مختلف موضوع

ڳالھيون پيٽ ورن ۾

ھن ڪتاب ۾ اھي بلاگ شامل آھن جيڪي مون سوشل ميڊيا جي جھان تي وقت بر وقت ونڊيا آھن. انھن بلاگن ۾ زندگيءَ جا مختلف موضوع ۽ اندر ۾ اٿندڙ سوال موجود آھن. عبدالرحمٰن پيرزادي صاحب جي بلاگز کي جڏھن پڙھجي ٿو تہ انھيءِ ۾ اسان کي تمام گھڻا موضوع بحث ھيٺ ايندي نظر اچن ٿا جنھن ۾ مذھب، سياست، سائنس، تعليم، صحت، زراعت، ادب، آرٽ، محبت، ماحوليات، نفسيات ءِ تاريخ سميت ٻيا بہ ڪيترائي موضوع شامل آھن.                       

Title Cover of book ڳالھيون پيٽ ورن ۾

حصو نائون

اليڪشن

اليڪشن دروازي تي بيٺي آھي
ھروڀرو ڇو ٿا
پنھنجو وقت بي مقصد بحثن ۾ وڃايو.
سنڌ جو ورھاڱو ممڪن ئي ڪونھي.
معروضي حالتون بہ
اھڙي ڪنھن ڪم لاءِ مناسب ڪونھن.
مھرباني ڪري ماڻھن کي
حقيقي مسئلن کان آگاھہ ڪريو.
جن ۾ سڀ کان وڏو مسئلو
ڀانت ڀانت جي شڪلين جي
بنياد پرست سياسي جماعتن جي
پيدا ٿيڻ جو آھي.
زرعي سڌارا ـ جاگيرداري جو خاتمو
رياست طرفان تعليم جا موقعا
رياست طرفان صحت جون سھولتون
پاڻي ـ خاص ڪري پيئڻ جو پاڻي
وڌندڙ آبادي جو مناسب تدارڪ
وچڙندڙ بيمارين کان اڳواٽ بچاءُ
ماحول جي حفاظت
سنڌو درياھ جو جياپو
ٻيلن جي زندگي
شاگرد، ھاري ۽ مزدور کي
تنظيم سازي جو حق
ياد رکجو
طبقاتي سماجن ۾ جيڪڏھن وڌيڪ صوبا، ٺاھڻ يا موجودہ وحدتن کي ٽوڙڻ جھڙو ڪو قدم کڄي بہ ٿو تہ
اھو صرف ۽ صرف عالمي ۽ ملڪي مراعت يافتہ طبقي جي حق ۾ ھوندو

