مختلف موضوع

ڳالھيون پيٽ ورن ۾

ھن ڪتاب ۾ اھي بلاگ شامل آھن جيڪي مون سوشل ميڊيا جي جھان تي وقت بر وقت ونڊيا آھن. انھن بلاگن ۾ زندگيءَ جا مختلف موضوع ۽ اندر ۾ اٿندڙ سوال موجود آھن. عبدالرحمٰن پيرزادي صاحب جي بلاگز کي جڏھن پڙھجي ٿو تہ انھيءِ ۾ اسان کي تمام گھڻا موضوع بحث ھيٺ ايندي نظر اچن ٿا جنھن ۾ مذھب، سياست، سائنس، تعليم، صحت، زراعت، ادب، آرٽ، محبت، ماحوليات، نفسيات ءِ تاريخ سميت ٻيا بہ ڪيترائي موضوع شامل آھن.                       

Title Cover of book ڳالھيون پيٽ ورن ۾

حصو پنجون


غلاميءَ جا سڱ
ڪجھ سنگت جو خيال آھي تہ انگريز ڦورن جي سنڌ تي ناجائز قبضي ۽ اسان سنڌين کي غلام بنائي ھڪ آزاد ملڪ مان بمبئيءَ جي، ضلعي جو درجو ڏيڻ کان اڳ سنڌ ۾ نہ ڪا لپي ھئي، نہ وري لکڻ پڙھڻ جو جوڳو بندوبست ھيو، نہ گرامر ھيو، نہ ڀٽائيءَ جو گنج ھو، مطلب صفا ڀينگ ھئي. جھڙوڪ سنڌي غارن ۾ اگھاڙا رھندا ھئا. انگريز بھادر وڏو قرب ڪري سنڌ فتح ڪئي. مير ۽ ھوشو شيدي بيوفوق ھئا جن انھن محسنن سان جنگ ڪئي.
وري انکانپوءِ ھروڀرو انگريز بھادر جي حڪومت کي ڪجھ چورن، ڌاڙيلن، ناعاقبت انديش ماڻھن وقفي وقفي سان تنگ ڪيو.
اسان کي انگريز بھادر ٻوليءَ جي لپي ڏني، گرامر ڏنو، اسڪول، اسپتالون، بئراج، ريلون، پليون، ٽرامون، موٽرون، جھاز، ڪھڙي ڪھڙي نعمت جو شڪريو ادا ڪريون.
ھيءَ جھالت، غربت، پسماندگي اھا تہ اسان جي انگريز صاحبن جون ورسيون نہ ملھائڻ جو نتيجو آھي.
وس پڄين تہ روھڙيءَ جي پٿر جودور، نيئنگ جا غار، آمري، مھين جو دڙو، ڪوٽ ڏيجي
مطب ھر موجود نعمت انگريز بھادر سان منسوب ڪري ڇڏين.
غلاميءَ کي جي سڱ ھجن ھا تہ شايد، اسان جي کوڙ سنگت انھي نعمت سان مستفيد ھجي ھا.
سنڌ ۾ انگريزن جي اچڻ کان اڳ سنڌي چئن لپين ۾ لکي ويندي هئي ، خداآبادي، ديوناگري، عربي فارسي ۽ گرمکي۔ انگريز اسان کان اسان جو ماضي کسي ورتو،
نئين الف ب ڏيئي پراڻي ٻولي ۽ سڄي تاريخ کي ختم ڪيو ويو،
ڀٽائي جي گنج کانسواء ورلي ڪو ماخذ ملندو جيڪو آڳاٽي سنڌي ۽ لپي ۾ لکيل هجي۔

