حصو اٺون
برساتون تہ پاڻ سان گڏَ رڳو سونھن کڻي اينديون آھن. اھا جھڙ ڦڙ ھجي، گيچڻ مينھن ھجي يا وڏڦڙو ھجي.
اھي, وھڪر، نيون، نديون، ڍنڍون، ڍورا، تل، ترايون تحفي ۾ ڏينديون آھن.گسن تي، گوندرن ۾، رستن تي، جھرجھنگ، جبلن تي ساوا گاھ ڦٽي نڪرندا آھن. جن جو وري پنھنجي بقا لاءَ جلدي گل جھلي ٻجَ ڌرتيءَ حوالي امانت ڪرڻ جو مقابلو ھوندو آھي. وڻن جاَ ٻج ھڪ جڳھ کان ٻين جڳھ وھي وڃي ڦٽنداَ آھن.َ
انساني سماج جي روينَ ۽َ ترتيبَ انھنَ برساتن کي ڄڻ تہ سماج لاءِ آزار ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي.
طبقاتي سماج ۾ ڪچا، ڪکاوان، ھيٺاھين وارا گھر.
شھرن ۾ ڪچيون، غيرقانوني آباديون.
پاڻيءَ جي قدرتي وھڪرن تي ٺھيل آباديون.
زرعي زمينن تي قائم آباديون
گندي پاڻيءَ جي نيڪال جا نامناسب طريقا.
برساتي پاڻي ءَ جا بند پيل تاريخي دڳ.
ھرڪنھن آباديءَ جا پنھنجا مسئلا ۽ مامرا ھجن ٿا.
خواب ھجن آزاد تہ ٻيو ڇا گھرجي
جنھن ڏينھن سنڌو ماٿريءَ جا
موسمي ۽َ زرعي تھوارَ
اسان سڀني مذھبن جي قيدَ کان
آزاد ٿي ملھايا،
ان ڏينھن سنڌَ
مذھبي رواداري ءَ جي دور ۾
شامل ٿيندي.
باقي اڄڪلھ
اسان رڳو
مبارڪون ۽ واڌايون
لکي لکي پيا
پنھنجَ روح ريجھايئون.
چڙھيءَ جو گھوڙو
چڙھي ءَ جو گھوڙو
مطلب
جنھن تي ھن 'َرکي
ھڪڙو سوار سفر ڪري.
چڙھيءَ جي گھوڙي کي
'نال'َ ڪڏھن بہ ناھي ھڻائبو
حددخليون
ڪچي ۾ حددخليون جيڪي درياھَ جي پراڻن وھڪرن تي آباد آھن،انھن کي ڳوٺ ڪڏھن بہ ناھي چئبو.
اھي ڀاڻ چئبا آھن ۽ انھن جو پاڻيءَ ھيٺ اچڻ سٺو سنئوڻ ھوندو آھي.
مالوند، ڀاڳيا انھي موقعي تي خوشيءَ مان ڀت ڪندا آھن.
انھي عمل کي پاڻي اچڻ چئبو آھي.
اھا ٻوڏ ناھي چئبي
انھي ۾ ڪو بہ نقصان ڪونہ ٿيندو آھي.
ھا جيڪڏھن قابض ڌاريا آھن تہ
اھي پنھنجي ڪم علمي ۽ اڻڄاڻائي سبب
گھاٽوَ کائي ويندا آھن.
ميارو
جيئن ريل جي پليٽ فارم تي
ڳوٺاڻيون ڇوڪريون
ڪنھن اوپري مرد کان
برقعو ڪونہ ڪنديون آھن.
ھا
پر جي ڪنھن
ڳوٺ واري يا
سفر ۾ شريڪ سئوٽَ ماساتَ تي
نظر پوندي اٿن تہ
سٽ ڏئي برقعو ھيٺ ڪري ڇڏينديون آھن.
اھڙي ريت اڄڪلھ
سنڌ جا پراڻا سياسي ڪارڪن
فيس بوڪ تي ميارون ڏيندا آھن.
ڌڻ ـ ولرَ ـ وڳرَ
پالتو جانورن جو
'ڌڻ'
رولو جانورن جو
'ولر'
پکين جو
'وڳر'
ڪوئو ـ سوپاري ـ پساري
ھڪڙو ھمراھہ ڪمپيوٽر ھلائڻ سکيو. ھڪ اڌ ڪلام ٻڌئين، ڪو فلم ڏٺائين. بيان جاري ڪيائين
ھاڻي ريڊيو، ٽي وي ۽ سينيما جو دور ختم. ھرڪو ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي ڪلامَ ٻڌندو، ناٽڪ ڏسندو.
