ڪٽنب
انهن قبيلن ۾ پنهنجي رهائش جي دوران هن منجهن خون جي رشتن تي ٻڌل مٽن مائٽن Consagunity جو هڪ اهڙو ته عجيب مڪمل نظام ڏٺو هو جيڪو نظام سندس ڪٽنبي مٽي مائٽي واري نظام جي سراسر ابتڙ ۽برعڪس قسم جو هو. اهو نظام هو ڪنوارن جوڙن جي وچ ۾ شادين ڪرڻ جو هڪ اهڙو نظام جنهن ۾منجهائن ڪابه هڪڙي ڌر شادي کي ڪنهن به وقت وڏي آسانيءَ سان ختم ڪري سگهي ٿي. انهيءَ قسم جي شادي يعني ڪٽنب کي مارگن Pariring Family ”جتي ڪٽنب“ يا شادي جو نالو ڏنو آهي. هن منجهن هي رواج به ڏنو هو ته اهڙي جوڙي جي شاديءَ مان پيدا ٿيل اولاد کي قبيلي ۾جائز شمار ڪيو ويندو هو. پوءِ اهڙي شخص کي ڀلي ته ظاهري طور تي پيءُ، ماءُ، پٽ، ڀيڻ يا ڀاءُ جي نالن يا لقبن سان ڇو نه سڏيو ويندو هجي پر عملي طور تي انهن لفظن جو استعمال ابتي طور تي ڪيو ويندو هو. ايروڪواس قبلين جو هر مرد نه فقط پنهنجي اولاد کي پٽ يا ڌيءُ سڏيندو هو، پر هو پنهنجن ڀائرن جي اولاد کي به ساڳي طرح سڏيندو هو. اهي به کيس بابا ڪري سڏيندا هئا.
ٻئي طرف هو پنهنجي ڀينرن جي اولاد کي ڀائٽيا ۽ ڀائٽيون سڏي ٿو ۽ اهي کيس چاچا چون ٿا. ساڳيءَ طرح ايروڪواس قبيلن جي هر عورت پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀينرن جي اولاد کي پنهنجي اولاد وانگر پٽ ۽ ڌيءُ سڏيندي آهي. اهي به کيس ماءُ سڏيندا آهن. اهڙي طرح هوءَ پنهنجي ڀائرن جي اولاد کي ڀائٽيا ۽ ڀائٽيون سڏيندي آهي. اهي کيس چاچي جي نالي سان ياد ڪن، ساڳيءَ ريت ڀائرن جو اولاد هڪ ٻئي کي ڀائر ۽ ڀينرون سڏيندا آهن ۽ اهڙيءَ طرح ڀينرن جو اولاد ان جي ابتڙ ڪنهن عورت جو اولاد ۽ سندس ڀائرن جو اولاد هڪ ٻئي کي ماروٽ ۽ پڦاٽ سڏيندا آهن. سمورا لقب ڪي اجايا سجايا، ٺلها ۽ سکڻا لفظ هوندا آهن. پر اهي لفظ انهن نظرين جي عڪاسي ڪن ٿا، جيڪي نظريا ۽ سندن عمل منجهن سچ پچ رائج هوندا آهن. جن جي وسيلي ويجهڙائي (قرابت) يا دوري جي رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين جي نظام ۽ خون جي رشتن جي مساوات يا عدم مساوات کي ظاهر ڪيو ويندو آهي. اهي لفظ خون جي رشتن تي ٻڌل هوندا، مٽين مائٽين جي نظام جي انهن اصولن ۽ نظرين جو بنياد مهيا ڪن ٿا، جن مان قبيلي جي هر فرد جدا جدا مٽين مائٽين واري نظام جي سون حيثيتن جو احوال ملي ٿو.
انهيءَ امر کان به وڌيڪ اهم ڳالهه هيءَ آهي ته، اهو نظام نه فقط سمورن آمريڪي انڊين قبيلن ۾ رائج آهي. (هن نظام جي ابتڙ قسم جي نظام جو دنيا ۾ ڪٿي به سراغ نه مليو آهي.) بلڪ اهو ساڳيو نظام ۽ ڪٽنبي سرشتو بنا ڪنهن به ڦيرگهير جي هندستان جي غيرآريائي قبيلن دکن ۾ دراوڙ قبيلن، هندستان جي گورا قبيلن ۾ به ساڳيءَ طرح رائج آهي. دکن جي تامل قبيلن ۾ به مٽين مائٽين جا لقب به منجهن ساڳين ايروڪواس قبيلن واري نموني جي مطلب سان رائج آهن. انهن لفظن جو دائرو به سو کين جدا جدا مائٽين سان لاڳو هوندو آهي. آمريڪي انڊين قبيلن وانگر هندستان ۾ رائج الوقت ڪٽنبن جي نمونن مان پيدا ٿيندڙ هم خاندان مٽيون مائٽيون خون جي رشتن مان پيدا ٿيندڙ مٽين مائٽين واري نظام کان بلڪل مختلف قسم جون هونديون آهن.
انهيءَ معاملي کي سلجهائڻ لاءِ آخرڪار ڪهڙو طريقو اختيار ڪرڻ گهرجي؟ وحشي ۽ غيرمهذب درجن ۾ جيڪو فيصله ڪن ڪردار خون جو رشتو ادا ڪري ٿو. دنيا جي سمورن قومن جي سماجي نظامن ۾ به ادا ڪري ٿو ته سندس انهيءُ حيثيت کي، جيڪا تمام دور رس هوندي آهي، نظرن ۾ رکندي، کيس فقط لفظن جي ڀڃ ڊاهه ڪرڻ سان حل ڪري نه سگهبو، ڀلا هڪ اهڙو عظيم نظام جيڪو ساري آمريڪي کنڊ جي انڊين عوام ۾ رائج هجي ۽ اهي سموريون قومون ملڪي ۽ نسلي طور تي هڪ ٻئي کان جدا جدا ۽ مختلف به هجن، جن جا ترميم شده نمونا ساري آفريڪي ۽ اسٽريليا کنڊن ۾ عام هجن، ته اهڙي عظيم ۽ اهم مسئلي جي نوعيت کي سمجهڻ ۽ پروڙڻ لاءِ پوري پوري ڪوشش ڪئي وڃي. اهڙي عظيم مسئلي کي اهڙي سولائيءَ سان سمجهائي نه سگهبو، جهڙي ريت هڪ سطحي نموني ۾ مئڪلينن صاحب ان جي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
مطلب ته هن عظيم وسيلي کي سندس عظمت آهر ئي اهميت ڏئي ان جي هر طرف ۽ هر پهلو کي پوري تفصيل۽ چٽائيءَ سان سمجهائڻو پوندو. انهيءَ نظام ۾ پيءُ، ماءُ، پٽ، ڌي، ڀاءُ ۽ ڀيڻ محض احترام ڏيکارڻ جا ٺلها، سکڻا لفظ نه هوندا آهن بلڪ سندن پويان ڪيتريون ئي مقرر ٿيل ۽ تمام وڏيون باهمي جوابداريون، جن جي اجتماعي حيثيت انهن قومن جي سماجي آئين جو هڪ لازمي ۽ اهم جزو هوندو آهي، موجود هونديون آهن. مثلن بحرالڪاهل جي هوائي ٻيٽن مان هڪ سنڊوچ ٻيٽ ۾ موجوده صدي (19 صدي) جي اڌ تائين ڪٽنب جو هڪ اهڙو نمونو به موجود هوندو هو، جنهن ۾ اهڙي قسم جا پيئر، مائرون، ڀائر ۽ ڀينرون، پٽ ۽ ڌيئرون، چاچا ۽ چاچيون، ڀائٽيا ۽ ڀائٽيون موجود هوندا هئا. ساڳي ريت آمريڪي انڊين قبيلن يا قديم هندستاني نظامن ۽ خون جي رشتن ۽ مٽين مائٽين ۾ اڄ به موجود هونديون آهن. پر وڏي عجب جي ڳالهه هيءَ آهي ته هوائي ٻيٽن ۾خون جي رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين جا نظام، رائج الوقت ڪٽنبي نموني کان بلڪل مختلف هوندا آهن. سندن وچ ۾ وڏو تضاد ۽ ٽڪراءُ موجود هوندو هو.
پهرين ڳالهه هيءَ آهي ته، سمورن چاچن، پڦڙن ۽ ماسڙن جي اولاد کي سوٽ، پڦاٽ، ماروٽ ۽ ماسات نه پر پاڻ ۾ سڳا ڀائر ۽ ڀينرون شمار ڪيو وڃي ٿو. اهو سمورو اولاد نه رڳو سندن مائرن ۽ سندن ڀينرن (ماسين) جو هوندو آهي. بلڪه سندن والدين جي سمورن ڀائرن ۽ ڀينرن جو به گڏيل اولاد هوندو آهي. انهيءَ لحاظ کان جيڪڏهن آمريڪي انڊين قبيلن وارو مٽين مائٽين جو نظام هڪ قبل ترين تاريخي دور جي ڪٽنب جي نموني جي موجودگيءَ جو گمان پيدا ڪري ٿو، ته ڪٽنب جو جيڪو نمونو هن وقت خود آمريڪي انڊين قبيلن ۾ به موجود نه آهي، پر انهن جو سچو پچو موجود ۽ زنده نمونو هوائي ٻيٽن ۾ ڏسي سگهجي ٿو. ته خود وري هوائي ٻيٽن ۾ خون جي رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين وارو موجوده نمونو هڪ اهڙي قديم ترين اڻ سڌريل ڪٽنب جي نموني ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جنهن نموني جي موجودگي جو ثبوت ڪٿي به نه ٿو ملي سگهي. اهو اشاري ڪيل ڪٽنب جو نمونو ضرور بالضرور ڪٿي نه ڪٿي موجود هوندو، ڇاڪاڻ ته ان سان مشابهت رکندڙ خون جي رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين وارو موجوده نظام ان جي عدم موجودگيءَ جي حالت ۾ ڪڏهن به وجود ۾نه اچي سگهي ها.
مارگن جي لکڻ موجب: ”ڪٽنب جي اداري جو وجود خود هڪ اهڙي متحرڪ ۽ فعال اصول جي نمائندگي ڪري ٿو، جنهن اصول ۾ ڪڏهن به جمود پيدا نه ٿو ٿئي، اهو اصول هميشه هيٺاهين درجي کان مٿاهين سماجي درجي ڏانهن ارتقا ڪندو وڌندو رهي ٿو يعني انساني معاشرو هيٺاهين سماجي درجي کان مٿاهين سماجي درجي ڏانهن ارتقا ڪندو وڌندو رهي ٿو. پر خون جي رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين وارا نظام مجهول ۽ غيرمتحرڪ هجڻ جي ڪري هڪ خاموش دفتر جي صورت ۾ ڪٽنب جي ارتقائي منزلن جي نشاندهي ڪندا رهن ٿا. ارتقا ڪرڻ جي انهن منزلن کي طئي ڪندي ڪندي کين وڏا عرصا گذريو وڃن ٿا. جڏهن ڪٽنبي نظام ۾ اسان کي ڪا انقلابي تبديلي نظر اچي ٿي ته، ان جي ارتقا به انقلابي طور تي تيز ۽ تڪڙي طرح سان گذري ويل هوندي آهي.“
ساڳيءَ طرح مارڪس به چوي ٿو ته: ”اهو ساڳيو اصول سياسي، قانوني، مذهبي ۽ فلسفيانه ظالمن تي به لاڳو هوندو آهي.“. ڪٽنب برابر زنده رهندو اچي ٿو، پر خون جي رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين جو نظام به جامد، پختو، سڪندو ۽ ٺوٺ ٿيندو تَهن مٿان تهه ٺاهيندو هلندو هلي ٿو. رسمي طور تي سندس ظاهري شڪل ۽ صورت برابر ساڳي قائم رهي ٿي، پر اصلوڪو بنيادي ڪٽنب اها سرحد اورانگهي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي وڃي ٿو ۽ ڪنهن نئين تهه جي ٺهي پوڻ تائين، سندس شڪل ۽ صورت ۾ به تبديلي اچي وڃي ٿي. جهڙيءَ طرح Cuvier ڪيويوي (فرينچ عالم) پٿر جي تهه مان انهن معدوم ٿي ويل اهڙن جانورن جي هڏن جا نشان (ٿر جي صورت ۾) Marsupial ڳولي لڌا هئا، جن جي پيٽن سان ڦرن کڻڻ لاءِ ڳوٿريون لٽڪيل هونديون هيون ۽ هن عالم انهن نشانن مان، انهن جانورن جي، جيڪي هن ڌرتيءَ جي سطح تي ڪڏهن سچ پچ گهميا ڦريا هئا، شڪل، صورت ۽هيئت معلوم ڪري سگهيو هو.
ساڳيءَ طرح اسين به وڏي وثوق ۽ اعتماد سان خون جي رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين جي انهن پراڻن ۽ قديم ترين معدوم ٿي ويل رشتن کي، جيڪي ماضيءَ جي ڪنهن پراهين دور ۾ ڪٽنب جي شڪل ۽ صورت ۾ موجود هوندا هئا، ڳولي هٿ ڪري سندن اصلوڪي شڪل، صورت ۽ هيئت کي مقرر ڪري سگهون ٿا.
بيشڪ! اهي خون جي رشتن تي ٻڌل نظام، موجوده دور وارن رائج نظامن کان ضرور مختلف قسمن جا هوندا هئا، جن ۾ هرهڪ ٻار جا ڪيترائي پيئر ۽ مائرون هونديون هيون. آمريڪي انڊين قبيلن جا مٽين مائٽين جا نظام جيڪي هوائي ٻيٽن وارن قبيلن جي نظامن سان مشابهت رکن ٿا، ڪي به ڀاءُ ۽ ڀيڻ هڪ ۽ ساڳئي ٻار جا پي ماءُ ٿي نه ٿا سگهن پر ان جي ابتڙ هوائي ٻيٽن وارن قبيلن ۾مٽين مائٽين جا رائج نظام هڪ اهڙي قسم جي ڪٽنب جو گمان پيدا ڪن ٿا، جنهن ۾ اهڙي ساڳي قسم جا نظام قائم هوندا هئا. خود موجوده دور ۾ اڄ به اسان کي تسليم شده ڪٽنب جي اداري جا اهڙا نمونا موجود ملن ٿا، جيڪي اسان واري موجوده معاشري ۾ رائج ڪٽنبي نموني جي سراسر مخالف قسم جا هوندا آهن. اسان جي پورائي هن امر مان به ظاهر ٿئي ٿي ته اسان انهيءَ غلط فهميءَ ۾ مبتلا آهيون ته اسان واري موجوده ڪٽنبي نموني کان سواءِ ٻيو ڪوبه نمونو هن وقت دنيا ۾ موجود ئي نه آهي.
روايتي طور تي اسين فقط ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري ڪٽنب جو تصور ڪري سگهون ٿا پر انفرادي طور تي ڪي ڪي مرد اڄ به گهڻيون زالون پرڻجن ٿا ۽ ساڳيءَ طرح انفرادي طور تي ڪي ڪي عورتون به ساڳئي وقت تي گهڻا مڙس رکن ٿيون. پر ٻئي ڪثرت ۾ زالون رکندڙ مڙس توڙي ڪثرت ۾ مڙس رکندڙ زالون ساڳي وقت ئي مذهبي ۽ اخلاقي مبلغن جي لعن تعن کان ڊڄي انهن جنسي تعلقاتن کي لڪائڻ جي به از حد ڪوشش ڪن ٿا، پر عملي طور تي هو ماٺ ميٺ ۽ سماج جي مقرر ڪيل بندشن جي انحرافي ڪندا رهن ٿا. اسان کي قبل تاريخي دور جي تاريخ جو مطالعي ڪندي اهڙيون حقيقتون به معلوم ٿين ٿيون ته قديم زماني ۾ هي رواج به عام هوندو هو ته مرد گهڻين عورتن سان ۽ عورتون گهڻن مردن سان هڪ ۽ ساڳئي وقت تي جنسي ميلاپ ڪندا هئا ۽ انهيءَ ميلاپ مان پيدا ٿيل سمورو اولاد، سمورن مردن ۽ سمورين عورتن جو گڏيل ۽ مشترڪ اولاد هوندو هو. انهن حالتن ۾ درجي بدرجي گهٽتائي ٿيندي ويئي، جيڪا آخرڪار هلندي ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي شادي جي اداري تي اچي ٺهڪو کائي بيهي رهي آهي.
ترميمن جي سلسلي کي سمجهائڻ لاءِ اسين مثال طور هڪ گهيري جي مثال کي وٺون ٿا ته جنهن جي اندر ڪيترائي مرد ۽ ڪيتريون ئي عورتون شادي (جنسي ميلاپ ڪرڻ) جي هڪ يڪي زنجير ۾ وڪوڙيل بيٺا آهن. اهو گهيرو سوڙهو ٿيڻ شروع ٿئي ٿو. گهيري جي سوڙهي ٿيندي ئي ڪي مرد ۽ ڪي عورتون انهيءَ گهيري مان ٻاهر نڪري وڃن ٿيون. اهو گهيرو آخرڪار سوڙهو ٿيندو ٿيندو اچي فقط ”هڪ مڙس هڪ زال“ کي شادي جي زنجير ۾ وڪوڙي بيهي رهي ٿو. جيڪو رواج اڄ هڪ عالمگير حيثيت وٺي چڪو آهي.
مارگن پنهنجي همعصر تاريخ جي عالمن سان هن راءِ تي اتفاق ڪري ٿو ته، ڪٽنب جي تاريخ تي پوئتي نظر ڦيرائيندي اسان کي حقيقت صاف نظر اچي ٿي ته ڪٽنب جي تاريخي بنيادي تعميري دورن ۾ يعني قبل تاريخي دورن ۾ قبيلي اندر هڪ منجهائيندڙ قسم جو، بي ترتيبو نظام موجود هوندو هو، جنهن نظام ۾ قبيلي جي سمورين عورتن مان هر عورت، قبيلي جي مردن جي گڏيل ۽ مشترڪ زال ليکي ويندي هئي ۽ سمورن مردن مان هر مرد کي سمورين زالن جو گڏيل ۽ مشترڪ مڙس ليکيو ويندو هو. اسان کي اهڙي ساڳئي قسم جو ذڪر مذڪور 8 1 صدي عيسويءَ تائين به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، پر اهو ذڪر مذڪور هڪ عام قسم جي نوعيت جو هوندو آهي.
انهيءَ ڏس ۾ باڪوفن کي شاباس آهي. هي صاحب پهريون عالم آهي، جنهن انهيءَ طرف ڌيان ڏيئي، کيس اهم قرار ڏيئي، ان جي وجود ۽ بنياد کي تاريخي ۽ مذهبي روايات ۾ ڳولي لهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اها سندس هڪ عظيم تاريخي خدمت چئبي. سندس انهن دريافت ڪيل اهڃاڻن مان اسان کي اهو سماجي طور تي منجهائيندڙ قسم وارو هڪ لامحدود ۽ بي پايان جنسي ميلاپ ڪرڻ وارو دور هٿ نه اچي سگهيو آهي. پر اسين انهيءَ ڪوشش ڪندي ڪندي، بعد وارن گروهي شادين واري درجي تائين پهچي وڃون ٿا. اهو قديم قبل تاريخي دور جيڪڏهن سچ پچ موجود به هو، ته به اهو دور ايترو ته پراهون آهي جو اسين ان بابت سماجي تهن يعني موجوده دور جي وحشي ترين قبيلن مان به ڪا پڪي ثابتي يا حتمي شهادت حاصل ڪري نه سگهيا آهيون. اهو به باڪوفن جو احسان چئبو جو هن عالم کوجنا ۽ تحقيق ڪرڻ ۾ انهيءَ مسئلي کي وڏي اهميت ڏني آهي.
”حقيقت هيءَ آهي ته باڪوفن جيڪو ڪجهه پنهنجي تحقيق ۽ کوجنا جي دوران حاصل ڪري سگهيو هو يا ان بابت محض قياس آرائي ڪري سگهيو هو، انهيءَ حقيقت کي هن پاڻ به پوري ريت نه سمجهيو هو. انهيءَ ڳالهه جو ثبوت هي آهي ته انهيءَ قديم دور واري سماجي حالت کي باڪوفن Hatearism سريت بازي جو نالو ڏئي ٿو. اهو فقط پهريائين يونانين استعمال ڪيو هو. جنهن مان سندن مراد هئي هر اهو جنسي تعلق جيڪو انهن مردن ۾ رائج هوندو هو جيڪي ڪنوارا هوندا هئا يا وٽن فقط هڪ زال هوندي هئي. ساڳي حالت زالن سان به لاڳو هوندي هئي. انهيءَ دور ۾ شادي ڪرڻ لاءِ هڪ خاص صورت مقرر ڪيل هوندي هئي. جنهن مان اهو عمل ٻاهر ڪيو ويندو هو. انهيءَ عمل ڪرڻ ۾ عصمت فروشي جي ڪاروبار کي به شامل ڪيل هوندو هو. انهيءَ دور ۾ عصمت فروشي جيڪڏهن عام نه به ٿي هئي. يعني انهيءَ رسم معاشري ۾هڪ تسليم شده اداري جي صورت نه به ورتي هئي، ان هوندي به معاشري ۾ ان جو وجود پيدا ٿي چڪو هو.
آئون پاڻ به انهيءَ لفظ کي مارگن وانگر ساڳي صورت ۽مفهوم ۾ استعمال ڪريان ٿو. باڪوفن پنهنجي صوفيانه مزاج ۽ طبيعت جي ڪري پنهنجن اهم تاريخي دريافتن کي به پراسرار ۽ ناقابل فهم بنائي ڇڏيو آهي. ان جو بنيادي سبب هي هو ته سندس خيال موجب مرد ۽ عورت جي وچ ۾ جيڪي به سماجي، قانوني، ازدواجي ۽ جنسي تعلقات هوندا آهن، اهي پنهنجي پنهنجي دور وارن مذهبي خيالن، عقيدن ۽ اعتقادن جو نتيجو هوندا آهن. پر سندن انهن عقيدن جو سندن روزمره جي عملي زندگيءَ جي حالتن سان ڪوبه تعلق نه هوندو آهي.“ (اينگلس طرفان نوٽ)
افسوس وري هي آهي ته موجوده دور جي تاريخ جي عالمن وٽ بني نوع انساني جنسي زندگي جي ابتدائي مرحلن جي وجود جو قطعي طور تي انڪار ڪرڻ هڪ علمي فيشن بنجي ويو آهي. انهيءَ انڪار ڪرڻ جو مقصد هوندو آهي بني نوع انسان کي پنهنجي بدناموسي (سنڌي زبان ۾بي غيرتي) واري دور جي احساس کان پري رکڻ. اهي علماءَ انهيءَ رويي لاءِ هي دليل پيش ڪندا آهن ته، اهڙي قسم جي دور بابت ڪوبه سڌو سنئون ۽ حتمي قسم جو واضح ثبوت موجود نه آهي. ان ڪري ثبوتن ۽ حتمي شاهدن جي عدم موجودگيءَ ۾ انسان کان سواءِ باقي ٻي حيواني دنيا مان مثال وٺي پيش ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڏنو ويو آهي.
عمرانيات جو جڳ مشهور فرينچ عالم Letaurneau ليتورنيو 1881-1902ع پنهنجي ڪتاب Evolution of marriage and Family 1888 (شادي ۽ ڪٽنب جي ارتقا) ۾ اهڙا سوين مثال پيش ڪندو هلي ٿو، جن مان هن عالم هن امر جي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته لامحدود جنسي ميلاپ ڪرڻ واري ڇڙواڳي فقط هيٺين درجن جي حيوانن ۾ موجود هوندي آهي. پر آئون سندس سمورن پيش ڪيل مثالن ۽ حقيقتن مان هن نتيجي تي پهتو آهيان ته انهن سمورن مثالن مان حضرت انسان ۽ سندس قبل تاريخي دور بابت ڪابه خاص ڄاڻ حاصل ٿي نه سگهي آهي. موجوده دور ۾ اسين سمورن ڪرنگهي وارن جانورن جي لڳ ڪرڻ جي طويل عرصي بابت علم بدن جي اصولن تي ڪافي ڄاڻ ۽ سمجهاڻي حاصل ڪري سگهيا آهيون. مثلن پکين ۾ آنن ڦوڙڻ جي عمل ۾ نر جو مادي کي وارو وٺائڻ ۽ عام پکين جي جوڙن (نر ۽مادي) جي باهمي جنسي وفاداري جي جذبي مان اسان کي انساني جنسي لاڙن ۽ خواهش بابت ڪابه رهنمائي نه ٿي ملي سگهي. پکين جو مثال ڏيڻ هن ڪري به انسان سان لاڳو ڪري نه ٿو سگهجي ته خود ارتقا جي فلسفي موجب انسانذات پکين مان پيدا نه ٿي آهي.
اسين جيڪڏهن ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري جنسي نظام کي اخلاقيات ۽ سماجي نيڪي جو ڪليدي معيار تسليم ڪنداسين ته انهيءَ صورت ۾ به اسان کي فقط Tapewormٽيپ رو م(هي هڪڙو ڪيڙو انسانن ۽ حيوانن جيآنڊن ۾ پيدا ٿيندو آهي) کي جس ڏيڻو پوندو ته سندس بدن جي 50 کان 200 گرين يا ڳنڍين مان هر گري ۾ جدا جدا نر ماد جو نظام رکيل هوندو آهي. سندس بدن جون سموريون گريون هر وقت ۽ هر لمحي پاڻ مرادو لڳ ڪرڻ جي جنسي عمل ۾سرگرم عمل رهنديون آهن. پر جيڪڏهن اسين کير ڏيندڙ جانورن ڏانهن ڌيان ڏينداسين ته اسان کي منجهن سمورن قسمن جا لڳ ڪرڻ جا نظام موجود نظر ايندا. مثلن منجهن لڳ ڪرڻ لاءِ هڪ زوردار اجهل آرزو يا خواهش موجود هوندي آهي. مثلن گروهي صورت ۾ منجهن لڳ ڪرڻ لاءِ ”هڪ نر گهڻيون ماديون“ ”هڪ نر هڪ ماديءَ“ وارو نظام وغيره موجود آهي. پر کير ڏيندڙ جانورن ۾ اسان کي ”هڪ مادي گهڻا نر“ وارو نظام ڪونه ٿو ملي. اها سعادت فقط حضرت انسان ئي حاصل ڪري سگهيو آهي. حيواني دنيا ۾ ارتقائي طور تي اسان جا ويجهي ۾ ويجها مائٽ چوپايا جانور به نر مادي جي لڳ ڪرڻ لاءِ تعلقاتن جا مختلف نمونا پيش ڪن ٿا.
اسين جيڪڏهن انهيءَ گهيري کي سوڙهو ڪندي چئن قسمن جي انسان نما باندرن Anthropoia Apes ڏانهن ڌيان ڏينداسين ته انهيءَ معاملي ۾ خود ليتورنيو صاحب به اسان کي فقط هيءَ ڳالهه ٻڌائي سگهيو آهي ته، انسان نما باندرن جي مختلف قسمن ۾ ڪٿي ”هڪ نر هڪ مادي“ ۽ ڪٿي وري ”هڪ نر گهڻين مادين“ رکڻ جو رواج موجود آهي. پر جراڊ ٽولون جي ڏنل حوالي موجب سوسوري Saussure نالي هڪ رومن عالم چوي ٿو ته، باندرن ۾ فقط ”هڪ نر هڪ مادي“ واري جبليت موجود هوندي آهي. ساڳي طرح فنلينڊ جي جرمن مورخ ويسٽر مارڪ (Wester Marck) جي ڪتاب History of Human Marriage (انساني شادين جي تاريخ) ۾ به انسان نما باندرن ۾ ”هڪ نر هڪ ماديءَ“ وارو حوالو موجود آهي. پر سندس اهو حوالو پنهنجي جاءِ تي ڪا حتمي قسم جي حجت ۽ اڻ ٽر ثابتي هرگز نه آهي.
اهي سموريون رپورٽون ۽ حوالا اهڙي نوعيت جا آهن جو خود ليتورنيو به انهيءَ حقيقت کي مڃڻ لاءِ مجبور ٿي لکي ٿو ته:”کير ڏيندڙ جانورن ۾ ذهني طور تي ارتقا ڪرڻ ۾ لڳ ڪرڻ جي عمل بابت ڪوبه مقرر ڪيل ربط موجود نه هوندو آهي.“ جڳ مشهور فرينچ فيلسوف Espinas اسپيناس (1922-1845) به پنهنجي ڪتاب Animal Societies (حيواني معاشرا) ۾ لکي ٿو ته: ”حيوانن ۾ وڏي ۾ وڏو گروهه ڌڻ هوندو آهي. اهو ڌڻ ڪٽنبن مان ٺهي ٿو پر ٻئي ڌڻ ۽ ڪٽنب هڪ ٻئي سان گڏجي عمل ڪرڻ جي بجاءِ هڪ ٻئي جي خلاف صف آرا رهن ٿا. ڌڻ ۽ ڪٽنب پاڻ ۾ (Inverse Rario) مخالف نسبت ۾ يعني هڪڙو وڌي ٿو ته ٻيو گهٽجي ٿو جي اصول جي مطابقت ۾ وڌن ٿا.“
مٿي ڏنل سموري مذڪور مان فقط هيءَ ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته اسان کي انسان نما باندرن مان ڪنهن به ڪٽنبي خواه سماجي گروهه جي ڪابه معلومات حاصل ٿي نه سگهي آهي. مٿي ذڪر ڪيل سمورا حوالا هڪ ٻئي کي سنئون سڌو رد ڪندا اچن ٿا. اسان کي انهيءَ حقيقت لاءِ ڪنهن به عجب ۾ پوڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي.
هي ته ٿيا حيوان ۽ سندن ڪائنات! پر خود وحشي قبيلن جي انسانن بابت به اسان کي مليل سمورا حوالا ۽ احوال، لکڻيون ۽ تاريخون پاڻ ۾ ايتري قدر ته متضاد هونديون آهن، جو سندن ڇنڊڇاڻ ڪري کين صاف ۽ اجرو ڪري، هڪ ٻئي کان ڌار ڪرڻ جي سدائين ضرورت پوندي رهندي آهي. انساني معاشري جي مقابلي ۾ باندرن جي معاشري جو تنقيدي اڀياس ڪرڻ وڌيڪ مشڪل ڪم آهي. انڪري اسان جي ڀلائي فقط هن امر ۾ آهي ته اسين في الحال سمورن غيرمعتبر ۽ غيروثوقي قسم جي حوالن مان اخذ ڪيل سمورن نتيجن کي يڪقلم مسترد ڪري ڇڏيون.
اسان کي فقط اسيپناس جي ذڪر ڪيل حوالي مان ڪي قدر رهنمائي ملي ٿي، اها رهنمائي هيءَ آهي ته مٿاهين درجي جي جانورن ۾ ڌڻ ۽ ڪٽنب هڪ ٻئي تي انحصار نه ٿا رکن. بلڪ اهي هڪ ٻئي جي مخالفت ۾ عمل ڪن ٿا. ان جو مثال ڏيندي اسيپناس پنهنجي ڪتاب ”حيواني معاشرا“ ۾ لکي ٿو (هي ڪتاب فرينچ زبان ۾ آهي) ته: ”ڪيئن نه لڳ جي مُند ۾نرن ۾ حسد ۽ غيرت جو جذبو جاڳي پوي ٿو؟ اهو جذبو لڳ جي مند تائين ڌڻن ۾ ڏڦير وجهي ڇڏي ٿو.“ اهو اڳتي هلي وري لکي ٿو ته، ”جتي هڪ ڪٽنب پاڻ ۾ مضبوطيءَ سان چهٽيل ۽ لاڳاپيل رهي ٿو. اتي پاڻ ۾ لاڳو ۽ اتحاد خير ڪي نظر ايندو آهي. حقيقت ۾ ڌڻ فقط انهن جانورن ۾ قدرتي طور تي پيدا ٿي پون ٿا جن جانورن ۾لڳ ڪرڻ جي ڇڙواڳي يا ”هڪ نر گهڻيون مادين“ وارو اصول ڪارفرما هوندو آهي. هڪ ڌڻ جي ٺهڻ لاءِ ڪٽنبي لاڳاپن کي ضرور ڍرو ڪرڻو پوندو آهي.
اهوئي سبب هوندو آهي جو اسان کي پکين ۾ ڪوبه منظم ڌڻ، گروهه يا جماعت نظر نه ٿي اچي. پکين جي مقابلي ۾ اسان کي کير ڏيندڙ جانورن ۾ گهٽ يا وڌ پيماني تي منظم ٿيل سماجي ڌڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ان جو خاص ڪارڻ هي هوندو آهي ته انهن جانورن ۾ ڪوبه هڪڙو جانور پاڻ کي انفرادي طور تي ڪنهن به ڪٽنب ۾ ضم ڪري نه ٿو ڇڏي. ان ڪري اسين ڏسون ٿا ته ڌڻ جي پيدا ٿيڻ وقت، ڌڻ ۾ پاڻ ۾ مجموعي طور تي گڏجي حياتي گذارڻ جي جذبي يعني جماعت کي پيدا ڪرڻ واري اجتماعي شعور Colletive Consiene جو ڪٽنب ۾ گڏجي رهڻ واري جذبي کان وڌيڪ ڪوبه ٻيو دشمن جذبو نه هوندو آهي. ان ڪري اچو ته سنئون سڌو اقرار ڪريون ته جيڪڏهن اسين ڪٿي به ڪٽنب کان وسيع تر سماجي اداري کي ارتقا ڪندي ڏسون ٿا ته انهيءَ صورت ۾ اسان کي ڄاڻڻ گهرجي ته اهو ارتقائي عمل فقط ان ڪري وجود ۾ اچي سگهيو هوندو جڏهن ان ۾ سمايل ڪٽنبن پاڻ ۾ بنيادي نموني ۾ انقلابي تبديلي آندي هوندي ۽ اها انقلابي تبديلي تڏهن ممڪن ٿي سگهي هوندي جڏهن ڪٽنبن پاڻ کي نئين سر ٺاهڻ ۽ ترتيب ڏيڻ خاطر ضرور بالضرور موزون ۽ واقف حالتن ۽ ماحول مان فائدو ورتو هوندو.“
انهيءَ ساڳي لکت جو حوالو جراڊ ٽولون به پنهنجي ڪتابOrigin of Marriage and Faimly ”شادي ۽ ڪٽنب جو آغاز“ ۾ ڏنو آهي.
انهن سمورن حوالن مان فقط هن هڪ امر جي وضاحت ٿئي ٿي ته حيواني معاشرن مان انساني معاشرن بابت، محض نتيجن ڪڍڻ جي گنجائش موجود هوندي آهي پر انهيءَ گهربل گنجائش کي فقط منفي حالت يا تضادن جي معلوم ڪرڻ خاطر ئي ڪتب آندو ويندو آهي. هن وقت تائين هلندڙ بحث مباحثي مان اسين فقط هي هڪڙي ڳالهه ڀلي ڀت پروڙي سگهيا آهيون ته مٿاهين قسم جي ڪرنگهي وارن جانورن واري حيواني انواع ۾ فقط ٻن قسمن جي ڪٽنبن جو وجود ملي ٿو ته پهريون ”هڪ نر گهڻيون ماديون“ ۽ ٻيو ”جوڙو يا جفت“ يعني ”هڪ نر هڪ مادي“ انهن ٻنهي قسمن ۾ فقط هي هڪڙي حقيقت مشترڪ طور تي ملي ٿي ته انهن ٻنهي انواع ۾ فقط هڪڙي بالغ نر يعني مڙس سان پرڻجڻ (جنسي ميلاپ ڪرڻ) جو جواز موجود هوندو آهي. هر نر ۾ حسد ۽غيرت جو جذبو جنهن ۾ ٻنهي جذبن يعني لڳ ڪرڻ جي لاڳاپي ۽ ڪٽنب جي حدبندي ڪرڻ جا عناصر جيڪي پاڻ ۾گڏجي هڪ حيواني ڪٽنب کي ڌڻ جي مخالف ڪرڻ لا۽ کڙو ڪري بيهارين ٿا، موجود هوندا آهن. جن جي نيتجي ۾ ڌڻ جيڪو ڪٽنب کان وڌيڪ اوچي قسم جو سماجي نظام هوندو آهي، ان جو ٺهڻ ناممڪن بنجي پوندو آهي. جنهن کي بچائڻ خاطر ئي سندس نظام کي ڍرو ڪرڻو پئجي ويندو آهي ۽ لڳ ڪرڻ جي مند ۾ ته مورڳو خود ڌڻ کي ئي بلڪل ختم ڪري ڇڏيو آهي.
مطلب ته ڌڻ جي اوسر ۽ واڌاري ۾ نر جي غيرت ۽ حسد جو جذبو هڪ رڪاوٽ بنجي بيهي رهندو آهي. هن حقيقت کي ثابت ڪرڻ لاءِ ته حيواني ڪٽنب ۽قديم انساني معاشرو هڪ ٻئي کان ڌار ڌار معاشرا هوندا هئا. جن جو پاڻ ۾ڪوبه تعلق ۽ ڳانڍاپو نه هوندو هو، مٿي ڏنل مباحثو ڪافي ٿيندو. ٻيو ته جڏهن حضرت انسان حيواني سطح کان مٿڀرو ٿيڻ واري ارتقائي دور ۾ هلي رهيو هو تڏهن هو يا ته ڪنهن به ڪٽنب جي وجود کان ئي بي خبر هوندو هو يا جيڪڏهن کيس ڪنهن ڪٽنب يا ڪٽنب جي لڳ ڀڳ اداري جي ڪا ڄاڻ هوندي به هئي ته اهڙو ڪٽنب حيوانن جي دنيا ۾ موجود ئي ڪونه هوندو هو. اهو بي وس، ناتوان ۽ بي هٿيار حيوان جيڪو ارتقا ڪندو ڪندو، انسان بنجي پوڻ واري درجي تي اچي پهتو هو، ايتري قدر ته ٿورڙي تعداد ۾ موجود هجڻ ۽ ساڳئي وقت تي ٻين جانورن کان الڳ الڳ رهندي، اها ڳالهه ڪيئن ممڪن ٿي سگهي هوندي ته اهڙي خسيس ناتوان ۽ بي وس هستي، پنهنجي وجود کي هن عظيم ڪائنات ۾ قائم رکي سگهي هئي، سو به انهيءَ حالت ۾ جڏهن هو فقط اڪيلا ٻه ڄڻا يعني مڙس (آدم) ۽ زال (حوا) ساري ڌرتيءَ تي حيوانن جي دنيا سان مقابلي ڪرڻ لاءِ موجود هجن.
ويسٽر مارڪ جنهن مختلف شڪارين جي حوالن مان گوريلن ۽ انسان نما چمپانيزي باندرن بابت سندن ذڪر ڪيل حقيقتن ۽ واقعن مان چونڊ ڪري کين انسانن ڏانهن منسوب ڪري ڇڏيو آهي، لکي ٿو ته، ”ججهن ڌڻن ٺاهڻ جو جذبو ۽ جبليت فقط ”هڪ نر هڪ مادي“ جي جوڙي تائين محدود هوندي آهي.“ ان ڪري چئبو ته، خود سندس ئي دليل موجب ارتقائي طور تي حيواني درجي مان نڪري انساني درجي واري منزل تي پهچڻ جو سمورو ارتقائي عمل پنهنجي وجود ۾ هر صورت ۽ حالت ۾ هڪ وڏي ۽ عظيم معجزي کان گهٽ نه هو.
قدرت جو اهو معجزو اهڙي نموني ۾ واقع ٿيو هو جو ڄڻ ته قدرت کي خود پاڻ تي فتح حاصل ڪرڻ خاطر، هڪ زائد ۽ مددگار عنصر جي گهرج پئجي ويئي هئي ۽ اهو زائد ۽ مددگار عنصر، فرد جي بچائ ڪرڻ وران ناڪافي قدرتي قوتن کي هٽائي سندس جاءِ تي ڌڻ (جماعت) جي اجتماعي متحده قوت مدافعت ۽ سعي کي کڙو ڪري ڇڏڻ. انسان نما باندر ۽ لنگور موجوده دور ۾ جنهن قدرتي ماحول ۽ حالتن هيٺ زندگي گذارين ٿا، ته کين ڏسندي چئي سگهجي ٿو ته، کين انهيءَ ڪمتر حيواني قسم جي حالتن مان ڪڍي انساني درجي تائين پهچائڻ لاءِ هي صاحب پاڻ به ڪوبه مثبت ۽ موزون ارتقائي قسم جو دليل پيش ڪري نه سگهيو آهي. کيس ڪوبه اهڙو ٺوس قسم جو دليل ڏيڻ ڄڻ ته ناممڪن نظر اچي ٿو. باندرن ۽ لنگورن ۾ ڪنهن اڳڀري ارتقائي درجي لاءِ ارتقا ڪرڻ جو عمل ڪرڻ ته ٺهيو پر مورڳو سندس موجوده ارتقا ڪرڻ جي خود رفتار ئي ڏيکاري ٿي ته هي مسڪين جانور فنا ۽ ڪالعدم ٿي وڃڻ جي درجي ڏانهن ارتقا ڪري رهيا آهن، پر جيڪڏهن اهي ٻئي انسان نما باندرن جون جنسون ڪالعدم نه به ٿي ويون تڏهن به اهي روبزوال ضرور آهن.
اها هڪڙي ئي حقيقت انهن سمورن ڌڪي تي ڪڍيل نتيجن، جن جو بنياد باندرن وارن ڪٽنبي سرشتن ۽ قديم انساني ڪٽبي نظامن جي وچ ۾ مشابهت پيدا ڪرڻ لاءِ گهڙيو ويو آهي، کي ڊاهي ڇڏڻ لاءِ ڪافي آهي. ارتقائي طور تي حيواني درجي مان پار پئي انساني درجي ۾ پهچڻ واري دور لاءِ هي امر لازمي بنجي ويو هو ته، وڏن انساني ڌڻن يا قبيلن جي ٺهڻ لاءِ انساني نرن (مردن) مان جنسي حسد ۽ غيرت جي جذبي کي ختم ڪيو وڃي ۽ انهيءَ معاملي ۾ کين پاڻ ۾ ڀائي ڀائي ٿي رهڻ جي سيکارڻ لاءِ، منجهن هڪ ٻئي سان جنسي ۽ سماجي طور تي روادار بنجي پاڻ ۾ گڏجي زندگيون گذارڻ واري جذبي کي اجاگر ڪيو وڃي پر انسان کي ڪٽنب جي انهيءَ پراڻي نظام جنهن بابت انساني تاريخ ۾ انڪار نه ڪري سگهڻ جهڙيون ثابتيون ملن ٿيون ۽ انهن اهڃاڻن ۽ ثابتين جو اسين هر هنڌ مشاهدو ۽ مطالعو به ڪري سگهون ٿا، اسان کي ڇا ٿو نظر اچي؟ اسين گروهي شادين کي عمل ۾ ايندي ڏسون ٿا. جنهن نظام هيٺ نرن (مردن) جو هڪڙو سڄو سارو گروهه مادين (عورتن) جي هڪ سڄي ساري گروهه سان شادي (جنسي ميلاپ ڪرڻ جي عمل) جي ٻنڌن ۾ جڪڙيو پيو هوندو هو.
انهيءَ نظام ۾ نر (مرد) جي جنسي حسد (غيرت) لاءِ ڪابه جاءِ موجود نه هوندي هئي. يعني اهو سوال ئي پيدا نه ٿي ٿيو، انهيءَ دور کان ٿورڙو اڳڀرو هلي اسين ڏسون ٿا ته انساني معاشري ۾ ”هڪ عورت گهڻا مرد“ وارو نظام پڻ شروع ٿي وڃي ٿو. جيڪو مرد جي جنسي حسد ۽ غيرت جي جذبي لاءِ هڪ قاتل هٿيار هوندو آهي. تنهن ڪري انهيءَ نظام جي انسانن کان سواءِ ٻين باقي جانورن کي ماڳهين ڪا خبر نه هوندي آهي. جيئن ته اسان کي، گروهي شاديون ۽ انهن سان گڏوگڏ اهڙيون منجهيل قسم واريون جنسي حالتون به موجود ملن ٿيون، جيڪي ڪن اهڙن پراڻن، سادن سودن جنسي تعلقاتن ڏانهن اشارو ڪن ٿيون ۽ تحقيق ڪندي ڪندي اسان جو ڌيان، آخر طور تي هڪ اهڙي ڇڙواڳ جنسي ميلاپ ڏانهن، جيڪو انهيءَ قديم دور جنهن ۾ حيوانن مان انسانيت وارو درجو جنم وٺي رهيو هو، سان بلڪل ٺهڪي اچي ٿو، ڏانهن از خود ڇڪجي وڃي ٿو.
ان ڪري حيوانن جي لڳ ڪرڻ جي حوالن ۽ مثالن کي ثابتي طور پيش ڪرڻ، اسان کي موٽائي آڻي انهيءَ نقطي تي بيهاري ٿو، جنهن نقطي کان اسان ارتقائي طور تي ترقي ڪري انسان بنجي پوڻ واري دور ۾ داخل ٿيا هئاسين. اها حقيقت سموري بني نوع انسان سان لاڳو آهي.
