ھار پارائيندي.
زرعي سماج جڏھن صنعتڪاري ءَ کي ھٿي وٺائي صنعتي سماجن ۾ تبديل ٿيندا آھن تڏھن سماجي ترقي ٿيندي آھي ۽ سماج ۾ صنفي برابري، تعليم، صحت، روزگار جا وسيلا، روزبروز جون سھولتون(جن کي 'مڪاني' سھولتون چيو ويندو آھي) وغيرہ اجتماعي طور ميسر ٿينديون آھن.
اھا ساڳي صنعتڪاريءَ واري سماجي ترقي جڏھن سماج بدارن چند ھٿن ۾ موڙيءَ جي شڪل ۾ قيد ٿي سرمائيداريءَ کي جنم ڏيندي آھي تہ سماج لوڙيندا آھن.
سنڌ کي سرمائيڪاري ۽ صنعتڪاريءَ طرف سوچڻ گھرجي, گڏيل سرمائيڪاريءَ کي ھٿي وٺرائڻ گھرجي ۽ سرمائيداريءَ کان ھوشيار ھجڻ گھرجي.
جنھن سرمائيداريءَ دنيا کي تاراج ڪيو آھي، اھا سنڌ کي ڪھڙا ھار پارائيندي.
سرمائيداريءَ جي عينڪ ۽ زرعي سڌارا
سرمائيداريءَ جي عينڪ سان زرعي سڌارا ڪڏھن بہ بھتر قدم ڪونہ لڳندا. ان لاءِ ان ھاريءَ جي دماغ سان سوچڻو پوندو جنھن جنمن کان ٻئي جي ملڪيتي ٻنيءَ تي ھارپو ڪيو آھي.
ايتري تائين جو جنھن گھر ۾ ھو رھي ٿو اھو بہ ڪنھن ٻئي جي ملڪيتي ٻنيءَ ۾ آھي ۽ جڏھن چاھي کانئس خالي ڪرائي سگھي ٿو.
ھو جيڪڏھن پنھنجا ٻار اسڪول موڪلڻ بہ چاھي تہ اھو سندس وس ۾ ڪونھي.
استحصالي روايتن موجب ھاري ٻارين ٻچين غلاميءَ جي حد تائين نہ رڳو ٻنيءَ ۾ پر زميندار جي گھر بہ ڪم ڪرڻ لاءِ مجبور آھن.
سندن واحد ملڪيت پيٽ ڄاون ٻارن جو تعداد آھي، نتيجي ۾ مختصر خاندان ڄڻ ديواني جو خواب ٿي وڃي ٿو. غربت، ٻارن جي گھڻائي، زال جو ھرسال ڳورھارو ٿيڻ، ٻارن ۾ نہ ھجڻ جھڙو وقفو وري بيمارين جو گھر بڻجيو وڃي.
ھاريءَ جي خالي 'گندي' ان جو ثبوت آھي تہ ھو پنھنجي کائڻ جيتري بہ اپت ڪونہ ٿو کڻي.
پئسي وارن فصلن مان کيس ھارپو ڪونہ ٿو ملي، زميندار جي منشا مطابق مزدوري ملي ٿي جيڪا ڪنھن بہ لحاظ کان نام نھاد 'مارڪيٽ' جي اگھ کان گھڻو گھٽ ھوندي آھي.
سنڌ ۾ موجود بک، بدحالي ۽ غذائي ڪمي کي منھن ڏيڻ لاءِ بي زمين ھارين کي جيڪڏھن 16 ايڪڙ مالڪاڻي حق ۽ ھارپي جي شرط تي ملن ٿا تہ ان سان 'غربت' ۾ گھاريندڙ ھارين جو ڀلو ٿيندو.
باقي زرعي سڌارن کي جيڪڏھن ڇڙواڳ سرمائيداري [عالمي مارڪيٽ] جي نظر سان ڏسبو تہ اھو عمل سماج دشمن ئي نظر ايندو.
