تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڪٽنب، ذاتي ملڪيت ۽ رياست جي شروعات

ڪتاب ” ڪٽنب، ذاتي ملڪيت ۽ رياست جي شروعات“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب مشهور سوشلسٽ ۽ ڪارل مارڪس جي ديرينه ساٿي ۽ رفيق فريڊرڪ اينگلس (1895-1820) جو تصنيف ٿيل آهي ۽ جنهن علم الانسان جي ماهر ۽ مشهور آمريڪي مصنف مارگن صاحب جي مختلف تحريرن کي بنياد بنائي لکيو هو. هي نهايت اهم موضوع آهي ۽ منهنجي معلومات مطابق ان موضوع تي سنڌي زبان ۾ پهريون ڪتاب آهي، جيڪو اسان جي محترم ۽ مربي ڀاءُ ابوبڪر خان مگسي (مرحوم) ترجمو ڪري ۽ ان تي هڪ عالمانه مقدمو لکيو آهي. هن، هي ڪتاب 1981ع ۾ مڪمل ڪيو هو.
Title Cover of book ڪٽنب، ذاتي ملڪيت ۽ رياست جي شروعات

غيرمهذبيت ۽ تهذيب

مون نياتي نظام جي خاتمي کي ٽن جدا جدا مثالن وسيلي سمجهايو آهي. اهي مثال آهن: 1- يوناني، 2- رومن ۽ 3- جرمن في مون. پڇاڙيءَ ۾ آءٌ انهن اقتصادي عوامل جن غير مهذبيت جي مٿاهين درجي ۾ رهندڙ معاشرن جي نياتن نظامن کي کوکلو بنائي ڇڏيو هو ۽ کين تهذيب جي آمد به مڪمل طور تي ختم به ڪري ڇڏيو هو، جي کوجنا ۽ تحقيق ڪرڻ لاءِ وڌيڪ بحث ڪندس ۽ مزيد موزون ۽ ڪارائتا دليل پيش ڪندس. انهيءَ عمل کي سمجهڻ لاءِ مارڪس جو ڪتاب داس ڪيپيٽل به مارگن جي ڪتاب جهڙوئي مفيد ۽ ڪارآمد ڪتاب آهي نيات جي اداري پنهنجي عروج، وحشي دور جي وچولي درجي مان ڦٽي سندس مٿاهين درجي کان ارتقا ڪندي حاصل ڪيو هو. غير مهذبيت جي اوائلي دور لاءِ ڪنهن فيصلي ڪرڻ لاءِ اسان جا معلوماتي ذريعا پنهنجن ممڪن حدن تائين اسان جي مدد ڪن ٿا. اسين انهيءَ ئي درجي کي هڪ بنياد بنائي وڌيڪ کوجنا ڪرڻ لاءِ پنهنجي بحث جو آغاز ڪريون ٿا.
انهيءَ درجي جي سمجهڻ لاءِ اسان وٽ ايروڪواس قبيلن جو زنده مثال موجود آهي. جنهن ۾ اسين ڏسون ٿا ته انهيءَ معاشري ۾ نياتي نظام مڪمل طور تي ارتقا ڪندي پنهنجن قدرتي حدن تائين پهچي چڪو هو. اهو قبيلو ڪيترين ئي نياتن ۾ ورهايل هوندو هو پر اصل ۾ اهو قبيلو گهڻو ڪري ٻن مکيه نياتن ۾ ورهايل هوندو هو. قبيلي جي مردم شماري جي وڌي وڃڻ جي ڪري ٻنهي بنيادي يا اصلوڪين نياتن ڪيترن ئي ڌيئر نياتن کي جنم ڏنو هو. جنهن جي ڪري مادر نيات خود ڦري هڪ جدا برادري جي صورت اختيار ڪئي هئي. اهو سلسلو وڌندو وڌندو اچي انهيءَ منزل تي پهچي ٿو جتي خود اصلوڪي قبيلي مان نه رڳو نياتون ۽ برادريون پر خود نوان قبيلا ڦٽي نڪرن ٿا. جن مان اسين هرهڪ قبيلي اندر پراڻين مادر نياتن کي وري به صحيح سلامت حالت ۾ موجود ڏسون ٿا. ڪن حالتن ۾ وري قبائلي وفاق سمورن مائٽ قبيلن کي پاڻ ۾ ملايو گڏايو متحد ڪيو بيٺو هوندو آهي. اهو سادو سودو نظام انهن سماجي حالتن ۾، جن مان هو پاڻ ڦٽي نڪتو هو، لاءِ بلڪل موزون ۽ ڪافي هوندو آهي. اهڙيءَ طور ۽ طريقي تي منظم ڪيل معاشري لاءِ داخلي جهيڙن جهڳڙن جي فيصلي ڪري سگهڻ لاءِ انهيءَ قدرتي طور تي گروه بندي ڪرڻ کان وڌيڪ وٽن ٻي ڪابه نئين شيءِ پيدا ٿي نه ٿي سگهي.
خارجي قسم جي معاملن مثلن ڌارين قبيلن سان جهيڙن جهڳڙن جو فيصلو فقط جنگ وسيلي ئي ڪيو ويندو هو. جنهن ۾ مفتوح قبيلو فاتح قبيلي جي آڻ مڃي زيردست بنجي رهڻ جي بجاءِ بلڪل نيست ۽نابود ٿي ويندو هو. يعني مفتوح قبيلي جو قبيلو ئي فاتح قبيلي جي هٿان مارجي ختم ٿي ويندو هو. نياتي معاشري ۽ نظام جو شان ۽ شوڪت ۽ سندس نظام واريون سرحدون ايتري قدر ته سوڙهيون هونديون هيون جو ٻنهي حاڪم ۽ محڪوم جي پاڻ ۾ گڏجي رهڻ لاءِ وٽس ڪابه جاءِ موجود نه هوندي هئي. يعني معاشري جا سمورا فرد حاڪم خواه محڪوم (مکي ۽ راڄ) پاڻ ۾ مساوي درجو رکندا هئا. داخلي طور تي حقن ۽ فرضن جي وچ ۾ ڪوبه فرق پيدا نه ٿيو هو.
ڪنهن آمريڪي انڊين قبيلي جي ڪنهن به فرد لاءِ هن حقيقت جي فيصلي ڪرڻ لاءِ ته عوامي قسم جي معاملن ۾ بهرو وٺڻ، خون جو پلاند وٺڻ،زخمي شخصن لاءِ مخالفن کان معاوضي جي گهر ڪرڻ، سندس نظرن ۾ سندس حق هو يا مٿس فرض هو، ڪنهن به محنت ۽ مغز ماري ڪرڻ جي ڪابه ضرورت نه هوندي هئي. اهي سمورا اعمال سندس ذهن لاءِ ائين ئي هئا ڄڻ کائڻ پيئڻ، زال سان سمهڻ، ننڊڪرڻ،شڪار ڪرڻ وغيره ۽ نه وري ڪنهن قبيلي جي نيات ۾ڪي نوان سماجي طبقا ئي پيدا ٿيا هئا.کيس اهڙي نظام جي اقتصادي بنيادن کي ڳولي لهڻ لاءِ انهيءَ ڄاڻ رکڻ جي ڪابه ضرورت نه پوندي هئي ته هي سمورا اعمال حق آهن يا فرض يا جوابداريون آهن، انهيءَ امر جي وضاحت ڪرڻ لاءِ اسان کي وڌيڪ کوجنا ڪرڻي پوندي.
آمريڪي انڊين قبيلن جي مردم شماري تمام گهٽ هوندي هئي.سندن ڳوڙهائي فقط انهن جاين تي هوندي هئي، جتي قبيلي جي دائمي رهائش هوندي هئي. جنهن جي چوگرد شڪار ڪرڻ لاءِ وڏا ۽ ويڪرا علائقا موجود هوندا هئا. جن کي ٻئي قبيلي جي علائقن کان ڌار رکڻ لاءِ حدبندي ۽ سرحدن طور ڏيکارڻ لاءِ ٻيلن کي سرحدن طور سمجهيو ويندو هو.
پورهئي جي ورهاست به سادي سودي قدرتي طور يعني فقط ٻن انساني صنفن ۾ ڪيل هوندي هئي. يعني مرد ۽ عورتون. مردن جو ڪم هوندو هو شڪار ڪري گهر کڻي اچڻ، مڇي مارڻ، جنگ ڪرڻ، کاڌي لاءِ ڪچو مال مهيا ڪرڻ، انهن ڪمن لاءِ ضروري اوزار ۽ هٿيار ٺاهڻ وغيره ۽ عورتن جا ڪم هوندا هئا گهر سنڀالڻ، کاڌو تيار ڪرڻ، ڪپڙا اڻڻ، سبڻ، ڌوئڻ، ماني ٽڪي پچائڻ، مردن ۽ اولاد جي خدمت ڪرڻ وغيره. ٻئي ڌريون پنهنجن پنهنجن ڪمن ڪارين ۾ خود مختيار هونديون هيون. مرد ٻيلن،شڪار گاهن،درياهن، ڍنڍن، ميدانن صحرائن، هٿيارن پنهوارن ۽ اوزارن وغيره جامالڪ ۽ ڌڻي هوندا هئا ۽ عورتون گهرن جون ڌياڻيون هونديون هيون. پنهنجن پنهنجن ڪمن ۽ ڌنڌن لاءِ ڪتب ايندڙ اوزار انهن جي ڪم آڻيندڙ جي ملڪيت هوندا هئا. هٿيار پنهوار نيزا ۽ ڀالا، گز ۽ ڪمانون، مڇي مارڻ جون ڄاريون، ڪنڊيون ۽ ڪلوڙا، ٻيڙيون ۽ تبيلا مردن جي ملڪيت هوندا هئا ۽ گهرو سامان ائٽ ۽ اوبڻا، چڪلا ۽ آتڻ، هنڌ ۽ بسترا، ٿانو ۽ ٿپا عورتن جي ملڪيت هوندا هئا.
ڪٽنب اشتراڪي بنيادن تي هلندو هو. هر ڪٽنب ۾ ڪيتريون ئي آڪهيون شامل هونديون هيون. هو جيڪي ڪجهه پاڻ ۾ گڏجي پيدا ڪندا هئا، پاڻ ۾ گڏجي ونڊي ورهائي کائيندا هئا.سموري ڪٽنب جي ملڪيت گڏيل هوندي هئي. گهر باغ واڙيون، ٻيڙيون ۽ بتيلا به گڏيل ملڪيت هوندا هئا،انهيءَ منزل تي پهچڻ کان پوءِ اسان کي ”ڪمايل ملڪيت“ جو تصور ملي ٿو. جنهن لاءِ قانون سازن ۽ اقتصاديات جي ماهرن نسورو ڪوڙ ڳالهائي، مهذب معاشري ڏانهن منسوب ڪري ڇڏيو آهي. اهو آخري قانوني بهانو آهي، جنهن تي جديد سرمائيدارانه ملڪيت جي ماڙي جي پيڙهه ٻڌي ويئي آهي.
پر حضرت انسان هر هنڌ ۽ هر دور ۾ هڪ ۽ ساڳي درجي تي قائم نه رهيو آهي. کيس ايشيا کنڊ ۾ اهڙا جانور هٿ اچي ويا هئا، جن کي هن هيرائي ميرائي گهرو جانور بنائي ڇڏيو هو. اهي جانور سندن گهرو قيد خاني ۾ خوب وڌيا ويجها هئا. وٽس شڪار ڪري کائڻ لاءِ جهنگلي مينهن جهڙو وڏو جانور به موجود هو. گهرو ڳئون سال بسال هڪ ڦر ڏيندي هئي ۽ ان سان گڏ کير به ڏيندي هئي. انهن جانورن کي گهرو بنائڻ ۾ مکيه قبيلا آريه، سامي ۽ توراني ٻين قديم قبيلن کان زور هوندا هئا.
اڳتي هلي مالن جا ڌڻ ڌارڻ، کين چارڻ، پيارڻ ۽ نپائڻ ڦري سندن مکيه پيشو بنجي پيو هو. انهن ڌنار قومن پاڻ کي ٻين غير مهذب قبيلن کان ڇني ڌار ڪري ڇڏيو هو. پورهئي جي هي پهرين عظيم تر ورهاست هئي. اهي ڌنار قبيلا ٻين غير مهذب قبيلن جي ڀيٽ ۾ نه رڳو کاڌي پيتي جون وڌيڪ شيون پيدا ڪرڻ لڳا هئا، بلڪ هنن کاڌي جا ڪيترائي نوان قسم ۽ نمونا تيار ڪرڻ به سکي ورتا هئا. ٻين قبيلن جي ڀيٽ ۾ وٽن نه رڳو کير، کير مان ٺهيل شيون، مکڻ.ڏڌ، پنير ۽ گوشت وغيره گهڻي مقدار ۾موجود هوندا هئا. پر وٽن کلون، پشم ڏاس ۽ ملس ۽ انهن مان ٺهيل ڪپڙو، کٿا، فراسيون، توبرا، بچڪا، بسترا ۽ اوزار وغيره پڻ هر دم موجود رهندا هئا. جيڪي انهن شين ۽ مال جي وڌڻ سان استعمال ٿيڻ لاءِ خودبخود وڌي ويا هئا. شين جي وڌي وڃڻ جي ڪري پورهئي جي هڪ نئين صورت عبوري قسم جي ورهاست به عمل ۾ اچي ويئي هئي.
ان ڪري اسان کي ڪيترين جاين تي پٿر جي اوزارن ٺاهڻ جا ڪارخانا پڻ مليا آهن. ڪاريگر جيڪي انهن ڪارخانن ۾ سانده ڪم ڪرڻ جي ڪري وڏا ماهر هنرمند بنجي ويا هئا پاڻ ۾ گڏجي، شايد سموري قبيلي لاءِ ڪم ڪندا هئا. انهيءَ صورتحال جي پيدا ٿيڻ هڪ دائمي پيشه ور ڪاريگرن جي طبقي کي پيدا ڪيو هو. اهو ساڳيو نظام اڄ به آمريڪي انڊين نياتن ۾ صحيح سلامت موجود آهي. انهيءَ دور ۾ مٽا سٽا فقط قبيلي جي حدن جي اندر هلندي هئي. پر اها حالت ورلي پيدا ٿيندي هئي. ڌنار قومن جي مستحڪم ٿي وڃڻ بعد ئي اسان کي مختلف قبيلن جي فردن جي وچ ۾ مٽا سٽا ڪرڻ لاءِ موزون حالتون نظر اچن ٿيون. انهن حالتن اڳتي هلي، ترقي ڪري مستحڪم ٿي، هڪ منظم اداري جي صورت اختيار ڪئي هئي.