هاڻي سوال آهي ته، ”جنسي ميلاپ“ واري محاوري مان اسان جي مراد ڇا آهي؟ ان جو جواب هي آهي ته، انهيءَ محاوري مان اسان جي مراد آهي ته، اهي جنسي بندشون جيڪي اڄ به انساني معاشرن ۾ موجود آهن، انهن ساڳئي قسم جي بندشن جو قديم ترين قبل تاريخي زماني واري دور ۾ ڪوبه وجود ئي ڪونه هوندو هو. اسين جنسي حسد ۽ غيرت جي ڪوٽن جي ڊهي پوڻ جو ذڪر ڪري آيا آهيون. اسين جيڪڏهن ڪنهن هڪ امر لاءِ پڪ ۽ يقين سان چئي سگهون ٿا ته، اهو فقط هي آهي ته انهيءَ جنسي حسد ۽ غيرت واري جذبي جي پيدا ٿيڻ وارو دور تمام بعد جو دور آهي ۽ اها ساڳي ڳالهه اسين اولاد جي والدين سان جماع ڪرڻ لاءِ به چئي سگهون ٿا.
اسان کي هي امر به صاف نظر اچي ٿو ته اوائلي ۽ قديم دور ۾نه فقط ڀاءُ ۽ ڀيڻ پاڻ ۾ زال مڙس بنجي زندگي گذاريندا هئا، پر خود موجوده جديد دور ۾ به دنيا ۾ ڪٿي نه ڪٿي خود اولاد ۽ والدين جي پاڻ ۾ جنسي ميلاپ ڪرڻ جي عمل کي جائز ۽ صحيح سمجهيو وڃي ٿو. H.H. Bancroft بان ڪرافٽ پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب The Native Racis of the Pacific states of Northern America Vol, 1, 1875/76. (شمالي آمريڪا جي پيسفڪ سمنڊ وارين رياستن جا ڏيهي نسل) ۾ انهيءَ ساڳي حقيقت جي تصديق ڪندي لکي ٿو ته: ”بيرنگ جي ڳچي سمنڊ جا ڪلويات نالي قبيلا، الاسڪا جي ڪارباق قبيلن ۽ ڪئنيڊا جي طينهه قبيلن ۾ ساڳي رسم جو عام رواج موجود آهي.“
ليتورنيو جي لکڻ موجب ”چيسوا قبيلن“ چلي جي ڪوڪوز ۽ ڪريبين ٻيٽن جي قبيلن ۽ هند چيني جي ڪرن قبيلن ۾ به ساڳي رسم موجود آهي.“ قديم يونانين، رومن پارٽي، ايراني، سيٿن- هنن ٻين قومن ۾به انهيءَ ساڳي رسم کي رائج ڏنو ويو هو. سندن قديم ڪتابن ۾به انهيءَ رسم جو مفصل بيان لکيل موجود آهي. پنهنجي والدين سان جماع ڪرڻ جي رسم جي ايجاد کان پوءِ (اها هڪ ايجاد چئجي ۽ اها آهي به هڪ املهه ڳالهه) والدين ۽ اولاد جي وچ ۾ جنسي ميلاپ ڪرڻ جي رواج کي، پَري جي پيڙهين جي وچ ۾ جنسي ميلاپ ڪرڻ کان وڌيڪ بُرو نه سمجهيو ويندو هو. خود موجوده مهذب دور ۾نام نهاد اخلاق پرست سڌريل ۽ مهذب قومن ۽ ملڪن ۾ انهيءَ قسم جي جنسي ميلاپ ڪرڻ جي عمل تي ڪوبه نفرت انگيز ۽ خطرناڪ قسم جو ردعمل پيدا نه ٿو ٿئي. انهن نام نهاد سڌريل اخلاق پرست مهذب ملڪن ۾ 60 سالن جون عورتون انهيءَ ساڳئي جنسي شوق ۾ مبتلا نظر اينديون آهن. جيڪڏهن اهڙيون پيرسن ڪنواريون عورتون مالدار ۽ شاهوڪار آهن ته هو وڏي سولائيءَ سان 30-25 سالن جي نوجوانن کي پنهنجي دام محبت ۾ ڦاسائي ساڻن شاديون ڪنديون آهن. سندن انهيءَ جنسي فاتحانه ڪارنامي تي معاشري ۾ ڪوبه مخالف ردعمل ظاهر نه ٿيندو آهي.
اسين قديم ترين ڪٽنب جي نظام ۾ مائٽن ۽ والدين سان جنسي ميلاپ ڪرڻ واري رواج جيڪو اسان واري دور جي ماڻهن جي نظرن ۾ محض هڪ قسم جو منجهيل ۽ بي ترتيبو نظام هوندو آهي، سان منهن مقابل ٿيون ٿا پر انهيءَ رواج ۽ نظام جو منجهيل ۽ بي ترتيب پهلو فقط هي هوندو آهي ته اهي بندشون جيڪي بعد جي پيدا ٿيل دور جي رسمن عائد ڪيون آهن، ان وقت يعني انهيءَ قديم دور ۾ اڃا وجود ۾ ئي نه آيون هيون. انهيءَ جو مطلب هي هرگز نه هوندو هو ته سندن روزمره جي زندگين ۾ هڪ ابتو سبتو، الٽي پلٽي قسم جو مونجهارو رائج هوندو هو ۽ اهي فقط آزاد ۽ ڇڙواڳ قسم جي جنسي ميلاپ ڪرڻ جي عمل ۾مشغول رهندا هئا. انهيءَ دور ۾ به عارضي طور تي يا ڪنهن خاص مند يا مدت تائين هڪ جوڙي (مرد ۽ عورت) جي صورت ۾ قبيلي کان جدا ٿي پاڻ ۾ زال ۽ مڙس وانگر گڏجي رهڻ جي امڪان کي به خارج ڪري نٿو سگهجي.
حقيقت وري هيءَ آهي ته، خود گروهي شادين واري دور ۾ به، جدا جوڙو جوڙو ٿي پاڻ ۾ زال مڙس طور گڏجي رهڻ وارن جي وڏي اڪثريت هوندي هئي. جيڪڏهن ويسٽر مارڪ جيڪو انهيءَ اصلوڪي قديم دور واري حالت کان انڪار ڪندڙ عالمن مان پويون عالم آهي، جيڪو پاڻ لفظ شادي جي وصف بيان ڪندي لکي ٿو ته: ”هر اها حالت جنهن ۾ٻئي انساني صنفون (مرد ۽ عورت) پاڻ ۾جنسي ميلاپ ڪرڻ جو عمل ڪندا رهن جيستائين کين ڪو اولاد ڄمي، ته ان وقت چئي سگهجي ٿو ته، انهيءَ قسم جي شادي هڪ اهڙي مونجهاري پيدا ڪندڙ ڇڙواڳ جنسي ميلاپ ڪرڻ جي حالتن ۾ ٿي سگهي ٿي جنهن مان اڃان تائين بي ترتيبي ۽ مونجهاري جو خاتمو ٿي نه سگهيو آهي. يعني انهيءَ جنسي ميلاپ جي عمل جي وچ ۾ سماجي رسمن جون کڙيون ڪيل ديوارون (مشڪلاتون) اڃان به موجود آهن.“
ويسٽر مارڪ پنهنجي بحث جو آغاز هن نقطي کان ڪري ٿو ته، ”جنسي ميلاپ ڪرڻ جي عمل ۾ مونجهارو ۽ بي ترتيبي ڌرين جي انفرادي لاڙن ۽ فطري تمنائن کي ختم ڪري ڇڏي ٿي، انڪري زنا ڪاري يعني انساني جسمن کي محض سکڻي (بنان تمنائن) جي جنسي ميلاپ ڪرڻ خاطر وڪرو ڪرڻ ان جو سچو پچو نمونو بنجي پوندو آهي.“ پر مون کي ته وري هي امر به صاف نظر اچي ٿو ته، قديم ترين زماني وارين حالتن کي سمجهڻ ۽ پروڙڻ ان وقت تائين ناممڪن هوندو آهي جيسين تائين اسين انهيءَ معصوم ۽ اٻوجهه دور کي پاڻ واري دور جي چڪلن ۽ فحش زناڪاريءَ واري عينڪ پائي ڏسڻ جي ڪوشش ڪندا رهنداسين. اسين اڳتي هلي گروهي شادين تي بحث ڪندي، انهيءَ ساڳئي نقطي تي ٻيهر بحث ڪنداسين. مارگن به لکي ٿو ته، ”انهيءَ مونجهاري ۽ بي ترتيبيءَ جي ڪري تمام ڏورانهن قديم ترين دور ۾ جنسي ميلاپ ڪرڻ واري عمل مان هيٺيان نتيجا ظاهر ٿيا هئا:
[b]1 - خون جي رشتن ۾ پوتل ڪٽنب
[/b]هي ڪٽنب جو پهريون درجو آهي. انهيءَ نظام ۽ سرشتي هيٺ، شاديون ڪندڙ جوڙن جا گروهه پيڙهين مطابق بيهاريا وڃن ٿا. ڪٽنب ۾ موجود سمورا ڏاڏا ۽ ڏاڏيون، نانا ۽ نانيون پاڻ ۾ زال مڙس هوندا آهن. ساڳي حالت سندن اولاد ۾به پيدا ٿئي ٿي. سندن اولاد پاڻ ۾ پيءُ ماءُ بنجي اولاد پيدا ڪن ٿا ۽ سندن اولاد وري ڪٽنب جو ٽيون نمبر دائرو ٺاهي ٿو. جن جو اولاد (پٽ ۽ ڌيئرون) وري هڪ ٻئي سان شاديون ڪن ٿا. سندن پڙ پوٽا ۽ پڙ پوٽيون وري هڪ نيون چوٿون نمبر دائرو ٺاهين ٿا. اهڙي نموني جي ڪٽنب ۽ هڪ ئي خاندان جا فرد ٻئي پيڙهيون ڏاڏي کان وٺي پوٽي تائين والدين خواه سندن اولاد (ڏاڏي ۽ پوٽي) پاڻ ۾شادي ڪرڻ جي حقن(Rights) ۽ زميندارن(Obligation) کان ٻاهر نڪري وڃن ٿا. يعني پاڻ ۾ محرمات مان بنجي پون ٿا. ڀائر ۽ ڀينرون، سوٽ ۽ سوٽيون، پهرين نمبر خواه ٻئي نمبر وارا اڃان به رواجي طرح هڪ ٻئي ۾ پيڙهين وار ڀائر ۽ ڀينرون ٿي پون ٿا ۽ انهن ساڳين مٽين مائٽين ۽ خون جي رشتن جي ڪري ئي خودبخود هڪ ٻئي جا مڙس ۽ زالون بنجي پون ٿا. انهيءَ درجي تي پهچندي ئي پاڻ ۾ ڀائرن ۽ ڀينرن هجڻ وارو خوني رشتو کين خودبخود ۽ پاڻمرادو جنسي ميلاپ ڪرڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي ٿو. ان جهڙي صورتحال ۾ اهڙو سمورو ڪٽنب فقط هڪ واحد جوڙي (مرد ۽ عورت) جو اولاد ۽ پونير هوندا هئا. انهيءَ سڱ جي ڪري ئي اهي خودبخود هڪ ٻئي جا مڙس ۽ زالون بنجي پوندا هئا. اهڙي قسم جو خون محض رشتن ۾ پوتل ڪٽنب هن وقت دنيا ۾ معدوم ٿي چڪو آهي. موجوده وقت ۾ دنيا ۾ وحشي ترين قبيلن يا خطن ۾ به اهڙي ڪنهن قسم جي ڪٽنب جو ملڻ مشڪل آهي. اهو نتيجو ڪڍڻ ته اهڙي ڪنهن قسم جو ڪٽنب ضرور بالضرور ڪنهن ڏورانهين ترين سمي ۾ موجود هوندو.
اسان کي فقط هوائي ٻيٽن ۾ رهندڙ قبيلن جي خون جي رشتن تي ٻڌل ڪٽنبي نظام اڄ به پولينيشيا جي ٻيٽن ۾موجود ملي ٿو. جن ۾ انهيءَ ساڳئي نظام تي ٻڌل ڪٽنبن جا نمونا موجود ملن ٿا ۽ اهي مٽيون مائٽيون به فقط اهڙي ئي قسم جي ڪٽنبن جي نمونن ۾ ئي ملن ٿيون ته، انهيءَ صورت ۾ اسين مجبور ٿي هن نتيجي تي پهچون ٿا ته ڪٽنب جي اداري جي ارتقا ڪرڻ لاءِ اهڙي قسم جو اوائلي دور هن دنيا ۾ ضرور موجود رهيو هوندو.
واگنر جي ڪتاب(Nibe Lung) جي بيلونگ جي متن ۾ قديم دور جي هڪ بلڪل ڪوڙي تصوير پيش ڪئي ويئي آهي. جنهن بابت مارڪس پنهنجي هڪڙي خط ۾ پنهنجي راءِ جو تمام سخت لفظن ۾ اظهارڪيو آهي. اهو خط مارڪس موسم بهار ۾ لکيو هو. واگنر لکي ٿو ته: ”هيءَ ڳالهه ڪنهن شخص ٻڌي به نه آهي ته ڪو ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ کي ڪنوار سمجهي ساڻس سمهي پوي.“ واگنر جي خيال موجب ”اهي شهوت پرست ديوتائون پنهنجي عشقيه معاملن ۾ محرمات سان جنسي ميلاپ ڪرڻ جو ڪوڙو ۽ فرضي مرچ مصالحو ملائي ڇڏيندا هئا.“ جنهن جي جواب ۾ مارڪس لکي ٿو ته: ”قديم زماني ۾هر ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ جي جائز زال هوندي هئي. سندس انهيءَ عمل کي اخلاقي ۽ قانوني (رسم واري) طور بلڪل جائز شمار ڪيو ويندو هو.“
انهيءَ ساڳي ڳالهه لاءِ خود واگنر جو ذاتي دوست عالم بونئي به اينگلس وانگر ساڻس متفق الرائ نه هو. ان بابت بونئي ايلڊر ايڊا نالي قديم يوناني ڪتاب جنهن کي خود واگنر هڪ مستند ۽ معتبر ڪتاب سمجهي ٿو، مان هڪ حوالو ڏئي واگنر جي راءِ کي رد ڪري ٿو. انهيءَ ڪتاب جي اگصدريڪا جي باب ۾ لوڪي فريشيا تي الزام مڙهيندي چوي ٿو ته، ”تنهنجو ئي پنهنجو ڀاءُ ديوتائن جي روبرو توسان همبستر ٿيو آهي.“ انهيءَ دور واري يونان ۾ ڀاءُ ۽ ڀيڻ جي پاڻ ۾ شادي ڪرڻ کي قانوني طور تي ناجائز شمار ڪيو ويو هو. اگصدريڪا وارو باب انهيءَ دور جي ترجماني ڪري ٿو، جڏهن يونانين جو پنهنجي ڪلاسيڪي ديوتائن ۾ اعتماد ختم ٿي چڪو هو.
مٿيون حوالو اوڪئيان تي طنز طور استعمال ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن لوڪي ميفستو فيلس (شيطان) جي صورت ۾ فريشيا تي ڪوڙو بهتان هڻي ٿو تڏهن به اهو حوالو واگنر جي نظرئي جي خلاف آهي. ڇاڪاڻ ته ساڳئي ئي ڪتاب ۾ چند مصرعن کان پوءِ لوڪي نيورڊ کي چوي ٿو ته، ”تو واري ڀيڻ کي تو جهڙو پٽ ڄائو آهي.“ اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي ته، هو آسا نسل جو نه هو پر اهو وانا نسل مان هو ۽ ايگلنگ جي رزميه شاعريءَ ۾ شاعر چوي ٿو ته: ”وانا ديس ۾ ڀاءُ ڀيڻ جي پاڻ ۾ شادي ڪرڻ جو عام رواج آهي، پر آسا نسل وارن ۾اهو رواج نه آهي.“ انهيءَ حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته، وانا ديوتا آسا ديوتا کان وڌيڪ قديم ديوتا هو.
[b]2 - گهري ساٿي وارو ڪٽنب، The Punaluan Family:
[/b]اسين جيڪڏهن انهيءَ نظام کي، هن امر جي ڪري سماجي ارتقا جو پهريون دور مقرر ڪيون ٿا ته انهيءَ دور ۾ والدين ۽ اولاد جي پاڻ ۾ جنسي ميلاپ ڪرڻ کي روڪيو ويو هو ته ان جي نتيجي ۾ ٻئي دور ۾ وري ڀائرن ۽ ڀينرن کي پاڻ ۾ جنسي ميلاپ ڪرڻ لاءِ ضرور روڪيو ويو هوندو. اهو هڪ عام مشاهدو ۽ هڪ کليل حقيقت آهي ته ڀاءُ ڀيڻ جي عمرين ۾گهڻو ڪري ڪو وڏو فرق نه هوندو آهي. انڪري انهيءَ رسم کي بند ڪرائڻ به ضرور مشڪل ثابت ٿيو هوندو. هر ڪٽنب ۾ مختلف پيڙهين جي فردن جي عمرين جي هڪ جهڙائي ۽ هڪ جيڏائي ۾ رکندي سماج ۾ انهيءَ قدم جو کڄڻ از حد ضروري ۽ اڻ ٽر بنجي پيو هو. پر ساڳئي وقت تي اهو قدم پهرين کنيل قدم کان وڌيڪ ڏکيو به هو. ان ڪري اهو ٻيو نمبر قدم آهستي آهستي کنيو ويو هو. بندشن جي انهن سلسلن کي هن طور تي عمل ۾ آندو ويو هو ته پهريائين سڳن ڀينرن ڀائرن کي پاڻ ۾جنسي ميلاپ ڪرڻ کان روڪيو ويو هوندو. (يعني پهريائين ماءُ جي طرف وارن ڀائرن ۽ ڀينرن کي پاڻ ۾شادي ڪرڻ يعني جنسي ميلاپ کان روڪيو ويو هوندو.)
شروعات ۾ فقط ٿورين ۽ جزوي حالتن ۾، ۽ بعد ۾ مٿن عام بندش وڌي ويئي هوندي، ان بعد ٿورو پري جي ڀائرن ۽ ڀينرن تي بندش ۽ آخرڪار سوٽن، ماساتن ۽ انهن جي سوٽن ماساتن وغيره تي ۽ ساڻن گڏ ٻين خون جي رشتن وارين مٽين مائٽين تي به بندش وڌي ويئي هوندي. مارگن جي لکڻ موجب اهو اصول ”قدرتي طور تي چونڊ ڪري شادي ڪرڻ جو سٺو مثال آهي.“ ان ڪري هن امر ۾ڪوبه شڪ نه آهي ته جن قبيلن ۾، مائٽن ۾ هڪ ٻئي سان شادين ڪرڻ تي بندش وڌي ويئي هئي، اتي انهن قبيلن جي واڌاري ۽ ترقي ڪرڻ جي رفتار انهن قبيلن جي رفتار کان گهڻو وڌيڪ تيز ٿي ويئي هئي، جن ۾اڃان به ڀائرن ۽ ڀينرن جو پاڻ ۾ شادي ڪرڻ جو رواج موجود هوندو هو. انهيءَ ترقي ڪرڻ جي رفتار جو اندازو هن امر مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته، هينئر منجهن نيات جو ادارو اهڙن ته پختن پيرن تي قائم ٿي چڪو هو. جو هو اٿندي ئي مقرر ڪيل سماجي سرحدون اورانگهي ٻاهر نڪري ويو هو. اهو نيات وارو نظام، جيڪڏهن دنيا جي سمورين غير مهذب قومن اختيار نه به ڪيو هو، تڏهن به انهيءَ دور جي دنيا جون اڪثر قومون ان کي اختيار ڪري چڪيون هيون. جن مان خاص طور تي يوناني ۽ رومن معاشرن انهيءَ درجي مان نڪري ٻئي درجي جي مهذب دور ۾ قدم رکيو هو.
انهيءَ دور ۾ داخل ٿيڻ بعد سندن حالت هي بنجي ويئي هئي ته هر بنيادي ڪٽنب کي وڌ ۾ وڌ ٻن پيڙهين کان پوءِ پاڻ کي وري نئين سر نون ڪٽنبن ۾ ورهائڻو پئجي ويندو هو. ان ڪري هو پراڻي اشتراڪي قسم واري ڪٽنب کي، جيڪو غيرمهذبيت جي وچولي درجي تائين (بنان ڪنهن رنڊڪ جي) قائم رهندو آيو هو، لازمي طور تي پنهنجي يعني ڪٽنب جي فردن کي تعداد کي مقرر ڪرڻو پئجي ويو هو. ان جو مکيه سبب هي هوندو هو ته جڏهن معاشري ۾ هڪ ۽ ساڳي ماءُ مان پيدا ٿيل اولاد جي هڪ ٻئي سان شاديون يعني جنسي ميلاپ ڪرڻ تي اعتراض ڪيا ويا هئا ۽ ٻنهي (ڀاءُ ۽ ڀيڻ) سان جنسي ميلاپ ڪرڻ کان اعتراز ڪرڻ واري امر جو به ڪٽنب جي پراڻي ورهاست تي به قدرتي ۽ لازمي طور تي اثر پيدا ٿيو هو ۽ پراڻي ڪٽنب جي جاءِ تي هڪ نئين نڪور قسم جو ڪٽنب از خود ٺهڻ شروع ٿي ويو هو. (جنهن لاءِ اهو ضروري نه هو ته هو هروڀرو پراڻي قسم واري خون جي رشتن تي ٻڌل ڪٽنب سان ٺهڪي ايندو هجي.)
هينئر هڪ طرف ڀينرن جو هڪ يا هڪ کان وڌيڪ گروهه انهيءَ نئين نموني ۽ ساخت واري ڪٽنب جو مرڪزي نقطو بنجي پيو هو. ٻئي طرف پاڻ ۾ ڪي سڳا ڀائر يا سندن گروهه وري ڪنهن ٻئي ڪٽنب جو مرڪزي نقطو بنجي پيا هئا. اهڙي ريت يا ان جي لڳ ڀڳ نموني سان، هڪ بلڪل نئين قسم جو ڪٽنب جيڪو پراڻي خالص خون جي رشتن تي ٻڌل ڪٽنب مان ڦٽي ڌار ٿي ظاهر ٿي بيٺو هو پيدا ٿي پيو هو. انهيءَ ڪٽنب کي مارگن پونالاڻ يعني ”گهري ساٿي وارو ڪٽنب“ جو نالو ڏئي ٿو. يعني هڪ اهڙو ڪٽنب جنهن ۾ سموريون سڳيون يا مٽي مائٽيءَ واريون ڀينرون پاڻ ۾ گڏجي هڪ گروهه ٺاهي ڪنهن ٻئي قبيلي جي ڪن پاڻ ۾ سڳن يا مٽي مائٽي جي ڀائرن جي گروهن سان گڏيل شاديون ڪن ٿيون. اهڙي نموني جو ڪٽنب اڄ به هوائي ٻيٽن ۾ زنده ۽ صحيح سلامت حالت ۾ موجود آهي. انهيءَ نئين نموني جي شادي ڪرڻ ۾ سڳن يا مٽي مائٽي وارن ڀائرن کي ٻاهر رکيو ويندو آهي. يعني انهيءَ قسم وارا مڙس هينئر هڪ ٻئي کي ڀائر نه سڏيندا آهن. ڇاڪاڻ ته کين هينئر ڀائر سڏائڻ واري لقب جي ڪابه ضرورت نه ٿي رهي. هينئر کين هڪ ٻئي کي ”گهرا ساٿي“ سڏڻو پئجي وڃي ٿو.
ساڳيءَ طرح فقط جنهن رشتن ۾ پوتل ڀائر (سنڌي زبان ۾ سنڍو) هڪ ۽ ساڳئي وقت تي وڌيڪ عورتن جي گڏيل گروهه جا گڏيل يا مشترڪ مڙس بنجي پون ٿا، وري جيڪي عورتون سندن ڀينر نه هونديون آهن ته اهي عورتون يا زالون پڻ هڪ ٻئي کي ڀينرون نه پر ساٿياڻيون يا سرتيون سڏين ٿيون. انهيءَ صورتحال جنهن ۾ اڳتي هلي ڪيتريون ئي تبديليون پيدا ٿيون هيون. انهن نمونن وارين شادين ڪرڻ جي ڪري ڪٽنب جي دائري اندر مڙسن ۽ زالن جي هڪ جماعت پيدا ٿي پئي هئي، جنهن مان زالن جي سڳن ڀائرن کي ۽ بعد ۾ خون جي رشتي وارن ڀائرن کي به خارج ڪيو ويو هو ۽ ساڳئي اصول کي مڙسن جي ڀينرن (نڻانن) سان به لاڳو ڪيو ويو هو.
ڪٽنب جي انهيءَ نموني مان اسان کي آمريڪن انڊين قبيلن جي مٽين مائٽين ۽ سڱابندي ڪرڻ جي اصولن جي ڀلي ڀت خبر پوي ٿي. انهيءَ ڪٽنبي نظام هيٺ هنن واري مارڪ جي ڀينرن جو اولاد اڃان به سندن اولاد هوندو آهي ۽ هنن واري پيءُ جي ڀائرن (چاچن) جو اولاد (سڳا سوٽ) به انهن واري پيءُ جو اولاد هوندو آهي. ان ڪري انهن جا سمورا سوٽ ۽ سوٽيون سندن ڀائر ۽ ڀينرون آهن پر مون واري ماءُ جي ڀائرن (مامن) جو اولاد ڦري سندس ڀائٽيا ۽ ڀائٽيون (پٽ نه) بنجي پون ٿا. اهي سمورا مائٽ هينئر ڦري منهنجا ماروٽ ۽ پڦاٽ بنجي پون ٿا. هنن واري ماءُ جي ڀينرن (ماسين) جا مڙس (ماسڙ) اڃان به سندن مڙس رهجي وڃن ٿا. هنن وري پيءُ جي ڀائرن (چاچن) جون زالون (چاچيون) اڃان به سندن زالون رهن ٿيون. يعني انهيءَ دور جي رسم موجب پوءِ ڀلي ته هو عملي طور تي ساڻن مڙسن يا زالن وانگر گذر نه به ڪندا هجن.
اهو سمورو معجزو ڀائرن ۽ ڀينرن جو پاڻ ۾ جنسي ميلاپ ڪرڻ تي بندش پوڻ جو نتيجو هو. انهيءَ نظام جي رائج ٿيڻ کان اڳ ڪٽنب جا هي ڀاتي جيڪي پاڻ ۾ بنان ڪنهن فرق جي ڀائر ۽ ڀينرون سڏبا هئا، هينئر ڦري هڪ ٻئي جا سوٽ، سوٽيون، ماسات، ماساتيون بنجي پون ٿا. مطلب ته ڪٽنب ۾ ٻه نوان درجا (سڱ) يا طبقا پيدا ٿي پون ٿا. پهرين درجي ۾ فقط پاڻ ۾ اڳوڻي وانگر رشتي ۾ سچا پچا ڀائر ۽ ڀينر نه رهيا هئا ۽نه وري سندن والدين به هڪڙائي ساڳيا رهيا هئا. يعني نه ڪي پيءُ ۽ نه وري ماءُ يا ٻئي ڄڻا ساڳيا نه رهيا هئا. ان جو نتيجو هي نڪتو هو ته ڀائٽيا ۽ ڀائٽيون، سوٽ ۽ سوٽيون، ماروٽ ۽ پڦاٽ ۽ ماسات جا جدا جدا درجا ۽ سڱ پيدا ٿي پيا هئا. جنهن ساڳئي امر کي پراڻي ڪٽنبي سرشتي ۾ هوند بي مقصد ۽ بي مراد ليکيو وڃي ها. پر هينئر کين (سڱن کي) پهريون دفعو ضروري ۽ بامقصد ليکيو وڃڻ لڳو هو.
گهري ساٿي واري ڪٽنب جي سرشتي ۽ ترتيب کي سمجهڻ سان خون جي رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين جو سمورو آمريڪي انڊين قبيلن وارو ڪٽنبي نظام، جيڪو انفرادي طور تي شادي نڪرڻ واري نظام وارن ماڻهن جي نظرن ۾ بيهودو نظر اچي ٿو، ان کي هينئر عقلي دليلن وسيلي تفصيلي طور تي سمجهي ۽ سمجهائي سگهجي ٿو. انهيءَ ڪٽنبي سرشتي ۽ ترتيب کي سمجهڻ بعد اهو نظام انهن ساڳئين اعتراض ڪندڙ ماڻهن کي بلڪل انصاف تي ٻڌل نظر ايندو.
بني نوع انسان ۾ جيتري قدر به اهو خون جي رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين وارو نظام رائج رهيو هو اوتري قدر ئي گهري ساٿين وارن اصولن تي ٻڌل نظام پڻ منجهن رائج رهيو هو. هن نموني جو ڪٽنبي نظام سچ پچ هوائي ٻيٽن جي قبيلن ۾ رائج رهيو هو ۽ اڄ به زنده حالت ۾ موجود آهي ۽ ان جو پولينيشيا جي سمورن قبيلن ۾عيني مشاهدو به ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن نام نهاد متقي ۽ پرهيزگار يورپي ۽ عيسائي پادري آمريڪي کنڊ ۾ اسپيني پادري جيتري به ڪوشش وٺن ها ته کين هوند انهيءَ ڪافرانه نظام کان ايتري قدر نفرت هرگز نه پيدا ٿئي ها.
جڏهن اسين انهن قديم برٽن لوڪن بابت جيڪي اڃان سوڌو غيرمهذبيت جي وچولي درجي منجهان گذري رهيا هئا، جوليس سيزر جو لکيل تذڪرو پڙهون ٿا ته اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته: ”اهي ڏهن ٻارهن مردن جو ٽولو ٺاهي، سمورا ڄڻا پاڻ ۾ گڏجي اوتري تعداد جي زالن سان جنسي ميلاپ ڪندا هئا. انهن ڏهن ٻارهن مردن جي ٽولن ۾ شامل سڳا ڀائر ٻين سڱن وارن ڀائرن سان گڏجي ۽ پيئر پنهنجي اولاد (پٽن) سان گڏجي، پوءِ سمورا ڄڻا (مرد) پاڻ ۾ گڏجي هڪ ٽولو ٺاهي عورتن جي هڪ ٽوليءَ سان جنسي ميلاپ ڪندا هئا.“ ته انهن دورن لاءِ به انهيءَ گروهي شادين واري نظام کي هڪ وڏي سولي زنده دليل ۽ حجت طور پيش ڪري سگهجي ٿو ۽ نه وري انهن غيرمهذب مائرن وٽ 10 يا 12 بالغ پٽ ئي موجود هوندا هئا، جيڪي هڪ ئي وقت تي 12-10 عورتن کي مشترڪ زالن طور رکي سگهندا هجن.
پر آمريڪي انڊين قبيلن جي خون جي رشتن واري مٽي مائٽيءَ واري نظام ۾، جيڪوگهري ساٿي واري ڪٽنبي سرشتي تي ٻڌل هوندو آهي، گهڻا ڀائر سچ پچ موجود هوندا آهن. اهڙي ڪٽنبي رشتي ۾ مڙس جي سمورن سڳن ڀائرن (ڏيرن) سان گڏ سندس پري جي سوٽن کي به سندس ڀائر شمار ڪيو ويندو آهي. انهيءَ لحاظ کان سيزر وارو ”والدين پنهنجي اولاد سان“ جو محاورو ڏيکاري ٿو ته جوليسس سيزر کي ائين لکندي ضرور غلط فهمي ٿي هوندي.
انهيءَ قسم وارو نظام پيءُ ۽ پٽ، ماءُ ۽ ڌيءُ کي ساڳئي شادي ڪندڙ ڪٽنب مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪري نه ٿو ڇڏي. پر اهي انهيءَ ساڳي گروهه ۾ پاڻ ۾ مساوي حيثيت ۾ شامل رهن ٿا. پر انهيءَ گروهه ۾ شادين ڪرڻ جي مقصد لاءِ پيءُ ۽ ڌيءُ، ماءُ ۽ پٽ ٻاهر رهن ٿا ته ساڳي طرح هيروڊ وٽس ۽ ٻين قديم عالمن جي ڪتابن ۾ ٻين لکتن موجب اها ساڳي رسم يا گروهي شاديون انهيءَ دور جي وحشي ۽ غيرمهذب قومن ۾ به رائج هونديون هيون. انهيءَ امر جي جواز لاءِ مٿي پيش ڪيل سمجهاڻي ڪافي ٿيندي.
موجوده صديءَ ۾ هندستان جي اوڌ جي علائقي ۾ ٺڪر قبيلن ۾ شادين ڪرڻ ۽ سندن ڪٽنبي نظام بابت واٽسن Watoon ۽ ڪي Kye پنهنجي گڏجي لکيل ڪتاب The Pevples of India (هندستان جون قومون) ۾ لکن ٿا ته: ”هو پاڻ ۾ وڏن وڏن ڪٽنبن يا گروهن جي صورت ۾ گڏجي رهن ٿا. (جنسي ميلاپ ڪرڻ لاءِ) منجهن ڪوبه سنڌو يا بندش موجود نه هوندي آهي. جيڪڏهن ڪڏهن به ڪن ٻن مرد ۽ عورت (زال مڙس) جي پاڻ ۾ شادي شده هجڻ جو ذڪر ڪيو ويندو آهي ته چيو ويندو ته: ”سندن (جنسي) تعلقات رواج مطابق معمول تي آهن، يعني سندن پاڻ ۾ نالي ماتر شادي ڪيل آهي.“
نيات ٺاهڻ وارو ادارو اڪثر حالتن ۾ سنئون سڌو گهري ساٿيءَ واري ڪٽنب سان شروع ٿيو هو. آسٽريليا جي قديم انڊين قبيلن وارو طبقاتي سرشتو پڻ ان لاءِ هڪ شروعاتي نقطو ٿي سگهي ٿو. آسٽريليا جي اصلوڪن رهاڪن ۾ به نياتون موجود آهن پر وٽن گهري ساٿي وارا ڪٽنب اڃا پيدا ٿي نه سگهيا آهن، ڇاڪاڻ ته سندن گروهي شادين ڪرڻ جو سرشتو ۽ ان جي ترتيب بلڪل ڪوري، بي ترتيبي ۽ ڏنگي ڦڏي قسم جي هوندي آهي.
گروهي قسم وارين شادين ۾ فقط هڪڙي ئي ڳالهه واضح ۽ يقيني هوندي آهي ۽ اها هوندي آهي ته انهن شادين ۾ هي خبر پئجي نه سگهندي آهي ته اولاد جو پيءُ ڪير آهي؟ پر اولاد جي ماءُ جي خبر هر شخص کي هوندي آهي. اهڙي ماءُ ساري ڪٽنب جي اولاد کي پنهنجو اولاد ڪري ظاهر ڪندي آهي ۽ ڪٽنب جي سموري اولاد لاءِ هڪ ماءُ وارا سمورا فرض ۽ ڪم ڪاريون به ڪندي رهندي آهي، پر اها خبر فقط کيس ئي هوندي آهي ته ڪهڙا ڪهڙا ٻار منجهانئس پيدا ٿيل آهن ۽ ڪهڙا ڪهڙا ٻار فقط سندس رسمي ٻار آهن؟
اهوئي سبب هوندو آهي ته جن به معاشرن ۽ گروهي شاديون ڪرڻ جو رواج موجود هوندو هو يا اڄ به موجود آهي، انهن جي پيڙهين يا نسل جو شجرو پيءُ جو نه پر ماءُ جي طرف کان هلندو آهي. مثلن فلاڻي ڌيءُ فلاڻي عورت جي ڌيءُ فلاڻي عورت وغيره ڏيکاريل هوندو آهي. اهڙي شجري مان مردن جو نالو غائب هوندو آهي. جهڙيءَ ريت پدرانه شجري مان عورتن جا نالا غائب هوندا آهن، پدرانه شجري ۾ فلاڻو مرد پٽ فلاڻو ڄاڻايل هوندو آهي. اها ڪيفيت گهڻو ڪري سمورن وحشي قبيلن ۾ موجود هوندي آهي ۽ انهن قومن ۾ به جيڪي اڃان سوڌو به غيرمهذبيت جي ابتدائي دور مان گذري رهيون هونديون آهن. انهيءَ ٻئي قسم جي کوجنا ۽ تحقيق ڪرڻ جو جس ۽ سهرو به باڪوفن جي سر تي آهي.
ڪٽنب جي تاريخ جي مورخن ۾ باڪوفن پهريون عالم آهي، جنهن کوجنا ڪري، ماءُ جي طرف کان هلندڙ نسلي شجري ۽ ورثي ترڪي جي انهن اصولن کي جيڪي انهيءَ نظام جي بنيادي اصولن مان پيدا ٿيل هئا، سندن صحيح حقيقت کي ڳولي لڌو هو. باڪوفن انهن اصولن جو نالو مادرانه حق Mother Rights رکيو آهي. آئون پاڻ به اختصار طور اهوئي نالو استعمال ڪندو رهندس. ڇاڪاڻ ته پنهنجي لغوي معني، مطلب، مراد ۽ جامعيت جي لحاظ کان مادرانه حق وارو محاورو بلڪل موزون ۽ صحيح به آهي. ڇاڪاڻ ته بعد ۾ پيدا ٿيندڙ قانون جي زبان واري ”حق“ لفظ واري لغوي معني، سماجي علم واري مفهوم ۽ مراد ۾ انساني معاشري ۾ اڃان جنم به نه ورتو هو.
اسين هينئر نموني طور گهري ساٿي واري ڪٽنب جي ٻن مخصوص گروهن جو ذڪر ڪنداسين. پهريون اهو ڪٽنب جنهن ۾ ٻئي سڳيون ۽ خون جي رشتي واريون ڀينرون گڏوگڏ موجود هونديون آهن. (پاڻ ۾ سڳين ماساتين کي سڳيون ڀينر شمار ڪيو ويندو آهي) ۽ سندس اولاد ۽ سندس ماءُ جي طرف وارا سڳا ۽ رشتي جا ڀائر جيڪي اسان وٽ سندس مڙس آهن، موجود هوندا آهن، ته اهڙي صورتحال ۾ اسين ڏسون ٿا ته، انهيءَ دائري ۾ داخل ٿيل سمورا فرد بعد ۾ انهيءَ اداري ۾ هڪ ڪٽنب جا نه پر هڪ نئين پيدا ٿيل اداري يعني نيات جا رڪن بنجي پون ٿا. نياتن جي انهن رڪنن ۾ هي هڪڙي ڳالهه مشترڪ هوندي آهي ته انهن سمورن نيات ڀاتين جو نسلي شجرو هڪڙي ۽ ساڳئي وڏي ڏاڏي مورث عاليه عورت مان هلي ٿو. جنهن جون وارث اولاد عورتون نسل در نسل ۽ پيڙهي در پيڙهي هڪڙي ئي مورث عاليه عورت جي اولاد هجڻ جي ڪري، پاڻ ۾ ڀينرون هونديون آهن پر اهڙن ڀينرن جا مڙس ڪنهن به صورت ۽ حالت ۾ سندن ڀائر نه هوندا آهن. يعني مڙس انهيءَ ساڳي مورث عاليه عورت جو اولاد ٿي نه ٿا سگهن، ان ڪري مڙس انهيءَ قسم واري خون جي رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين واري گروهه مان هرگز ٿي نه ٿا سگهن.
اڳتي هلي انهن ساڳين گروهن پاڻ ۾ گڏجي هڪ نيات جي صورت اختيار ڪئي هئي. مڙس ته برابر مادرانه حق واري شجري مان ٻاهر رهجي ويا هئا، پر سندن ڀينرن جو اولاد گروهه جا رڪن رهجي ويا ٿي. ڇاڪاڻ ته وٽن فقط مادرانه نسل واري شجري کي جائز ۽ صحيح شمار ڪيل هوندو هو. انهيءَ جو بنيادي ڪارڻ هي هو ته اولاد جي ماءُ جي ته هر شخص کي خبر هوندي هئي، پر سندس پيءُ لامعلوم هوندو هو. پر جڏهن رسم يا رواج ڀائرن ۽ ڀينرن جي هڪ ٻئي سان (پاڻ ۾) جنسي ميلاپ ڪرڻ تي بندش وجهي ڇڏي هئي خواه اهي ڀائر ۽ ڀينرون پاڻ ۾ ماءُ جي طرف کان سڳا اولاد هئا يا اهي پري کان پري واري رشتي جا ڀائر ۽ ڀينرون هوندا هئا ۽ جڏهن اها بندش معاشري ۾ پڪي طور تي رائج ٿي ويئي هئي ته مٿين سمورن گروهن ڦري هڪ نيات جي صورت اختيار ڪئي هئي. يعني هنن پاڻ ۾ مادرانه حق واري شجري جي مطابقت ۾ هڪ اهڙي سخت، بي لچڪ، ٺوٺ، محدود پر پڪي پختي قسم جي دائري اندر بند ڪري ڇڏيو هو. جنهن ۾ هڪ ٻئي سان جنسي ميلاپ ڪرڻ وارو عمل ناجائز ۽ حرام بنجي ويو هو. انهيءَ معاشري ۾ هن نئين پيدا ٿي پيل اداري کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ خاطر انهن رڪنن مٿس سماجي ۽ مذهبي رنگ چاڙهي، پاڻ کي ساڳئي قبيلي اندر ٻين نياتن جي مقابلي ۾ کانئن هڪ مختلف ۽ جدا قسم جي نيات بنائي پيش ڪيو هو.
ان بابت اسين اڳتي هلي وڌيڪ تفصيلي ذڪر ڪنداسين. اسين جڏهن ڏسون ٿا ته نيات نه رڳو پاڻ کي ضرورت جي تحت بلڪ ظاهري طور تي به گهري ساٿي واري ڪٽنب مان ارتقا ڪندي ڪندي ڌار ڪري ڇڏيو هو ته انهيءَ حالت ۾ اسان کي هن امر جي پڪي گمان ۽ قياس ڪرڻ جو حق به حاصل آهي ته انهيءَ ساڳئي قسم وارو ڪٽنب انهن سمورين قومن ۾ ڪٿي نه ڪٿي ضرور موجود به هوندو جن ۾ نياتي ادارن کي ڳولي هٿ ڪري سگهجي ٿو. اهڙين قومن ۾ دنيا جون گهڻو ڪري سموريون معلوم مهذب خواه غيرمهذب قومون شامل هونديون آهن.
جڏهن مون پنهنجو اڳيون ڪتاب لکي شايع ڪيو هو ته ان وقت گروهي شادين بابت اسان جي معلومات تمام محدود هوندي هئي. اسان کي آسٽريليا جي قبيلن ۾ رائج گروهي شادين جي ڪا خبر نه هوندي هئي. اهي قبيلا طبقن ۾ ورهايل هوندا هئا. ٻي ڳالهه ته مارگن اهو ڪتاب 1871ع ۾ شايع به ڪري ڇڏيو هو. مارگن پنهنجي ڪتاب ۾ فقط هوائي ٻيٽن وارن گهري ساٿي وارن ڪٽنبن بابت موصول ٿيل احوالن کي نظر ۾ رکي اهو ڪتاب لکيو هو. اسين هڪ طرف گهري ساٿي وارن ڪٽنبن جي آڌار تي آمريڪي انڊين قبيلن ۾ رائج خون جي رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين واري ڪٽنبي نظام کي سمجهي سگهيا هئاسين.
مارگن به انهيءَ ساڳئي نظام کي هڪ طرف پنهنجي کوجنا ۽ تحقيق ڪرڻ لاءِ هڪ ابتدائي نقطي طور ڪتب آندو هو ۽ ٻئي طرف اهو ساڳيو نظام مادرانه حق وارين نياتن جي بنيادن ۽ حسب نسب کي ڳولي لهڻ جي راهه تي اسان جو پهريون قدم هو. اهو مادرانه حق تي ٻڌل نيات جو نظام هر لحاظ کان آسٽريليا جي قديم قبيلن جي طبقاتي نظام کان وڌيڪ اوچو ۽ اعليٰ قسم جو ڪٽنبي نظام هو. ان ڪري اسان کي هينئر خبر پوي ٿي ته مارگن صاحب ڇو جفتي ڪٽنب واري درجي تائين پهچڻ لاءِ گهري ساٿيءَ واري ڪٽنب کي هڪ لازمي درجو قرار ڏئي ٿو؟ ۽ هو ان سان گڏجي قياس ۽ گمان به ڇو ٿو ڪري ته اهو ساڳيو ادارو قديم زماني کان وٺي هلندو آيو آهي؟
مارگن واري ڪتاب جي شايع ٿيڻ بعد اسان کي ٻين به ڪيترن ئي گروهي شادين وارن نمونن جي به خبر پوي ٿي. اسين هينئر سمجهي سگهيا آهيون ته انهيءَ ڏس ۾ مارگن پنهنجي تحقيق ڪندي ڪندي تمام پري نڪري ويو آهي. کيس گهري ساٿي واري ڪٽنب جي تحقيق ڪندي ڪندي، کانئس به هڪ وڏي قسم جو ڪلاسيڪي نموني جي گروهي شادين رچائڻ جو هڪ نئون نمونو يا ماڊل هٿ اچي ويو هو. جنهن جي وسيلي هو ان کان به وڌيڪ اوچي قسم واري درجي ڏانهن ارتقا ڪرڻ جي عمل کي وڏي سولائي ۽ وڌيڪ چٽائيءَ سان سمجهائي سگهيو هو.