زرعي سڌارن جو اھو مطلب ڪڍڻ تہ رڳو زمين جا ڪاغذ ڪنھ. ھاريءَ ھي نالي منتقل ٿيندا مناسب ڪونھي.
زرعي سڌارن ۾:
① زمين جو حق ملڪيت
② پاڻ ھارپي جو شرط
③ فصل جي چونڊ ۾ سھائتا
④ مارڪيٽ تائين رسائيءَ جو نظام
⑤ ٻارن جي تعليم جو شرط
⑥ صحت ۽ تعليم جون جوڳيون سھولتون
⑦ نوان ھارين جا مثالي ڳوٺ آباد ڪرڻ
⑧ ھارين کي تنظيم جو حق ڏيڻ
⑨ بنا وياج جي ٻج ۽ زرعي ٽيڪنالاجيءَ تائين رسائي
⑩ گڏيل [اجتماعي] ھارپي [ڪاشتڪاري] جي تربيت
⑪ گڏيل ميويدار وڻن جا جھنگ پوکڻ جي تربيت
⑫ گھرو 'واڙيون' پوکڻ جي تربيت
⑬ پاڻيءَ جي بھتر استعمال جي تربيت
ھيءَ تصوير جنھن ۾ ھاريءَ جو سمورو ڪٽنب نٽھڻ اس ۾ ڪڻڪ جي لاباري تي آھي ان استحصال جو ھڪ نمونو آھي، جنھن کان ڇوٽڪاري جو واحد حل زرعي سڌارا آھن. زرعي سڌارن کي روڪڻ جا ڄاڻندي ۽ اڻڄاڻائيءَ ۾ ٿيندڙ جتن ٻيو نہ تہ گھٽ ۾ گھٽ اھو ضرور ثابت ڪن ٿا تہ اسان مسئلي کي اڻڌريو ٿي سمجھڻ بدران مٿاڇرو ڏسي ان تي قلم کنيو آھي.
ھونءَ بہ طبقاتي سماج ۾ ھاري، مزدور ۽ عورت تي تنقيد ڪرڻ سولو ۽ انھن جو پاسو کڻڻ ئي ڏکيو آھي. ساڻن گڏ بيھڻ ڄڻ ناممڪن ٿيو پوي.
گھٽ ۾ گھٽ بنيادي آمدني
ڪورونا جي ڪووڊ ـ ۱۹ قسم طرفان برپا ڪيل عالمي وبا جتي ملڪن جي صحت جي سھولتن واري معاملي ۾ پت وائکي ڪئي آھي، ايتري تائين جو اسپين صحت جي خانگي ادارن کي وبا جي ڏينھن لاءِ قومي ملڪيت ۾ وٺي ڇڏيو آھي.ھن عالمي وبا سرمائيداري معيشتن کي ھر شھريءَ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ بنيادي آمدنيءَ جو رياست طرفان بندوبست ڪرڻ ۽ ضمانت ڏيڻ جو تصور پڻ اجاگر ڪيو آھي.
ان وقت جڏھن پوري دنيا جا معيشتدان، سياسي ڪارڪن، مزدور تنظيمون سوشل سيفٽي نيٽ تحت سماج جي ھيٺئين پرت کي ملندڙ مالي سھائتا کي گھٽ ۾ گھٽ بنيادي آمدنيءَ ۾ بدلائڻ جي گھر ڪري رھيا آھن، ان وقت سنڌ جو نام نھاد ساڃاھ وند وري ملڪ ۾ رياست طرفان انھيءَ سوشل سيفٽي نيٽ تحت ملندڙ ڀڳڙن مٺ واري مالي سھائتا کي ڪڏھن 'پنڻ'، ڪڏھن 'خيرات' يا وري سرڪاري 'امداد' ڪوٺي سنڌ ۾ ھلندڙ آيوڊين جي گھٽتاميءَ جو ثبوت ڏيڻ ۾ ڪوشان آھن.