شروعاتي دورن ۾ فقط هڪ قبيلو ٻئي قبيلي سان پنهنجي نيات جي نيڪ مرد يا مکي جي معرفت مٽا سٽا ڪندو هو. پر جڏهن مختلف ڌڻ جدا جدا ملڪيتون ليکجڻ لڳا هئا ته فردن جي وچ ۾ مٽا سٽا ڪرڻ جو رواج به پئجي ويو هو. انهيءَ رواج اڳتي هلي هڪ مستقل اداري جي صورت اختيار ڪئي هئي. وڏي ۾ وڏي ۽ مکيه ۾ مکيه شيءِ جيڪا ڌنار قبيلا پنهنجن پاڙيسري قبيلن کي آڇيندا هئا، اهي هئا گهرو جانور، ان ڪري گهرو جانورن ڦري خام مال جي صورت اختيار ڪئي هئي. جنهن کي مٽا سٽا ڪرڻ لاءِ هڪ ”نمونو“ بنائي سندن عيوض ۽ ٻيون ضرورت جون شيون حاصل ڪيون وينديون هيون. ان ڪري مٽا سٽا ڪرڻ لاءِ هر هنڌ ۽ هر وقت سندن (گهرو جانورن جي) طلب ٿيڻ لڳي هئي. جيڪو ڪم اڄوڪي دور ۾ سڪو ڪري ٿو، اهو ساڳيو ڪم قديم دور ۾ چوپايو مال ڏيڻ لڳو هو. يعني انهيءَ دور ۾ چوپايو مال سڪي طور تي رائج هو. مٽا سٽا ڪرڻ لاءِ چوپائي مال جي عيوض ۽ سڪي جي فوري طور تي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي هئي.
ايشيائي قومن کي شايد سندن شروعاتي دور ۾ باغن پوکڻ جي رواج جي ڪابه خبر نه هوندي هئي، پر آخرڪار منجهن اهو رواج به شروع ٿي ويو هو.اهو وحشاني دور جو وچولو درجو هو. جنهن اڳتي هلي زراعت جي هنر کي ايجاد ڪيو هو. توران جي جابلو علائقن ۾ آب و هوا اهڙي قسم جي هوندي آهي جو مال جي چاري جي کوٽ يا اڻهوند ۾ ڌڻ ڌارڻ ناممڪن بنجي پوي ٿو. ڇاڪاڻ ته سياري ۽ برف باريءَ جي ڪري انهن ملڪن جي آب و هوا ٻنهي ماڻهن توڙي چوپائي مال جي برداشت ڪري سگهڻ کان مٿي چڙهي وڃي ٿي. انڪري مال جي چاري جي حاصل ڪرڻ لاءِ ميدانن تي گاهه ۽ اناج کي پيدا ڪرڻ (پوکڻ) جي سخت ضرورت پوي ٿي.
ساڳي حالت بحر اسود جي آس پاس جي ملڪن ۾ به موجود هوندي آهي. جڏهن مال جي چاري خاطر اناج کي پوکي پيدا ڪيو ويو هو ته خود چوپائي مال جي مالڪ حضرت انسان به ڪڻڪ جو داڻو چکيو ۽ جلدي ان جي کائڻ جو عادي به ٿي پيو هو. انڪري هينئر ان اناجن کي پوکي پيدا ڪرڻ، ٻنهي گهرو جانورن توڙي سندن مالڪن لاءِ ضروري بنجي پيو هو. آباديءَ هيٺ آيل سموري زمين اڃان به قبيلي جي گڏيل ملڪيت رهي هئي. سموري آبادي لائق زمين سموري نيات جي حوالي هوندي هئي. نيات وري ان کي سندن ضرورتن جي پورائي ڪرڻ لاءِ ڪٽنبن ۾ ورهاست ڪندي هئي ۽ آخرڪار اڳتي هلي ڪٽنبن جي فردن ۾، انهن ڪٽنبن کي زمين تي فقط قبضي جو حق حاصل هوندو هو ۽ انهيءَ کان وڌيڪ ڪجهه به نه!
انهيءَ درجي تي پهچڻ بعد صنعت جي ميدان ۾ به وڏيون ايجادون ڪيون ويون، پهريائين ايجاد هئي،چرخو ۽ آڏاڻو ۽ ٻي هئي کاڻيون کوٽي ڌاتو هٿ ڪرڻ. ڌاتن ۾ ٽامو ۽ قلعي سڀني کان اڳ ۾ هٿ آيا هئا. ان ڪري کين پاڻ ۾ ملائي ڪنجهو Bronze ٺاهيو ويو هو. جنهن مان ٿانون ٿپا، هٿيار پنهوار، هرن جون چونيون، ڪوڏرون، ڪهاڙيون، تلوارون، خنجر، نيزا، ڀالا ۽ ٻيا اوزار ٺاهيا ويا هئا ۽ چرخي ۽ آڏاڻي تي ڪپڙو اڻجڻ ۽ ٺهڻ لڳو هو. پر ڪنجهي مان ٺهيل اوزار ۽ گهرو سامان پٿرن مان ٺهيل اوزارن کي ختم ڪري سگهڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيا هئا. پٿرن جي اوزارن واري جاءِ فقط ۽ فقط لوهه ئي ڀري سگهيو ٿي. جيڪو انسان ذات اڃان دستياب ڪري نه سگهي هئي، پر انهيءَ دور ۾ سون ۽ چاندي جي زيورن ۽ ٿانون جو استعمال عام ٿي چڪو هو. انهيءَ دور ۾ به سون ۽ چاندي جي قيمت ۽ اهميت ڪنجهي ۽ پتل کان سرس هوندي هئي.
پيداوار جي سمورن شعبن ۾ ترقي ۽ واڌاري خاص طور تي زراعت، ڌڻن جي پالڻ، گهريلو هنرن وغيره جي گڏجي ترقي ڪرڻ انساني پورهئي کي پنهنجي کاڌ و خوراڪ ۽ پوشاڪ جي ضرورتن کان وڌيڪ پيداوار ڪرڻ تي همٿايو هو. انهيءَ ساڳئي شوق وڏن ڪٽنبن، نياتن ۽ خود هڪ آڪهه جي ڀاتين جي روزمره جي ڪمن کي تمام وڌائي ڇڏيو هو. انڪري معاشري ۾ به وڌ ۾ وڌ پورهيتن ۽ ڪاريگرن جي ضرورت پيدا ٿي پئي هئي. انهيءَ نئين پيدا ٿيل ضرورت ئي جنگ ۾ هٿ آيل قيدين کي ٻانها بنائي کانئن پورهيو ڪرائي پورو ڪيو وڃڻ لڳو هو.
اهڙين عام تاريخي حالتن جي پيدا ٿي پوڻ جي ڪري، پورهيتن جي وسيلي پيداوار يعني دولت کي وڌائڻ ۽ پيداوار جي ميدان کي وسيع تر ڪرڻ خاطر پورهئي جي ٽيون نمبر عظيم ورهاست کي عمل ۾ آندو ويو هو. انهيءَ ورهاست کي عمل ۾ آڻيندي ئي ٻانهن رکڻ جو رواج به ساڻس گڏيو آيو هو. پورهئي جي انهيءَ عظيم ورهاست خود معاشري کي به ٻن وڏن طبقن ۾ ورهائي ڇڏيو هو. يعني هڪڙا انسان مالڪ ۽ ٻيا ساڳيائي انسان سندن ٻانها بنجي پيا هئا. يعني هڪڙا ڦورو ۽ ٻيا ڦريل يا هڪڙا ظالم ۽ ٻيا مظلوم بنجي پيا هئا.
مال جي ڌڻن جي قبيلي ۽ نيات جي گڏيل ملڪيت هجڻ واري حيثيت جي تبديل ٿي، ڪٽنبن جي سربراهن جي ملڪيت بنجي پوڻ وارو عمل ڪيئن ۽ ڪڏهن شروع ٿيو هو؟ ان بابت اسان کي اڄ ڏينهن سوڌو ڪابه پڪي خبر نه پئجي سگهي آهي. پر اسين ڀلي ڀت صحيح گمان ۽ قياس ڪري سگهون ٿا ته اهو عمل ضرور انهيءَ دور ۽ درجي ۾ ئي شروع ٿي سگهيو هوندو، جڏهن انهن ڌڻن ۽ ٻين دولت جي وسيلن پاڻ ۾گڏجي خود ڪٽنب جي سرشتي ۾ انقلابي ڦيرو آڻي ڇڏيو هوندو.رزق ۽ روزگار کي پيدا ڪرڻ ازل کان وٺي انسان ذات جو مکيه ۾ مکيه پيشو ٿي رهيو آهي. هو پاڻ انهن ذريعن ۽ وسيلن کي پيدا ڪندو ۽ پاڻ ئي سندن مالڪ به رهندو آيو آهي
هينئر مال مالن جا ڌڻ ڌارڻ سندن روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ نئون اهم ذريعو بنجي پيو هو. ڪن جانورن کي گهرو بنائڻ ۽ بعد ۾ کين پالڻ ڦري سندس مکيه ذريعه معاش ۽ ڌنڌو بنجي چڪو هو. انڪري هو به انهن ڌڻن کي ذاتي ملڪيت طور ڌارڻ ۽ رکڻ لڳو هو ۽ سندن مٽا سٽا ڪرڻ وسيلي ٻانها ۽ ٻيو خام مال حاصل ڪرڻ لڳو هو. انهيءَ دور ۾ پهچڻ زائد پيدا ٿيندڙ پيداوار به مرد جي حصي ۾اچڻ شروع ٿي وئي هئي. عورت فقط ساڻس گڏجي يعني فقط ان جو ڦل کائڻ لڳي هئي. پر ان جي مالڪي ۾عورت جو ڪوبه حصو نه هوندو هو. انهيءَ هوندي به وحشي دور وارو جنگي جوان ۽ شڪاري گهر جي لوڙهي اندر عورت جي مقابلي ۾ ٻئي نمبر واري حيثيت تي رهڻ تي قازع ۽ شاڪر رهندو هو. ان ڪري هو هميشه پنهنجي ساٿي عورت کي بهتر نصف سمجهندي کيس پاڻ تي فوقيت ڏيندو هو، پر سندس ڀيٽ ۾ نرم طبع ڌنار اڳتي هلي پنهنجي دولت ۽ ڌڻن جي ملڪيت جي آڌار تي پاڻ کي گهر جي لوڙهي اندر به پهرين نمبر واري سماجي حيثيت ڏئي ڇڏي هئي ۽ پنهنجي ساٿي عورت کي ٻئي نمبر واري سماجي حيثيت جي قبول ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو.
انهيءَ ڳالهه تي خود عورت به ڪو اعتراض نه ڪري سگهي هئي. ڇاڪاڻ ته مرد ملڪيت سان گڏجي واڌو بنجي ويو هو ۽ عورت ملڪيت کان محروم ٿي گهر جي لوڙهي اندر به ڪاٽو جو انگ بنجي ويئي هئي. پورهئي جي انهيءَ نئين ورهاست ڪٽنب جي اندر به مرد ۽ عورت جي وچ ۾ ملڪيت جي ورهاست کي به پوري ريت منظم ڪري ڇڏيو هو. ان هوندي به پورهئي جي ورهاست ۾ ڪو خاص وڏو فرق پيدا ٿي نه سگهيو هو، پر ان جي باوجود به انهيءَ هڪڙي ئي عمل سابق گهرو(ازدواجي) ۽ سماجي تعلقاتن کي اٿلائي ابتو ڪري ڇڏيو هو. ڇاڪاڻ ته ڪٽنب يعني گهر کان ٻاهر پورهئي جي ورهاست جي نوعيت بلڪل بدلجي چڪي هئي.
اهو ساڳيو سبب جنهن عورت کي گهر جي لوڙهي اندر محدود ڪري ڇڏڻ بعد هينئر مرد کي خود گهر جي لوڙهي اندر به مٿس مستقل طور تي بالادست بنائي ڇڏيو هو ۽ روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ مرد جي مقابلي عورت واري گهرو ڪم ڪار ڪرڻ جي ڪابه سماجي حيثيت ۽ اهميت باقي نه رهي هئي. مرد ڄڻ ته ”هر شيءِ تي بنسي پيو هو ۽ عورت ڪابه شيءِ نه“ رهي هئي.
انهيءَ مقام تي پهچندي اسين ڏسون ٿا ته، عورتن جو آزاد رهڻ ۽ مردن سان مساوي حيثيت رکڻ هڪ ناممڪن امر بنجي پيو هو. اها عدم مساوات اوستائين قائم رهندي ايندي، جيستائين ڪه عورت کي سماجي طور تي پيداوار واري عمل ڪرڻ کان ٻاهر رکيو ويندو. عورت جي پورهئي ۽ عمل جي نوعيت سماجي ۽ عوامي نه پر ذاتي ۽ خانگي قسم جي هوندي آهي. عورت جي آزادي کي عمل ۾ آڻڻ فقط تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو، جڏهن کيس سماجي ۽ عوامي طور تي وڏي پيماني تي پيداوار جي ڪمن ۾ بهرو وٺڻ ڏنو ويندو. ۽ گهروفرضن سندس ٿوري ۾ ٿورو وقت ۽ توجه ڏيڻ لائق ٿيندا. اهو امر فقط تڏهن ئي عمل ۾ اچي سگهندو جڏهن فقط وڏي پيماني تي جديد صنعت جي موجود هجڻ جي نتيجي ۾، جيڪا نه رڳو عورتن جي وڏي ۾ وڏي تعداد کي پيداوار ۾ بهري وٺڻ جي اجازت ڏئي ٿي، پر سچ پچ سندن خدمتن جي طلب به ڪندي رهي ٿي ۽ اهو هڪڙو ئي عمل گهرو قسم جي ڪمن ڪارين کي پڻ خودبخود عوامي قسم وارن ڪمن ڪارين ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو.
مردن ٻاهرين دنيا ۾ حقيقي بالادستي حاصل ڪرڻ کان پوءِ گهرن جي لوڙهن ۽ چوديوارين اندر به مطلق العنان بنجڻ لاءِ، باقي رهيل کهيل سماجي بندشن کي به وڏي سولائيءَ سان هٽائي ڇڏيو هو. انساني معاشري ۾ مادرانه حق جي خاتمي ۽ پدرانه حق جي اجرا ۽ قيام ۽ درجي بدرجي ”جفتي ڪٽنب“ مان ارتقا ڪندي ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري درجي تائين پهچڻ واري ڪارروائيءَ ۾ مرد جي انهيءَ عمل پراڻي نيات جي قلعي جي ديوارن ۾ ڏار وجهي ڇڏيا هئا.”هڪ مڙس هڪ زال“ وارو نئون سماجي ادارو ايتري قدر ته طاقتور بڻجي چڪو هو، جو هو خود نيات جي اداري جي خلاف هڪ خطرو بنجي نڪري نروار ٿي بيهي رهيو هو.
