تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڪٽنب، ذاتي ملڪيت ۽ رياست جي شروعات

ڪتاب ” ڪٽنب، ذاتي ملڪيت ۽ رياست جي شروعات“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب مشهور سوشلسٽ ۽ ڪارل مارڪس جي ديرينه ساٿي ۽ رفيق فريڊرڪ اينگلس (1895-1820) جو تصنيف ٿيل آهي ۽ جنهن علم الانسان جي ماهر ۽ مشهور آمريڪي مصنف مارگن صاحب جي مختلف تحريرن کي بنياد بنائي لکيو هو. هي نهايت اهم موضوع آهي ۽ منهنجي معلومات مطابق ان موضوع تي سنڌي زبان ۾ پهريون ڪتاب آهي، جيڪو اسان جي محترم ۽ مربي ڀاءُ ابوبڪر خان مگسي (مرحوم) ترجمو ڪري ۽ ان تي هڪ عالمانه مقدمو لکيو آهي. هن، هي ڪتاب 1981ع ۾ مڪمل ڪيو هو.
Title Cover of book ڪٽنب، ذاتي ملڪيت ۽ رياست جي شروعات

ڪٽنب، ذاتي ملڪيت۽ رياست جي اداري جي شروعات

[b]قبل تاريخي دور جا ثقافتي درجا
[/b]مارگن پهريون عالم آهي، جنهن وڏي مهارت سان انساني قبل تاريخي دور جي کوجنا ۽ تحقيق بابت هڪ خاص ترتيب، نظام ۽ سلسلي کي رائج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس ترتيب ۽ سلسلو ايتري قدر ته ڪامياب آهي جو ڪنهن نئين ۽ وڌيڪ مواد جي نه ملڻ جي حالت ۾به، سندس مقرر ڪيل درجي بندي ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي ڪرڻ جي ڪابه گنجائش موجود نه آهي. انڪري سندس رائج ڪيل سلسلو ۽ ترتيب هلندي رهندي. عالمي تاريخ کي ٽن مکيه درجن ۾ ورهايو ويو آهي: (1) وحشي دور، (2) غيرمهذب دور ۽ (3) مهذب دور.
انهن ٽنهي دورن مان مارگن کي فقط پهرين ٻن درجن سان واسطو آهي ۽ ٽيون نمبر دور مٿين ٻن دورن مان پاڻ مرادو ڦٽي نڪتو آهي. هو پهرين ٻن دورن کي وڌيڪ دورن ۾ ورهائي ٿو: (1) بنيادي اوائلي دور، (2) وچولو دور ۽ (3) مٿانهون دور. هن صاحب هر دور جو تعين روزگار جي ذريعن ۽ طريقن جي واڌاري ۽ ترقي جي بنياد تي ڪيو آهي. سندس چوڻ موجب انسانذات جي هنر ۽ حرفت ۾ ئي سندس هن ڌرتيءَ جي سموري باقي مخلوقات تي فوقيت حاصل ڪرڻ جو راز سمايل آهي. هن ڌرتي تي پيدا ٿيل سموري باقي مخلوقات تي فوقيت حاصل ڪرڻ جو راز سمايل آهي. هن ڌرتي تي پيدا ٿيل سموري باقي مخلوقات ۾ فقط حضرت انسان ئي آهي، جيڪو پنهنجي خوراڪ جي پيداوار جي وسيلن تي پوري ريت قابض آهي. ان ڪري بني نوع انسان جي ترقي ڪرڻ جي دورن جي تعين ڪرڻ ۽ سڌي طرح سان روزگار حاصل ڪرڻ جي وسيلن ۽ طريقن مطابق ڪيو ويو آهي. ڪٽنب جي ٺهڻ جو ارتقائي عمل پڻ روزگار جي وسيلن ۽ طريقن ۽ ذريعن سان گڏوگڏ هلندو رهي ٿو پر انهن دورن جي تعين ڪرڻ لاءِ ڪو حتمي قسم جو معيار مقرر ڪري نٿو سگهجي.