رياست طرفان سوشل سيفٽي نيٽ تحت ملندڙ مالي سھائتا کي گھٽ وڌ ڳالھائڻ ۽ انھن بي پھچ خاندانن جي تضحيڪ ڪرڻ ڪٿان جي ساڃاھ وندي آھي.بجاءِ ان جي جو ويھي ماڻھن تي چٿرون ڪجن، انھن خاندانن مان انھن فردن کي جيڪي اڪثر عورتون آھن، ڪنھن تنظيمي رابطي جي شڪل ڏيڻ جي ضرورت آھي جيئن کين اھا مالي سھائتا گھر ويٺي ڏياري سگھجي ۽ ان جو مقدار رياست طرفان مقرر ڪيل گھٽ ۾ گھٽ ماھوار اجوري جي برابر ڪرائي سگھجي.
انھن خاندانن کي عوام جي ملڪيتي (سرڪاري) صحت ۽ تعليم جي سھولتن مان ڀرپور لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ڪجي. خاندان جو حجم مناسب رکڻ جو شعور، ادراڪ ۽ سھولتون حاصل ڪرڻ جي آگاھي ڏجي. اسان انھن لاءِ بدزبان استعمال ڪري کين پاڻ کان پري ڌڪي رھيا آھيون.
سرمائيداراڻوسماج ۽ ڪرپشن
سرمائيداراڻي سماج ۾ معاشي سرشتي جو بنياد ئي ڪرپشن تي ٻڌل آھي. ان مان سماجي، معاشي يا طبقاتي انصاف جي اميد رکڻ سمجھہ کان ٻاھر آھي.
جڏھن اسان جھڙن سرمائيداري معيشتن وارن ملڪن جو مالياتي نظام موڙيء َ ۾ واڌارو ڪرڻ تي ٻڌل آھي. رياستون، مرڪزي بئنڪون ۽ حڪومتون سرمائيڪارن کي اھو واڌو لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ نہ رڳو ھمٿائين پر مناسب ماحول بہ مھيا ڪن تہ انھن سماجن مان ھر طريقي سان منافعو يا فائدو حاصل ڪرڻ يعني ڪرپشن ڪيئن ختم ٿيندي.
ڇا اھي ملڪ، سماج، حڪومتون يا رياستون اھو چاھينديون تہ ھر حقدار کي پنھنجو مناسب حق ملندو رھي، جنھن کي "لياقت آھر پورھيو ۽ پورھيئي آھر اجورو" چئبو آھي. ڪڏھن بہ نہ ـــ
ان جو مطلب تہ 'ڪرپشن' ختم ڪونہ ٿيندي، رڳو عام کي بيوقوف بنائڻ لاءِ استعمال ٿيندي.
ڪجھہ ناعاقبت انديشن کي شايد اھو احساس ئي ڪونھي تہ 1973 جي آئين ۾ 18 ترميم جي طفيل پھريون ڀيرو پاڪستان ۾ صوبن جي حيثيت وفاقي رياستن جي جڙي آھي. جنھن ۾ ملڪيتن جو حق، تعليم، صحت، امن وامان، ثقافت، سياحت، تاريخي ماڳ مڪان، آبي ۽ معدني وسيلا وغيرہ انھن جي عملداريءَ ۾ آيا آھن. اسان کي ساحلن جي مالڪي جو مطالبو ڪرڻ گھرجي جيڪو بلوچستان سالن کان ڪندو اچي. انھي ڪرپشن واري منفي پروپيگنڊا جو شڪار ٿي، 18 ترميم تان ھٿ کڻڻ ايئن ٿيندو جيئن "ڌو دشمن جي گھر".
رينگٽ
سڄو ڏينھن رينگٽ پيو ھلي، سڀ ڪامورا مسيت جو ڪک، سڀئي سياستدان چور، سياسي پارٽيون ڪرپشن جا ادارا، عوام نسورو ڇسو، بيوقوف.