جاڳو
ادارو قائم ڪرڻ، ڪنھن اداري جو پگھاردار ملازم ھجڻ ۽ ڪنھن اداري جو تاحيات ڊائريڪٽر ھجڻ
اھي ٽيئي بالڪل مختلف ڪردار آھن. اسان کي ھروڀرو بھلايو ٿو وڃي تہ فلاڻي فلاڻي صاحب اھو ادارو قائم ڪيو ۽ مثالن ۾ وري عوام جي ملڪيتي مطلب سرڪاري ادارن جھڙوڪ آءِ بي اي سکر، گمبٽ، ايس آءِ يو ٽي جو ذڪر ڪيو ويندو آھي. اسان جنھن دور ۾ رھون ٿا ان دور ۾ سرڪاري ادارن جي سربراھ جي رٽائر ٿيڻ جي عمر 60 سال مقرر آھي پر انھن ادارن ۾ وري شخصن کي تاحيات مقرر ڪيو ويو آھي. جڏھن تہ ٿيڻ ايئن گھربو ھيو تہ اھي غيرمعمولي صلاحيتن وارا انتظام ڪار، پروفيسر يا تعليمدان پنھنجي مقرر مدي اندر انھن ادارن ۾ پنھنجا جانشين تيار ڪن ھا يا بھترين تعليمي قابليت وارا فرد اتي اداري جي سربراھ لاءِ ٿيندڙ چٽاڀيٽيءَ ۾ حصو وٺي پنھنجي صلاحيتن سان انھن ادارن کي جدت بخشين ھا، ايئن ڪرڻ نہ ڏنو ويو.
ڇو؟
فردن کي تاحيات نوڪريون ڏيڻ لاءِ ۽ جدت جو رستو روڪڻ لاءِ. نتيجو اھو نڪتو جو نون ادارن ۾ بہ رٽائر ٿيندڙ ڪامورن، من پسند ماڻھن ۽ سفارشين کي بنا ڪنھن تعليمي قابليت جي ڀرتي ڪيو ويو آھي.
غيرصحتمند روايتون جيڪي شخصن جي گرد سحر قائم ڪري پيدا ڪيون وينديون آھن، اھي سماجن لاءِ ناسور، ثابت ٿينديون آھن.
جيٿرو جلد اسان روايتن مان جند ڇڏائي حقيقتن جي پوئواري ڪنداسين سماج ۾ مثبت تبديليون اينديون.
مون کي ذاتي طور، ٽنھي صاحبن لاءِ لک عزتون آھن مگر مان اھو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ڪونھان تہ انھن پڄاڻان ادارا ڪونہ ھلي سگھندا.
ساٽِياڻيِءَ کي سورَ
ڀلو ٿئي سوشل ميڊيا، ڪوٽ سڳوري، مقتدر قوتن ۽ مالڪن جو جن اڳي پوءِ ڪري گھڻن جا نقاب اٿلائي چڏيا.
اسان ڊينڊڙا تہ بڻئون ئي بي قدريءَ جو شڪار ٿياسين، الائي ڪھڙا ۽ ڪيترا لقب ماڻيندا رھياسين.
ھاڻي بلاگ پڙھو تہ ھڪ پاسي مڻين ميارون ٻئين پاسي سنڌ اسيمبليءَ مان قرارداد پاس ڪرائڻ تي شاڀاس نہ ملڻ جو ڏک، مٿان وري ھر ڏک، درد ۽ مايوسيءَ جو ڪارڻ جمھوريت کي ثابت ڪرڻ جا جتن.
ڳالھ ڪيو رياست جي روئيي جي تہ جواب ايندو فلاڻي سياسي پارٽيءَ جي بہ فلاڻي اڳواڻ جي ڪري. اھو بہ اھڙي سياسي ڌر جنھن جي سنگت ڪڏھن حمايتي نہ رھي آھي.
جن سان 1940 کان وٺي پيچ پاتل اٿن، انھن کي وري وري ميارون ڏيندا تہ اسان تہ سدائين توھان سان گڏ ھوندا آھيون پر قدر ڪونہ ٿا ڪيو.
حاصل مطلب ''ساٽِياڻيِءَ کي سورَ 'بچي' پٽيوال جا"

شعور جي اڏام
ڪالھ ھڪڙي ھمراھ سان فون تي ڪجھ ڳالھيون ڪرڻ جو اتفاق ٿيو. حاصل مطلب جيڪو صاحب مون کي سمجھايو پئي اھو ڪجھ ھيئن آھي:
'کٽ' ۾ چار پاوا، ٻانھيون، سيرون، واڻ ۽ واڏڻ جيستائين الڳ الڳ سڃاتا ويندا، تيستائين 'کٽ' جي سڃاڻپ ممڪن ئي ڪونھي. سندس خيال ھيو تہ اھي 'پاوا' تہ بالڪل ھجڻ ئي نہ گھرجن. 'ٻانھيون' اجايو کٽ جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويون آھن. 'واڻ' کي باھ ڏئي کٽ جو سِرُ بچائي سگھجي ٿو. 'واڏڻ' وجھي کٽ کي ھروڀرو اچي سوڙھو ڪيو اٿو.
اچو تہ سڀئي گڏجي 'کٽ' جو خير گھرئون.