[b](1) وحشي دور
[/b]اوائلي دور
هي دور بني نوع انسان جي سماجي ٻال جتي جو دور هو. قبل تاريخي انسان پنهنجن قديم ماڳن يعني خط استوائ ۽ نيم خط استوائي ٻيلن ۾ يا ٻيلن جي آسپاس وڻن تي رهندو هو. وڻن تي رهڻ جي ڪري هو پاڻ کي شڪاري جانورن کان محفوظ رکي سگهيو هو. هو وڻن جا پن ۽ پاڙون کائي پيٽ پاليندو هو. انهيءَ دور ۾ انسان جو عظيم ڪارنامو اهو هو ته هو ٻولي ڳالهائڻ سکيو. تاريخي دور واريون سموريون معلوم قومون اهي دور گذاري ٻاهر نڪري چڪيون هيون. اهو دور جيتوڻيڪ ڪيترائي هزار سال قائم رهيو هو. ان هوندي به انهيءَ دور جي وجود جي ثابتي طور اسان وٽ ڪابه سنئين سڌي نشاني موجود نه آهي، پر جيڪڏهن ائين ئي اسين هن امر کي قبول ڪريون ٿا ته انسان به حيوانن مان ارتقا ڪري هن درجي تي پهتو آهي، ته پوءِ انهيءَ دور جي وجود کي مڃڻ به اسان لاءِ لازمي بنجي پوي ٿو.
[b](2) وچولو دور
[/b]هن دور ۾ انسان مڇيون ماري کائڻ سکيو هو. مڇين جي زمري ۾عام رواجي مڇيون، سپون، ڪوڏ ۽ ٻيا دريائي جانور اچي وڃن ٿا. انهيءَ دور ۾ هن باهه کي استعمال ڪرڻ جو هنر به سکي ورتو هو. اهي ٻئي هنر هڪ ٻئي تي مدار رکن ٿا. ڇاڪاڻ ته مڇين کي ماري باهه ۾ ئي پچائي کائي سگهجي ٿو. انهي نئين خوراڪ انسان کي آب هوا جي اثرن ۽ جُوءِ جي قيدخاني مان ڇوٽڪارو ڏنو هو. مڇين کي ماري پچائي کائڻ خاطر انسان دريائن، ڍنڍن ۽سمنڊن جي ڪنارن سان کاڌي جي ڳولا ۾ هلندو دنيا ۾ پکڙبو ويو.
اوائلي دور وارا ڏنگا ڦِڏا اڻ گهڙيل پٿرن جا اوزار سمورن کنڊن ۾ دستياب ٿيا آهن. انهن اوزارن جو مختلف کنڊن مان لڀڻ خود انهن قديم هجرتن ۽انسانذات جي زمين تي پکڙجي وڃڻ جا واضح ثبوت آهن. انهيءَ دور کي عالمن (Poleolithic) يعني قبل هجري دور سڏيو آهي. انهن نين والارين علائقن ۾ وڌيڪ ولاار ڪرڻ لائق زمينن جي هٿ ڪرڻ جي شوق، حرص ۽ تمنا ۽ پٿرن کي پاڻ ۾ گسائي باه پيدا ڪرڻ جي ٿظيم ايجاد منجهن نون قسمن جي کاڌن کائڻ ۽ مختلف قسمن جي طعامن ۽ خوراڪن جي ميسر ڪرڻ لاءِ مختلف قسمن جي شين مثلن ٻوٽن جون نرم نرم پاڙون، کنڀيون، زير زمين پيدا ٿيندڙ ڀاڄيون، گجرون، موريون، گوگڙو ۽ پٽاٽا وغيره ۽ ميوا جن کي باهه يا گرم ڇار ۾ يا تنورن ۾ پچائي دم پختو ڪري يا گوشت جي وڏن ٽڪرن کي سڄي ڪري کائڻ جو رواج پئجي چڪو. انهيءَ عرصي دوران ڏڦن، لٺين، ڪاثرين ۽ پٿر جي ٻين اوزارن کي ڪتب آڻڻ جا هنر به عام ٿي ويا هئا. انهن اوزارن جي ايجاد جي ڪري پيٽ ڀرڻ سان گڏ لذيذ کاڌن ۽ طعامن کائڻ جي چاهنا ۽ شوق به پيدا ٿي چڪو هو. اهڙن قبيلن ۽ گروهن مان ٿورن ماڻهن، جن جو گذر سفرشڪار ڪرڻ تي ٿي پيو هو، جو ذڪر قديم ڪتابن ۾ به ملي ٿو. پر خالص شڪار ڪندڙ قبيلن جو ڪوبه وجود اڃا ثابت ٿي نه سگهيو آهي. شڪار ڪرڻ خود هڪ اهڙو ڌنڌو ۽ هنر آهي، جنهن تي پوري ريت ڀاڙي نٿو سگهجي، يعني شڪار بيڪار آهي ۽ اهو به وري پٿرن جي اوزارن سان. کاڌي ۽ خوراڪ جي انهيءَ غيريقيني حالتن جي ڪري اسين ڏسون ٿا ته، انهيءَ دور ۾ آدمخوريءَ جو به رواج هوندو هو. جيڪو ڳچ عرصي تائين قائم رهيو هو. آسٽريليا ۽ پولينيشيا جي ٻيٽن ۾ رهندڙ قبيلا اڄ به انهيءَ دور جي وچولي درجي ۾ هلي رهيا آهن.