انهيءَ ساڳي ڏس ۾ اسين هڪ انگريز عيسائي پادري Lormier Fison لاريمرفيسون جا به ٿورائتا آهيون، جنهن اسان کي گروهي شادين بابت معلومات فراهم ڪئي آهي. هن پادري صاحب انهيءَ اداري جي وطن آسٽريليا ۾ پاڻ وڃي، اتي جو باقاعده رهاڪو بنجي، انهيءَ نموني جي ڪٽنبن جو گهرو مطالعو ڪيو هو. کيس آسٽريليا ۾ سائوٿ ويلس صوبي ۾ مائونٽ گمبر جي نيگرو انڊين قبيلن سان گڏجي رهڻ جو موقعو نصيب ٿيو هو. اهي قبيلا انساني ارتقا جي اوائلي دور کان وٺي اتي جو اتي موجود آهن. اهو سارو قبيلو ڪروڪي ۽ ڪومائيٽ نالي ٻن مکيه وڏن حصن ۾ ورهايل آهي. انهن حصن ۾ هڪ طرف پنهنجي طبقي جي اندر پاڻ ۾ جنسي ميلاپ ڪرڻ تي سخت بندش پيل آهي. پر ٻئي طرف تي هڪ قبيلي ۾هر پيدا ٿيل مرد ٻئي قبيلي جي هر پيدا ٿيل عورت جو مڙس هوندو آهي. اها عورت ڄمندي ئي سندس زال هوندي آهي. انهيءَ نموني واري شادي ۾ ڪنهن به فرد جي عمر يا خون جي رشتن تي ٻڌل ڪنهن به مٽي مائٽي جوڪوبه لحاظ نه ڪيو ويندو آهي. ڪو مائٽ قبيلي جي هر عورت، قانوني (رسم جي) طور تي هر ڪروڪي مرد جي زال هوندي آهي. سندس مادرانه حق واري شجري جي جدول مطابق، مثلن: ”ڪنهن ڪروڪري مرد جوڪنهن مائٽ عورت مان پيدا ٿيل ڇوڪري (ڌيءُ) ڪروڪري قبيلي (مرد واري مان نه پر مائٽ (زال واري) طبقي مان شمار ٿئي ٿي. انهيءَ ڪري سندس اها ڇوڪري (ڌي) ڄمندي ئي خودبخود ڪروڪري قبيلي جي هر مرد جي زال بنجي پوي ٿي. انهن مردن (مڙسن) ۾ خود سندس اهو پيءُ (مائن سان جنسي ميلاپ ڪندڙ شخص جنهنجي نطفي مان اها ڇوڪري (يا ڌي) ڄائي آهي)، پڻ شامل هوندو آهي. يعني انهي پيءُ تي پنهنجي نطفي مان پيدا ٿيل ڌيءُ سان جنسي ميلاپ ڪرڻ تي ڪابه بندش پيل نه هوندي آهي. يعني هو (پيءُ) به پاڻ وري ڌيءُ جو هڪ مڙس شمار ٿئي ٿو.
ان ڪري چئبو ته اهو خيال ان وقت پيدا ٿيو هوندو جڏهن قبيلي جي اندر ڇڙواڳ جنسي ميلاپ ڪرڻ کلي روڪڻ جو (مخالف ڪرڻ جو) هڪ خفيف جذبو پيدا ٿيو هوندو ۽ انهيءَ دور ۾ والدين جي اولاد سان ۽ اولاد جي والدين سان جنسي ميلاپ ڪرڻ کي ايترو برو نه سمجهيو ويندو هو. انهيءَ حالت ۾ انهيءَ قسم وري طبقاتي نظام جي هن سئين سڌي بي ضابطگيءَ واري جنسي ميلاپ ڪرڻ جي خلاف عام راءِ ۽ آواز اٿيو هوندو يا ته وري خود طبقن جي پيدا ٿيڻ وقت رسم جي قانون والدين ۽ اولاد جي وچ ۾ جنسي ميلاپ ڪرڻ واري عمل تي اڳ ۾ ئي بندش وجهي ڇڏي هوندي. ته انهيءَ حالت ۾ به اهو رواج خون جي رشتن تي ٻڌل انهن جي مائٽن ڏانهن اشارو ڪري ٿو جن مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ اهو وڌيڪ موزون ۽ ممڪن نظر اچي ٿو. جيتري قدر مون کي خبر آهي ته والدين ۽ اولاد جي وچ ۾ باقاعده طور تي شاديون (جنسي ميلاپ ڪرڻ جي عمل لاءِ) ڪرڻ جو ڪوبه اطلاع يا خبر نه پئي آهي. پر پوئين قسم واري خارجانه پيدا ٿئي ٿو ته، انهن بندشن جي معاشري ۾ رائج ٿي وڃڻ کان اڳ ۾ ضروري والدين ۽ اولاد جي وچ ۾ جنسي ميلاپ ڪرڻ واري عمل تي ڪابه بندش پيل نه هوندي هئي. ڇاڪاڻ ته خود ڪنهن بندش جي معاشري ۾ موجودگي خود ان کان اڳ ۾ انهيءَ بندش جي معاشري ۾ عدم موجودگيءَ جو واضح ثبوت هوندي آهي.
ساڳيءَ طرح جنوبي آسٽريليا ۾ مائونٽ گمبير کان سواءِ ڊارلنگ درياهه جي ٻنهي ڪنارن ۽ ڪئينس لينڊ جي صوبن ۾ به اسان کي ساڳيا ٻن طبقن وارا ڪٽنبي نظام موجود ملن ٿا. ان ڪري چئبو ته اهي ٻن طبقن وارا ڪٽنبي نظام آسٽريليا کنڊ ۾ تمام پري پري تائين پکڙيل آهن. انهن ڪٽنبي نظامن ۾ فقط هڪ ئي ماءُ مان (پي مان نه) ڄاول سڳن ڀائرن ۽ ڀينرن کي ۽ ڀائرن جي اولادن جي وچ ۾ ۽ ماءُ جي طرف کان ڀينرن جي اولاد جي وچ ۾ هڪ ٻئي سان شاديون نه ڪرڻ کان روڪيو ويو هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته اهي سمورا سڱ هڪ ۽ ساڳئي طبقي ۾ شامل شمار ڪيا ويل هوندا آهن. پر ڀائرن جي اولاد ۽ ڀينرن جي اولاد کي هڪ ٻئي سان شادين ڪرڻ جي اجازت حاصل هوندي آهي.
آسٽريليا جي نيو سائوٿ ويلس صوبي ۾ ڊارلنگ درياهه تي رهندڙ ڪميلا روئي قبيلي ۾ پڻ خون جي ويجهن رشتن ۾ هڪ ٻئي سان شادين ڪرڻ کي روڪڻ لاءِ ٻيا به ڪي قدم کنيا ويا آهن. هتي ٻن اصلوڪن قبيلن کي وڌيڪ ورهاست ڪري منجهائن چار نوان طبقا پيدا ڪيا ويا آهن. جن مان هر طبقو مقرر ڪيل طبقي مان شاديون ڪري ٿو. پهريان ٻئي طبقا ڄمڻ شرط ئي هڪ ٻئي جا مڙس ۽ زالون بنجي پون ٿا. منجهائن ڄاول ٻار ڦري ٽئين ۽ چوٿين نمبر طبقن جا رڪن بنجي پون ٿا. پر هن ڪٽنبي نظام ۾هي لحاظ ضرور رکيو وڃي ٿو ته، اولاد واري ماءُ ضرور پهرئين يا ٻئي نمبر طبقي مان هجڻ گهرجي. ٽئين ۽ چوٿين نمبر طبقي مان ڄاول يعني ماروٽ ۽ ماسات پاڻ ۾ زال مڙس ٿي نه ٿا سگهن، پر سندن پوٽا ۽پوٽيون پاڻ ۾ زال مڙس ٿي سگهن ٿا.
هي هڪ عجيب قسم جو مادرانه حق جي بنيادن تي مصنوعي طور تي نيات جي ٺاهڻ جو هڪ منجهيل رشتو آهي، جيڪو نيات جي ٺهي راس ٿي وڃڻ کان پوءِ ازخود هڪ وڌيڪ منجهائيندڙ قسم جو ادارو بنجي پوي ٿو. جنهن جي وڌيڪ تفصيل ۾ وڃڻ ۾ ڪوبه فائدو نه آهي.
ڪٽنب جي ادارن جي ارتقا جي مطالعي ڪرڻ جي دوران، اسان کي فقط هڪڙي امر کي ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته ڪيئن نه ڪٽنب جي ارتقا جي دوران، ڪٽنب جي اندر هڪ ٻئي سان شاديون ڪرڻ واري رواج کي روڪڻ وارو جذبو ۽ خيال لاشعوري طور تي وري وري دخل انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو؟ پر سندس اهو دخل اندازي ڪرڻ جو طريقو هڪ تمام ڪوجهي، پاڻ مرادي ۽ مقصد کان بي خبر رهندي ارتقا ڪندو رهي ٿو. گروهي شادين ڪرڻ جو رواج جيڪو هن دور ۾ آسٽريليا کنڊ جي وحشي قبيلن ۾ طبقاتي شادين واري دور ۾هلي رهيو آهي، جنهن ۾ ڪنهن فرد يا ڪن فردن جي گروهه جي بجاءِ (مردن وارو) سمورو طبقو پاڻ ۾ گڏجي بهرو وٺي ٿو. ساري آسٽريليا کنڊ ۾ پکڙيو پيو آهي. ساڳي ريت عورتن وارو سمورو طبقو به سندس مطابقت ۾ پکڙيل هوندو آهي. اهو گروهي شادين ڪرڻ جو رواج ايتري قدر چڪلن ۽ زناڪاري بدبودار تخيل ۽ ڪردار ۾ ٻڏل سڌريل مهذب قومون ان کي سمجهن ٿيون.
اسين جڏهن انهن گروهي شاديون ڪندڙ ادارن جو ڳوڙهو مطالعوڪريون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ته اهي ادارا ايتري قدر پليد قسم جا هرگز نه هوندا آهن، جيتري قدر يورپي معاشري واري چڪلائي ذهنيت کين بدنام ڪيو آهي. يورپي عالمن انهيءَ بابت هٿ وٺي ڄاڻي ٻجهي هڪ غلط قسم جي تصور کي اختراع ڪيو آهي. ان جي برعڪس انگريز لوڪ جن کي آسٽريليا کنڊ ۾ داخل ٿئي سالن جا سال گذري چڪا آهن، کين هيءَ ڳالهه وهم ۽ گمان ۾ به نه هئي ته ڪا اهڙي قسم جي رسم اتي به موجود هوندي. انهيءَرسم جي موجودگيءَ ۽ لاموجودگيءَ بابت تڪرار ۽ بحث مباحثي ڪرڻ فقط هينئر منهن ڪڍيو آهي. سراسري طور تي ڏسندڙ مبصرن جي نظرن ۾ هن قسم جون شاديون ڄڻ ته ڪنهن ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري قسم جي شادين جو ڦلهڙو قسم هوندو آهي ۽ ڪن ڪن جاين تي ته ماڳهين انهيءَ قسم واريون شاديون کين وري ”هڪ مڙس گهڻيون زالون“ نظر آيون ٿي. جن ۾ ڄڻ ته ڪڏهن ڪڏهن جنسي بيوفائي ڪرڻ جا واقعا رونما ٿي پون ٿا. پر اهڙن رسمن ۽ قانونن کي ڳولي لهڻ ۽ سندن تهه تائين پهچڻ لاءِ سالن جي محبت، تحقيق، تفتيش ۽ کوجنا ڪرڻ لاءِ ساڻن گڏجي رهڻ۽ باريڪ بيني سان مشاهدي ڪرڻ جي اهڙي ريت ضرورت پوندي آهي. جهڙيءَ ريت مسٽر فيسون Fison ۽ هاوٽ Howitt صاحبن پاڻ ۾ گڏجي ڪئي هئي. هن قسم واريون شاديون عملي طور تي، عام رواجي حالتن ۾ يورپي لوڪن کي خود سندن ئي شادين ڪرڻ وارين رسمن ۽ رواجن جون ئي يادگيريون ڏيارين ٿيون. هڪ اهڙو سماجي قانون ۽ رسم جنهن آسٽريليا جو هڪ نيگرو انڊين، نوجوان جيڪو پنهنجن اباڻن ڪکن کان هزارين ميل پري اهڙين قومن ۾ رهندڙ هجي، جن جي زبان به کيس سمجهه ۾ نه ايندي هجي ۽ هو هڪڙي ماڳ تان اٿي ٻئي ماڳ ائين ڦرندو رهي ۽ هڪڙي قبيلي کان هلي ٻئي قبيلي تائين پهچندو رهي ۽ هي عجيب رنگ ڏسي خوش ٿئي ته مقامي عورتون بنا ڪنهن حجاب شرم ۽ تڪلف جي کيس پاڻ مرادو پنهنجا جسم سوپينديون رهيون هجن ۽هو اهو رنگ به ڏسي ته، گهڻين زالن جا مڙس پاڻ به بي حجاب ٿي پنهنجي هڪ زال کي ساڻس سمهڻ لاءِموڪلي ڏيندو هجي ته سندس وات ضرور عجب ۾ پٽيل رهجي ويندو، جنهن معاشري کي هڪڙو يورپي انسان بداخلاقي ۽ لاقانونيت سان ڀريل سمجهندو هجي، پر حقيقت ۾ اها سموري واردات ۽ ماجرا هڪ پڪي پختي قانون تي بيٺل هجي ۽ اهو معاشرو ان تي وڏي معصوميت ۽ پابنديءَ سان عمل به ڪندو هجي ته اهڙي قسم جي نظاري جي حقيقت اصل ۾ فقط هن قدر هوندي آهي ته اهي سموريون پاڻ سونپيندڙ قبائلي عورتون پنهنجي قبيلي کان ٻاهر ڌارين قبيلن جي مردن سان شاديون ڪندڙ طبقي سان واسطو رکندڙ هونديون آهن. ان ڪري اهي قبائلي عورتون ڄمندي ئي ڪنهن ڌارئي قبيلي جي مردن جون زالون بنيل هونديون آهن ۽ اهو مثال وارو اجنبي مسافر شخص به سندن (عورتن جي) خيال رسم ۽ سماجي عقيدي موجب سندن لاءِ ٻين ڌارين قبيلن جي ٻين مردن وانگر هڪ ڌارئي قبيلي جو مرد هوندو آهي. ان ڪري ساڻس سمهڻ ۾ سندس (عورت واري) قانون موجب اهو عمل هڪ جائز ۽ احسن عمل هوندو آهي. يعني اهو ساڳيو اخلاقي قانون جنهن موجب هڪڙو شخص خودبخود انهيءَ ٻئي (ڌارئي قبيلي يا طبقي واري) شخص جي ملڪيت بنجي پوي ٿو، جيڪي طبقا سندس رسم ۽ قانون موجب اڳ ۾ ئي هڪ ٻئي جي ملڪيت شمار ڪيل هوندا آهن.
اهو ساڳيو قانون مٿين انهن طبقن کان ٻاهر جنسي ميلاپ ڪرڻ تي بندش ۽ پابندي وجهي ٿو. جنهن قانون کان انحرافي ڪندڙ شخص (سندن قانون ۽ رسم موجب) جلاوطنيءَ جي سزا جو مستحق بنجي پوي ٿو. آسٽريليا جي ڪن علائقن ۾ته مورڳو عورتن کي زوري زبردستيءَ اغوا ڪري کڻي وڃڻ جي (اها ڳالهه سندن معاشري ۾ ورلي ٿيندي آهي) رسم سندن معاشري جو هڪ تسليم شده جائز قانون هوندو آهي. انهيءَ رسم ۾ به طبقه ورانه قانون تي سختيءَ سان عمل ڪيو ويندو آهي. اسان کي ته خود عورتن کي زوريءَ زبردستيءَ اغوا ڪري شادي ڪرڻ واري ڪٽنبي عمل ۾به انفرادي طور تي شادي ڪرڻ واري اداري ڏانهن ارتقا ڪرڻ جا ظاهر اهڃاڻ نظر اچن ٿا. گهٽ ۾ گهٽ جفتي شادين جي شڪل ۾!
اسان جو ذاتي مشاهدو آهي ته خود مهذب ملڪن ۾ به، جيڪڏهن ڪو نوجوان مرد ڪن دوستن جي مدد سان ڪنهن عورت کي ڪاميابيءَ سان زوري اغوا ڪري ويندو آهي ته انهيءَ حالت ۾ سمورا اغوا ڪندڙ دوست پاڻ ۾ گڏجي انهيءَ اغوا ڪيل سان جنسي ميلاپ ڪندا آهن. جنهن ميلاپ ڪرڻ بعد آئنده لاءِ کيس (اغوا ڪيل عورت کي) فقط انهيءَ هڪڙي مرد جي زال تصور ڪيو ويندو آهي. جنهن شخص اصل ۾ انهيءَ عورت کي اغوا ڪرايو هو. ان جي ابتڙ جيڪڏهن اها ساڳي اغوا ڪيل عورت، کيس اغوا ڪندڙ مرد کي ڇڏي، وري ڪنهن ٻئي مرد هٿان اغوا ٿي يا ساڻس بدراهه ٿي کانئس جان ڇڏائي ڀڄي ويندي آهي ته اها ساڳي عورت ڦري نئين اغوا ڪندڙ مرد جي زال بنجي پوي ٿي. يعني پهرين اغوا ڪندڙ مرد جو اغوا ڪيل عورت تي ازدواجي حق خوبخود ختم ٿي ويندو آهي.
ان ڪري چئبو ته، زال ۽مڙس جا باهمي خالص ۽ منفرد جنسي تعلقات گهڻي يا ٿوري وقت لاءِ جفت يا جوڙو ٿي رهڻ ۽”هڪ مڙس گهڻيون زالون“ واري رسم پاڻ کي گروهي شادين واري نظام جي اندر يا ان سان گڏوگڏ قائم ڪري ٿي ۽ اهو نظام عام طور تي قائم به رهي ٿو. ان ڪري هن حالت ۾به گروهي شادين ڪرڻ جو نظام به آهستي آهستي ختم ٿيندو وڃي ٿو. سوال فقط هي بچيو ته، يورپي اثر هيٺ اچي وڃڻ سان انهن مان ڪهڙو ڪٽنبي نظام اڳ ۾ ختم ٿي ويندو؟ گروهي شادين وارو نظام؟ يا خود آسٽريليا وارو نيگرو قبائلي معاشرو جنهن ۾ اهو رواج هلندڙ آهي؟ خير سمورن طبقن واري حالت ۾ شادي ڪرڻ جو ادارو جنهن نموني ۾ آسٽريليا ۾ رائج آهي، هر حالت ۾ هڪ طرف هڪ قسم جي هيٺاهين درجي ۽ قديم ترين شادين ڪرڻ واري ادارن جو هڪ زنده نمونو آهي ۽ ٻئي طرف ساڳئي وقت تي هڪ گهري ساٿي واري ڪٽنب جو نمونو به آهي. انڪري اهو ادارو انهيءَ ساڳئي سماجي نظام جي وڏي ۾ وڏي ارتقائي حد ثابت ٿئي ٿو.
انهن طبقاتي قسم وارين شادين ۾ پهرين قسم واريون شاديون انهيءَ نموني جون هونديون آهن، جيڪو نمونو خانه بدوش ۽ وحشي قبيلن واري سماجي درجي سان بلڪل ٺهڪي اچي ٿو ۽ ٻئي قسم وارين شادين وارو نمونو هڪ قسم جي اشتراڪي قسم جو ڪٽنب يا گهر ٺاهي رهڻ وارن قبيلن جو گمان پيدا ڪري ٿو. اهو پويون نمونو اڳتي هلي ٻئي نمبر واري دور ۾ داخل ٿئي ٿو. اهڙيءَ طرح اهو نمونو ڦري ٻنهي نظامن جي وچ وارو نمونو بنجي پوي ٿو. جيڪو وري انهيءَ نئين دور ۾ داخل ٿيڻ بعد ئي اسان جي سامهون وڌيڪ کوجنا ۽ تحقيقات ڪرڻ جو هڪ اهڙو نئون رستو کولي ڇڏي ٿو، جنهن رستي تي اسان کان اڳ ۾ ڪوبه شخص نه هليو هوندو آهي.
[b]2- جفتي ڪٽنب Pairing:
[/b]خود گروهي شادين جي دور يا ان کان به اڳ ۾ ڪي ڪي عورتون ۽ مرد ٿوري يا گهڻي وقت لاءِ پاڻ ۾ گڏجي جوڙو جوڙو يا جفت ٿي رهندا هئا. ”هڪ مڙس گهڻين زالن“ واري ڪٽنب ۾ جڏهن مڙس ڪنهن هڪ خاص زال کي ٻين سمورين زالن کان وڌيڪ پيار ڪندو هو ته ان ڪري اها خاص زال سندس مک زال يا سندس ڪٽنب جي پٽ راڻي بنجي پوندي هئي ۽ اهو مڙس به انهيءَ زال جي گهڻن مڙسن مان سندس مکيه پيارو مڙس بنجي پوندو هو. انهيءَ صورتحال ۾به انهن يورپي پادرين کي وڏي مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو هو. جن ويچارن کي اڳ ۾ گروهي شادين جي اداري ۾ڪڏهن زالن ۽ ڪڏهن مڙسن واري هڪ بي ترتيبي گوڙ، هجوم ۽ جنسي ڀائيواري ۽ سندن پاڻ ۾ گڏجي جنسي ميلاپ ڪرڻ واري عمل وقتي مونجهاري ۽ حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو.
گروهي شادين ۾ جنسي ميلاپ ڪرڻ وارو جائز ۽ حلال عمل، يورپي پادرين جي نظرن ۾ وڏي پيماني تي زناڪاري جو فحش عمل هوندو هو. پر جيئن جيئن منجهن نياتون قائم ٿينديون ويون هيون ۽ جفتي شادين ڪرڻ جو رواج ۽ نظام به عام ٿيندو اهميت وٺندو ويو هو، تيئن تيئن ”ڀائرن“ ”ڀينرن“ وارن طبقن، جن ۾ هن وقت پاڻ ۾ شاديون ڪرڻ ناممڪن بنجي چڪو هو، جو تعداد به وڌندو ويو هو. نياتن واري اداري به پنهنجي ٺهڻ سان خون جي رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين جي هڪ ٻئي سان شادين ڪرڻ وارن لاڙن، رجحانن ۽ خواهشن کي قطعي طور تي بند ڪري ڇڏڻ ۾ وڏي مدد ڪئي هئي. انهن ساڳين لاڙن ۽ رجحانن به عوام يعني مردن توڙي عورتن ۾هڪ ٻئي سان جوڙو جوڙو ٿي زال ٿي رهڻ جي معاملي کي گهڻي قدر وڌائي ڇڏيو هو.
اسين هينئر ڏسون ٿا ته آمريڪي انڊين ايروڪواس قبيلن ۽ انهن ٻين قبيلن ۾ جيڪي غيرمهذبيت جي اوائلي درجي ۾ هوندا هئا. سندن نظامن ۾، سمورن خون جي رشتن ۾ پوتل انهن مٽين مائٽين جن ۾ هڪ ٻئي سان شادين ڪرڻ تي بندش پيل هوندي آهي ۽ انهن رشتن جا به سوين قسم ۽ نمونا موجود هوندا آهن ۽ انهن بندشن ۽ مٽين مائٽين واري ڄار پاڻ ۾ گڏجي سڏجي قديم گروهي شادين ڪرڻ واري رسم کي ناممڪن بنائي ڇڏيو هو. انهيءَ دور ۾ پهچي کين هينئر خودبخود جفتي شادين ڪرڻ جي ضرورت پيدا ٿي پئي هئي. انهيءَ دور ۾ گهڙندي ئي هڪ مڙس فقط هڪ زال سان گڏجي ازدواجي حياتي گذاري ٿو پر هو پنهنجي اها ازدواجي زندگي به اهڙي نموني ۾ گذاري ٿو، جيئن هو موقعي ۽ ضرورت آهر گهڻين زالن سان پرڻجي سگهڻ ۽ ڪڏهن ڪڏهن محض جنسي ميلاپ ڪرڻ جي نئين مزي وٺڻ خاطر انهيءَ خاص هڪڙي شادي ڪيل زال سان جنسي بيوفائي ڪرڻ وارو حق وڏي سولائي ۽ بنان ڪنهن رڪاوٽ جي استعمال ڪري سگهي. يعني کانئس اهو زال سان جنسي بيوفائي ڪرڻ جو حق ڪڏهن به کسجي نه سگهي. جيتوڻيڪ هو معاشي ۽ اقتصادي طور تي گهڻين زالن سان هڪ ۽ ساڳئي وقت تي پرڻجڻ جو اهل به نه رهيو هو. يعني هن لاءِ معاشي طور تي هڪ ئي وقت تي گهڻيون زالون رکي سگهڻ مشڪل ڪم بنجي چڪو هو. انهيءَ معاشي رڪاوٽ جي باوجود به اهو مڙس صاحب جنسي ميلاپ ڪرڻ جي معاملي ۾ انهيءَ هڪ خاص زال کان سخت قسم جي جنسي وفاداري جي اميد به رکڻ لڳو هو. ايتري قدر جو انهيءَ هڪ خاص زال جي ٿوري به ٻاهر پير ڪڍڻ تي هو کيس وڏا عذاب ڏيندو هو. انهيءَ رجحان جي موجودگيءَ جي باوجود به ڌرين جي وچ ۾ شادي واري ڳنڍ کي ختم ڪري ڇڏڻ بلڪل سولو هوندو هو ۽ معاشري ۾ گذري ويل دور وانگر اولاد ئي فقط ماءُ جي حق کي تسليم ڪيل ويل هوندو هو. انهيءَ دور ۾ خون جي رشتي وارن مائٽن جي وڇ ۾ پاڻ ۾ شادين ڪرڻ تي بندش وارو دائرو به وڌندو ويو هو. انهيءَ واڌاري جي ڪري ”چونڊ ڪري شادي ڪرڻ“ جو رواج به پختو ٿيندو ويو هو.
مارگن جي لفظن ۾ ”غير خوني رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين ۾ شادين ڪرڻ جي ڪري نئون پيدا ٿيل نسل ذهني خواهه جسماني طور تي اڳين نسلن کان وڌيڪ صحتمند ٿيندو ويو هو. جڏهن به ڪي اسرندڙ قبيلا ٻين ۾ شادين ڪرڻ واسطي گڏجي هڪ قوم ٺاهين ٿا ته انهيءَ نئين پيدا ٿيل قوم جي فردن جا مغز ۽ دماغ به وڌي وڏا ٿي وڃن ٿا. منجهن ٻنهي قبيلن جون خوبيون گڏ ٿي سمائجي وڃن ٿيون. ان جو نتيجو هي نڪري ٿو ته نياتن تي ٻڌل قبيلا، کانئن گهٽ درجي واري ڪٽنبي نظام تي هلندڙ قبيلن کي زندگي جي هر ميدان تي شڪست ڏئي وڃن ٿا ۽ پنهنجي انهيءَ مثال سان معاشري جي ٻين قبيلن کي وري ساڳي طرح عمل ڪرڻ لاءِ رهبري۽ روشنائي بخشيندا هلن ٿا.“
ان ڪري چئبو ته قبل تاريخي دور ۾ ڪٽنب جي ارتقا، ڪٽنب جي دائري کي گهٽائيندي هڪ وڌيڪ ننڍو دائرو ٺاهيندي هلندي رهي هئي. اهو دائرو شروعات ۾قبيلي جي سمورن فردن (مردن ۽ عورتن) کي وڪوڙيو بيٺو هوندو هو. جنهن ۾ شال سمورا مرد ۽ عورتون پاڻ ۾ شادي جي شڪنجي ۾ جڪڙيل ۽ڪشيل هوندا هئا. هينئر انهيءَ شڪجني کي ٿورو ڍرو ڪيو ويو هو ته ان مان پهريائين سمورا خون جي رشتن تي ٻڌل مٽ مائٽ واري واري سان ٻاهر نڪرندا ويا هئا ۽ آخر ۾ اهي فرد به ٻاهر نڪري ويا جيڪي محض شادي جي ڪري پاڻ ۾ مائٽ (سيڻ) هوندا هئا. يعني ٻنهي گهوٽ ۽ ڪنوار جا پيڪا ۽ ساهرا.
اهڙيءَ ريت گروهي شادين ڪرڻ جي هر نموني ۽ قسم کي ناممڪن بنايو ويو هو. آخر اهو سلسلو هلندو هلندو اچي اهڙي نموني بيهي رهيو هو جنهن ۾ شادي واري شڪنجي ۾ فقط هڪ جوڙو يعني هڪ مڙس ۽ هڪ زال باقي رهجي ويا هئا. جن جي وچ ۾ به شادي واري ڳنڍ ڍرڙي ٻڌل هوندي هئي. يعني فقط هڪ اهڙو نقطو جنهن کي ميساري ڇڏڻ سان خود شادي جي اداري جو وجود ئي ختم ٿي ويندو هو.
انهيءَ هڪڙي ئي حقيقت مان هيءَ ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته جڏهن ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي جي اداري جو آغاز ٿيو هو ته موجوده وقت واري انفرادي جنسي پيار ۽ ازدواجي محبت کي ان ۾ ڪوبه دخل نه هوندو هو. انهيءَ درجي ۾ هلندڙ قومن جو خود جنسي ميلاپ ڪرڻ وارو عمل ئي انهيءَ حقيقت کي ثابت ڪري ٿو. اڳين وقتن واري ڪٽنبي نموني ۾ مڙس کي زال هٿ ڪرڻ جي ڄڻ ته ڪا ضرورت ئي نه پوندي هئي. معاشري ۾ زالون مورڳو بچت ۾ هونديون هيون. پر شڪنجي مان نڪري آزاد ٿي وڃڻ بعد زالون ڄڻ ته بنهه گم ٿي ٿي ويون. جن کي هينئر ڳولي هٿ ڪرڻو پئجي ٿي ويو. ان جو نتيجو هي نڪتو هو ته جفتي شادين ڪرڻ جي رواج پوڻ سان ئي عورتن کي زوري اغوا ڪري وڃڻ يا کين خريد ڪري اچڻ جا ادارا هڪ وڏي پيماني تي کلي ويا هئا. مئڪلينن به اهڙن ڪٽنبن ٺاهڻ وارن نمونن جي ادارن کي ”عورت کي اغوا ڪري شادي ڪرڻ ۽ خريد ڪيل عورت سان شادي ڪرڻ جا نالا ڏئي ٿو.“ آمريڪي انڊين قبيلن ۽ ٻين ڪيترن ئي ساڳئي درجي جي قبيلن ۾ زالن مڙس جي پاڻ ۾ شادي ڪرڻ جو معاملو ٿيندڙ ڪنوار ۽ گهوٽ جي هٿن ۾نه رهيو هو. انهيءَ معاملي ۾ هينئر کانئس پڇو به نه ٿي ويو. انهيءَ معاملي کي هينئر سنئون سڌو سندن مائرن جي هٿن ۾ ڏنو ويو آهي. پاڻ ۾ ٻين اڻ واقف مرد ۽ عورت کي پهريائين زال مڙس طور مڱايو وڃي ٿو. انهيءَ مڱڻي جي کين خبر به ان وقت ڏني وڃي ٿي جڏهن خود شادي ڪرڻ جو موقعو اچي سندن سرن تي بيهي ٿو. شادي ڪرڻ کان اڳ ۾ ٿيندڙ گهوٽ کي ٿيندڙ ڪنوار جي نيات ڀاين کي سوکڙيون پاکڙيون ڏيڻيون پون ٿيون. انهيءَ نيات ۾ ماءُ جي طرف جا عزيز قريب شامل هوندا آهن، پر پيءُ جي طرف وارا مٽ مائٽ شامل نه هوندا آهن. اهي ڏنل سوکڙيون پاکڙيون ڄڻ ته ڪنوار جي خريد ڪرڻ واري قيمت هونديون آهن پر انهيءَ شاديءَ کي ختم ڪرڻ جو حق وري به ٻنهي ڌرين يعني مڙس ۽ زال کي حاصل هوندو آهي.
قبيلي جي اندر اڳتي هلي ۽ خاص طور تي ايروڪواس قبيلن ۾ ٻنهي ڌرين جي جدائي (طلاق) جي خلاف عام راءِ پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويئي هئي. جڏهن به ڪنهن مڙس ۽ زال جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيڻ شروع ٿي پون ٿا ته ٻنهي ڌرين جا نيات ڀائي کين پاڻ ۾ پرچائڻ لاءِ ڪوشش شروع ڪري ڏين ٿا ۽ طلاق فقط انهيءَ صورت ۾ عمل ۾ ايندي آهي جڏهن ٻنهي ڌرين جي نيات ڀاين جون ڪوششون ناڪام ٿي وڃن ٿيون. انهيءَ قسم جي رشتي سان پيدا ٿيل اولاد ماءُ جي قبضي ۾ رهي ٿي. ٻئي ڌريون مڙس توڙي زال نئين سر شادي ڪري سگهن ٿا.
هي جفتي قوم جو ڪٽنب ايتري قدر ته ڪمزور ٿئي ٿو جو هڪ آزاد ۽ پختي قسم جو ڪٽنب ٺاهڻ ڏکيو ڪم ٿي پوي ٿو يا انهيءَ کي پسند ڪيو نه ٿو وڃي. ان هوندي به سندس اشتراڪي قسم جي ساخت جيڪا قديم زماني کان وٺي هلندي اچي ٿي، ان تي ڪوبه اثر نه ٿو پوي. هڪ اشتراڪي قسم واري ڪٽنب ۾ زال گهر جي سربراهه (ڌياڻي) هوندي آهي. جنهن ۾ خالص مادرانه حق کي تسليم ڪيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته صحيح پيءُ جو يقيني طور تي تعين ڪرڻ گهڻو ڪري ناممڪن هوندو آهي. انهيءَ هڪڙي امر مان ئي ايروڪواس قبيلن ۾ عورت لاءِ فطري احترام ڪرڻ جي حقيقت جي پروڙ پئجي سگهي ٿي، يعني وٽن مادرانه حق کي تسليم ڪيو وڃي ٿو.
19 صدي عيسويءَ جنهن کي ترقي جي صدي تسليم ڪيو وڃي ٿو. اهو خيال ڪرڻ ته انساني معاشري جي آغاز کا وٺي عورت مرد جي غلام رهندي آئي آهي، ڪيتري قدر نه واهيات ۽ بيهودو نظر اچي ٿو، ان جي ابتڙ حقيقت وري هيءَ آهي ته وحشي ۽ غيرمهذب دورن جي اوائلي، وچين ۽آخري درجي آغاز تائين انساني معاشري ۾ عورت نه فقط آزاد هوندي هئي، بلڪ انهن دورن ۾ وڏي عزت ۽ احترام جي مقام تي بيٺل هوندي هئي. انهيءَ حقيقت جي تصديق (ارٿر رائيٽ Atthur Right جهڙي بلند پائي جو مبلغ جيڪو پاڻ به سالن جا سال ايروڪواس قبيلن جي سينيڪا نالي ننڍي قبيلي سان گڏ رهيو هو، به ڪري ٿو.
پادري صاحب لکي ٿو ته:”جڏهن هي قبيلا اشتراڪي قسم جي وڏن ڪٽنبن، جن ۾ ڪيترائي ننڍا ننڍا ڪٽنب شامل هوندا هئا، ۾ پاڻ ۾ گڏجي رهندا هئا ته انهيءَ دور ۾ منجهائن هڪڙو ڪٽنب ٻين سمورن ڪٽنبن تي غالب رهندو هو. کيس باقي ڪٽنبن تي فوقيت حاصل هوندي هئي. زالون پنهنجي نيات کان ٻاهر مڙس هٿ ڪنديون هيون. گهرن جي لوڙهن اندر زالن جي بادشاهي هوندي هئي. گهرو سامان سڙي تي سمورن ڀاتين جو گڏيل حق هوندو هو. اهڙي قسم جي ڪٽنب ۾ جڏهن به ڪو بدنصيب مڙس يا عاشق رزق پهچائڻ ۾ ڪوتاهي ڪندو هو ته ڄڻ سندس شامت اچي ويندي هئي. ڀلي ته اهڙي مڙس جو ڪيترو به اولاد ڇو نه هجي يا سندس گهر سامان سان سٿيو ڇو نه پيو هجي، ان هوندي به اهڙي سست ۽ نکٽو مڙس کي زال گهر مان کٿو رلي کڻي هليو وڃڻ جو حڪم ڏئي سگهندي هئي. مڙس کي ز ال جي حڪم جي انحرافي ڪرڻ جي جرئت به نه ٿيندي هئي. ڪٽنب جا سمورا ڀاتي سندس (مڙس جي) برخلافي ڪرڻ ۾ ڪمرڪشي بيهي رهندا هئا. جن کان کيس ڀڄي وڃي پنهنجي نيات ڀاين وٽ پناهه وٺڻي پوندي هئي يا جيئن سندن دستور هوندو هو ته کيس ڪنهن ٻي نيات مان شادي ڪرڻ جو بندوبست ڪرڻو پوندو هو. ڪٽنب وانگر نيات ۾به عورت کي وڏو اقتدار حاصل هوندو هو. انڪري نيات ڀائي به موقعي جي مناسبت آهر سندس (مڙس جا) سڱ لاهي ڇڏڻ ۾ ويرم ئي نه ڪندا هئا. يعني کيس هڪدم سپاهين ۾ ڀرتي ڪري ڇڏيندا هئا.“
اهڙي اشتراڪي قسم جي ڪٽنب ۽ نيات ۾، جنهن ۾ پرڻجي ويل زال سان گڏ ٻيون سموريون زالون به ساڳي (زال جي) نيات مان هجن ۽ مڙس ويچارا ڪنهن مختلف نيات يا نياتن مان هجن، گهرن اندر زالن جي بادشاهي جو موجود هجڻ ڪابه عجب ۾ وجهڻ جهڙي ڳالهه نه هوندي هئي ۽ اها حالت وٽن قديم زماني کان هلندي آئي هئي. باڪوفن جي اها ٽيون نمبر نئين دريافت، کوجنا ۽ خدمت چئبي.
آءٌ ته چوندس ته: ”وحشي ۽ غيرمهذب معاشرن جي متعلق پادرين جا ڏنل سمورا بيان، تجربا ۽ لکتون جن ۾ وڏو تفصيل بيان ڪيل هوندو آهي، ذڪر ڪيل نتيجن جي برخلاف نه هوندا آهن. ان جو وڏي ۾ وڏو سبب هي هوندو آهي ته ٻنهي صنفن جي وچ ۾ پورهئي جي ورهاست اهڙن سببن تي ٻڌل هوندي آهي، جيڪي انهن سببن کا قطعي طور تي مختلف هوندا آهن، جن جي آڌار تي معاشري ۾ هڪ عورت جي سماجي مقام ۽ درجي کي مقرر ڪيو ويندو آهي.
اهي قومون جن ۾ عورتن کي، اسان واري مقرر ڪيل معيار مطابق، برابر پنهنجي حيثيت کان وڌيڪ پورهيو ڪرڻو پوي ٿو، پر وٽن عورت لاءِ عزت ۽احترام، اسان يورپي قومن واري عورت لاءِ احترام کان گهڻو مٿاهون هوندو آهي. مهذب قومن ۾ عورت جو سماجي رتبو هڪ ڪوڙي ۽ مصنوعي قسم واري خوشامد ۽ جسماني پورهئي ڪرڻ کان فرار تي منبي هوندو آهي. اهڙين مهذب قومن جي عورتن جو سماجي رتبو غيرمهذب قومن وارين سخت پورهيو ڪندڙ عورتن جي مرتبي جي مقابلي ۾ خسيس ۽ ڪمتر قسم جو هوندو آهي. هڪ غير مهزب قوم جي عورت پنهنجي معاشري جي نظرن ۾ هڪ راڻي يا هڪ محترم ترين خاتون هوندي آهي ۽کيس اهو مان ۽مرتبو ڪٽنب جي اندر سندس اوچي سماجي درجي جي ڪري ئي حاصل هوندو آهي. هن امر جي فيصلي ڪرڻ لاءِ ته ڇا جفتي ڪٽنب جي اداري آمريڪا جي ريڊ انڊين قبيلن ۾ گروهي ڪٽنب ۽ شادي جي جاءُ ولاري آهي يا نه؟
ان لاءِ اسان کي اتر اولهه آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪي کنڊن جي قومن جو، جيڪي اڃان تائين به وحشي دور جي مٿاهين درجي تي مس مس پهچي سگهيون آهن، جو ڳوڙهو ۽ تفصيلي جائزو وٺڻو پوندو. اسان کي منجهن جنسي ڇڙواڳي جي واقعن جا سوين مثال ۽ احوال معلوم ٿي چڪا آهن. جن مان اڪثريت انهن واقعن جي هوندي آهي، جن مان گروهي شادين جي رواج جا پڪا ثبوت ۽ دليل مهيا ٿين ٿا. موجوده دور تائين به انهيءَ قسم جي ڪٽنبن ۽ شادين جا اهڃاڻ اڃان به ختم ٿي نه سگهيا آهن. اتر آمريڪا جي اٽڪل چاليهاري کن انڊين قبيلن ۾ اڄ به هي رسم موجود آهي ته جيڪو به شخص ڪٽنب يا خاندان جي وڏوهر ڌيءُ سان شادي ڪندو آهي ته سندس زال جون باقي سموريون ڀينرون به بالغ ٿيندي ئي سندس (وڏوهر ڌي جي مڙس) جون زالون بنجي پونديون آهن. اهو رواج ڀينرن جي هڪ گروهه سان مڙسن جي هڪ گروهه جي شادي ڪرڻ جي رواج جي باقيات آهي.
جان ڪرافٽ لکي ٿو ته: ”مون ڪيليفورنيا ۾رهندي ڏٺو هو ته وحشي دور جي مٿاهين درجي جي انڊين قبيلن ۾ هي رسم به موجود آهي ته ڪن مقرر ٿيل ڏڻن تي سمورا قبيلا پاڻ ۾ گڏ ٿي، يعني ڪو وڏو ميلو هڻي ڇڙواڳ جنسي ميلاپ ڪرڻ وسيلي خوشيون ملهائيندا آهن. اهو رواج انهيءَ دور جي ياد تازي ڪري ٿو جڏهن هڪڙي نيات جون سموريون عورتون پاڻ ۾ گڏجي ٻي نيات جي سمورن مردن سان جنسي ميلاپ ڪنديون هيون. ساڳيءَ طرح مرد به ڪندا هئا. انهيءَ رسم مان ظاهر ٿئي ٿو ته انهيءَ رسم جو بنياد به اهو ساڳيو ادارو آهي، جنهن ۾ هڪڙي نيات جون سموريون عورتون ٻي نيات جي سمورن مردن جون مشترڪ زالون ۽ ساڳي نيات جا مرد ٻي نيات جي عورتن جا مشترڪ مڙس هوندا هئا، اها ساڳي رسم اڄ به آسٽريليا ۾ زندهه ۽ موجود آهي. انهيءَ رسم مان ناجائز فائدو وٺندي ڪن قومن جا بزرگ مرد- سردار- جادوگر ۽ مهنت اڄ به عورتن جي هڪ سڄي ساري گروهه کي پنهنجي جنسي هوس جي پوري ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻيندا آهن ۽ عورتن جي اڪثريت کي پنهنجي عياشي لاءُ مخصوص ڪري ڇڏيندا آهن.پر اهي چالاڪ ۽ فريبي شخص به ميلن ۽ ڏڻن جي موقعن تي انهن عورتن کي سندن مڙسن کي موٽائي ڏيڻ لاءِ ٻڌل هوندا آهن. اهڙن متبرڪ موقعن تي هو خود پنهنجن زالن کي به نوجوان مردن سان جنسي ميلاپ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ مجبور هوندا آهن. يعني کين به رواج کي پورو ڪرڻو پوندو آهي.“
ويسٽر مارڪ به پنهنجي ڪتاب جي صفحن 28 کان 29 تي اهڙن ميلن ۽ ڏڻن جا مثال لکيا آهن، جن ۾ پراڻي ڇڙوڳ قسم جي جنسي ميلاپ ڪرڻ لاءِ مردن خواه عورتن کي وقتي طور تي اجازت ڏئي ڇڏڻ جو هڪ عام رواج هوندو آهي. مثلن ڀارت ۾ هعوس، سنتال، پنجا ۽ ڪوتار قبيلن ۾ ۽ آفريڪا ۾ ڪن وحشي قبيلن ۾اهو ساڳيو رواج اڄ به بدستور موجود آهي.
پر ويسٽر مارڪ نتيجن ڪڍڻ ۾ ٿوري غلطي ڪندي لکي ٿو ته: ”اهي رواج گروهي شادين ڪرڻ جا اهڃاڻ نه آهن.“ هي صاحب ته کين مورڳو رد ڪري ڇڏي ٿو. هو انهن رواجن ۽ اهڃاڻن کي فقط قديم زماني جي ڀورڙن انسانن ۽ جانورن جي لڳ ڪرڻ جي مند ۾ جنسي ميلاپ ڪرڻ تي تعبير ڪري ٿو. اسين هينئر باڪوفن جي چوٿين نمبر عظيم کوجنا ڏانهن ڌيان ڏينداسين. ها عظم کوجنا هيءَ آهي ته انهن گروهي شادين جي اداري مان جفتي شادين ۽ ڪٽنب جي اداري جنم ورتو آهي.