جامع رٿا
اسين سنڌو ندي جي پاڻين کي استعمال ڪرڻ جي جامع رٿا تجويز ڪريون ٿا.
سڀني صوبن اندر سنڌو جي پاڻي مان سندن جائز حصي جي پاڻين مان پاڻيءَ جا ذخيرا بحال ڪرڻ يا جوڙڻ.
ڪيٽي بندر تائين ڏينھن رات ٻارھوئي سنڌو جو وھڪرو بحال ڪري ان کي جھازرانيءَ جي لائق بنائڻ ۽ سنڌو مھا ساگر کي سنڌو درياھہ جي پاڻين مان سندس جائز حصو روزاني جي بنياد تي فراھم ڪرڻ.
سنڌوءَ جي ٻنھي ڪنارن سان ريل ۽ زميني آمدورفت جا ذريعا مھيا ڪرڻ.
سنڌو درياھہ جي بچاءُ بندن اندر زرعي سڌارن تي عمل ڪندي، زرعي زمين ۽ ٻيلن جي مالڪي جو حق مقامي ھارين جي حوالي ڪرڻ.
ڪنھن بہ قسم جي صنعتي زرعي سرمائيداري تي مڪمل بندش وجھڻ.
سنڌو نديءَ جي ٻنھي ڪنارن تي ھر 50 ڪلوميٽرن تي شھرين پاران مڪلمل اختيارين سان ننڍا ننڍي شھر آباد ڪرڻ.
سنڌو نديءَ جي ٻنھي ڪنارن تي بئراجن مان نڪرندڙ ڪئنالن ۾ وھندڙ پاڻين تي شھرن توڙي صنعتي علائقن سان متصل ننڍا ننڍا بجلي گھر اڏڻ.
مزدورن جي انتظام ھيٺ سنڌو نديءَ جي ٻنھي ڪنارن تي ھر 100 ڪلوميٽرن تي صنعتي زون قائم ڪرڻ.
سنڌو نديءَ جي ٻنھي ڪنارن تي ھر نئين شھر ۽ صنعتي علائقي ۾ سج ۽ ھوا مان بجلي پيدا ڪرڻ جا وسيلا قائم ڪرڻ.
ھر نئين شھر ۽ صنعتي علائقي ۾ پاڻي صاف ڪرڻ جا وسيلا قائم ڪرڻ.
اسڪول، اسپتال، راندين جو ميدان قائم ڪرڻ.
آتعميري بحث
سٺو تعميري بحث ٿي سگھي ٿو ـ
2013 کان 2018 تائين
سنڌ ۾ حڪومت بالڪل نالائق آھي ـ
سنڌ مان ڪيترا ماڻھو
ٻين صوبن ڏانھن لڏپلاڻ ڪري ويا؟
سنڌ ۾ ڪيترا ماڻھو
ٻين صوبن کان لڏپلاڻ ڪري آيا؟
خيبر پختونخوا مان ڪيترا ماڻھو
ٻين صوبن ڏانھن لڏپلاڻ ڪري ويا؟
خيبر پختونخوا ۾ ڪيترا ماڻھو
ٻين صوبن کان لڏپلاڻ ڪري آيا؟
سنڌ کان ڪيترا ماڻھو پنجاب لڏي ويا؟
پنجاب کان سنڌ ڪيترا ماڻھو لڏي آيا؟
سنڌ کان ڪيترا ماڻھو بلوچستان لڏي ويا؟
بلوچستان کان سنڌ ڪيترا ماڻھو لڏي آيا؟
سنڌ کان ڪيترا ماڻھو گلگت لڏي ويا؟
گلگت کان سنڌ ڪيترا ماڻھو لڏي آيا؟
سنڌ کان ڪيترا ماڻھو
خيبر پختونخوا لڏي ويا؟
خيبر پختونخوا کان سنڌ
ڪيترا ماڻھو لڏي آيا؟
ظاھر آ جتي سھولتون وڌيڪ ھونديون
ماڻھو اوڏانھن لڏيندا
اخباري خبرن تي لڏپلاڻ تہ ڪونھي ٿيندي
.

زرعي سماج ۽ جاگيرداري
زرعي سماج ۽ جاگيرداري ٻہ بالڪل الڳ عنوان آھن ـ
جڏھن تہ زرعي سماجن ۾ انفرادي ھارپو، گڏيل ھارپو، ايستائين جو اشتراڪي سماج جون خصلتون پڻ ملن ٿيون. زرعي سماج ۾ جاگيرداريءَ جو ڪوبہ مقام ڪونھي ھوندو. زرعي سماج ڪمزور طبقن جي گڏيل قوت تي ٻڌل ٿيندا آھن. انھن ۾ عورت برابري جي بنياد تي ھٿ ونڊائيندڙ ۽ حصيدار ھوندي آھي.
زرعي سماج پنھنجي بڻ بڻياد ۾ انسان دوست ھوندا آھن.
زراعت ملوڪيتي سماجن جي معيشيت جو بنيادي جز ھجي ٿي پر اھو زرعي سماج جو عڪس نٿو ٿي سگھي ـ