وري ھڪ دفعي ڪو سولو سبق ڪنھن ٽيوب تان ڪمپيوٽر اسڪرين تي ڏٺائين. بيان جاري ڪيائين،
ھاڻي اسڪول ۽ ماستر جو ڪم ختم. ٻار ڪمپيوٽر کان پڙھندا ۽ سکندا .
وري ڪو ھڪ ڏينھن گوگل تان ڪنھن بيماريءَ جا تفصيل پڙھي ورتائين. بيان جاري ڪيائين،
ھاڻي ڊاڪٽر جو ڪم ختم.
ھرڪو پنھنجو علاج پاڻ ڪندو.
وحشي جبلتون
منھنجي مشاھدي مطابق
شڪاري جانورن جي سماجن ۾
غيرت صرف ٻن حالتن ۾ ٿيندي آھي:
1.جوءِ ـ ننگ –
پرڻي جي لاءِ
جنسي تعلق قائم ڪرڻ جو حق
2.جُوءِ ـ 'دنگ'-
شڪارَ جي لاءِ قبضي ھيٺ آيل علائقي لاءِ.
انسان بہ شايد انھن کان ئي سکيو آھي
وڌيڪ رھنمائيءَ جو طلبگار
خانداني
جاگيرداري سماج جو ڌپارو تصور.
فطري طور
ھر ٻار ھڪ خاندان ۾ جنم وٺندو آھي.
جڏھن کان
خاندان،
ذاتي ملڪيت ۽
رياست جو تصور آيو آھي
انسانن خاندان جي شڪل ۾
رھڻَ شروع ڪيو.
ھر انسان
ڪنھن نہ ڪنھن خاندان ۾ پيدا ٿيو آھي.
ھر ٻار خانداني آھي
ٺڪرَ ـ ٺڪريون ـ ٺانگرَ ـ ٺونگَرَ
مٽيءَ جو پڪل ٿانءُ ٺڪر جو چئبو.
جيڪڏھن ذراذرا ٿي ويندو تہ
ٺڪريون چئبو.
ٺڪر جو ٿانءُ جڏھن ٽٽي پوندو،
ان ۾ ڏارون پئجي وينديون
پر ذرا ذرا نہ ٿيندو
رڳو جنھن مقصد لاء ٺھيو
انھي ڪم نہ ايندو تہ
ٺانگر چئبو.
ٺانگر جو اھو ٽڪرو
جنھن ۾ جانور-ڪتي،ٻلَي کي کير،
پاڻي يا کاڌو ڏبو آھي تہ
ان کي ٺونگر چئبو آھي.
ڪمَچور
ڪم چور قومون ناھن ٿينديون.
ھا طبقا ڪم چور ٿيندا آھن.
طبقاتي سماجن ۾ جڏھن
وسيلن جي ورڇ
بيترتيب ھوندي آھي تہ
استحصالي طبقا جن طبقن جو حق کائيندا آھن
انھن کي ٽوٽي، جاھل،ڪم چور جھڙن لقبن سان نوازيندا آھن.
مذھب ۽ قوم پرستيءَ کي استحصالي طبقا پنھنجي ڍال طور استعمال ڪندا آھن.
مڊل ڪلاس وري ڏاڪڻَ طور استعمال ڪندو آھي.
ھاري، مزدور ۽ عورتن لاءَ وري انھن ٻنھي کي آفيم طور استعمال ڪيو ويندو آھي.
مارڪس
ڪنھنَ فيس بوڪَ فرينڊ لکيو:
سائين مون ھائي گيٽ قبرستان ۾
مارڪسَ کي سلام از مرگ ڪيو آھي،
توھانجي شڪايت پيو ڪري تہ
ختمو بہ ڪون
بخشوس
عرض ڪيم
ختم ٿئي تہ ختمو ڪريونس.
اڃا تہ جاري و ساري آھي
ڪٿي مارڪس ازَم
ڪٿي رد مارڪس ازَم
جيستائين
ھي سرمائيداراڻيون جمھوريتون رھنديوَن
جيسين طبقاتي نظام
اڪثريت تي اقليت کي
حاوي ٿيڻَ جو حق ڏيندو رھندو
جيستائين آدم زاد
مذھبَ ۽ قوم پرستي جي
نشي جو شڪار ٿيندا رھندا
مارڪس ۽ ان جا ساٿي
پنھنجو فرض نڀائيندا رھندا.