انساني معاشري جي ارتقا ۾ اسان جو هر ٻيو قدم، اسان کي غير مهذبيت جي وڌيڪ اوچي درجي تي آڻي بيهاري ٿو ۽ هي اهو درجو هوندو آهي، جنهن منجهان دنيا جون سموريون مهذب قومون پنهنجن سورمائي دورن ۾ گذري چڪيون آهن. اهو دور نه رڳو لوهي تلوار جو دور هوندو آهي، بلڪ هر جي چوني، ڪوڏر ۽ ڪهاڙيءَ جو به دور هوندو آهي. انهيءَ درجي تي پهچي حضرت انسان لوهه کي پنهنجو نوڪر ۽ خدمتگار بنائي سگهيو هو. اهي سمورا ڌاتو جن انساني تاريخ ۾ انقلابي ڪردار ادا ڪيو آهي، انهن ۾ لوهه سمورن ڌاتن کان آخر ۾ ڳولي لڌل اهم ترين ڌاتو آهي. جنهن جي هٿ اچڻ بعد انسان فقط پٽاٽي جهڙي اهم ۽ ضروري شيءِ کي ڳولي لڌو هو. وڏي پيماني تي زراعت ڪرڻ کي لوهه ئي ممڪن بنائي ڇڏيو آهي. سندس ئي مدد سان انسان وڏن وڏن ٻيلن ۽ جهنگن کي وڍي زراعت ڪرڻ لاءِ ٻنيون تيار ڪري سگهيو هو.
ڪاريگرن کي پڻ پنهنجن اوزارن جي ٺاهڻ لاءِ هڪ اهڙي قسم جو قيمتي ڌاتو دستياب ٿيو هو جنهن جي سختي ۽ ديرپائي ۾ پٿر ته ڪجا خود ٻيو ڪوبه لڌل ڌاتو ساڻس مقابلو ڪري نه ٿي سگهيو. پر اهي سمورا ڪارناما هڪدم نه پر درجي بدرجي ٿيا هئا. پهريون لڌل لوهه ڪنجهي کان به وڌيڪ نرم قسم جو هوندو هو. ان ڪري پٿرن جي اوزارن جو استعمال به آهستي آهستي يعني درجي بدرجي ختم ٿيندو ويو هو. ميدان جنگ تي پٿر جي ڪهاڙين جي استعمال ڪرڻ جو ذڪر مذڪور اسان کي نه رڳو هلڊي برانڊ وارن شاعرن جي ڪلام ۾ ملي ٿو پر خود 1066ع ۾ هيسٽنگس جي جنگ جي احوال ۾ به ملي ٿو. پر ترقي ڪرڻ جي انهيءَ رفتار کي ڪوبه شخص يا ادارو روڪي نه ٿي سگهيو.سندس وهڪرو تمام تيز ٿي ويو هو. انڪري ڪير به سندس مقابلو ڪري نه ٿي سگهيو. پٿرن ۽ پڪين سرن سان ٺهيل گهرن وارا شهر جن جي چوگرد برجن ۽ مورچن واريون عالم پناهون ڏنل هونديون هيون، قبيلن يا قبيلن جي وفاقن جا مرڪز هوندا هئا. انهن شهرن جي وجود مان اسان کي عمارت سازيءَ جي فن جي ترقي ڪرڻ جا ثبوت ته برابر ملن ٿا، پر انهيءَ ساڳي عمارت سازيءَ جي فن جي ارتقا مان اسان کي ساڳئي وقت تي ڪن وڏن خطرن کان بچڻ جي ڪوشش ۽ ضرورتن جا اهڃاڻ پڻ ملن ٿا.
انهيءَ دور ۾ دولت جو وڏو واڌارو آيو هو، پر اها دولت فقط چند فردن جي هٿن ۾ هوندي هئي. ڪپڙي اڻڻ، ڌاتن کي ڪم آڻڻ ۽ ٻين هنرن ۾ مهارت تمام وڌي وئي هئي. هينئر ڪاريگرن پنهنجن مصنوعات کي مضبوطيءَ سان گڏ کين سونهن ۽ نزاڪت ڏيڻ به شروع ڪري ڏني هئي. اهي سمورا پيشا، هنر ۽ ڪاريگريون ڪرڻ هڪ فرد يا ڪٽنب جي وس کان ٻاهر نڪري ويون هيون. انڪري پورهئي جي ٻيو نمبر عظيم ورهاست عمل ۾آئي هئي. هينئر ڪاريگرن ۽ هنرمندن کي زراعت کان ڇني ڌار ڪيو ويو هو. پيداوار جي قسمن جي وڌي وڃڻ جي ڪري پورهيتن جي پيداوار ۾ پڻ اضافو ٿيو هو.هينئر جنهن شيءِ انساني پورهئي جي طاقت ۽ اثر کي پڻ وڌائي چوٽ چاڙهي ڇڏيو هو اهو هو ٻانهن رکڻ جو رواج! جيڪو گذري ويل صدين ۾ بي ترتيبو ۽ غيرمنظم قسم جو هوند هو. اهو هينئر ڦري سماجي نظام جو هڪ ضروري عنصر بنجي چڪو هو. ٻانها محض زيردست نه هوندا هئا بلڪ کين جانورن وانگر ڌڻن جي صورت ۾ ٻنين ۽ ڪارخانن ۾ پورهئي ڪرڻ لاءِ موڪليو ويندو هو. پيداوار کي ٻن مکيه شعبن زراعت ۽ گهرو هنرن ۾ ورهائي ڇڏڻ سان خام مال کي صنعتي پيداوار سان مٽاسٽا ڪرڻ جي به ضرورت پيدا ٿي هئي. ان ڪري تجارت ڪرڻ جو نظام به پيدا ٿي پيو هو. جيڪا تجارت نه رڳو ملڪ جي اندر قبائلي حدن ۾ هلندي هئي، بلڪ ڏيساورن ڏانهن به موڪلجڻ لڳي هئي. پر اهو سمورو ڪاروبار اڃان به هڪ غير ترقي يافته قسم جو هوندو هو. قيمتي ڌاتو هينئر سڪي طور استعمال ٿيڻ شروع ٿي ويا هئا. پر سڪن ٺاهڻ جو رواج اڃان نه پيو هو. انڪري قيمتي ڌاتن کي تور ڪري مٽا سٽا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃڻ لڳو هو.
هينئر آزاد ۽ غلام سان گڏ غريب ۽ شاهوڪار جو امتياز پڻ معاشري ۾ پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويو هو. پورهئي جي نئين سر ورهاست ڪرڻ سان معاشري کي پڻ طبقن ۾ ورهاست ڪرڻو پئجي ويو هو. زائد دولت جي پيدا ٿي پوڻ جي ڪري مختلف ڪٽنبن جي سربراهن جي حيثيتن جي وچ ۾ پڻ فرق ۽ تفاوت پيدا ٿي پيو هو. ان ڪري جتي به اڃان پراڻا اشتراڪي قسم جا ڪٽنب موجود هئا، ٽٽڻ شروع ٿي ويا هئا.انڪري نياتن ۽ برادرين جي پاڻ ۾ گڏجي ٻنين کي آباد ڪرڻ وارو رواج به ختم ٿي ويو هو. آباديءَ هيٺ آيل زمينن کي هينئر ڪيترن ئي ڌار ڌار ڪٽنبن جي حوالي ڪرڻو پئجي ويو هو.
پهريائين مقرر ڪيل وقت تائين ۽ ان کان پوءِ دائمي طور تي مٿين حالتن جي پيدا ٿي پوڻ جي ڪري ذاتي طور تي ملڪيت جي مڪمل طور تي مالڪ بنجي پوڻ وارو خيال به درجي بدرجي وڌڻ لڳو هو ۽ ان سان گڏوگڏ ”جفتي ڪٽنب“ پڻ ڦري ”هڪ مڙس هڪ زال“ واري شادي ۽ ڪٽنب جي صورت وٺڻ ڏانهن قدم وڌائي رهيا هئا.انفرادي ڪٽنب پڻ آهستي آهستي معاشري جي اقتصادي وحدت بڻجندو پئي ويو.
مردم شماري جي وڌي ڳوڙهي ٿي وڃڻ جي ڪري، معاشري کي به خارجي خواهه داخلي طور تي متحد ٿيڻ جي ضرورت پيدا ٿي هئي. اهڙي ريت نوان نوان وفاق ٺهندا ويا. اهي وفاق مٽ مائٽ قبيلن مان ٺاهيا ويا هئا. جن مان اڳتي هلي انهن وفاقن جي ميڙن کي پاڻ ۾ گڏائي هڪ قوم ۽ سندن علائقن کي گڏائي هڪ ملڪ ٺاهيو ويو هو ۽ اهو ملڪ انهيءَ قوم جي نالي جي پويان سڏجڻ لڳو هو. قوم جو فوجي سردار اعليٰ مختلف نالن مثلن ريڪس Rex يا Thinds ۽ Basilous جي نالن سان هڪ مستقل بااختيار عملدار بنجي ويو هو. جنهن کي هينئر هر صورت ۽ حالت ۾ مقرر ڪرڻو پئجي ويو هو. فوجي جمهوريت جي هيٺ رهندي نيات ۽ معاشري وڏي ترقي ڪئي هئي. هڪ فوجي سردار اعليٰ هڪ ڪائونسل، هڪ عوامي اسيمبلي انهيءَ جمهوريت جي بندن جااعضائ رئيسه بنجي پيا هئا. ان ڪري اها جمهوريت پاڻ به ڦري هڪ فوجي جمهوريت بنجي پيئي هئي. ڇاڪاڻ ته جنگ ڪرڻ ۽ جنگ ڪرڻ لاءِ منظم ٿي رهڻ قوم جي زندگيءَ ۾هڪ منظم ڪردار جي شڪل اختيار ڪئي هئي.
اهي قومون جن دولت کي حاصل ڪرڻ کي پنهنجين زندگين جو نصب العين ۽ مقصد بنائي ڇڏيو هو، سندن پاڙيسري قومن جي دولت ۽ شاهوڪاري سندن انهيءَ حرص کي اڀاريندي رهي هئي، اهي سموريون قومون غير مهذب حالت ۾هونديون هيون. ان ڪري کين پيداواري ڪمن ڪرڻ جي بجاءِ ٻين قومن کي ڦرڻ لٽڻ هڪ وڌيڪ عزت ڀريو پيشو نظر اچڻ لڳو هو. جنگ جيڪا اڳ ۾ فقط جارحيت کي روڪڻ لاءِ يا جڏهن قوم جي قبضي وارو علائقو سندن ضرورتن لاءِ ناڪافي ٿي پوندو هو ته وڌيڪ علائقي کي فتح ڪري ضرورتن کي پوري ڪرڻ خاطر ڪئي ويندي هئي. پر هينئر ته صورت حال مورڳوئي مختلف ٿي ويئي هئي. هينئر جنگ محض ڦرڻ لٽڻ لاءِ ڪئي وڃڻ لڳي هئي. جنگ ڪرڻ ڦري قومن جو هڪ وحشيانه مشغلو ۽ ڌنڌو بنجي پيو هو.
اهوئي سبب هوندو هو ته، خود قلعي بند شهرن جي چوگرد به نيون عالم پناهون ٺاهيون وينديون هيون. جن جي وچ ۾ پاڻيءَ سان ڀريل واتن پٽيل کاهيون نياتي آئين جا قبرستان بنجي ويون هيون. سندن قلعن جا برج اڀا ٿي آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا هئا، اهي سمورا قدم تهذيب ڏانهن وڌي رهيا هئا. داخلي امور ۾ پڻ ساڳين قسمن جون تبديليون آيون هيون. انهن قومن کي ڦرڻ لٽڻ وارين جنگين فوجي سردار اعليٰ سردارن ۽ سندن ماتحت سردارن جي اختيارن کي تمام وڌائي ڇڏيو هو. رواياتي طور تي ڪنهن ڪٽنب مان فوت ٿي ويل مکي يا سردار جي جاءِ تي انهيءَ ساڳي ئي ڪٽنب مان نئين مکي يا سردار کي چونڊڻ واري رواج، خاص طور تي پدرانه حق جي اجرائ کان پوءِ، درجي بدرجي مکيائپ ۽ سرداري عهدي کي مورثيت جي ضرورت ڏئي ڇڏي هئي. جنهن رسم ۽ روايت کي ابتدا ۾ فقط برداشت ڪيو وڃڻ لڳو هو، پر بعد ۾ ان جي دعويٰ ٿيڻ لڳي هئي ۽ آخرڪار ان تي زوري ۽ زبردستيءَ سان قبضو ڪيو ويو هو.
اهڙيءَ ريت معاشري ۾ مورثي بادشاهت ۽ مورثي امارت جا بنياد پختا ٿي ويا هئا. انهيءَ طريقي سان نياتي آئين جنهن جون پاڙون عوام جي يعني ڪٽنبن، نياتن، برادرين ۽ قبيلن جي پاتال ۾ کتل هونديون هيون،سندن اعضائ رئيس کي درجي بدرجي ڇني سندس بدن مان ڪپي ڪوري جدا ڪري ڇڏيو ويو هو. انهن تبديلين جي ڪري نياتي نظام تبديل ٿي، هڪ مختلف قسم جو بنجي پيو هو. يعني قبيلن وارو اهو نظام جنهن ۾ قبيلا آزاد طور تي پنهنجا معاملا پاڻ فيصلا ڪندا هئا. اهو ساڳيو نظام ڦري پنهنجن پاڙيسرين کي مارڻ، ٻانها بنائڻ لٽڻ ڦرڻ لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو هو ۽ سندن اعضائ عوام جي خواهشن جي اظهار جي ذريعن بنجڻ جي بجاءِ مٿن حڪمراني ڪرڻ ۽ پنهنجي عوام تي ظلم ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو هو. جيڪڏهن دولت جو حرص نيات جي فردن کي غريب ۽ شاهوڪار ۾ ورهائي نه ڇڏي ها ته اها نئين ڳالهه ڪڏهن به ممڪن ٿي نه سگهي ها.
انهيءَ بابت مارڪس لکي ٿو ته: ”ملڪيتن ۾تفاوت ۽ فرق مفادن جي نوعيت کي ايتري قدر تبديل نه ڪري سگهي ها، جو ساڳي نيات جو هڪڙو رڪن انهيءَ نيات جي ٻئي رڪن جو جاني دشمن بنجي پوي ۽ ڦرلٽ ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ٻانهپ جي اداري جي پيدا ٿي پوڻ، روزگار ڪمائڻ جي هر جائز عمل کي هڪ بدناميءَ جو باعث ۽ هر جائز پورهئي ڪندڙ تي ٻانهي هجڻ جي مهر هڻي ڇڏي هئي.“
اسين هينئر تهذيب جي چائنٺ تي پير رکيو بيٺا آهيون. انهيءَ منزل تي پهچندي ئي پورهئي جي ورهاست ۾ اڃان به وڌيڪ ورهاست ڪرڻ جو عمل شروع ٿي وڃي ٿو. اوائلي دور ۾ انسان فقط پنهنجن ذاتي ضرورتن کي پوري ڪرڻ خاطر رزق پيدا ڪندو هو. جيڪڏهن اتفاق سان ڪا ٿوري ڪي گهڻي شيءِ بچي به پوندي هئي ته هو ان جي مٽا سٽا ڪري ڇڏيندو هو. غير مهذبيت جي وچولي دور ۾ اسين ڏسون ٿا ته ڌنار قومن وٽ سندن مال متاع هڪ ملڪيت جي صورت اختيار ڪري چڪو هو. جيڪو وري مال جي ڌڻن ۽ وڳن جي شڪل ۾ سندن ضرورتن جي پورائي ڪرڻ ۾ کين باقاعدگيءَ سان زائد پيداوار ڏيندو رهندو هو. ان ڪري انهن ڌنار قومن ۽ غير ڌنار پٺتي پيل قومن کي جدا جن وٽ چوپائي مال جا ڪي به ڌڻ موجود نه هوندا هئا. موجود ڏسون ٿا.
