اٿينس جي رياست واري اداري جو عروج حاصل ڪرڻ
يونان جي سورمائي دور ۾ اٿينس وارا چار ئي قبيلا اٽيڪا جي مختلف علائقن يا صوبن ۾ رهندا هئا. اهي چارئي قبيلا انهن ٻارنهن برادرين مان ٺهيا هئا، جيڪي ڪيڪ روپ جي علائقن ۾ ٻارنهن مختلف شهرن ۾ پنهنجي جداجدا مقرر ڪيل علائقن يا محلن ۾ رهندا هئا. ملڪي نظام ساڳيو ئي سورمائي دور وارو هلندو آيو هو پر جيتري قدر کليل تاريخ جو تعلق آهي ته اسين ڏسون ٿا ته، سورمائي دور ۾ ملڪ جي سموري آباديءَ لائق زمين کي مشترڪ عوامي ملڪيت مان ڦيرائي ذاتي ملڪيت طور بنائي سندس عوام ۾ ورهاست ڪري ڇڏيو ويو هو. اها ورهاست ٿي ويل ذاتي ملڪيت بنجي ويل زمين خام پيداوار جو نسبتي طور تي ڪي قدر هڪ سڌريل قسم جو درجو هو. جيڪو درجو غيرمهذب دور واري مٿاهين درجي جي پهچڻ لاءِ هڪ ضروري ڏاڪو هوندو آهي. يعني ٻنهي واپار ۽ خام مال جي پيداوار جي وڌڻ جي ڪري خود زمين به ڦري هڪ واپار خام مال جي صورت اختيار ڪئي هئي.
هينئر اناج جي پيداوار سان گڏ تيلن ۽ شرابن ٺاهڻ جي صنعت لاءِ خاص گهربل فصل به پوکجڻ لڳا هئا. اينجن سمنڊ جي ڪنارن وارن ملڪن ۾ هلندڙ واپار فيونيقن (عربن) جي هٿن مان نڪري اٽيڪا جي يونانين جي قبضي ۾ اچي ويو هو. زمين جي وڪري ڪرڻ ۽ خريد ڪرڻ واري رواج جي پوڻ جي ڪري زراعت ۽ صنعت، واپار ۽ جهاز راني ۽ ٻين صنعتي ڪمن ۾ به پورهي جي ورهاست شروع ٿي ويئي هئي. ان جو نتيجو هي نڪتو هو ته مختلف نِياتن، برادرين ۽ قبيلن جا ماڻهو پڻ هڪ ٻئي سان گڏجي سڏجي ملي هڪ ٿي ويا هئا. برادرين ۽ قبيلن جي روايتي طور تي مقرر ڪيل سماجي حدن ۾ اهڙا ٻيا به رهاڪو گهڙي آيا هئا، جيڪي هن دور کان اڳ ۾ ملڪي ۽ وطني هجڻ جي باوجود به انهن اصلوڪين يوناني نِياتن ۽ قبيلن ۾ شامل نه هوندا هئا. ان ڪري انهن صوبن ۽ ضلعن ۾ مستقل رهائش جي باوجود اهي ماڻهو ڌاريا شمار ڪيا ويندا هئا.
صلح جي دور ۾ هر برادري ۽ قبيلو پنهنجا سمورا معاملا پاڻ سنڀاليندو هو. کين ائين شهر ۾ رهندڙ جنگي سردار اعليٰ ۽ عوامي ڪائونسل سان ڪنهن به مشوري ڪرڻ جي ڪابه ضرورت نه پوندي هئي، ان ڪري قدرتي طور تي برادري ۽ قبيلي جي حدن جي اندر رهندڙ ڌاريا ماڻهو ملڪي انتظام هلائڻ ۾ ڪوبه بهرو وٺي نه سگهندا هئا.
انهيءَ هڪڙي ئي امر ملڪي انتظام هلائڻ ۾ يعني رواياتي قديم نِياتي آئين جي عمل ڪرائڻ ۾ ايتري قدر دشواريون پيدا ڪري ڇڏيون هيون، جو انهن دشوارين کي حل ڪرڻ جي ضرورت خود سورمائي دور ۾ ئي پيدا ٿي چڪي هئي. ان ڪري هڪ نئون آئين جيڪو ٽيسوس Thesous واري آئين جي نالي سان مشهور آهي، کي رائج ڪيو ويو هو.
انهيءَ تبديلي جو اهم ۾ اهم ۽ مکيه ۾ مکيه ڪردار هي هو ته مرڪزي انتظاميا ۽ ٻئي ملڪي ڪاروبار کي هلائڻ لا اٿينس جي شهر ۾ هڪڙو خاص نئون ادارو قائم ڪيو ويو هو. يعني ڪي اهڙا معاملا جن جو انتظام ان وقت سوڌو قبيلا پاڻ خودمختيار ٿيو پيا هلائيندا هئا. انهن کي عوامي قرار ڏئي سندن انتظام هڪ جنرل ڪائونسل جي سپرد ڪيو ويو. انهيءَ جنرل ڪائونسل جو هيڊ ڪوارٽر اٿينس جي شهر ۾ قائم ڪيو ويو هو.
اهڙيءَ ريت ايروڪواس قبيلن جي ڀيٽ ۾ اٿينس جي عوام هڪ وڏو آئيني قدم کنيو هو. هينئر پاڻ ۾ پاڙيسري قبيلن جي هڪ سادي سودي وفاق جي جاءِ تي، ملڪ جي سمورن قبيلن جي رضامندي يا درگذريءَ سان، سموري ملڪ پاڻ ۾ گڏجي هڪ قوم بنجڻ لاءِ هڪ اهم قدم کنيو هو. انهيءَ نئين وفاق کي هلائڻ لاءِ اٿينس جي سمورن قبيلن لاءِ هڪ گڏيل ۽ مشترڪ هڪ يڪي قانون جي تدوين پڻ ڪئي وئي. اهو نئون آئيني قانون، نِياتن، برادرين ۽ قبيلن وارين رواياتي مقامي، قانوني رسمن ۽ رواجن کان گهڻو مٿڀري قسم جو هو. انهيءَ نئين قانون جي مٿڀري هجڻ واري حقيقت جي لکت ۾ موجود هجڻ جي ڪري اٿينس شهر جي حدن اندر رهندڙ برادرين ۽ قبيلن کي نه رڳو شهر جي چوديواريءَ جي حدن اندر زائد قسم جا قانوني بچاءَ ۽ مراعات ڏنل هيون، بلڪ خود اهڙن علائقن ۾ به جيڪي منجهنس رهندڙ قبيلن جي دائره اختيارات کان بلڪل ٻاهر ۽ خارج هوندا هئا، ساڳيون مراعات ۽ تحفظ ڏنو ويو هو. جيڪو قدم اڳتي هلي انهن سمورين ڌارين قومن کي اٿينس جي معاشري ۾ شهر واسي ٿيڻ لاءِ پهريون موثر قدم ثابت ٿيو هو. يعني اهو آئيني قدم سموري اٽيڪا جي حدن ۾ رهندڙ غير ملڪي عناصرن کي پاڻ ۾ سمائي ضم ڪري ڇڏڻ لاءِ کنيو ويو هو. اهي نوان آيل ماڻهو غير ملڪي هجڻ جي ڪري اٿينس واري پراڻي روايتي نِياتي آئين جي حدن مان خارج هوندا هئا.
ٿيسوس جو نالو جنهن ٻئي اداري سان به منسوب ڪيل آهي. اهو هي آهي ته، هن عظيم يوناني مدبر ۽ سياستدان سموري يوناني عوام کي يعني سندن نِياتن برادرين ۽ قبيلن کي نظرانداز ڪري، کين نئين سري سان هيٺين نون سماجي طبقن ۾ ورهائي ڇڏيو هو:
(1) يوپيٽريڊيز Eupatridesيعني امير (شاهوڪار) طبقو، (2) جمورائي Geomoroie آبادگار طبقو، (3) ڊيمي ارجي Demiurgi هنرمند طبقو، هن ٽنهي طبقن مان ملڪي انتظام هلائڻ جي واڳ ڏور فقط پهرين نمبر يعني امير طبقي کي سونپي ويئي هئي. بيشڪ عوامي عهدن تي تقرري واري حق کي فقط امير طبقي لاءِ مخصوص ڪرڻ واري فقري کي آئين ۾ داخل ڪرڻ کان سواءِ اها طبقاتي ورهاست ڪڏهن به عمل ۾ نه اچي سگهي ها. ڇاڪاڻ ته انهيءَ نئين ورهاست انهن ٺلهن نالن ۽ لقبن ڏيڻ کان سواءِ طبقن جي وچ ۾ ٻي ڪابه قانوني تفريق پيدا نه ڪئي هئي. اهو قدم هن ڪري به اهم آهي ته انهيءَ مان اسان کي انهن نون سماجي عناصرن جي خبر پوي ٿي، جيڪي ماٺ ميٺ ۾ ارتقا ڪندا وڌندا ويجهندا رهيا هئا.