باڪوفن جنهن حقيقت کي ديوتائن جي حڪمن جي انحرافي ڪرڻ جو ڪفارو ادا ڪرڻ جو نالو ڏئي ٿو،يعني ڪو اهڙو ڪفارو جنهن جي وسيلي هڪ زال پنهنجي باعصمت ٿي رهڻ واري حق کي (معاشري کان) خريد ڪري ٿي.اها ڳالهه حقيقت ۾ ڪنهن عورت جي محض عصمت ماب ٿي رهڻ جي حق کي خريد ڪرڻ لاءِ ڪفارو ڏيڻ نه هوندو آهي، بلڪ اهو ڪفارو گهڻن مڙسن جي مشترڪ زال ٿي رهڻ واري رواج کان جند ڇڏائي پاڻ ۾ فقط هڪ مڙس جي حوالي ڪري ڇڏڻ لاءِ هوندو آهي. پر انهيءَ قسم جي ڪفاري ادا ڪرڻ وسيلي به عورت پاڻ کي فقط هڪ محدود حد تائين پنهنجي مڙس جي حوالي ڪري ٿي.
انهيءَ ڪفاري جي ادا ڪرڻ خاطر ئي قديم بابل (عراق)جون عورتون مليتا جي مدر ۾ وڃي پاڻ کي ڪن ڌارين اجنبي مردن جي حوالي ڪنديون هيون. مشرق وسطيٰ جون ٻيون قومون وري پنهنجن ڌيئرن کي سالن جا سال لاڳيتو انائيطس جي مندر ۾ موڪلي ڇڏينديون هيون. جتي اهي نوجوان ڇوڪريون شاديون ڪرڻ جي اجازت جي حال ڪرڻ کان اڳ ۾ پنهنجي پسند واري مرد جي چونڊ ڪري مقرر ڪيل تعداد جي مردن سان جنسي ميلاپ ڪنديون رهنديون هيون، جنهن بعد ئي کين سندن انهيءَ خاص پسند ڪيل مرد سان هميشه لاءِ باقاعده طور تي شادي ڪرڻ جي اجازت ملندي هئي. اهو گهڻن مشترڪ مڙسن سان شادي نه ڪرڻ لاءِ ڪفارو! گنگا ندي کان وٺي بحريه روم تائين يعني ساري عجم جي ٻين قومن ۾ به مذهب جي لبادي اندر ساڳئي قسم جون جنسي رسمون ادا ڪيون وينديون هيون پر وقت جي گذرڻ سان گڏوگڏ ڪفارن جي ادا ڪرڻ وارين رسمن مان پراڻيون سختيون ۽ وزن گهٽبو ويو هو.
انهيءَ حقيقت بابت باڪوفن لکي ٿو ته: ”هر سال ڪفاري جي گهڻا ڀيرا ادا ڪرڻ واري رواج ڦري سال ۾ فقط هڪ ڀيرو ڪفاري جي ادا ڪرڻ جي رسم پئجي ويئي هئي، هينئر اولادي مائرن واري جاءِ، ڪنوارين نوجوان ڇوڪرين اچي ڀري هئي. شادي جي دوران ڪفاري ادا ڪرڻ جي رسم جي جاءِ تي، ڪفاري ادا ڪرڻ طور مقرر ڪيل جنسي ميلاپ ڪرڻ خاطر پاڻ (جسم) کي فقط ٿورن مردن جي حوالي ڪري ڇڏڻ جي رواج اچي ڀري هئي.“ Mother Right, P.No.XiX پر ٻين قومن ۾ وري انهيءَ رسم کي ڪوبه مذهبي ۽ اعتقادي قسم جو لبادو نه پهرايو ويندو هو. قديم زماني جي انهن قومن مان ٿريشيا جي قبيلن ۽ ڪيلٽ لوڪن کي مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو.
ڀارت ۾ اهڙا وحشي قبيلا اڄ به موجود آهن. ملايا ۽ ڏکڻ سمند جي ٻيٽن ۽ آمريڪي انڊين قبيلن ۾ اهو ساڳيو رواج اڄ به موجود آهي ته شادي ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪنواريون عورتون دل کولي جنسي ميلاپ ڪرڻ جا مزا ماڻينديون رهنديون آهن. جنهن به شخص ڏکڻ آمريڪا کنڊ ۾ سياحت ڪئي هوندي اهو منهنجي انهيءَ پيش ڪيل حقيقت جي ضرور تائيد ڪندو.
اگاسيز (Agosiz) نالي هڪ عالم پنهنجي مشهور ڪتاب A Journey in Brazil, Bostan and Newyork, P-226 (برازيل ۾ سفر) ۾ هڪ شاهوڪار آمريڪي اندين ڪٽنب جو احوال ڏيندي لکي ٿو ته: ”رسمي تعارف ڪرائڻ بعد مون سندس ڌي کان سندس پيءَ جيڪو منهنجيخيال مطابق ڇوڪريءَ جي ماءُ جو مڙس هو، پڇا ڪئي ته منهنجي انهيءَ سوال پڇڻ تي ڇوڪري جي ماءُ کلندي جواب ڏنو ته، ”منهنجي هن ڌي جو ڪوبه مقرر ٿيل پي نه آهي.“Naotem Pas'e Letha dafortuna هيءَ مون واري ڇوڪريءَ ڪنهن خوش نصيب نامعلوم شخص جي ڌي آهي.“ مون وارو اهو دوست يعني منهنجي خيال وارو ڇوڪري جو پي پاراگوئي ملڪ ۾ هڪ فوجي آفيسر هو.“ انهيءَ واقعي کي بيان ڪرڻ بعد هو وڌيڪ لکي ٿو ته: ”آمريڪي اندين قبيلن جون عورتون يا ٻسر (گڊيون) عورتون پنهنجي ناجائز (اسان جي نظرن ۾) اولاد بابت هميشه انهيءَ نموني ۾ ڳالهه ڪنديون آهن، انهيءَ ڳالهه ڪندي کين ڪنهن به حيا يا شرم جو ڪوبه شعور ۽ لحاظ نه هوندو آهي. هن قوم ۾ اها ڪا غير معمولي قسم جي ڳالهه هرگز نه هوندي آهي. بلڪ ان جي ابتڙ قسم واري ڳالهه کي غير معمولي ڳالهه شمار ڪيو ويندو آهي.
آمريڪي انڊين قبيلن جي ٻارن کي فقط پنهنجن مائرن جي خبر هوندي آهي. ان ڪري سندن اولاد کي پيئرن جي ڪابه خبر نه هوندي آهي. سندن مائرن کي اهو خيال اتفاق سان به دل تي تري نه ايندو آهي ته سندن يا سندن اولاد جو ڪنهن پيءُ يا ڪن پيئرن تي ڪو حق به ٿيندو آهي.“ مهذب معاشري جي مرد کي مٿين ڳالهين تي ضرور عجب لڳندو هوندو، پر حقيقت وري هيءَ آهي ته مادرانه حق ۽ گروهي شادين ۽ ڪٽنبن ۾ اها ڳالهه هڪ عام سادو سودو جائز قانون هوندو آهي.
اهو ته ٺهيو،پر ڪيترين قومن ۾ گهوٽ جا دوست، مٽ مائٽ ۽ شادي ۾ آيل سمورا ڄاڃي پراڻي رسم جا روايتي حق موجب، سندس شادي جي موقعي تي، اهو حق عملي طور استعمال ڪندا هئا. يعني اهي سمورا ڄاڃي مرد ڪنوار سان واري واري سان جنسي ميلاپ ڪندا هئا. گهوٽ کي پنهنجي ڪنوار راڻيءَ سان جنسي ميلاپ ڪرڻ جو وارو سڀني کان پڇاڙيءَ ۾ ملندو هو.
باليدي ٻيٽن جي قبيلن ۾ اها ساڳي رسم اج به موجود آهي، قديم دور واري اها ساڳي رسم آفريڪا ۾ آگيلا قبيلن ۽ حبش جي باريا قبيلن ۾ هلندي اچي ٿي. انهيءَ ساڳي اصول تي ڪن قبيلن ۽ قومن ۾ سرڪاري آفيسر، جادوگر، سوڻي ڀويا، مُلان، ٻانڀڻ، قبائلي سردار،ڪاسيڪ، پورهت، شمان ياڪو شاهزادو ۽ راجڪمار وغيره قوم، قبيلي يا نيات جي عيوضي طور شادي جي پهرين رات ڪنوار سان جنسي ميلاپ ڪرڻ جو حق عملي طور تي استعمال ڪندو آهي. موجوده زماني وارا خارباز تيس مار غيرت مدن عاشق ۽ مڙس انهيءَ قديم رواج تي ڪيترا به غلاف ۽ پردا ڇو نه چاڙهين پر ڪنوار سان پهرين رات جنسي ميلاپ ڪرڻ واري حق وارو سماجي قانون جنهن کي رومن زبان ۾ Juspriacnocits سڏيو وڃي ٿو. اڄ به قديم گروهي شادين جي باقيات ۽علامت طور الاسڪا جي انڊين قبيلن، بان ڪرافٽ جو ڪتاب (The Native Rans, P-84) (مقامي قومون ص 54) اتر ميڪيسڪو جي قبيلن الخ ص 504 ٻين قومن ۾ رائج آهي. ازمنه وسطيٰ ۾اهو ساڳيو قانون (رواج ڪيلٽ لوڪن ۾ به رائج هوندو هو. اتي به اهو رواج گروهي شادين جي ڪٽنبي اداري مان پيدا ٿيو هو. مثلن اراگان ملڪ ۾انهيءَ ساڳي رسم جي موجودگيءَ جو ٻيو ثبوت آهي به هي ته ڪيسٽائل جو آبادگار زمين سان چهٽيل غربت غلام ڪڙمي يعني Serf نه هوندو هو پر سندن همعصر آراگان ملڪ جو آبادگار هاري هڪ بدترين قسم جو غلام ڪڙمي هوندو هو. جنهن کي انهيءَ غلاميءَ جي لعنت مان فرڊيننڊ بادشاهه (جيڪو پرهيزگار رومن ڪيٿولڪ هو) 1480ع ۾ هڪ فرمان جاري ڪري آزاد ڪري ڇڏيو هو.
سندس فرمان جي هڪڙي فقري جا لفظ هي آهن ته: ”اسين فيصلو ڪري هي فتويٰ جاري ڪريون ٿا ته، مٿي ذڪر ڪيل نواب، آقا (غلامن جا مالڪ) ۽ امير (وڏا رياستي عملدار) اڄ ڏينهن کان پوءِڪڏهن به ڪنهن شادي ڪندڙ ڪڙمي گهوٽ جي ڪنوار سان شادي جي پهرين رات جنسي ميلاپ نه ڪندا. يا خود شادي واري رات جو جڏهن اها ڪنوار پنهنجي سيج تي (گهوٽ سان جنسي ميلاپ ڪرڻ خاطر سينگاريل حالت ۾) ستل هجي ته اهو نواب، آقا يا امير پنهنجي اقتدار کي ظاهر ڪرڻ خاطر مٿس (ڪنوار تي) چڙهي نه ويندو (يعني ساڻس زوري جنسي ميلاپ نه ڪندو) ۽ نه وري مٿي ذڪر ڪيل ڪو نواب آقا يا (شاهي خاندان جا) شاهزادا ڪڙمين جي ڌيئرن ۽ پٽن کان سندن مرضيءَ جي خلاف خدمتون (ونگارون ۽ بيگرون) نه وٺندا، ڀلي ته اهي نواب آقا، امير ۽ شاهزادا کين انهن خدمتن جو ڪجهه معاوضو به ڏيڻ گهرندا هجن.“(S. Sngenhenin- History of the Abolition of Serfdom and Bond Service in Enrope until the middh Ninetheenth Century- St Petersburg.)
باڪوفن جو هي دليل به بلڪل صحيح آهي ته، ”سيرت بازي ۽ گروهي شادين ڪرڻ جي رواج مان نڪري، شاديءَ کي فقط ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري محدود ڪٽنب جي درجي تائين پهچائڻ ۾ فقط عورتن جي محنت جو هٿ موجود آهي.“
انهيءَ دور ۾ دنيا ۾ اقتصادي حالتن ۾ ڦيري اچڻ جي ڪري، قديم جنسي تعلقاتن مان به پراڻي قسم وارو جهنگلي بيهودو ۽ سادگي ۽ ڀورڙائي وارو ڪردار به پنهنجو زور ۽ اهميت وڃائڻ لڳو هو. يعني پراڻي ۽ قديم (اشتراڪي قسم واري معاشري کي اڏوهي کائڻ لڳي هئي. دنيا جي مردم شماري به گهڻي قدر وڌي ويئي هئي. ان ڪري انهيءَ وقت اهو ڪٽنبي نظام خود عورتن جي نظرن ۾ هڪ بيهودو، بداخلاق ۽ ظالمانه نظام بنجي ويو هو. ان ڪري منجهن باعصمت ۽ پاڪدامن بنجي زندگي گذارڻ جو شعور پيدا ٿيو هو ۽ انهن عورتن به باعصمت ۽ پاڪدامن بنجي زندگي گذارڻ کي پنهنجو هڪ بنيادي حق تصور ڪندي، فقط هڪ مڙس سان هميشه يا ٿوري وقت لاءِ گڏجي گذارڻ يعني شادي ڪرڻ تي انهيءَ مصيبت ۽بربريت واري رسم کان پنهنجي نجات سمجهيو هوندو. انهيءَ پاڪ جذبي جي پيدا ٿيڻ جي ابتدا مردن ۾هرگز پيدا نه ٿي هوندي. ڇاڪاڻ ته مردن جي صنف اڄ ڏينهن تائين گروهي شادين مان لطف اندوز ٿيڻ واري طلب ۽ خواهش کي ترڪ نه ڪيو آهي، پر جڏهن عورتن پنهنجي ٻنهي ارادي ۽ عمل سان جفتي شادين ڪرڻ جي رسم کي پڪن ۽ پختن پيرن تي بيهاري ڇڏيو هو ته مردن وري ان تي قانع ۽ شاڪر رهڻ جي بجاءِ اڳئين قديم ترڪ ڪيل نظام جي ڳٽ کي وري به فقط عورتن جي ڳچين تائين محدود ڪري ڇڏيو هو.
جفتي ڪٽنب جو رواج معاشري ۾ ان وقت پيو هو، جڏهن ٻنهي وحشي ۽ غيرمهذب دورن واريون سرحدون هڪ ٻئي جي ويجهو اچي پهتيون هيون، خاص طور تي وحشي دور جي مٿاهين درجي تي پهچڻ وقت ۽ غيرمهذبيت جي دور ۾ڪٿي ڪٿي ته مورڳو خود جفتي شادين ڪرڻ جو پڪو رواج به پئجي چڪو هو. هن نموني وارو ڪٽنب غيرمهذب دور جي اهڙي ريت نمائندگي ڪري ٿو جهڙيءَ ريت گروهي شاديون ۽ گروهي ڪٽنب جو ادارو وحشي دور جي نمائندگي ۽ عڪاسي ڪري ٿو. ساڳيءَ ريت ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي شادي جو ادارو ۽ ڪٿي نظام مهذب دور جي نمائندگي ۽ عڪاسي ڪري ٿو.
انساني معاشري ۾ ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي شادي ۽ ڪٽنب جي نظام کي وڌيڪ پختن ۽ پڪن بنيادن تي بيهارڻ لاءِ مختلف قسمن جا نوان اسباب ۽ عوامل پيدا ٿي ويا هئا. جن جو هن وقت تائين اسان ڪوبه ذڪر مذڪور نه ڪيو آهي. جفتي ڪٽنب واري دور ۾ خود گروهي ڪٽنب وارو ادارو ۽ نظام به گهٽجي گهٽجي پنهنجي آخري حد يعني ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي درجي تي اچي بيهي رهيو هو. چونڊ ڪري (سويمبر) شادين ڪرڻ جي رواج هميشه جي دستور وانگر فرقي وارانه شادين ڪرڻ جي دائري کي ايتري قدر ته سوڙهو ڪري ڇڏيو هو، جو منجهن وڌيڪ سوڙهي ٿيڻ لاءِ ڪابه جاءِ نه بچي هئي. ان ڪري جيڪڏهن معاشري ۾ ڪي نوان سماجي عوامل پيدا نه ٿين ها ته جفتي ڪٽنب مان هڪ نئين ڪٽنبي نوع جي پيدا ٿي سگهڻ جو ڪوبه سبب پيدا ٿي نه سگهي ها. پر انهن نون پيدا ٿي پيل عوامل پنهنجو ڪاروبار ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو.
اسين هينئر في الحال جفتي ڪٽنب جي پيدا ڪندڙ ڪلاسيڪي سرزمين آمريڪا جو ذڪر ڪرڻ مهمل ڪيون ٿا. اسان کي ڪابه اهڙي نئين ثابتي ملي نه سگهي آهي، جنهن مان اسان اهو نتيجو اخذ ڪري سگهون ته فلاڻي ڪي فلاڻي جاءِ تي جفتي ڪٽنب کان به وڌيڪ ڪو نئون اعليٰ ۽ ارفع قسم جو ڪٽنبي ادارو پيدا ٿيو هو. يا امريڪي کنڊ جي يورپي قومن جي هٿان فتح ٿي وڃڻ وقت کنڊ جي ڪنهن به حصي يا علائقي ۾ ڪنهن به سمي ۾ هڪ پختي قوم جي ”هڪ مڙس هڪ زال“ وارو ڪٽنبي نظام رائج هوندو هو پر انهيءَ ڏس ۾ پراڻي دنيا جي سماجي حالت بلڪل مختلف هئي.
پراڻي دنيا ۾ چوپائي جانورن کي گهرو بنائڻ واري ڪرشمي ۽ گهرو جانورن جي وڌي ويجهي ڌڻن جي صورت وٺڻ هڪ اهڙن نون قسمن جي سماجي تعلقاتن کي جنم ڏنو هو جن جو سندن معاشري کي ڪوبه وهم ۽ گمان به نه هو. انهن جانورن ۽ ڌڻن کين بي انداز دولت جو مالڪ بنائي ڇڏيو هو. غير مهذبيت جي اوائلي دور تائين دولت مان مراد ورتي ويندي هئي گهر، ڪپڙا، لٽا، ڏنگا ڦڏا اوزار، خوراڪ پيدا ڪرڻ جا اوزار، ٿانو ٿپا، ٻيڙيون ۽ بتيلا، اسلحو ۽ هٿيار ۽ ٻيو گهرو قسم جو سادو سودو سامان وغيره. پر کاڌي پيتي جو سامان ته نت نئون آڻڻو پوندو هو. هينئر وٽن گهوڙن، اٺن، گڏهن، ڍڳن ڍورن ڳئن، مينهن، ٻڪرين، رڍن،هاٿين ۽ سوئرن وغيره جا وڏا وڏا ڌڻ پيدا ٿي پيا هئا. جن کي سندن مالڪ ڌنار سنڌ ۽ هنڌ ۾سنڌو ۽ گنگا جمنا ۽ آمو ۽ سير درياهن جي چراگاهن ۾ آريه نسل وارن قبيلن ۽ فرات درياهه ۽ نيل درياهن جي چراگاهن ۾ سامي نسل جا قبيلا ڌاريندا، چاريندا ۽ پياريندا وتندا هئا. اهو ڌنڌو تمام سولو پر وڏي نفعي وارو هوندو هو. هڪ ڌنار شخص کي انهيءَ ڌنڌي ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ فقط مال جي ڌڻن جي سنڀال ۽ نگهداشت ڪرڻي پوندي هئي. ڌڻ پاڻ مرادو چرندا به رهندا هئا ۽ وڌندا به رهندا هئا. انهن ڌڻن مان کين بهترين قسم جي غذا مثلن کير، مکڻ، ڏڌ، گوشت وغيره ملندو رهندو هو. انهيءَ ڳالهه جو اثر هي ٿيو جو انهيءَ ڌنڌي جي مقابلي ۾ ٻيا سمورا پراڻا ڌنڌا خسيس، هلڪا ۽ بي وزنا بنجي ويا هئا. شڪار ڪري گذران ڪرڻ ڦري هڪ تفريح ۽ عياشي ڪرڻ جي شڪل اختيار ڪئي هئي.
پر انهيءَ نئين دولت جا مالڪ ڪير هئا؟ شروعاتي دور ۾ بيشڪ انهن ڌڻن جي مالڪ سموري نيات هوندي هئي. اسان کي ته هي به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انهيءَ دور جو آغاز ٿيندي ئي ڌڻن جي ذاتي ملڪيت هجڻ جو تصور ۽ خيال به معاشري ۾ پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويو هو. انجيل مقدس ۾ موسيٰ واري پهرين ڪتاب ۾ ابراهيم کي پنهنجن ڌڻن جو مالڪ ڏيکاريو ويو آهي. ان ڪري اسان لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ ته اهو مالڪي جو حق کيس ذاتي طور تي حاصل هوندو هو يا نه!؟ هڪ ڏکيو مسئلو بنجي ويو آهي يا وري کيس اهو حق ڪٽنب جي سربراهه جي حيثيت ۾ حاصل هوندو هو يا هو محض فرقي يا نيات جو پريو مڙس يا وڏيرو هوندو يا کيس اهو حق نيات جي مورثي سردار هجڻ واري حيثيت جي ڪري حاصل ٿيو هو؟
انهن سمورن سوالن مان اسان کي فقط هڪڙي ڳالهه پڪي طور تي ثابت ٿيل حالت ۾ملي ٿي ته ابراهيم کي انهيءَ ملڪيت تي جديد قسم وارا ڪي به مالڪاڻه حق هرگز حاصل نه هوندا هئا. اها به هڪ حقيقت آهي ته اسين جڏهن تصديق شده تاريخي دور جي چانئٺ تي بيهي نظر ڊوڙايون ٿا ته اسان کي هي نظارو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هر هنڌ ۽ هر مقام تي هرهڪ ڌڻ ڪنهن نه ڪنهن هڪ خاص ڪٽنب جي سربراهه جي ڌار ملڪيت هوندي هئي. بلڪل اهڙي طرح جيئن غيرمهذب دور ۾ هنرمندن جي ڌاتن مان ٺهيل ٿانون ٿپن، عياشي ۽ سينگار جي سامان، انساني جانورن (ٻانهن) جي ڌڻن کي به مختلف ڪٽنبن جي سربراهن جي ڌار ڌار ملڪيت ليکيو ويندو هو.
انهيءَ دور ۾ داخل ٿيندي ئي ٻانهن رکڻ جو رواج به انساني معاشري ۾ اچي پرگهٽ ٿيو هو. غير مهذبيت جي اوائلي دور ۾ ٻانهو هڪ فضول ۽ بيڪار وسيلو هوندو هو. اهوئي سبب هو جو آمريڪي انڊين قبيلا پنهنجي مخالف مفتوح قبيلن سان اهڙو برتاءُ ڪندا هئا، جنهن جي کانئن مٿاهين درجي وارن کي ڪا به خبر نه هوندي هئي. فاتح قبيلو مفتوح قبيلي جي مرد قيدين کي يا ته قتل ڪري ڇڏيندو هو يا کين هڪ ڀاءُ جو درجو ڏئي پاڻ (قبيلي) ۾ داخل يا ضم ڪري ڇڏيندو هو. فاتح قبيلو مفتوح قبيلي جي عورتن سان شاديون ڪندو هو. يا ته کين سندن باقي بچي ويل اولاد سميت پنهنجي قبيلي ۾ داخل ڪري ڇڏيندو هو.
انهيءَ دور ۾ انساني ليبر (پورهيت) مان سندس مالڪ کي ڪابه مالي بچت نه هوندي هئي. ڇاڪاڻ ته ٻانهي جي پورهئي مان حاصل ڪيل پيداوار کان سندس کاڌي پيتي، رهائش ۽ علاج وغيره جو خرچ پکو ۽ ٻي سيڙپ وڌيڪ هوندي هئي.انڪري مالي طور تي هڪ مالڪ لاءِ ٻانهن جي هٿان پورهيو ڪرائڻ هڪ نقصان وارو ۽ غير نفعي بخش ڪاروبار هوندو هو. پر ڌڻن پالڻ، کاڻيون کوٽڻ، ڌاتن مان ٿانون ٿپا ۽ هٿيار پنهوار ٺاهڻ، ڪپڙي اڻڻ ۽ وڏي پيماني تي زراعت جي هنر ۽ صنعتن جي پيدا ٿي پوڻ کان پوءِ سماجي ۽ ملڪي (سياسي) حالتون بلڪل بدلجي چڪيون هيون.
پهرين درجي واري دور ۾ پرڻجڻ لاءِ زالون وڏي سولائيءَ سان ملي وينديون هيون، پر بعد وارن دورن ۾ مفت يا سولائيءَ هٿ آيل عورتون مٽا سٽا ڪرڻ لاءِ ملهه يا قيمت طور ڪتب اچن لڳيون هيون. ان ڪري هينئر کين خريد ڪيو وڃڻ لگو هو. ساڳي حالت انساني پورهيت سان به ٿي هئي. خاص طور تي جڏهن ٻي ڪٽنبي ملڪيت وانگر ڌڻن کي به ڦيرائي ڪٽنب جي ذاتي ملڪيت قرار ڏنو ويوهو. مال جي ڌڻن جي واڌاري جي رفتار خود ڪٽنب جي رفتار کان گهڻو وڌيڪ تيز ٿي وئي هئي. ان ڪري مال جي ڌڻن کي پالڻ، سنڀالڻ، ڏهڻ پلڪڻ، ولوڙڻ ۽ وڪڻڻ لاءِ وڌيڪ انساني هٿن جي ضرورت پيدا ٿي هئي. انهيءَ کوٽ جو پورائو فقط جنگن ۾ هٿ ڪيل قيدين سان ئي ٿي سگهيو ٿي. ٻي فائدي جي ڳالهه هيءَ به پيدا ٿي هئي ته انهيءَ جنگي قيدين جي انبوهن کي گهرو جانورن جي ڌڻن وانگر، پالي نپائي، سنڀالي ۽ کين ساڳي سطح تي قبضي هيٺ رکندي، کانئن گهرو جانورن وانگر ڪم وٺي سگهڻ به ممڪن بنجي پيو هو ۽ کانئن عملي طور تي سچ پچ ڪم وٺڻ به شروع ٿي ويو هو.
اهي سمورا خزانا ۽ وسيلا، ڪٽنب جي ذاتي ملڪيت بنجندي ئي وڌڻ ويجهڻ شروع ٿي ويا هئا. سندن انهيءَ واڌ ۽ اوسر جفتي شادين ڪرڻ واري مادرانه حق تي مبني نياتي نطام کي ڪاپاري ڌڪ هڻي ڇڏيو هو. جفتي ۾ هينئر هڪ نئون ڪٽنبي عنصر به پاڻمرادو پيدا ٿي پيو هو. اهو نئون عنصر هي هو ته فطري ماءُ سان گڏ هڪ تصديق شده فطري پيءُ به نڪري نروار ٿي بيهي رهيو هو. اهوئي شايد موجوده دور وارن ڪيترن ئي پيئرن کان وڌيڪ تصديق شده پيءُ هوندو هو. ان وقت جي پورهئي جي ورهاست جي رائج اصول موجب ڪٽنب لاءِ کاڌ خوراڪ پيدا ڪرڻ ۾ ان لاءِ ضروري ۽ ڪارائتن اوزارن جي مهيا ڪرڻ جو سمورو بار ۽ سندن مالڪي ڪرڻ وارو حق ڦري وڃي ماءُ جي مڙس جي ڪنڌ ۾ پيو هو. طلاق يعني هڪ ٻئي کان جدا ٿي وڃڻ يا ڪنهن ٻي اهڙي حالت ۾ اهو سمورو بار (مڙس) پيءُ پاڻ سان گڏ کنيو هليو ويندو هو ۽ زال فقط گهرو سامان جي ماڪياڻي بنجي پوندي هئي.انڪري انهيءَ دور ۾ ۽ وقت جي رواج موجب مڙس ڦري کاڌ خوراڪ جي سمورن نون وسيلن جو مالڪ بنجي ويو هو. جن ۾ مال جي ڌڻن سان گڏ پورهئي جو هڪ نئون وسيلو يعني ٻانها به ساڻس شامل ٿيل هوندا هئا. پر انهيءَ قسم جي معاشري جي رسم موجب سندس اولاد سندس ڇڏيل ورثي ترڪي جا مالڪ نه ٿيندا هئا. انهيءَ ڏس ۾ هيٺ تفصيل ڏجي ٿو:
مادرانه حق موجب نسل جو شجرو فقط ماءُ جي طرف کان هلندو هو، ابتدائي ورثي ترڪي واري رسم موجب سندس ئي (ماءُ واري نيات ۾هلندو هو، تنهن ڪري نيات جي ڪنهن مري ويل رڪن جا پهريان وارث به سندس نيات ڀائي مٽ مائٽ هوندا هئا. جنهن جي نتيجي ۾ سندس ملڪيت به سندس نيات ئي رهندي هئي. شروعاتي زماني ۾ ڍڳن ڍورن، مال متاع جي صورت ۾ ڇڏيل ملڪيت کي عملي طور تي خسيس سمجهي نيات ڀاين ۽ ويجهن عزيزن جي حوالي ڪيو ويندو هو. نيات ڀاين ۾ اهي ويجها مائٽ عزيز هوندا، ماءُ جي طرف وارا خون جي رشتي وارا مٽ مائٽ ۽ فوتي مڙس جو اولاد جن کي سندن پيءُ واري نيات مان نه پر، سندن ماءُ وارن نيات ڀاين ۾ شمار ڪيو ويندو هو.
شروعاتي دور ۾ اولاد به فقط ماءُ کان ورثو ترڪي ڇڪيندو هو. ماءُ جا خون جي رشتي وارا مٽ مائٽ به ورثي ترڪي ۾ اولاد سان ڀاڱي ڀائيوار ڪيل هوندا هئا. ماءُ جي مٽن مائٽن کي شايد سندس ڇڏيل ملڪيت تي پورو پورو حق حاصل هوندو هو، ڇاڪاڻ ته اولاد کي سندس فوتي پي واري نيات مان شمار نه ڪيو ويندو هو. بلڪ اولاد کي سندن ماءُ جي نيات مان شمار ڪيو ويندو هو. مادرانه حق ۽ شجري مطابق قوتي مڙس واري ڇڏيل ورثي ترڪي کي نيات کان ٻاهر ڪڍڻو به نه هو. ان ڪري ڌڻن جي ڪنهن مالڪ شخص جي فوت ٿي وڃڻ جي حالت ۾ سندس ڌڻ کي پهريائين سندس ڀائرن ڀينرن ۽ ان بعد سندس يعني مڙس جي ڀينرن جي اولاد ۾ يا فوتي مڙس جي ماءُ جي ڀينرن جي اولاد ۾ورهاست ڪيو ويندو هو. ان ڪري کين (اولاد کي) سندن فوتي پيءُ واري ورثي ترڪي مان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو هو.
اهڙيءَ ريت دولت جي وڌي وڃڻ سان ڪٽنب ۾مڙس جو سماجي درجو، اهميت ۽ حيثيت، زال جي حيثيت کان وڌي ويئي هئي. ان ڪري هينئر خود مڙس جي دل ۾ به اها خواهش اچي پيدا ٿي ته هو پنهنجي وڌي ويل طاقت، ڪٽنبي اقتدار ۽ سماجي رتبي مان فائدو وٺي. ان جي مدد سان ورثي ترڪي واري پراڻي نظام کي ختم ڪري، کيس ڦيرائي پنهنجي اولاد جي حق ۾ ڪري ڇڏي، پر مادرانه حق جي موجودگيءَ ۾ ۽ مادرانه نسلي شجري کي پاڙان پٽي ڦٽي ڪرڻ کان سواءِ هو پنهنجي انهيءَ ارادي ۽ خواهش کي عملي جامو پهرائي نه ٿي سگهيو. هن وڏي دليري ۽همت سان مادرانه حق ۽ ان تي بيٺل نسلي شجري کي پاڙان پٽي ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪري ڇڏيو. سندس اهو ڪارنامو ايڏو وڏو ۽ عظيم هرگز نه هو جيترو ڪه هينئر اسان وارين نظرن سان ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
اهو انقلاب جيڪو انساني تاريخ ۾ هڪ فيصله ڪن انقلاب ثابت ٿيو هو، نيات جي ڪنهن هڪڙي زنده رڪن کي به نقصان پهچائي نه سگهيو هو. نيات جا سمورا رڪن پنهنجن مقرر ٿيل جاين تي بيٺا هئا. فقط هڪ سادي سودي قسم جي فيصلي کي عمل ۾ آندو ويو هو ۽ هو فيصلو هي هو ته، آئنده لاءِ مردن، (مڙسن) وارو اولاد به مڙس واري نيات اندر رهندو. عورتن (مائرن) واري اولاد کي ماءُ واري نيات مان ٻاهر ڪڍي کين سندن پيءُ واري نيات ۾ شامل ڪيو ويو هو. مادرانه حق موجب نسلي شجري کي ماءُ جي طرف کان هلائڻ ۽ ماءُ وٽان ورثي ترڪي جي حق جي طلب ڪرڻ، واري اصول ۽ رواج کي پاڙون پٽي اکيڙي ڦٽو ڪيو ويو هو ۽ ان جي جاءِ تي هينئر نسلي شجري کي پيءُ جي طرف کان هلايو وڃڻ لڳو هو ۽ فوتي پيءُ جي ملڪيت تي سندس اولاد جي ورثي ترڪي حاصل ڪرڻ واري حق کي سندس جاءِ تي کوڙيو ويو هو.
مهذب قومن ۾ اهو سماجي انقلاب ڪيئن آيو؟ ۽ ڪڏهن آيو هو؟ ان بابت ڪجهه به وثوق سان چئي نه ٿو سگهجي. اها سموري ڪارروائي تاريخ واري دور کان گهڻو اڳ ۾ ٿي چڪي هئي.پر اها ڳالهه ته اها سموري ماجرا سچ پچ ٿي به چڪي هئي. ان بابت مادرانه حق وارن موجود اهڃاڻن جون ايتريون ته واضح ثابتيون ملي چڪيون آهن، جو هينئر ڪنهن به شڪ ۽ شبهي ڪرڻ جي ڪابه گنجائش باقي نه رهي آهي.
انهيءَ جاکوڙ ڪرڻ لاءِ اسين وري به باڪوفن جا ٿورائتا آهيون. اهو انقلاب اڃا به بند ٿي نه سگهيو آهي. انهيءَ انقلاب جي وڏي سولائي سان وجود ۾ اچي وڃڻ جا مثال اسان کي آمريڪي انڊين قبيلن ۾ ملن ٿا. انهن قبيلن ۾اهو انقلاب تازو ٿورن سالن اندر عمل ۾ آيو آهي ۽ تا حال جاري آهي. انهيءَ انقلاب جا ٻه مکيه ڪارڻ آهن: پهريون ڪارڻ هي آهي ته مٿن عيسائي پادرين جي تبليغ جي اثر جي پوڻ ۽ تهذيب جي اخلاقي دٻائ جي وڌي وڃڻ جي ڪري آمريڪا ۾ مسوري درياهه تي رهندڙ اٺن قبيلن مان ڇهن قبيلن مادرانه حق ۽ نسلي شجري کي ترڪ ڪري پدرانه حق ۽ نسلي شجري کي اختيار ڪيو آهي. باقي ٻن قبيلن ۾ اڃان به مادرانه حق ۽ نسلي شجرو تاحال جاري آهي. شاني، دلاوري ۽ ميامي قبيلن ۾ اولاد کي پيءُ واري نسلي شجري ڏيڻ ۽ پيءُ واري نيات ۾ شامل ڪرڻ واري رسم جاري ٿي چڪي آهي. هن قبيلي جا فرد هاڻي پاڻ کي ڪنهن مرد ڏاڏي يا مورت اعليٰ جي نالي پٺيان سڏائين ٿا. هينئر پيءُ وٽان ورثي ترڪي وٺڻ جو رواج به عام ٿيندو وڃي ٿو.
انهيءَ نظاري کي مارڪس هيٺين لفظن ۾ ادا ڪيو آهي، اهو لکي ٿو ته: ”هيءَ ڳالهه هر انسان ۾ لاشعوري طور تي سمايل هوندي آهي ته هو شين جي غايت کي بدلائي ڇڏڻ خاطر پهريائين ان جو نالو تبديل ڪري ڇڏيندو آهي. جتي به ۽ جڏهن به کيس پاڻ واري مطلب جي پوري ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي ته هو موجوده قائم ٿيل رسم واري ديوار کي ڀڃي لانگهو ٺاهي نڪري وڃڻ لاءِ هڪ نئين رسم کي ايجاد ڪندو آهي.“ انهيءَ تبديلي جو نتيجو اهو نڪتو هو ته معاشري ۾ هڪ وڏو مونجهارو پيدا ٿي پيو هو. جنهن مان ڪاميابيءَ سان ٻاهر نڪري پار پوڻ جو رستو فقط هڪڙو ئي وڃي بچيو هو ته، مادرانه حق کي تبديل ڪري پدرانه حق کي اختيارڪيو وڃي. انهيءَ ڏس ۾ مارڪس وڌيڪ لکي ٿو ته: ”تقابلي قانون جا ماهر حضرات اسان کي ڇا به کڻي ٻڌائيندا رهن ته انهيءَ تبديلي کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ پراڻي دنيا جي مهذب قومن ڪهڙا ڪهڙا رستا اختيار ڪيا هئا. پر اهي محض مفروضائي مفروضا هوندا آهن. ڏسو M.kovak vesky ايم ڪواليفسڪي جو ڪتاب (Out line of the origin and Evolution of the Familyand Property- Stock Home 1880.) ”ڪٽنب ۽ ملڪيت جي آغاز ۽ ارتقا جو خاڪو!“
عالمي تاريخ ۾مادرانه حق جو خاتمو عورت ذات جي وڏي ۾ وڏي شڪست آهي. انهيءَ حق جي خاتمي کان پوءِ مرد جي چوٽي وڃي آسمان سان لڳي هئي. مرد انهيءَ نئين حاصل ڪيل طاقت ۽ سماجي اقتدار جي نشي ۾ مدهوش ٿي، ٻاهر ته ٺهيو پر خود گهر جي چوديواري جي اندر به اقتدار جي واڳ کي عورت جي هٿن مان کسي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيو. انهيءَ ڪري عورت ذات جو مان ۽ مرتبو خاڪ ۾ ملي ويو. هينئر عورت کي فقط هڪ ذليل وٿ، هڪ مظلوم بي وس صنف، مرد سان مساوي درجي رکڻ واري ساٿي ۽ سندس رفيقه حيات افضل نصف، بني نوع انسان جي متبرڪ خالق ماءُ حضرت حوا عليه السلام نه پر هڪ زائفان (ڪمزور) هڪ عورت (اگهاڙپ) يعني محض شهوت کي پوري ڪرڻ لاءِ هڪ وسيلو سندس جنسي تسڪين ۽ تفريح لاءِ هڪ رانديڪو ۽ فقط اولاد پيدا ڪرڻ جي هڪ بي جان ۽ بي حس مشين سمجهيو وڃڻ لڳو هو. عورت جو سماجي درجو گهٽجي ڄڻ ته آسماني بلندي تان ٽٽي اچي پٽ تي ڪِريو هو. جنهن جو اسان کي ظاهر ظهور ثبوت پويان واري سورمائي دور ۽ ڪلاسيڪي زماني جي تاريخ مان ملي ٿو. هينئر عورت ذات تي پليتائي جا تهن مٿان تهه چڙهي ويا. سندس روحاني وجود جو سارو نظام يعني سندس ذات ۽ وجود لاءِ تبرڪ ۽ تقدس ۽ سندس عليه السلامي وارو قائم ٿيل تخيل ۽ نظريو ٽٽي پاش پاش ٿي ويو هو. اها سموري ڪارروائي ۽ انقلاب ٿي گذريو، پر عورت وري به ساڳي عورت جي صورت ۾ رهجي وئي. يعني سندس ظاهري وجود يعني سندس محض ظاهري جسماني وجود وري به ساڳي حالت ۾ قائم رهجي ويو.
هينئر مردن جو اڪيلي سر يعني عورت جي رفاقت کان سواءِ حڪمراني ڪرڻ وارو دور پوري ريت قائم ٿي ويو هو. انهيءَ ڳالهه جي اثر انهيءَ وچين نموني واري ڪٽنب جي تشڪيل ۽ صورت مان ظاهر ٿئي ٿو، جنهن کي پدرانه حق تي ٻڌل ڪٽنب سڏيو وڃي ٿو. انهيءَ نظام جو مکيه دان هڪ مڙس گهڻيون زالون نه آهي. پر هڪ اهڙو سماجي ۽ ڪٽنبي نظام جنهن ۾ ڪيترائي انسان آزاد خواهه ٻانها ڪٽنب جي پدرانه سربراهه جي ماتحتي ۾ داخل ڪيا وڃن ٿا.
سامي نسل واري ڪٽنب جي نموني ۾ اهو ڪٽنب جو سردار ”هڪ مڙس گهڻيون زالون“ واري سماجي نظام ۾ زندگي گذاري ٿو. سندس ٻانهي تي به هڪ زال ۽ اولاد هوندو آهي. انهيءَ سماج جو مکيه مقصد هو، ”زمين جي مقرر ڪيل حدن اندر رهندي، مال جي ڌڻن جي پالنا ڪرڻ. انهيءَ سماجي نظام جا مکيه پهلو هي آهن: (1) ٻانهن کي ڪٽنب ۾ داخل ڪرڻ، (2) پدرانه طاقت وسيلي اقتدار ۽ اختيارات کي استعمال ڪرڻ.اهي ٻئي پهلو هڪ رومن ڪٽنب ۾ مڪمل طور تي موجود هوندا آهن. انڪري هڪ رومن ڪٽنب انهيءَ نموني واري ڪٽنب جو هڪ بهترين مثال آهي. رومن زبان ۾ لفظ Familia مان مراد اها هرگز نه ورتي ويندي هئي، جيڪا مراد کيس موجوده دور جا عالم پهرائين ٿا.
موجوده دور واري مراد ۾ جذباتيت ۽ گهرو جهڳڙي جا ٻئي پهلو منجهس موجود هوندا آهن. رومن ڪٽنبي نظام جي شروعاتي دور ۾ انهيءَ لفظ مان مراد ”فقط ٻانها“ ورتي ويئي هئي.لفظ Familia جي لغوي معنيٰ به آهي گهرو ٻانهو. انڪري لفظ Famila جي لغوي معنيٰ ٿيندي اهي سمورا ٻانها جيڪي هڪڙي مالڪ جا ٻانها هجن. خود Gaious جي زماني وارو محاوروFamila idestpatrimoni Pann يعني اهو ورثو ترڪي جيڪو وصيت ڪرڻ وسيلي منتقل ڪيو ويندو هو. رومن شهرين اهو نئون محاورو انهيءَ نئين ”تنظيم کي بيان ڪرڻ لاءِ گهڙيو هو، جنهن ۾ڪٽنب جي پدرانه سربراهه يا نيڪ مرد يا سردار کي پنهنجي ٻانهن سان گڏ پنهنجي زال ۽ اولاد تي به موت ۽ حياتيءَ جو پورو پورو اختيار حاصل هوندو هو. اهو ڪرشمو پدرانه حق جي استعمال ڪرڻ جو نتيجو هو. انهيءَ رومن محاوري جي ادبي عمر به ساڳي اطالوي قبيلن ۾ رائج، انهيءَ لوهي اشڪنجي ۾ جڪڙيل سرشتي جيتري ئي هئي، جيڪو سرشتو زراعت جي ترقي ڪرڻ جي ڪري سندن معاشري ۾ پيدا ٿي پيو هو. ٻانهن جي رواج کي قانوني طور تي جائز قرار ڏئي ڇڏڻ جي عمل کيس يعني انهيءَ سرشتي ۽ نظام کي ڄڻ هڪ ابهم ٻار مان وڌائي هڪ اڙٻنگ جوان بنائي ڇڏيو هو. اهو سمورو ڪارنامو يونامني ۽ اطالوي قبيلن جي هڪ ٻئي کان ڇڄي ڌار ٿي وڃڻ بعد عمل ۾ آيو هو.
انهيءَ سرشتي کي بيان ڪندي مارڪس اڳتي هلي لکي ٿو ته: ”موجوده دور جي ڪٽنب جي ڳهڻ ۾نه رڳو ٻانهپ جو رواج، پر زمين سان چهٽيل غلام هاري پڻ ساڻس گڏ جاڙو پيل هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته شروعات کان وٺي انهن ٻنهي نظامن جو پاڻ ۾ تعلق ۽ واسطو زرعي خدمتن جي ڪري، گڏيو رهندو آيو آهي. سماجي دشمنين ۽ نفرتن جو اهو ٻج ڪٽنب جي وجود جي زمين ۾ ئي پيل هوندو آهي. جيڪو اڳتي هلي اسري نسري معاشري ۽ ان جي پيدا ڪيل رياست جي اداري جي صورت وٺي وڌي وڻ ٿي بيهي رهي ٿو.“
ڪٽنب جو انهيءَ قسم جو نمونو ”حقيقي ڪٽنب مان ڦٽي نڪرندي ئي ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري ڪٽنب واري نموني جو پيدائشي دور ڏيکاري ٿو. زال جي مڙس سان جنسي وفاداري تي پوري ضابطي ۽ قبضي رکڻ ۽ اولاد جي تربيت جي حفاظت ڪرڻ خاطر زال جي ساري وجود کي مڙس جي اختيار ۾ سونپيو ويو آهي. اهو مڙس کي سونپيل اختيار ايتري قدر ته مطلق العنان آمرانه ڇڙواڳ ۽ آزاد قسم جو هوندو آهي، جو جيڪڏهن ڪو مڙس پنهنجي زال کي قتل به ڪري ڇڏيندو هو ته به هن ڄڻ ته فقط پنهنجي معاشري جي طرفان کيس تفويض ڪيل پدرانه حق جو هڪ خسيس ۽ معمولي قسم جو استعمال ڪيو آهي.