ٻيڙو
سنڌ جو فلاڻن ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آھي.
ظاھر آھي، ٻيڙو تہ انھن کان ٻڏندو جيڪي ٻيڙي ۾ شامل ٿيندا، پير رکندا، درياھ ھجي يا سمنڊ ان جي لھرن سان مھاڏو اٽڪائي، ڏکيا سکيا گھير گھڙي ان ٻيڙي کي ھلائيندا ۽ استعمال ڪندا. باقي سُڪَ تي پلجندڙ ٻيڙو تہ ڇا ڪک بہ ڪونہ ٻوڙيندا.
ھاڻي پھريان اچي انھيءَ ٻيڙي ۾ شامل ٿيو پوءِ ڏسو ٻڏو آھي يا توھان جي ديد ۾ کوٽ آھي.

سنڌ جي مالڪي ڪيئن ٿيندي
سنڌ جي مالڪي تڏھن ٿيندي، جڏھن ھتي ھرڪو پھريان پنھنجي پنھنجي گھر، ڳوٺ، پاڙي ۽ شھر جي مالڪي ڪندو
يا
پنھنجو سڀ ڪجھ تياڳي، پاڙي واري جي گھر، پرائي پاڙي، پرائي ڳوٺ ۽ پرائي شھر جي مالڪي ڪرڻ نڪرندو.
سنڌ جي مالڪي ڪرڻي آھي تہ گھر کان شروع ڪريو. لڏپلاڻ سان مالڪي ڪونھي ٿيندي.

حليم بروھي اڪيلو ڪونھي
حليم بروھي ڪنھن فرد جو نالو ناھي رھيو، اھو ھڪ روئيي جو نالو بلڪہ صفت ٿي چڪو آھي. اھڙن بيباڪ ڪردارن سان سڄي سنڌ ڀري پئي آھي. رڳو اک ڦيرائي ڏسو. توھان کي ھر پاڙي، ھر ڳوٺ، ھر وسندي، ھر واھڻ، ھر شھر ۾ 'حليم' ملندو. ھا اھو فرق ضرور آھي تہ انھن سڀني بدنصيبن کي حيدرآباد ۽ خابرو ادارن تائين رسائي ڪونھي.
اچو تہ يڪ زبان ٿي چئون 'حليم' ڪير سڏائي.

گاج ندي
نئين گاج ۽ ڪاڇي ۾ پيدا ٿيل وھڪرن ۽ لڙھيل وسندين متعلق منھنجي معلومات اڻپوري، اڌوري ۽ غلط ھئي.مون کي ايئن خبر ملي تہ زراعت لاءِ برساتي پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ مقامي سطح تي ننڍا ننڍا بند ٻڌا ويا ھئا، جيڪي برسات جي وھڪري ۾ لڙھي ويا. ان سبب وسنديون جيڪي وھڪرن جي رستي ۾ ھيون لڙھي ويون.
فاروق سومري جي ٿوري اھو معلوم ٿيو تہ #گاج جيئن بلوچستان کان سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿي اتي انگريزن جي قبضي واري دور کان گاج #بنگلو ٺھيل آهي ۽ جبل سان گڏ پاڻي جي رفتار کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ان وقت #تير_ڀت ٺاهي وئي هئي تہ جيئن پاڻيءَ جي وھڪري کي گھٽائجي ۽ پاڻي آھستي سڄي #ڪاڇي جي پٽن ۾ پکڙجي وڃي ۽ تيز وھڪري سبب ڪو نقصان نہ ڪري. سن 1995 ۾ #تير_ڀت ٽٽي هئي، جنهن کان پوءِ اها ٻيهر ٺاهي وئي. انھي ڀت سان گڏ واپڊا طرفان اضافي بند بہ ٻڌرايو ويو جنهن کي #ڊائيورشن_بند چون ٿا. اھو بند بہ نئين گاج جي وھڪري جي رفتار گھٽائڻ لاءِ ڏنو ويو آھي. هاڻي ٿيو ڇا آهي تہ ان ڊائيورشن_بند يا #گاج_بند جو واپڊا طرفان ڪرايل ناقص ڪم حادثي جو سبب ٿيو. ھن سال جيئن پاڻي جبل تان لٿو تہ اهو انھيءَ بند جي ڪجھ حصي کي لوڙھي ٽوڙي ويو، جنھن سبب پاڻيءَ جو وھڪرو تيزيءَ سان ڳوٺ ٻوڙيندو اچي #ايف_پي_بند سان لڳو. ان بند تي بہ سنڌ حڪومت جي آبپاشي کاتي وارن سالن کان ڪو مرمتي ڪم ناهي ڪرايو.
جوھي شهر کان اڳيان بند کي گهارو لڳو انڪري جوھي شهر ته بچي ويو آھي پر جوھي تعلقي جون ڪجھ يونين ڪائونسلون ان پاڻي جي گهيري ۾ آهن، جن جو تعداد وقت سان پڌرو ٿي ويندو. اهو آھي اصل قصو.
اسان ڪاڇي کان ٻاھريان ماڻهو سمجهئون پيا تہ #گاج_بند ۽ #ايف_پي_بند ڪا ساڳي ڳالھہ آهي ۽ ھي جيڪي ٻڏا آھن اھي ماڻهو گاج نئين جي وھڪري تي اچي ويٺا آهن.
حقيقت ايئن ڪونھي.
رڪاوٽ نہ ھجڻ ڪري پاڻي تيزيءَ سان منڇر ڏانھن وڌيو، جنھن نقصان ڪيو. جيڪڏهن گاج جو بند مضبوط هجي ها تہ اهو پاڻي اتان آهستي آهستي اڳتي اچي وري بہ ايف پي بند تائين پھچي ها ۽ منڇر ۾ وڏو وهڪرو وڃي ها پر ڳوٺ لڙھڻ کان بچن ھا ۽ ڪاڇو بہ سيراب ٿئي ها. هاڻي بہ ڪاڇو تہ سيراب ٿيو ۽ آباد بہ ٿيندو پر تيز وهڪري ڳوٺن جا ڳوٺ لوڙهي ڇڏيا.
ياد رھي تہ گاج بند واپڊا جي حوالي آهي ۽ ايف پي بند سنڌ حڪومت جي آبپاشي کاتي جي حوالي آھي.