اهو امر هي پڻ وڌيڪ ڏيکاري ٿو ته، نِياتن ۾ ڪن ڪٽنبن جي، جيڪي پنهنجي دولت جي زور تي اڳ ۾ ئي معاشري اندر طاقت ور بنجي چڪا هئا. روايتي قديم طور تي قائم رهڻ واري عمل وڌي وڃي ڪٽنبن جي مخصوص روايتي منصبن تي انهن ساڳين ڪٽنبن جي حقن جي صورت اختيار ڪئي هئي، ڇاڪاڻ ته نِيات جي ڪنهن به شخص ان وقت تائين نه انهيءَ امر جو ڪو مقابلو ئي ڪيو هو ۽ نه وري سندن انهيءَ روايتي دعويٰ تي ڪو اعتراض به ڪيو هو. انهن ٻنهي امرن جي ميلاپ جو نتيجو هي نڪتو هو ته اهو نئون امير طبقو عوام کان جدا هڪ ڌار مخصوص حقن حاصل ڪيل طبقو بنجي پيو هو ۽ نئين پيدا ٿي پيل رياست جي اداري سندن انهيءَ طاقت وسيلي حاصل ڪيل حق جي توثيق به ڪري ڇڏي هئي. انهيءَ ساڳئي امر مان هي هڪ وڌيڪ حقيقت به ثابت ٿئي ٿي ته پورهيتن کي وري ڪڙمين ۾ ڪاريگرن (هنرمندن) جي وچ ۾ ورهاست ڪرڻ جي عمل کي ايتري قدر ته زور ورتو هو جو هينئر اها نئين طبقاتي ورهاست خود پراڻي نِياتي ۽ قبيلي وارانه ورهاست واري سماجي فوقيت ۽ اعلائيت سان مقابلو ڪرڻ لڳي هئي.
آخرڪار انهيءَ نئين طبقاتي ورهاست پراڻي ۽ قديم نِياتي معاشري ۽ رياست جي نئين پيدا ٿيل اداري جي وچ ۾ هڪ نه فيصل ٿي سگهندڙ دشمني ۽ عداوت جو اعلان ڪري ڇڏيو هو. رياست جي اداري کي وجود ۾ آڻڻ لاءِ نِياتن کي ڀڃي ختم ڪري نيات جي رڪنن کي ٻن نون طبقن يعني هڪڙو حق حاصل ڪيل طبقو يعني امير (شاهوڪار) طبقو ۽ ٻيو ڪمتر يا ادنيٰ بنا ڪنهن حق حاصل ڪيل طبقي ۾ ورهائي رکڻو پئجي ويو هو ۽ پوئين ڪمتر طبقي کي وڌيڪ ڪمزور حالت ۾ رکڻ خاطر کيس سندن ڪمن ڪارين ۽ ڌنڌن مطابق ٻن وڌيڪ نون مکيه طبقن ۾ ورهايو ويو ۽ وري خود پوين ٻنهي طبقن کي پڻ هڪ ٻئي سان دائمي طور تي برسر پيڪار ۽ صف آرا رکڻ جوبه خاطر خواهه انتظام ڪيو ويو.
سولون Solon واري دور تائين اٿينس جي سياسي تاريخ هڪ اهڙي قسم جي تاريخ آهي، جنهن جي ڪنهن به شخص کي پوري تفصيلي ڄاڻ حاصل ٿي نه سگهي آهي. سندس دور تائين پهچندي پهچندي جنگي سردار اعليٰ وارو عهدو عمل ۾ اچڻ بند ٿي چڪو هو ۽ آرڪون (مکي) جن کي هينئر فقط امير طبقن مان چونڊيو وڃڻ لڳو هو. يونان جي رياست جا سربراهه بنجي ويهي رهيا هئا. انهيءَ امير طبقي جي ٻين طبقن تي حڪمراني درجه بدرجه وڌندي ويئي هئي ۽ آخرڪار 600 ق- م ڌاري معاشري ۾ سندن وجود برداشت ڪري سگهڻ کان ٻاهر نڪري ويو هو. عوام جي آزاديءَ سان دست اندازي ڪرڻ جا مکيه ذريعا به فقط ٻه بنجي پيا هئا، هڪ دولت ٻيو وياج!
اهو امير طبقو گهڻو ڪري اٿينس يا ان جي آس پاس ۾ رهندو هو. جتي سامونڊي واپار ۽ بعضي قزاقي جو مشغلو جيڪو اڃان تائين ٻاهرين ٻني ته هوندو هو، کين وڌيڪ دولتمند بنائندو رهيو هو ۽ سموري اندرئين (ملڪي) ۽ ٻاهرين (غيرملڪي) دولت کي ٻهاري سهاري گڏ ڪري سندن هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو هو. انهيءَ نقطي تي پهچي دولت جو ترقي پذير نظام، ٻهراڙين ۾ رهندڙ غريب عوام جن جو گذر سفر محض قدرتي اقتصاديات تي ٻڌل هوندو هو. سندن رواياتي حياتين ۾ هڪ زهريلي تيزاب وانگر سرعت سان داخل ٿي، کين ساڙيندو ٻاريندو جلائيندو زخمي ڪندو ويندو هو.
هينئر نياتي آئين وارو قديم نظام ناڻي ۽ دولت واري نظام سان ڪنهن به حالت ۾ ۽ صورت ۾ مقابلو ڪري نه ٿي سگهيو. اٽيڪا ۾ رهندڙ ننڍن آبادگارن جي بربادي سندن پراڻن نياتي ٻنڌڻن جيڪي کين انهيءَ دور تائين بچائيندا آيا هئا، اچي پري ٿيڻ جي رفتار جي مطابقت ۾ هلندي رهي هئي. هينئر قرض خواهن جا بل ۽ گروپن جا دستاويز (هن دور تائين اٿينس جي اميرن گروي جي رسم کي ايجاد ڪري ورتو هو). ڪنهن به مقروض شخص جي خاندان، نيات يا برادريءَ جو لحاظ نه ڪندا هئا.
پر پراڻي نياتي نظام کي (پنهنجي سادي زرعي خود ڪفالت جي ڪري) پيسي يعني ناڻي، قرض وياج ۽ ڏوڪڙ جي لين دين جي ڪابه خبر نه هوندي هئي. ان ڪري امير طبقي جي روز بروز وڌندڙ طاقت ناڻي جي حڪمراني کي تحفظ ڏيڻ ۽ وياج خور جي ننڍي آبادگار جي استحصال ڪرڻ جي توثيق ڪري ڇڏڻ سان معاشري ۾ هڪ نئين قانون، رسم يا آئين ۽ رواج ۽ هلي چلي کي جنم ڏنو هو. اٽيڪا جي سمورين ٻهراڙين ۾ وياج خورن زمينن کي پاڻ وٽ گروي طور رکي وياج جي پيسن ڏيڻ جا اڏا کولي رکيا هئا. انهن گروي طور رکيل زمين جي مهاڙين تي هي عبارت لکيل هوندي هئي ته:
”جنهن زمين جي ايراضيءَ تي توهان بيٺا آهيو، اها زمين فلاڻي (وياج خور) امير وٽ هيتري ۾ گروي رکيل آهي.“ جنهن زمينن تي انهيءَ عبارت واري تختي لڳل نه هوندي هئي ته ان مان سمجهيو ويندو هو ته اها زمين گهڻو ڪري گروي جي رقم نه ڀري سگهڻ يا وياج جي ادا نه ڪري سگهڻ جي ڪري فلاڻي ڪي فلاڻي امير طبقي جي شاهوڪار وياج خور جي هٿ وڪامي چڪي آهي.