بس، ادا، شڪر ڪريو ھڪ اڌ رٽائر ٿيل ڪامورو ميدان ۾ رھنمائي لاءِ موجود آھي. ايئن نہ ھجي تہ سنڌ جو اللہ واھي.
سياستدان تہ بقول عام آھن ئي خراب ڇا ڪيون آمرانہ دورن ۾ ھڪ عجيب قسم جو رويو پيدا ٿيو آھي پر ٿوري نظر پنھنجي قطار تي بہ ڊوڙايو. منھنجو اشارو انھن عظيم ڪردارن ڏانھن آھي جيڪي ڌرتيءّ جي درد ۾ اڄڪلھ دورن جي بيماري ۾ مبتلا آھن. جن ماڻھن سالن جا سال انھن سياستدانن جا جوتا کنيا ۽ ماڻھن سان بيواجبيون ڪيون، ڪرن پيا يا پنھنجي اولادن کي اھو نيڪ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار پيا ڪن منھنجو مطلب سول سروس جا راشي ڪامورا، راشي ڊاڪٽر، راشي انجنيئر، نااھل پروفيسر، پوليس وارا، اينٽي ڪرپشن جي نالي ۾ ڪرپٽ عملدار، بيضمير جج، ڌنڌوڙي اڳواڻ، لفافي ورا صحافي. ڪو رھجي ويو ھجي تہ معافي جو طلبگار. انھن سڀني جا گفتا، ڌرتيءّ سان محبت، ڪرپشن تي ڪاوڙ پڙھي، ٻڌي کل تہ ٺھيو ماڻھو روئڻ جھڙو بہ نٿو بچي.
سنڌ ۾ تابعداري رڳو جاگيردارن، وڏيرن ۽ پيرن جي ٿورئي ڪرڻي آھي. ھتي تہ سياسي رھنما، صحافي ۽ ليکڪ بہ پيرن کان وڌيڪ معتبر آھن. اھي کاٻي ڌر جا ھجن، ساڄي ڌر جا، قومپرست ھجن توڻي رٽائر ٿيل ڪامورا، سياسي رھنمائن، صحافين ۽ ليکڪن جي حال، ماضي، اولادن جي عياشين، سندن ڪرپشن، سياسي توڙي، ادبي بي ايمانين، ويساھ گھاتين ويندي سندن جنسي ڏوھن جو رڳو سوال ڪريو تہ ڏنگجي ويندئو، ڄڻ ککر ۾ کڙو.
آزاد معيشت
سنڌ جا ڪجھ اڪابر زرعي زرعي جنسن جي کليل واپار جي حمايت ڪندا رھندا آھن. سندن موقف رھيو آھي تہ سرڪار زرعي جنسن جا اگھ بہ مقرر نہ ڪري، خريد ڪري مستقبل لاءِ گڏ ڪري بہ نہ رکي ۽ انھن جي آزاد تجارت ھجڻ گھرجي.
کين گھرجي تہ گھڙي کن پنھنجي قبلي آزاد معيشت جي داعي سرمائيدار معاشرن، اولھ جي ملڪن ڏي ڪنڌ ورائي ڏسن. جن جو پڻ اھو ئي ساڳو موقف ھوندو ھيو.
اڄڪلھ آمريڪا، ڪئناڊا ۽ يورپي ملڪ 'ماسڪ' جي امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ تي ٿا وڙھن.
ڊڄو انھي ڏينھن کان جڏھن وبائن سان گڏ ڏڪار بہ ھوندو.
زرعي ملڪن جي پيداوار اھا آزاد تجارت سک جي ڏينھن ۾ خريد ڪري کڻي ويندي، ڏکين ڏينھن ۾ سڏ بہ ڪونہ ورنائيندي.
ماڻھن کي گھرن ۾ 'اَنَ' جون 'گنديون' ڀري رکڻ جي صلاح ڏيو.
اگھ جي آسري تي مستقبل جون ضرورتون نہ کپايو.
عورتن جي عالمي تحريڪ ۽ سنڌ.