مان شايد گونگو آھيان
عين ان وقت جڏھن مان ڊاڪٽر عرفانہ ملاح جو مسلمان ھجڻ وارو وڊيو بيان ٻڌي پنھنجي بيوسيءَ جو ڪاٿو ڪري رھيو ھوس،
ھڪ پراڻي دوست ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ فون ڪري سيد منورحسن جي وفات تي اھو چئي مون سان تعزيت ڪئي تہ ھو (منور حسن) بہ پنھنجي جوانيءَ ۾ تنھنجو ھم خيال رھيو ھو پر بعد ۾ اللہ تعالا کيس صحيح رستو ڏيکاريو ۽ ھن پنھنجي دنيا ۽ آخرت سنواري.

پھاڪا عورت ۽ طبقاتي ڀيد
اسان کي روزمرھ جي استعمال ۾ ڪمزور طبقن، ٻولي، نسل، ڪرت، عورت ۽ مذھب کان نفرت تي ٻڌل محاورا، چوڻيون ۽ پھاڪا استعمال نہ ڪرڻ گھرجن.
اھو پھاڪو جنھن ۾ 'عورت' ۽ 'تيل' جو ذڪر آھي، اھو مذھبي نفرت تي ٻڌل آھي. انڪري سڌريل سماج ۾ ان کي استعمال نہ ڪرڻ گھرجي.
'ڌوتي' لفظ بہ صنفي نفرت جو اظھار آھي
ان کي بہ سڌريل سماج ۾ استعمال نہ ڪرڻ گھرجي.

ريگيولر ڇو نٿا ڪريو
ٽوئٽر جي مالڪ آفيس جي ڊامريڪٽرن سميت ـ سڄو عملو ھڪ حال ۾ گھرائي کانئن پڇيو تہ ''ڀلا توھان 'ٽيچرس' کي ريگيولر ڇو نٿا ڇاپيو''
جڏھن کيس، معاملي جي حقيقت سمجھايئون تہ 'سنڌ' ۾ 'ماستر' ۽ ڀرتي ڪيئن ٿيندي آھي تہ چيائين، ابول! "ھاڻي سمجھ ۾ آيو تہ سنڌ ۾ ڪوڙي ڊوميسائيل تي ماستر ڀرتي ٿيا ھوندا"