ويچارو غريب آبادگار فقط هن هڪڙي ڳالهه تي سرهو ۽ نهال نظر ايندو هو ته سندس وياج خور مالڪ کيس انهيءَ ساڳي زمين تي ڪڙمي ٿي رهڻ جي اجازت ڏني آهي ۽ کيس انهيءَ ساڳي زمين جي پيدائش مان ڇهون حصو بٽيءَ طور کڻڻ جو مستحق قرار ڏنو آهي ۽کيس پيدائش جا باقي پنج حصا زمين واري نئين وياج خور امير مالڪ کي لاپي طور ڀري ڏيڻا هئا. انهيءَ امر کان به وڌيڪ ڏکوئيندڙ حقيقت هيءَ به هوندي هئي ته، جيڪڏهن ڪنهن مقروض شخص واري گروي طور رکيل زمين جي وڪري ڪرڻ مان حاصل ڪيل رقم سندس ورتل قرض ۽ ان جي وياج جي پورت ڪري نه سگهندي هئي ۽ انهيءَ رقم لاءِ وٽس وياج خور وٽ ضمانت طور رکڻ لاءِ ٻي ڪابه قيمتي شيءِ موجود نه هوندي هئي ته انهيءَ حالت ۾ مقروض شخص کي پنهنجن ٻارن ٻچن (زال ۽ اولاد) کي ڏيساور ۾ ٻانهن طور وڪرو ڪري به قرض خواهه جي طلب کي پورو ڪرڻو پئجي ويندو هو. يعني هڪ پيءُ جي هٿان سندس ئي اصل اولاد جو کانئس ڇڄي ٻانهن طور وڪري ٿي وڃڻ جهڙي ماجرا هڪ انسان لاءِ قيامت کان گهٽ نه هوندي هئي.
معاذا! هي هو پدرانه حق ۽ سندس پيداڪيل ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي خانه آباديءَ واري اداري سڳوري جو پهريون ڦل! ان هوندي به جيڪڏهن انهيءَ ڪٺور وياج خور جو بڀ نه ڀربو هو، يعني اهو شخص کي به ٻانهي طور وڪرو ڪري ڇڏيندو هو ۽ ان مان ڪمايل سموري رقم کي وياج طور وضع ڪري ڇڏيندو هو. اهو هو اٿينس جي قوم جي مهذب دور جو صبوح صادق!
انهيءَ دور کان اڳ ۾ جڏهن عوام جون حالتون اڃان نياتي آئين جي مطابقت ۾ هلي رهيون هيون ته اهڙي منحوس انقلاب جو اچڻ هڪ ناممڪن امر هو. پر اهو انقلاب ته هن معاشري ۾ وارد به ٿي چڪو هو. اهو انقلاب اتي ڪيئن پهتو؟
انهيءَ حقيقت جي ڪنهن کي به خبر نه هئي. ٿوري وقت لاءِ اچو ته پنهنجن دوستن ايروڪواس قبيلن ڏانهن موٽي هلون. جهڙي منحوس ماجرا اچي اٿينس جي معاشري تي ديرو ڄمايو هو ۽ جنهن عمل ۾ سندس عوام جو ڪوبه ڏوهه نه هو ۽ اها ڳالهه هئي به سچ پچ سندن ارادي ۽ مرضيءَ جي خلاف، ايروڪواس قبيلا اهڙي منحوس ماجرا جو تصور به ڪري نه ٿي سگهيا. ڇاڪاڻ ته وٽن روزگار جي پيدا ڪرڻ جا ذريعا ۽ سندن پيدائش جا طريقا سون سالن جي گذرڻ جي باوجود به ساڳيائي ساڳيا رهندا آيا هئا. ايتري قدر جو منجهن ڪابه تبديلي پيدا نه ٿي هئي. ان ڪري سندن ملڪن جي نظام ۾ به ڪو ڦيرو نه آيو هو. ان ڪري اهڙيون مخالفتون ۽ جهيڙا جيڪي مٿن ٻاهران يعني ڪن خارجي عوامل جي ڪري مڙهيا ويا هجن جي اڀري پوڻ جو ڪو سوال ئي پيدا نه ٿي ٿيو، يعني دولت مند ۽ غريب طبقن جي ڪشمڪش يا ٻين سادن لفظن ۾ ڪمائو ۽ کائو، ڦورو ۽ ڦريل طبقن جي وچ ۾ جنگ جدال!
قدرت جي عناصرن تي قبضو ڪري سگهڻ ايروڪواس قبيلن جي وس ۽ قدرت کان ٻاهر جي ڳالهه هوندي هئي، پر هو قدرت جي مقرر ڪيل حدن جي اندر رهندي پنهنجي پيداوار جا پاڻ ڌڻي هوندا هئا. کين پنهنجن روزگار ۽ پيداوار جي طريقن، نمونن ۽ نتيجن جي ڀلي ڀت ڄاڻ هوندي هئي. پوءِ ڀلي ته سندن ننڍڙا باغڙا ۽ واڙيون سڪي به ڇو نه وڃن يا فصل خراب ٿي وڃن، درياهن ۽ ڍنڍن مان مڇي گهٽجي ٿوري به ٿي وڃي يا ٻيلا شڪار کان خالي به ٿي وڃن،
مطلب ته جيڪي ٿورو ڪي گهڻو کين هٿ ايندو رهندو هو،هو ان تي پاڻ ۾ گڏجي گذر سفر ڪندا هئا، سندن روزگار جي اها گهٽتائي ڪنهن سوچيل سمجهل سماجي بحران جو نتيجو هرگز نه ٿي ٿي سگهيو. اهڙي قسم جي ڳالهه جنهن مان سندن روايتي نياتي ٻنڌڻن جي ٽٽي پوڻ يا نيات جي رڪنن ۾ ڪنهن ڦوٽ جي پئجي وڃڻ، ايتري قدر جو پاڻ ۾ مٽ مائٽ قبيلا هڪ ٻئي جي آمهون سامهون دشمن طبقن ۾ ورهائجي جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن، سندن وهم ۽گمان کان ٻاهر هئي. اهو سچ آهي ته، وٽن پيداوار برابر محدود حدن جي اندر پيدا ڪئي ويندي هئي. پر انهيءَ پيداوار تي خود پيداوار جو اهو وڏي ۾ وڏو فائدو هوندو آهي، جيڪو مهذب دور جي سرحدن تي پهچندي ئي ختم ٿي ويندو آهي ۽ انسان قدرت جي عناصرن تي وڏي ۾ وڏي قبضي ڪرڻ جي بنيادن تي مٿن وري موٽي قبضي ڪرڻ ۽ اهي آزاد قسمن جا تعلقات جيڪي انهيءَ وقت تي موجود هوندا آهن، کي وري پيدا ڪري سگهڻ جو سمورو عمل وڃي ايندڙ پيڙهين جو ڪم ٿيندو. يعني کٽن سندن ڀاڳ.
پر يونانين وٽ اها ساڳئي قسم جي ڳالهه هڪ ناممڪن امر هو. چوپائي مال جي وڌي وڃڻ سان معاشري ۾ ذاتي ملڪيت جي رکڻ جو تصور ازخود پيدا ٿي پيو هو ۽ عياشي جي سامان جي ٺهڻ فردن جي وچ ۾ مٽاسٽا ڪرڻ جو رواج وڌو هو. جنهن رواج هلندي هلندي سموري ملڪي پيداوار کي خام مال جي صورت ڏئي ڇڏي هئي ۽ اهائي هڪڙي حقيقت انهيءَ وارد ٿيل انقلاب جو بنيادي ڪارڻ هئي. جڏهن ڪنهن به خام مال جو پيدا ڪندڙ شخص پنهنجي پيداوار کي کائي کپائي استعمال ڪري نه ٿو سگهي ته هو انهيءَ پيداوار کي مٽا سٽا ۾ ڏئي ڇڏي ٿو ته انهيءَ عمل جي ڪرڻ سان سندس پيداوار تي سندس قبضو به قائم رهي نه ٿو سگهي. اهڙي صورتحال ۾ اهڙي پيداوار ڪندڙ شخص کي اها به خبر نه ٿي رهي ته سندس مٽا سٽا ۾ ڏنل خام مال ان جي خريدار ڇا ڇا پيدا ڪيو آهي؟ ۽ هن حقيقت جو به امڪان پيدا ٿي پوي ٿو ته اها پيداوار خود ڦري پنهنجي پيدا ڪندڙ شخص جي خلاف عمل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ۽ مورڳو خود کيس ئي ڦرڻ لٽڻ يعني سندس ئي استحصال ڪرڻ جو ذريعو بنجي مٿس ظلم ڪرڻ شروع ڪري ڏئي.