ان ڪري چئبو ته ٻنهي قومن ۾ به جدا جدا ۽ مختلف درجن جون پورهئي جون ورهاستون ڪيل هونديون هيون. جن ورهاستن وري هڪ قسم جي باقاعده طور تي مٽا سٽا ڪرڻ جي حالتن، نمونن ۽ رواجن کي جنم ڏنو هو. غير مهذبيت واري انهيءَ مٿاهين درجي، پورهئي جي رائج ورهاست ۾ وري هڪ نئين ورهاست ڪرڻ جي ضرورت کي پيدا ڪيو هو. يعني ٻنهي زراعت خواه گهريلو هنرن ۾، جن جي ڪري هڪ قسم جو سامان خاص طور تي خام مال سان مٽا سٽا ڪرڻ جي ارادي سان ٺاهيو وڃڻ لڳو هو. ان ڪري انفرادي طور تي پيداوار ڪندڙ پڻ انهيءَ منزل تي اچي پهتا هئا جو هو پاڻ معاشري لاءِ هڪ اهم ضرورت بنجي پيا هئا. انهيءَ امر کي مهذب دور اچي مستحڪم بنيادن تي بيهاري ڇڏيو هو ۽ شهرن ۽ ٻهراڙين جي وچ ۾ پيدا ٿيل فرق کي پاڻ ۾ وڌيڪ تيز ۽ نمايان بنائي ڇڏيو هو. (شهرن کي ٻهراڙين تي بالادستي حاصل هوندي هئي. جيئن قديم زماني ۾ ٿيو هو يا ٻهراڙين کي شهرن تي بالادستي حاصل هوندي هئي، جيئن ازمنه وسطيٰ واري دور ۾ ٿيو هو) ۽ انهيءَ مقابلي ۽ چٽا ڀيٽي پورهئي ۾ هڪ نئين قسم جي ورهاست جي ضرورت کي پيدا ڪيو هو. جيڪا ڳالهه خود هڪ خاص اهميت واري ڳالهه هئي ۽ ان جي اها اهميت فيصله ڪن به ثابت ٿي هئي.
انهيءَ صورتحال هڪ نئون طبقو پيدا ڪيو هو. جنهن جو پيداوار ۾ ڪو حصو نه هوندو هو. پر سندن ڪم هوندو هو وڏي پيماني تي مٽا سٽا ڪرڻ. اهو نئون طبقو هو تجارتي طبقو. اڳوڻن سماجي ادارن جي ترتيب ۽ طبقن جو ٺهڻ، محض پيداوار سان لاڳاپيل رهندو هو. انهن ادارن ۾ تجارت ۽ پيداوار ۾ مشغول طبقن کي مئنيجرن يا سنڀال ڪندڙن ۽ ڪم ڪندڙ ڪاسبين يا فقط ننڍي يا وڏي پيماني تي پيداوار ڪندڙن ۾ ورهاست ڪري ڇڏيو هو. پر هتي ته پهريون هڪ اهڙو طبقو پيدا ٿي پيو هو، جيڪو پيداوار ۾ ڪنهن به بهري وٺڻ کان سواءِ ئي خود پيداوار جي سنڀال ڪرڻ تي به قابض ٿي ويو هو. اقتصادي طور تي انهيءَ طبقي پيداوار ڪندڙ طبقي کي پنهنجي حڪم جي تابع ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ طبقي پاڻ کي ٻن پيداوار ڪندڙ طبقن جي وچ ۾ هڪ اهڙو ته ضروري وچون عنصر بنائي ڇڏيو هو، جنهن جي مدد کان سواءِ ڪوبه ڪاروبار هلي نه ٿي سگهيو.
انهيءَ حيثيت کي حاصل ڪندي ئي اهو طبقو ٻنهي پيداوار ڪندڙ ڌرين کي ڦرڻ لٽڻ شروع ڪري ڏئي ٿو. اهو طبقو ٻنهي پيداوار ڪندڙ طبقن کي هي چڪمو ڏئي ٿو ته، هوئي کين تڪليفن برداشت ڪرڻ ۽ مٽا سٽا ڪرڻ ۾ جوکم کڻڻ کان بچائي ٿو ۽ پاڻ وڏي تڪليف وٺي، مصيبتون برداشت ڪري سندن پيداوار کي کپت لاءِ ڏورانهان مارڪيٽ ۽ منڊيون تلاش ڪري ڳولي هٿ ڪري ٿو. اهڙيءَ ريت هو پاڻ کي معاشري لاءِ هڪ وڏو ڪارائتو طبقو ثابت ڪري ٿو.
پر حقيقت وري هي هوندي آهي ته، اهو طبقو هڪ ”ٻين جي پيدا ڪيل رزق تي پلجندڙ ڪيڙو“ هوندو آهي. اهو هڪ خسيس قسم جو چاپلوسي ڪندڙ ۽ چغلخور طبقو هوندو آهي، جيڪو هر قسم جي خسيس ترين خدمتن ڪرڻ جي عيوض ۾ملڪ توڙي ڏيساور ۾ پيداوار جو سمورو مکڻ ڪڍي کائي هڙپ ڪري ويندو آهي. اهو طبقو وڏي تيزيءَ سان دولت گڏ ڪري معاشري ۾ معتبر بنجي پوندو آهي. انهيءَ سبب جي ڪري هو نوان مرتبا ۽ اعزاز ماڻيندو آهي. تهذيب جي دور ۾ اهو طبقو پيداوار تي ايتري قدر ته قابض ٿي ويندو آهي جو هو پنهنجي هڪ مصنوعي ڪوڙي جعلي ۽ محض فرضي قسم جي پيداوار کي پيدا ڪندو آهي ۽ اها هوندي آهي وقت بوقت ظاهر ٿيندڙ ”تجارتي بحران!“
اهو طبقو جنهن جو اسين ذڪر ڪري رهيا آهيون، اهي نوخيز تاجر طبقو جنهن کي هن مهل تائين انهيءَ ڳالهه جي ڪا ڪل ئي ڪانه هئي ته ڪيترائي عظيم ڪارناما سندس مقدر ۾ لکيا پيا هئا. پر اهو طبقو ضرور ٺهڻو هو ۽ ٺهي به پيو ۽ وري ٺهيو به اهڙو هو جو سندس وجود کان ڪوبه ڇوٽڪارو ممڪن نه هو. سندس وجود لاءِ هن امر جو موجود هجڻ ئي ڪافي هو ته هن خوش نصيب طبقي پيدا ٿيندي ئي ڌاتو ناڻي طور ڪتب اچڻ لڳو هو. هينئر مختلف ڌاتن مان سڪا ٺاهيا ويا ۽ اهي هاڻي استعمال ٿيڻ شروع ٿي ويا. معاشري ۾ اهو هڪ قسم جو نئون ذريعو پيدا ٿي پيو هو. جهن جي زور تي هڪ پيداوار نه ڪندڙ طبقو نه رڳو پيداوار ڪندڙ طبقن تي بلڪ خود انهن جي پيداوار تي به حڪمراني ڪري سگهيو ٿي. اهو ناڻو ئي هو جيڪو ٻئي خام مال کي حاصل ڪرڻ لاءِ خود هڪ اهڙو خام مال بنجي پيو هو، جنهنجي ڀيٽ ۾ ڪيترائي خام مال لڪل هوندا آهن ۽ جيڪو آخرڪار دستياب به ٿي ويو هو.
هو هڪ اهڙي قسم جو جادو جو ديو بنجي پيو هو جيڪو پنهنجي مرضي ۽ ارادي موجب پاڻ کي ڪهڙي به گهربل قسم جي شيءِ جي شڪل ۾تبديل ڪري سگهيو ٿي. اهو جادو جو ديو جنهن به شخص جي قبضي ۾ اچي ويندو هو ته اهو شخص پيداوار جي دنيا تي وڏي سولائيءَ سان حڪمراني ڪري سگهندو آهي. اهو سڪو يعني ناڻو ٻين جي مقابلي ۾ گهڻي ۾ گهڻي تعداد ۾ ڪنهن وٽ موجود رهندو آهي؟ اهو واپاري ۽ فقط واپاري وٽ موجود رهندو آهي. تاجر يا واپاري طبقي جي هٿن ۾ سڪي (ناڻي) جو مذهب سلامت رهندو آهي.انهيءَ تاجر طبقي عالمي اسٽيج تي اچڻ شرط ئي انهيءَ حقيقت کي صاف طور تي ظاهر گهريو ٿي ته سمورن قسمن جا خام مال ۽ ان ڪري سمورن خام مالن جا پيدا ڪندڙ حضرات پڻ سڪي (ناڻي) جي سامهون پنهنجا نرڙ زمين تي گسائڻ لاءِ مجبور هوندا آهن ۽ انهيءَ تاجر طبقي انهيءَ حقيقت کي عملي طور تي ثابت به ڪري ڇڏيو هو ته انهيءَ ناڻي (سڪي) جي ديوتا جي مقابلي ۾ دولت جا ٻيا سمورا نمونا ۽ ذريعا محض بي جان پاڇولا هوندا آهن. ناڻي جي طاقت ڪڏهن به پاڻ کي ايتري خطرناڪ صورت ۾ ظاهر نه ڪيو هو جيتري قدر قديم زماني ۾ ناڻي (سڪي) جي ديوتا پاڻ کي پنهنجي جوانيءَ جي مستيءَ ۾ هڪ ظالم، بي لغام ۽ اڙٻنگ نموني ۾ ظاهر ڪيو هو.
ناڻي (سڪي) جي عيوض ۾ خام مال کي وڪري ڪرڻ کان پوءِ ناڻي کي وياج تي هلائڻ جو وارو آيو هو. جنهن مان وياج خوري جو نجس ۽ ناپاڪ ڪاروبار به معاشري ۾ شروع ٿي ويو هو. دنيا جي ڪنهن به قانون جي تاريخ ۾ ناڻي (سڪي) جهڙي بي رحمي ۽ بي شرمائيءَ سان قديم يوناني ۽ رومن دورن ۾ بيوس،مجبور ۽ مظلوم مقروض انسانن کي سنگ دل ۽ ڪٺور قرض خواهه شاهوڪارن جي قدمن ۾ اڇلائي ڦٽوڪيو هو. اهڙي واردات دنيا جي ڪنهن به قديم معاشري ۾ نه ٿي هئي. اهو به ايتري قدر جو انهن معاشرن کان بعد ۾ ايندڙن سمورن دورن ۾ اهڙيون ساڳيون حالتون وري ڪڏهن به پيدا ٿي نه سگهيون هيون. هن ٻنهي معاشرن ۾ اهو وياج ديو هڪ عام قانون جو روپ وٺي پاڻ مرادو بنا ڪنهن به اقتصادي مجبوريءَ جي نڪري نروار ٿي بيهي رهيو هو.
هينئر ناڻو ٻانهن ۽ خام مال سان گڏ ٻين جي صورت وٺي بيهي رهيو هو. زمينن جي وڏين ايراضين تي فردن جا حق ۽ کاتا جيڪي اصل ۾کين سندن نياتن ۽ قبيلن عطا ڪيا هئا. هن وقت تائين ايتري قدر ته پختا پڪا ۽ مستحڪم بنجي چڪا هئا، جو کين عطا ڪيل زمينن جا ٽڪر ڦري سندن مورثي ۽ ذاتي ملڪيت بنجي پيا هئا. انهن زمينن جي ٽڪرن جا مورثي طور تي ذاتي ملڪيتون رکڻ وارا افراد، انهن ساڳين ٻنين تي نيات جي حقن کان جان ڇڏائڻ لاءِ ٿوروئي وقت اڳ ۾ جنهن شيءِ جي حاصل ڪرڻ لاءِ سر ٽوڙ ڪوششون ڪري رهيا هئا، اها شيءِ خود سندن لاءِ هڪ ڳچي جو ڳٽ بنجي پيئي هئي. اهو طبقو هينئر زمين تي نياتي حقن واري ڳٽ کان برابر آزاد ٿي ويو هو، پر ٿوري وقت اندر انهيءَ ڳٽ مان نڪري، زمين تي سندن نئين حاصل ڪيل حق ڦري مٿن هڪ ٻئي قسم جي نئين مصيبت ثابت ٿيو هو.
زمينن جي اڪيلي سر مالڪ بنجي پوڻ ۾ پوري ريت آزاد ٿي وڃڻ جو هي نتيجو نڪتو هو ته، هو نه رڳو انهن حاصل ڪيل زمينن جو بنان ڪنهن بندش جي مالڪ بنجي پيو هو ۽ سندس زمين تي نيات جي ٻئي ڪنهن به شخص جي ڪابه دعويٰ باقي نه رهي هئي ۽ نيات واري ڀائيواريءَ جي حثييت ۾ زمين کي منتقل ڪري سگهڻ جو ڪوبه امڪان موجود نه هوندو هو. پر جڏهن انهيءَ نئين قبضي ۾ آيل زمين جي نئين مالڪ فرد نيات ۽ قبيلي واري اجتماعي بالادستي جي حق وار زنجير کي ٽوڙي ڦٽو ڪري ڇڏيو هو ته انهيءَ ساڳئي فرد انهيءَ حق کي ٽوڙڻ جي عمل سان، خود انهيءَ زنجير کي به ٽوڙي ڦٽو ڪري ڇڏيو هو. جيڪا زنجير کيس به سندس زمين سان مضبوطيءَ سان جڪڙيو بيٺي هوندي هئي. زمين جي عوامي مان ڦري ذاتي ملڪت بنجي پوڻ سان گڏوگڏ سڪو پڻ ايجاد ٿي ميدان ۾ اچي چڪو هو. سڪي جي وجود پيدا ٿيندي ئي کيس ظاهر ظهور ٻڌائي ڇڏيو هو ته سندس پيدا ڪرڻ جو اصل مقصد ڇا هو؟ ٻئي خام مال وانگر هينئر خود زمين به ڦري هڪ خام مال بنجي پيئي هئي، جنهن کي ٻين خام مالن وانگر وڪروڪري ۽ گروي طور رکي به سگهجي پيو.زمين جي ذاتي ملڪيت بنجندي ئي تاجر طبقي زمينن کي گروي طور رکڻ جو گر به ايجاد ڪري ورتو هو. (ڏسواٿينس) جهڙي ريت سرتين رکڻ جو رواج، زناڪاري ۽ ٻي هر قسم جي جنسي معاشي ۽ بي راهه روي ”هڪ مڙس ۽ هڪ زال“ جي اداري جي پيدا ٿيندي ئي سندس کڙين سان ٻڌل اچي معاشري ۾ وارد ٿي هئي.