پدرانه ڪٽنب جي وجود ۾ ايندي ئي اسين تحرير ۾ موجود تاريخ واري دور ۾ داخل ٿيون ٿا ۽ هي اهو ميدان هوندو آهي، جتي تقابلي قانون وارو علم اسان جي رهبري ڪرڻ خاطر هڪيو حاضر بيٺو هوندو آهي. سچي ڳالهه هيءَ آهي ته، اسان سندس مدد سان گهڻو ڪجهه ميدان ماريو آهي. انهيءَ ڏس ۾ اسين ايم ڪواليفسڪي نالي هڪ روسي عالم جا ٿورائتا آهيون جنهن پنهنجي ڪتاب:"Outline of orign and Evolution of the Family and pruporty-stockhome. 1890" ۾ انهيءَ ساڳي حقيقت کي ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته پدرانه حق تي ٻڌل ڪٽنبن جا گروهه جهڙا موجوده دور ۾ سرب ۽ بلگار قومن ۾ موجود آهن. جن کي روسي زبان ۾ زدروگا Zuduroga يعني برادري سڏيو وڃي ٿو ۽ مشرقي قومن ۾ ڪجهه ترميم شده شڪل ۾ اڄ پڻ زندهءِ موجود آهن، هڪ اهڙي قسم جوڪيوري دور هوندو آهي، جيڪو مادرانه حق يعني اهو ڪٽنب جيڪو گروهي شادين مان ارتقا ڪندي دنيا ۾ موجوده رائج ڪٽنبي نظام جي صورت ۾ پيدا ٿيو هو. اهو اڄ به صحيح سلامت حالت ۾ زنده موجود آهي. اها مٿي ڄاڻايل حقيقت جيڪڏهن ڪنهن ٻئي هنڌ تي ثابت نه ٿي سگهي آهي ته به اها ساڳي حقيقت پراڻي دنيا ۾ ٻنهي آريه خواهه سامي نسلن جي قومن ۾ ثابت نظر اچي ٿي.
موجوده دور ۾ يورپ ۽ ڏاکڻي سلاف Slar قومن ۾ برادرين جو موجوده زدروگا نظام پدرانه حق تي ٻڌل ڪٽنبن جي گروهه جو بهترين مثال پيش ڪري ٿو. اهي سمورا ڪٽنب ڪيترين ئي پيڙهين تي مشتمل هوندا آهن. جن مان هر ڪٽنب پنهنجي ڪنهن هڪڙي وڏي ڏاڏي مورث اعليٰ ۽ سندس زالن جا اولاد هوندا آهن. اهڙين برادرين ۾ داخل ٿيل سمورا ڪٽنب پاڻ ۾ هڪ وڏي ۽ عظيم ڪٽنب طور گڏجي نياتون ٺاهين ٿا. انهيءُ نيات ۾ داخل سمورا ڪٽنب هڪ ۽ ساڳي وڏي بزرگ مرد مورث اعليٰ جا مشترڪ اولاد هوندا آهن. اهڙي نيات ۾ سمورا شامل ڪٽنب پاڻ ۾ گڏجي حياتي گذارين ٿا. اهي هڪڙي ئي وڏي گهر، ويڙهي يا محلي ۾ پاڻ ۾ گڏجي رهن ٿا. پاڻ ۾ گڏجي موروثي ٻنيون آباد ڪن ٿا. هڪڙي يڪي ئي گڏيل گدام مان گڏجي کاڌو کائين ٿا ۽ سمورا نيات ڀائي پاڻ ۾ گڏجي پيداوار کي استعمال ڪن ٿا ۽ اهي سمورا ڀاتي ۽ نيات ڀائي انهيءَ سموري پيداوار جا اجتماعي مالڪ هوندا آهن. اهي سمورا ڪٽنب هڪڙي ئي نيڪ مرد، سربراهه، ويڙهي يا شهر ۽ محلي جي مالڪ دوماچين جي حڪمراني هيٺ رهن ٿا. جيڪو گهر کان ٻاهر جي معاملن ۾ هڪ عيوضي طور سندن نمائندگي ڪري ٿو. سندن اهو نيڪ مرد ننڍا ننڍا اسم نيڪال ڪري سگهي ٿو. هر گهرو خرچ پکي جو انتظام به ڪري ٿو. انهن سمورين ڪمن ڪارين سان گڏوگڏ هو ڪٽنب جي مقرر ڪيل ڪاروبار يا ڌنڌيءَ کي به هلائي چلائي ٿو. انهيءَ سربراهه يا نيڪ مرد کي چونڊ وسيلي منتخب ڪيو ويندو آهي. انڪري اهو پڻ ضروري نه هوندو آهي ته هو هروڀرو ڪٽنبن جي سمورن فردن کان وڏي ڄمار جو به هجي. نيات جي عورتن جي سنڀال ڪرڻ لاءِ ۽ کين منتخب ڪمن ڪارين سان لڳائڻ جو فرض وري ڪٽنب جي نيات ڌياڻي کي سونپيل هوندو آهي. اها عورت گهڻو ڪري انهيءَ چونديل نيڪ مرد وڏيري جي زال يعني ڊوماچستا سڏي ويندي آهي. نيات جي ڪنوارين عورتن لاءِ ورن ڳولڻ ۾ سندس وڏو هٿ هوندو آهي. يعني انهيءَ معاملي ۾ سندس راءِ کي نيات ڀاين وٽ وڏو وزن حاصل هوندو آهي.
گهڻو ڪري سندس ڪيل فيصلي يا حڪم کي موٽايو نه ويندو آهي، پر نيات جو اقتدار اعليٰ فقط ڪٽنبن جي ڪائونسل جي هٿن ۾ هوندو آهي، جيڪا ڪائونسل وري ڄڻ ته سمورن ڪٽنبن جي سمورن بالغ مردن ۽ عورتن جي هڪ گڏيل اسيمبلي هوندي آهي. ساري نيات جو مالڪ مکي يا سربراهه انهيءَ ڪٽنبن جي اسيمبلي جي سامهون ڪيل خرچ پکي ۽ آمدنيءَ جو پوتاميل پيش ڪرڻ لاءِ ٻڌل هوندو آهي. سمورا مکيه فيصلا اها اسيمبلي ڪندي آهي. نيات ۽ ڪٽنبن جي ڀاتين جي وچ ۾ تڪرارن ۽ جهيڙن جو نبيرو به اها اسيمبلي ڪندي آهي. اها اسيمبلي گهرو ڪٽنبي ۽ نياتي ضرورتن لاءِ شين جي خريداري ۽ وڪري ڪرڻ تي بحث مباحثو ڪندي آهي. جن سمورن معاملن ۾ زمين جا معاملا ان جي خريد ۽ فروخت ڪرڻ جا معاملا وڌيڪ اهم هوندا آهن.
ڏهه سال کن ٿيندا ته روس ۾ پڻ اهڙي ئي قسم جي ڪٽنبن جي جماعت (نيات) جي موجود هجڻ جي ثابتي ملي آهي. روس ۾ اهڙن ڪٽنبن جن جي وجود جون پاڙون عوامي رسمن ۾کتيل هونديون آهن، جي وجود کي تسليم ڪيو ويو آهي. روس ۾ کين (آسچينا) يعني ڳوٺاڻا ڪٽنب جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. اهڙن ڪٽنبن جو مذڪور اسان کي روس جي قديم قانون ۾ به ملي ٿو. مثلن Provoda Yaro Slar ۾ ساڳي نالي هيٺ روس ۾ Vorv وارو رواج پڻ موجود آهي. جيئن باليشن قانون ۾ به اهو ساڳيو مذڪور درجو آهي. اهڙن ڪٽنبن جي موجود هجڻ بابت پولينڊ ۽ چيڪوسليويڪيا جي ملڪن جي تاريخ جي ڪتابن ۾ پڻ انهيءَ ساڳي قسم جا حوالا موجود آهن.
سئٽزرلينڊ جي مشهور جرمن قانون جي مصنف هيلزار(Heusler) جي ڪتاب Instituts of German ”جرمن ادارا“ جي لکت موجب جرمن معاشري واري اقتصادي وحدت اصل ۾ جديد دور واري انفرادي ڪٽنب واري وحدت نه هوندي هئي. پر اها اقتصادي وحدت گهرو برادري يا فرقي جي وحدت Communalunit جهڙي نموني جي هوندي هئي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي پيڙهيون ۽ انفرادي ڪٽنب شامل هوندا هئا. جن ۾ وري ڪيترائي ٻانها، نوڪر چاڪر ۽ زيردست وغيره به شامل ڪيل هوندا هئا.
قديم رومن ڪٽنب ۾به اهڙي ئي قسم جي ڪٽنبن جا اهڃاڻ دستياب ٿيا آهن، جنهن جي نتيجي طور ڪٽنب جي سربراهه کي ڪلي قسم جا يعني مطلق العنان قسم جا اختيارات تفويض ڪري سندس حيثيت کي مضبوط بنايو ويو هو ۽ سندس اختيارات جي مقابلي ۾ ڪٽنب جي باقي ڀاتين جا حق کسي کين ڪمزور بنايو ويو هو. موجوده دور ۾ اهڙي قسم جي ڪٽنب تي وڏا اعتراض ۽ احتجاج ڪيا ويا آهن. ساڳي طرح فرينچ انقلاب جي دور تائين آئرلينڊ ۾ ڪيلٽ لوڪن ۽ فرانس ۾ نيوفرنائي صوبي ۾ پڻ اهڙي قسم جي ڪٽنبن جي موجود هجڻ جي خبر پوي ٿي. خود موجوده جديد دور ۾ به اهڙي ساڳي قسم جا ڪٽنب اڄ به ڪٿي ڪٿي صحيح سلامت موجود آهن. مثلن ”فرانس جي لوهان ضعلي ۾ وڏن آبادگار ڪٽنبن جي گهرن ۾ وڏا وڏا صفحا ٺهيل هوندا آهن. جن جي چوگرد ڀاتين جي رهائش لاءِ ننڍا ننڍا سمهڻ جا ڪمرا ٺهيل هوندا آهن. جن کي وڏي مرڪزي صفحي سان ملائڻ لاءِ انهن ڪمرن مان ڇهن يا اٺن ڏاڪن واري ڏاڪڻ ٺهيل هوندي آهي. انهن آبادگار ڪٽنبن جي اهڙين وڏين ويڪرين ڪشادين جاين ۾ اڄ به هڪڙي ئي گڏيل ڪٽنب جون ڪيتريون ئي پيڙهيون ۽ ڪٽنب پاڻ ۾ گڏجي رهندا آهن.
سنڌو نديءَ جي ماٿري (موجود پاڪستان) ۾ سڪندر اعظم جي مشهور امير البحرنيارڪس پڻ وڏن وڏن آبادگار ڪٽنبن جي موجود هجڻ جو ذڪر ڪيو آهي. هي سمورا ڪٽنب پاڻ ۾ گڏجي رهندا هئا. اهو پراڻو گهرو برادرين وارو رواج اڄ به سنڌو ماٿري جي پنجاب، ڪشمير ۽پختونستان صوبن ۾ موجود آهي. ڪوهه قاف جبلن وارين ماٿرين ۾ رهندڙ قبيلن ۾ پڻ ساڳي رسم جي موجود هجڻ جو ذڪر ۽ تصديق ڪواليفسڪي صاحب به پنهنجي ڪتاب ۾ ڪئي آهي. اهو ساڳيو رواج اڄ به الجيريا (الجزائر) جي قبيلن ۾ موجود آهي. خود آمريڪا ۾ به اهو ساڳيو رواج موجود رهيو هو. زورينا Zuritra نالي هڪ اسپني فوجي عملداران کي ميڪسيڪو جي ڪالپوليز Calpullis نالي رسم سان ڀيٽيو آهي.
هينرڪ ڪونو Henric Cunov نالي جرمن عالم پنهنجي ڪتاب آسلينڊ ۾ انهيءَ ساڳي حقيقت کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي. ص 44-42 پيرو رياست جي انڊين قبيلن ۾ به مارڪ قسم وارو آئين موجود هو. عجب جي ڳالهه آهي ته پيرو جي انڊين قبيلن ۾به انهيءَ نظام کي مارڪو سڏين ٿا. جنهن موجب هر موسم ۾ آباد ڪيل ٻنين کي سندن آباد ڪندڙن ۾ورهايو ويندو هو.
اسين هن حقيقت کي به معاشري ۾ موجود ڏسون ٿا ته پدرانه حق تي ٻڌل ڪٽنبي سرشتو، جنهن ۾ زمينن کي گڏيل ملڪيت طور رکڻ ۽ کين گڏيل طور تي آباد ڪرڻ جو رواج به هوندو هو. انهيءَ رواج ڦري هڪ نئين روپ ۽ اهميت وٺڻ شروع ڪئي هئي، اسان کي هن امر ۾ ڪنهن به شڪ ڪرڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي ته انهيءَ رواج ئي پراڻي دنيا جي سمورين مهذب قومن ۾ به مادرانه حق تي ٻڌل ڪٽنب خود ”هڪ مڙس، هڪ زال“ جي ڪٽنبن ۾ هڪ اهم قسم جو ڪردار ادا ڪيو آهي.
اسين ان بابت ڪواليفسڪي جيويڪ اخذ ڪيل نتيجن تي بعد ۾ بحث ڪنداسين. اهڙيءَ طرح انهيءَ عبوري دور ۾ جنهن ۾ ڳوٺ يا واهڻ (مارڪ) پيدا ٿيا هئا، آبادگارن جو هڪ اهڙو گروهه به وٽن موجود هوندو هو، جيڪو کين ڌار ڌار ورهائجي مليل زمين جي ٽڪرن تي آباديون ڪندو هو. پهريائين کين موسم آهر زمين جو ٽڪرو ڇني ڌار ڪري ڏنو ويندو هو پر بعد ۾ انهن ساڳين ٽڪرن تي آبادي ڪرڻ ۽ مال چارڻ لاءِ انهن وڌيڪ ٽڪرن ۾ورهاست ڪيو ويندو هو. جيتري قدر اهڙن ڪٽنبي گروهن جي اندروني ازدواجي زندگين جو تعلق هوندو آهي ته هي ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته روس جي ملڪ ۾ وري هيءَحالت هوندي هئي ته ڪٽنب جو سربراهه پنهنجي انهيءَ مطلق العنان هجڻ وري حيثيت مان ناجائز فائدو وٺندو هو. ڪٽنب جون سموريون نوجوان ۽ خوبصورت عورتون سندس هوس جو شڪار ٿينديون رهنديون هيون. انهيءَ مطلق العنان کيس ايتري قدر ته بي شرم ۽ بي خوف بنائي ڇڏيو هو جو هو پنهنجن نُهرن يعني پٽن جي زالن سان به جنسي ميلاپ ڪرڻ کان ڪين مڙندو هو. سندس نهرون سندس پٽن جون زالون هجڻ جي باوجود به سندس هوس پرستي ۽ جنسي عياشيءَ لاءِ کيس حرم طور ڪم اينديون هيون. اسان کي مٿي ذڪر ڪيل حالتن جو سربستو احوال روس جي تاريخي ڪتابن مان نه پر روسي لوڪ ادب جي گيتن ۽ بيتن مان ملي ٿو.
مادرانه حق جي خاتمي سان ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري اداري وڏي ترقي ڪئي هئي. ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي ۽ ڪٽنب جي بيان ڪرڻ کان اڳ ۾ ٻه ٽي اکر ”هڪ مڙس گهڻيون زالون“ ۽ ”هڪ زال گهڻا مڙس“ وارن ادارن لاءِ به ٿي وڃن. شادي ڪرڻ جا مٿيان ٻئي قسم مادرانه حق جي خاتمي کان پوءِ پيدا ٿيا هئا پر انهن ٻنهي قسمن جي شادين جي نمونن ۾ اسان کي هڪ استثنا به ملي ٿي اها استثنا هي آهي ته شادي ڪرڻ جا اهي ٻئي نمونا تاريخي طور تي (ظاهر ۾ ڄڻ نه محض جنسي عياشي ڪر ڻ۽ زنا ڪاري کي فروغ ڏيڻ خاطر ئي ايجاد ڪيا ويا هئا.)
جيڪڏهن منجهن ارتقائي عمل جو دخل موجود نه هجي ها ته هوند اهي ٻئي شادين ڪرڻ جا نمونا ڪنهن خاص هڪ ملڪ، قوم، يا فقط هڪ دور ۾ گڏوگڏ اسرن ۽ نسرن ها. حقيقت هي آهي ته اهي سمورا مرد جن کي ”هڪ مڙس گهڻيون زالون“ واري شادي ۽ ڪٽنبي سرشتي مان خارج ڪري ڪڍي ڇڏيو ويو هو. پاڻ کي انهن باقي بچي ويل عورتن سان جيڪي هينئر هڪ جدا ”هڪ زال گهڻا مڙس“ وارا ڪٽنب ٺاهي ويهي رهيون هيون، سان لاڳاپيل نه رکي سگهيا هئا. انهيءَ دور ۾ مردن ۽ عورتن جي شادين جو تعداد لڳ ڀڳ هڪ جيترو ٿي ٿي ويو ته انهيءَ حقيقت مان هي ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته انهن ٻنهي قسمن جي ڪٽنبن مان ڪنهن به هڪڙي قسم وارن ڪٽنبن مان ڪوبه هڪڙي نموني وارو ڪٽنب پاڻ کي ساري معاشري اندر رائج ڪري نه سگهيو هو. حقيقت وري هي آهي ته ”هڪ مڙس گهڻيون زالون“ وارو ادارو ٻانهپ جي رواج جي پيداوار آهي. سامي نسل وارن قومن ۾ پدرانه حق تي ٻڌل ڪٽنبن واري نظام ۾ فقط ڪنهن ڪنهن ڪٽنب جو سربراهه پنهنجي سر يا وڌ ۾ وڌ سندس فقط هڪ يا ٻه پٽ ”هڪ مڙس گهڻيون زالون“ وارو ڪٽنب رکي سگهيا ٿي. ڪٽنب جا ٻيا سمورا باقي مرد ۽ ٻانها فقط ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري ڪٽنب تي قانع ۽ شاڪر رهندا هئا. اها ساڳي حالت اڄ به سمورن مشرقي ملڪن ۾ هلندي اچي ٿي. ”هڪ مڙس گهڻيون زالون“ وارو ڪٽنب رکڻ فقط امير طبقي جو شيوو رهيو آهي جن کي پڻ حقيقت ۾ فقط هڪ سچي دل واري زال هوندي آهي ۽ باقي ٻانهون خريد ڪري گهرن کي ڀريو ويندو آهي پر عام رواجي ماڻهو فقط هڪ زال سان صحيح ۽ سچي شادي ڪيل هوندا آهن انهيءَ رواج جي استثنا اسان کي فقط نٻيٽ ۾ ملي ٿي جنهن جي مزيدار ابتدا پڻ گروهي شادين مان ئي ٿيل هئي پر انهيءَ حقيقت جي وضاحت ڪرڻ لاءِ تفصيلي کوجنا ڪرڻ جي ضرورت آهي پر اهي سمورا نظام مسلمانن جي حاسدانه قسم جي حرم رکڻ واري نظام کان وڌيڪ قابل برداشت نظام هوندا آهن، ڏکڻ ڀارت جي نابر قبيلن ۾ وري هي رواج آهي ته ٻن چئن يا وڌيڪ مڙسن جو ٽولو هڪ گڏيل مشترڪ زال رکندو آهي ۽ انهن مان هر هڪ مڙس کي محض جنسي ميلاپ ڪرڻ خاطر پنهنجي هڪ جدا ذاتي زال به هوندي آهي جنهن کي به سندس مڙس ٽولي ۾ شريڪ سمورن مڙسن جي اڳيان پيش ڪندو رهندو آهي ۽ ساڳي طرح ٽولي ۾ شريڪ ٻين مڙسن جون ذاتي زالون پڻ سمورن مڙسن جي ڪتب اينديون رهنديون آهن، عجيب ڳالهه هي آهي ته ميڪلينن کي هڪ نئين شادي جي اداري يعني شادي ڪلب جي ڪابه خبر نه پئي هئي انهن ڪلبن وارين شادين ۾ ڪلب جا ڪيترائي ميمبر ٻئي مرد ۽ عورتون پاڻ شامل هوندا آهن.
انهيءَ ڪلب واري شادين جي ڪاروبار ۾ ”هڪ زال گهڻا مڙس“ جو سچو پچو ڪاروبار نه هلندو آهي، پر جيئن جراڊ ٽولون نوٽ ڪيو ته اهو به هڪ خاص گروهي شادين ڪرڻ جو نمونو هوندو آهي جنهن ۾ مڙس ”هڪ مڙس گهڻيون زالون“ ۽ زالون وري ”هڪ زال گهڻا مڙس“ واري اصول تي عمل ڪن ٿيون.
“هڪ مڙس هڪ زال” وارو ڪٽنب
اسين اڳ ۾ ئي ذڪر ڪري آيا آهيون ته هن قسم جو ڪٽنب جفتي شادين واري ڪٽنب مان ڦٽي نڪتو هو، جڏهن ڪوبه معاشرو غير مهذبيت جي وچولي درجي مان نڪري مٿاهين درجي ڏانهن ارتقا ڪندو آهي ته مٿاهين درجي وارين حالتن جي عام ٿي وڃڻ سان مهذب دور جي شروع ٿيڻ جا نشان ظاهر ٿيڻ لڳندا آهن انهيءَ درجي تي پهچڻ بعد ڪٽنب اندر مڙس جي بالادستي ۽ حاڪميت کي سموري معاشري ۾ڪلي طور تي تسيلم ڪيو ويندو آهي جن قسم يعني ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي شادي جو مقصد هوندو آهي. ”ڪٽنب ۾ غير متنازعه فيه پن ريت جي دوران اولاد پيدا ڪرڻ“ انهيءَ قسم جي خالص قسم واري پدريت قائم ڪرڻ جي ضرورت هن ڪري ٿيندي آهي ته اهڙي شادي مان ڄاول اولاد پنهنجي فوتي پيءُ جي ملڪيت ۽ جائيداد جو قدرتي واحد وارث بنجي سگهي.
”هڪ مڙس هڪ زال“ واري ڪٽنب ۽ جفتي ڪٽنب وارن ڪٽنبن ۾ وري هي فرق هوندو آهي ته ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي جون بندشون جفتي قسم واري شادي جي بندش کان وڌيڪ سخت قسم جون هونديون آهن. انهن بندشن کي ٻنهي ڌرين مان ڪابه هڪڙي ڌر پنهنجي روع سوئ يا اڪيلي سر ختم ڪري نه سگهندي آهي، موجوده دور واري قانون موجب فقط مڙس کي ئي اهو حق حاصل هوندو آهي ته هو اڪيلي سر پنهنجي مرضي سان شادي کي ختم ڪري ڇڏي ۽ مڙس ڪٽنب ۽ گهر جي حاڪم هجڻ جي ڪري زال کي پنهنجي گهر مان لوڌي ٻاهر ڪڍي سگهندو آهي يعني کيس هڪ طرفي طور تي طلاق ڏيئي سگهندو آهي، ان ڪري هن قسم واري شادي ۽ ازدواجي بي وفائي ڪرڻ جو حق به فقط مڙس کي ئي حاصل رهندو آهي، انهي طلاق واري رسم کي قانون جي پٺڀرائي به حاصل هوندي آهي. نيپولين واري فرينچ قانون ۾ مڙس کي ازدواجي بي وفاعي ڪرڻ جو حق قانوني طور تي تفويض ڪيل هوندو آهي پر ان ۾ به فقط هڪڙي اهم بندش درج ٿيل آهي ته ”اهڙو مڙس پنهنجي سريت يا معشوق کي پنهنجي گهر جي اندر وٺي نه ويندو.“ انساني سماج جي واڌاري ۽ ترقي سان گڏوگڏ انهي جنسي بي وفائي ڪرڻ واري قانوني حق کي فرينچ مڙسن وڏي آزادي سان استعمال ڪيو آهي، پر انهيءَ ڀيٽ ۾ ڪا زال پنهنجي قديم آزاد جنسي ميلاپ ڪري سگهڻ واري حق ۽ عمل کي ياد ڪندي ان کي وري جيارڻ جي ڪوشش ڪري ٿي يعني ازدواجي بندش کان ٻاهر ڪنهن غير مرد سان جنسي ميلاپ ڪري وجهي ٿي ته کيس وڏا عذاب سهڻا پئجي وڃن ٿا. جن جهڙا عذاب عورت ذات کي سمورن اڳ وارن ڪٽنبي نظامن ۾ ڪڏهن به سهنا نه پوندا هئا.
اسان کي قديم يوناني معاشري ۾ انهي قسم جو ڪٽنب سخت گير قانون سميت ظاهر نظر اچي ٿو. ان بابت مارڪس لکي ٿو ته ”يوناني ديو مالا ۾ ديوين کي انهيءَ گذري ويل دور ۽ ماحول ۾ ڏيکاريو ويو آهي جنهن دور ۾ عورت اڃان آزاد هوندي هئي.“
سندس وڏو احترام ڪيو ويندو هو، پر اڳتي هلي يونان جي سورمائي دور ۾ اسين يوناني عورت کي ذليل حالت ۾ ڏسون ٿا. عورت جي انهيءَ ابتري واري حالت کي پهچڻ جا ٻه مکيه سبب هئا، پهريون ڪٽنب ۾ مڙس جي بالادستي جو قيام ۽ ٻيو مڙس جي پيار هٿ ڪرڻ لاءِ زال جو ٻانهين سان مقابلو ۽ چٽاڀيٽي. اسين يوناني شاعري جي جڳ مشهور ديوان اوڊيسني ۾ پڙهون ٿا ٽيلي مارڪسTali Marchas نالي هڪ يوناني سورمون پنهنجي ماءُ کي قتل ڪري ٿو ۽ قتل ڪندي کيس خاموش رهڻ جو حڪم به ڏيئي ٿو. قديم يونان جي قومي شاعر هومر Homer جي رزميه ڪلام ۾ مفتوح قومن جون هٿ ڪيل بانديون يوناني فاتحي جي شهوت ۽ هوس جو شڪار ٿين ٿيون. يوناني فوجي سردار پنهنجي عياشي لاءِ هڪ ٻئي جي پويان مفتوح باندين مان خوبصورت عورتن جي چونڊ ڪن ٿا. سارو اليڊ Illid جو ديوان فقط ٻن يوناني فوجي سردارن آڪيلس ۽ ايگا ممنون جي وچ ۾ هڪ خوبصورت باندي تان پاڻ ۾ جهڳڙي ڪرڻ جي ذڪر سان ڀريو پيو آهي. هومر جي رزميه شاعري جو هر سورمون مفتوح قوم جي ڪنهن نه ڪنهن جنگي باندياڻيءَ کي ساڻس جنسي ميلاپ ڪرڻ خاطر پنهنجي تنبوءَ ۾ وٺي وڃي ٿو. مثال طور ايسڪليس نالي ڪتاب ۾ آگا ممنان نالي سورمو ڪي سنڊرا نالي هڪ باندي عورت کي ساڻس جنسي ميلاپ ڪرڻ خاطر پنهنجي گهر ۾ وٺي وڃي ٿو. اهڙين ٻانهين مان پيدا ٿيل اولاد کي پيءُ جي ملڪيت مان ٿورو حصو به ڏنو ويندو ۽ کين آزاد شمار ڪيو ويندو هو.
ٽيوڪراس به تيلامون نالي سورمي جو ناجائز پٽ هو ان هوندي به کيس پيءُ واري پدريت جي نالي سان سڏائڻ جو اختيار ڏنو ويو هو. يوناني معاشري ۾ هڪ شادي شده زال مان هي اميد به رکي ويندي هئي ته هوءَ پنهنجي مڙس جي سموري جنسي بيهودگي کي برداشت ڪندي رهي ۽ ساڳي وقت تي بلڪل با عصمت ۽ پاڪ دامن به رهي ۽ پنهنجي اوباش طبع واري مڙس سان جنسي طور تي وفادار رهڻ واري ازدواجي جذبي ۾ ڪوبه فرق نه آڻي پر هي حقيقت به پنهنجي جاءِ تي صاف موجود نظر اچي ٿي ته يونان واري انهيءَ سورمائي دور واري معاشري جي عملي طور تي زال کي فقط هڪ جائز اولاد جي ماءُ، هڪ گهر ڌياڻي، محض انهن ٻانهين جي سنڀال ڪندڙ ليکيو ويندو هو، جيڪي ٻانهيون سندس مڙس جي بستري جي زينت ۽ سريتون هونديون هيون مطلب ته گهر جي چوديواري جي اندر به يوناني مڙس صاحب مختار ڪل هوندو هو، ان ڪري چئبو ته هن لعنت جو اصل سبب ۽ مکيه ڪارڻ هي هوندو هو ته هڪ مڙس هڪ زال واري شادي جي رواج جي پوڻ وقت نوجوان خوبصورت ٻانهين رکڻ جو رواج گهرن جي چوديواري اندر به ويچاري زال سان منهن مقابل هوندو هو. ٻانهين کي فقط مڙسن جي خلاص ۽ اڪيلي ذاتي ملڪيت تصور ڪيو ويندو هو. ان ڪري انهيءَ سماجي دستور ۽ رواج ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي جي اداري جي پيشاني تي هي ٺپو هڻي ڇڏيو هو ”ته زال لاءِ فقط هڪ مڙس“ پر مڙس لاءِ انهيءَ ساڳي قانون جو ڪوبه عمل دخل موجود نه هوندو هو.“ اهو ساڳيو قانون معاشري ۾ اج به قائم دائم ۽ زنده جاويد حالت ۾ موجود آهي.
انهي پوئين دور جي يونانين بابت اسان کي ڊورين ۽ ابونين جي وچ ۾ تفريق ڪرڻي پوندي. سپارٽا جا يوناني جيڪي ڊورين جو مثال آهن. وٽن ڪيترن ئي حالتن ۾ قديم شادين وارا رواج ۽ مختلف قسمن جا جنسي تعلقات موجود هوندا هئا جن ڏانهن هومر به ڪو اشارو نه ڪيو آهي. سپارٽا ۾ اسان کي جفتي شادين ڪرڻ وارو نمونو به ملي ٿو. جنهن ۾ رياست وقت بوقت ترميمون ڪندي آئي هئي. سندن شادين ۾ اڃان به گروهي شادين وارو عنصر به موجود هوندو هو. بي اولاد شادين کي ختم ڪيو ويندو هو. 650 ق- م ۾ سپراٽا جي بادشاهه Anakandridas انڪندريڊس پنهنجي پهرين بي اولاد زال جي موجودگي ۾ ٻي زال سان شادي ڪئي هئي. ان ڪري هو ٻه جدا جدا گهر هلائيندو هو، Aristonesارسطونس نالي هڪ ٻئي يوناني بادشاهه به ٻن بي اولاد راڻين جي موجودگي ۾ ٽين عورت سان شادي ڪئي هئي. هن پهرين ٻن زالن مان هڪڙي زال کي طلاق ڏيئي ڇڏي هئي. انهي رواج سان گڏوگڏ گهڻا ڀائر پاڻ ۾ گڏجي هڪ مشترڪ زال سان به پرڻجي سگهندا هئا. جيڪڏهن ٻن دوستن مان هڪڙي دوست کي ٻئي دوست جي زال پسند اچي ويندي هئي ته ٻئي دوست پاڻ ۾ گڏجي انهي هڪڙي زال سان جنسي ميلاپ ڪندا رهندا هئا. انهي دور ۾ هن ڳالهه کي به موزون ۽ جائز سمجهيو ويندو هو ته پنهنجي زال کي جنسي ميلاپ ڪرڻ لاءِ ڪنهن طاقتور شهوتي مرد جي حوالي ڪيو وڃي. حرمن مدبر شهزادي سيمارڪ جي لفظن ۾ ”اهڙو شخص مرد“ ڀلي ته يونان جو شهري به نه هجي.“ مشهور يوناني اديب پليوتارڪ Plutarch هڪ عجيب مثال ڏنو آهي ته سپارٽا جي هڪ شادي شده زال جنهن جي پويان ساڻس جنسي ميلاپ ڪرڻ لاءِ سندس عاشق سرگردان ٿيو پيو ڦرندو هو. کيس وڏي معصوم انداز ۾ صلاح ڏيندي چوي ٿي ته ”تون وڃي مون واري مڙس سان ڳالهاءِ. جيڪڏهن هو مون کي اجازت ڏيندو ته پوءِ آئون توسان سمهڻ لاءِ بلڪل تيار آهيان.“ مشهور جرمن فيلسوف ۽ مورخ شومان Chomann جي لکڻ موجب ”اهي سموريون حقيقتون ڏيکارين ٿيون ته سپارٽا واري معاشري ۾ جنسي ميلاپ ڪرڻ جي گهڻي قدر ڇڙواڳي هوندي هئي. حقيقت زناڪاري وارو تخيل ۾ جنهن هڪ زال پنهنجي مڙس جي گهر مان سندس غير حاضري جو فائدو وٺي کانئس لڪي چوري چوري پنهنجي عاشق سان جنسي ميلاپ ڪندي هجي. اهڙو مثال سپارٽا جي معاشري ۾ ورلي ڪو ٿيو هوندو.“ ٻئي طرف سپارٽا جي معاشري ۾ گهرن ۾ ٻانهين رکڻ جو رواج اڃا سوڌو نه پيو هو. خاص طور تي سندن عروج واري دور ۾ سپارٽا جي ٻنين تي رهندڙ زيردست نوڪر قسم جا ايلوٽ(ڪڙمي) شهر کان ٻاهر بلڪل پر ٻنين تي رهندا هئا. ان ڪري سپارٽا جي وڏيرن جي زالن سان جنسي ميلاپ ڪرڻ جي آرزو سندن دلين ۾ پيدا به نه ٿيندي هئي. يعني هو نڪي سپارٽا جي خوبصورت گلبدن ماهرو وڏيرين کي ڏسندا هئا ۽ نه وري سندن دلين ۾ سپارٽا جي خوبصورت نازنين وڏيرين سان جنسي ميلاپ ڪرڻ جي ڪا خواهش، خلش يا ارمان ٿيندو هو. اهڙي آزاد ماحول ۾ سپارٽا جي عورتن کي وڏي احترام جي نظر سان ڏٺو ويندو هو. يونان جي قديم معاشري ۾ سپارٽا جي عورت جو سماجي مرتبو تمام بلند هوندو هو. قديم دور جي عالم يوناني معاشري جي فقط ٻن عورتن جي شان ۽ تعريف ۾ ڪاغذ ڪارا ڪيا آهن، جن مان هڪڙي آهي سپارٽا جي پرڻيل زال ۽ ٻي آهي اٿينس شهر جي اوچي طبقي جي وڏن اميرن ۽ سردارن جون سرتيون. انهي دور جي عالمن فقط انهن ٻن قسمن جي عورتن جي ڳالهين کي قلم بند ڪرڻ جي لائق سمجهيو هو.
ايونا جي يونانين کان اٿينس جي شهرين جو ڪردار بلڪل مختلف قسم جو هوندو هو. اٿينس جا شهري پنهنجي ڌيئرن ۽ ڀينرن کي چرخي ڪتڻ، ڪپڙي اڻڻ ۽ سبڻ جا هنر سيکاريندا هئا. ان کان وڌي ٿورو گهڻو لکڻ پڙهڻ به سيکاريندا هئا. وڏي ۾ وڏي ڳالهه هي هوندي هئي ته عورتن کي سخت پردي ۾ رکيو ويندو هو. گهر کان ٻاهر نڪرڻ وقت گهڻيون عورتون پاڻ ۾ گڏجي نڪرنديون هيون. اٿينس جي هر گهر ۾ هڪ جدا زنانا خانو هوندو هو، جيڪو گهڻو ڪري گهر جي ماڙي تي هوندو هو يا ته بلڪل جدا جاءِ تي هوندو هو، يعني عورتن لاءِ هويليون ۽ مردن جي لاءِ اوطاقون هونديون هيون. ڌارين مردن کي حويلين ۽ زنانا خانن ۾ وڃڻ جي اجازت نه هوندي هئي. خاص طور تي اڻ واقف ڌارين مردن کي. عورتون (وڏيريون) ٻانهن کان سواءِ اڪيليون گهرن کان ٻاهر به نه نڪرنديون هيون. خود گهرن ۾ به مٿن چوڪسي ۽ پهرو هلندو هو. مشهور قديم يوناني ڊرامه نويس Aristophines ارسطوفينس پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ”يوناني معاشري ۾ عاشقن ۽ لفنگن کي اميرن ۽ وڏيرن جي گهرن کان پري رکڻ لاءِ مولوسين جا پهريدار ڪتا گهرن ۾ رکيا ويندو هئا.“ يوناني اميرن جي حويلين ۽ حرمه سرائن تي پهري ڏيڻ لاءِ خواجه سراءِ رکيا ويندا هئا. جيڪي گهڻو ڪري کدڙا يا خصي مرد هوندا هئا. قديم يوناني مورخ هيروڊوٽسHerodotus جي ڏينهن ۾ ٻانهن کي خصي بڻائي وڪڻڻ جو عام رواج هوندو هو. ايشيائي يونان (موجوده ترڪي) ۾ Chios ڪيوس جو شهر انهي واپار جي وڏي منڊي هوندو هو. جرمن مورخ پروفيسر واڪس مٿ جي لکت موجب اها منڊي محض مفتوح غير مهذب قومن لاءِ نه هوندي هئي بلڪه خود يوناني شهرين لاءِ به هوندي هئي“ مشهور قديم يوناني ڊرامه نويس يوروپيڊيز Euripides جي ڊرامي ۾ يوناني زال جي وصف هنن لفظن ۾ لکيل موجود آهي. هڪ اهڙي شيءِ (Oikurema اوئيڪوريما) جيڪا گهر هلائي يعني هڪ جي جان وٿ، اسٽين جي معاشري ۾ زال اولاد ڄڻڻ کان سواءِ فقط هڪ گهرو نوڪرياڻي جو درجو رکندي هئي. مڙس صاحب دنيا جي ڪمن ڪارين، وڻج واپار، جسماني ورزشن ڪرڻ ۽ تماشن ڏسن ۾ مشغول رهندو هو. زال انهن سمورن ڌنڌن ڪرڻ کان آزاد هوندي هئي. هر قديم يوناني مڙس وٽ پنهنجي زال کان سواءِ خوبصورت ٻانهيون به هميشه موجود رهنديون هيون ۽ اٿينس جي دور ۾ شهر اندر چڪلي بازي ۽ زنا ڪاري عام جام هلندي هئي. انهن ادارن تي وقت جي رياست جو وڏو هٿ هوندو هو. اهو چڪلي جو ادارو ئي هو جنهن وڏين عظيم قديم يوناني عورتن کي پيدا ڪيو هو. انهن يوناني ٻانهين ۽ پيشه ور طوائفن پنهنجي رنده دلي، خوش گوئي ۽ فنون لطيفه ۾ پنهنجي ذوق سليم ۽ روحانيت سان يوناني عورت جو اهڙي ريت ڳاٽ اوچو رکيو هو جهڙي ريت سپارٽا جي پرڻيل زال پنهنجي پارسائي، معصوميت ۽ پاڪدامني سان سپارٽا جي عورت جو مان ۽ مرتبو وڌايو هو. ان ڪري اٿينس شهر جي هر ڪامياب زال کي پهريائين طوائفه بنجي، چڪلي ۾ رهندي ڪنهن وڏي امير ڪبير يوناني جي سريت بنجي اٿينس واري ڪٽنب ۾ داخل ٿيڻو پوندو هو.
وقت جي گذرڻ سان گڏوگڏ اٿينس وارو ڪٽنب ملڪ ۽ قوم لاءِ هڪ ”مثالي ۽ آدرشي“ ڪٽنب بنجي پيو هو. جنهن کي ڏسندي ۽ نقل ڪندي نه رڳو ابونيا جي باقي ٻين يوناني قبيلن بلڪه سموري يونان جي ملڪ ۽ سندن قلمرو ۾ داخل ٿيل علائقن جي ٻين غير يوناني معاشرن پڻ پنهنجن ازدواجي زندگين کي انهي وانگر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ايترن سترن، پهرن ۽ چوڪسي جي باوجود به قديم دور جي هر يوناني زال پنهنجي اوباش طبع مڙس سان جنسي بيوفائي ڪرڻ جو ڪو به موقعو هٿان نڪري وڃڻ نه ڏنو هو. ٻئي هٿ تي يوناني مڙسن به پنهنجن زالن سان جنسي بيوفائي ڪرڻ تي شرمسار ٿيڻ بجاءِ پنهنجين سرتين، طوائفن، رنڊين ۽ معشوقائن سان زنا ڪاري ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر باقي نه ڇڏي هئي. پنهنجن زالن جو هن نموني ۾ بيحرمتي ڪرڻ جو ڦل کين ئي ڀوڳڻو پئجي ويو هو. قديم يوناني مڙس جنسي بد ڪرداري ۽ ذلالت جي اهڙي حد تي پهتا هئا جو هو هينئر اغلام بازي جهڙي قبيح ۽ غيرفطري جنسي مرض ۾ پڻ مبتلا ٿي ويا هئا. انهي بد اخلاقي ڪري، هنن نه رڳو پاڻ کي ذليل ۽ خوار بنايو هو بلڪه خود پنهنجن ديوتائن جو هڻي خانو ئي خراب ڪري ڇڏيو هئائون. اسان کي سندن انهي ذلالت جو واضح مثال سندن قديم ديومالائي ادب ۾ گني ميڊ ديوتا جي قصي مان ملي ٿو.