ان ڪري جيستائين ڪنهن به معاشري پنهنجي فردن جي وچ ۾ مٽا سٽا ڪرڻ جي رواج کي بند ۽ ختم نه ڪيو آهي، ايستائين ڪوبه معاشرو ڪنهن به ڊگهي عرصي تائين پنهنجي پيداوار جو پاڻ مالڪ رهي نه ٿو سگهي ۽ نه وري پيداوار جي حالت ۾ پيدا ٿيندڙ اثرن کي قبضي هيٺ رکڻ جي عمل کي جاري رکي سگهي ٿو.
اٿينس جي شهرين کي پڻ انهيءَ حقيقت جي آگاهي ضرور ٿيڻي هئي ته جيتري تيزيءَ سان فردن جي وچ ۾ مٽا سٽا ڪرڻ جو رواج پوندو ويندو ۽ پيداوار کي تبديل ڪري کيس خام مال جي شڪل ڏني ويندي، اوتري ئي تيزيءَ سان پيداوار خود پنهنجي پيدا ڪندڙ شخص تي قبضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي. يعني پيداوار جي خود پنهنجي پيدا ڪندڙ تي حڪمراني قائم ٿي ويندي. خام مال جي پيدا ٿي پوڻ جي ڪري آبادگار هينئر زمين کي محض پنهنجن ذاتي مقصدن خاطر انفردي طور تي آباد ڪرڻ لڳو هو. جنهن جي ڪري زمين جي انفرادي طور تي مالڪ هجڻ جو نظريو، اصول ۽ تصور به معاشري ۾ پاڻ مرادو پيدا ٿي پيو هو.
انهيءَ ساڳئي نظرئي ۽ تصور اڳ ۾ ئي سِڪي (ناڻي) جي وجود کي پيدا ڪيو هو. يعني هڪ اهڙو عالمي خام مال جنهن جي عيوض سمورين شين ۽ خدمتن وغيره جي مٽا سٽا ڪري سگهڻ ممڪن بنجي ويئي هئي ۽ سچ پچ عمل ۾ به اچي چڪي هئي.
جڏهن حضرت انسان سِڪي (ناڻي) کي ايجاد ڪيو هو تڏهن کيس انهيءَ حقيقت جو علم بلڪ وهم ۽ گمان ۾ به ڪونه هو ته هو هڪ اهڙي سماجي عظيم قوت کي ايجاد ڪري رهيو آهي، جيڪا اڳتي هلي هڪ اهڙي ته عالمي ۽ عالمگير قوت بنجي پوندي، جنهن جي سامهون خود معاشري کي به پنهنجو ڪنڌ جهڪائڻو پئجي ويندو. اهو سڪو (ناڻو) هڪ اهڙي نئين قوت هئي جيڪا سندس پيدا ڪندڙن جي ارادي، شعور ۽ ڄاڻ کان سواءِ ئي هڪ طلسمي ديو وانگر اوچتو ئي اوچتو وجود ۾ اچي ويئي هئي. سڪي (ناڻي) جي جواني جي جولان ۽ وحشائپ جو مزو اٿينس جي شهرين خوب چکيو.
آخر سڪي (ناڻي) جي فاتحانه آمد جي سامهون ٿي به ڇا ٿي سگهيو؟ نه رڳو پراڻو نياتي نظام بيوس بنجي. هٿيار ڦٽا ڪري ويهي رهيو، بلڪ وٽس ايترو ظرف ئي موجود ڪونه هو جو سمورين شين مثلن خود سڪي (ناڻي) قرض خواهه وياج خور شاهوڪار مقروض آبادگارن قرض جي رقم جي وفن، قرضن جي اوڳڙ جي طريقن، عام رواجي لين دين، واپاري هلي چلي، وغيره جي سمورن عملن کي هڪ ئي وقت تي پاڻ ۾ سمائي سگهي. پر اها سماجي قوت به معاشري ۾ پنهنجي جاءِ تي موجود هئي ۽ هئي به پنهنجي پوري جلوي جمال ۽ آب و تاب سان ۽ نڪي دعائون، ٽوڻا ڦيڻا، اٽڪلون ۽ حرفتون، پراڻي زماني جي موٽي اچڻ جون خام خيالي ڪوڙيون اميدون ۽ غلط تصورات سڪي (ناڻي) ۽ وياج جي وجود کي ختم ڪري سگهيا ٿي. پر هينئر يعني سڪي (ناڻي) جي ايجاد ۽ معاشري ۾ رائج ٿيڻ جو نياتي نظام جي ڍانچي ۾ ڪيترائي اڻ لکا ۽ سنهڙا سوراخ پيدا ٿي پيا هئا. هن حقيقت جي باوجود ته اٽيڪا ۾ رهندڙ سموريون نياتون، برادريون ۽ قبيلا خاص طور تي اٿينس جي شهر ۾ هر شهرواسي کي پنهنجي زمين ٽڪري کي نيات کان ٻاهر وڪرو ڪري ڇڏڻ جو اختيار حاصل هو پر کيس پنهنجي گهر جي جاءِ کي نيات کان ٻاهر وڪرو ڪري ڇڏڻ جو ڪوبه اختيار تفويض نه ڪيو ويو هو.
اٿينس شهر جي شهرواسين جو پاڻ ۾ گڏجي سڏجي وڃڻ جو عمل پيڙهي به پيڙهي جاري رهندو آيو هو. واپار ۽ صنعت جي وڌي وڃڻ جي ڪري پيداوار جي مختلف زمين ۾پورهئي جي وڌيڪ ورهاست ڪرڻ به هڪ لازمي امر بنجي پيو هو. انهيءَ نئين ورهاست ڪرڻ ۾ زراعت، صنعت، ڪاريگري ۽هنرن جي ماهرن کي اڃان به وڌيڪ طبقن ۾ورهايو ويو هو. ساڳيءَ طرح جهازراني ۽ واپار وغيره ۾ به پورهئي جي نئين سر ورهاست ڪئي ويئي هئي.
مطلب ته ٻنهي واپار خواه صنعت ۽ پورهئي جي ورهاست تمام وڏي حد تائين وڌي چڪي هئي. هينئر اٿينس شهر جي مردم شماريءَ کي سندس ڌنڌن موجب مقرر ڪيل گروهن ۾ ورهايو ويو هو. جن ۾ وري هر گروهه تي پنهنجا اهڙا ته جدا جدا نوان مشترڪ مفاد هوندا هئا، جن سان نياتن ۽ برادرين جو ڪوبه تعلق ۽ واسطو نه رهيو هو. ان ڪري انهيءَ نئين ورهاست جي عمل جي پيدا ٿيل اثر کي منهن ڏئي سگهڻ لاءِ نون قسمن جي عهدن کي به پيدا ڪرڻو پئجي ويو هو. انهيءَ اوائلي دور ۾ اٿينس جي شهرين کي ٻانهن واري اداري جي اهميت جي ڪابه خبر نه هوندي هئي. ان ڪري کين ٻانهن جي نئين انبوهه بلڪ هڪ جم غفير کي ضابطي هيٺ رکڻ جي طريقن جي پڻ ڪابه ڄاڻ نه هوندي هئي. ملڪ جي اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر واپار جي وڌي وڃڻ جي ڪري انهن سان گڏ ٻيا به ڪيترائي ڌاريا ماڻهو ڀر پاسي جي ٻاهرين ملڪن مان لڏي اچي اٿينس جي شهر ۾ ڳاهٽ ٿيا هئا. ڇاڪاڻ ته اٿينس جو شهر هينئر ڏوڪڙ پيسي يعني ناڻي جي لين دين جي معاملي ۾ هڪ عالمي مرڪز بنجي چڪو هو. جنهن ۾هر قسم جو واپاري وڏي سولائيءَ سان وڏو ناڻو ڪمائي سگهيو ٿي پر انهن ڌارين ماڻهن کي پراڻي نياتي قسم واري سماجي ۽ تبديلي آئين ۾ ڪوبه قانوني حق ۽ تحفظ مليل نه هوندو هو، نياتن واري روايتي رواداري جي باوجود به اهو ڌاريو غير ملڪي عنصر سدائين يوناني عوام ۾ گوڙ فساد ڪرائيندو رهندو هو.