ساڳيءَ طرح زمين جي ذاتي ملڪيت بنجندي ئي کيس گروي طور رکڻ، وڪرو ڪري سگهڻ، ٺيڪي يا مقاطعي تي ڏئي سگهڻ، مٿس زور زبردستي قبضو ڪري سگهڻ جا سمورا ڪردار ساڻس گڏيا اچي وارد ٿيا هئا. هينئر نياتي دور واري زمين ڄڻ ته زبان حال سان پنهنجي نئين کيس ذاتي ملڪيت طور رکڻ واري مالڪ کي چئي رهي هئي ته: ”متيرا خان! تو زمين جي اڪيلي، آزاد ۽ ڇڙواڳ مالڪ طور مون کي وڪري ۽ منتقل ڪري سگهڻ جي حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ پئي پڪاريو ۽ دانهون ڪيون. چڱو هاڻي اٿي وٺ پنهنجو حق تو جيڪي گهريو اهو توکي نصيب ٿيو!“
هڪ طرف واپار جي وڌي وڃڻ، سڪي جي ايجاد ٿيڻ ۽ ناڻي جي صورت ۾ فردن جي هٿن ۾گڏ ٿي سگهڻ. وياج خوري جي اداري جي قيام، زمينداري جي رواج جي پوڻ ۽ زمين کي گروي طور رکي سگهڻ، کيس وڪرو ڪري سگهڻ جي طاقت، انهن سمورن عناصرن پاڻ ۾ گڏجي متفق ٿي معاشري ۾ دولت (ناڻي) کي هڪ مرڪزي حيثيت ۽ ڪليدي ڪردار جي پڳ ٻڌائي ڇڏي هئي ۽ ٿوري ئي وقت اندر هن هڪ طرف دولت کي ٿورن فردن جي هٿن ۾ گڏ ٿي وڃڻ جا موقعا پيدا ڪري ڏنا هئا ۽ ٻئي طرف عوام جي بي زمين ٿي پوڻ ۽ ان ڪري غريب ۽ مجبور ٿي پوڻ، معاشري ۾ مفلسن ۽ نادارن جي هڪ وڏي انبوهن جي پيدا ٿي پوڻ جي امڪانن ۽ موقعن کي جنم ڏنو هو.
انهيءَ نئين دولت مند طبقي جيڪو شروعات کان وٺي پراڻي قبائلي اقتدار تي قابض نياتي طبقي سان ڪنهن به صورت ۾ مطابقت نه رکندو هو، انهيءَ پوئين نياتي قبائلي اقتدار تي قابض طبقي کي سماجي طور تي ڌڪي پوئتي اڇلائي ڦٽو ڪيو هو. (ڏسو اٿينس ۽ جرمن قبيلا) يعني هينئر نياتي مکي ۽ وڏيرا ڦري محض ٺلها وڏيرا ۽ مفلس مکي بنجي پيا هئا. آزاد شهرين ۽ ملڪي عوام جي سندن دولت جي مطابقت ۾ طبقن ۾ ورهائجي وڃڻ سان گڏ خاص طور تي اٿينس جي شهر ۾ ٻانهن جي تعداد ۾ وڏي ۾ وڏي واڌ اچي ويئي هئي. انهن ئي بيوس، مجبور ۽ مظلوم انسانن کان زوري زبردستي پورهئي ڪرائڻ تي انهيءَ معاشري جي امارت جي ماڙي اڏيل هوندي هئي. انڪري ٻانهن کي به مالن جي ڌڻن وانگر يعني کين بنا ڪنهن اقتصادي ۽ سماجي حلقن ۾ ڌاريو ۽ پاليو وڃڻ لڳو هو.
انهيءَ سماجي انقلاب جي اچڻ سان معاشري ۾ قديم نياتي آئين جو ڪهڙو حشر ٿيو هو؟ معاشري جا اهي عناصر جيڪي سندس مدد کان سواءِ ئي پاڻمرادو پيدا ٿي پيا هئا. انهن تي نياتي آئين جو ڪوبه اثر ۽ زور هلي نٿي سگهيو. انهيءَ قديم آئين جو انحصار هينئرفقط هن حقيقت تي ئي رهجي ويو هو ته نيات ۽ قبيلي جا رڪن پاڻ ۾ گڏجي ساڳي ۽ هڪ ئي زمين جي علائقي تي زندگيون گذارين ۽ سندس گڏيل شهري (رهاڪو ) بنجي وڃن. پر هينئر ته خود اها حالت به موجود نه رهي هئي. مختلف نياتون ۽ قبيلا ته برابر پاڻ ۾ گڏجي سڏجي ملي هڪ ٿي ويا هئا. پر هڪ علائقي ۾، شهرن خواه ٻهرڙين ۾ ٻانها، زيردست ۽ ٻيا غير ملڪي فرد پڻ آزاد شهرين سان گڏ رهندا هئا.غير مهذبيت جي وچولي دور ۾ هڪ جاءِ تي مستقل طور تي رهي پوڻ جي عادت ۽ حالت پاڻ مرادو پيدا ٿي پوندي آهي. پر واپار، ڪاروبار ۽ ڌنڌن ۾ ڦير گهير ۽ زمين جي مالڪيءَ جي نوعيت جي تبديل ٿي وڃڻ سان، معاشري جي حالت به وقت بوقت ڦرندي گهرندي رهندي آهي.
ان ڪري نياتي نظام جا رڪن پڻ، ٻيو ته ٺهيو پر خود پنهنجن روزمره جي باهمي معاملن ۾ به پاڻ ۾ گڏ ٿيڻ ته ڪجا، محض سکڻي ملاقات به نه ڪري سگهندا هئا. هو فقط خسيس قسم جي سماجي موقعن مثلن عيدن براتن تي پاڻ ۾ گڏ ٿيندا هئا ۽ سندن اها پاڻ ۾ گڏجاڻي به بنا ڪنهن خاص دلچسپيءَ جي محض غيررسمي طور تي ٿيندي هئي. باهمي ضرورتن ۽ مفادن جي بچائڻ خاطر، اهڙن شخصن لاءِ جيڪي سندن سنڀال ڪرڻ ۽ کين هلائي سگهڻ جا اهل هوندا هئا، لاءِ مختلف قسمن جا عهدا پيداڪيا ويا هئا.پر انهيءَ نيات جي مدد کان سواءِ پنهنجي روءِ سوئ روزگار مهيا ڪرڻ جي حالتن مان پيدا ٿيل انقلاب، اهڙن ته نون مفادن ۽ سماجي ضرورتن کي جنم ڏنو هو جن مورڳو معاشري جي سماجي ڍانچي ۾ ئي ردوبدل ڪري سندس حليه ۽ مزاج کي ئي ڦيرائي ڇڏيو هو.
اهي نوان مفاد ۽ سماجي ضرورتون نه رڳو پراڻي نياتي نظام لاءِ ڌاريون ۽ اوپريون هيون، بلڪ اهي هر طرح سان سندن روزمره جي معمول ۽ ڪمن ڪارين ۾ مشڪلاتون ۽ رنڊڪون پيدا ڪنديون رهنديون هيون. پورهئي جي ورهاست جي پيدا ڪيل نون ڪاريگرن جي گروهن جي مفادن ۽ ٻهراڙين جي آبادگارن جي مقابلي ۾ شهرن جي ضرورتن جي پورائي ڪرڻ خاطر نون عهدن ۽ ادارن جي ضرورت پيدا ٿي هئي، پر اهي سمورا گروه بنيادي طور تي مختلف نياتن، برادرين ۽ قبيلن جي رڪنن مان ٺهيل هئا. ايتري قدر جو هينئر منجهن غير ملڪي به شامل ٿي چڪا هئا.ان ڪري انهن نون پيدا ڪيل عهدن ۽ ادارن کي هلائڻ خاطر نياتي ادارن کان ٻاهر جي ماهرن کي به کنيو ويو هو. جيڪي وري پنهنجن نون عهدن جي ڪري پنهنجن مفادن ۽ سماجي حيثيتن ۾ سندن مقابلي جي حيثيت جا بنجي پوندا هئا.
اها ڳالهه نياتي معاشري جي مزاج جي بلڪل برخلاف هوندي هئي. انڪري سندن نياتي نظام ۾ به مختلف مفادن ۽ نظامن جي ٽڪرجڻ جو اثر صاف طور تي ظاهر ٿيڻ لڳو هو ۽ ساڳئي هڪڙي نيات ۾ غريب، پورهيت ۽ شاهوڪار وياج خورن ۽ مقروض شخصن جي موجودگي انهيءَ مقابلي ۾ ٽڪرائ کي عروج تي پهچائي ڇڏيو هو. نوان ملڪي رهاڪو جيڪي نياتي جماعتن اندر ڌاريا ۽ اوپرا هوندا هئا، پر روم وانگر پنهنجن عهدن ۽ شاهوڪاري جي ڪري، ملڪ اندر وڏي طاقت ۽ اقتدار جا مالڪ بنجي پيا هئا. ايتري قدر ته وڏي تعداد ۾ موجود هوندا هئا جو کين مٽين مائٽين وارين نياتن ۽ قبيلن ۾ ضم ڪري ڇڏڻ هڪ ناممڪن امر بنجي پيو هو. نياتي جماعتون وري سندن ڀيٽ ۾ پاڻ کي اڪيليون حق حاصل ڪيل جماعتون تصور ڪنديون هيون. نياتي آئين واري قدرتي طور تي پيدا ٿيل جمهوريت هينئر ڦري هڪ ڌڪاريل ظالم امير طبقو بنجي پيئي هئي.
حقيقت وري هيءَ هئي ته خود نياتي واري اداري هڪ معاشري ۾ جنم ورتو هو، جنهن ۾ دالي قسم جي دشمنين جو ڪوبه گذر نه هوندو هو ۽ اهو آئين به فقط اهڙي ئي قسم جي سماجي نظام جي لاءِ ئي موزون هوندو هو. ڇاڪاڻ ته نيات جي ڪنهن رڪن کي مجبور ڪري کيس حڪم مڃائڻ لاءِ وٽس عام راءِ کان سواءِ ٻي ڪابه طاقت موجود نه هوندي هئي، پرهينئر ته هڪ اهڙي قسم جو معاشرو وجود ۾ اچي چڪو هو، جنهن خالص اقتصادي حالتن مان پيدا ٿي پوڻ جي ڪري پاڻ کي آزاد شهرين ۽ ٻانهن، ڦورو شاهوڪارن ۽ ڦريل غريبن (پورهيتن) ۾ ورهائي ڇڏيو هو. ان ڪري اهو هڪ اهڙو معاشرو بنجي پيو هو، جنهن ۾طبقاتي دشمنين کي ختم ڪري ڇڏڻ لاءِ ترجيتري به اهليت ۽ صلاحيت موجود نه هوندي هئي، پر منجهس مورڳو کين وڌائي ڇڏڻ جي پوري پوري اهليت موجود هوندي هئي. اهو معاشرو فقط اهڙي حالت ۽ ماحول ۾ ئي زنده رهي سگهيو ٿي، جڏهن اهي سماجي طبقا هميشه هڪ ٻئي جي خلاف برسر پيڪار ۽ مسلسل ڪشمڪش ڪندڙ طبقن جي مٿان رهي، کين پاڻ ۾ کليل طور تي تصادم ۾ اچڻ کان روڪي سگهي ۽ انهيءَ ساڳي طبقاتي ڪشمڪش کي فقط اقتصادي ميدان تائين محدود رکي سگهي. يعني نام نهاد قانوني طريقن ۽ نمونن ۾، اهڙين پيدا ٿي ويل سماجي حالتن ۾ نياتي آئين پنهنجي افاديت بلڪل وڃائي چڪو هو. پورهئي جي ورهاست ۽ ان جي پيدا ڪيل نتيجن سندس وجود کي چيري ڦاڙي خود معاشري کي ٻن طبقن ۾ ورهائي ڇڏيو هو. انهيءَ فوت ٿي ويل مرحوم نياتي آئين واري خالي ڪيل جاءِ رياست جي اداري اچي والاري هئي.
اسين مٿي ذڪرڪيل ٽنهي نمونن مان هر انهيءَ نموني جنهن ۾ نياتي آئين جي ڊٺل ماڙي جي مٿان رياست جي اداري جي عمارت کي ٺاهي جوڙي راس ڪري بيهاريو ويو هو، جو تفصيلي ذڪرڪري آيا آهيون.انهن ٽنهي نمونن مان اٿينس وارو نمونو هڪ خالص ڪلاسيڪي رياست جو نمونو هو. جمهوريت جي انهيءَ نموني ۾ رياست جو وجود خود نيات جي وجود جي اندران سنئون سڌو طبقاتي ٽڪرائڻ ۽ دشمنين مان پيدا ٿيو هو.
روم وارو نياتي معاشرو، پليبين جيڪي وڏي اڪثريت ۾ هوندا هئا، کان ڇڄي ڌار ٿي هڪ امير طبقو بنجي پيو هو، جنهن ۾ پليبين جي اڪثريت لاءِ ڪابه جاءِ موجود نه هوندي هئي. قرضن جو انبار فقط پليبين اڪثريت جي حصي ۾آيل هوندو هو. پر سمورا حقن جا انبار فقط پراڻن رومن نياتي اميرزادن Patricians جي اقليت جي حصي ۾آيل هوندا هئا. پليبين اڪثريت هميشه حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ڪرڻ جي حالت ۾ رهندي هئي ۽ انهيءَ جدوجهد ۾ پليبين اڪثريت آخرڪار ڪامياب به ٿي وئي هئي. پليبين اڪثريت جي انهيءَ حاصل ڪيل ڪاميابي، پراڻي رومن نيات يعني اميرزادن جي نيات جي جسم کي چيري ڦاڙي ختم ڪري ڇڏيو هو ۽ سندس مرده ميت مان رياست جو ادارو جنهن جو وجود ۾ ٻئي طبقا يعني قديم اميرزادن جو طبقو ۽ پليبين اڪثريت سمائجي چڪا هئا.پيدا ٿي نڪري نروار ٿيو هو.