ٿوڪ جا واپاري ۽ ريزڪي مسئلا
اسان وٽ سنڌ سميت پاڪستان ۾ سڀئي ترقي پسند پارٽيون 'ٿوڪ' جو ڪاروبار ڪنديون ھيون. انھن جو موقف ھوندو ھيو تہ بس، انقلاب ايندو سڀئي مسئلا حل ٿي ويندا. جيتوڻيڪ سماج جي مسئلن کي حڪومت ٺاھي حل ڪرڻ جي منجھن جا صلاحيت ڪونہ ھوندي ھئي ۽ نہ وري ڪڏھن کين اھا توفيق ٿي ھئي تہ ان طرف ڌيان بہ ڏين. انھن پارٽين جي مغزن مطابق اھي معمولي ۽ ريزڪي مسئلا انقلاب سان گڏ پاڻ ھرتو حل ٿي ويندا.
جيڪڏھن اک ڦيرائي ڏسجي تہ عوام جي اڪثر مسئلن جو حل 'پرچون' جي ڪاروبار ۾ آھي. روزگار، تعليم، خوراڪ، صحت، پاڻي، بجلي، سواري، روڊ ۽ رستا وغيرہ. اسان جا ترقي پسند، ماڻھن جي مسئلن تي سياست ڪڏھن ڪندا.
وصيت
اسان اھي سڀئي جن کي جيئري ئي گھٽ ٻڌو ۽ سمجھيو ويندو آھي، انھن سڀني کي طبقاتي سماج جي مراعت يافتہ سھولتن جھڙڪ 'وصيت' لکڻ، چوڻ يا خواھش ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي.
جيڪو سماج اڄ نٿو ٻڌي، اھو سڀان ڪٿي ٻڌندو.
بس اسان جي خواھشن کي کڻي پونئيرن ۽ ساٿين تي طنزون ۽ تبرا ضرور ڪندا.

اڄ جو سڏ
① تعليم ـ معياري تعليم ـ مادري زبان ۾ بنيادي تعليم.
② گڏيل زراعت(اشتراڪي زراعت) ـ سائنسي زراعت.
③ پبلڪ لميٽيڊ ڪمپنيون.
④ ٿنڪ ٽئنڪ
⑤ لابنگ
⑥ تحقيق ـ ترويج ـ تحقيق
انھن سڀني کان اڳ
تنظيم ـ
سياسي ڍ طبقاتي شعور ـ
بنياد پرستيءَ کان انڪار.

سوال
اسان ان سماج ۾ ٿا رھئون جتي
پي ايڇ ڊي اسڪالر،
سائنس جو استاد،
ڊاڪٽر ۽
انجنيئر
'سوال' ڪرڻ تي پريشان ۽ حقيقت بيان ڪرڻ تي ڪاوڙجي پوندا آھن.

راءِ
جڏھن ڪنھن بلاگ ۾ لکندڙ کليل لفظن ۾ لکي ٿو تہ اھا منھنجي ذاتي راءِ آھي. انجو مطلب اھو ھڪ مفروضو آھي. اھو ثابت بہ ٿي سگھي ٿو ۽ رد بہ ٿي سگھي ٿو. ياد رھي تہ مفروضو ئي ڪنھن جستجو جو بنياد وجھندو آھي.

سفا سوڙھو اچي ڪيو اٿن-
اڙي بابا جلدي ڪريو
اڄ ئي، بورڊ جو اجلاس گھرايو
ٽوئٽر جي مالڪ جو پگھر پئي وھيو.
ھڪڙي ڊائريڪٽر ڊڄندي پڇيس
سيٺ، خير تہ آھي.
سيٺ سرٻاٽ ڪندي چيس
اھو، سنڌ وارا ڊوميسائيل ڪير ٿو اشو ڪري
سفا سوڙھو اچي ڪيو اٿن