مطلب ته ٿوري ۾ کڻي چئجي ته نياتي آئين پنهنجن پورن پساهن تي هو. يوناني معاشرو ڏينهون ڏينهن انهيءَ نياتي آئين واري دائري مان ٻاهر نڪرندو ٿي ويو. ان ڪري اهو آئين به پنهنجي نڪ سامهون پيدا ٿيندڙ سماجي خرابين جي تدارڪ ڪرڻ يا سندن اثر کي دٻائي رکڻ لاءِ بلڪل بيڪار ۽ ناموزون بنجي چڪو هو. انهيءَ سماجي ۽ سياسي ڪشمڪش جي دوران رياست جو ادارو ماٺ ميٺ ۾ ترقي ڪندو، مضبوط ۽ مستحڪم ٿيندو معاشري اندر پنهنجا پير ڄمائيندو ٿي ويو. پورهئي جي نئين طور تي ورهاست ٿيڻ جي ڪري معاشري اندر ڪيترائي نوان سماجي سياسي گروهه به پيدا ٿي پيا هئا. انهن گروهن وري پنهنجن پنهنجن مفادن جي بچاءَ ڪرڻ خاطر نوان نوان ادارا قائم ڪيا هئا. ٻين سماجي ادارن سان گڏ خود رياست جي نوخيز اداري کي به پنهنجي وجود جي دفاع ڪرڻ خاطر هڪ منظم فوج کي پيدا ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿي هئي. انهيءَ فوج جي منظم ڪرڻ جو مقصد هو سمنڊ سان گهيريل ملڪ جي دفاع ڪرڻ خاطر خود سمنڊ تي موجود رهي جهازرانن جي ننڍن ننڍن جهيڙن جهٽن کي منهن ڏئي سگهڻ ۽ واپاري جهازن کي رياست جي طرفان تحفظ مهيا ڪرڻ. خود سولون کان ٿورو وقت اڳ ۾ پر ڪڏهن؟
ان بابت چئي نه ٿو سگهجي ته فوجي چونڪين ۽ نوڪيري Naucraree يعني بحري چونڪيون قائم ڪيون ويون هيون. ملڪ اندر ننڍا ضلعا ٺاهيا ويا هئا. جن مان هر ضلعي ۾ 12- 13 قبيلا پاڻ ۾ گڏجي رهندا هئا هر بحري چونڪي کي پنهنجو هڪ ننڍو جهاز ٺهرائي ساز و سامان سان مسلح ڪري هلائڻو پوندو هو ۽ ان سان گڏخشڪي تي به بري مواصلات کي قائم رکڻ لاءِ کين ٻه ٻه گهوڙي سوار به رکڻا پوندا هئا. اهو نئون نظام قديم نياتي اداري تي ڄڻ هڪ ٻه طرفي يلغار هئي. پهريون ته هڪ اهڙي عوامي طاقت جنهن جو مسلح قوم سان ڪوبه واسطو نه هجي. ان کي پيدا ڪيو ويو، ٻيو ته انهيءَ هڪڙي ئي امر هڪ گڏيل قوم کي پهريون دفعو عوامي (پبلڪ) مفادن خاطر طبقن، خطن ۽ درجن ۾ ورهائي ڇڏيو هو.اها ورهاست سندن مٽين مائٽين واري نياتي نظام تي نه پر خالص علائقائي بنيادن تي ڪئي ويئي هئي. يعني سندن قبيلي وار نه پر مشترڪ رهائشي علائقائي بنيادن تي ڪئي ويئي هئي. ان جو نتيجو ڇا نڪتو هو؟ اچو ته ان کي جاچي ڏسون:
جيئن ته نياتي آئين ۾، نياتي آئين واري ملڪ جي غالب ترين اڪثريت يعني ڦريل ۽ مظلوم عوام جي مدد ڪري سگهڻ جي صلاحيت موجود نه هئي، انڪري هينئر خود ملڪي عوام به نيات برادري ۽ قبيلي جي بجاءِ رياست جي اداري جي مدد حاصل ڪرڻ لاءِ واجهائڻ لڳو هو. رياست جي اداري کين اها گهربل مدد سولون واريآئين جي صورت ۾ پيش ڪئي هئي ۽ ساڳئي وقت تي رياست جو ادارو به نياتي آئين کي هڪ نمونو بڻائي پاڻ کي نئين سر منظم ۽ مستحڪم بنائڻ ۾جنبي ويو هو.
اسان جو هن ڳالهه سان ڪوبه واسطو نه آهي ته سولون 594 ق- م ۾ پنهنجن اصلاحات کي ڪهڙي نموني ۾ عمل ۾آندو هو؟ سولون وڏي سياڻپ ۽ تدبر سان انهيءَ نام نهاد سياسي انقلاب کي فقط ذاتي ملڪيت ۾ مداخلت ڪرڻ جي عمل سان آڻي سگهيو هو. انهيءَ دور تائين سمورا انقلاب فقط هڪ قسم جي ملڪيت کي ٻئي قسم جي ملڪيت جي مقابلي ۾ تحفظ ڏيڻ سان پيدا ڪيا ويا هئا. ڇاڪاڻ ته هڪ قسم جي ملڪيت جو تحفظ ڪرڻ فقط ٻئي قسم جي ملڪيت جي تحفظ کي ختم ڪرڻ سان ئي ٿيندو آهي. مال جي طور تي عظيم فرينچ انقلاب ۾جاگيردارانه ملڪيت کي قربان ڪري بورزوا قسم واري ملڪيت کي تحفظ مهيا ڪيو ويو هو. ساڳيءَ ريت سولون واري انقلاب ۾ به قرض خواه وياج خور شاهوڪارن جي ڦٻايل ملڪيتن کي مقروض شخصن وارين زير بار آيل ملڪيتن جي فائدي لاءِ قربان ڪيو ويو هو. سولون واري انقلاب سمورن قرضن وارين ملڪيتن کي وياج سميت يڪقلم منسوخ ڪري ڇڏيو هو.
اسان کي ان جي تفصيل بابت ڪابه واضح خبر پئجي نه سگهي آهي. انهيءَ ڏس ۾ يونان جي تاريخ به اسان جي ڪابه مدد نه ٿي ڪري. پر سولون خود پنهنجن شعرن ۾ ٻٽاڪون هنيون آهن ته، ”مون گروي طور رکيل سمورين زمينن يا قرض خواه وياج خور شاهوڪارن جون تختيون لاهي ڦٽيون ڪيون آهن. اهي ماڻهو جيڪي قرضن جي ادا نه ڪري سگهڻ جي ڪري ٻنيون ڇڏي ڀڄي ويا هئا يا مورڳو ڏيساور ۾ ٻانها ٿي وڪامي ويا هئا، مون کين موٽائي آڻي سندن اباڻين ٻنين تي آباد ڪيو آهي.“
سولون جي اها انقلابي ڪارروائي فقط تڏهن عمل ۾ اچي سگهي هئي، جڏهن ذاتي ملڪيت وارن نام نهاد حقن سان ديده دانسته طور تي دست اندازي ڪئي ويئي هئي. بيشڪ انهن نام نهاد انقلابن جو مقصد ئي هو هڪ قسم جي ملڪيتن کي ضبط ڪري يعني ٻين لفظن ۾ کين چورائي ٻئي قسم وارين پيدا ڪيل ملڪيتن جي حقن کي تحفظ ڏيڻ. ان ڪري هن امر کان انڪار ڪري نه ٿو سگهجي ته گذريل اڍائي هزار سالن ۾ خود ذاتي ملڪيت جو تحفظ پڻ عوامي ملڪيتن وارن حقن کي ختم ڪرڻ سان ئي ٿي سگهيو هو.