آخر ٽين نمبر مثال ۾ڪلاسيڪي نياتي رومن آئين ۾ رومن سلطنت جي ٻارهين دور دراز وڏن ملڪن ۽ معاشري تي حڪمراني ڪري سگهڻ جي ڪابه اهليت صلاحيت ۽ قدرت باقي نه رهي هئي. خود رومن سلطنت جي جرمن قبيلن هٿان فتح ٿي وڃڻ جي ڪري جرمن رياست جو وجود سندن ئي فتح ۽ ڪامرانيءَ جو نتيجو بنجي ظاهر ٿيو هو. انهن وڏن ملڪن ۽ معاشرن کي فتح ڪرڻ لاءِ نه ڪي پراڻي رومن مردم شماري سان ڪنهن وڏي ڪشمڪش ڪرڻ جي ڪا ضرورت پئي هئي ۽ نه ئي وري پورهئي جي ٿيل ورهاست کي نئين طرح سان ڪنهن وڌيڪ ورهاست ۽ منظم ڪرڻ جي ڪابه ضرورت پيش آئي هئي. ان جو نتيجو هي نڪتو هو ته معاشري جي اقتصادي پيڙهه وري به اڳي وانگر ساڳين پراڻن بنيادن تي قائم رهجي ويئي هئي. جنهن جي نتيجي ۾ نياتي آئين ڪيتريون ئي صديون هڪ ٻئي بدليل نموني ۽ روپ ۾ يعني علائقائي ڳوٺاڻي مارڪ آئين جي شڪل وٺيو هلندو رهيو هو ۽ اڳتي هلي پنهنجي دور جي پوين سالن ۾ ٻنهي آبادگار ڪٽنبن خواه اميرن ۽ اميرزادن پيٽريشن ڪٽنبن ۾ پاڻ کي هڪ ڪمزور صورت ۾ Dithmaraschen جي نالي سان جيئرو رکيو هلندو رهيو هو. پر بي وقتي طور تي منجهس جواني وارو جولان ۽ جهڪيون به نظر اينديون هيون.
انڪري هن امر جو فيصلو ٿي وڃي ٿو ته رياست ڪنهن اهڙي خارجي طاقت جو نالو نه آهي جيڪا معاشري کان ٻاهران درآمد ٿي اچي پاڻ کي مٿس مسلط نامزد ڪري ٿي ۽ نه وري اها جڳ مشهور جرمن مفڪر ۽ فيلسوف هيگل (1770 کان 1831ع) جي لفظن واري ”اخلاقي نظريه حقيقت ۽ نه وري ٻين لفظن ۾ ادا ڪيل محاوري ۾ ”اداري جي حقيقت ۽ روپ ئي هوندي آهي. پر حقيقت ۾ رياست جو ادارو ڪنهن معاشري جي ارتقا ڪندي ڪندي ڪنهن مخصوص درجي تي پهچڻ جو نتيجو ۽ پيداوار هوندو آهي. رياست جو هن حقيقت جو پڻ اقرار هوندو آهي ته اهو معاشرو خود پنهنجي ”هڪ نه سلجهائي سگهڻ جهڙي تضاد جي ڄار ۾ ڦاسي پيو آهي ۽ ان سان گڏ هن ٻي حقيقت جو به هڪ بيباڪ ۽ کليل اقرار هوندو آهي ته اهڙي معاشري پنهنجي وجود جي اندران اهڙين باهمي دشمنين کي جنم ڏنو آهي، جن جي خاتمي جو ڪوبه امڪان موجود نظر نه ٿو اچي ۽ جن کي ختم ڪري سگهڻ. جي منجهس ڪابه طاقت ۽ اهليت موجود نه آهي، پر انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ته متان اهي معاشري ۾ پيدا ٿيل دشمنيون ۽ سماجي طبقات جن جا اقتصادي مفاد پاڻ ۾ ٽڪرائيندا هجن.
اهي ٻئي طاقتون ڪٿي هڪ بي مقصد ڪشمڪش ۽ جدوجهد ڪندي ڪندي خود پنهنجي وجود بلڪ خود پنهنجي سموري معاشري کي ختم نه ڪري ڇڏين. اهڙي غير يقيني ۽ هنگامي دور ۾ معاشري کي اهڙي طاقت جي پيدا ڪرڻ جي شديد ضرورت پوندي آهي، جيڪا: (1) معاشري جي پهچ کان مٿي بيٺل به هجي ۽ (2) اها طاقت هڪ طرف انهن پيدا ٿيل تڪرارن کي ختم ڪري ڇڏي ۽ ٻئي طرف کين پنهنجي انتظام، اختيار ۽ اقتدار جي ماتحت به رکي سگهي ۽ (3) اها طاقت خود معاشري جي وجود کان مٿاهون به رکي سگهي ۽ (4) آخر ۾ معاشري ۾ موجود رهندي به پاڻ کي کانئس دور به رکي سگهندي هجي. اها طاقت آهي رياست جوادارو.
رياست جو ادارو هن امر ۾ به پراڻي نياتي نظام کان مختلف هوندو آهي ته، 1- اها رعيت جي نيات ۽ قبيلي وار نه، پر علائقي وار ورهاست ڪندي آهي. اسين پڙهي آيا آهيون ته نياتن جي بنيادن تي ٻڌل ۽ ان جي ٻنڌڻن ۾ سوگهيون ٿيل پراڻيون نياتون ملڪي ڪاروبار هلائڻ لاءِ بلڪل ناڪافي ثابت ٿيون هيون. ان جو مکيه ڪارڻ هي هوندو هو ته انهن نياتن اڳ ۾ ئي قياس ڪري ڇڏيو هو ته سندس نيات ڀائي محض مخصوص علائقن جي سرزمين سان چهٽيل هوندا آهن. (پر سندس وفاداريون نيات سان هونديون آهن) پر سندن اهو قياسي تعلق ته ڪيتروئي وقت اڳ ۾ ختم ٿي چڪو هو. علائقو ته برابر ساڳيو موجود رهندو آهي، پر ان ۾ رهندڙ انسان ڄمندا مرندا، ايندا ويندا ۽ بدلبا رهندا آهن. ان ڪري انهيءَ علائقي وار رياست کي نيات مان نڪري هاڻي وڃڻ جو نقطو تصور ڪيو ويو هو ۽ شهرين کي خواهه اهي ڪهڙي به نيات ۽ قبيلي مان ڇو نه هئا. هي اجازت به ڏئي ويل هوندي هئي ته اهي جتي به وڃي سڪونت اختيار ڪن يا آباد ٿين، تڏهن به اهي اتي به پنهنجا قديم نياتي حق ۽ فرض بجا آڻيندا رهن.
شهرين کي سندن مقامي علائقن موجب منظم ڪرڻ، سمورن قسم جي رياستن جو هڪ عام ڪردار هوندو آهي. انڪري اسان کي اهو امر فطري به نظر اچي ٿو، پر اسان اٿينس ۽ روم جي مثالن ۾ ڏٺو آهي ته رياست جي اداري کي، پراڻن نياتن وارن نظامن کي ختم ڪري، سندن جاين ڀرڻ لاءِ ڪيڏي نه وڏي مشڪل ۽ ڊگهي جدوجهد جي ضرورت بڻجي ويئي هئي.
(2) ته رياست جي ادارن جو ٻيو نمبر امتيازي ڪردار هي به هوندو آهي ته جيڪا عوام جي طرفان پاڻ کي هڪ مسلح فوج جي صورت ۾ آڻيندي آهي. جيڪا عوام جي طرفان پاڻ ي هڪ مسلح فوج جي صورت ۾ منظم ڪرڻ سان سڌي سنئين طرح مطابقت نه رکندي آهي. انهيءَ خاص قسم جي عوامي طاقت کي پيدا ڪرڻ جي ضرورت هن ڪري به پيدا ٿيندي آهي ته، ڪنهن معاشري جي مختلف طبقن ۾ ورهائجي وڃڻ کان پوءِ، هڪ پاڻ مرادو عمل ڪندڙ عوامي هٿيار بند جماعت جو پيدا ٿي پوڻ هڪ ناممڪن امر بنجي پوندو آهي ۽ انهيءَ عوام ۾ ٻانها به شامل هوندا آهن. خود اٿينس جي رياست ۾ 3 لک 80 هزار ٻانهن جي مقابلي ۾ فقط 90 هزار يوناني شهرين کي حق ۽ مراعات حاصل هونديون هيون. اٿينس جي جمهوري رياست ۾ ٻانهن کي قبضي هيٺ رکڻ ۽ سندن خلاف اقدام ڪري سگهڻ لاءِ عوامي فوج واري طاقت هر وقت موجود ۽ تيار حالت ۾ رهندي هئي. انهيءَ جمهوريت واري دور جي فوج ۾ فقط امير طبقي جي شهرين کي ڀرتي ڪيو ويندو هو. وري خود اٿينس جي شهرين کي قبضي هيٺ رکڻ لاءِ هڪ ٻيو جدا سپاهين جو عملو مقرر ڪيل هوندو هو.
اهڙي قسم جي عوامي طاقت هر رياست ۾ موجود رهندي آهي. انهي طاقت ۾نه فقط مسلح سپاهي موجود هوندا آهن، بلڪ ٻيو به ڪيتروئي مال مواد شامل ڪيل هوندو آهي. مثلن ڪورٽون، پوليس، جيل خانا، ڪورٽون ۽ عوام کي مجبور ۽ بي وس حالت ۾ رکڻ خاطر ٻيا به ڪيترا ئي اهڙا ادارا موجود هوندا آهن، جن جي نياتي معاشري کي ڪابه خبر ۽ ضرورت نه هوندي آهي. اهي ادارا ڪيترو به غير اهم قسم جا ڇو نه هجن،خاص طور تي اهڙن معاشرن ۾ جن ۾ طبقاتي دشمنيون اڃان پوري ريت وڌي وڻ نه ٿيون هجن، پر جيڪڏهن وڌيون به هجن تڏهن به اهڙن پرانهن علائقن ۾ موجود هجن جهڙيءَ ريت ڪنهن زماني ۾ آمريڪا جي متحده رياستن ۾ ڪن ٻين ملڪن ۾ موجود هونديون هيون. يا اڄ به موجود آهن. ڪنهن به رياست ۾ اهي طبقاتي دشمنيون جيتري قدر سخت ٿينديون وينديون آهن، اوتري ئي قدر سندس عوامي طاقتن مثلن فوج، پوليس، ڪورٽن، جيل خانن وغيره کي به وڌائڻو پئجي ويندو آهي.
ساڳيءَ طرح جڏهن پاڙيسري ملڪن جي علائقن، ايراضين ۽ مردم شماري ۾ واڌ ايندي ويندي آهي ته جيلخانن جي تعداد ۾ اضافو ڪرڻو پئجي ويندو آهي. اسان کي فقط يورپي ملڪن جي موجوده صورتحال تي نظر ڊوڙائڻ سان ئي ان جو پتو پئجي سگهي ٿو ته انهن ملڪن ۾ داخلي طبقاتي جنگ ۽ ڌارين ملڪن کي فتح ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ چٽاڀيٽي ڪرڻ، انهن رياستن جي عوامي طاقتن کي وڌائي وڌائي هڪ اهڙي حد تي آڻي بيهاري ڇڏيو جو خود سمورن يورپي معاشرن ۽ سندن رياستن جي ادارن جي ختم ٿي وڃڻ جو انديشو ۽ خطرو پيدا ٿي پيو آهي.
انهيءَ عوامي طاقت کي موجود باعمل ۽ برقرار رکڻ خاطر، رياست جي اداري کي پنهنجن شهرين کان امداد وٺڻي پئجي ويندي آهي. يعني کانئن ٽيڪسون وٺڻيون پون ٿيون.اهڙين ٽيڪسن وٺڻ جي نياتي معاشري کي ڪابه خبر نه هوندي آهي. پر موجوده وقت يعني رياستي نظام ۾، هر شخص کي سڌ آهي ته معاشري ۾ تهذيب جي واڌاري سان خود اهي ٽيڪسون به ناڪافي ٿي پون ٿيون، انڪري رياست آئنده لاءِ ٻيا به ڪيترا بندوبست ڪري ٿي. مثلن ڌارين پرڏيهي دوست رياستن کان قرض ۽ امداد حاصل ڪري ٿي. خود پنهنجي عوام کان به قرض ورتا وڃن ٿا. اهڙن قرضن جي وٺڻ ۽ ڏيڻ جو ذڪر مذڪور هڪ عام رواجي ڳالهه جيان هڪ کليل راز هوندو آهي.
عوامي طاقت کي وجود ۾ آڻن ۽ ٽيڪسون مڙهڻ واري حق کي حاصل ڪرڻ بعد رياست جو آفسير طبقو يعني معاشري جا عوامي ڪارندا ۽ عملدار پاڻ کي معاشري جي ٻئي عوام کان مٿڀرو ڀائين ٿا.اها آزاد ۽ رضاڪارانه عزت ۽ احترام جيڪو نياتي عهديدارن (مکين ۽ وڏيرن) کي ملندو آهي، کين راضي رکڻ لاءِ ناڪافي ٿي پوندو آهي. پر جيڪڏهن هو ان کي حاصل به ڇو نه ڪري وڃن ته به اهي عملدار ۽ حاڪم هڪ اهڙي طاقت جا پرزا هوندا آهن، جيڪا معاشري کان بلڪل جدا هڪ ڌاري، اجنبي ۽ غير شيءِ هوندي آهي. ان ڪري هر رياست کي پنهنجن ڪارندن ۽ عملدارن جي لاءِ رعايا جي دلين ۾ احترام پيدا ڪرڻ خاطر غير معمولي قسم جا قانون مدون ڪرڻا پئجي ويندا آهن ته، جيئن سندس اهي عملدار انهن قانونن جي موجودگيءَ ۾ خاص قسم جو نه اورانگهي سگهڻ جهڙو تقدس ماڻي سگهن.
انهيءَ ڪوڙي، مصنوعي ۽ جعلي تقدس جي ڪري ئي هڪ مهذب رياست جو گندي ۾ گندي ۽ ڪميڻي ۾ ڪميڻو پوليس وارو به نياتي معاشري جي سمورن بااختيار عهديدارن جي مقابلي ۾ کانئن وڌيڪ با اختيار هوندو آهي. پر جيڪا دلي عزت ۽ احترام گهٽ ۾ گهٽ درجي جو نياتي مکي ۽ معمولي ۾ معمولي قبائلي سردار ماڻي ٿو، ان جي حصول لاءِ تهذيب جي پيدا ڪيل رياست جا وڏي ۾ وڏا شهزادا، نواب، جرنيل، گورنر، جج ۽ سياستدان عمر ڀر سڪندا رهن ٿا. ان جو مکيه ڪارڻ هي هوندو آهي ته انهن ٻنهي ڄڻن مان هڪڙو شخص (نياتي مکي وڏيرو يا قبائلي سردار) پنهنجي معاشري ۾ اندر رهي ان جي سماجي درجي ۽ حالتن جي مطابقت ۾ حياتي گذاري ٿو ۽ ٻيو شخص يعني رياستي عملدار انهيءَ معاشري کان پرڀرو ۽ مٿي رهي ان جي عيوضي بنجڻ جي بي سود ۽ لاحاصل ڪوشش ڪري ٿو.
رياست جي اداري کي پيدا ڪرڻ جي ضرورت طبقاتي دشمنين کي روڪڻ لاءِ پيدا ٿي هئي ۽ رياست جو ادارو ان وقت پيدا ٿيو جڏهن معاشري جي مختلف طبقن جي وچ ۾ سماجي ۽ سياسي ڪشمڪش وڌي زور شور سان جاري ٿي ويئي هئي. ان ڪري عام قاعدي پٽاندر انهيءَ رياست کي به ڦري انهيءَ طبقي جي رياست بنجڻو پئجي وڃي ٿو. جيڪو طبقو ٻين باقي سمورن طبقن کان وڌيڪ طاقتور هوندو آهي ۽ اهوئي طبقو اقتصادي طور تي به معاشري جو بالادست طبقو بنجي پوندو آهي. انهيءَ اقتصادي بالادستي ۽ اقتدار جي ڪري رياست جو ادارو به مظلوم طبقن کي ڦرڻ لٽڻ ۽ کين قبضي هيٺ رکڻ خاطر انهيءَ بالادست طبقي جي هٿن ۾ هڪ نئون ڪارگر هٿيار بنجي پوندو آهي. اهوئي سبب هوندو آهي ته قديم زماني ۾ ٻانهن کي قبضي هيٺ رکڻ لاءِ رياست جي اداري کي به ٻانهن جي مالڪن جي رياست بنجڻو پئجي ويو هو.