چلھي جو موت
اڄ وري ڏھن گھرن جي چلھن جو مرتيو ڪيو ويو ـ اھي ڏھ (10) ئي مزدورن جن کي صرف ان لاءِ قتل ڪيو ويو آھي تہ شايد اھي ڪا مخصوص ٻولي نہ ڳالھائيندا ھئا.
ڪيڏو عجيب ٿو لڳي ـ مزدور ـ زبان ـ قتل.
مزدور تہ مزدور ھوندو آھي ان جو ڪھڙو ديس ڪھڙي زبان. اھي قوم، ديس، زبان تہ ڀريل پيٽ جا چونچلا آھن ـ
اھي مزدور سکي ستابي سنڌ کان ٻاھر پرديس ۾ گھر جي چلھ ٻريل رکڻ جو بندوبست ڪرڻ ويا ھئا.
سنڌي مزدور جيڪو پنھنجي جوءِ ۾ ڪم ڪرڻ کان لنوائيندو آھي جو سماجي تاڃي پيٽو مزدور کي ڪو چڱي اک سان ناھي ڏسندو ان ڪري ٿورو پر ڀرو وڃي ڪمائڻ جي سنڌ اندر ھڪ نئين ريت جڙي پئي .
ھي واقعو سنڌين ۽ بلوچن وچ ۾ ڪو پيار جو سبب تہ نٿو بڻجي سگھي انڪري بلوچ ساڃاھ وندن کي اھڙن واقعن جي کليل مذمت بہ ڪرڻ گھرجي ۽ ساڻ اھو پڻ ڏسڻ گھرجي تہ انھن کي ڪيئن ختم ڪري سگھجي.
مزدور جو مــــــوت ڀلي بـــــک وگھي ٿئي
ڪاخانيدار جي اڍنگيروئيي جي ڪري ٿئي
مزدوري نہ ملڻ يا بيروزگاري ڪـــــري ٿئي
بيماري جو مناسب علاج نہ ملڻ ڪري ٿئي
ڪنھن تخريبڪــــــاري جي نتيجي ۾ ٿئي
ڪنھن حـــــادثي جـــي صــــــورت ۾ ٿئي
اھو سول سوسائٽي جي ميڻ بتي برگيڊ جو مسئلو ناھي
شايد ان تي نہ ڪو پراجيڪٽ ملندو نہ ئي فنڊنگ ٿيندي
مزدورن جي نالي تي ٺھيل تنظيمون مختلف سياسي پارٽين جون ذيلي تنظيمون آھن. اھي ڪو مظاھرو ڪو احتجاج ڪيئن ڪن سندن ليڊرن جو موقف خبر ناھي ڪيئن اچي ـ

ڪيرالا
سنڌو سڀيتا جي ڪميونسٽ سماج عوام جي تربيت ڪيئن ڪئي آھي. ان جو ھڪ ننڍڙو مثال ـ
ڪيرالا جي ھڪ ھوٽل ۾ ھڪ شخص ماني کائڻ ويو.
جڏھن ماني ٽيبل تي لڳي تن سنس نظر ٻاھر بيٺل ٻن ٻارن تي وڃي پئي جيڪي حسرت ڀرين نگاھن سان ھوٽل ڏي تڪي رھيا ھئا.
ھن اشارو ڪري ٻنھي ٻارن کي سڏ ڪيو، ڀر ۾ ويھاريو. ٻارن کان ماني جو پڇيائين، سندن پسند جي ماني گھرائي اھو انتظار ڪيائين جيسين ٻار کائي ڍئو ڪن.
بعد ۾ ھن پنھنجي لاءِ گھرايل ماني کاڌي.
جڏھن مانيءّ جو معاوضو(بل) ڏيڻ جو وقت آيو تہ بل ڏسي سندس اکيون ڀرجي آئيون ـ
بل جي بدران چئوڻو ٿيل ڪاغذ پيل ھو ان تي لکيل ھيو "اسان وٽ انسانيت جو ڪاٿو ڪرڻ واري ڪا مشين ڪونھي"

اچو تہ سوال ڪريون
ڀانت ڀانت جون ٻوليون
عجيب و غــــــريب آواز
ھيئن ڪري ڇڏينداسين
ھونءّ ڪري ڇڏينداسين
ھــــــي نڪري وڃــــي
ھـــــــو نڪري وڃــــي
چــــانڊڪــا جـا ڏينھن
يـــــــاد اچـــــي ويـــا