[b](3) مٿانهون دور
[/b]هن درجي وارو دور گز ۽ ڪمان جي ايجاد کان پوءِ شروع ٿئي ٿو. جنهن ۾ شڪار جو گوشت روزمره جي کاڌي ۽ خوراڪ جو حصو بنجي پيو هو. ان ڪري شڪار ڪرڻ ڦري هڪ ڌنڌي جي شڪل اختيار ڪئي هئي. ڇاڪاڻ ته گز ۽ ڪمان شڪار ڪرڻ لاءِ نهايت ڪامياب اوزار ثابت ٿيا هئا. جن جي خود ايجاد ئي ثابت ڪري ٿي ته، هن ڌنڌي جي اختيار ڪرڻ ۾ وڏي مهارت، چستي، حاضر دماغي ۽ تجربي جي ضرورت پوي ٿي. اهڙن ماهر تجربيڪار ۽ حاضر دماغ شخصن گز ڪمان سان گڏ ٻيا به ڪيترائي نوان ڪامياب طريقا ايجاد ڪري ورتا هئا. مثلن ڄاريون، ڪلوڙا ۽ ٻيون وغيره.
اسين جيڪڏهن انهن قبيلن ۽ قومن کي جيڪي گز ڪمان جو هنر نه ڄاڻندا هئا، پر کين ٺڪرن ٺاهڻ جو هنر اڃان نه آيو هو. ٺڪر جا ٿانو ٺاهڻ جو هنر جنهن کي مارگن غيرمهذب دور جو ابتدائي دور سڏي ٿو، جو مطالعو ڪنداسين ته معلوم ٿيندو ته انهيءَ ابتدائي دور ۾ ڳوٺ ٻڌي ويهڻ، گذران لاءِ شڪار ڪرڻ کان وڌيڪ پڪن پختن طريقن ۽ وسيلن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ، ڪاٺ مان ٿانو ٺاهڻ، چرخن ۽ آڏاڻن کان سواءِ هٿن سان سُٽ وٽي ڪپڙو ٺاهڻ. وڻن جي ڇهن مان کارا ٺاهڻ. پٿرن کي پاڻ ۾ گسائي پٿرن جا اوزار ٺاهڻ جا هنر پيدا ٿي چڪا هئا. انهن ماڻهن پٿرن جي ڪهاڙين جي وسيلي ڪاٺ جي وڏن بُنڊن کي وچ مان ڪوري ان مان بتيلا ٺاهي پاڻيءَ ۾ تارڻ ۽عمارتي ڪاٺ مان گهرن ٺاهڻ جا هنر به سکي ورتا هئا.
هن دور جا سڌريل قبيلا اڄ به اولهه آمريڪا ۾ موجود آهن. جن کي گز ڪمان استعمال ڪرڻ اچن ٿا، پر هو ٺڪر جي ٿانون ٺاهڻ جي هنر کان بلڪل ڪورا آهن. وحشي دور ۾ گز ۽ ڪمان جي هنرمندن جو درجو غيرمذهب دور واري لوهه مان تلوارون ٺاهيندڙ ۽ مذهب دور واري بارودي هٿيارن ٺاهيندڙ ڪاريگرن جهڙو آهي. هنن ٽنهي قسمن جي اوزارن جي ٺاهيندڙ ڪاريگرن پنهنجي پنهنجي دورن ۾ عوام کي فيصله ڪن هٿيار مهيا ڪيا آهن.