ڊرگھ ڍنڍ
ڊرگھ ڍنڍ، سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي 1815ع ۽ 1817ع وارين مھا ٻوڏن جي نتيجي ۾ وجود ۾ آئي.
اھا ڍنڍ، سنڌ جي ھاڻوڪي ضلعي قمبرـ شھدادڪوٽ ۾ موجود آھي.
1976ع ۾ ھيءَ ڍنڍ گڏيل قومن طرفان 'رامسر' سائيٽ طور تسليم ڪئي وئي
ڊرگھ ڍنڍ ھن وقت مرڻينگ حالت ۾ آھي.
سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي موجود شاندار ڍنڍون جيڪي ھزارين مسافر پکين ۽ انيڪ مڇين جي ميزباني ڪنديون آھن، بالڪل بري حال ۾ آھن.
انگريز قابض جيڪو بئراجي نظام ٺاھيو، ان جيئن سنڌوءَ ڪناري آباد بندر برباد ڪيا تيئن انھن ڍنڍن جو بہ قتل ڪيو.
اختلافي نوٽ
پاڪستان ۾ 1973 جي آئين مطابق 'چار' وفاقي اڪائيون، سنڌ، بلوچستان، خيبر پختونخوا ۽ پنجاب آھن. انھي آئيني بندش تحت سينيٽ ۾ چئني اڪائين جي ھڪ جيتري نمائندگي آھي.
جيڪڏھن اھو انگ وڌيو تہ آباديءَ جي لحاظ کان ننڍن رياستن جي نمائندگي ڪمزور ٿيندي.
جيڪڏھن ڪو نئون صوبو ٺاھڻو بہ آھي تہ اھو بنيادي اڪائيءَ جي آئيني حدن اندر ٺھڻ گھرجي ۽ ان کي سينيٽ ۾ الڳ اڪائي جي، حيثيت نہ ملڻ گھرجي.
آئين جي جنھن شق (239) جي ذيلي شق (4) جي تحت صوبا پيا ٺاھين
اھا شق صرف حدن ۾ ردوبدل جي لاءِ آھي.
ان شڪ تحت ڪو نئون صوبو قائم ڪرڻ ممڪن ڪونھي.
اھڙي مھم جوئي لاء ھاڻوڪي ملڪي آئين ۾ ترميم ڪرڻي پوندي
ڪجھ ناعاقبت انديشن جو خيال آھي تہ پنجاب کي چئن حصن ۾ ورھائڻ سان ننڍن صوبن کي فائدو ٿيندو.
ايئن ڪرڻ سان پنجاب سينيٽ ۾ ستن مان چار ووٽ حاصل ڪري وٺندو. جڏھن تہ ھن وقت صرف چئن مان ھڪ ووٽ اٿس