سنڌ جي ماڻھن، عورتن توڻي مردن کي عورتن جي حقن جي عالمي تحريڪ، ان جي مختلف محرڪن، مختلف سماجن جي اندروني تضادن ۽ صنفي روين متعلق قرارداون، نعرا ۽ نظم پڙھي، سمجھي انکانپوءِ پنھنجي سماجي مسئلن سان ھم آھنگ ڪرڻا پوندا.
رڳو ھل ھلان ۽ انڌي تقليد سان جوڳو سماجي تحرڪ پيدا ٿيڻ ممڪن ڪونھي.
مثال: ''منھنجو جسم، منھنجي مرضي''
ھي نعرو ٻار ڪيرائڻ جو حق گھرڻ لاءِ ھنيو ويندو آھي.
منھنجو جسم، منھنجي مرضي
جنس ـ اسم, جنس ـ صفت, جنس ـ فعل
ــــ
رضامندي, راضپو, خاموشي, لاچاري
ـــــ
ماڻڻ, حاصل ڪرڻ, مزو وٺڻ, لوڙڻ
ـــ
خوشي, تڪليف, بيوسي,
ــــ
پرڻو, شادي, ڪاڄ, منادي
انھن سڀني لفظن کي مرد ۽ عورت جي نظر سان ڏسڻو پوندو
ان کانپوءِ خبر پوندي تہ "منھنجو جسم، منھنجي مرضي" جي مراد ڇا آھي. سمجھ ۾ اچڻ جي ضمانت نٿي ڏئي سگھجي.
ڇو جو اسان جنھن سماج ۾ وڏا ٿيا آھيون ان ۾ عورت گگدام ڏسڻ جي عادت آھي.
8 مارچ
عظيم سنڌي ملا جن سان ڪالھ سڌڙيا ڪلھو ڪلھي ملايون بيٺا ھئا انھن جڏھن پنھنجي ذات ظاھر ڪئي آھي تہ ھاڻي گھٽ ۾ گھٽ اھي سڀئي جن ساڻن فوٽو ڪڍرائي پنھنجي اسٽيٽس تي رکيا ھئا، جيڪي انھن کي اپيلون ڪندا ھئا، اھي سڀئي گھٽ ۾ گھٽ معذرت تہ ڪن ۽ وچن ڪن تہ اڳتي ٻوليءَ جي بنياد تي ڪنھن بنياد پرست جي حمايت نہ ڪندا.
عورت جي حقن ڳالھ ڪندي عورتن خلاف ٿيندڙ صنفي متڀيد، سندس تعليم جي حق، مزدوريءَ عيوض اجوري جي حق ۽ مالڪيءَ جي حق کي بنيادي مطالبن ۾ شامل ڪن.
عورت جو موت
سبب ـ خانداني ملڪيت
مرداڻي سماج ۾ عورت ڪھڙي بہ طبقي جي ھجي، ان جي حيثيت زرعي سماج جي 'ڪَميءَ' کان ڪجھ گھٽ ئي ھوندي آھي.
[ڪمي] ھاري، مزدور، ڪنڀر، حجم، واڍو، لوھر پر يار ويندي ويندي ھڪ لاچار عورت سماج سان گڏ سنڌ جي صحت کاتي جي بہ پت وائکي ڪري وئي.
جنھن اسپتال ۾ کڻي، آيس، ان اسپتال ۾ نہ تہ ڪا عورت ڊاڪٽر ھئي، نہ ٽارچ، نہ مناسب اوزار، نہ وري موجود عملي ۾ جانچڻ جي صلاحيت.
سنڌي سماج عورت دوست ڪيئن ٿيندو
نالي چڙھيا ترقي پسند سمجھيا ويندڙ اديب بہ جيڪڏھن اعلانيہ عورت دشمن ھوندا تہ بنيادپرستن مان ڪھڙي اميد؟
چوڻيون
چيٽ چمڪيو نہ ڀلو
وٺو ڀلو نہ ڄيٺ،
راجا رٺو نہ ڀلو،
سرتو ڀلو نہ سيٺ.