مارڪس مرڻوَ ئي ڪونھي.
جديد نو آبادي
نوآبادي ڇا ٿيندي آھي
پئسي،
سياست،
مذھب،
ٻولي،
نسل ۽/يا
ثقافت جي آڙ ۾
ڪنھن بہ ملڪ کي ڳيجھو بڻائي
ان جي سياسي معاملن،
پرڏيھي
پاليسين ۽
حڪمرانيءَ تي اثرانداز ٿيڻ
ھاڻي ڏسو تہ پنھنجو مٺڙو ملڪ
ڪھڙن ڪھڙن ملڪن جي
نوآبادي آھي.
جاڳندا رھجو
سياست
شاگرد سياست ـ ختم
مزدور سياست ـ ختم
ھاريَ سياست ـ ختم
نظرياتي سياست ـ ختم
ھاڻي ڪجھہ بہ ڪري
پاپولر يا عوامي سياست کي
بدڪردار ثابت ڪرڻو آھي.
آزاد اميدوار ۽
ڪجھہ شخص
ڏاڍا سٺا آھن.
سياسي پارٽيون خراب آھن.
سياسي سوچ جي ڪاميابي
سنڌي سماج جي
سياسي سوچ جي
ڪاميابي تڏھن ٿيندي
جڏھن
آزاداميدوار ھارائن.
سياسـي پارٽيون کٽن.
ووٽ جو صحيح حقدار
شخص نہ پارٽي
خبر ناھي افسوس ڪريون يا تڏو
اسان جو موضوع اھا پستي ناھي جنھن ۾ رٽرننگ آفيسر اميدوار کان اھو ڪونہ پڇيو تہ توھان پنھنجو اليڪشن وڙھڻ جو سبب يا منشور لکت ۾ جمع ڪرايو.
ھا ڪجھہ ڪلما ۽ ڪجھہ دعائون ضرور پڇيون ودون. اھو ڪونہ پڇيو تہ 1973 جي، آئين تحت، اوھان جيڪڏھن ڪامياب ٿي وڃو ٿا تہ توھان جي ذميواري ڇا ھوندي؟
ھا ھڪ اڌ نماز، خاص ڪري جنازو پڙھائڻ جو طريڪو ضرور پڇيو.
مطلب تہ اميدوار جيڪڏھن ڪامياب ٿي ويو تہ ختمو ڪڍڻ يا جنازو پڙھائڻ جھڙو تہ ھوندو ڪنھن آئيني ذميواري جھڙو ھجي يا نہ ھجي.
ڪامورا
سڀ ڪامورا مسيت جو ڪک
سڀئي سياستدان چور
سياسي پارٽيون ڪرپشن جا ادارا
عوام نسورو ڇسو، بيوقوف
شڪر ڪريو
ھڪ اڌ رٽائر ٿيل ڪامورو
ميدان ۾ رھنمائي لاءِ موجود آھي.
ايئن نہ ھجي تہ سنڌ جو اللہ واھي.
ڍينگو ئي ڍيري
سنڌ جي ڪجھہ سياسي ڌرين جو بالڪل اھو ساڳيو حال آھي جيڪو '1940' واري ڏھاڪي ۾ سنڌ جي سنڌي مسلم ليگي سياستدانن جو ھيو.
ياد ڪريو, بمبئي کان جند ڇڏائي اڃا 5 سال بہ ڪونہ ٿيا ھئا تہ وري ھڪ نئين وفاق ۾ بنا ڪنھن سوچ ويچار جي ھڪڙي مرشد ۽ ٻئين انگريچي بابو جي ڏٽن پوزين تي.
ھاڻ جڏھن منزل ئي ڌٻڻ ھوندي تہ رستو ڪھڙو ھوندو.
طبقاتي سماج ۾ صف بندي طبقن جي ٿيندي آھي.
ھتي ڍينگو ئي ڍيري.
نئين کچڻي
دوستو
ڪھاڻي ڪا مورڳو ئي ٻين اٿَوَ.
اصل مسئلو نہ ڊيم
نہ ئي تارڪينِ وطن آھن.
ملڪ ۾ ڪا نئين کچڻي پئي رٿجي.