ساڳيءَ طرح آبادگارن، زمين سان چهٽيل ڪڙمين ۽ ٻانهن کي قبضي هيٺ رکڻ خاطر رياست جي اداري کي به جاگيردارن جي رياست بنجڻو پيو هو. موجوده جديد دور ۾ سورمائي وسيلي اجرتن تي پورهيو ڪندڙ پرولتاري طبقي جي لوٽ کسوٽ ڪرڻ لاءِ به رياست جي اداري کي سرمائيدارن جي رياست بنجڻو پيو آهي. تاريخ جي وهڪري ۾ اتفاقي طور تي ڪڏهن ڪڏهن اهڙا به دور اچي وڃن ٿا جو ڪشمڪش ڪرڻ ۾ مشغول طبقن جي وچ ۾ طاقت جو توازن لڳ ڀڳ هڪ ڪرو ٿي پوندو آهي. اهڙي صورتحال ۽ رياست جي اداري کي به ٿوري وقت لاءِ ٻنهي طبقن کان پري رهي هڪ غيرجانبدار ۽ آزاد مصنف جو ڪردار ادا ڪرڻو پئجي ويندو آهي.
سترهين ۽ ارڙهين صدين عيسويءَ ۾ ڪن يورپي ملڪن جي مطلق العنان بادشاهن جي نظام کي به، ٻهراڙين ۽ شهري طبقن جي وچ ۾ مساوات کي قائم رکڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پئجي ويون هيون. اهڙي قسم جو واضح مثال فرانس ۽ بونا پارٽ اول ۽ بعد ۾ بونا پارٽ خاندان جي بادشاهت وارن دورن ۾ پيدا ٿيو هو. جيڪو نظام پاڻ کي بچائڻ خاطر ڪڏهن شهري پرولتاري کي بورزوا طبقي جي خلاف ته ڪڏهن وري بورزوا طبقي کي پرولتاري طبقي جي خلاف ڀڙڪائيندو رهندو هو.
اسان کي اهڙو مسخريءَ جهڙو نظارو جرمنيءَ ۾ شهزادي بسمارڪ واري حڪومت ڏيکاريو هو. جنهن ۾ ٻئي رعايا توڙي حاڪم بيوقوفي جا ڪارناما ڪندا رهيا هئا.انهيءَ حڪومت هيٺ ٻئي سرمائيدار توڙي پرولتاري طبقا پنهنجي پنهنجي طاقت ۾ گهڻو ڪري هڪ جهڙا هوندا هئا. پروشيا جي اقتدار تي قابض پراڻو غريب ٿي ويل جاگيردار طبقو انهن ٻنهي طبقن کي بيوقوف بنائندو رهيو.
تاريخي طور تي ڪيترين ئي معروف قديم رياستن ۾، شهرين جي حقن کي سندن دولت ۽ ملڪيتن جي انداز آهر مقرر ڪيو ويندو هو. انهيءَ امر مان هن حقيقت جو واضح اظهار ٿئي ٿو ته رياست اهو ادارو ۽ نظام هوندو آهي، جنهن ۾ ذاتي ملڪيتن جي مالڪن جي طبقي کي، انهن طبقن جن وٽ ڪابه ذاتي ملڪيت نه هوندي آهي، جي برخلاف بچاءَ ڏيندو آهن. اٿينس ۽ روم جي رياستن ۾ پڻ اها ساڳي صورتحال موجود هوندي هئي. ڇو ته منجهن سماجي ۽ سياسي حقن جا بنياد ذاتي ملڪيتن جي مالڪن جي حيثيتن کي نظرن ۾ رکندي مقرر ڪيا ويندا هئا.
ساڳئي قسم جي صورتحال ازمنه وسطيٰ جي جاگيردارانه رياستن واري دور ۾ به موجود هوندي هئي، انهن رياستن ۾ سياسي اقتدار جي حاصل ڪرڻ جو معيار جاگيردار جي جاگيري ايراضي ۽ پيدائش مطابق مقرر ڪيل هوندو هو. موجوده جديد دور جي چونڊيل عيوضين وارين رياستن ۾ ووٽ ڏيڻ ۽ اسيمبليءَ جي رڪنيت لاءِ اميدوار بيهي سگهڻ لاءِ پڻ ساڳين قسمن جي اصولن کي نظرن ۾ رکيو وڃي ٿو. پر سياسي طور تي فقط ذاتي ملڪيتن جي بنيادن تي امتياز ڪرڻ جو عمل خود ڏيکاري ۽ ثابت ڪري ٿو ته خود مثال واري رياست ترقي جي هيٺاهين درجي تي پهتل آهي.
يورپي معاشري جي موجوده جديد دور ۾ رياست جو بهترين نمونو يعني جمهوري رعيتي راڄ جيڪو موجوده سياسي حالتن ۾ هڪ اڻ ٽر ضرورت بنجي پيو آهي، رياست جي اداري جو هڪ اهڙو نمونو هوندو آهي، جنهن ۾ في فقط،بورزوا ۽ پرولتاري طبقن جي وچ ۾ آخري محاذ تي هڪ فيصله ڪن معرڪو ضرور وڙهڻو پوندو. انهيءَ قسم جي جمهوري رعيتي راڄ ۾ سرڪاري طور تي ڪنهن به ذاتي ملڪيت جي موجود يا نه موجود هجڻ جو امتياز نه ڪيو ويندو آهي. انهيءَ نموني جي رياست ۾ دولت ۽ ذاتي ملڪيت پنهنجي طاقت ۽ اقتدار جو مظاهرو اڻ سڌو پر يقيني نموني ۾ ڪندي آهي. انهيءَ نموني جي رياست ۾ هڪ طرف دولت وسيلي سياست اقتدار کي سنئون سڌو ”رشوتون ڏيڻ“ وسيلي خريد ڪيو ويندو آهي. جنهن جو ڪلاسيڪي مثال متحده رياستونآمريڪا آهي ۽ ٻئي طرف سرڪاري يعني رياست ۽ وڏين واپاري اسٽاڪ ايڪسچينجن جي وچ ۾معاهدا ڪيا ويا آهن. جن جي وسيلي سرڪار کان وڏيون رقمون قرض طور ورتيون وينديون آهن ۽ ڪيتريون ئي جانئٽ اسٽاڪ ڪمپنيون نه رڳو ملڪي آمدرفت ۽ مواصلاتي نظام تي قبضو ڪري وڃن ٿيون، پر اهي خود ساڳئي اسٽاڪ ايڪسچينج واري اداري کي هڪ مرڪز طور استعمال ڪندي سموري ملڪي پيداوار تي قابض ٿي وينديون آهن. انهي نموني جي رعيتي راڄن جا فرينچ ريپبلڪ ۽ متحده رياستون آمريڪا بهترين مثال آهن. انهي ميدان ۾ سئٽزرلينڊجي رياست پڻ کانئن پوئتي پيل نه آهي.
جرمن ۽ برطانيا سلطنتن جي رياستن جي مثالن ۾ وري هيءَ حقيقت موجود ۽ ظاهر هوندي آهي ته سرڪار ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج جي وچ ۾ معاهدن ڪرڻ لاءِ ڪنهن جمهوري راڄ جي نظام جي موجودگي ڪو لازمي شرط نه هوندو آهي. يعني جتي ڪوبه شخص اها ڳالهه ڪري نه ٿو سگهي ته، فلاڻو ڪي فلاڻو شخص اقتدار جي انهيءَ اعليٰ ترين منزل تي عوام جي ووٽن حاصل ڪرڻ وسيلي پهچي سگهيو آهي. مثلن پرسن بسمارڪ يا بليڪ روڊر، جيستائين مظلوم طبقو يعني اسان پرولتاري طبقو پاڻ کي آزاد ڪرائڻ خاطر تيار ۽ منظم ٿي نه سگهيو آهي ۽ انهيءَ طبقي جي غالب ترين اڪثريت ائين سمجهندي ايندي ته معاشري جو موجوده رائج نظام ئي فقط هڪڙو ئي واحد ممڪن نظام آهي ۽ کاٻيءَ ڌر وارا به پاڻ کي هميشه سرمائيدار طبقي جا حاشيه بردار بنايو ايندا، ايستائين دولت ۽ ذاتي ملڪيتن تي قابض طبقو خود عوام جي ئي ووٽن وسيلي مٿن سنئون سڌو حڪومت ڪري سگهي ٿو پر جڏهن اهو مظلوم طبقو پاڻ کي سرمائيدارن جي نظام ۽ نظريه کان نجات ڏيارڻ خاطر سچ پچ اهڙو ته تيار ٿي ويندو هو، جو هو پاڻ کي هڪ منظم پارٽي طور منظم ڪري سگهي، تڏهن ئي اهو طبقو سرمائيدادرن کي ووٽ ڏئي منتخب ڪرڻ جي بجاءِ خود پاڻ مان پنهنجا پرولتاري عيوضي چونڊي قانون ساز ادارن ۾ موڪلي سگهندو.
ان ڪري چئبو ته، ملڪ جي سموري عوام کي ووٽ ڏيڻ جي حق جو ملڻ خود پرولتاري طبقي جي سياسي ۽ سماجي بلوغت کي ثابت ڪرڻ لاءِ هڪ پيمانو يا ٿرماميٽر هوندو آهي. موجوده دور واري رياستي نظام ۾ اهوئي ۽ ايتري قدر ئي بنجي پوڻ ڪافي هوندو آهي. پر انهيءَ ڏينهن تي جڏهن پرولتاري طبقي جي حالت ۾، سموري ملڪ جي عوام جي ووٽ ڏئي سگهڻ جو حق انهيءَ ٿرماميٽر جي پاري جي مٿي چڙهي وڃڻ وارو درجو ڏيکاريندو، تڏهن ئي ٻنهي سرمائيدارن توڙي پرولتاري طبقن کي پاڻ مرادو خبر پئجي ويندي ته ٻنهي ڌرين کي وڌيڪ ڇا ڇا ڪرڻ گهرجي؟
مٿين دليلن کي نظرن ۾ رکي دعويٰ سان چئي سگهجي ٿو ته رياست جو ادارو هرگز ڪو اهڙو فطري يا قدرتي ادارو نه هوندو آهي، جيڪو ازل کان وٺي وجود ۾ رهيو هجي. دنيا ۾ اهڙا معاشرا به موجود هئا جيڪي ڪنهن به رياست جي اداري جي موجودگيءَ کان سواءِ هلندا هئا ۽ کين ڪنهن به رياست جي وجود ۽ سندس طاقت جي ڪابه خبر نه هوندي هجي. اقتصادي طور تي ارتقا ڪندي ڪندي معاشري ۾ هڪ اهڙو به دور آيو هو جنهن جو واسطو معاشري جي طبقن ۾ ورهائجي وڃڻ واري عمل جي ڪري ئي رياست جي اداري جي موجودگي وٽن هڪ اشد سماجي ۽ سياسي ضرورت پئجي ويئي هئي.
هينئر اسين وري تيزيءَ سان پيداوار جي انهيءَ درجي تي پهچي رهيا آهيون جتي انهن غير فطري طبقن جي موجودگي جي ڪابه ضرورت باقي نه رهندي، بلڪ طبقن جي معاشري ۾ موجودگي خود معاشري جي اقتصادي پيداوار ۾ هڪ مثبت رنڊڪ بنجي پوندي. اهي طبقا جهڙيءَ ريت شروعاتي دور ۾ پيدا ٿي پيا هئا. ساڳيءَ ريت ختم به ٿي ويندا. يعني جن عوامل ۽ اسبابن کي جنم ڏنو هو، انهن جي ختم ٿي وڃڻ سان اهي طبقا پڻ خودبخود ختم ٿي ويندا. رياستي وجود جي خاتمي کان پوءِ ئي خود معاشرو پاڻ پيداوار کي هڪ آزاد اداري جي صورت ۾ ڏيندو ۽ پيداوار ڪندڙن جي جماعتن کي مساوات جي نون بنيادن تي منظم ڪري، رياست جي جمهوري ڪارخاني کي انهيءَ جاءِ تي موٽائي آڻي بيهاري ڇڏيندو، جتي سندس اصلوڪي جاءِ هوندي هئي. يعني کيس قدامت جي عجائب خاني ۾ چرخي آڏاڻي ۽ ڪٽ مان ٺهيل ڪهاڙيءَ سان گڏائي بيهاري ڇڏيندو.
مٿي ذڪر ڪيل سموري بحث مباحثي مان اسين هن نتيجي تي پهچون ٿا ته تهذيب معاشري جي اها منزل هوندي آهي جنهن منزل تي پورهئي جي ورهاست فردن جي وچ ۾ ٿيندڙ مٽا سٽا ۽ خام مال جي پيداوار جيڪا ٻنهي عملن جي وچ ۾ رابطو پيدا ڪري ٿي ۽ ٻنهي عملن جي ماحول ۽ حالتن جو پورو پورو اظهار به ڪري ٿي ۽ موجوده دور تائين معاشري ۾ انقلابن پٺيان انقلاب آڻيندي رهي ٿي، اصل ۾ سمورن سابق دورن تائين انساني معاشري ۾ پيداوار لازمي طور تي اجتماعي قسم جي هوندي آهي. ان جي کپت ۽ استعمال پڻ وڏين يا ننڍين اشتراڪي جماعتن ۾ پيداوار جي سڌي طرح ورهاست ڪرڻ سان ئي ٿيندو هو پر اهو مشترڪ طور تي پيداوار ڪرڻ جو طريقو تمام محدود حدن اندر عمل ۾ ايندو هو. ان هوندي به پيداوار ڪندڙ شخص پاڻ پنهنجي پيداوار خواه پيدا ڪرڻ جا عمل جا آزاد مالڪ هوندا هئا. کين اها به خبر پوندي رهندي هئي ته سندن پيدا ڪيل خام مال يا شين (سامان) جو ڪهڙو حشر ٿيو هو؟
مطلب ته هو پنهنجي پيداوار جو ڦل پاڻ کائيندا هئا ۽ پيداوار سندن قبضي ۽ اختيار کان ٻاهر نه هوندي هئي. جنهن وقت تائين پيداوار کي انهن اصولن ۽ بنيادن تي پيدا ڪيو ويندو هو ته اها اهڙن پيداوار ڪندڙن جي قبضي کان ٻاهر نڪري نه سگهندي هئي ۽ سندن پيداوار مان ڪي به اهڙا عجيب ۽ اوپرا ديو به پيدا نه ٿيندا هئا جيڪي خود ساڻن (پيداوار ڪندڙ مالڪن سان) وڙهي پون. پر تهذيب جي دور ۾ داخل ٿيڻ بعد اهڙي عجب جهڙي حالت ۽ واردات پورن مقرر ڪيل وقتن لاءِ محال طور تي پيدا ٿيندي رهندي هئي.