اهو آهي ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري ڪٽنبي اداري جو حسب نسب جنهن کي اسين جيتري قدر مهذب ۽ اعليٰ معيار وارن قديم دورن جي معاشرن مان اخذ ڪري سگهيان آهيون اخذ ڪيو اٿئون، اها رسم ۽ ادارو ڪنهن انفرادي طور تي عشق بازي ڪرڻ جو ڦل هرگز نه هو. جنهن جو منجهس تر جيترو به ڪو عنصر موجود نه هوندو هو. ڇاڪاڻ ته انهي قسم وارين شادين ڪرڻ جو بنياد مرد ۽ عورت جي وچ ۾ جنسي عشق ۽ محبت ڪرڻ تي نه پر موقعي ۽ سهوليت تي ٻڌل هوندو هو. ڪٽنب جو اهو پهريون ئي نمونو هو جيڪو قدرتي حالتن ۽ فطري تقاضائن تي نه پر محض اقتصادي حالتن تي ٻڌل هوندو هو. يعني انهي نموني واري شادي انهي ذاتي ملڪيت جي فتح مندي تي ٻڌل هوندي هئي جنهن پراڻي ۽ قديم طرز تي پيدا ٿيل ملڪيت ۽ دولت تي، پهريائين ملڪي معاشري ۾ ۽ ان ڪري بعد ۾ خود ڪٽنب واري گڏيل ۽ مشترڪه مالڪي ڪرڻ واري حق جي جاءِ اچي والاري هئي. يوناني انهن سمورن اقتصادي فائدن ۽ ذاتي مفادن جيڪي مڙسن جي ڪٽنبن جي حڪمران بنجي پوڻ، اولاد پيدا ڪرڻ ۽ اهو پيدا ٿيل اولاد جيڪي سندس ٻي ذاتي ملڪيت وانگر ذاتي ملڪيت هجن ۽ اهي سندن مرڻ بعد سندن پوئتي ڇڏيل ذاتي دولت ۽ ورثي ترڪي جا وارث بنجن، جي ظاهر ظهور ۽ کليل تبليغ ۽ تائيد ڪندا هئا. اهي هئا ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي ڪٽنب جا اغراض ۽ مقصد جن کان سواءِ ٻين سمورين ڳالهين ۾ ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي ۽ ڪٽنب هڪ اجايو ڳرو بار، محض جان جو جنجال، غريب يوناني مڙس جي ڳچين ۾ پاتل ڳٽ هوندو هو. انهي ڳٽ کي ڳچي ۾ پائڻ جو مقصد فقط ديوتائن جي حڪمن جي بجا آوري ڪرڻ هوندو هو. محض پنهنجن بزرگن ۽ خاندان جو نالو روشن رکڻو هو. مطلب ته معاشري جي طرفان ۽ عائد ڪيل فرضن ۽ ذميدارين کي پوري ڪرڻ کان سواءِ منجهن ٻي ڪابه جنسي ۽ روحاني ڪشش ۽ تسڪين موجود نه هوندي هئي. اٿينس جي قانون ۾ به شادي ڪرڻ کي به رڳو لازمي قرار ڏنو ويو هو. بلڪه خود ازدواجي فرضن ۽ سماجي جوابدارين جي پوري ڪرڻ خاطر، پنهنجي زالن سان جنسي ميلاپ ڪرڻ جي عمل کي به مٿن هڪ لازمي قانوني فرض طور عائد ڪيل هوندو هو. اهڙي ريت انساني تاريخ ۾ ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي ڪنهن به صورت ۽ حالت ۾مرد ۽ عورت جي انساني صنفن کي هڪ ٻئي سان جنسي ۽ روحاني طور تي ملائڻ جو وسيلو بنجڻ ته ڇا بلڪه محض سکڻو جسماني طور تي ميلاپ پيدا ڪرڻ جو هڪ بهترين ۽ اعليٰ ترين ذريعو به ثابت ٿي نه سگهي هئي. اسين انهي ڳالهه کي ڪيترو به کڻي لڪايون پر اصل ۾ حقيقت فقط هن قدر هوندي آهي ته انهي قسم واري شادي جو مقصد ئي فقط هڪڙي انساني صنف (عورت) کي ٻي انساني صنف (مرد) جو مطيع ۽ زيردست بنائڻو هوندو هو. ان ڪري يوناني معاشري ۾ ٻنهي انساني صنفن جي وچ ۾ قدرتي طور تي رکيل تضاد کي وڌيڪ مشتهر ڪرڻ تي ايترو ته زور لڳايو ويو هو، جنهن جيترو زور قبل از تاريخ جي سمورن دورن ۾ ڪڏهن به نه لڳايو ويو هو. اسلامي ۽ يوناني ديومالائي ادب، شاعري مصوري، سنگ تراشي، ادب اخلاقيات وغيره ۾ انهي تضاد کي تمام وڌائي ظاهر ڪيو ويو آهي پر اسلامي ادب ۽ تمدن ۾ ان کي پردن ڏيڻ لاءِ انساني جسمن جي اگهاڙپ کي ظاهر نه ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي. ان ڪري ئي اسلام سنگ تراشي، مصوري ۽ شاعري وغيره ۾ انساني جسمن جي تعريف گهٽ ۾ گهٽ ڪيل هوندي آهي. الله تعاليٰ به مصور سان گڏ ستار به آهي. ان ڪري هن ڪائنات جي هر ساهه واري شيءِ پکي پکڻ، جانورن ۽ انسانن ۾ سندن اگهاڙپ کي ڍڪڻ جا انتظام ڪيا آهن ايتري قدر جو سندن اگهاڙپ ڪڏهن به ظاهر ۽ بي پرده نظر نه ايندي آهي، ان ڪري قدرت ۾ نر ماد کي ظاهر ڪرڻ وارو تضاد فحاشي ۾ داخل نه آهي. ان جي برعڪس حضرت انسان پنهنجي نوع جي ڍڪيل فطري تضاد کي ظاهر ڪرڻ ۾ پنهنجي مصوري جو معراج سمجهي ٿو. جيڪا ڳالهه غير فطري هجڻ جي ڪري فحاشي ۾ داخل هوندي آهي. منهنجي ۽ مارڪس جي هڪ اڻ ڇپيل گڏجي لکيل 1846ع واري مسودي ۾ مون کي مطالعو ڪندي هي لکت نظر تي چڙهي وئي آهي. جنهن ۾ لکيل آهي ته، ”پورهئي جي ورهاست ڪرڻ ۾ پهرين ورهاست هيءَ ڪئي ويئي هئي ته گهرن کان ٻاهر جو سمورو ڪاروبار مڙس لاءِ ۽ زال لاءِ فقط اولاد کي نپائي وڏو ڪرڻ“ مقرر ڪيا ويا هئا. انهي ساڳي لکت ۾آئون هينئر هي اضافو ڪريان ٿو ته ”سڀ کان پهريائين طبقاتي دشمنين ۽ نفرتن جي باهه جيڪا انساني تاريخ جي صفحن ۾ داخل ڪئي وئي هئي ” هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي جنهن ۾ طبقاتي ظلم، ڏاڍ ۽ استبداد جي شروعات مرد پنهنجي مادي (عورت) سان ڪرڻ شروع ڪئي هئي. ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي ڪرڻ جو رواج انساني تاريخ ۾ هڪ اهم قدم هو. پر ساڳئي دور ۾ معاشري ۾ سندس آغاز ٿيندي ئي، ساڻس گڏوگڏ ٻانهپ جو رواج ۽ ذاتي ملڪيت رکڻ جي لعنت به وجود ۾ اچي چڪي هئي. جيڪا اڄ ڏينهن تائين قائم رهندي آئي آهي. جنهن حقيقت جو نتيجو وري هي نڪتو آهي ته جتي اسين هڪ قدم (معاشرتي طور تي) اڳتي وڌون ٿا اتي اسان جو ٻيو قدم اڳتي وڌڻ جي بجاءِ پاڻ مرادو پوئتي موٽ کائي هٽي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته جنهن هڪ ئي امر ۾ هڪ گروهه جي خوش حالي، فلاح ۽ ترقي سمايل هوندي آهي، انهي ساڳئي امر ۾ ٻئي گروهه جي بربادي، تنزل ۽ ساڻس ظلم ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته اها خوش حالي ٻئي گروهه سان ظلم ڪرڻ سان ئي حاصل ڪئي وڃي ٿي. مهذب معاشري ۾ اها سماجي ڪيفيت ۽حالت اهڙي جراثيمي جو نمونو آهي، جنهن جي وجود جي اندر اسان انهن دشمنين، عنادن، نفرتن ۽ تضادن جو مطالعو ڪري سگهون ٿا جيڪي معاشري ۾ اڳتي هلي پڪا پختا ٿي قائم ٿي وڃن ٿا.
انساني معاشري ۾ جفتي ڪٽنبن ۽ خود ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي ۽ ڪٽنب واري اصول جي قيام جي فتح حاصل ڪرڻ جي ڪري، مرد ۽ عورت جي ڇڙواڳ جنسي ميلاپ ڪرڻ واري جذبي جو ڪنهن به لحاظ کان خاتمو ٿي نه سگهيو آهي. ”قديم ڪٽنبي نظام ۾، گهري ساٿي وارن گروهن جي معاشري مان آهستي آهستي گم ۽ ختم ٿي وڃڻ جي ڪري، سندن سرحدون به گهٽبيون سوڙهيون ٿينديون ويون هيون. اهو دائرو ترقي پذير ڪٽنبن کي اڃا به هڪ اهڙي سماجي ماحول ۾ جڪڙي بيٺو آهي جيڪو ساڻن تهذيب جي سرحدن ۾ داخل ٿي. سريت بازي جي اداري جي صورت ۾ گم ٿي وڃي ٿو. اهو ساڳيو رواج هن مهذب دور ۾ اڄ به ڪٽنب جي سرتي هڪ ڪاري منحوس پاڇي وانگر سوار ٿيو بيٺو آهي.“ مارگن سريت بازي جي اداري جي وصف ڪندي لکي ٿو ته”سريت بازي“ چئبو آهي هڪ شادي شده مڙس جو پنهنجي ازدواجي دائري کان ٻاهر نڪري، ڪنهن اڻ پرڻيل عورت سان جنسي ميلاپ ڪرڻ کي ۽ اهو ادارو ”هڪ مڙس هڪ زال واري شادي جي ارادي سان گڏيو هٿ ۾ هٿ ملايو هلندو هجي.“ هي حقيقت به عالم آشڪار ٿي چڪي آهي ته سموري مهذب دور ۾ اهو ادارو مختلف روپ مٽائيندو وڌندو ويجهندو رهيو آهي ۽ آخرڪار آهستي آهستي ٿي هڪ اگهاڙي بي شرم چڪلي ۽ ڪوري فحش زنا ڪاري جي صورت وٺي وڃي ٿو. انهي سريت بازي جو حسب نسب وڃي انهن گروهي شادين سان ملي ٿو جن ۾ زالن کي پاڻ کي قرباني طور پيش ڪرڻو پئجي ويندو آهي. اهي مظلوم ۽ مجبور عورتون انهي قرباني ڏيڻ وسيلي (معاشري جي) مردن کان باعصمت ۽ پاڪدامن ٿي حياتي گذارڻ جو حق خريد ڪنديون هيون. ڪنهن عورت جو پيسا وٺي پنهنجي جسم کي ڪنهن غير مرد يا مردن کي سونپڻ جو عمل شروعات ۾ فقط هڪ مذهبي قسم جي رسم ۽ عمل هوندو هو، يعني سندن اعتماد موجب هڪ متبرڪ مذهبي عمل هوندو هو. ان ڪري انهي قرباني جي ڏيڻ لاءِ پاڻ کي ڪنهن اجنبي مرد يا مردن کي سونپي ڇڏڻ واري رسم محبت ديوي جي مندر ۾ادا ڪئي ويئي هئي. انهي جنسي عمل مان حاصل ڪيل رقم اصل ۾ مندر جي خزاني ۾ جمع ڪئي ويندي هئي. آرمينا ۾ انائيطس جي مندر جون ٻانهيون، ڪورنٿ ۾ افروڊائيٽ جي مندر جون هائروڊيول، هندستاني مندرن ۾ رهندڙ نچڻيون، ديوداسيون (ڪنواريون يا نوجوان ودوائون جن کي بيادير به سڏيو وڃي ٿو) دنيا جون اوائلي پيشه ور رنڊيون هيون. شروعات ۾ اها پاڻ قربان ڪرڻ واري رسم معاشري جي سمورين عورتن لاءِ لازمي قرار ڏنل هوندي هئي، پر بعد واري دور ۾ مندرن ۾ ويٺل پيشه ور مهنت عورتون انهن قرباني طور پيش ٿيندڙ عورتن جي پاران، اجرت طور پيسا وٺي پاڻ قربان ڪرڻ جي رسم ادا ڪنديون هيون. يعني غير مردن کان زنا ڪرائينديون هيون. دنيا جي باقي ٻين قومن ۾ سريت بازي جو ادارو وري ڪنوارين ڇوڪرين کي شادين ڪرڻ کان اڳ ۾ ڌارين مردن سان ڇڙواڳ جنسي ميلاپ ڪرڻ لاءِ آزادي ۽ اجازت ڏيئي ڇڏڻ مان پيدا ٿيو هو. انهيءَ سبب جي ڪري گروهي شادين ڪرڻ جو رواج، ڪٽنب جي سرحدن کان ٻاهران ٻاهران جدا واٽ وٺيو هلندو اچي اسان وٽ به پهچي ويو آهي. ذاتي ملڪيتن ۾ تضاد جي پيدا ٿي پوڻ جي ڪري، ويندي غير مهذبيت جي درجي تائين، ڪن خاص مقرر ڪيل ڏينهن يا ڏڻن تي، جيئن اجوري تي ڪم ڪندڙ مزدور ٻانهن سان گڏ ڪم ڪندي نظر ايندا آهن. ساڳئي طرح انهن خاص مقرر ڪيل ڏڻن تي آزاد عورتن جو گروهه به پاڻ مرادو (پيسن ڪمائڻ خاطر) ڪسبي رنڊيون بنجي، انهن ٻانهن جن کي سندن مرضي جي خلاف زوري زبردستي پاڻ کي قربان ڪرڻ يعني زنا ڪرائڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو هو، سان گڏجي زنا ڪرائڻ جي عمل ۾ شامل ٿي وينديون هيون. انهي لحاظ کان گروهي شادين جي اداري جو تهذيب کي سونپيل ورثو، هڪ ٻه منهين تلوار ۽ هڪ ٻه زبانو وات هوندو آهي، يعني اهو هڪ خود پاڻ کي غلط ثابت ڪندڙ ۽ پاڻ سان دشمني رکندڙ نظام هوندو آهي، هڪ اهڙو سماجي ڪٽنبي نظام جيڪو هڪ طرف ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري نظام ۽ ٻئي طرف تي ”سريت بازي“ جو ادارو جنهن جو قبيح روپ زنا ڪاري ڪرائڻ يا پيشه ور رنڊي بنجي ڪسب ڪرائڻ هوندو آهي، خودبخود پيدا ٿي پوندو آهي. انهي لحاظ کان سريت بازي جو ادارو پڻ معاشري جي ٻين تسليم شده سماجي ادارن وانگر هڪ باقاعده ۽ تسليم شده سماجي ادارو بنجي پوي ٿو. اهو ادارو قديم دور واري ڇڙواڳ جنسي ميلاپ ڪرڻ جي اها باقيات هوندو آهي جنهن هميشه مرد جي فائدي لاءِ ڪم پئي ڪيو آهي. انساني معاشري ۾ نه رڳو هن اداري کي برداشت ڪيو وڃي ٿو بلڪه ان تي وڏي ذوق، شوق ۽ جوش سان عمل به ڪيو وڃي ٿو. خاص طور تي حڪمران طبقن ۾ هن اداري کي معاشري ۾ فقط زباني مار ڏني وڃي ٿي. پر انهي زباني مار جي اثر کي مرد تائين پهچڻ به نه ٿو ڏنو وڃي. معاشري ۾ ڦٽ لعنت جو وسڪارو فقط عورت تي ٿيندو رهي ٿو. کيس انهي هڪڙي ڳالهه لاءِ ئي زوري زبردستي معاشري مان ڌڪا ڏيئي ٻاهر ڪڍيو وڃي ٿو ته جيئن ان بابت پڙهو ڏياري سگهجي ته ”خبردار- هوشيار- ڪن کولي ٻڌو، ته اعليٰ حضرت مرد صاحب جي عورت ذات تي بالادستي ۽ حاڪميت قائم ۽ دائم آهي ۽ معاشري جي قائم ڪيل بنيادي قوتن ۾ ڪو به ڦيرو نه آيو آهي، مرد صاحبو توهان ڀلي عيش ڪريو.“
” هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي جي اداري ۾ هڪ ٻئي قسم جو تضاد به خود سندس ئي وجود مان پيدا ٿي پوي ٿو. اهو تضاد هي هوندو آهي ته ”خود مڙس جيڪو پاڻ سريت بازي واري بدبوءِ ۾ گرفتار هوندو آهي، سندس بلڪل ڀر پاسي ۾ سندس ڌڪاريل ۽ ڏتڙيل زال بيٺل نظر ايندي آهي. ڪنهن تضاد جي مهر ۾ هڪ پاسي جو موجود هجڻ ۽ ٻئي پاسي جو موجود نه هجڻ هڪ ناشرفي ۽ ناممڪن امر آهي. اهو ڄڻ ته ائين ٿيو ته ڪنهن صوف جو اڌ کائي به ڇڏجي ۽ اهو ساڳيو صوف سالم حالت ۾ موجود به رهي، پر ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته مڙسن وارو ٿورڙو طبقو هڪ ٻئي نموني ۾ سوچيندو رهندو جيستائين سندن زالون کين انهي غفلت مان جاڳائي، کين ٻئي نموني ۾ سوچڻ تي مجبور نه ڪن. هينئر معاشري جي پردي تي هڪ نئين سين کلي ٿي. انهي سين (منظر) ۾ ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي اداري اسٽيج تي به اهڙا نوان اڻ سڃاتل ڪردار نڪري نروار ٿين ٿا جن جو انهي سين کان اڳ ۾ معاشري ۾ ڪوبه وجود نه هوندو هو، انهي سين ۾ اسان کي پري کان ئي ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته معاشري جي اسٽيج تي آيل ٻن نون ڪردارن مان هڪڙو ڪردار زال جو دلبر يار ۽ ٻيو ڪردار آهي (مڙس جي) ڌڪاريل ۽ مظلوم زال جو اوباش طبع سورمو يعني سندس مڙس صاحب پاڻ انهي عجيب سماجي سين ۾ مڙس بيشڪ پنهنجي ڌڪاريل ۽ مظلوم زال تي (سماجي طور تي بالادست هجڻ جي ڪري) فتح حاصل ڪري ٿو، پر ان کان وڌيڪ عجب جو سين هي آهي ته انهي ازدواجي ۽ سماجي جنگ ۾ فتح جو تاج وري به مڙس جي سر جي بدران سندس شڪست کاڌل ڌڪاريل مفتوح دشمن زال جي سر تي جرڪي رهيو آهي. اهو واهه جو کيل ٿيو. فتح ڪري هڪڙو ۽ فتح جو تاج جرڪي سندس شڪست کاڌل دشمن جي سر تي. ”هڪ مڙس هڪ زال“ ۽ سريت بازي جا ادارا هينئر زناڪاري، فحاشي ۽ چڪلي مان ڦري معاشري جا اهم ادارا بنجي پون ٿا. مردن جي ٺاهيل قانون موجب زال جي زناڪاري ڪرائڻ جو فعل برابر هڪ عظيم ناقابل برداشت سنگين ڏوهه هوندو آهي. جنهن جي سزا به سخت مقرر ڪيل هوندي آهي، پر ان کي ختم ڪري عورت جو اهو قبيح عمل خود هڪ اهم ۽ جدا تسليم شده سماجي اداري جي صورت اختيار ڪري، ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي شادي ۽ سريت بازي جي سماجي ادارن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي نڪري نروار ٿي بيهي رهي ٿو.
اولاد جي پدريت وارو حق به هينئر اڳوڻي آئين موجب محض اخلاقي اصولن تي مبني رهجي ويل هوندو آهي، انهن اڻ کٽندڙ تضادن کي ٻنجي ڏيڻ خاطر نيپولين بوناپارٽ واري ٺاهيل قانون ۾ هن قانوني فقري کي به شامل ڪرڻو پئجي ويو هو ته ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي شادي جي دوران جيڪو ٻار ڪنهن زال جي پيٽ ۾ پئجي ٿو، انهي جو پيءُ انهي زال وارو مڙس آهي.“
هي آهي ٽن هزار سالن جي عمر واري پيرسن ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي شادي جي اداري جي وڻ جو ميوو.
”هڪ مڙس هڪ زال“ واري ڪٽنب بابت، اهڙيون حالتون، جن مان انهي ڪٽنبي اداري جي تاريخي پس منظر جي خبر پوي ٿي ۽ جن مان مڙس ۽ زال جي وچ ۾ سخت قسم جا اختلاف ۽ تضاد پيدا ٿي سگهندا هجن، ان جو بنيادي بالادستي ۽ حاڪميت وارو گهمنڊ يعني مڙس جي زال جي خلاف ازدواجي ٽرڙائي، جنهن مان اسان کي سماج جي اندر انهن نفرتن، دشمنين ۽ تضادن جي ننڍي پيماني تي نڪتل تصوير صاف ظاهر نظر اچي ٿي، جن تضادن تهذيب جي شروعاتي دور کان وٺي پاڻ کي ٻن متضاد طبقن جي صورت ۾ ورهائي قائم رکيو آهي ۽ تهذيب به کين اڄ ڏينهن تائين حل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ جي بجاءِ سرگردان ٿيو اجايون بي فائديون بولاٽيون کائيندي رهي آهي.
آئون قدرتي طور تي ”هڪ مڙس هڪ زال“ وارين شادين جي فقط انهن حالتن جو ذڪر ڪريان ٿو جن ۾ ازدواجي زندگي انهن قانونن جي پٽاندڙ عمل ڪندي رهي ٿي، جن ۾ فقط هڪڙي بيقاعدگي پيدا ٿي پوي ٿي، ۽ اها هوندي آهي زال جي طرف کان مڙس جي بيجا بالادستي جي خلاف بغاوت ڪرڻ. انهي ماجرا جي ڪنهن ٻئي شخص کي خبر هجي يا نه به هجي ته اها بغاوت ڪرڻ واري حالت سمورين ”هڪ مڙس هڪ زال“ وارين شادين سان لاڳو نه هوندي آهي، پر ڄٽ جرمن وڏيرو جيڪو پاڻ رياست جو انتظام ته ڪُجا، خود پنهنجي ڪٽنب جي ڪاروبار هلائڻ ۾ به نا اهل ثابت ٿي چڪو آهي ۽ جنهن جي زال سندس ڪٽنبي ڪاروبار هلائڻ جو سمورو بار وڏي همت ۽ دليري سان پنهنجي سر تي اڪيلي سر کنيو بيٺي هوندي آهي، پر اهو ويچارو نااهل انسان (ڄٽ جرمن وڏيرو) پنهنجي نااهل ضمير کي ڪوڙي تسلي ڏيڻ خاطر پنهنجي ڀورڙي ذهن ۾ هڪ تصور کنيو وتندو آهي ته انهي بدبختي ۾ هو پنهنجي همعصر فرينچ وڏيري کان وڌيڪ اهل ۽ ڪارآمد انسان آهي، پر عملي طور تي تجربي ثابت ڪيو آهي ته ٻنهي جا پرڪار ساڳيا هوندا آهن، يعني ”جهڙي ڇائي تهڙي پني“ جرمن وڏيري لاهي فرينچ وڏيري کي ڏني.
هن دنيا ۾ ”هڪ مڙس هڪ زال“ وارا ڪٽنب هر هنڌ پيدا ٿيا هئا، پر انهن ڪٽنبن لاءِ هي خيال ڪرڻ ته اهي سمورا ڪٽنب يونان جي ڪلاسيڪي دور جي ڪٽنبن جهڙا ظالمانه قسم جا هوندا هئا، بلڪل غلط نتيجو ڪڍڻ ٿيندو. رومن معاشرو به ساڳئي يوناني معاشري واري واٽ وٺيو عالمي تاريخ جي پردي تي ظاهر ٿيو هو. سندن معاشرو به يوناني معاشري جي ڇڏيل نشانن تي پير رکندو هلي رهيو هو. هنن به يوناني فاتحن وانگر عالمگير فاتحن جو چوغو زيب تن ڪيو هو. زندگي لاءِ سندن نقطه نگاه به يونانين جي مقابلي ۾ گهٽ درجي جي مهذب هوندي هئي. ان هوندي به سندن معاشرن ۾ عورت جو سماجي درجو ۽ مقام ۽ ان بابت سندن ذهني ۽ فڪري تصور نسبتاً بهتر قسم جو هوندو هو. رومن معاشري ۾ سندن خيال موجب، مڙسن کي پدرانه حق حاصل هجڻ جي ڪري، زالن جي موت ۽ حياتين تي سندن مڪمل ضابطي ۽ قبضي جي موجودگي وارن اختيارن، کين خود زالن جي ساڻن جنسي وفاداري ۽ سندن جنسي طور تي پاڪدامن ٿي رهڻ لاءِ، هڪ ضمانت هجڻ لاءِ هڪ ڪافي ڍال مهيا ڪئي هئي.
رومن معاشري ۾ ٻنهي مڙس توڙي زال کي رضاڪارانه طور تي شادي کي ختم ڪري ڇڏڻ جو اختيار به حاصل هوندو هو. پر جرمن قبيلن جي انساني تاريخ ۾ داخل ٿيندي ئي ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي شادي جي اداري جي ارتقا ڪرڻ ۾ وڏي ۾ وڏي واڌ اچي وئي هئي. پر شايد سندن مفلسي جي ڪري ئي ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي شادي جي اداري ۾ جفتي شاديون ڪرڻ جي درجي کان وڌيڪ ڪنهن به قسم جي واڌ اچي نه سگهي هئي. اهو مٿي مقرر ڪيل فيصلو اسان تاسيت (Tacitus) نالي هڪ قديم رومن مورخ جي ٽن ذڪر ڪيل سماجي حالتن مان اخذ ڪيو آهي.
اهي ٽي حالتون هي آهن:
1 - ته سندن شادي جي اداري جي پاڪيزه هجڻ جي اعتقاد جي باوجود ” جرمن ڪٽنب ۾ هر مڙس فقط هڪ زال سان خوش رهي ٿو. ان ڪري سندس زال به پاڪدامني جي لوڙهي اندر محفوظ رهي ٿي.“ انهي دور ۾ جرمن معاشري ۾ ”هڪ مڙس گهڻيون زالون“ وارو ڪٽنبي نظام فقط فوجي سردارن ۽ وڏن اميرن ۾ رائج هوندو هو. اهو ساڳيو دستور آمريڪي انڊين قبيلن ۾ به رائج هوندو هو. جن ۾ به جفتي شاديون ڪرڻ جو رواج موجود هوندو هو.
2 - ته مادرانه حق مان نڪري پدرانه حق ۾ داخل ٿيڻ وارو عمل به بلڪل ماضي قريب ۾ پورو ٿيو هو. ان هوندي به مادرانه حق واري نظام ۽ رسم موجب اولاد جي پيءُ جي مقابلي ۾، اولاد جي ماءُ جو ڀاءُ(مامو) جنهن کي مادرانه حق واري شجري موجب ماءُ جي اولاد جو ويجهي ۾ ويجهو عزيز شمار ڪيو ويندو هو، کي وڌيڪ حقدار ليکيو ويندو هو. اها ساڳي حقيقت آمريڪي انڊين واري انهي ڪٽنبي نظام، جنهن کي قبل تاريخي دور جي کوجنا ڪرڻ لاءِ مارڪس هڪ ڪليدي حيثيت ڏني آهي، سندس نقطه نگاهه سان بلڪل ٺهڪي اچي ٿي. پنهنجي انهي وضع ڪيل اصول تي بحث ڪندي مارڪس ان کي هر هنڌ دهرائيندو آيو آهي.
3 - ته انهيءَ دور ۾ جرمن معاشرو پنهنجن زالن جو وڏو احترام ڪندو هو. ايتري قدر جو جرمن مڙسن جي نگاهن ۾ انهيءَ احترام جي حاصل هجڻ جي ڪري ئي جرمن عورتن کي خود ملڪي معاملن ۾ به وڏو عمل دخل حاصل هوندو هو. ان ڪري اها ساڳي حقيقت ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي ۾ مڙس جي پيدا ٿي پيل بالادست ۽ حاڪم هجڻ واري ڪردار سان ٽڪر کائيندي رهندي هئي.
مٿي ذڪر ڪيل ٽنهي نقطن تي قديم جرمن ۽ سپارٽا جا معاشرا هڪ جهڙا هوندا آهن. انهن ٻنهي معاشرن ۾جفتي شادين ڪرڻ جو رواج اڃا پوري ريت ختم نه ٿيو هو. انڪري جرمن قبيلن جي ظهور سان گڏوگڏ سندن معاشري ۾ هڪڙو نئون عنصر به پيدا ٿي پيو هو ۽ انهيءَ عنصر اڳتي هلي عالمي سطح تي بالادستي ۽ فوقيت به حاصل ڪري ورتي هئي. معاشري ۾ انهيءَ عنصر جي پيدا ٿي پوڻ سان رومن معاشري واري ڊٺل ماڙي جي جاءِ تي هڪڙو نئين قسم جو ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي شادي جو سماجي ادارو پيدا ٿي پيو هو. جنهن ۾ مڙس جي زال ۽ ڪٽنب جي مٿان هڪ هلڪي خفيف ۽ محض نالي ماتر بالادستي ۽ حاڪميت قائم ٿي ويئي هئي. انهيءَ هڪڙي ئي امر زال کي خود گهر جي چوديواريءَ کان ٻاهر جي معاملن ۾ به ايتري قدر ته وڌيڪ آزاد ۽ احترام لائق هستي بنائي ڇڏيو هو. جنهن جيتري آزادي ۽ احترام کيس خود ڪلاسيڪي قبل تاريخي دور ۾ به ڪڏهن نصيب ٿي نه سگهيو هو.
انهيءَ حقيقت جي معاشري ۾ رائج ٿيڻ جو نتيجو هي نڪتو هو ته انساني تاريخ ۾ پهريون دفعو هڪ وڏي ۾ وڏي اخلاقي ۽ روحاني واڌاري جي پيدا ٿيڻ لاءِ اهڙا نوان موقعا فراهم ٿي ويا هئا، جن جا سماجي فائدا اسان ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري اداري مان ۽ ان جي سببان انهيءَ سان لاڳاپيل ٻين سماجي ادارن مان به حاصل ڪري سگهيا آهيون. اهو واڌاري ۽ ترقي جو عمل خود ڪٽنبي اداري جي اندر، ان کان ٻاهر، ساڻس گڏوگڏ ۽ خود ان جي برخلاف به پيدا ٿي پيو هو. اهو عنصر جنهن جي وصف ۽ تعريف جو اسين مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون، آهي. اهو جديد قسم جو انفرادي طور تي هڪ مرد ۽ هڪ عورت جي وچ ۾ عشق ۽ محبت ڪرڻ جو جذبو ۽ ٻنهي صنفن جي وچ ۾ هڪ اهڙي جنسي ميلاپ ڪرڻ جو عمل جنهن جو قديم دورن ۾ ڪٿي به ڪو نام و نشان به موجود نه هوندو هو.
سندن اهو ڪيل واڌارو، ترقي انهن حالتن جو نتيجو هوندي هئي، جيڪي حالتون اڃا سوڌو به منجهن موجود هيون. جرمن قبيلا جيتري قدر به کانئن ممڪن ٿي سگهندو هو، جفتي شادين جي دستور هيٺ رهندا هئا. انهيءَ دستور تحت سندن معاشري ۾ جرمن عورت جي حالت ۽ سماجي حيثيت ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي شادي جي اداري جي مطابقت ۾ هلندي هئي. پر انهيءَ تاريخي حقيقت جو هن امر مان گمان ڪرڻ ته انهيءَ ترقي ۽ واڌاري ڪرڻ جو راز هن ڳالهه ۾ سمايل هوندو هو ته جرمن قبيلن جو مزاج ۽ طبيعت ڪن پاڪ ۽ صاف اخلاقي بنيادن تي مبني هوندي هئي. بلڪل هڪ غلط گمان هو. اهو وڌارو ۽ ترقي هن حقيقت جو نتيجو هو ته عملي طور تي انهن جفتي شادين ۽ ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي ڪٽنبي نظام وارا اخلاقي تضاد ۽ مخالفتون موجود نه هونديون هيون. هي قصو ئي مختلف قسم جو هو جڏهن جرمن قبيلا پنهنجي تاريخي هجرتن جي دور ۾ بحر اسود کان ڦيرو ڪري يورپ جي وسيع چراگاهن ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿيا ها ته سندن گهوڙي سوار هجڻ جي حقيقت جي باوجود به اتي جي مقامي قبيلن سان رڳو ڀاڙو ڏئي ويهڻ جي ڪري به ڪيتريون ئي غير فطري ۽ غير اخلاقي ڪمزريون منجهي گهر ڪري ويون هيون. جنهن حقيقت جي تصديق امانس Ammainus نالي هڪ رومن عالم ۽ مورخ پنهنجي مشهور ڪتاب Return Gastarum Libriprccopius ۾ تائفلي جي ڏندڪٿا ۾، ۽ پروڪوپئس Procopius نالي هڪ بازنطيني عالم ۽ مورخ به پنهنجي ڪتاب Histori of Persians, Vandalsan Gothicwvrs (جرمن، ويندال ۽ گوٿ قبيلن جي جنگين جي تاريخ) ۾ هيرولي نالي ديوتا جي ڏندڪٿا ۾ ڪري ٿو.
انهيءَ دور ۾ جڏهن ته فقط ”هڪ مڙس هڪ زال“ واي ڪٽنب جو عام رواج هوندو هو. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته جديد قسم واري عشق بازي ۽ جنسي تعلقاتن جو بنياد به ضرور ان مان ئي پيدا ٿيو هوندو. پر ان جو مطلب هي هرگز نه آهي ته عشق ۽ محبت ڪرڻ وارو فطري انساني جذبو به فقط انهيءَ اداري مان ئي پيدا ٿيو هو ۽ انهيءَ کان سواءِ مرد ۽ عورت جي صنفن جي وچ ۾ فطري عشق ۽ محبت وارو جنسي جذبو موجود ئي ڪونه هوندو هو. ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي جي نظام ۾ فقط مڙس جو نالو زال جي مٿان بالادستي ۽ حاڪميت وارو جذباتي قسم جو بيهودو تصور ئي انسانن جي پاڻ ۾ عشق ۽ محبت ڪرڻ واري فطري جذبي کي دٻايو ڌڪيو ٻاهر ڪڍيو بيٺو هوندو هو.
تاريخي طور تي سماج جي سمورن متحرڪ طبقن ۾، يعني حڪمران طبقن ۾ شادين ڪرڻ جو ادارو انهن ئي پيرن تي بيٺو رهيو هو. جن پيرن تي جفتي شادين وارو ادارو، جنهن ۾ والدين پنهنجي اولاد جون شاديون سندن سهولت ۽ پيار جي خاطر نه پر پنهنجي سهولت ۽ مفادن خاطر ڪرائيندا هئا. کيس بيهاريو ويو هو. تاريخي طور تي جنسي عشق ۽ محبت ڪرڻ وارو پهريون نمونو جيڪو هڪ جذبي جي صورت ۾ اختيار ڪري سگهيو هو، يعني هڪ اهڙو جذبو جنهن جي تحت ڪو شخص (يعني حڪمران طبقي جي فردن مان ڪو فرد) انهيءَ جذبي جو هڪ بنيادي انساني حق جي طور تي اظهار ڪري سگهندو هجي ۽جنهن کي اعليٰ ترين جنسي جوش به تصور ڪيو ويندو هو ۽ اهو ساڳيو جنسي جوش فطري طور تي ان ۾ هڪ بنيادي عنصر طور موجود به هوندو هو. جنهن جو اهو نمونو هڪ اوائلي قسم جو نمونو هوندو هو. منجهس موجود هوندو هو.
ازمنه وسطيٰ (يورپ جو وچولو تاريخي دور) جي دور جي سورمائي قسم جي جنسي عشق ۽ محبت واري مراد هرگز نه ورتي ويندي هئي. سورمائي قسم واري جنسي عشق ۽ محبت ڪرڻ جو ادارو مورڳو الٽي گنگا بنجي پوندو هو. انهيءَ حقيقت جو مثال پرووانسال لوڪن جي ادب واري قديم ڪلاسيڪي نموني واري جنسي عشق ۽ محبت هوندي هئي، جيڪا هلندي هلندي هڪ اعليٰ قسم جي جماليات جو نه پر ڪوري اگهاڙي زنا ڪاري ڪرڻ جو روپ اختيار ڪري ويندي هئي. ۽ ان ڪري سندن دور وارن شاعرن به حقيقي ۽ سچي قسم جي جنسي عشق ۽ محبت جي شان ۾ نه پر انهي فاحش ۽ اگهاڙي زناڪاري جي ڪڌي ۽ ڪميڻي عمل جي شان ۽ تعريف ۾ پنهنجا گلا ڦاڙي قصيدا ڳايا آهن.
جرمن ادب ۾ آلبانٽاگيليڊر Albas Tegalieder يعني پرهه ڦُٽيءَ جي نغمن يا قصيدن کي پروواسال لوڪن ۾ عشقيه شاعري جي نموني جا چوٽي جا شاهڪار اشعار مڃيا وڃن ٿا. انهن پرهه ڦٽيءَ جي قصيدن ۾ هڪ دلگداز ۽ رنگين عبارت ۾هن ڳالهه جو ذڪر ڪيل هوندو آهي ته ڪيئن هڪ جرمن سورمو پنهنجي معشوقه سان وصال ڪري ٿو؟ سندس شاعري جي رواياتي معشوقه گهڻو ڪري ڪنهن نه ڪنهن بدنصيب مڙس جي پرڻيل پٽيل زال هوندي آهي ۽ انهن شعرن ۽ قصيدن ۾ جرمن عاشق سورمي جي نوڪرن ۽ سپاهين کي انهيءَ سورمي عاشق ۽ سندس پرڻيل معشوقه تي پهرو ڏيندي ڏيکاريو ويل هوندو آهي. سندس اهي نوڪر ۽ سپاهي ساٿي کيس پرهه ڦٽيءَ وقت رات جي ڍڪي ۾ نڪري هلڻ لاءِ اطلاع ڏين ٿا ۽ سورمو صاحب پاڻ واري پرڻيل پٽيل معشوقه کان موڪلائي پنهنجي ڳوٺ روانو ٿي وڃي ٿو. انهن قصيدن جن کي جرمن ادب جو هڪ عظيم شاهڪار شمار ڪيو ويندو آهي ۽ عاشق سورمي جي پنهنجي معشوقه سان موڪلاڻي ڪرڻ واري منظر کي هڪ وڏي دلسوز ۽ دلگداز پيرائي ۾ ادا ڪيل هوندي آهي.
ٻنهين اترئين فرينچ خواه جرمن وڏيرن جي همعصر دور جي ادب ۾ به انهيءَ سورمائي قسم جي جنسي عشق و محبت جو هڪ وڏو دفتر موجود آهي. ازمنه وسطيٰ جي جڳ مشهور جرمن شاعر ولغرام خان اشن باغ Wolfram Von Eschan Bagh جا ساڳئي نموني ۽ طرز تي پرهه ڦٽي جا قصيدا چيل آهن جن کي پڻ جرمن ادب ۾ شاهپارن جي حيثيت ڏنل هوندي آهي.
اسان وري دور جي بورزوا طبقي جي شادي ڪرڻ جا ٻه نمونا هوندا آهن:
1 - رومن ڪيٿولڪ مذهب رکندڙ يورپي ملڪن ۾ بورزوا ڪٽنبن ۾ اڄ ڏينهن تائين والدين پنهنجن پٽن لاءِ موزون زالون ڳولي ايندا آهن. انهن شادين ۾ ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري نموني جي شادي جا سمورا موجود پر لڪل تضاد پاڻ مرادو ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن. جن ۾مڙس شادي جي سيج تان لهندي ئي سرتين جي ڳولا ڪرڻ ۾ لڳي ويندو آهي ۽ زال پنهنجي عاشقن ۽ يارن سان جنسي ميلاپ ڪرڻ جا مزا ماڻيندي رهي آهي. تنهن ڪري رومن ڪيٿولڪ ڪليسا انهن شادين مان طلاق ۽ جدائي جي عنصر کي ئي مورڳو خارج ڪري ڪڍي ڇڏيو آهي. اها عيسائي ڪليسا جي وڏي سياڻپ چئبي، ڇاڪاڻ ته کيس اها پوري ريت خبر هوندي آهي ته انهيءَ قسم جي شادين مان ڌرين جي وچ ۾ جنسي وفاداري جي اميد رکڻ اهڙي بي سود ۽ اجائي هوندي آهي جهڙي ”ٻٻرن کان ٻير گهرڻ!“
عيسائي ڪليسا کي يقين هوندو آهي ته مڙسن جون سرتيون رکڻ۽ سندن زالن جو يارن کان زنا ڪرائيندو رهڻ موت وانگر اهڙيون اڻ ٽر حقيقتون هونديون آهن، جن جو اڄ ڏينهن سوڌو ڪوبه علاج نه لڌو ويو آهي. پر پروٽيسٽنٽ فرقي وارن ملڪن ۾ وري هيءَ رسم موجود هوندي آهي ته برزوا طبقن جي پٽن کي بنهه پنهنجي لاءِ پنهنجي سماجي طبقي مان ڪا زال ڳولي ساڻس پرڻجڻ جو اختيار ڏنل هوندو آهي ۽ کيس انهيءَ چونڊ ڪرڻ ۾ وڏي آزادي به ڏني ويندي آهي. انهيءَ ڪري انهيءَ بورزوا طبقي واري معاشري ۾ ظاهر واري ۽ سماجي مصلحت جي لحاظ کان جنسي عشق ۽ محبت ڪرڻ وارو عنصر ڪي قدر موجود هوندو آهي، يا پروٽيسٽنٽ فرقي واري عيسائي بورزوا طبقي جي روايتي منافقي موجب انهيءَ عنصر بابت ڪي قدر گمان ۽ قياس ڪري سگهجي ٿو ته زال ۽ مڙس جي وچ ۾ پيار موجود آهي. اهوئي سبب هوندو آهي ته انهن قسم وارن معاشرن ۾سريت بازي ۽ يارن رکڻ جو رواج ڪيٿولڪ فرقي جي مقابلي ۾ ڪيتري قدر گهٽ هوندو آهي. انهيءَ ڪري منجهن فحاشي ۽ زناڪاري به گهٽ هوندي آهي. اهوئي سبب هوندو آهي ته پروٽيسٽنٽ فرقي وارا مرد فاحشه ۽ طوائف عورتن جي پويان نه ڊوڙندا آهن ۽ نه وري پروٽيسٽنٽ عيسائي فرقي جي زالن ۾ يارن رکڻ ۽ زناڪاري ڪرائڻ جو مرض عام هوندو آهي.
تنهن ڪري چئبو ته شادي جي سمورن نمونن ۾ مڙس توڻي زالن جي حالت اهاَئي رهي ٿي جيڪا شادي ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي هوندي آهي. پروٽيسٽنٽ ملڪن ۾بورزوا طبقو گهڻو ڪري خود غرض ۽ مطلب پرست لالچي هوندو آهي، تنهن ڪري هن فرقي واري ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي ڪرڻ مان فقط هي هڪڙو نتيجو نڪري ٿو ته سراسري طور تي سندن ازدواجي زندگي ۽ گهرو ماحول بيزاري (بوريت) سان ڀريل هوندو آهي. يعني مڙس زالن مان ۽ زالون مڙسن مان بيزار نظر اينديون آهن. سندن انهيءَ (جنسي) بوريت سان ڀريل حياتي تي ”گهر جي جنت“ جي سهڻي نالي جو بورڊ هنيو ويندو آهي. اسين انهن ٻنهي نمونن وارين شادين جو عڪس يا پاڇو جرمن ۽ فرينچ ناولن ۾ ڏسي سگهون ٿا.
فرينچ ناول ۾ هڪ فرينچ ڪيٿولڪ شادي جو ۽ جرمن ناول ۾ هڪ پروٽيسٽنٽ شادي جون تصويرون پيش ڪيون ويون آهن، ٻنهي قسمن جي ناولن ۾ ٻئي ڌريون (مڙس ۽ زالون) پنهنجا پنهنجا دلپسند معشوقائون ۽ يار ڳولي لهن ٿا. جرمن ناول وارو نوجوان عاشق پنهنجي زال جي بجاءِ هڪ دلبر معشوقه سان وصل جا مزا ماڻي ٿو، پر فرينچ ناول جو هيرو پنهنجي زال جي يار جي عذاب ۾ مبتلا رهي ٿو.
ٻنهي ناولن جي ڪردارن مان ڪهڙو ڪردار وڌيڪ مظلوم۽ همدرديءَ جي لائق آهي. اهو فيصلو ڪرڻ اسان لاءِ ڏکيو ٿي پوي ٿو. هڪ فرينچ شخص لاءِ جرمن ناول ۾ بوريت کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندو آهي ۽ هڪ جرمن نوجوان کي فرينچ ناولن ۾ بد اخلاقي، جنس ڪج راهه روي، بدڪرداري، فحاشي ۽ زناڪاري کان سواءِ ٻي ڪا به شيءِ نظر نه ايندي آهي. برلن جو شهر هڪ عالمي درجي جو شهر ٿيندو وڃي ٿو، جنهن ۾ مختلف قومن ۽ نسلن جا ماڻهو رهن ٿا. تنهن ڪري برلن شهر جا ماڻهو سندن اثر ۾ اچي چڪا آهن. جرمن نوجوان اديبن به هينئر فرينچ نوجوانن وانگر سريت بازي ۽ زناڪاريءَ جي موضوعن تي لکڻ شروع ڪري ڏنو آهي. حقيقت وري هيءَ آهي ته ٻئي سريت بازي ۽زناڪاري جا ادارا برلن جي شهر ۾ به رائج ٿي چڪا آهن.