سنڌو نديءَ ۾ پاڻيءَ جي آمد
پاڪستان ۾ چئوماسي جون برساتون ھلي رھيون آھن.
سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪندڙ ننڍا وڏا درياھ پنھنجي حصي جو پاڻي سنڌوءَ حوالي ڪري رھيا آھن.
سنڌو، راوي، ستلج، جھلم ۽ چناب درياھن ۾ وھڪرا ڪٿي وڏا ,ڪٿي وچولا ۽ ننڍا آھن. ملڪ ۾ پاڻيءَ جون ھٿرادو ڍنڍون منگلا ۽ تربيلا بہ ڀرجي چڪيون آھن جنھن ڪري انھن مان بہ جھجھي مقدار ۾ وھڪرا سنڌوءَ ۾ شامل ٿي رھيا آھن.
انکان سواء برساتي ننئيون پڻ مختلف جڳھن تان انھن درياھن ۾ ڇوڙ ڪري رھيون آھن. انھن وھڪرن ۾ ڪوھ سليمان ۽ کيرٿر جي پھاڙين واريون جابلو نديون بہ پنھنجو خراج شامل ڪري رھيون آھن.
اھي سڀئي وھڪرا سنڌو درياھ وسيلي سنڌ مھاساگر ۾ وڃي ڇوڙ ڪندا. انھي صورتحال ۾ سنڌوءَ جي بندن اندر قيد ٻنيون ٻيلا ھن سال وھڪرن جو مزو ماڻيندا. وارياسا بٺُ سيراب ٿيندا، ڍنڍون، ڍورا، وھڻيون، واھڙ سڀ مستفيد ٿيندا .
سنڌو درياھ کي سيراب ڪندڙ علائقن ۾ برساتن سبب نقصانن جا پڻ اطلاع آھن.
پاڻي درياھن، ٻيلن ۽ ڪچي جي معيشت کان وٺي آبي حيات، جھنگلي جيوت ۽ بئراجي علائقن لاء پڻ ڪارائتو آھي پر ڪو بدانتظامي جو گھارو نہ پئي جو ٻوڏ برپا ٿي وڃي
دريا ھ ۾ پاڻي چڙھي ئي مس ٿو تہ ھتي ھر طرف ٻوڏ، ٻوڏ پئي پوي،برسات ۾ ننئيون وھن ٿيون، رستي ۾ ايندڙ ھر شئ لوڙھن ٿيون ھتي وري ھر طرف ٻوڏ، ٻو ڏ پئي پوي.
دريا ھ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو کاڙيون سرھيون ٿينديون تمر جي ٻيلن کي جيئدان ملند و مڇيون، گانگٽ، پلا جام ٿيند ا ھتي ھر طرف پاڻي زيا ن پيو ٿئي. ياد رھي تہ 2010 جي برباديءَ جو سبب سکر کان ڄامشوري تائين بندن اندر غيرقانوني خانگي بند ختم تہ ڪونہ ٿيا مورڳو وڌيڪ مظبوط ڪيا ويا آھن. ان کان اڳ جو اھڙي ڪا صورتحال جڙي ان لاءِ واسطيدار ڌرين کي اڳواٽ ھوشياري وٺڻي يا وٺرائڻي پوندي جيئن درياھ جو چاڙھ ۽ آبڪلاڻي ڪنھن امڪاني ٻوڏ ۾ تبديل نہ ٿي وڃي


ڪاڇي وارن جي مدد ڪريو
سڌريل سماجن، دورانديش رياستن ۽ منظم ھاري، مزدور، عورتون ۽ سندن ساٿين جو اھوئي امتحان ھوندو آھي تہ اھي مشڪل حالتن مان پنھنجي ماڻھن کي روشن مستقبل جو دڳ ڏيکارين ۽ منزل تائين رھنمائي ۽ اڳوائي ڪن.
ڪاڇي جي وھڪرن سبب ٿيل انھي سڄي بربادي ۽ وارتا کانپوءِ جيڪڏھن بحالي بي ترتيب ٿي تہ اھو برباديءَ جو چڪر پيو ھلندو. ضلعي دادوءَ جي جوھي تعلقي جي ڪاڇي ۾ يونين ڪائونسلن ٽوڙ،پٽ گل محمد،ڊرگھ بالا،ساوڙو،ڇني،ٽنڊورحيم خان جا ذري گھٽ ٻہ لک ماڻھو نئين گاج، تڪي، نَري، ُڪُڪڙاني، کنڌاني،ھليلي، انگئي، نيئيگ ۾ آيل برساتي وھڪرن سبب لڙھي، ٻڏي، تباھي ۽ بربادي جو شڪار ٿي سڀڪجھ وڃائي پٽوڙي تي ويھي ويا آھن.ڪاڇي ۾ نہ بچيو آ ڪو گھر نہ تڙ،نہ ان، نہ داڻو، نہ روڊ، نہ رستو. ڪاڇي ۾ سندن الھ تلھ چٽ،جيون جو آغاز ٻڙُيءَ کان. ھاڻي انھن ماڻھن جي ٻي نہ تہ ايتري مدد تہ ڪئي وڃي جو اھي برساتي ندين کان مستقبل ۾ محفوظ رھي سگھن. جيڪڏھن اھي انھن ساڳن ڪکن، ڀانڻن ۽ آبادين ۾ رھيا تہ ھر چوٿين، پنجين سال ايئن ئي پيا برباد ٿيندا. سائنس ۽ انجنيئرنگ جي ترقيءَ مان لاڀ حاصل ڪندي، کين بھتر جڳھ تي منظم طريقي سان آباد ٿيڻ ۾ سھائتا فراھم ڪئي وڃي جيئن کين تعليم، صحت، پيئڻ جو پاڻي، گئس، بجلي ۽ ٻيون شھري سھولتون بہ ميسر ٿي سگھن.
آفت کي موقعو سمجھي مستقبل جي رٿابندي ڪرڻ لاءِ اچو تہ حڪومت ۽ سڀني وس وارن کي اپيل ڪريون تہ انھن ماڻھن کي جديد ڳوٺ!
ھا! روينيو کاتي کان منظور ٿيل مثالي ڳوٺ اڏڻ ۾ مدد ڪن.