چيٽ ۽ ڄيٺ: سنڌي مھينن جا نالا.
سرتو: سنگتي.
۱ - چيٽ جي مهيني ۾، آسمان ۾ ڪڪرن جو اچن ۽ کنوڻ کجي يا چمڪي تہ برسات جي لاءِ سٺو سنؤڻ ناهي.
۲ - ڄيٺ يا ويساک جي مھينن ۾ پيل برسات، ڏاڍو نقصان ڪندي.
۳ - راجا، جيڪڏهن رُسندو تہ فائدي بجاءِ، نقصان ڪندو.
۴ - سيٺ راضي هوندو تہ وڏو نقصان آهي. ڇو جو ناراض هوندو تہ فقط قرض تي سامان نہ ڏيندو. ان صورت ۾ ڏکيو سکيو وقت گذري ويندو. جيڪڏهن راضي هوندو ۽ گهڻي اوڌر ڏيندو تہ وياج چاڙهي لاھ ڪڍي ڇڏيندو.
مطلب:
۱ - مٿي بيان ڪيل چار ئي ڳالھيون، ڪنهن بہ صورت ۾ ڀليون ناهن.
۲ - چيتر چمڪيو نہ ڀلو، ويساک وٺو نہ ڀلو، سيٺ ٽوٺو نہ ڀلو، راجا رٺو نہ ڀلو.
جي مينھن وسي چيٽ، تہ اَنُ نہ ماپي کيٽ
ڪڻڪون سنگ جهليون پيون جهولنديون آهن. جي اُن مُند ۾ پئي برسات تہ اَن جو داڻو ٿلھو ۽ وِتَ وارو ٿيندو ۽ فصل سٺو لھندو.
ان کانسواءِ برسات جي ڪري زمينن کي قدرتي نموني نائٽروجن ۽ ٻيون ڪيميا حاصل ٿين ٿيون.
ڪيترا جيت جڻيا پڻ مرن ٿا، جيڪي کيتن لاءِ هاڃيڪار ۽ بيمارين جو ڪارڻ هوندا آهن.
چيٽ جي برسات سبب، جوئر ۽ ٻاجهر بہ جام پوکبي آهي. ان ڪري چيٽ جي برسات کي اَڻ مَئي اَنَ جو اهڃاڻ ڪري ڪوٺيو اٿن.
درياھي آمدورفت جو خاتمو
انگريز قابض ھٿ وٺي سنڌوءَ جي ٻنھي ڪنارن تي قائم 'بندر' برباد ڪيا.
اسان کي جنھن بئراجي نظام جو سَتُو پياريو ويو، اھو ٺاھڻ وقت موجود بندرگاھن جو ڪجھ بہ نہ سوچيو ويو، نتيجي طور اڄ اسان درياھ ۾ پاڻيءَ لاءِ مطالبا پيا ڪريون.
گھڙي کن سوچيو جيڪڏھن اھي تاريخي درياھي بندر قائم ھجن ھا تہ ڪنھن جي مجال ھئي جو درياھ جي وھڪري سان ھٿ چراند ڪري ھا.
اسان بہ عجيب پوک آھيون
'ڀيل' اھو عمل آھي جيڪو 'پوکيءَ' سان مشروط، آھي. ڀيل تہ زرعي سماج ۾ سڀني ٻڌي ھوندي.ڀيل ڪرائڻ يا ڀيل ٿيڻ لاءِ پوک پوکيل ھجڻ ضروري آھي. اھڙي پوک جنھن جي پوکيندڙ مالڪي بہ ڪندو ھجي.
ھڪڙي ڀيل تہ ھاري پاڻ ڀلي لاءِ ڪرائيندا آھن
جنھن جي ڌنارن کي باقاعدي دعوت ڏني ويندي آھي. ٻين ڀيل وري ڪو بدخواھ چوريءَ يا ڏاڍ ڪري دشمني پاڙڻ لاءِ ڪرائيندو آھي. ڀيل ڪرڻ يا ڪرائڻ لاءِ پالتو جانورن جو ڌڻ بہ گھربل ھوندو آھي.