منھنجو سادو سوال
سنڌي مزدور ڪنھن ترقياتي منصوبي تي ڪم ڪرڻ ويا ھئا
اھو منصوبو خبرن مطابق ''عظيم چائنا پاڪستان راھداري'' جو حصو آھي جنھن کي CPEC ٿا چون.
ٻڌو ھيوسين اھڙن سڀني منصوبن تي ڪم ڪندڙن ملڪي توڙي غير ملڪي ڪارڪنن، مسترين، انجنيئرن، مزدورن، چوڪيدارن، ٺيڪيدارن جي حفاظت لاءِ دنيا جي بھترين فوج جو خاص دستو ترتيب ڏنو ويو آھي.
لڳي ٿو اھي سڀ حفاظت ۽ CPEC واريون خبرون ڪي افواھ ھئا.
جيڪڏھن منھنجي معلومات درست آھي ۽، اھي خبرون صحيح آھن تہ ڪو آھي جيڪو مون کي دڳ لائي ـ
ـ ھي مزدور ڪيئن ماريا ويا؟
ـ ان معاملي تي سنڌ سرڪار جون ايمبولنسون ڇو ٿيون ڳولھيون وڃن. واقعو تہ بلوچستان ۾ ٿيو ھيو؟
ـ جنھن ٺيڪيدار وٽ مزدور ڪم ڪندا ھئا ان جو نالو آھي FWO انھن کان پڇندي سنگت جا پر ڇو ٿا سڙن؟
ـ جن بلوچ تنظيمن ڏوھ قبوليو آھي اھي ويچارا لاچار ڪيئن ٿي ويا؟
ـ جن بلوچ تنظيمن مذمت ڪئي، آھي. اھي ڌر آھن يا مون وانگيان پري جا ڏکايل؟

وقت
وقت اچي ويو آھي تہ ھيڏي ھوڏي لٻاڙون ھڻڻ بدران ڪنھن
مدلل انداز ۾ گھٽ ۾ گھٽ نقطن تي مزدور کي گڏ ڪجي ـ
سياسي پارٽين جي پڇ لٽڪائو مزدور تنظيمن مان جند ڇڏائجي ـ
مزدورن جي زبان، رنگ، نسل، ڪم جي نوعيت، مذھب، فرقي جي بنياد تي ورھاست جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪجي ـ
مزدور جو محنت ڪرڻ جو حق.ـ
مزدور جو معاشي استحصال ـ
عسڪري ادارن ۾ ڪم ڪندڙ سولين مزدورن جي حفاظت ـ
مزدور جو يونين سازي جو حق ـ
مزدور جي اجرت جو مناسب ۽ متوازن ھجڻ
مقامي مزدور جو روزگار تي پھريون حق ـ
عمر رسيدھ مزدور جي سھائتا جو قانون ـ
مزدورن جي اولاد. لاءِ بورڊنگ اسڪول ـ
مزدور جي ڪم دوران غيرفطري يا حادثاتي موت جي صورت ۾ ھڪ جھڙو معاوضو ـ

قطار
سياستدان تہ بقول عام آھن ئي خراب ـ
ڇا ڪيون آمرانہ دورن ۾ ھڪ عجيب قسم جو رويو پيدا ٿيو آھي ـ
ٿوري نظر پنھنجي قطار تي بہ ڊوڙايو ـ
منھنجو اشارو انھن عظيم ڪردارن ڏانھن آھي جيڪي ڌرتيءّ جي درد ۾ اڄڪلھ دورن جي بيماري ۾ مبتلا آھن ـ
جن ماڻھن سالن جا سال انھن سياستدانن جا جوتا کنيا ۽ ماڻھن سان بيواجبيون ڪيون، ڪرن پيا يا پنھنجي اولادن کي تيار پيا ڪن اھو نيڪ ڪم ڪرڻ لاءِ.
منھنجو مطلب سول سروس جا راشي ڪامورا، راشي ڊاڪٽر، راشي انجنيئر، نااھل پروفيسر، پوليس وارا، اينٽي ڪرپشن جي نالي ۾ ڪرپٽ عملدار، بيضمير جج، NGO وارا ڌنڌوڙي اڳواڻ، لفافي ورا صحافي
ڪو رھجي ويو ھجي تہ معافي جو طلبگار ـ
انھن سڀني جا گفتا، ڌرتيءّ سان محبت، ڪرپشن تي ڪاوڙ پڙھي، ٻڌي کل تہ ٺھيو ماڻھو روئڻ جھڙو بہ نٿو بچي ـ