ٻارن کان پورھيو ڪرائڻ
سندڌ ۾ عمومي ۽
حيدرآباد ۾ خصوصي طور
انساني، حقن جون
ڳالھيون ڪندڙ تنظيمون
خبر ناھي ڪو پيالو ڪري ويون يا
اھي بہ 'ترِڪي' پسنديءَ جي حوالي آھن.
ٻارن کان
پورھيو ڪرائڻ
واري ڏوھ جو بہ
ڪو حساب ٿيندو يا؟

ھڪ ڪلو ماکي -- چاليھ لک ڦيرا
ماکيءَ جي مک
گلن جا
چاليھ لک
ڦيرا پائڻ کانپوءِ
ھڪ ھزار گرام
ماکي
جمع ڪند ي .آھي

مانجھاندو
وقت لکڻ مھل
ٻہ مخفف استعمال ڪندا آھيون.
ھڪڙو'اي ايم' ۽
ٻيون 'پي ايم'
اھي بنيادي طور
لاطيني ٻولي جا مرڪب لفظ آھن،
جن جو بڻ آھي لفظ مرڊائيس
جنھن جي سنڌي ٿيندي
مانجھاندو يا منجھند.
اھڙي ريت اھي لفظ ٿيندا.
مانجھاندي کان اڳ 'اي ايم' ۽
مانجھاندي کانپوءِ 'پي ايم' .
انھن کي صبح ۽ شام چوڻ
غلط العام تصور آھي
ڪانون کان ئي سکئون
ڪانو جڏھن آکيري مان
ٻچا اڏائيندا، آھن تہ
انھن جي پھريداري ڪندا آھن،
ايستائين جو
جنھن مان بہ ٻچي کي
خطرو سمجھندا آھن،
ان کي ٺنھنگا ھڻي ڀڄائيندا آھن.
ٻيون نہ تہ ڀلا
ڪانون کان ئي سکئون.

نئون جنم
حليم بروھي مون کي
دل سان ڏاڍووڻدو آھي
پر يارھڪڙي ڳالھ چوان
ڪجھ ڀاڙيو ھيس
ايتري ھمٿ ڪانہ ساري سگھندو ھيم.
ھن ھفتي سڀئي مونجھارا ختم ڪري ڇڏيا
بالڪل نئين زندگي
نئون جنم نوان دوست


چاڪيءَ جو ڏاند
اسان جنھن سما ج ۾ رھئون ٿا اھو غلط العام تصورن سان سٿيو پيو آھي. انھن ما ن ھڪ تصور اھو بہ آھي تہ چاڪيءَ جو ڏاند ڪجھ بہ ناھي ڪندو، رڳو ھڪ دائري ۾ پيو گول گول ڦرندو آھي.اھو ڪم وٺڻ لاءِ چاڪي سندس، اکين تي کوپا چاڙھيندو آھي جيئن ھو نظر ايندڙ دنيا کان بي نيا ز پنھنجي ڪرت ۾ مصروف ھجي.
ھاڻي اچوتہ فرض ڪريون، چاڪي ڏاند جا اھي کوپا لاھي ڇڏي جيڪي شايد ڪجھ گھاڻن ۾ وھندڙ ڍڳن جا وقت سان لٿل بہ ھوندا ھئا تہ ڇا ٿيندو، ڏاند ٽاھ کائي دائري کان ٻاھر نڪرند و ۽ گھاڻو ڀڃي وجھندو
جيڪڏھن اھو غلط العام تصور مڃي وٺئون تہ چاڪيءَ جو ڏاند ڪجھ بہ ناھي ڪند وتہ پوءِ گھاڻي ۾ تيل ڪيئن نڪرندو آھي.
اھو ڏاند تيل ڪڍڻ جي عمل جو ھڪ ڪارگر حصو آھي ۽ سند س محنت جي طفيل اھو گھاڻو تيل ڪڍڻ لائق ٿيوآھي.
وري چوندا اھو ڏاند گول گول ٿو ڦري،
ڪا منزل نٿو ھڻي.
سوال اھو ھجڻ گھرجي تہ
منزل ڪھڙي آھي
تيل ڪڍڻ ـ
اھو تہ نڪري پيو
باقي پنڌ ڪري
جي، اڳتي نڪري وڃي ۽
گول گول نہ ڦري تہ
تيل تہ ڪونہ نڪرندو