[b]غير مهذبيت وارو دور
[/b](1) اوائلي دور:
هن دور جي ابتدا ٺڪر جي ٿانون ٺاهڻ سان ٿئي ٿي. هن دور جي شروعات هر خطي، ملڪ يا قوم ۾ کارن ٺاهڻ ۽ ڪاٺ جي ٿانون کي باهه کان محفوظ رکڻ لاءِ کين مٽي جي ليپي ڏيڻ سان ڪئي ويئي هئي. ان کان پوءِ جلد ئي محسوس ڪيو ويو ته اهڙي قسم جو برتن ٿانو طور استعمال ڪري سگهجي ٿو. ان کان پوءِ اڳتي هلي هنن اِهو اُنومان ڪڍيو ته کارن ۽ ڪاٺ جي ٿانون کان سواءِ آلي مٽيءَ جي تهه کان پوءِ باهه تي پچڻ سان وڏي عرصي تائين اهڙي قسم جو برتن ٿانو طور ڪم آڻي سگهجي ٿو. انهيءَ دور جي حد تائين پهچندي اسين انساني ارتقا جي عمل کي سمورين قومن ۾ ڪنهن مقرر ڪيل وقت تائين صحيح شمار ڪري سگهون ٿا، جنهن ۾ ڪنهن خاص قوم ۽ ملڪ تي ڪابه بندش موجود نه آهي. غيرمهذب دور واري ارتقائي عمل ۾ اسين هڪ اهڙي حد ۽ منزل تي پهچون ٿا جتي ٻنهي اقليمن ”نئين ۽ پراڻي دنيا“ جي قدرتي ماحولن جو فرق پاڻ کي ظاهر ڪرڻ شروع ڪري ٿو. هن دور جي ظهور ٿيڻ سان اسان هڪ اهڙي حد تي پهچون ٿا، جتي ٻن عظيم کنڊن (ٻن تهذيبن) جي فطري قوتن کي اجاگر ٿيندي محسوس ڪريون ٿا. هن دور جون خاص ڳالهيون هي آهن: (1) جهنگلي جانورن کي هٿ ڪري هيرائي ميرائي کين گهرو جانور بنائڻ، (2) مال چارڻ، (3) گهرو جانورن جي نسلن کي وڌائي ڌڻ ٺاهڻ ۽ (4) وڻ جا ٻوٽا پوکڻ.
مشرقي کنڊن ايشيا ۽ آفريڪا جن کي موجوده وقت ۾ پراڻي دنيا سڏيو وڃي ٿو، سمورا گهرو پالي سگهڻ لائق جانور موجود هئا ۽ سمورا آبادي ڪرڻ لائق فصلي اناج سواءِ هڪ اناج جي جهنگلي طور تي موجود هئا. پر آمريڪا يعني ڏکڻ آفريڪا ۾ فقط Lamaلامان نالي هڪڙوئي اهڙو جانور موجود هو جنهن کي گهرو بنائي سگهيا هئا. فصلي اناجن ۾ وٽن فقط مڪئي موجود هوندي هئي. انهيءَ قدرتي ماحول واري فرق جو نتيجو هي نڪتو هو ته پنهنجي دنيائن جا ماڻهو پنهنجن پنهنجن نمونن ۾ طبعي ۽ قدرتي ماحول جي مطابق ارتقا ڪندا رهيا. ٻنهي دنيائن جي طئي ڪيل دورن جا درجا به هڪ ٻئي کان ڌار ڌار ۽ مختلف رهندا آيا هئا.

[b]وچولو دور:
[/b]هي دور مشرق يعني پراڻي دنيا ۾ جهنگلي جانورن کي گهرو بنائي رکڻ سان شروع ٿئي ٿو. پر ساڳيو دور مغرب يعني نئين دنيا ۾ کائڻ لائق ٻوٽن کي آبپاشيءَ جي وسيلي پوکڻ ۽ ڪچين سِرن ۽ پٿرن مان گهرن جوڙڻ سان شروع ٿئي ٿو.