هينئر اٿينس جي آزاد شهرين کي وري ٻيهر ٻانها ٿي وڪامي وڃڻ کان روڪڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن نئين طريقي کي ڳولي لهڻو پئجي ويو هو. مثلن اهڙي قسم جا سمورا معاهدا جن ۾ڪو مقروض شخص پاڻ کي (جان کي) گروي طور رکي سگهندو هجي، اهڙن معاهدن ڪرڻ تي قانوني طور تي مڪمل بندش وڌي ويئي، يعني اهڙو معاملو يا معاهدو قانون جي نظرن ۾ ناجائز ۽ باطل هو.
امير طبقي جي طرف کان آبادگار طبقي جي زمين کي هڙپ ڪرڻ واري حرص کي روڪڻ لاءِ هر فرد جي زمين حاصل ڪري سگهڻ جي وڌ ۾ وڌ حد مقرر ڪئي ويئي، انهيءَ کان پوءِ خود آئين ۾ ترميمون ڪرڻ جا ڪم شروع ٿين ٿا. جن مان مکيه هي آهن:
1- ڪائونسل جي ميمبرن جو تعداد وڌائي 400 مقرر ڪيو ويو. جن مان هر قبيلي مان 100 رڪن ٿيندا هئا. ڪائونسل جي بنياد کي وري به قبيلي تي ٻڌل رکيو ويو. هن نئين آئين ۾ پراڻي آئين واري فقط انهيءَ هڪڙي ئي پهلو کي زنده حالت ۾ قائم رکيو ويو هو. باقي رهجي ويل سمورن پهلوئن کي سولون يوناني شهرين کي سندن زمين ۽ پيداوار جي انداز جي لحاظ کان چئن طبقن ۾ ورهايو ويو هو:
(1) اناج جا 1000 ڊمني پيدا ڪرڻ وارا، (2) 300 ڊمني پيدا ڪرڻ ورا، (3) 100 ڊمني پيدا ڪرڻ ورا، (4) 50 ڊمني پيدا ڪرڻ ورا طبقا مقرر ڪيا ويا. انهن مان پهرين ٽن طبقن کي آئين ۾ داخل رکيو ويو. باقي چوٿين نمبر طبقي کي انهيءَ طبقي سان شامل رکيو ويو هو. جن کي 50 ڊمني کان گهٽ زمين هوندي هئي يا ته اهي مورڳو بي زمين مزدور هئا. ڪنهن به سرڪاري عهدي تي فائز رهڻ جو حق فقط پهرين ٽن طبقن کي ڏنو ويو پر رياست جي اعليٰ سرڪاري عهدن تي فائز رهڻ جو حق فقط پهرين طبقي جي فردن کي ڏنو ويو.
چوٿين نمبر طبقي جي ماڻهن کي فقط عوامي اسيمبليءَ ۾ ڳالهائي سگهڻ ۽ ووٽ ڏيڻ جو حق حاصل هوندو هو. اتي به عهديدارن کي چونڊيو ويندو هو. جن کي عوامي اسيمبليءَ جي سامهون پنهنجن ڪيل ڪمن ڪارين ۽ ڪيل فيصلن جي سربستي وچور ۽ ڪارگذاريءَ جو تفصيل پيش ڪرڻو پوندو هو. انهيءَ اسيمبليءَ ۾ سمورا ملڪي قانون ۽ قاعدا مرتب ڪيا ويندا هئا. پر عوامي اسيمبليءَ ۾ اڪثريت وري به چوٿين نمبر طبقي جي هوندي هئي. وڏن اميرن جي حقن ۾ تبديلي ۽ تجديد سندن دولت جي حقن جي صورت ۾ڪئي ويندي هئي. پر انهيءَ امر جي آخري ۽ حتمي فيصلي ڪرڻ جو حق وري به اڪثريت يعني عوام جي چوٿين نمبر واري طبقي جي هٿن ۾ رهجي ويو هو. فوجين جي تنظيم پڻ چئن ئي طبقن جي بنيادن تي ڪئي ويندي هئي. پهرين ٻن طبقن مان گهوڙي سوار فوج (رسالو) ٺاهي ويندي هئي ۽ چوٿين نمبر مان فقط ٿورن ۽ هلڪن هٿيارن سان مسلح پيادل فوج ٺاهي ويندي هئي. ساڳيو نظام بحري فوج ۾به رائج هوندو هو. فوجن کي گهڻو ڪري پگهار ملندي هئي.
ملڪي آئين ۾ هينئر هڪڙو نئون عنصر پيدا ٿي پيو هو ۽ اهو نئون عنصر هو ذاتي ملڪيت. يوناني معاشري ۾ ذاتي ملڪيت جي پيدا ٿيندي ئي هر شهر واسي جي حقن خواهه فرض جي درجه بندي بنهه سندن ملڪيتن آهر ڪئي وڃڻ لڳي هئي. يعني ڪير؟ ۽ ڪهڙو؟ شخص ڪيتري زمين جو مالڪ هو؟ جيئن جيئن ملڪيتن جي مالڪن جا طبقا زور وٺندا ويا هئا،تيئن پراڻو مٽين مائٽين تي ٻڌل سماجي (نباتي) آئين به پنهنجي اهميت ۽ افاديت وڃائيندو پئي ويو. اها نياتي نظام جي ٻيو نمبر وڏي شڪست هئي.
ڪنهن به رياست جي اداري جي وجود لاءِ حقيقت ۾ ذاتي ملڪيتن مطابق سياسي حقن جا اصل ڪيل طبقا ڪي ضروري ادارا نه هئا. رياستن جي آئيني تاريخ مطالعو ڪندي اسان کي ڪيتريون اهڙيون به رياستون موجود ڏسڻ ۾ اچن ٿيون ۽ اهي به تمام مڪمل طور تي نهايت سڌريل ۽ با اختيار قسم جون جيڪي بنا ڪنهن به مقرر ٿيل آئين جي، وڏي آسانيءَ سان هلنديون رهيون هيون. اٿينس واري مثال ۾ به رياست جي اداري فقط هڪ عبوري قسم جو ڪردار ادا ڪيو آهي. آرسٽائيڊيز Aristides نالي هڪ مشهور يوناني مدبر 540 کان 647 ق- م واري دور کان وٺي سمورا عهدا سمورن شهرين لاءِ کليل هوندا هئا.
پر بعد ۾ ايندڙ 80 سالن دوران اٿينس جي معاشري درجه بدرجه هڪ اهڙو رستو اختيار ڪيو هو ۽ جنهن کي هو مستقبل وارين صدين ۾ يعني سولون کان اڳ واري دور ۾ به ترقي ڏياريندو رهيو هو، جنهن ۾ وياج خورن ۽ آبادگارن کان ٻنيون کسي وٺڻ واري رائج رسم خواهه زمينن جي هڪ فرد جي هٿن ۾ گڏ ٿي وڃڻ کي بند ڪيو ويو هو. ٻانهن جي پورهئي جي ڪري واپار هنرن ۽ ٻين صنعتن جي وڏي پيماني تي هلائڻ ۾ آساني پيدا ٿي هئي. ان ڪري انهن ڌنڌن جي اهميت به غير معمولي طور تي وڌي ويئي هئي. جنهن جي نتيجي ۾ يوناني عوام ۾ روشن دماغي به گهڻي قدر وڌي ويئي هئي.
هينئر اٿينس جي شاهوڪارن پنهنجن شهرين کي لٽڻ ڦرڻ بجاءِ ٻانهن ۽ غير ملڪين ۽ اٿينس جي شهر ۾ ٻين گراهڪن تي وڏي بي دردي سان لٽڻ ڦرڻ شروع ڪري ڏنو هو. هينئر متحرڪ ملڪيت يعني شيون جن ۾ ٻانها، جهاز ۽ روڪڙ جي صورت ۾ تمام وڌي وئي هئي، ڦري خود ذاتي ملڪيت جي صورت اختيار ڪئي هئي. انهيءَ نئين قسم جي ملڪيت جي پيدا ٿي پوڻ جي ڪري هڪ طرف اهڙي قسم جي ملڪيتن جي مالڪن يعني واپارين ۽ صنعت ڪارن جي شاهوڪار طبقن، پراڻن زمين جي مالڪ امير طبقن سان مقابلو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو ۽ ٻئي طرف انهيءَ نئين طبقي قديم نياتي آئين جو آخري تختو به ڇڪي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هو. مختلف نياتون، برادريون ۽ قبيلا جيڪي هينئر تائين پاڻ ۾ گڏجي سڏجي ملي هڪ ٿي ويا هئا. سڄي اٽيڪا جي ملڪ ۾ ٽڙيا پکڙيا هئا.