نہ شينھن، نہ ھرڻي
سماج ۾ الاجي ڪيترا سچ، بخمل نما پھاڪن ۽ تشبيھن جي پوتڙين ۾ايئن لڪل ھوندا آھن جيئن ڪو بدصورت خنجر ڀرت ڀريل چمڙي جي ڍڪ ۾ لڪل ھوند و آھي.
اھڙيون ٻہ تشبيھون جيڪي سماج جي بدبودار صنفي روئيي کي ظاھر ڪن ٿيون اھي آھن
شينھن پٽ
ھرڻيءَ جھڙي ڇوڪري
ھاڻي ٿورو ٿڌيءَ دل سان انھن تشبيھن تي غور ڪريو مرداڻي بدبودار سماج ۾...
پٽاڻو اولاد پالبو ئي ان لاءِ تہ انسان نہ پر خونخوار جانور شينھن ٿئي ۽ ھرڻين جو شڪا ر ڪري.
ڌياڻو اولاد وري پالبو ئي ان لاءِ تہ ڪنھن نہ ڪنھن خونخوار جانور نما مرد جو ھرڻيءَ وانگر وڃي شڪار ٿئي
جيڪڏھن اسان جي نيت اھا ناھي تہ پواسان کي انھن تشبيھن، استعارن ۽ چوڻين تان ھٿ کڻڻو پوندو.
پنھنجي ٻارن کي پينگھي ۾ اھي لوليون ڏيڻ بند ڪرڻيون پونديون.
گھرن ۾ انسان پالڻ جي شروعات ڪرڻي پوندي .
اھي شينھن ۽ ھرڻي نما ٻار پالڻ بند ڪرڻا پوندا
انسان جي اولاد کي انسان ڪري پالڻو پوندو

تربيت
جيڪڏھن اسان جي يونيورسٽين ۾ پي ايڇ ڊي يا ان جي برابر واريون سندون رکندڙ بہ مستقبل جي پي ايڇ ڊي يا ان جي برابر واريون سندون حاصل ڪندڙ استاد شاگردن لاءِ جانور آھن تہ پوءِ ھن سماج کي ڪيئن بھتر ڪري سگھجي ٿو جيئن اھو ٻار، ڪمزور ۽ عورت لاءِ بہ اوترو ئي محفوظ ھجي جيترو مٿين طبقن جي باشندن لاءِ آھي
ھتي مان اھا ڳالھ واضح ڪندو ھلان تہ ٻار۽ عورت ڀلي ڪھڙي بہ طبقي سان تعلق رکندا ھجن، انھن لاءِ ھي سماج ھڪ نھائينءَ جيان آھي، جنھن ۾ ھر وقت پڄرندا رھندا، کين ھر وقت ٽانڊن ڀريل رستي تي اگھاڙين پيرين ھلڻو پوي ٿو. انھن کي اسان جو ساٿ ۽ سھائتا گھرجي
سماج کي رڳو تعليم سان ڪو بہ لاڀ نہ ملندو، اسان کي ٻارن خاص ڪري ڇوڪرن ج تربيت تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندوھي مردن جو سماج آھي، اھو رات وچـ۾ عورت دوست ڪونہ ٿيندو. ان لاءِ سخت قد م کڻڻا پوندا ۽ ثابت قدم رھڻو پوندو