اسين انهيءَ بحث جي شروعات مغرب کان ڪنداسين، ڇاڪاڻ ته يورپي قومن جي هٿان فتح ٿي وڃڻ تائين ٻيا معاشرا انهيءَ دور کان مٿي ترقي ڪري نه سگهيا هئا.
يورپي قومن جي آمريڪي کنڊ جي ڳولي لهڻ وقت انڊين معاشرا غيرمهذبيت جي دور جي اوائلي درجي ۾ هئا. مسيسپي دريائ جي اولهه ۾ رهندڙ سمورا انڊين قبيلا مڪئي جا فصل پوکيندا هئا، جن کي هو غذا طور ڪم آڻيندا هئا.
ڀاڄين ۾ فقط ڇانهان ۽ گدرا وغيره پوکيندا هئا، جن کي به هو غذا طور ڪم آڻيندا هئا. هو ڪاٺ مان ٺهيل گهرن ۾ ڳوٺ ٻڌي رهندا هئا. انهن ڳوٺن کي لوڙهن جون عالم پناهون ڏنل هونديون هيون. اتر آمريڪا جا انڊين قبيلا ڪولمبيا دريائ تي رهندڙ قبيلا به وحشي دور جي اوائلي درجي ۾ هئا، جن کي نه ٺڪرن ٺاهڻ جي ڪا خبر هوندي هئي ۽ نه وري کين ڪنهن آبادي ڪرڻ جو هنر ايندو هو، پر نيو ميڪسيڪو جا پيپلو قبيلا، خود ميڪسيڪو رياست جا رهاڪو قبيلا، سينٽرل آمريڪا جا انڊين قبيلا، پيرو رياست جا انڊين قبيلا يورپي قومن جي هٿان فتح ٿي وڃڻ وقت غيرمهذبيت جي وچولي دور مان گذري رهيا هئا. اهي قبيلا قلعي نما گهرن ۾ رهندا هئا، جيڪي پٿرن ۽ ڪچين سرن مان ٺهيل هوندا هئا . هو نهرون ۽ واهه کوٽي آبپاشيءَ جي وسيلي آباديون ڪندا هئا. مڪئي ۽ ٻياکائڻ لاءِ فصل ۽ ٻوٽا پوکيندا هئا، جن ۾ آب هوا ۽ زمين مطابق فرق ايندو هو اهي شيون سندن مستقل غذا هوندي هئي، انهن ماڻهن جانورن ۽ پکين جا ڪي قسم پاليا هئا ۽ پيرو رياست ۾ لاما کي به پاليو هو. کين کاڻيون کوٽڻ ۽ ڌاتن مان اوزارن ٺاهڻ ۽ ٿانون ٺاهڻ جا هنر به ايندا هئا، سواءِ لوهه جي، اهوئي سبب هو ته هو اڃان تائين پٿر مان ٺهيل اوزار ۽ هٿيار استعمال ڪندا هئا. اسپيني فاتحن کين فتح ڪري سندن ارتقائي عمل کي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو هو.
مشرق ۾ جانورن کي کير ۽ گوشت جي حاصل ڪرڻ لاءِ گهرو بنائي پالڻ سان غيرمهذبيت جو وچولو دور شروع ٿي چڪو هو پر زراعت جو هنر کين گهڻي عرصي تائين هٿ نه آيو هو. جانورن کي گهرو بنائڻ ۽ ڌڻن ڌارڻ جو شرف پهرين آرين ۽ سامين کي هٿ آيل ٿو ڏسجي، انهن هنرن آرين ۽ سامي قبيلن کي همعصر معاشرن جي مقابلي ۾ اوچو مقام ڏنو هو. اهوئي سبب آهي جو ايشيائي ۽ يورپي آريائي قومن جا چوپائي مال جا نالا به گهڻو ڪري لڳ ڀڳ ساڳيا ۽ هڪ جهڙا آهن، پر سندن ٻولين ۾ فصلن ۽اناجن جا نالا جن ۾ ڪابه مشابهت نه آهي.