فيصلو ڪرڻ مھل منجھائجي
پرڏيھہ ڀڄي ويل سنڌي جوڌا،
رٽائر ٿيل ڪامورا ۽
مايوس مھندار
سڄو ڏينھن صرف
ھڪ ڪرت سان لڳل آھن.
ڪجھہ بہ ڪجي پر عوام کي
صحيح فيصلو ڪرڻ مھل منجھائجي.
جيئن تنظيمن بدران
فردن کي ووٽ ڏئي اسيمبلي موڪلن
اسيمبلين ۾ فردن ۽
ايڪڙ ٻيڪڙ اميدوارن وارين پارٽين جو
واپار عام طور سولو ٿيندو آھي.
مڊل ڪلاس
سنڌ ۾ مڊل ڪلاس 1970 واري ڏھاڪي جي جمھوري دور ۾ پيپلز پارٽي جي معاشي پاليسين جو نتيجو تہ آھي
پر اھو بہ ياد رکجو ان دور ۾ پيپلز پارٽي جو مقابلو ڪھڙين نظرياتي سياسي ڌرين سان ھيو ۽
اڄ چوڌاري نظر ڦيرايو انھي ساڳي پيپلز پارٽي جو مقابلو ڪھڙي قسم جي سياسي سوچ سان آھي.
ان طرف بہ ڌيان ڏيو
دوستو ھن وقت "ٿر" ۾ ڏڪار جي صورتحال آھي.
انھن حالتن ۾ سنڌ جي 'ناري'، 'ڪاڇي'، 'ڪوھستان' ۽ ''اڇڙي ٿر'' وارن علائقن
بلوچستان جي علائقي 'دشت' ۽
پنجاب جي 'چولستان' ۾ پڻ ڏڪار جون حالتون آھن.
انھي صورتحال ۾ 'افغانستان' کي 'ڪڻڪ' تحفي ۾ ڏيڻ جي پٺيان ڪھڙا سبب آھن.
ان طرف بہ ڌيان ڏيو..........
پروپيگنڊا
سياسي پارٽين ۽ سندن اليڪشن اتحادن کي سندن پروگرام جي روشني ۾ ڏسڻ گھرجي.
عجيب قسم جي پروپيگنڊا آھي.
ھر سياسي جماعت عوام دشمن آھي.
ھر سياستدان بي ايمان، رشوتخور ڏوھاري آھي.
ھر آزاد اميدوار مسيت جو ڪک آھي.
اسان سڀني کي گڏجي شايد سياست دشمني جي غلط العام روئيي تي ڪم ڪرڻو پوندو.
ڪنھن بہ سياسي پارٽي يا اتحاد خلاف فتوا جاري ڪندڙ کان اھو سوال ڪرڻو پوندو تہ اھي ڪھڙا بنياد آھن جن مطابق 'الف' يا 'ب' جي مقابلي ۾ 'ڪ' يا 'گ' جي پٺڀرائي ڪريون.
عوام دوست پارليماني سياست
نام نھاد قومي توڻي طبقاتي انقلابن جون داعي ٽوليون گھڻو ڪري دڪان اڪلائي وڃي ڪم ڪار سان لڳيون آھن.
ناليوارا کاٻي ڌر جا اڳواڻ ڪنھن نہ ڪنھن NGO جا مک آھن.
رھيل سھيل کاٻي ڌر جي ڌڙن ۾ ايتري تنظيمي سگھہ ڪونھي جو اسيمبلي سطح تي فيصلي سازي جي مقام تي پھچي سگھن.
انھن اڪابرن عوام دوست پارليماني سياست جو نہ ڪڏھن سوچيو نہ ئي ساٿ ڏنو.
سڄي دنيا ۾ پاپولسٽن جي اڀار، پاڙيسري ملڪن ۾ بنيادپرستن جي حڪومتن ۽ افغانستان مھابي خصوصي سياسي سماجي حالتن پيپلزپارٽيءَ کي اڪلوتي قوت بڻائي ڇڏيو جيڪا ملڪي (فيڊريشن جي) سطح تي ننڍين قومن، پوئتي پيل طبقن ۽ ترقي پسند رجحانن جي ضامن بچي آھي.
ورھايل سماج
ٻوليءَ جي بنياد تي ورھائيل سماج جي ترقي ممڪن ئي ڪونھي. طبقاتي سماج ۾ اڪثريتي طبقي کي مادري ٻولي جي بنياد تي نشانو بنائڻ جي روش ترڪ ڪرڻي پوندي. سماج کي مسئلن جي بنياد تي منظم ڪرڻو پوندو. ٻولي، نسل، مذھب، ذات پات تہ صرف اڪثريتي طبقي کي ورھائڻ جو سبب بڻبيون.