مطلب جانورن جھڙڪ رڍن، ٻڪرين، ڳئن يا مينھن جو ڌڻ. ڌڻ معنا انھن جو ڪو ڌڻي يا ڌنار پر اسان وري اھڙي عجيب سماج جو حصو آھيون جو ھتي ماڻھن جو ڪو ڌڻ(منظم) تہ مشڪل سان ملندو پر 'ولر' [حجوم] جام ملندا.
اھي وري پرائي پوکيل کي ايئن ڀيليندا جيئن ڪتن جو ولر لوسڻ جي پوک کي ڀيليندو آھي. لوسڻ جي گاھ ۾ ڪتا جڏھن کيڏي کيڏي ڀيل ڪندا آھن تہ اھي گاھ ٿورئي کائيندا آھن، رڳوايئن گاھ جو ڪو ويسو ٻہ اھڙو ڪري ڇڏيندا آھن جو ھاري ويچاري کي ھٿ وٺي ڀيل ڪرائڻي پوندي آھي نہ پنھنجو ڀلو، نہ پوکيندڙ جو ڀلو بس رڳو گھاٽو ئي گھاٽو.
مان اڪيلو ناھيان
ھر ڪنھن جو پنھنجو سچ ٿيندو آھي. شخص جو پنھنجو، سماج جو پنھنجو.
ڪجھ مسئلا شايد بحث ڪرڻ سان منجھندا آھن. ڪڏھن بہ حل ڪونھن ٿيندا.
انڪري ڪنھن جي ذاتي عقيدي کي جيستائين ھو توھان تي مسلط نٿو ڪري، بحث جو موضوع نہ ھجڻ گھرجي.
خاص ڪري ان ماحول ۾ جڏھن توھان کي شڪ ھجي تہ اڳئين جي معلومات بہ توھان وانگر ٻڌسڌ تي ٻڌل آھي، ان وقت تہ بحث مباحثي کان پاسو ڪرڻ بھتر عمل آھي.
مٿان وري جڏھن اھا بہ پڪ ھجي تہ ان موضوع تي اڌوگابرو مان اڪيلو ناھيان، جوڙيوال بہ آھي تہ ان وقت انگريزيءَ جو پھاڪو ذھن تي اڀري ايندو آھي.
Oh! I have company
جنھن جو مطلب آھي "بيوقوف سان بحث صرف بيوقوف ئي ڪندو آھي"
مت ۽ ان جو مناسب استعمال
سائين ھيءَ سائنس آھي. جيڪڏھن ھرڪو پنھنجي پنھنجي حد ۾ رھندو تہ انسان ذات جو ڀلو ٿيندو.
مان پنھنجي موقف تي قائم آھيان. ھي پبلڪ ھيلٿ جو مسئلو آھي. انھن مان بہ اڳتي ڇا ٿيندو اپيڊميالاجسٽ ئي ٻڌائي سگھن ٿا. اسان ھيلٿ سسٽم اسپيشلسٽ بہ صرف اھو ٻڌائي سگھئون ٿا تہ ايندڙ يا بدلجندڙ صورتحال لاءِ ڪيئن اڳڀرائي ڪجي.
جيئن اسان اسان ڪنھن اکين جي بيمارين جي ماھر سرجن کي ڪنھن عورت جو جراحي وسيلي ويم ڪرائڻ جو حق نٿا ڏئي سگھئون، ايئن ڪرڻ سان ماءُ ۽ ٻار مطلب 'ٻن' انسانن جي زندگيءَ کي خطرو آھي.. ھتي تہ پوري دنيا جي ڪروڙين انسانن جي زندگين ۽ مستقبل جو سوال آھي. تيئن ئي ڪمپيوٽر جي، ماھرن کي اھو حق نٿا ڏئي سگھئون تہ اھي ھن سائنس جي بنيادن کان اڻواقف ھوندي سڄي دنيا جي مستقبل سان ويھي ھٿ چراند ڪن.