ان ڪري سياسي ادارن جي طور تي به سندن وجود بيڪار ثابت ٿيو هو. انهيءَ دور ۾ اٿينس جي شهرين جو هڪ اهڙو به وڏو تعداد موجود هوندو هو جيڪو ڪنهن به نيات مان نه هوندو هو ۽ اهي شهري هئا، غير وطني مهاجر طبقو جن کي مصنوعي طور تي شهريت جو درجو ڏئي شهرواسين ۾ شامل ڪيو ويو هو. پر ان هوندي به کين مٽين مائٽين وارين نياتن ۾ داخل نه ڪيو ويو هو. انهيءَ طبقي سان گڏ اهڙن روز بروز وڌندڙ غير ملڪي نون داخل ٿيل مهاجرن جو هڪ وڏو تعداد به ملڪ ۾ موجود هوندو هو. انهيءَ دوران ڌرين جي وچ ۾ ڪشمڪش بدستور هلندي رهي هئي. امير طبقو پنهنجن سابق حقن کي ٻيهر حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳو رهيو ۽ ٿوري وقت لاءِ پنهنجي بالادستي کي قائم به رکي سگهيو هو، جيستائين ڪ اٿينس جي مشهور مدبر ۽ سياستدان ڪليسٿينز Cleisthenes 509 ق- م ۾ کين هميشه لاءِ ختم نه ڪري ڇڏيو هو، سندن خاتمي سان گڏ قديم نياتي آئين جو به اٿينس ۾ خاتمو ٿي ويو.
ڪليسٿيز پنهنجي نئين آئين ۾نياتن ۽ برادرين تي قائم ٿيل چئني قبيلن کي بلڪل نظرانداز ڪري ڇڏيو هو. هينئر هڪ نئين نظام جنهن جو بنياد فقط اٿينس جي شهرين جي رهائشي علائقن جي لحاظ تي مرتب ڪيو ويو هو ۽ جنهن کي اڳ ۾ ئي فوجي چونڪين جي ٺهڻ وقت ڌيان ۾به رکيو ويو هو. اچي سندن خالي ڪيل جاين تي قبضو ڪيو. هينئر مٽين مائٽين وارين نياتن، برادرين ۽ قبيلن جي بنيادن تي ميمبر (رڪن) بنجڻ جي بجاءِ مخصوص علائقي ۾ رهائش جي بنياد تي ڪائونسل ۽ آگورا وغيره جي ميمبرن بنجڻ ۽ عهدن حاصل ڪرڻ واري اصول کي تسليم ڪئي وئي هئي.
مطلب ته سياسي طور تي قوم کي نه پر علائقن جي نئين سر ورهاست ڪئي وئي هئي هئي ۽ ان ڪري مختلف علائقن ۾ رهندڙ شخصن خودبخود پنهنجن پنهنجن علائقن سان لاڳاپيل رهجي ويا هئا.
انهيءَ نئين علائقائي سياسي ورهاست ۾ اٽيڪا جي سموري ملڪ کي هڪ سو مقامي حڪومت هلائيندڙ شهرن ۽ قصبن ۾ ورهايو ويو. هينئر قصبن، شهرن، ڳوٺن ۽ محلن به پنهنجا پنهنجا عملدار چونڊڻ شروع ڪيا هئا. انهن عملدارن ۾ هڪڙو مکي (وڏيرو) هڪڙو خزانچي ۽ هڪڙو منصف چونڊيا ويندا هئا. کين ننڍن جهڳڙن ۽ مقدمن جي فيصلي ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو هو. کين هڪ جدا عبادت گاه ۽ ديوتا يا سورمو به مقرر ڪري ڏنو ويو. عبادت گاهن جي پروهتن ۽ مهنتن کي به چونڊيو ويندو هو. قصبي يا محلي جي اعليٰ اختياري ۽ اقتدار قصبي يا محلي واري جرگي کي تفويض ڪيو ويو.
انهيءَ امر جي وضاحت ڪندي مارگن جا هي لفظ ڪيڏا نه موزون ۽ صحيح آهن. هو لکي ٿو ته: ”اهو ڄڻ ته هڪ آمريڪي ميونسپالٽي جو نمونو هو. جديد دور ۾ رياست جو ادارو ارتقا ڪندي ڪندي وحدت جي انهيءَ نقطي ۽ مقام تي پهچي ٿو جنهن نقطي ۽ مقام کان اٿينس جي رياست پنهنجي وجود جي ابتدا ڪئي هئي.“
انهيءَ آئين مطابق ڏهه وحدتون (قصبا يا محلا) پاڻ ۾ گڏجي هڪڙو قبيلو ٺاهيندا هئا، جنهن کي هينئر پراڻي قبيلي جي جاءِ تي فقط مقامي يا علائقائي قبيلو سڏيندا هئا. اهو مقامي قبيلو هڪ Self Governing خود حڪومت هلائيندڙ سياسي ادارو هوندو هو. جيڪو ادارو پنهنجو هڪ جدا قبائلي جنگي سردار (فيلارڪ) به چونڊيندو هو. اهو جنگي سردار گهوڙي سوار دستي (رسالي) تي ڪمان ڪندو هو ۽ هڪ ٽيڪسيارڪ Taxiarchپيادل فوج جي ڪمان ڪندو هو ۽ هڪڙو اسٽريٽيجوس Stratagos يعني جنگي سردار اعليٰ سموري قبائلي علائقي مان جمع ڪيل فوج تي ڪمان ڪندو هو.اهو جنگي سردار اعليٰ بري فوج سان گڏ بحري ڪپتانن ۽ خلاصين سميت پنجن جنگي جهازن جو ٻيڙو Fleet به مهيا ڪندو. کيس اٽيڪا جو هڪ ملڪي سورميائي نشان Symbol طور ڏنو ويندو هو. جنهن کي سندس ۽ سندس ڪمان هيٺ فوج جو محافظ ديوتا شمار ڪيو ويندو هو.
آخرڪار اهو نظام 50 ڪائونسلرن کي اٿينس واري ڪائونسل تي چونڊي موڪليندو هو. جن ۾ 50 چونڊيل عيوضي هوندا هئا، جن کي ڏهه علائقائي قبيلا گڏجي چونڊي موڪليندا هئا. عوامي اسيمبلي آخري ادارو هوندي هئي. جنهن ۾ اٿينس جو هر شهري شامل ٿي ووٽ ڏئي سگهندو هو.
Archous سردار اعليٰ ۽ ٻيا عملدار ڪورٽن ۽ انتظاميا جي مختلف شعبن جو ڪاروبار هلائيندا هئا.
انهيءَ آئين جي عمل ۾ اچڻ وقت ۽ نون شهرين جي داخلا جي اڪثريت جن مان ڪجهه غير ملڪي ۽ ڪجهه آزاد ڪيل ٻانها ۽ غلام ۽ ٻانهن جي هوندي هئي. نيات جي بنيادن تي قائم ٿيل آئين جي سمورن حصن کي عوامي ڪاروبار مان خارج ڪري ختم ڪري ڇڏيو ويو هو. ان ڪري انهيءَ تاريخ ساز اداري ڦري هڪ خانگي ماڻهن ۾ عوامي مذهبي جماعتن جو روپ اختيار ڪيو هو. پر ان جي باوجود به انهيءَ خارج ڪيل تاريخ ساز اداري جو اخلاقي اثر، سندس روايتي انداز فڪر ۽ پراڻي نياتي تاريخي دور وارا نظريا، گهڻي عرصي تائين هلندا رهيا هئا ۽ درجي بدرجي ختم ٿي ويا. انهيءَ امر جو وڌيڪ ثبوت اسان کي اڳتي هلي پيدا ٿيندڙ خالص رياستي ادارن مان حاصل ٿيندو.