پاڪستان کي گھڻ قومي رياست ۽ سنڌي ٻولي کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ جي جدوجھد ۾ سنڌي سماج کي بہ گھڻ ٻولي سماج تسليم ڪرڻو پوندو.
مادري ٻولين کي عزت ڏيڻي پوندي ۽ انھن جي بقا لاءِ پڻ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
جاڳندا رھجو
پاڪستان ۾ مجموعي ۽ سنڌ ۾ خصوصي طور مخصوص قسم جي مھم ھلائي پئي وڃي تہ جيئن 1985 وانگر موقعي پرست قيادت اڀري اچي جنھن سان ڪو بہ سودو سستو ۽ آساني سان ٿي سگھي.
ياد رکجو ـعراق ۾ 'صدام' ۽ لبيا ۾ 'قدافي' خلاف بہ اھڙا ئي ملڪ ڇڏي ويل اڪابر ھٿ ڪري پروپيگنڊا ڪئي وئي ھئي. جھڙا اڄڪلھ اسان وارا ويٺا دڳ ڏيکارين.
سڄي جھان کان مبارڪون ورتيون ويون ھيون تہ عوام جي فتح ٿي آھي. نظر ڦيرائي ڏسو عراق، ۽ لبيا جو حال.
ياد رکجو,ڇڙواڳي ۽ عوامي فتح ھڪ ٻئي جو ضد آھن.
سياسي پارٽين خلاف ھر سطح تي پروپيگنڊا اسان جمھوريت پسندن جي خلاف سازش آھي. ان کان پاڻ بچائڻو آھي.
چونڊون سر تي
اسان جا نوان اڀريل سياسي دانشور پيا
ھوڪو ڏين ـ
ــــــــــــ تتر تيز، اڏام ــــــــــ
ادي وارن کي اھا خبر ئي ڪونھي تہ
تتر تہ تيز اڏامندو ئي ڪونھي.
تتر 'پيرڙيو' پکي آھي.
جڏھن ڪنھن مشڪل ۾ ھوندو آھي تہ
جھنگ ۾ زمين تي تيز ڀڄندو آھي
غير سياسي مشتري ھوشيار باش
ھي اھو جھيڙو اٿئي
جيڪو ڳنڍي ڇــــوڙ
ميلن ملاکڙن ۾ ڪندا آھن
نتيجو،
ڇڏائيندڙن جا کيسا صاف.
آزاد اميدوار
جمھوريت ۾ ايمان رڳو ووٽ ڏيڻ ڪونھي.
ان لاءِ ڪنھن بہ سياسي پروگرام سان متفق نہ تہ ويجھو ھجڻ لازم آھي.
'ڇڙواڳي' ڪنھن بہ شڪل ۾ جمھوريت جي لاءِ فائديمند ڪونھي.
جمھوريت ۾ ايمان جو ثبوت اھو ٿيندو تہ ڪنھن 'شخص' يا 'فرد' يا 'ذات' کي نہ پر ڪنھن پارٽي جي پروگرام کي ووٽ ڏنو وڃي.
آزاد 'اميدوار' کي ووٽ جو مطلب ٿيندو ڪنھن کي اھو حق ڏيڻ تہ ھو پنھنجي ذاتي مفاد عيوض اسان جي ووٽ جي ڀري بازار ۾ قيمت لڳائي. اھو ڪنھن بہ لحاظ کان جمھوري رويو ڪونھي.
ڪنھن بہ 'دلاسي'، 'دامي' يا 'دڙڪي' آزاد اميدوار کي ووٽ ڏيڻ کان کتو جواب
طبقاتي سماجن ۾ سرمائيداراڻي سياست جو ھڪڙو ئي چھرو آھي. عوام دشمني. ھا مھرا ۽ چھرا بدلبا رھندا آھن.
جديد بيٺڪيتن ۾ ھر اڀرندڙ سرمائيدار اقتدار مان حصو پنھنجو حق سمجھندو آھي. معروف نعرو 'ڪرپشن' خلاف جھاد ھوندو اٿن، جڏھن تہ سندن پنھنجي موجودہ حيثيت پڻ ساڳي ڪرپشن سبب ئي اڀرندي آھي