شادي جي انهن ٻنهي نمونن يعني ڪيٿولڪ ۽ پروٽيسٽنٽ فرقي وارن عيسائين جي شادين ۾ ٻيو به هڪ مشترڪ عنصر موجود هوندو آهي، اهو عنصر هي آهي ته انهن ٻنهي قسمن جي شادي ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار جي سماجي ۽ طبقاتي درجن ۽ حيثيتن کي هميشه ڌيان ۾ رکيو ويندو آهي. انڪري ٻنهي صورتن ۾ سندن شاديون هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي ۽ مصلحت تحت ڪيون وينديون آهن. منصوبي ۽ مصلحت هيٺ ڪرايل شاديون اڳتي هلي ٻنهي حالتن ۾ هڪ اگهاڙي ۽ بي حجابي زناڪاريءَ ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون. انهيءَ زناڪاري جي عمل ۾ ٻئي ڌريون ”زال توڙي مڙس“ دل کولي بهرو وٺن ٿا، پر ان هوندي به انهيءَ زناڪاري جي ڊوڙ ۾ زالون مڙسن کان هميشه گوءِ کڻي وڃن ٿيون، انهن وڏ گهراڻين ۽امير طبقي جي زالن ۽ رواجي ڪسبياڻين ۽ چڪلي جي رنڊين جي وچ ۾ فقط هي فرق هوندو آهي ته اهي معزز گهر ڌياڻيون هڪ پورهيت ڪسبياڻي ۽ چڪلي جي رنڊي وانگر هر گهڙي ۽ هر ساعت هر ڪس و ناڪس مرد کان پيسا وٺي ساڻس گذر نٿيون ڪن، پر اهي معزز عورتون پنهنجن جسمن ۽ جنسي عشق ۽ محبت واري جذبي ۽ عمل کي عمر ڀر لاءِ ڪنهن دل گهري يار يا يارن جي حوالي ڪري ڇڏين ٿيون، انهيءَ مصلحت هيٺ ڪرايل شادين بابت مشهور فرينچ سوشلسٽ اديب ۽ عالم چالس فوريار (Charls Foruier) جا طنز طور لکيل لفظ ڪيڏا نه سهڻا، موزون ۽ پُر محل آهن، جڏهن هو صاحب لکي ٿو ته:
”جيئن نحو ۾ ٻن انڪاري يعني ٻن نفي وارن فعلن مان هڪ اثباتي فعل ٺهي ٿو، ساڳي ريت شادي جي اداري جي اخلاقي قدرن ۾ ٻنهي ڌرين جي زناڪاري جي فحش اعمالن مان نيڪي ۽ پرهيزگاري پيدا ٿين ٿيون.“ زال ۽ مڙس جي وچ ۾ جنسي ميلاپ ڪرڻ وارو عمل جيڪڏهن هڪ پاڪيزه ۽ متبرڪ ترين عشق ۽ محبت جو مقام حاصل ڪري سگهي ٿو ته اُهو فقط غريب ۽ مظلوم طبقن يعني پورلتا پورهيت طبقي ۾ ئي پيدا ٿي سگهي ٿو، موجوده دور ۾ اهو فقط غريب پرولتاري طبقو هوندو آهي. پوءِ ڀلي بورزوا طبقو ۽ سندس معاشرو پرولتاري طبقي وارن جي جنسي ميلاپ ڪرڻ ۽ عشق ۽ محبت جي بلند مقام کي درجو ڏئي يا نه ڏئي، مڙوئي خير جهڙي ڳالهه آهي، انهيءَ درجي ته پهچڻ کان پوءِ ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري ڪلاسيڪي شادي واري نموني جا بنياد بلڪل اکڙجي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ ته هن ئي طبقي ۾ ذاتي ملڪيت جو وجود مسعود ناپيد هوندو آهي، ڇو ته ساڻن آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا وارو قصو هوندو آهي، جنهن ذاتي ملڪيت کي بچائڻ خاطر ۽ ان کي ورثي ترڪي طور قائم رکڻ خاطر ئي ”هڪ مڙس هڪ زال“ وارو ادارو ۽ ان ۾ وري مڙسن کي زال جي مٿان بالادستي ۽ حاڪميت کي قائم رکڻ جا هر حيلا جتن ڪيا ويندا آهن. پر انهيءَ ساڳي قسم جي شاديءَ جي صورتحال ۾ يعني ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري حالت ۾ جتي ٻئي ڄڻا پورهيت يعني پرولتاري طبقي مان هوندا آهن، مڙس کي زال جي مٿان بالادست ۽ حاڪم بنجي پوڻ جا وسيلا (ذاتي ملڪيت) ميسر نه هوندا آهن، يعني بورزوا قانون جي موجود هجڻ جو مقصد هوندو آهي. انهيءَ بالادستي ۽ حاڪمت کي بچائڻ ۽ فقط ذاتي ملڪيت جي مالڪ طبقن جي ۽ سندن زيردست پرولتاري طبقي سان هلندڙ ڪاروباري نظام کي تحفظ ڏيڻ. انهيءَ سموري معاملي جي بندوبست ڪرڻ لاءِ پوليس جي ضرورت پوندي آهي.
ان ڪري پرولتاري طبقي يعني هارين ۽ مزدورن جي غربت يعني وٽن ڪنهن به ذاتي ملڪيت جي موجود نه هجڻ واري حالت ۾، مڙس ۽ زال جي جنسي ناتن کي قائم رکي سگهڻ لاءِ وٽن پئسي جي نه هئڻ کي ڪابه وڏي اهميت حاصل نه هوندي آهي، انهيءَ قسم جي شاديءَ ۾ مڙس ۽ زال جا پاڻ ۾ ذاتي، شخصي، جنسي، فيصله ڪن قسم جا سماجي تعلقات امير طبقي جي زال مڙس واري سماجي تعلقات کان بلڪل نرالا ۽ مختلف هوندا آهن، انهيءَ کان به وڏي ۽ وڌيڪ اهميت واري ڳالهه هيءَ هوندي آهي ته جيئن ته وڏي پيماني تي صنعتڪاري جي موجودگي عورتن کي گهرن مان ٻاهر ڪڍي اچي مزدورن جي پڙي ۾ بيهاريو آهي ۽ کين ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ جي به داخلا ڏياري آهي ۽ ڪيترين حالتن ۾ کين مڙسن وانگر فقط ڪٽنب جي پالنا ڪندڙ به بنائي ڇڏيو آهي، ان ڪري هڪ پرولتاري گهر ۾ مڙس جي بالادستي ۽ حاڪميت جو آخري نشان به مٽجي وڃي ٿو. سواءِ هن هڪڙي ڳالهه جي ته جتي عورتن تي ظلم ۽ ڏاڍ وارو رواج جيڪو ”هڪ مڙس ۽ هڪ زال“ واري اداري جي برپا ٿيڻ وقت وجود ۾ آيو هو، موجود نه رهيو آهي ۽ اهو ئي واحد سبب هوندو آهي جنهن جي ڪمي اڄ جي دور وارو پرولتاري ڪٽنب پنهنجي وجود ۽ اهميت ۾ پراڻي قسم وارو ”هڪ مڙس هڪ زال“ وارو روايتي ڪٽنب نه رهيو آهي، پوءِ ڀلي ته ڪن پرولتاري ڪٽنبن جو بنياد جذباتي عشق ۽ محبت ۽ باهمي جنسي وفاداري تي ٻڌل نه به هجي ۽ ڀلي ته ڪيترائي مادي ۽ روحاني برڪتن جا مينهن به مٿن وسندا رهن.
انهيءَ قسم جي پرولتاري ڪٽب ۾ ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري نظام جا ٻئي پهلو سريت بازي ۽ زناڪاري تمام گهٽ ڪردار ادا ڪن ٿا، منجهن اهي ٻئي ڪردار ايتري قدر ته گهٽجي وڃن ٿا جو بلڪل نه هئڻ جي برابر ٿي وڃن ٿا. انهيءَ قسم جي ڪٽنب ۾ زال پنهنجي مڙس کان ڌار ٿيڻ يعني کانئس طلاق وٺڻ وارو اوائلي حق ڄڻ ته کانئس زوري کسي يا موٽائي حاصل ڪري ورتو آهي. اها آهي به هڪ صحيح سچي سماجي حقيقت. ان ڪري جڏهن ڪو پرولتاري مڙس ۽ سندس زال ڏسن ۽ محسوس ڪن ٿا ته سندن وچ ۾ زال مڙس طور گڏجي گذر ڪرڻ ڏکيو يا محال بنجي ويو آهي ته ٻئي ڌريون هڪدم هڪ ٻئي کان ڌار ٿي يعني طلاق وٺڻ لاءِ آماده ٿي وڃن ٿيون.
ٻين لفظن ۾ اهو چوڻ بلڪل صحيح ٿيندو ته ٻنهي معنيٰ خواه مقصد جي لحاظ کان خواه عملي طور تي فقط پرولتاري طبقن ۾ئي ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي صحيح قسم جي ثابت ٿئي ٿي. پر اها شادي اداري جي تاريخي لحاظ کان هرگز صحيح نه هوندي آهي. انهيءَ معاملي ۾ اسان وارن عالم فاضل قانون سازن ۽ قانون دانن جو چوڻ وري هي هوندو آهي ته، قانون سازي جي عملي ارتقا سان گڏوگڏ سماج ۾عورت جي سمورين شڪايتن جو گهڻي حد تائين خود بخود ازالو ٿي ويو آهي.
جديد مهذبيت واري قانون جي، سمورن نظامن ۾ جديد مهذبيت به هيٺين ڳالهين کي گهڻي ۾ گهڻي حد تائين تسليم ڪيو آهي ته:
1- شاديءَ کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ پاڻ ٻئي شادي ڪندڙ ڌريون گهوٽ ۽ ڪنوار هڪ ٻئي کي قبول ڪن ٿا.
2- شادي جي ٿي وڃڻ بعد ۽ ان جي دوران باهمي حقن ۽ فرضن جي ادائگيءَ ۾ ٻئي ڌريون پوري پوري مساوات قائم رکڻ کي ڌيان ۾ رکن ٿيون. جيڪڏهن عورت جي مٿي ذڪر ڪيل ٻنهي مطالبن ۽ گهرجن کي پورو ڪيو ويو آهي ته پوءِ ڄڻ ته عورتن پنهنجي دلين جون سموريون مرادو حاصل ڪري ورتيون آهن.
فاضل وڪيل صاحبن وانگر انهيءَ نموني جي دليل بازي ڪرڻ اهڙو ته آسان ڪم هوندو آهي، جهڙيءَ طرح ڪو ترقي پسند بورزوا وڏيري پرولتاري ڌر جي همدرديءَ ۾ وڪالت ڪندڙ شخص جي هر دليل ۽ حجت جهٽ پٽ ۾ ٺهه پهه رد ڪري ڇڏيندو آهي. پرولتاري يعني پورهيتن جي معاملي ۾ هميشه اهو قياس ۽ گمان ڪيو ويندو آهي ته ڪارخانيدار سيٺ ۽ مزدور جي مزدوري ڪرڻ وقت پاڻ ۾ ڪيل معاهدو ٻنهي ڌرين جي رضامندي سان عمل ۾ آيو آهي. انهيءَ لاءِ اهو وڌيڪ گمان پڻ ڪيو ويندو آهي ته اهو معاهدو رضاڪارانه طور تي ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته بورزوا طبقي وارو قانون انهي معاهدي وارين ڌرين (مالڪ ۽ مزدور) کي ڪاغذ تي ٻئي حق ۽ خواه فرض مساوي طور تي ڏئي ڇڏيندو آهي. پر اهو ساڳيو بورزوا قانون هڪ ڌر (مالڪ) کي سندس مختلف طبقاتي درجي جي لحاظ کان حاصل ڪيل طاقت ۽ ان ڪري اقتدار واري بالادست حيثيت ۽ فوقيت ۽ ٻي ڌر (پرولتاري) جي سڌي اقتصادي، سياسي ۽ سماجي دٻاءُ تحت زبردستي واري حيثيت يعني ٻنهي ڌرين کي صحيح اقتصادي ۽ ان ڪري سندن سياسي ۽ سماجي حيثيتن جي متعين ڪرڻ واري عمل کي بلڪل نظر انداز ڪري ڇڏيندو آهي.
اهو ائين ٿيو ڄڻ ته انهيءَ متبرڪ ۽ انصاف پسند قانون جو انهن ڳالهين سان جيڪي اصل ۾ بنيادي پر ظاهر ۾فرضي ۽ خسيس نظر اينديون آهن،ڪوبه تعلق ۽ واسطو نه هوندو آهي. وري انهن ٻنهي ڌرين لاءِ هي گمان به ڪيو ويندو آهي ته انهيءَ معاهدي دوران ٻئي ڌريون پاڻ ۾ اوستائين هڪ جهڙا ۽ مساوانه قسم وارا حق رکن ٿيون جيستائين ڪ منجهانئن ڪابه هڪڙي ڌر انهيءَ معاهدي جي عمل کي ختم يا رد ڪري نٿي ڇڏي، پر عملي طور حقيقت وري هيءَ هوندي آهي ته اقتصادي حالتون پرولتاري کي هن ڳالهه لاءِ مجبور ڪري وجهن ٿيون ته هو انهيءَ مساوي طور تي مليل حق جي هر خسيس فائدي تان پاڻ مرادو يعني اقتصادي سماجي ۽ سياسي دٻاءَ جي تحت مجبور ٿي دست بردار ٿي وڃي. انهيءَ صورت حال جي پيدا ٿي پوڻ وقت اهو عادلانه بورزوا قانون پري کان بيهي فقط ڌرين جو تماشو ڏسندو آهي.
سماج جي ٻين دنياوي معاملن وانگر شادي ڪرڻ به هڪ رواجي دنياوي قانوني معاهدو آهي. انڪري جڏهن شادي ڪندڙ ڌريون (مڙس ۽ زال) فقط رسمي طور تي هڪ ٻئي سان رضاڪارانه طور تي شادي ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪن ٿيون ته سندن حالت به ٻئي دنياوي معاملن وانگر محض هڪ اقتصادي ۽ معاشي معاهدي واري هوندي آهي ۽ ان وقت وڌ ۾ وڌ ترقي پسند قانون به خاموش تماشائي بنجي بيهي رهندو آهي.
قانون جي پردن پويان ڇا ٿو وهي واپري؟ يعني ڪنهن سماجي اسٽيج تي حقيقي ازدواجي زندگي وارو سچو پچو زنده ڊرامو ڪيئن کيڏيو وڃي ٿو؟ اهو نام نهاد رضاڪارانه طور تي ڪيل معاهدو ڪيئن عمل ۾ اچي ٿو؟ انهيءَ سموري واردات ۽ معاملي سان اسان واري انهيءَ عادلانه بورزوا قانون ۽ فاضل قانون سازن جو ڪوبه تعلق ۽ واسطو نه هوندو آهي. ان هوندي به انهن ساڳين فاضل قانون ساز حضرات کي مختلف قانونن جي سادي ۾ سادي ڀيٽ ڪرڻ سان ثابت ڪري ڏيکاري سگهجي ٿو ته انهيءَ نام نهاد رضاڪارانه طور تي ڪيل معاهدي جي صحيح ۽ سچي حيثيت ۽ حقيقت ڇا هوندي آهي؟
اهي ملڪ جن ۾ اولاد کي قانوني طور تي يقين ڏياريل هوندو آهي ته کين سندن والدين واري ورثي ترڪي مان سندن مقرر ٿيل حصو هر صورت ۽ هر حالت ۾ ضرور ملڻو آهي ۽ ڪوبه شخص يا ادارو يا خود ملڪي حڪومت به کين سندن حصي ۾ آيل ورثي ترڪي واري ملڪيت کان محروم ڪري نٿي سگهي، مثلن جرمنيءَ ۾ يا اهي ملڪ جن ۾فرينچ قانون رائج هوندو آهي وغيره. اتي شادي ڪرڻ جي معاملي ۾ اولاد کي والدين کان اجازت وٺڻي پوندي آهي، پر اهي ملڪ جن ۾ انگريزي (پروٽيسٽنٽ فرقي وارو) قانون رائج هوندو آهي ۽ جتي شادي ڪرڻ جي معاملي ۾ قانوني طور تي والدين کان اجازت ۽ رضامندي وٺڻ جي ڪابه ضرورت نه هوندي آهي ته اتي وري والدين کي به اهو حق تفويض ڪيل هوندو آهي ته جيڪڏهن والدين چاهين ته هو وڏي آزاديءَ سان وصيت ڪرڻ وسيلي اولاد کي پنهنجي سموري ورثي ترڪي کان محروم ڪري ڇڏين. ان ڪري حقيقت بلڪل واضح ٿي پوي ٿي ته اصلي طبقا جن ۾ ورثي ترڪي طور ڇڏڻ لاءِ ڪانه ڪا ذاتي ملڪيت يا جائداد موجود هوندي آهي ته انهيءَ صورتحال ۾ پاڻ ۾ شادي ڪندڙ ڌرين کي شادي ڪرڻ جي معاملي ۾ نالي ماتر آزادي به نه مليل آهي. ان ڪري چئبو ته انهيءَ معاملي ۾ جرمني، فرانس، انگلينڊ توڙي يونائيٽيڊ اسٽيٽس آمريڪا هڪ جهڙا آهن، سنڌي زبان ۾ چئبو ته بگهڙ سڀ وات ڳاڙها هوندا آهن.
شادي ڪرڻ جي معاملي ۾ قانوني طور تي مڙس ۽ زال جي وچ ۾ حقيقت ۾ ڪابه مساوات ۽ برابري موجود نه هوندي آهي، قانون جي نظرن ۾ ٻنهي ڌرين جو درجو هرگز مساوات تي ٻڌل نه هوندو آهي، اها حقيقت معاشري جي ماضي وارين سماجي حالتن جو ورثو ترڪي هوندو آهي، اها حقيقت انهن ڌرين جي وچ ۾ عدم مساوات جو ڪارڻ نه پر اهو امر زالن تي مردن جي اقتصادي طور تي ڪيل ظلم ۽ ڏاڍ جو نتيجو هوندو آهي.
قديم اشتراڪي قسم جو ڪٽنب يا گهراڻو جنهن ۾ ڪيترائي شادي شده جوڙا ۽ سندن اولاد شامل هوندا آهن، سندن گهرو انتظام هلائڻ جي واڳ ڏور زالن جي هٿن ۾ هوندي آهي، گهرو انتظام هلائڻ به اصل ۾ هڪ اهڙي ئي قسم جي عوامي ۽ سماجي صنعت هوندي هئي، جهڙيءَ طرح مڙسن لاءِ کاڌو خوراڪ مهيا ڪرڻ هوند هو، پر پدرانه حق تي مبني ڪٽنب جي رائج ٿيڻ شرط ئي صورتحال ۾ وڏو ڦيرو اچي ويو هو: ”هڪ مڙس هڪ زال“ انفرادي ڪٽنب جي وجود ۾ اچڻ شرط ئي سماجي حالتن ۾ اڃا به وڌيڪ ڦيرو اچي ويو هو. هينئر گهرو انتظام هلائڻ واري عوامي صنعت جي نوعيت عوامي نه رهي هئي، يعني ان سان معاشري جو ڪوبه واسطو نه رهيو هو. انڪري اهو معاملو به عوام جي قبضي ۽ هٿن مان نڪري هڪ خانگي ۽ ذاتي خدمت جو معاملو بنجي ويو هو.
هينئر عورت هڪ محترم زال ۽ گهر ڌياڻي مان ڦري هڪ گهرو نوڪرياڻي بنجي پئي هئي، ايتري قدر جو خود گهرو نوڪرن چاڪرن ۾ به سندس نمبر ڦري سرفهرست ٿي پيو هو، سماجي پيداوار ڪرڻ واري عوامي عمل مان کيس ڄڻ ته ڌڪا ڏئي خارج ڪيو ويو هو. سماجي پيداوار ۽ فقط وڏي پيماني تي جديد صنعت جي موجودگي سندس وري موٽي ان ۾ داخل ٿيڻ جا دروازا کولي ڇڏيا آهن، اهو فقط پرولتاري طبقي جي عورت يعني هينئر کيس سماجي پيداوار جي اڱڻ تي فقط پيرن رکڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، پر اهو دروازو هڪ اهڙي طريقي ۽ سياڻپ سان کليل رکيو ويو آهي، جو هو پنهنجي ڪٽنب جي خانگي طور تي خدمت ڪرڻ جي فرض ادائگي کي پوري ڪرڻ بعد ئي سماجي پيداوار جي اداري ۾ داخل ٿي سگهي، کيس (عورت کي) عوامي پيداوار کان ايتري قدر ته پري (خارج) رکيو ويو هو، جو ويچاري عورت ذات ڪجهه به ڪمائي سگهڻ جي اهل ۽ لائق نه رهي هئي، انهيءَ ڪري جيڪڏهن خود عورت جي مرضي ٿئي ته هو ڀلي اچي عوامي پيداوار ۾ بهرو وٺي ۽ آزادي ۽ آسانيءَ سان روزگار ڪمائي سگهي ٿي.
مردن کي هن امر جي بخوبي خبر هوندي آهي ته هڪ عورت جي سماجي پيداوار ۾ بهري وٺڻ جي ڪري هو خودبخود پنهنجي ڪٽنبي فرضن جي ادائگي کان قاصر رهجي ويندي آهي. (ڇاڪاڻ ته اهي فرائض سندس مامتا واري فطري طبيعت ۽ مزاج ۾ داخل هوندا آهن. مترجم). ان ڪري کيس ڪٽنبي فرضن ادا ڪرڻ يا سماجي پيداوار ۾ بهري وٺڻ مان فقط هڪڙي ڳالهه جي چونڊ ڪرڻي پوندي آهي. اها ڳالهه جيڪڏهن ڪنهن عورت جي ڪنهن ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ سان ساڻس لاڳو ٿئي ٿي، ايتري قدر فطري هوندي آهي جا اها ساڳي ماجرا خود قانون ۽ ڊاڪٽري جهڙن سفيد پوشيءَ وارن ڌنڌن ۽ ڪاروبار ڪرڻ تائين ساڻس لاڳو رهي ٿي.
هڪ جديد انفرادي ڪٽنب جو بنياد هڪ عورت جي ڪجهه ظاهري ۽ ڪجهه باطني يا لڪل گهرو ماحول تي منحصر هوندو آهي. موجوده جديد معاشرو فقط جدا جدا انفرادي ڪٽنبن جي ميڙ مان ٺهيل هوندو آهي، جنهن ۾ شامل سمورا ڪٽنب انهيءَ معاشري جا متحرڪ جزا هوندا آهن. اڄ ڪلهه واري دور جي اڪثر حالتن ۾ هر مڙس کي ڪٽنب لاءِ روزي ڪمائڻ ۽ کاڌ خوارڪ مهيا ڪرڻ وارو بنجڻو پوي ٿو. خاص طور تي ملڪيتن جي مالڪ طبقي کي انهيءَ صورتحال ايتري قدر ته صاحب اختيار ۽مالڪ اقتدار بنائي ڇڏيو آهي جو کيس ڪن به زائد قانوني حقن جي حاصل ڪرڻ جي ڪابه ضرورت باقي نه رهي آهي. ان ڪري هو خود به ڪنهن وڌيڪ قانوني تحفظ حاصل ڪرڻ کان به بي نياز بنجي چڪو آهي. پنهنجي ڪٽنب جي اندر زال مڙس هڪ آمر مطلق العنان بورزوا هوندو آهي. جنهن جي مقابلي ۾ سندس زال جو سماجي درجو ۽ مان مرتبو هڪ بي ملڪيت، بي اختيار ۽ بي اقتدار پرولتاري (هاري مزدور) جهڙو هوندو آهي.
هن دور جي صنعتي دنيا ۾ اقتصادي ظلم ۽ استبداد جو ڪردار جيڪو پرولتاري طبقن جي سرن تي هڪ مصيبت جي تلوار بنجي بيهي رهيو آهي، اها تلوار پنهنجي تيزيءَ جو مشاهدو ۽ جلوو فقط تڏهن پسائي نه سگهندي جڏهن سرمائيدار طبقي کي کيس خاص طور تي (رياست جي اداري جي طرفان) تفويض ڪيل سمورن قانوني حقن ۽ مراعات، جن جي خاتمي کان سواءِ ٻنهي طبقن (مرد ۽ عورت) جي وچ ۾ قانوني مساوات کي قائم ڪري سگهڻ هرگز ممڪن نه ٿيندو، کان محروم نه ڪيو ويو آهي.
ڪنهن ملڪ يامعاشري ۾ بورزوا ۽ پرولتاري طبقن جي وچ ۾ پيدا ٿي ويل دشمنيون فقط ڪنهن جمهوري راڄ جي قائم ٿي وڃڻ سان ختم نه ٿي وينديون آهن، بلڪ اها حالت کين مورڳو پاڻ ۾جنگ ڪرڻ لاءِ فقط هڪ اهڙو ميدان تيار ڪري ڏيندي آهي، جنهن تي بيهي ٻئي طبقا اقتدار تي قبضي ڪرڻ خاطر هڪ ٻئي سان جنگ ڪندا آهن.
ساڳيءَ ريت موجوده دور واري ڪٽنب ۾ زال تي مڙس جي بالادستي ۽ حاڪميت وارو مخصوص ڪردار هڪ اهڙي نوعيت جو هوندو آهي، جو ٻنهي طبقن جي وچ ۾ سماجي مساوات جي پيدا ڪرڻ جي ضرورت ۽ ان جو طريقو فقط تڏهن ئي ظاهر ٿي سگهندو جڏهن ٻنهي طبقن (مڙس ۽ زال) کي قانون جي سامهون مڪمل مساوات حاصل ٿيندي. ان بعد ئي حقيقت خودبخود ظاهر ٿي پوندي ته زالن کي مڙسن جي بالادستي ۽ حاڪميت واري نظرئي جي مصيبت کان نجات ڏيارڻ لاءِ پهريون شرط هي آهي ته سڄي عورت ذات کي نئين سر عوامي صنعت ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ انهيءَ حقيقت کي عمل ۾ آڻي سگهڻ لاءِ وري هيءَ ڳالهه به لازمي ٿي پوندي ته انفرادي طور تي ڪٽنب جي معاشري ۾ هڪ اقتصادي وحدت واري حيثيت طور تسليم ڪيو وڃي.
مٿي ذڪر ڪيل سموري بحث مباحثي سان اسين هن نتيجي تي پهچون ٿا ته شادين ڪرڻ جا مکيه ٽئي نمونا انساني معاشري جي ارتقائي عمل جي ٽن مکيه دورن سان بلڪل ٺهڪي اچن ٿا. يعني وحشي دور ۾ گروهي شاديون غيرمهذب دور ۾ جفتي شاديون ۽ مهذب دور ۾ هڪ مڙس هڪ زال جي شادي وارو نمونو. جنهن ۾ سريت بازي، زناڪاري ۽ کليل چڪلن جي اشارن جو به قدرتي ۽ لازمي طور تي اضافو ٿيندو آهي. غيرمهذب دور جي مٿاهين درجي ۾ جفتي شاديون هڪ مڙس هڪ زال واري رسم جي ٻن پڙن جي وچ ۾ هڪ اهڙو به درجو هڪ ڇپر وانگر ٽنبيل نظر ايندو آهي. جنهن ۾مردن ٻنهي قسمن يعني هڪ ئي وقت تي ٻانهين سان ۽ ساڳئي وقت تي هڪ مڙس گهڻين زالن واري نموني وارين شادين جا مزا پڻ ماڻيا هئا.
مٿي ذڪر ڪيل سموري وضاحت ڪرڻ سان فقط هي هڪڙي حقيقت وڌيڪ چٽي ٿيندي صاف ۽ ظاهر نظر اچي ٿي ته جڏهن زالن کان گروهي شاديون ڪرڻ واري جنسي ميلاپ ڪرڻ جي آزادي کسي ويئي هئي، تڏهن مڙس صاحبن کي هٿ به نه لاتو ويو هئو. ان جو مکيه نتيجو هي نڪتو آهي ته مڙسن لاءِ گروهي شاديون ڪرڻ وارو ادارو اڄ سوڌو صحيح سلامت حالت ۾ موجود آهي. ان ڪري اها ڳالهه جيڪا هڪ عورت لاءِ هڪ عظيم ڏوهه شمار ڪيل هوندو آهي ۽ جنهن تي عمل ڪرڻ سان هڪ عورت لاءِ تمام خطرناڪ نتيجا ۽ قانون ۽سماجي سزائون ۽ نقصان پيدا ٿي سگهن ٿا. انهيءَ ساڳي ڳالهه کي مرد لاءِ مباح معزز، مانائتو ۽ مرداڻو فعل تصور ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏهن سندس (مرد جو) اهو فعل معاشري ۾ مانائتو معزز به آهي، تڏهن به اهو فعل وڌ ۾ وڌ اهڙو ٿورڙو اخلاقي داغ هوندو آهي، جنهن کي مرد حضرات کلندي، ٽهڪ ڏيندي خوشيءَ سان برداشت ڪري سگهندا آهن. سرمائيدارانه خام مال جي پيداوار جيتري قدر قديم دور واري سريت بازي جي اداري کي روز بروز تبديل ڪندي، کيس برداشت ڪندي، پنهنجا رنگ ۽ روپ بدلائيندي رهندي. اوتري قدر ئي زناڪاري ۽ عصمت فروشي پڻ لڪل روپ مان ظاهر ٿيندي ڦري اگهاڙي زناڪاري ۾ تبديل ٿيندي ويندي ته ان جا اثر پڻ اوتري قدر معاشري لاءِ وڌيڪ مهلڪ ٿيندا ويندا آهن.
مٿين حقيقت هڪ عورت کي بداخلاق ۽ بدڪردار بنائڻ کان وڌيڪ خود مردن کي عورتن کان وڌيڪ بداخلاق ۽ بدڪردار بنائي ڇڏيندي آهي. زناڪاري ڪرائڻ ۽ فحاشي وارا اعمال عورتن مان فقط انهن ويچارين بدنصيب عورتن کي ذليل ڪن ٿا، جيڪي عورتون مجبوريءَ کان سندس منحوس ڄار ۾ ڦاسي پون ٿيون. پر اهي عورتون به ايتري قدر ذليل نٿيون ٿين، جيتري قدر کين سمجهيو وڃي ٿو.
پر اهي ساڳيون سماجي حالتون مردن جي دنيا جي سموري اخلاقي ۽ روحاني ڪردار کي ذليل ترين بنائي ڇڏين ٿيون. ان جو نتيجو هي نڪري ٿو ته ڏهن مان نون حالتن ۾ هڪ برو قبيح فعل، وڏي عرصي تائين مبتلا رهڻ جي ڪري ڄڻ ته ڪنهن ابتدائي اسڪول ۽ ازدواجي بيوفائي ڪرڻ جي تعليم پرائيندو رهي ٿو، جيڪا ڳالهه وري اڳتي هلي سندس ڪٽنب، زال ۽ ٻارن، مٽن ۽ مائٽن، پاڙي ۽ ڳوٺ جو هڻي خانو ئي خراب ڪري ڇڏيندي آهي.
اسين هينئر هڪ اهڙي سماجي انقلاب ڏانهن قدم وڌائي رهيا آهيون، جنهن ۾ موجوده دور جي ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري اداري جي اقتصادي بنيادن جي خاتمي سان گڏ انهيءَ عصمت فروشي، زناڪاري ڪرڻ واري اداري جو خاتمو ٿي ويندو، ڇاڪاڻ ته ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري ڪٽنبي اداري ۽ عصمت فروشي ۽ زناڪاري ڪرڻ جي ادارن جو پاڻ ۾ بدن ۽ روح وارو تعلق هوندو آهي.
انساني معاشري ۾ هڪ مڙس هڪ زال جي شادي جي اداري کي قائم ڪرڻ جو مقصد ۽ اصل سبب هي هو ته، جڏهن ڪنهن هڪ شخص اهو به هڪ مرد جي هٿن ۾ دولت وڏي مقدار ۾ گڏ ٿي وڃي ٿي ته سندس دل ۾ انهيءَ دولت کي فقط پنهنجي اولاد لاءِ وصيت ڪرڻ وسيلي ڇڏي وڃڻ جي آرزو ۽ خواهش پڻ پيدا ٿئي ٿي. اهڙو شخص هن ڳالهه کي برداشت ڪرڻ لاءِ هرگز تيار نه هوندو آهي ته سندس مرڻ بعد ڪنهن ٻئي ڌارئي مرد جو اولاد سندس ڇڏي ويل دولت جو وارث بنجي. انهيءَ فقط هڪڙي ئي حقيقت ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شاديءَ جي اداري کي جنم ڏنو هو. ان ڪري ئي هي امر پڻ لازمي ٿي پيو هو ته، هر عورت فقط هڪ مرد سان شادي ڪري. پر ڪنهن به مرد لاءِ فقط هڪ زال سان شادي ڪرڻ هروڀرو لازمي نه هو.
”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شاديءَ جو سماجي ادارو ڪنهن به صورت ۽ حالت ۾ ڪنهن مڙس جي گهڻين عورتن (زالن) سان شادي ڪري سگهڻ ۾ ڪابه رڪاوٽ پيد اڪري نه سگهيو هو، انڪري انهيءَ سماجي قانون (رسم) ۽ اداري فقط زال لاءِ هڪ مڙس هئڻ واري رواج کي پڪن پختن پيرن تي بيهاري ڇڏيو هو، پر جڏهن مستقبل ۾ ايندڙ سماجي انقلاب انهيءَ مستقل دولت جي وڏي حصي کي جيڪو موجوده دور ۾ پيءُ کان پٽ کي ملي ٿو، يعني پيداوار جي ذريعن کي ذاتي مان ڦيرائي سماجي ملڪيت جي صورت ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو ۽ ان وقت مر د جو اهو انتظار ته سندس مرڻ بعد سندس ملڪيت جا وارث ڪير ٿيندا به خودبخود گهٽجي ويندو. يعني ”نه هوندو بانس نه وڄندي بانسري!“
هڪ مڙس هڪ زال جي شادي وارو ادارو خالص اقتصادي حالتن مان پيدا ٿيو هو. ان ڪري ڇا هي چئي سگهجي ٿو ته، اقتصادي حالتن جي سببن جي خاتمي سان هڪ مڙس هڪ زال جي شادي جيڪا انهن جي نتيجي طور پيدا ٿي هئي، پڻ ازخود ختم ٿي ويندي؟
انهيءَ سوال جي جواب ۾ هي جواب ڏيڻ غلط نه ٿيندو ته اقتصادي حالتن جي سببن جي خاتمي سان شادي جو ادارو ڪڏهن به ختم نه ٿيندو، بلڪ خود هڪ مڙس هڪ زال جي شادي جي اداري جي به اصل مقصد ۽ مراد جي تڪميل ٿي سگهندي. ڇاڪاڻ ته جڏهن پيداوار جا ذريعا ذاتي ملڪيت مان تبديل ٿي ڦري سماجي ملڪيت بنجي پوندا، تڏهن اُجرتي پورهئي سان گڏ اجرت تي ڪم ڪندڙ پرولتاري طبقو به ختم ٿي ويندو ۽ اهي چند عورتون جن جو شمار ڪري سگهجي ٿو، جيڪي پيسي جي خاطر (اُجرت تي) پاڻ کي مردن جي حوالي ڪن ٿيون، هرگز ڪڏهن به نه ڪنديون. يعني معاشري مان عصمت فروشي جو ادارو ئي ختم ٿي پوندو. پر ان جي ابتڙ عصمت فروشي جو خاتمو (هڪ مڙس هڪ زال) جي شاديءَ واري اداري جو خاتمو ثابت نه ٿيندو. بلڪ ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي شادي ۽ ڪٽنب جو ادارو نه رڳو عورتن لاءِ پر خود مردن لاءِ به هڪ حقيقي شادي خانه آبادي بنجي پوندو. ان ڪري ئي سندن ڪٽنب به هڪ مثالي ۽ آدرشي ڪٽنب بنجي پوندو.
مستقبل ۾ ايندڙ انقلاب ۾ هڪ ڳالهه يقيني آهي ته، نه رڳو مرد جي حيثيت ۽ سندس جديد سماجي درجي ۽ هر حالت ۾ ضرور ڪافي تبديلي اچي ويندي. بلڪ خود عورتن يعني عورت ذات جي سماجي درجي ۽ حيثيت ۾ پڻ اهم تبديليون اچي وينديون. سماجي پيداوار جي ذريعن جي ذاتي مان ڦري عوامي ملڪيت بنجي پوڻ سان معاشري ۾ انفرادي ڪٽنب جي هڪ اقتصادي وحدت هجڻ واري حيثيت پڻ خود بخود ختم ٿي ويندي، گهرو ڪاروبار هلائڻ واري ذاتي ۽ خانگي صنعت پڻ هڪ سماجي صنعت جي صورت ۾ تبديل ٿي ويندي. ڪٽنب ۽ اولاد کي تعليم ڏيارڻ ۽ سندس نگهداشت ڪرڻ ڦري هڪ عوامي قسم جو سماجي معاملو بنجي پوندو، ان وقت سموري معاشري کي پاڻ ۾ گڏجي سمورن جائز خواه ناجائز اولاد جي پرورش ڪرڻ جي ذميواري کڻڻي پوندي، ان ڪري اخلاقي توڙي اقتصادي طور تي مثبت ترين نتيجن جي حاصل ڪرڻ لاءِ اهو اهم ترين سماجي عنصر جيڪو هر ڪنواري ڇوڪري ءَ کي پنهنجي پسند ۽ محبت ڪرڻ واري شخص کي پاڻ سپرد ڪرڻ کان روڪيو بيٺو هوندو آهي، ان بابت سندس ڳڻتي ڪرڻ ۽ فڪرمند ٿي رهڻ وارو جذباتي عنصر به پاڻ مرادو ختم ٿي ويندو.
ڇا اهو امر معاشري اندر ڇڙواڳ جنسي ميلاپ ڪرڻ کي وڌائي ڇڏڻ جو ڪافي سبب ۽ ڪارڻ نه بنجي پوندو ۽ ڇا انهيءَ سان گڏ ڪنهن عورت ۽ عورت واري شرم ۽ حيا جي فطري جذبي لاءِ معاشري جي عام راءِ ۾ ڪا نرمي پيدانه ٿيندي؟ ۽ سڀ کان آخري اهم ڳالهه هيءَ آهي ته، ڇا اسان هت حقيقت کي محسوس نه ڪيو آهي ته موجوده دور ۾ ٻئي هڪ مڙس هڪ زال واري شادي ۽ ڪوري زناڪاري جا ادارا هڪ ٻئي جي مخالفت ۾ هوندي به هڪڙي ئي سماجي قسم وارين حالتن جا ٻئي کان ڌار نه ٿي سگهندڙ قطب نه هوندا آهن ۽ ڇا زناڪاري واري اداري کي هڪ مڙس هڪ زال جي شادي واري اداري سان گڏ ذلالت جي اوڙاهه ۾ ڪيرائڻ کان سواءِ اڪيلي طور تي ختم ڪري نه ٿو سگهجي؟
هائو! بيشڪ ڪري سگهجي ٿو، سماجي پيداوار جي ذريعن جي نوعيت کي ذاتي مان ڦيرائي سماجي يعني عوامي ڪرڻ سان هڪ نئون جاندار جيوڙو خودبخود پيدا ٿي معاشري جي بدن ۾ پنهنجو عمل ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو، اهو ساڳيو جيوڙو ان وقت به صحيح سلامت حالت ۾ موجود هوندو هو. جڏهن (هڪ مڙس هڪ زال) واريءَ شاديءَ جو ادارو معاشري ۾جنم وٺي رهيو هو. اهو جاندار جيوڙو آهي، انفرادي طور تي مرد ۽ عورت جي جنسي ميلاپ ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ عشق ۽ محبت ڪرڻ جو جيوڙو.
تاريخي طور تي ازمنه وسطيٰ کان اڳ ۾ انساني معاشري ۾ انفرادي طور تي جنسي ميلاپ ڪرڻ واسطي عشق ۽ محبت نالي واري ڪنهن به جذبي يا نظرئي جو ڪوبه وجود ئي ڪونه هوندو هو. پر هيءَ حقيقت اظهار من الشمس آهي ته اهڙي ڪٺور دور ۾ به شخصي جمال ۽ حسن، گهري دوستي هڪ جهڙن دلي لاڙن، خيالن، طبيعتن ۽ مذاجن ٻنهي مردن خواه عورتن جي دلين ۾ جنسي ميلاپ ڪرڻ جي امنگن ۽ خواهشن کي ضرور جاڳايو ٿي ۽ ٻئي انساني صنفون انهيءَ لازوال ازلي ۽ ابدي فطري جذبي کان بي خبر ۽ بي نياز نه هونديون هيون ته هو اهو عظيم جنسي ميلاپ ڪرڻ جهڙو فطري عمل ڪنهن ۽ ڪهڙي شخص سان ڪن يا نه ڪن؟ پر انهيءَ صدا جو پڙلاءُ اسان واري موجوده جديد دور واري جنسي عشق ۽ محبت واري آواز ۽ پڪار کان بلڪل مختلف قسم جو هوندو هو. اڻ ڄاتل زماني کان وٺي والدين پنهنجي اولاد جي شادين ڪرائڻ جو بندوبست ڪندا آيا آهن ۽ اولاد ويچارو به ماٺ ميٺ ۾ سندن ڪيل فيصلن جي اڳيان پنهنجو ڪنڌ نوائيندو آيو آهي.
ڪي مرد گهڻو جنسي عشق ۽ محبت، جنهن جي اڻ ڄاتل تاريخ جي دور واري انسان کي خبر هوندي هئي، ڪنهن به حالت ۽ صورت ۾ فعالي ذاتي ۽ داخلي قسم وارن انساني لاڙن خواهشن ۽ جذبن جو نتيجو هرگز هرگز نه هوندو هو. پر انهيءَ جنسي عشق ۽ محبت واري عمل کي محض هڪ خارجي مثبت قسم جو هڪ فرض ۽ جوابداري شمار ڪيو ويندو هو. جيڪو مڙس ۽ زال جي پاڻ ۾ شادي ڪرڻ جو سبب نه پر خود شادي واري مقصد، مفهوم ۽ مراد ۾ محض هڪ ڪوري جنسي عنصر جي طور تي سمايل ۽ موجود هوندو هو.
ازمنه وسطيٰ ۾ جديد دور واري مفهوم، عشق ۽ محبت واري جنسي ميلاپ ڪرڻ جي تمنا ۽ عمل فقط سرڪاري ۽ رسمي طور تي مقرر ڪيل سماجي طبقن کان ٻاهر ڪيو ويندو هو. يعني جنسي ميلاپ ڪرڻ لاءِ انهيءَ دور وارو امير طبقو فقط پرولتاري طبقي جي عورت کي ترجيح ڏيندو هو. يعني پرولتاري طبقي جون عورتون يا ٻانهيون معاشري ۾ خسيس شماريل هجڻ جي ڪري ساڻس جنسي ميلاپ ڪرڻ واري عمل تي کين ڪابه ميار نه ڏني ويندي هئي ۽ محض انهيءَ ميلاپ ڪرڻ خاطر جنسي ميلاپ ڪرڻ واري عمل يعني کليل ۽ اگهاڙي زناڪاري کي مباح، روا ۽ جائز سمجهيو ويندو هو.
اهي ريڍار جن جي عشق ۽ محبت جي داستانن کي مشهور يوناني شاعرن ٿيوڪرلٽس Theocrituf ۽ موسچس Moschus پنهنجن جڳ مشهور ديوانن ۾ يا مشهور يوناني اديب لانگس Logus پنهنجي رومانوي ڪتاب ”ڊافنس اينڊ ڪلوئي“ Daphnis and Chloe جي جڳ مشهور قصي ۾ ڳايو ۽ داخل ڪيو آهي. انهن قصن جا سورما خسيس قسم جا ٻانها هئا، جن جو يوناني رياست جو انتظام ۽ ڪاروبار هلائڻ ۽ ان سان ڪوبه واسطو ۽ تعلق نه هوندو هو.
سمورن محڪمن جي سربراهي ڪرڻ فقط آزاد يوناني شهرين جو موروثي ورثو شمار ڪيل هوندو هو. ٻانهن جي طبقي کان سواءِ ٻين سمورن طبقن ۾ اسان کي جنسي عشق ۽ محبت ڪرڻ جي عمل ۾ قديم دنيا جي تنزل پذير معاشرن ۾ فقط ڀڃ ڊاهه وارو منظر نظر اچي ٿو. انهن قصن جي عاشقن کي فقط اهڙين عورتن سان عشق ۽ محبت ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، جن جو اوچي سرڪاري حڪمران طبقن سان ڪوبه واسطو ۽ لاڳاپو نه هوندو هو، يعني اهي سموريون (عورتون) فقط خسيس ٻانهيون يا ويهاريل سرتيون يا مورڳو پيشه ور رنڊيون هونديون هيون، اسان کي اها ساڳي صورتحال اٿينس Athens شهر جي تنزل واري شروعاتي دور ۾ ۽ روم ۾ شهنشاهن واري دور ۾ ظاهرظهور نظر اچي ٿي. انهن عاشقن جي هجوم ۾ ڪوبه اسان کي آزاد شهري مرد ۽ ڪا شهري آزاد عورت پاڻ ۾ عشق ۽ محبت ڪندي نظر چڙهي وڃن ٿا ته اسين ٻنهي ڌرين (عاشق مردن ۽ عورتن) کي محض هڪ اگهاڙي ۽ ڪوري زنا ڪرڻ واري ٻڌڻ ۾ ڦاٿل ۽ ليٿڙيل ڏسون ٿا.
اسان واري موجوده جديد نظرئي واري جنسي عشق ۽ محبت ڪرڻ وارو نظريو ۽ عمل انهيءَ اڻ ڄاتل دور واري ڪلاسيڪي عشقيه شاعريءَ ۾ ايتري قدر ته غير اهم هوندو هو. مثلن اسان جي دوست يوناني شاعر اناڪريون Anacreun جي نظرن ۾ اهو عمل ايتري قدر ته خسيس ۽ غير اهم هو جو هو خود پنهنجي روايتي معشوق جي صنف جي مقرر ڪرڻ کان به پوري ريت بي نياز ٿي ويو هو. يعني کيس انهيءَ ڳالهه جي ڪابه پرواهه نه هوندي هئي ته سندس شاعري واري روايتي معشوق ڪا عورت آهي يا ڪو ڇوڪرو آهي يا مورڳو ڪو کدڙو خواجه سرا آهي، کيس پنهنجي شاعري ڪرڻ لاءِ مڙيوئي ڪو نه ڪو معشوق (معمول) گهربل هوندو هو.