ڪجھ تہ ڪرڻو پوندو
اڄڪلھہ ھڪ نئون بحث ڇيڙيو ويو آھي تہ پنجين درجي تائين امتحان، مارڪون ۽ درجا بندي ختم ڪئي وڃي.
اھا ھڪ مناسب، وقتائتي ۽ بھترين تجويز آھي پر اھو ياد رکجو تہ تجويز ڪيل طريقي لاءِ ھيٺيان اپاءَ وٺڻا پوندا:
1. موجودہ 'نصاب' کي مڪمل تبديل ڪري، نئون نصاب ترتيب ڏيڻو پوندو.
2. استادن جي ڀرتيءَ جو موجودہ طريقو تبديل ڪرڻو پوندو.
3. استاد ٿيڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ تعليم لاڳاپيل مضمون ۾ 'ماسٽرس' ۽ ساڻ ايڊيوڪيشن ۾ گريجويشن.
4. استاد جي گھٽ، ۾ گھٽ ابتدائي عمر 27 سال ڪرڻي پوندي.
6. گھٽ، ۾ گھٽ پنجاھہ سيڪڙو عورت ستاد ڀرتي ڪرڻا پوندا.
6. ٻارن لاءِ داخلا جي عمر 7 سال ڪرڻي پوندي.
7. ھر اسڪول ۾ راندين جو ميدان لازمي قرار ڏيڻو پوندو.
8. بنيادي تعليم ھر ٻار کي مادري ٻولي( اھا ٻولي جيڪا گھر ۾ ڳالھائبي ھجي) ۾ تعليم ڏيڻ جو بندوبست ڪرڻو پوندو.
موجودہ نصاب جي ترتيب ۽ پڙھائڻ جو طريقو امتحان وٺڻ وارو آھي. ان جو بنياد سمجھڻ گھٽ، ياد ڪرڻ وڌيڪ آھي.
مروج نصاب پڙھائيندي جيڪڏھن امتحان ختم ڪيا ويا تہ ان جا ڀيانڪ نتيجا نڪرندا.
***ڪجھہ دوستن جو خيال آھي تہ 60 ۽ 70 جي ڏھاڪن ۾ جڏھن اسان پرائمري تعليم حاصل ڪئي ان وقت ڪو بہ امتحان ڪونہ ٿيندو ھو.
عرض تہ اھو غلط العام تصور آھي.
ڪاغذن ۾ امتحان بہ ٿيندو ھو ۽ نتيجا پڻ مرتب ٿيندا ھئا،جيتوڻيڪ زميني حقيقتون مختلف ھيون.

عوامي، آگاھي
پاڪستان جھڙن ملڪن ۾ سگھارين ڌرين جا پاليل صحافي، رٽائرڊ جرنيل، رٽائرڊ ڪامورا ۽ آسري ۾ چٌور چٌور مڊل ڪلاسي گڏجي سياسي پارٽين جي اھڙي تصوير ڪشي ڪندا آھن ڄڻ ڪائنات جي سڀني مسئلن ۽ خرابين جو بڻ بڻياد ئي سياسي پارٽيون آھن.
انھن جي لاءِ سڀني کان وڌيڪ خراب سياسي پارٽي اھا ھوندي آھي جيڪا عوام کي پسند ھجي ـ
ھو سڀئي گڏجي اھو ثابت ڪرڻ ۾ رڌل ھوندا، آھن تہ ماڻھو بيوقوف، آھن ـ
ساڳئي وقت اھو راڳ بہ جاري رھندو آھي تہ اسان تہ عوامي آگاھي جي مھم ھلائي رھيا آھيون ـ

ڍوڍي جو خير گھرو
ملڪ ۾ صنعتڪاري ڀلي ڪريو
اھو نہ وسارجو تہ پوءِ بہ
ـ ملڪ جي عوام جي کاڌ خوراڪ لاءِ زراعت جي ضرورت رھندي.
ـ ماحول جي بھتري لاءِ ٻيلا بہ گھرجن.
ـ زرعي سڌارن کانسواءِ 'صنعت' جي نالي ۾ نئين جاگيرداري جو ڪاري وار ڪيئن سھبو.
ـ جيڪو ڪجھ بہ ڪيو، ھاريہ، کيت مزدورن ۽ انھن نئين رياستن ۾ موجود ڳوٺن جي لاءِ بہ قانون جوڙيو.
ـ انھن نئين رياستن ۾ موجود آبادين لاءِ بنيادي سھولتون جھڙوڪ تعليم، صحت، روزگار، پاڻي ۽ تفريح وغيرہ جي لاءِ بہ قانون جوڙيو.

ڪاوڙ، ملال، طعنا
جيڪڏھن توھان
ڪنھن راءِ سان متفق نہ ٿيو
پنھنجو مئوقف بيان ڪيو
نہ
ڏوراپا ڏيندا،
طنز ڪندا،
چٿرون ڪندا،
الرون ڪندا،
گھٽ وڏ ڳالھائيندا
انفرينڊ ڪري ڇڏيندا
ماڳھين بلاڪ ـ ـ