سامي قومن کي پنهنجن چوپائي مال جي ڌڻن لاءِ موزون جايون ماڳ ۽ ايراضيون ملي ويون هيون، ان ڪري منجهن ڌنارڪي زندگي زور ۽ شور سان شروع ٿي ويئي هئي. ان ڪري سامي قومن ڌڻن جي چاري لاءِ فرات ۽ دجله درياهن جي وچ وارو علائقو والاريو هو ۽ آريائي قومن هندستان، سيسر ڊان ۽ نيپر درياهن جي ماٿرين ۾ پنهنجي ڌنارڪي زندگيءَ جو آغاز ڪيو هو. ان ڪري جانورن کي گهرو بنائڻ جو عمل به ضرور انهن ئي ماٿرين جي چراگاهن ۾ ۽ ان جي آس پاس ۾ شروع ڪيو ويو هوندو. ان ڪري پوين نسلن جي ماڻهن ضرور محسوس ڪيو هوندو ته، سندن وحشي بزرگن انساني تهذيب جي گهوارن ۾نه پر ان جي بلڪل برعڪس اڻ وسندڙ صحرائن ۾ جنم ورتو هو. جتي انهن غيرمهذبيت واري دور جوابتدائي زمانو پورو ڪيو هوندو، جتان ارتقا ڪندي هنن ڌنارڪي زندگي گذارڻ اختيار ڪئي هئي، پر جيڪڏهن هڪ دفعو اهي وچولي دور وارا غير مهذب بزر گ ڌنارڪي زندگي اختيار ڪن ها ته پوءِ کين هيءَ ڳالهه ڪڏهن به وهم ۽ گمان ۾ به نه اچي سگهي هوندي ته دريائن جي پاڻي تي پاڻ مرادو ۽ خود رو پيدا ٿيندڙ چراگاهن کي ڇڏي ٻيلا جيڪي سندن ابن ڏاڏن جا مورثي پراڻا ٿاڪ هوندا هئا ڏانهن وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو هو ته هو ضرور وري به وڃي يورپ ۽ ايشيائي ٻيلن ۾ رهڻ جي ڪوشش ڪن ها. جيستائين هو پاڻ مرادو وري انهيءَ ساڳي دور ۾ داخل نه ٿين ها. جتي هو گهٽ درجي واري ڀلين ٻنين تي رهندي مالن جي ڌڻن جي چاري لاءِ اناج پوکڻ تي مجبور نه ٿين ها ۽ خاص طور تي سياري گذارڻ لاءِ هن امر ۾ ڪنهن به شڪ ڪرڻ جي ڪابه گنجائش موجود نه آهي ته انهن ايراضين ۾ اناج جي پيدا ڪرڻ جي ضرورت فقط مال جي چاري مهيا ڪرڻ لاءِ ئي پيدا ٿي هئي، اهو مال وارو نئون چارو اڳتي هلي خود حضرت انسان جي مکيه غذا بنجي وئي هئي.
ٻئي آريا خواه سامي نسلن جا انسان پنهنجن همعصر معاشرن جي مقابلي ۾ کانئن وڌيڪ سگهارا ۽ صحتمند انسان هوندا هئا، ان جو مکيه ڪارڻ هي هوندو هو ته وٽن غذائي لحاظ کان گيهه، کير، مکڻ ۽ گوشت جي بيحد فراواني هوندي هئي، جنهن ڳالهه کين ٻين همعصر قومن جي مقابلي ۾ سندن تهذيبي ارتقائي عمل کي به وڌيڪ تيز بنائي ڇڏيو هو.
هن امر جو جنسي مشاهدو ۽ تجربو ڪيو ويو آهي ته نيوميڪسيڪو جا پيپلو قبيلا جيڪي گهڻو ڪري فقط ڀاڄي خور هوندا آهن، مڇي ۽ گوشت خور قبيلن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڪمزور هوندا آهن، سندن مٿا ۽ بدن گوشت خورن کان وڌيڪ ننڍا هوندا آهن. گوشت خور غيرمهذبيت جي اوائلي دور ۾ هوندي به کانئن وڌيڪ سگهارا ۽ تيز طبع هوندا آهن، خير! هن دور ۾ آدمخوري جو رواج به آهستي آهستي گهٽبو گهٽبو بلڪل ختم ٿي ويو هو. يعني اناجن، کير، مکڻ ۽ گوشت جي فرواني آدمخوريءَ جي رواج کي ٻنجو ڏئي ڇڏيو هو. هينئر وٽن آدمخوري فقط هڪ مذهبي رسم جي صورت ۾ رهجي وئي هئي، يعني فقط جادوگري سوڻ، ساٽن ۽ سانگن رچائڻ جي صورت ۾ رهجي ويئي هئي.