محبت جو نظريو هر حالت ۽ صورت ۾ اسان واري يعني جديد دور وارو جنسي عشق قديم انساني خواهش ۽ امنگن Eros (ڪام ديوتا) يعني ڪوري شهوت پرستيءَ کان بلڪل مختلف قسم جو هوندو آهي. پهريون ته اسان واري جديد جنسي عشق ۽ محبت واري نظرئي جي مطابق ٻنهي ڌرين يعني عاشق مرد ۽ معشوق عورت جي دلين ۾ باهمي طور تي هڪ ٻئي لاءِ جنسي خواهش ۽ آرزو جو موجود هجڻ هڪ لازمي شرط هوندو آهي، يعني انهيءَ لحاظ کان ٻئي مرد توڙي عورت عشق ۽ محبت واري جنسي ميلاپ واري خواهش ۾ هڪڙي ئي ۽ ساڳئي سطح تي گڏجي بيهن ٿا. انهيءَ خواهش جي معاملي ۾ منجهائن ڪابه هڪڙي ڌر ٻي ڌر کان ڪمتر نه هوندي آهي، پر قديم دور واري ڪام ديوتائي هتي محض شهوت پرستي واري نام نهاد عشق ۽ محبت ۾ عورت جي جنسي خواهش واري جذبي ۽ سندس ذاتي مرضي (قبوليت) کي ڪوبه دخل نه هوندو هو. هڪ اميدوار عاشق جو پنهنجي نام نهاد معشوق مان ٿلهو ڳالهائڻ به لازمي نه هوندو هو.
ٻيو ته جنسي عشق ۽ محبت فقط تڏهن دوام ۽ شدت اختيار ڪري ٿي جڏهن ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جي جدائيءَ کي هڪ عظيم ترين نه ته به هڪ عظيم الميه يا بدبختي تصور ڪندا هجن، ٻئي عشق جي جذبي ۾ ڦاٿل ڌريون هڪ ٻئي کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي ۾ وڏي جوکم کڻڻ ۽ نقصان کي برداشت ڪرڻ لاءِ ايتري قدر ته تيار ٿي وڃن جو مٿان صدقو يا قربان ڪري ڇڏڻ لاءِ بلڪل تيار هجن، پر قديم زماني ۾ اهڙي قسم واري صورتحال فقط ڪوري اگهاڙي زناڪاري ۽ فاحش سريت بازيءَ جي حالت مان ئي پيدا ٿيندي هئي.
آخرڪار اڳتي هلي انهيءَ جنسي عشق ۽ محبت ڪرڻ جي اندازي جي پيمائش ڪرڻ لاءِ هڪ نئون معيار، پيمانو يا ماپو مقرر ڪيو ويو آهي. هينئر نه رڳو هي سوال ڪيو وڃي ٿو ته مثال واري عشق ۽ محبت جائز يا ناجائز آهي؟ پر ساڳئي وقت تي هي سوال به پڇيو وڃي ٿو ته انهيءَ مثال وارو جنسي عشق و محبت ۽ ميلاپ باهمي طور تي اڀريو آهي يا نه؟ يعني سنڌي محاوري مطابق ”اديءَ کي جن نه ڪن، ادي کي عشق انڌو ڪيو.“ وارو معاملو ته نه آهي؟ حقيقت ۾ هن ڳالهه ڪرڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي ته جاگيردرانه ۽ بورزوا قسم واري انهيءَ عمل ۾ ٻين اخلاقي قدرن ۽ معيارن جي ڀيٽ ۾ اهو نئون بهانو آزمايو وڃي ٿو يا مورڳو ئي کيس نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، قديم دور ۾ انهن سوالن کي سچ پچ نظر انداز ڪيو ويندو هو.
جاگيردار ۽ بورزوا طبقو پنهنجن ٻين سمورن نظرين وانگر انهيءَ پيماني کي به فقط هڪ نظرئي جي طور تي محض ڪاغذ تي قبول ڪيو آهي، موجوده حالتن ۾ انهيءَ کان وڌيڪ اميد رکڻ به اجائي ٿيندي. اڻ ڄاتل قديم دور وارو ڪوري جنسي ميلاپ ڪرڻ جو عمل انهيءَ ساڳئي مقام تي پهچي سچي ۽ صحيح عشق ۽ محبت ڪرڻ واري جذبي کان ڇڄي ڌار ٿئي ٿو.
ازمنه وسطيٰ واري جاگيردارانه عشق و محبت يعني ڪوري زناڪاري مان ساڳئي ڇڄي ڌار ٿي وڃڻ واري مقام کان شروعات ڪئي هئي. اسين انهيءَ سورمائي قسم جي جنسي عشق ۽ محبت جو ذڪر اڳ ۾ ئي ڪري چڪا آهيون. جنهن مان جرمن شاعري شروعاتي قصيده پيدا ٿيا هئا. اهڙي قسم واري جنسي عشق ۽ محبت ڪرڻ جو مطلب ئي هوندو هو ڪن ٻن زال مڙسن جي انهن ازدواجي رشتن کي ٽوڙڻ، جن جي بنيادن تي خود ازدواجي زندگي جي اعليٰ روحاني ۽ جسماني لاڳاپن جي اداري جي پيڙهه ٻڌل هوندي آهي. اهوئي امر انهن ٻنهي حالتن جي وچ ۾ هڪ وڏو فرق ۽ خال هوندو آهي، جنهن کي ڀري سگهڻ ۾ اهو سورمائي قسم جو جنسي عشق ۽ محبت وارو جذبو ناڪام ثابت ٿيو هو. پر جڏهن اسين خسيس ۽ بنا اخلاق اطالوي معاشري کان هلي پاڪبازي با اخلاق جرمن معاشري تائين پهچون ٿا ته اسين Nibelungenlied تي بيلونگ جي غزل ۾ ڪريمائيڊ نالي هڪ سورمي عورت کي سيفريڊ Siegfried نالي عاشق سومري سان ڳجهه ڳوهه ۾ جنسي عشق ۽محبت ڪندي ڏسون ٿا.
انهيءَ عشق ۽ محبت ۾ اسين ٻنهي ڌرين کي هڪ ٻئي سان هڪ جهڙي محبت ۾ ڦاٿل ڏسون ٿا. اسان واري سورمي ڪريمائيڊ پنهنجي دوست گنٿر کان ٻڌي ٿي ته سندس عاشق سيفريڊ کي هڪ سورمي (جنهن جو نالو گنٿر ڪريمائيڊ کي نه ٿو ٻڌائي)پاڻ وٽ گروي طور يرغمال ڪري قيد ڪري رکيو آهي ته اهو ٻڌي به اسان واري سورمي وڏي سادگيءَ سان کيس جواب ۾ چوي ٿي ته: ”منهنجا آقا! توکي وڌيڪ ڪجهه چوڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي، آئون هميشه توهان جي هر حڪم کي مڃڻ لاءِ تيار آهيان. توهان مون کي جيڪو به ور ڏيندا آئون انهيءَ شخص وٽ هي پنهنجي جان گروي طور رکڻ (ساڻس شادي ڪرڻ) لاءِ بلڪل تيار آهيان. شاباس سورمي شاباس! اسان واري انهيءَ سورمي جي دل ۾انهيءَ ڳالهه جو ڪوبه گذر نه ٿو ٿئي ته انهيءَ (شادي واري) معاملي ۾ سندس ذاتي جنسي عشق و محبت جو به دخل ٿي سگهي ٿو.
وري ٻئي مثال ۾ گمبر نالي هڪ عورت سورمي بروند سورمي، جنهن کي هن مورڳو ڪڏهن ڏٺو به ڪونه هو، سان نچي ڪڏي شادي ڪري ٿي. ساڳيءَ طرح ٽئي مثال ۾ ايزل نالي سورمي جي ڪريملڊ نالي هڪ مرد سورمي سان شادي ٿئي ٿي. گڊرون نالي ڪتاب جي ٻين قصن ۾ آئرليند جي سيگبانت نالي سورمي جي شادي ناروي جي اوٽا نالي هڪ وڏي گهراڻي نوجوان عورت سان ٿئي ٿي ۽ هيگيلينگ نالي علائقي جي رهواسي هيٽل جي شادي آئرلينڊ جي سورمي عورت هاليئڊ سان ٿئي ٿي. آخر ۾ مورلينڊ جو سيفريڊ اورماني جو هارٽ موت، سلينڊ جو هروگ ٽئي سورما پاڻ ۾ گڏجي گوڊرون نالي سورمي عورت کي هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پهريون ئي دفعو فقط هن هڪڙي ئي قصي ۾ گوڊرون نالي عورت پنهنجي رضا خوشيءَ سان هروگ سان شادي ڪري ٿي. انهيءَ دور جو هي به دستور هوندو هو ته هر شاهزادي جا والدين سندس زال چونڊيندا هئا پر سندن فوت ٿي وڃڻ بعد هو پنهنجي اميرن وزيرن جي صلاح مشوري سان زال چونڊيندو هو ۽ زال جي چونڊ ڪرڻ ۾ سندس اميرن جي ڪيل فيصلي کي آخري فيصلو شمار ڪيو ويندو هو.
انهن شهزادن، سورمن، جنگي سردارن۽ وڏن جاگيردارن جي شادين ڪرڻ لاءِ وٽن ڄڻ ته ٻيو ڪو نمونو ئي موجود ڪونه هوندو هو. شاهزادن جو نقل ڪندي ڪنهن نواب، وزير ۽ امير جي حالت ۾ به سندس ٻين واسطو رکندڙ معاملن وانگر شادي ڪرڻ به هڪ سياسي عمل هوندو هو. جنهن جي وسيلي اهو امير، نواب انهن اڳٺن جي ڳنڍ ڇوڙ وسيلي اقتدار جي مٿاهين ڏاڪي تائين پهچي سگهندو هو. اهڙي قسم ۽ مقصد وارين شادين ڪرڻ ۾ ڌرين جي ذاتي مفادن ۽ خوشين جو نه پر سندن ڪٽنبن يا خاندانن جي مفادن جو هر لحاظ کان خيال رکيو ويندو هو. انهيءَ معاملي ۾ شادي ڪندڙ ڌرين جي ذاتي لاڙن، امنگن، جذبن ۽خواهشن کي بنهه ڪوبه دخل نه هوندو هو.
اهڙي خودغرضانه ۽ ظالمانه ماحول ۾ ذاتي ۽ جنسي عشق و محبت کي شادي ڪرڻ جي معاملي ۾ ڪوبه دخل ۽ اهميت نه ڏني ويندي هئي. اها ساڳئي حالت ازمنه وسطيٰ جي شهرن ۽ گلڊن Guilds جي ڪاريگرن ۽ واپارين سان پڻ لاڳو هوندي هئي. اهي رعايتون جيڪي سندن ڪاروباري مفادن جي بچاءَ ڪرڻ خاطر سندن شاهي پروانن Charters جي دستاويزن ۾ ڄاڻايل هونديون هيون. جنهن جي مطابق ڪنهن هڪ قسم جي ڪاريگرن کي سندن هم پيشه ٻين ڪاريگرن، سيکڙاٽن ۽ گهورڙين کان ڇني، کين اجاره داري ڏيڻ خاطر هڪ جدا ۽ڌار مخصوص حيثيت ڏينديون هيون.
ساڳيءَ طرح موزون زالون هٿ ڪري پرڻجڻ لاءِ به کين سندن ڪاروبار وانگر ئي هڪ مخصوص محدود دائرو مقرر ڪيل هوندو هو. زال جي موزون هجڻ جو فيصلو ڪرڻ به مڙس جي هٿن ۾نه هوندو هو، پر انهيءَ معاملي ۾مڙس جي ذاتي مفادن کان وڌيڪ ڪٽنب جي مفادن کي خيال ۾ رکيو ويندو هو.
مطلب ته ازمنه وسطيٰ واري دور جي خاتمي تائين شادي ڪندڙ گهوٽن ۽ ڪنوارين جي غالب ترين اڪثريت جي ڪٽنبي حالتن ۾ اها ساڳي ئي حالت قائم رهندي ايندي هئي. جيڪا حالت شروعاتي دورن کان وٺي وٽن قائم رهندي آئي هئي ۽ پاڻ ۾ شادي ڪندڙ ٻنهي گهوٽ خواه ڪنوار کي پنهنجي شادي ڪرڻ جي معاملي ۾ ڪابه مداخلت ڪرڻي نه پوندي هئي، بلڪ انهيءَ سر جي باري ۾ کين ٻڙڪ ڪڇڻ جي به اجازت نه هوندي هئي. انساني سماج جي ارتقائي دور جي ابتدا کان وٺي هر انسان هن دنيا ۾ڄمڻ شرط ئي پرڻيل حالت ۾ وارد ٿيندو هو ۽ ان جو ڪو مڙس يا سندس زال يعني قبيلي جو ڪو واحد فرد نه بلڪ سارو قبيلو يا گروهه جنهن ۾انهيءَ شخص جنم ورتو هو، سندس مڙس يا زالون هونديون هيون. ساڳي صورت حال بعد وارن دورن ۾ به رهندي آئي هئي. فرق فقط هي پيدا ٿيو هو ته ان جو دائرو سوڙهو ٿيندو ويو هو.
جفتي شادين واري دور ۾هي رواج هوندو هو ته مائرون پنهنجي اولاد جون شاديون ڪرائينديون هيون. انهن شادين ۾ ساڳيو ئي خيال ڪارفرما هوندو هو ته نوجوان شادي ڪندڙ جوڙو نيات ۽ قبيلي ۾ شادي ڪرڻ سان سندن( والدين جي) سماجي حيثيت اڳي کان وڌيڪ مضبوط بنائي ۽ جڏهن ذاتي ملڪيت جي اداري عوامي ملڪيت تي پورو پورو قبضو ڪري ورتو هو ته ورثي ۽ ترڪي کي قائم ڪرڻ وارا مفاد پاڻ مرادو پيدا ٿي پيا هئا ۽ پدرانه حق سان گڏ ”هڪ مڙس هڪ زال وارو ادارو به قائم ٿي مستحڪم بنجي ويو هو. انهيءَ حالت ۾ شادي ڪرڻ واري سماجي اداري کي به مورڳو اقتصادي مفادن جي تابع ٿيڻو پئجي ويو هو.
هن دور ۾ پهچي زال کي خريد ڪري پرڻجڻ جو رواج ختم ٿي وڃي ٿو پر زال جي انهيءَ خريد ڪرڻ واري عمل ۾به هڪ ڳجهي ۽ لڪل رواج پاڻ کي قائم ڪري ڇڏيو هو. جنهن ۾ نه رڳو زال جي بلڪ خود مڙس جي به قيمت مقرر ڪئي ويندي هئي. جنهن ۾ مڙس جي خوبين، مثلن سندس مردانه حسن ۽ وجاهت، علم ۽ اخلاق کان وڌيڪ سندس دولت ۽ ملڪيت جي ڪثرت ۽ فراواني کي نظرن ۾ رکيو ويندو هو.
شروعات کان وٺي معاشري جي حڪمران طبقن ۾هيءَ ڳالهه ته شادي جي معاملي ۾ زال مڙس جي باهمي جنسي جذبن، لاڙن، پسند يا ناپسند کي ترجيح ڏني وڃي، ٻڌڻ ۾ به نه ايندي هئي. انهيءَ قسم جو ذڪر مذڪور فقط رومانوي قصن ۽ ڪهاڻين ۾ ملندو هو. يا جيڪڏهن ڪٿي موجود به هوندو هو ته اهو فقط مظلوم پورهت طبقن ۾ موجود هوندو هو. جن طبقن کي وري معاشري ۾ ڪو پڇندو به ڪونه هو.
اها ساڳئي صورتحال ان وقت به موجود هوندي هئي. جڏهن سرمائيدارانه پيداوار وارا ملڪ ۽ قومون نون ملڪن کي ڳولي لهڻ بعد کين پنهنجي عالمگير واپار ۽ صنعت جي وسيلن سان فتح ڪرڻ لاءِ پنهنجن ملڪي حدن مان ٻاهر نڪتيون هيون. هر شخص اهو خيال ڪندو هوندو ته اهڙي قسم وارن معاشرن لاءِ شادي ڪرڻ جو وارو مٿي ذڪر ڪيل طريقو موزون ترين هوندو ۽ اهو طريقو هو به سچ پچ موزون ترين، پر عالمي تاريخ جا فيصلا نرالا ۽ اڻ ڪٿ هوندا آهن. سرمائيدارانه پيداوار واري انهيءَ نظام پراڻي ٺهيل ٺڪيل، قائم ٿيل نظام، سماجي دستور ۽ آئين جو هڻي ترو ئي ڪڍي ڇڏيو هو.
سرمائيدارانه پيداوار جو دستور هوندو آهي ته اها هر شيءِ کي خام مال يا تجارتي سامان جي شڪل ڏئي سندس ڪونڪو تجارتي ملهه يا قيمت مقرر ڪري ڇڏيندي آهي، ان ڪري انهيءَ سرمائيدارانه نقطه نگاهه قديم رواياتي تعلقاتن جو شيرازو ئي منتشر ڪري ڇڏيو هو. بلڪ انهيءَ هڪڙي نئين قسم جي ديو سمورن قديمي روايتي تعلقاتن ۽ لاڳاپن کي نپوڙي سندن ساهه ڪڍي ڇڏيو هو. انهيءَ نئين نظام پراڻين ورثي ۾ مليل سماجي رسمن ۽ تاريخي حقن کي پاڙان پٽي اکوڙي سندن خالي ٿيل جاين تي آزاد خريد فروخت يعني آزاد معاهدي جا قدم ڄمائي ڇڏيا هئا.
مشهور انگريز قانوندان مئن Maine جو هي قول ڪيتري قدر صحيح ۽ سچو آهي ته، ”سمورن گذري ويل دورن جي ڀيٽ ۾ اسان واري سموري موجوده ڪيل ترقي جو راز هن امر ۾ سمايل آهي ته اسين انساني معاشري ۾ ”سماجي حيثيت“ Stetus يا مورثي منصب واري درجي کان ترقي ڪري Contract ”معاهدي“ واري درجي تي پهتا آهيون. يعني اسين ورثي ۾ مليل حالتن مان نڪري هڪ ”آزاد رضاڪارانه طور تي معاهدي ڪرڻ“ واري منزل تي پهتا آهيون. سندس خيال موجب هن هڪ تمام وڏي کوجنا يا دريافت ڪئي هئي. پر سندس اهو بيان پنهنجي سموري سچائي جي باوجود به اشتراڪي پڌرنامي Communist Manifesto جي شايع ٿي وڃڻ کان بعد جو ڏنل آهي، يعني انهيءَ تحقيق جو سهرو ۽ جس مئن صاحب جي بجاءِ منهنجي ۽ مارڪس جي سر تي آهي، يعني اسان ٻنهي ڄڻن سندس بيان ڪيل مضمون کان اڳ ۾ ئي اشتراڪي پڌرنامي ۾ لکي ڇڏيو هو ته ”انهن آزاد معاهدن کي پڪي ۽ مستحڪم ڪرڻ خاطر هن امر جو اڳواٽ ئي گمان ۽ قياس ڪيو ويندو آهي ته اهڙا شخص جيڪي پنهنجن جسمن، پورهئي، هنرن، ڪمن، ڪاريگرن ۽ ملڪيتن جو آزاديءَ سان استعمال ڪري سگهن ٿا.
اهي ئي شخص هڪ ٻئي سان مساوي شرطن تي هر قسم جي معاهدي ڪري سگهڻ جا به اهل هوندا آهن. اهڙن آزاد ۽ مساوي حيثيت رکندڙ شخصن کي پيدا ڪرڻ به سرمائيدارانه پيداوار جو هڪ اهم ترين فرض هوندو آهي. اهو ڪارنامو جيتوڻيڪ شروعات ۾ هڪ محض اڌوري شعوري طور واري ڪيفيت ۽ حالت ۾ ٿيندو رهندو هو ۽ مٿس مذهبي رنگ چڙهيل هوندو هو. ان هوندي به مارٽن ليورو ۽ ڪالون جي مذهبي اصطلاحن کان پوءِ هي اصول مضبوط ٿي چڪو هو ته ڪنهن به شخص کي سندس اعمالن لاءِ فقط تڏهن ئي ذميوار ٺهرائي سگهجي ٿو، جڏهن کيس انهن اعمالن جي سرزد ڪرڻ لاءِ مڪمل آزادي حاصل هوندي آهي. اهڙي شخص جو فرض هوندو آهي ته هو هر غير اخلاقي عمل ڪرڻ بابت مٿس آندل جبر ۽ دٻاءَ جو ڪمرڪشي مقابلو ڪري. پر سوال هي پيدا ٿئي ٿو ته انهيءَ ساڳئي اصول کي شادي ڪرڻ جي معاملي ۾ سماج اندر جاري ٿيل آئين جي خلاف ڪيئن ڪتب آڻي سگهجي؟
خود بورزوا طبقي جي خيال ۽ اعتقاد موجب شادي ڪرڻ به هڪ معاهدو آهي. محض هڪ سادو سودو قانوني معاهدو بيشڪ ٻين سمورن معاهدن جي ڀيٽ ۽ مقابلي ۾ هي معاهدو هن ڪري به هڪ اهم ترين معاهدو شمار ڪيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ معاهدي تحت نه رڳو ڪن ٻن آزاد شخصن جي تن، من جسم ۽ جان جو نه پر خود سندن روح ۽ تقديرن جو به سندن تا حيات سودو ٿيڻو هوندو آهي.
انهيءَ امر کان به وڌيڪ هيءَ حقيقت به پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته اهو معاهدو ٿيندو به رضاڪارانه طور تي هو پر انهيءَ معاهدي ڪرڻ ۾ ٿيندڙ گهوٽ ۽ ڪنوار جو رضامندو ڪيئن حاصل ڪيو ويندو هو؟ ۽ سندن شادي ڪرڻ جو بندوبست ڪير ڪير ڪندا هئا؟ انهيءَ امر جي خبر هر بشر کي هوندي هئي. جيڪڏهن ٻين سمورن معاهدن جي طئي ڪرڻ لاءِ حقيقي طور تي آزاد ۽ عاقل بالغ هجڻ جي طلب ڪئي وڃي ٿي ته پوءِ ڇو هن معاهدي جهڙي اهم ترين معاملي ۾ به ساڳين اصولن کي نظرن ۾ نٿو رکيو وڃي؟
انهن ٻنهي نوجوان شخصن مرد ۽ عورت کي جيڪي پاڻ ۾ جفتي ٿيڻ لاءِ تيار هجن، پنهنجي جان، تن، من، دل، روح ۽ جسماني اعضائ کي آزادانه طور تي استعمال ڪرڻ جو فطري حق ڇو نٿو ڏنو وڃي؟ ڇا هن دور کان اڳ ۾ سورمائي دور ۾ به جنسي ميلاپ ۽ عشق و محبت ڪرڻ جو هڪ صحيح بورزوا نمونو موجود نه هوندو هو؟ جيڪڏهن ڪنهن شادي شده مرد ۽ عورت (زال ۽ مڙس) جو هڪ ٻئي سان پيار ڪرڻ هڪ سماجي فرض هوندو آهي ته پوءِ پاڻ ۾ عشق و محبت ڪندڙ عاشق ۽ معشوق شخص (مرد ۽ عورت) جو اهو فرض نه آهي ته هڪ ٻئي کان سواءِ ٻئي ڪنهن به ڌارئي ۽ اوپري شخص سان شادي ڪرڻ کان نابري واري ويهي رهن؟
پر جيڪڏهن هڪ ٻئي سان جنسي ميلاپ ڪرڻ لاءِ هڪ شادي شده جوڙي جو فطري حق خود والدين، سندن عزيزن قريبن يعني رواياتي دلالن جي سمورن حقن کان ڇو اعليٰ ۽ افضل قسم جو نه آهي؟
جيڪڏهن ذاتي ۽ آزادانه طور تي ڪنهن به معاملي جي تحقيق ۽ تفتيش ڪرڻ جو حق اڻ سڏيو مذهب ۽ ڪليسا جي ڪوٽن جون ڀتيون ڀڃي خود ديول بندر داخل ٿي سگهي ٿو ته هي مردود پوڙهو نسل نوجوان نسل جي هن فطري حق کي ڪيئن ٿو روڪي ۽ رد ڪري سگهي؟ ته اهي پنهنجن، جسمن، روحن، ملڪيتن، خوشين، اميدن ۽ ارمانن جو فيصلو پاڻ نه ڪري سگهن؟
هن پوڙهي دقيانوسي نسل جي اها دعويٰ ته اهي هنن نوجوان زال مڙس جي پاڻ ۾ شادي ڪرائڻ جو بندوبست سندن ڀلائي خاطر ئي ڪن ٿا ته انهيءَ حالت ۾ به سندن اها دعويٰ هر لحاظ کا ن هڪ نسوري ڪوڙي، باطل ۽ ناقابل برداشت ۽ بي بنياد ڳالهه آهي.
انهيءَ دور ۾ جڏهن سماج جي پراڻي مشين جا سمورا پرزا گسي گسي ڍرا ٿي پيا هئا ۽ انڪري سمورن رواياتي سماجي نظرين جي بنيادن جون پاڙون اکڙي چڪيون هيون، تڏهن مٿين ذڪر ڪيل مسئلن جو معاشري ۾ اڀري اچڻ هڪ فطري امر هو. يورپي معاشري جي هڪڙي ئي يلغار ۾ اڇل سان هن ڪائنات جو دائرو وڌي ڏهوڻو ٿي پيو هو. ڌرتي جي اٺين پتي کان به گهٽ زمين تي رهندڙ مغربي قومن جي سامهون ساري ڪائنات جا دروازا کين پنهنجي ديدار ۽ مشاهدي ڪرائڻ خاطر وات پٽي بيهي رهيا هئا. يورپي قومن به انهيءَ سونهري موقعي کي هٿن مان وڃڻ نه ڏنو هو. هنن قومن وڏي ڦڙتي ۽ دليريءَ سان دنيا جي ستن ئي کنڊن تي جلدي قبضو ڪري ورتو هو.
هزارين سالن جا پراڻا نظرياتي ڪوٽ ۽ قلعا جن کي ازمنه وسطيٰ جي دور وارن رواياتي دقيانوسي فڪري بندشن بند ڪري ڇڏيو هو. سندن هڪ ئي حملي سان ڊهي اچي پٽ پيا هئا. ته اهڙي صورتحال ۾ سندن وطني معاشري جو ننڍڙو ڪوٽڙو ڪهڙي ڏاڙهي هو، جو سندن يلغار جو پاپ سهي سگهي. هينئر انهن مغربي يورپي قومن جون ظاهري توڙي باطني اکيون اهو ڪجهه ڏسي رهيون هيون جن جو کين وهم ۽ گمان به نه هو. اهڙي عجب جهڙي وسيع ڪائنات ۾ ڀلامانسي، نيڪ نيتي، شرافت عزت ۽ آبرو، مان ۽ شان گلڊ نظام وارا قديم حق جيڪي وٽن پيڙهين کان هلندا آيا هئا. نوجوان نسل جي نظرين ۾ ٿڃ برابر به نه هئا. هينئر سندن اکيون هندستان جي بي انداز دولت، ميڪسيڪو ۽ پوٽاسي جون سون ۽ چاندي سان ڀريل ٽمٽار کاڻيون، وڏن وڏن درياهن، سمنڊن، پهاڙن، جبلن، ڍنڍن، ڀانت ڀانت جي ماڻهن، سندن عجيب و غريب رسمن ۽ رواجن، تهذيبن، ٻولين، ثقافتن ۽ تمدنن وغيره جي ديدار ڪرڻ سان ڍاپيون ئي نه ٿي.
مغربي يورپي بورزوا طبقي جو اهو دور سچ پچ ته عجيب شاهاڻو دور هو. جنهن ۾ سندن رومانن ۽ محبتن جا بي انداز خواب ۽ اميدون سمايل هيون. پر اهي خواب ۽ اميدون خود بورزوا طبقي جي پنهنجن بنيادي، اصولن، آخري تجربن ۽ پنهنجي مخصوص انداز واري فڪر، سوچ ۽ نقطه نگاهه وارن ٺهيل قسمن جون هيون.
انڪري اهو اسرندڙ بورزوا طبقو خاص طور تي يورپي پروٽيسٽنٽ ملڪن ۾ جن ۾ سندن موجود سماجي نظام سري کان ئي اکڙجي چڪو هو، شادي ڪرڻ جي معاهدي ڪرڻ واري معاملي ۾ به هڪ وڏي حد تائين آزادي جي اصول کي قبول ڪري چڪو هو ۽ ان تي مٿي ذڪر ڪيل نموني ۾ عمل به ڪري رهيو هو. انهيءَ طبقاتي چوديواري جي اندر رهندي به ٻنهي ڌرين زال توڙي مڙس کي وڏي حد تائين چونڊ ڪري پنهنجي پسند واري ڪنهن مرد يا عورت سان شادي ڪري سگهڻ جو حق به تفويض ڪيو ويو هو.
خود سندن قانوني يعني ڪاغذي ڪارروائيءَ سان گڏ اخلاقيات، شاعري ادب، مضمون نويسي، منظرنگاري (مصوري، آرٽ ۽ سنگ تراشي) موسيقي ۽ ٻين فنون لطيفه جي شعبن ۾به انهيءَ ساڳي ڳالهه کان وڌيڪ ٻي ڪابه شيءِ پختي نه ٿي هئي ته هر اها شادي جيڪا جنسي ميلاپ ۽ عشق ۽ محبت ڪرڻ لاءِ باهمي رضامندي تي ٻڌل نه هجي ۽ جيڪا ٻنهي مڙس، توڙي زال جي آزاد ارادي تي مبني نه هجي، هر صورت ۽ لحاظ کان بلڪل غيرانساني هئي ۽ ان ڪري غيراخلاقي هئي ۽ غيراخلاقي هجڻ جي ڪري، اها شادي نجس پليد باطل ۽ حرام هئي.
مطلب ته عشق و محبت واري شاديءَ کي واحد صحيح ترين شادي قرار ڏئي، کيس هڪ بنيادي انساني حق جو درجو تفويض ڪيو ويو هو. انهيءَ ساڳئي حق کي نه رڳو مڙس لاءِ پر خود زال لاءِ به تسليم ڪيو ويو هو. پر اهو حق ٻين سماجي حقن کان فقط هن هڪڙي لحاظ کان مختلف هو ته عملي طور تي انهيءَ بنيادي انساني حق کي فقط حڪمران طبقي تائين محدود رکيو ويو هو ۽ انهيءَ ساڳي حق جي استعمال ڪرڻ کان مظلوم يعني پرولتاري طبقي کي سڌي يا اڻ سڌي طرح سان محروم رکيو ويو هو.
تاريخ جي انهيءَ الٽي ڪردار، انهيءَ ڏس ۾ وري پنهنجو اظهار ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو. معاشري جي حڪمران طبقي تي وري به ساڳئي معروف قسم جي اقتصادي اثرن جو غلبو قائم رهندو آيو هو. ايتري قدر جو، اهي رضاڪارانه طور واريون شاديون تمام جزوي حالتن ۾ عمل ۾ اچي سگهيون هيون. مغلوب طبقن ۾ وري به ساڳيو پراڻو دستور هلندو آيو هو.
انڪري اسين هن نتيجي تي پهچون ٿا ته آزاد ۽ رضاڪارانه طور تي شاديون فقط تڏهن ئي صحيح طور تي عمل ۾اچي سگهيون، جڏهن سرمائيدارانه پيداوار جو خاتمو ٿيندو ۽ ان جي پيدا ڪيل ملڪيتن وارن تعلقاتن ۽ سمورن قانوني قسم وارن اقتصادي ضرورتن کي، جيڪي اڃان سوڌو به زال مڙس جي چونڊ ڪرڻ ۾ پنهنجو زوردار اثر رکن ٿيون، ختم ڪيو ويندو. انهن سمورن اثرن جي خاتمي بعد ئي شادين ۾ باهمي جنسي ميلاپ ۽ عشق و محبت ڪرڻ وارو خالص انساني جذبو باقي قائم رهجي ويندو.
جنسي ميلاپ ۽ عشق و محبت ڪرڻ جي فطري انساني جذبي جو مزاج هڪ اهڙي قسم جو هوندو آهي، جيڪو ڪنهن به ڌاري شيءِ کي ڪڏهن به برداشت نه ڪندو آهي. يعني انهيءَ غير شيءِ کي پنهنجي وجود جي اندر ۾ ڪڏهن به سمائجڻ نه ڏيندو آهي ۽ اهو جذبو وري فقط هڪ عورت جي دل ۾ ئي پيدا ٿي سگهندو آهي. اهوئي سبب هوندو آهي ته جنسي ميلاپ ۽ عشق و محبت ڪرڻ لاءِ ذهني قدرتي طور تي فقط ”هڪ مڙس هڪ زال“ وارو تصور ئي پيدا ٿي سگهي ٿو ۽ انهيءَ فطري جذباتي تصور کي سماجي قانوني زبان ۾”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي سڏيو وڃي ٿو. سون سڌن لفظن ۾ هيئن کڻي چئجي ته ”هڪ ۽ ساڳئي وقت تي جنسي ميلاپ ڪرڻ واري فطري خواهش کي پوري ڪرڻ لاءِ انساني ذهن ۾فقط هڪ مرد ۽ هڪ عورت سان جنسي ميلاپ ۽ عشق و محبت ڪرڻ جي تصور جو پيدا ٿي سگهڻ، ممڪن هوندو آهي.“
هينئر اسين باڪوفن واري نظرئي جو صحيح اندازو لڳائي سگهون ٿا ته سندس نظرئي مطابق برابر گروهي شادين ڪرڻ سان ارتقا ڪندي ڪندي انفرادي شادي ڪرڻ واري مرحلي پهچڻ وارو ڪارنامون گهڻو ڪري عورت ذات جي محنت ۽ قربانين جو ڦل آهي، پر بني نوع انسان جي معاشرتي زندگي جي ارتقائي عمل ۾ فقط جفتي شادين مان ارتقا ڪري ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي جي مرحلي تي پهچڻ ۾ مرد جي محنت کي شمار ڪري سگهجي ٿو. تاريخي طور تي اهو ارتقائي عمل به هن ڪري ئي ممڪن ٿي سگهيو هو ته عورت ذات جي سماجي حيثيت بلڪل بگڙي ڪري ذليل ٿي چڪي هئي. عورت جي انهيءَ حالت مرد کي ساڻس بيوفائي ڪرڻ لاءِ وڏيون سهولتون پيدا ڪري ڏنيون هيون. جن اقتصادي مفادن عورت ذات کي مردن جي روايتي بيوفائي ڪرڻ کي برداشت ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو هو، جي خاتمي سان عورت ذات جي پنهنجي گذر معاش لاءِ ڳڻتي ۽ ان کان به وڌيڪ پنهنجي اولاد جي مستقبل لاءِ سندن فڪر ۽ تشويش ڪرڻ به خود بخود ختم ٿي ويندي.
مٿي ذڪر ڪيل تجربن جي بنياد تي هي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، عورتن جو مردن سان مساوات جو درجو حاصل ڪرڻ ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري ٺلهي رسم کي جنم ڏيڻ جي بجاءِ مڙس کي فقط هڪ زال رکڻ ۽ ساڻس جنسي طور تي وفادار، قانع ۽ شاڪر ٿي رهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو ۽ نه وري خود عورت کي به گهڻن مڙسن سان شادي ڪرڻ جي ڪا ضرورت پوندي. ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي تي ذاتي ملڪيت جي تعلقاتن مان پيدا ٿيل نتيجن جا اڪريل اهم ڪردار پڻ لازمي طور تي ختم ٿي ويندا. اهي ڪردار هيٺيان آهن:
1- مڙس جي زال تي بالادستي ۽ حاڪميت.
2- شاديءَ جي ختم نه ٿي سگهڻ وارو نظريو.
”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي ۾ مڙس جو مٿس بالادست هجڻ جو مکيه سبب هوندو آهي. سندس اقتصادي طور تي خود معاشري تي ۽ ان جي ڪري عورت تي به بالادست ۽ حاڪم بنجي پوڻ. سندس انهيءَ اقتصادي بالادستي جو خاتمو ڦري مڙس جي ازدواجي زندگي ۽ زال تي بالادستي ۽ حاڪميت جو خاتمو بنجي پوندو.
ٻيو ته شادي جي نه ختم ٿي سگهڻ واري نظرئي جو مکيه ڪارڻ هي هو ته ٿورو حصو انهن اقتصادي حالتن جو اثر جن مان ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي اداري جنم ورتو هو ۽ ٿورو حصو انهن سماجي روايتن جن انهيءَ وقت کان وٺي، جڏهن اقتصادي حالتن جي ڪري ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي شادي جي اداري ۾ سندن وچ ۾ پيدا ٿيل تعلقاتن کي پوري ريت سمجهيو به نه ويو هو ۽ مذهب جي اداري کين سندن جائز حق کان وڌيڪ اهميت ڏئي ڇڏي.
موجوده دور ۾ انهن ٻنهي حالتن کي هزارين طرفن کان مٿن حملا ڪري کين (روايتي ۽ سماجي حالتن کي) مجروح ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن اهي شاديون ڌرين جي پاڻ ۾ جنسي عشق ۽ محبت تي ٻڌل آهن ته اهي انساني آهن. ان ڪري اخلاقي به آهن ۽ ان ڪري متبرڪ به آهن ته پوءِ چئي سگهبو ته، فقط انهن شادين کي ئي متبرڪ ۽ اخلاقي چئي سگهبو، جن ۾ شادي ڪرڻ کان بعد ۾ به ساڳي جنسي وفاداري ۽ عشق و محبت جو جذبو قائم رهندو اچي ٿو. انفرادي طور تي عشق و محبت ڪرڻ جي خواهش جو معيار بهتر شخص جي حالت ۾ مختلف هوندو آهي. اهو به خاص طور تي هڪ مرد ۽ جنسي عشق ۽ محبت واري خواهش جي ختم ٿي وڃڻ يا ان جي جاءِ تي ڪنهن نئين عورت سان جنسي ميلاپ ڪرڻ جي خواهش جي پيدا ٿي پوڻ جي صورت ۾ ڌرين جي پاڻ ۾ جدا ٿيڻ (طلاق وٺڻ ۽ ڏيڻ يعني خلع جي حق کي استعمال ڪرڻ) جي حالت ۾ ٻنهي شادي وارين ڌرين ۽ خود معاشري لاءِ به خرچن پکن جي ڪرڻ، بدنامي جي ڏنگن سهڻ ۽ شهرت جي عذابن کان به کين بچاءُ ملي ويندو.
سرمائيدارانه پيداوار جي خاتمي کان پوءِ اسان جي ذهنن ۾ مرد ۽ عورت جي وچ ۾جنسي ميلاپ ڪرڻ جي باري ۾ جيڪو تصور اڀري ٿو، اهو هڪ منفي قسم جو تصور هوندو آهي، جيڪو تصور وري فقط هن امر تائين محدود هوندو آهي، ته آخر ڇا ختم ٿي ويندو؟
حقيقت ۾ ساڳي امر جو مثبت تصور هي ٿيندو ته منجهس ڪهڙي نئين شيءِ (هڪ مڙس هڪ زال جي اداري ۾) شامل ٿيندي ياوڌي ويندي؟ انهيءَ امر جو فيصلو تڏهن ئي ٿي سگهندو جڏهن (سرمائيدارانه پيداوار جي خاتمي کان پوءِ) هڪ نئون نسل ۽ جسماني خواه ذهني پختگي ۽ بلوغت کي پهچندو ته اهڙا مرد به معاشري ۾ پيدا ٿي پوندا جن پنهنجي سموري ڄمار ۾ پيسن ڏيڻ ياپيسن جي لالچ ڏيڻ يا ڪنهن ٻئي سماجي قسم جي لالچ ۽ طاقت جي مدد سان، ڪنهن عورت جي پاڻ آڇڻ يا ارپڻ واري عمل کي خريد نه ڪيو هوندو.
اهڙي معاشري جون عورتون به اهڙي قسم جون هونديون جيڪي عورتون به سواءِ ڪنهن سچي جنسي عشق و محبت ڪرڻ واري جذبي ڪنهن به قسم جي ٻي لالچ، خوف يا دٻاءُ ۾ اچي ڪنهن به مرد جي سامهون جنسي طور تي استعمال ٿيڻ لاءِ پاڻ کي ڪڏهن به نه آڇينديون يا ارپڻ يعني قربان ڪنديون ۽ جن کي ڪنهن به مرد جي اڳيان پاڻ کي سپرد ڪرڻ لاءِ مجبور نه ڪيو ويو هوندو يامحض اقتصادي طور تي مجبور ٿي پنهنجي دل گهرئي محبوب سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪنديون.
جيڪڏهن اهڙي اخلاق، بلند حوصلي ۽ روحاني همت وارا انسان (ٻئي مرد ۽ عورتون) هڪ ڀيرو به هن اسان واري معاشري ۾پيدا ٿي پوندا ته سندن دلين ۾ ڪنهن به نفعي جي لالچ يا نقصان جو ڀئو هرگز نه رهندو. جهڙيءَ طرح اسين هن موجوده دور ۾ مجبور ٿي سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهيون. اهڙا عظيم انسان پاڻ پنهنجن اعمالن جا اصول وضع ڪندا ۽ اهڙن انسانن کي تر جيتري به پرواهه نه هوندي. کين اسان جهڙن معمولي ۽ غير اهم شخص جي نظرن ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ يعني اهي عظيم بي خوف ۽ بااخلاق انسان پنهنجن اعمالن جا پاڻ خالق ۽ مالڪ هوندا. کين هي پرواهه هرگز نه هوندي ته ماڻهو ڇا چوندا؟ يعني کيس غلط عام راءِ جي هرگز ڪابه پرواهه نه هوندي.
اهڙا بااخلاق عظيم انسان پنهنجي نموني واري عام راءِ کي پاڻ هموار ڪندا ته انهيءَ وقت هيءَ ڳالهه هر شخص جو معمول بنجي پوندي ته خود عام راءِ سندس مرضيءَ سان ٺهڪندڙ هجي. معاشري جو هر شخص پنهنجن ڪمن ڪارين سان ۽ پنهنجي جنسي عشق و محبت ڪرڻ ۾ مگن مست رهندو. مٿين سمورن دليلن جي پيش ڪرڻ جو مقصد ۽ مراد فقط اهوئي هڪ امر آهي ته اهو عظيم انساني ڪارنامو عمل ۾ اچڻ بعد انساني خوشين ۽ اميدن جو معراج ثابت ٿيندو.
هاڻي اچو ته ٿوري وقت لاءِ پنهنجي دوست مارگن ڏانهن موٽي هلون. جنهن کان اسان دليل بازي ڪرڻ ۾ محو ٿي تمام پري نڪري ويا آهيون. هن اداري کان سواءِ ٻيا سماجي ادارا جيڪي تهذيبي دور ۾ پيدا ٿيا هئا، انهن جي تاريخي تحقيق ۽ کوجنا ڪرڻ سندس ڪتاب جي موضوع کان ٻاهر آهي. ان ڪري هو پاڻ کي فقط ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي جي اداري جي دور جي قسمت سان وابسته رکي ٿو. سندس خيال موجب خود ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري ڪٽنبي اداري جو قيام انساني تاريخ جي سماجي ارتقا ۾ هڪ اڳتي قدم آهي، جنهن مان کيس انساني صنفن جي وچ ۾ مڪمل مساوات جي پيدا ٿيڻ جي اميد جاڳي ٿي. کيس هيءَ خبر نه پئجي سگهي آهي ته سندس اميدن واري حد ڄاڻ پوري ٿيڻ تي آهي. هو لکي ٿو ته:
”جڏهن هن حقيقت جو اقرار ڪيو وڃي ٿو ته ڪٽنب هڪ ٻئي جي پويان چار نمونا ڦيرائي چڪو آهي ۽ هن وقت پنجين قسم واري نموني ۾ هلي رهيو آهي ته پوءِ سوال اٿي ٿو ته سندس هن موجوده دور وارو پنجون نمونو به اڳتي هلي يعني مستقبل ۾ به هميشه لاءِ قائم رهندو يا نه”“
ان جو جواب فقط هن طرح ئي ڏئي سگهجي ٿو ته ڪٽنب جي اداري کي به معاشري ۾ اندر رهندي ساڻس گڏجي اڳتي وڌڻو آهي ۽ پاڻ کي به ائين ڦيرائڻو اٿس جيئن معاشرو وڌندو رهندو ۽ جهڙيءَ ريت ڪٽنب ماضي ۾ به ارتقائي عمل ڪندو رهيو آهي. ڪٽنب جو ادارو پاڻ سماج جي پيداوار آهي، کيس به پنهنجي دور جي معاشري جي عڪاسي ڪرڻي آهي. اها ساڳي ڳالهه پهريائين به ٿي چڪي آهي، ۽ آئنده به ٿيندي رهندي.
تهذيب جي آغاز کان وٺي ”هڪ مڙس هڪ زال“ جي ڪٽنب ۾ سڌارو ايندو رهيو آهي ته موجوده جديد دور ۾ به هن حقيقت جو وڏي وثوق سان گمان ۽ قياس ڪري سگهجي ٿو ته منجهس في نفسه پاڻ کي وڌيڪ سڌارڻ جي صلاحيت اڃا به موجود آهي. ”هڪ مڙس هڪ زال“ وارو ڪٽنب اوستائين سڌرندو به رهڻ گهرجي جيستائين ڪه ٻنهي صنفن جي وچ ۾ پوري پوري مساوات قائم نه ٿي وڃي. پر جيڪڏهن ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري ڪٽنب جو ادارو مستقبل بعيد ۾ معاشري جي گهرجن ۽ تقاضائن جو پورو جواب ڏئي نه سگهندو ته اهڙي صورتحال ۾ سندس جانشين اداري جي نوعيت ساخت، مزاج ۽ فطرت بابت ڪا اڳڪٿي ڪرڻ هڪ ناممڪن امر آهي.“