سنڌ ـ وفاق ۽ ٻيٽ
ترقيءَ کي روڪڻ شايد ھن دور ۾ ممڪن ڪونھي، ھا، اھو ٿي سگھي ٿو تہ ان جو لاڀ حاصل ڪندڙ ھٿ ۽ ڌريون بدلجي وڃن.
اھڙو ئي ھڪ کيل سنڌ جي راڄڌانيءَ لڳ موجود سامونڊي ٻيٽن تي کيڏيو پيو وڃي
.جھيڙو اھو قطعي ڪونھي تہ اتي ترقي نہ ٿئي جھيڙو اھو آھي تہ گھڻو فائدو ڪنھن کي ملي، سنڌ يا وفاق.
ان سڄي کيل ۾ سرڪاري، نيم سرڪاري، غيرسرڪاري ۽ نظرنہ ايندڙ سڀئي ڌريو ن پنھنجو پنھنجو ڪم ڪرڻ ۾ رڌل آھن جيئن ڪيٽي بندر رٿا ۽ ذوالفقارآباد تي ٿيو ھو.
سوال اھو پڇڻو ھو تہ ماھيگيرن جي غيرسرڪاري تنظيم'فشر فوڪ فورم' ۽ مزدورن جو نيم سرڪاري ادارو 'پائلر' ڪنھن جي پاسي آھن.
جيڪڏھن اھي ٻيٽن تي وسندڙ ماھيگيرن جا گھڻ گھرا آھن تہ وفاق ۽ سنڌ حڪومت سان ويھي لاڳاپيل اسيمبلين مان اھڙو قانون منظور ڪرائين جنھن ھيٺ جڏھن بہ ۽ ڪير بہ انھن ٻيٽن تي آبادڪاري ڪري تہ اھو خيال رکي تہ اتي جي مقامي ماھيگيرن کي بنا ڪنھن معاوضي جديد شھري سھولتن سميت شھر ٻڌي ڏئي.
انساني آباديءَ جي صورت ۾ 60 سيڪڙو گھر، ملڪيتون، ڪاروبار ۽ زمينون صرف سنڌ جي ھاڻوڪن سن 2020 مستقل شھرين کي خريد ڪرڻ ۽ ملڪيت ۾ رکڻ جو حق ھوندو. اھي جيڪڏھن وڪڻڻ بہ گھرن تہ صرف مستقل باشندن کي ئي وڪڻڻ جا پابند ھوندا.
نئين شھر ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم لاءِ اسڪول قائم ڪرڻ لازمي ھوند و.
ٻيٽن ۽ اتي ٿيندڙ ترقيءَ کي سنڌ جي صوبائي قانون تحت ھلايو ويندو.
باقي ھرڳالھ تي ''مرسون مرسون سنڌ نہ ڏيسون ''ڪو صحتمند رجحان ڪونھي. انھي جذبي تہ فبروري 1843 ۾ مياڻيءَ جي ميدان ۾ سنڌ انگريزن ھٿان ھارائي ھئي.
ياد رھي تہ اھو نعرو قابض ٽالپر حڪمرانن جي ھڪ غلام سان منسوب آھي، جنھن کي نئين قابض انگريز جي ايسٽ انڊيا ڪمپني سرڪار 'جنرل' جو خطاب ڏنوھيو.
سنڌ جي سياسي شعور کي جيڪڏھن پاڪستان جي وفاق ۾ صحتمند، روشن خيال، ترقي پسند، عوام دوست ڪردار نڀائڻو آھي تہ ڪو نئون جذبو ۽ ڪا نئين حڪمت عملي مرتب ڪرڻي پوندي .
تاريخي طور ھارايل طريقا وري وري اپنائڻ ڪو سٺو رويو ڪونھي.