[b]مٿانهون دور:
[/b]هن دور جي ابتدا لوهه جي دريافت ۽ استعمال سان شروع ٿئي ٿي. ان ڪري معاشرو به وچولي دور مان نڪري مهذب دور ۾ داخل ٿئي ٿو. انهيءَ دور ۾ رسم الخط ٺهي راس ٿئي ٿو. ان ڪري دفتر، رڪارڊ، ادب، تاريخ ۽ ٻيا ضروري علم پيدا ٿيڻ شروع ٿي وڃن ٿا. هن دور جي شروعات مشرق کان ٿئي ٿي. مشرق مان مراد آهي، پراڻي دنيا. هن دور ۾ ٿيل ترقي ايتري گهڻي ۽ وسيع آهي جو گذريل دورن جي گڏيل ترقي به ان جو مقابلو نٿي ڪري سگهي.
يونان جو سورمائي دور روم شهر جي بنياد پوڻ کان اڳ ۾ اطالوي ۽ تاسيت جي زماني جا جرمن قبيلا ۽ وائيکنگ زماني جا نارمن لوڪ انهيءَ دور ۾ شامل ڪيا وڃن ٿا. انهيءَ دور ۾ اسين گهرو جانورن کي لوهي چونين (گهوٻن) وارن هرن ۾ وهندي ڏسون ٿا. لوهي چونين جي هرن جي استعمال ٿيڻ سان وڏي پيماني تي زراعت ڪرڻ ممڪن ٿي پوي ٿي. ان وقت جي حالتن مطابق روزگار جي ذريعن ۽وسيلن ۾ هڪ غيرمعمولي انقلابي قسم جي واڌ اچي وئي هئي.
اسين هي پڻ ڏسون ٿا ته، ٻيلا ڪٽجي وڃن ٿا، جن جي صفا ٿيل زمين مان ڪجهه ايراضين کي پوک ڪرڻ لاءِ ۽ باقي ايراضين کي مال جي چاري لاءِ مخصوص ڪيو وڃي ٿو. اهو معجزو ڪهاڙي ۽ ڪوڏر کان سواءِ هرگز نٿي سگهي ها، پر پيداوار جي انهيءَ وڌاري سان گڏوگڏ مردمشماري ۽ تڪڙي واڌ اچي وئي هئي ۽ گهٽ درجي جي زمين جي مقابلي ۾ ڀلين ٻنين تي انسانن جا ميڙ ۽ انبوهه گڏ ٿي وڃن ٿا. يعني ڳوٺ، وستيون، قصبا ۽ شهر ٺهي وڃن ٿا. هر وسيلي زراعت ڪرڻ کان اڳ ۾فقط جزوي ۽غيرمعمولي حالتن ۾ پنجن لکن انسانن کي هڪ مرڪزي اڳواڻي هيٺ گڏ ڪري سگهڻ ممڪن هو، پر عملي طور تي اهڙي قسم جو اجتماع ڪڏهن به گڏ ٿي نه سگهيو هو.