اسان وٽ رياست جي اداري جو مکيه ۾ مکيه ڪردار ۽ سڃاڻپ اها آهي ته رياست جي اداري جي طاقت سندس عوام جي جم غفير واري طاقت کان بنهه مختلف قسم جي هوندي آهي، انهيءَ دور ۾ اٿينس جي رياست جي بري ۽ بحري فوجن کي مسلح ڪرڻ ۽ کين جمع ڪرڻ جو فرض سنئون سڌو قوم جي هٿن ۾ هوندو هو. انهن فوجن جي وسيلي هڪ طرف ملڪ ۽ قوم جو ٻاهرين دشمن کان دفاع ڪيو ويندو هو ۽ ٻئي طرف ٻانهن کي ضابطي هيٺ رکيو ويندو هو. انهي دور ۾ٻانها تعداد جي لحاظ کان ملڪ جي اندر وڏي اڪثريت ۾هوندا هئا. شهرين لاءِ رياست جي انهيءَ طاقت جو مظاهرو پوليس جي اداري جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو هو. عمر جي لحاظ کان پوليس جو ادارو رياست جي اداري جو همعصر هوندو آهي. ان ڪري 19هين صدي عيسويءَ جو ڄٽ فرينچ وڏيرو به مهذب قومن جي نه پر پوليس وارين قومن جي ڳالهه ڪندو هو.
اٿينس جي شهرين به پنهنجي رياست جي اداري جي وجود سان گڏ پوليس جي اداري کي به قائم ڪيو هو. جنهن ۾ پيادل مسلح سپاهي ۽ گهوڙي سوار تير انداز شامل ڪيل هوندا هئا. مزي جي ڳالهه هيءَ آهي ته پيادل سپاهه ۾ فقط ٻانها شامل ڪيل هوندا هئا. ان جو سبب هي هو ته اٿينس جي شهرين لاءِ پوليس ۽ نوڪري ڪرڻ کي بدنامي جو باعث ليکيو ويندو هو. اهو احساس منجهن ايتري قدر ته پختو هوندو هو جو اٿينس جو هڪ شهري هڪ ٻانهي پوليس واري جي هٿان گرفتار ٿيڻ پسند ڪندو هو، پر پوليس وارن فرضن جي ادائگي کي پاڻ لاءِ وڏي بي عزتي سمجهندو هو. سندس اهو رويو به اصل ۾ نياتي آئين واري انداز فڪر جو هڪ اظهار هوندو هو.
حقيقت هيءَ آهي ته ڪنهن به رياست جي اداري جو وجود پوليس جي اداري کان سواءِ قائم رهي نٿو سگهي. جيئن ته يوناني رياست جو ادارو اڃان ٻاراڻي دور مان لنگهي رهيو هو. ان ڪري اهو ادارو پنهنجي وجود لاءِ ايترو وقار ۽ احترام پيدا ڪري نه سگهيو هو. جو هو هڪ اهڙي ڌنڌي کي عزت ڀريو شمار ڪرائي سگهي. جنهن کي نياتي آئين واري نظام ۾ ڪابه عزت، اهميت ۽ وقار حاصل نه هوندو هو. ڇاڪاڻ ته نياتي آئين واري نظام هيٺ ڪنهن به پوليس جي اداري جي ڪابه ضرورت نه هوندي آهي.
هاڻي اچو ته ڏسون ته اٿينس جو معاشرو جيڪو وڌندڙ واپار، دولت ۽ صنعت جي ڪري نين سماجي حالتن مان گذري رهيو هو. جنهن ۾ رياست جي اداري وارو خاڪو به ٺهي راس ٿي چڪو هو، اهڙي قسم واري معاشري ۾ رياست جو ادارو پاڻ کي ڪيئن موزون ۽ ضروري بنائي سگهيو هو؟ ان جو جواب هي آهي ته، انهيءَ دور ۾ طبقاتي دشمنين جن جي بنيادن تي نوان سياسي ۽ سماجي ادارا قائم ڪيا ويا هئا، امير طبقن ۽ عوام ماڻهن (پرولتاري) جي وچ ۾ سنئين سڌي ڪشمڪش وارو روپ مٽائي هينئر ٻانهن ۾ آزاد شهرين، زيردستن ۽ شهري آقائن جي طبقن جي وچ ۾ ڪشمڪش جو روپ اختيار ڪيو هو. اٿينس جي شاهوڪاري جي عروج واري دور ۾ اٿينس جي سمورن شهرين، مردن، عورتن ۽ٻارن جو ڪل تعداد فقط 60 هزار کن هوندو هو. جن جي مقابلي ۾ٻانهن جو تعداد مردن عورتن ۽ ٻارن سميت 350000 کن هوندو هو ۽ زيردست مهاجرن ۽ آزاد ڪيل ٻانهن جو تعداد 45000 کن هوندو هو.
ان جو مطلب هي ٿيو ته، اٿينس جي هر شهري پٺيان 18 کان وڌيڪ ٻانها گهڻو ڪري ڪارخانن جي وڏن صفحن ۾ گڏجي ڪم ڪندا هئا. ان ڪري مٿن چوڪسي رکڻ لاءِ اٿينس جي شهرين کي داروغن طور مقرر ڪيو ويندو هو. واپار ۽ صنعت جي وڌي وڃڻ جي ڪري دولت ۽ ملڪيت تمام ٿورن هٿن ۾ گڏ ٿي ويئي هئي. ان ڪري آزاد شهرين جي وڏي اڪثريت مفلس ٿي وئي هئي. مفلسي ۽ غربت کان تنگ اچي هو به مجبوريءَ کان هنرمند ۽ ڪاريگر بنجڻ لڳا هئا. ان جو نتيجو هي نڪتو ته کين ٻانهن سان چٽاڀيٽي ڪرڻي پئجي ويئي هئي. يعني هڪ اهڙي سماجي طبقي سان جنهن کي هو پاڻ کان گهٽ، نيچ ۽ پليد شمار ڪندا هئا. پر انهن آزاد شهرين ۾ ڪو هنر سکي ڪاريگر بڻجي به نه سگهيو هو. انڪري هنن جي حالت بد کان بدتر ٿيندي ويئي. انهيءَ عجيب سماجي عوام جو نتيجو ڇا نڪتو هو؟ اٿينس جي شهر ۾ مسڪينن يونانين جي هڪ وڏي اڪثريت پيدا ٿي ويئي. جنهن پاڻ سان گڏخود اٿينس جي رياست کي پڻ نهوٽي سندس خانوئي خراب ڪري ڇڏيو هو. اهو اٿينس جي جمهوري نظام جو ڏوهه هرگز نه هو. جيئن يورپي اسڪولن جا مسڪين ماستر جيڪي پنهنجي خاندانن جي شهزادن، نوابن ۽سندن نوڪرن چاڪرن وٽ نرڙ گسائيندا رهن ٿا، اسان کي ٻڌائيندا رهيا آهن. سندن تنزل ۽ بربادي ٻانهن واري سماجي اداري ۽ رواج جي پوڻ ڪري پيدا ٿي هئي. جنهن خود آزاد شهرين جي دلين ۾ پورهئي ڪرڻ کان نفرت ڀري ڇڏي هئي. ان ڪري اهي به انهيءَ ساڳئي ناجائز نفرت جو شڪار ٿي ويا هئا.
رياست جي ادارن کي وجود ۾ آڻڻ لاءِ عالمي تاريخ ۾ قديم يونان واري رياست هڪ مثالي رياست جو درجو رکي ٿي. ڇاڪاڻ ته هڪ طرف اها رياست داخلي خواهه خارجي طور تي پڻ ڪنهن رتوڇاڻ جي صاف سٿري حالت ۾ اڀري هئي. (سواءِ پيسيٽراٽس Pecistratus نالي هڪ ظالم آمر جي جنهن 600 کان 529 ق- م ۾ اٿينس جي رياست تي زوريءَ قبضو ڪيو هو. پر ان جي مزاج تي ڪوبه اثر نه پيو هو) ۽ ٻئي طرف اها هڪ اهڙي عوامي جمهوريت به هئي جيڪا سنئين سڌي نياتي معاشري مان ارتقا ڪري پاڻ مرادو ڦٽي نڪتي هئي. ان ڪري پاڻ واري رياست، هڪ سڌريل حالت ۾ پيدا ٿيل رياست جي مثال جي نمائندگي ڪري ٿي ۽ آخر ۾ هيءَ ئي هڪ قديم دور جي رياست آهي، جنهن جي اسان کي تفصيلي معلومات حاصل ٿي سگهي آهي.