انھي ڏس ۾ دنيا ۾ صرف ھڪ ئي معتبر ۽ قابل ادارو آھي. اھو آھي صحت جو عالمي ادارو . ڀلي ان سان سياسي طور ڪنھن جا لک اختلاف ھجن، تيڪنيڪي طور اھو ئي، ادارو آھي جنھن جي ڳالھ 'حرفِ آخر' سمجھي ويندي. جيستائين ڳالھ آھي ھٿرادو عقل جي تہ اھا ايئن آھي جيئن سيون ٺاھڻ جي مشين. ان ۾ ڳوھيل ڪڻڪ جو ميدو وجھنداسين تہ سيون نڪرنديون. گوشت وجھنداسين تہ قيمو ٿي نڪرندو، جيڪڏھن مٽيءَ جو چاڻو وجھنداسين تہ نڪو قيمو نہ سيون، بالڪل ٻيون ڪجھ نڪرندو.
ھاڻي سوال اھو ٿو پيدا ٿئي تہ ان 'مت' کي استعمال ڪير ٿو ڪري.
اک الٽي ڌار
عبداللطيف ڀٽائي
عبداللطيف ڀٽائيءّ کي سنڌي سماج جي آئيندي لاءِ دنيا جي آڏو پيش ڪرڻ لاءِصحيح انداز ۾ مرتب ڪرڻو پوندو. اھو چوڻ تہ لطيف ڪو ڪم ڪار ڪونہ ڪندو ھو. ھڪڙي وڻ ھيٺان ويٺو ھوندو ھو. ايستائين جو مٿان واري وري ويس پر لطيف کي خبر ئي ڪونہ پئي. لطيف سنڌ جو ھڪ ذھين تخليقڪار ھيو. ڪھڙين سياسي ۽ سماجي حالتن پٽاندڙ ڀٽائي انساني آباديءّ کان پرڀرو 'ڪراڙ' ڍنڍ جي ڪپ تي وڃي ساٿين سميت 'ڀٽ' وسائي ھئي.
لطيف جنھن دور ۾ 'دنبورو' ايجاد ڪيو. ان دور ۾ دنيا اندر ڪھڙا ساز مروج ھيا. ڪھڙا نوان ساز ايجاد ٿيا، انھن ھم عصر سازن ۾ دنبورو ڪٿي بيٺل ھيو. اڄ جي دور ۾ ان جو ڪيترو ڪارج آھي. ڀٽائيءّ ڪھڙا نوان 'راڳ' ايجاد ڪيا. ڪيترن مروج راڳن ۾ جدت آڻي انھن جون شڪليون تبديل ڪئي ۽ انھن ۾ نواڻ آندي. ان دور ۾ دنيا اندر ڪھڙا 'راڳ'، 'سر' مروج ھيا، ايجاد ٿيا. سندس ھم عصر موسيقار ڪھڙا ڪھڙا ھيا؟ ھم عصر موسيقارن ۾ لطيف ڪٿي بيٺل ھيو ۽ آھي. اڄ جي دور ۾ انھن سرن ۽ راڳن جو ڪيترو ڪارج آھي.
سنڌ جي نوجوان محقق کي ڀٽائي انھن روين سان ٻيھر دريافت ڪرڻو پوندو يا ائين چئجي تہ حقيقي روپ ۾ دريافت ڪرڻو پوندو ـ
سنڌ جي يونيورسٽين کي لطيف شناسي، لطيفيات کي ھڪ سائنس جو درجو ڏيارڻ، ڀٽائي جي ھر تخليق تي ڪم ڪرڻ، ڀٽائي جي فڪر ۽ فلسفي سرن، راڳن، موسيقي، گائڪي، ڪردارن، سورمين، سورمن مطلب تہ ھر خيال کي سائنسي انداز سان ٻيھر لکڻو پوندو.