هومر جي شعرن ۾ خاص طور تي سندس ديوان اليڊ ۾ اسين غيرمذهبيت جي پوئين دور کي عروج تي ڏسون ٿا، يوناني غيرمهذبيت واري دور مان نڪري مهذب دور ۾ داخل ٿيندي ئي لوهه جي اوزارن، هٿيارن پنهوارن، چرخي اڏاڻي، ڪنڀر جي چڪ، تيلن ۽ شرابن جي ٺاهڻ جي هنرن، ڌاتن تي فنڪاري ڪرڻ. جنگي رٿن ۽ گاڏين ٺاهڻ، جهاز سازي تختن ۽ شهتيرن، عمارت سازيءَ جي فن، عالم پناهون ڏنل شهرن، قلعن، برجن ۽ فصيلن، خود هومر جي اعليٰ درجي جي شاعري، ڏندڪٿائن جي انبارن، ديومالائي قصن ۽ ڊرامائن وڏي ڪر ۽ فر سان عالمي قومن جي محفل ۾ براجمان ٿين ٿا. يونان اهي سموريون نعمتون ۽ عياشيون، ڪارناما غيرمهذبيت واري دور ۾ گهڙندي ئي پاڻ سان گڏ کنيو آيو آهي. اسين جيڪڏهن يونانين جي ڪارخانن کي سيزر ۽ تاسيت جي جرمن معاشري بابت لکيل بيانن سان ڀيٽ ڪنداسين ته ڏسنداسين ته ٻئي رومن خواه جرمن معاشرا جيڪي ثقافت جي انهيءَ درجي جي دروازي تي اچي بيٺا هئا، جتان هومر جي دور وارا يوناني ارتقائي طور کانئن اڃا به وڌيڪ اوچي ۽ مٿاهين درجي وارو غيرمهذبيت جو دور، هر صورت ۽ حالت ۾کانئن بهتر قسم جو هو، ڇاڪاڻ ته، سندن پيداوار ۾ هڪ وڏي ۽ عام ترقي ٿي چڪي هئي.
بني نوع انسان جو وحشي ۽ غيرمهذب دورن مان ارتقا ڪندي تهذيب جي ابتدائي دور ۾ داخل ٿيڻ وارو منظر جيڪو اسان مارگن واري ڪتاب تان نقل ڪيو آهي. ايترو ته اُتم ۽ اعليٰ آهي جو سندس مقابلو ڪري نٿو سگهجي. سندس مقابلو هن ڪري به نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته انهن کي سنئون سڌو پيداوار مان ورتو ويو هو. اسين جيڪڏهن سندس مقابلو ۽ ڀيٽ انهيءَ تصوير سان ڪنداسين جيڪا تصوير اسان واري سفر جي آخر ۾هلي اسان کي هلڪو، جهڪو ۽ خسيس ڏسڻ ۾ ايندو. اهوئي موزون وقت هوندو، جڏهن اسين غيرمهذبيت واري دور مان نڪري تهذيبي دور ۾ داخل ٿيڻ وارو منظر ڏسي سگهنداسين. سندن وچ وارو فرق صاف چٽو ٿي نڪري نروار ٿي بيهي رهي ٿو. اسين ٿوري وقت لاءِ موٽي مارگن جي مقرر ڪيل دورن جي تعين ڪرڻ ۾هيٺيان اصول مرتب ڪريون ٿا:
[b]1- وحشي دور:
[/b]هن دور ۾ قدرتي ذريعن ۽ وسيلن کي جيڪي هميشه استعمال ٿي سگهڻ، انهن کي وڏي ۾ وڏي حيثيت ۽ اهميت حاصل هوندي آهي ۽ انسان جيڪي ڪجهه شيون پنهنجي محنت ۽ عقل وسيلي پيدا ڪري سگهيو هو، انهن ۾ فقط اهي اوزار ئي آهن، جن انهن ذريعن ۽ وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ سندس مدد ڪئي هئي.
[b]2- غيرمهذب دور:
[/b]هن دور ۾ انسان فقط چوپايو مال ڌارڻ، کين چارڻ، پيارڻ ۽ زمين کي آباد ڪرڻ جي ڄاڻ حاصل ڪري سگهيو هو. انهيءَ دور ۾ انسان هيءَ ڳالهه به سکي ويو هو ته انساني محنت وسيلي قدرت جي پيداواري ذريعن کي پنهنجي مرضي جي تابع ڪري کين وڌائي ۽ استعمال ڪري سگهجي ٿو.
[b]3- مهذب دور:
[/b]هن دور ۾ انسان قدرتي ذريعن کي وڌيڪ استعمال ڪرڻ جو علم ۽ هنر سکيو، صنعت ۽ مختلف فنون جو سکڻ ۽ قائم ٿيڻ شامل آهن.