پر پيداوار جي انهيءَ عمل ۾ پورهئي جي ورهاست واري ماجرا ماٺ ميٺ ۾ آهستي آهستي معاشري اندر گهڙي آئي هئي. جنهن ايندي ئي شرط پيدوار ۽ ان جي استعمال ڪرڻ جي اشتراڪي نوعيت ۽ فطرت کي ڀڃڻ ڊاهڻ شروع ڪري ڏنو هو. انهيءَ عمل هينئر پيداوار جي فرد جي هٿان استعمال ڪرڻ جي عمل کي هڪ عام قاعدو بنائي ڇڏيو هو. جنهن منجهان آخرڪار فردن جي وچ ۾ سنئين سڌي مٽا سٽا ڪرڻ جو رواج پئجي ويو هو. اهو رواج ڪيئن پيو هو؟ ان جو تفصيلي ذڪر اسين ڪري آيا آهيون، هينئر پنهنجي صورتن کان وڌيڪ پيداوار ڪرڻ جو رواج پڻ درجه بدرجه زور وٺندو عام ٿيندو ويو هو.
خام مال جي پيداوار هينئر پنهنجن ضرورتن جي پوري ڪرڻ لاءِ نه پر مٽا سٽا ڪرڻ لاءِ شروع ٿي چڪي هئي. انڪري پيداوار هڪڙي فرد جي هٿن مان نڪري ٻئي فرد جي هٿن ۾ پهچڻ لڳي هئي. اهڙي قسم جي مٽا سٽا ڪرڻ دوران پيداوار خود پيدا ڪندڙ شخص جي هٿن مان نڪري پر ڪري اڏامي وڃي ٿي ۽ کيس اها خبر به نه ٿي رهي ته سندس پيداوار ڪهڙي شخص وٽ وڃي پهتي آهي؟ ۽ ڪٿي وڃي پهتي آهي؟ وري جڏهن سڪو ۽ ان سان گڏ تاجر طبقو ٻن پيداوار ڪندڙن جي وچ ۾ هڪ ٽين ڌر بنجي پوي ٿو ته پيداوار جي مٽا سٽا ڪرڻ جو عمل پاڻ وڌيڪ منجهائيندڙ بنجي پوي ٿو. واپاري ۽ تاجر ايترا ته گهڻا ٿي پون ٿا جو ڪنهن واپاريءَ کي اها به خبر پئجي نه ٿي سگهي ته ٻيو واپاري انهيءَ پيداوار جو ڪهڙو استعمال ڪري رهيو آهي؟ خام مال نه فقط هڪڙي فرد جي هٿن مان نڪري ٻئي فرد جي هٿن ۾ پهچي ٿو، بلڪ هڪ ملڪ جي منڊي مان نڪري ٻئي ملڪ جي منڊي ۾ پهچي ٿو.
نتيجي ۾ سموري ملڪ جي مجموعي پيداوار تي سمورن پيداوار ڪندڙن جو ڪوبه قبضو نه ٿو رهي ۽ نه وري کين سندن پيداوار جي حياتيءَ جي عرصي جي ڪا خبر پئجي سگهي ٿي ۽ نه وري خود واپارين ۽ تاجرن جو به ان تي ڪو قبضو رهي ٿو. مطلب ته ٻئي پيداوار ۽ پيداوار وسيلي حاصل ڪيل سڻيون موقعي Chance جي هٿن ۾ رانديڪا بنجي پون ٿيون.
پر موقعو وري خود باهمي رابطي جي لٺ جو هڪڙو مٿو هوندو آهي ۽ ان جو ٻيو مٿو هوندو آهي،ضرورت اسين خود فطرت ۾ به موقعي کي حڪمراني ڪندي ڏسون ٿا. ان ڪري اسين انهيءَ امر کي هڪ ڄاتل سڃاتل ميدان ۾ عمل ڪندي ڏسون ٿا ۽ محسوس به ڪريون ٿا، خود موقعي جي وجود جي اندر يعني فلسفي جي زبان ۾ ته موقعي جي وجود ۾ في نفسه ٻنهي ضرورت ۽ وقت وارو سلسلو ۽ ربط خودبخود هميشه ڪارفرما رهن ٿا. اهو اصل لڪيل آهي ته هر اهو امر جيڪو فطرت جي حالت ۾ صحيح هوندو آهي، اهو ساڳيو امر معاشري جي حالت ۾ صحيح هوندو آهي.
انساني شعور کي ضابطي هيٺ رکڻ خاطر جيتري قدر به ڪو سماجي عمل هڪ سلسلي جي طور تي طاقتور ٿيندو ويندو اوتري ئي قدر اهو عمل انساني پهچ ۽ وس کان ٻاهر نڪرندو ويندو ۽ جيتري قدر به اهو عمل ڄاتل سڃاتل قانون پڻ ڄڻ ته ڪنهن هڪ وڏي في نفسيه فطري ضرورت هيٺ پاڻ کي اثرانداز ڪندا ويندا آهن، ۽ انهن ساڳين قانوني پيداوار جي موقعن جي پيدا ٿيڻ ۽ خام مال جي مٽا سٽا ڪرڻ جي عمل تي پڻ اثرانداز ٿين ٿا. وري اڳتي هلي اهي ساڳيا قانون انفرادي طور تي ٻنهي پيداوار ڪندڙن ۽ مٽا سٽا ڪندڙن جي وچ ۾، جيڪي هن کان اڳ ۾ هڪ ٻئي جا واقف ڪار به نه هوندا آهن ۽ جن جي فطرت کي شروعات ۾ سڃاڻڻو ۽ سمجهڻو پوندو آهي ۽ جن جي تحقيق ۽ کوجنا به ڪئي ويندي آهي، جي وچ ۾ هڪڙي قانون کي آڻي ٻئي قانون جي منهن مقابلي ڪري بيهاري ڇڏين ٿا. انهن اقتصادي قانونن تحت خام مال جي پيدا ڪرڻ لاءِ پيداوار جي مختلف درجن تي، انهيءَ خام مال جي نموني جي مطابقت ۾ منجهن ترميمون به ڪرڻيون پئجي وينديون آهن. انڪري مجموعي طور تي تهذيب وارو سمورو عرصو به انهن ساڳين ئي قانونن جي ماتحت ۾ رهي ٿو. جديد دور ۾ پيداوار خود پيداوار ڪندڙ فرد جي ايتري قدر ته مالڪ بنجي چڪي آهي، جو معاشري جي سموري پيداوار اڄ ڏينهن سوڌو به ڪنهن مجموعي طور تي رٿيل منصوبي تحت هرگز نه پر انهن انڌن قانونن جيڪي وقت بوقت تجارتي بحرانن جي طوفانن دوران اڀرن ٿا، جي تحت باقي رهجي ويل هڪ وسيلي طور انهن عناصري قوتن سان گڏجي عمل ڪري ٿي.
مٿين سموري ذڪر ڪيل بيان ۽ استدلال مان هيءَ حقيقت معلوم ڪري سگهيا آهيون ته پيداوار جي اوائلي دور ۾ انساني پورهيو، پيداوار ڪندڙن جي زندگين جي بقا جي ضرورتن کان زائد پيداوار کي پيداڪري سگهيو هو ۽ ڪيئن نه انهيءَ منزل تي پهچي ٻنهي پورهئي جي ابتدائي دور ۾، پورهئي جي ورهاست جي عمل ۾ ايندي ئي ۽ فردن جي وچ ۾ مٽا سٽا ڪرڻ واري رواج ۾ ربط ۽ مطابقت پيدا ڪري سگهيو هو؟ انهيءَ ”عظيم حقيقت“ جي دريافت ته خود انسان به هڪ خام مال آهي کي ٿوروئي اڳ ۾ لڌو ويو هو ۽ ان ڪري ئي ان کان اڳ ۾ جو انسان خام مال جي مٽا سٽا ڪرڻ جو عمل شروع ڪري هڪ آزاد انسان کي ڦيرائي هڪ ٻانهي جو درجو ڏنو ويو هو. مطلب ته انهيءَ دور ۾ گهڙندي ئي عامل پاڻ معمول بنجي چڪو هو، خواهه اها سندس منشا هئي يا نه!؟
ٻانهپ جو رواج انساني تهذيب جي مڪمل بلوغت جو ثبوت هوندو آهي. انهيءَ دور ۾ پهچندي ئي انساني معاشري پاڻ کي ٻن مکيه سماجي گروهن يا طبقن ۾ ورهائي به ڇڏيو هو. يعني هڪڙو ڦورو ۽ ٻيو ڦريل طبقو! اها سماجي ورهاست تهذيب جي سموري دور ۾ قائم رهندي آئي هئي. ٻانهپ وارو آئين ۽ ادارو هڪ انسان جي هٿان ٻئي انسان جي استحصال ڪرڻ جو پهريون ۽ بنيادي نمونو هو، جيڪو دنيا جي پراڻي ۾ پراڻو آئين هو. جنهن ساڳئي آئين اڳتي هلي ازمنه وسطيٰ ۾ زمين سان لاڳاپيل ڪڙميءَ جو روپ اختيار ڪيو هو ۽ وري ان کان ٿورو اڳڀرو هلندي موجوده جديد دور ۾ اجرت تي پورهيو ڪندڙ مزدور (پرولتاري) جي صورت اختيار ڪئي اٿس. ٻانهپ جي اداري ۽ آئين جا ٽي مکيه نمونا آهن، جيڪي تهذيب جي ٽن مکيه دورن جا اهم ترين ڪردار پيش ڪن ٿا:
1- ظاهر ظهور ٻانهپ جو آئين ۽ ٻيا پردي ۾ لڪل ۽ ڍڪيل ٻانهپ جا آئين جيڪي اڄ به انساني معاشري ۾ پاڻ ۾ گڏيا هٿن ۾ هٿ ملايو گهرن دوستن جيان هلي رهيا آهن. تهذيب جي هر دور ۾ ڪٽنب جو نمونو جنهن آخرڪار ارتقا ڪندي ڪندي اچي موجوده دور واري ”هڪ مڙس هڪ زال“ وارو نمونو اختيار ڪيو آهي، پڻ سندن مطابقت ۾ڦرندو آيو آهي. انهيءَ نموني واري ڪٽنب ۾ مرد جي عورت جي مٿان بالا هجڻ واري اصول جو اقرار ڪيل هوندو آهي. انڪري ئي هڪ انفرادي ڪٽنب کي معاشري جي بنيادي اقتصادي وحدت قرار ڏنو ويل هوندو آهي. مهذب معاشري جي طرفان عوام زمين جي مقرر ڪيل حدن يعني ملڪن ۽ علائقن ۾ ورهائڻ ۽ مقرر ڪيل اصولن تي عمل ڪرائڻ لاءِ کين مجبور ڪري سگهڻ واري هڪ طاقت کي پيدا ڪيو ويندو آهي. جنهن جو نالو آهي رياست. اها رياست پنهنجن مخصوص دورن ۾ فقط ان تي قابض طبقي جي غلام رهندي آئي آهي ۽ هر حالت ۾ مظلوم ۽ ڦريل طبقن کي ماتحت ۽ مجبور رکڻ خاطر هڪ بيجان قاتل مشين طور ڪم ڪندي رهي آهي. تهذيبن جا باقي رهيل ڪردار هي آهن:
2- ته هڪ طرف شهري ۽ ٻئي طرف ٻهراڙيءَ جي عوام ۾ فرق ۽ تفاوت جي بنيادن تي سموري سماجي پورهئي جي ورهاست کي مقرر ڪرڻ ۽ ٻئي طرف فرد کي پنهنجي ذاتي ملڪيت کي مستقل ڪري ڇڏڻ بعد به وصيت ڪرڻ وسيلي ڪنهن ٻئي شخص کي منتقل ڪري ڏئي سگهڻ جو حق تفويض ڪري ڇڏڻ اٿينس ۾ سولون واري دور تائين انهيءَ آئين ۽ اداري جي ڪنهن کي به ڪا خبر نه هوندي هئي. انهيءَ اداري جي پيدا ٿيندي ئي نياتي آئين کي هڪ ڪاپاري ڌڪ هڻي ڇڏيو هو. پر اهو ساڳيو ادارو يونان جي مقابلي ۾ روم ۾ گهڻو وقت اڳ ۾ پيدا ٿي چڪو هو. ان هوندي به اسين سندس جنم جي ڪا به صحيح تاريخ مقرر ڪري سگهڻ ۾ قاصر رهيا آهيون. پر جرمن قوم ۾ انهيءَ آئين جو رواج عيسائي پادرين جو وڌل هو، جن کي خبر هوندي هئي ته مذهبي جنون ۾ گرفتار جوشيلا مومن جرمن عيسائي پنهنجن ذاتي ملڪيتن کي وصيت ڪرڻ وسيلي ضرور بالضرور عيسائي ڪليسا جي حق ۾ وقف ڪري ڇڏيندا.
انهيءَ آئين کي پنهنجو دستور بنائيندي تهذيبن جي دورن اهي ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. جن جو قديم نياتي معاشرو ڪڏهن وهم ۽ گمان ڪري به نه ٿي سگهيو، پر انهن ڪارنامن جي سرانجامي ڪندي تهذيب انسان جي انهن جذبن ۽ شهوات کي اڀاريندي رهي آهي، جن جي سامهون قدرت جون عطا ڪيل سموريون ٻيون نعمتون، ذات ۽ انعام حقير نظر اچن ٿا. تهذيب جي جنم جي پهرين رات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اگهاڙي بي شرم لالچ سندس روح روان جذبو بنيو رهيو آهي. کيس فقط دولت جي گڏ ڪرڻ جو فڪر ۽ حرص دامنگير رهيو آهي، پر اها دولت ڪنهن جي؟ سموري معاشري جي گڏيل ۽ مشترڪ دولت؟ نه هرگز نه، تهذيب جي دور ۾ دولت جو حصول هر بي شرم ۽ بي رحم انسان جي حياتيءَ جو مقصد ۽ نصب العين بنجي پوي ٿو.
جيڪڏهن انهيءَ نصب العين کي حاصل ڪرڻ لاءِ سائنس جي وڌندڙ طاقت جي ڪري ادب ۽ فنون جي نوجوانيءَ جا ميوا سندس جهوليءَ ۾ گڏ ٿيندا رهيا آهن ته به انهيءَ جو مقصد ۽ سبب اهوئي دولت کي حاصل ڪري گڏ ڪرڻ ئي رهيو آهي. انهن جي عدم موجودگيءَ واري حالت ۾ معاشري ۾ دولت جو ڪنهن هڪ فرد جي هٿن ۾ گڏ ٿي وڃڻ جو عمل هوند ڪڏهن به ممڪن ٿي نه سگهي ها.
جيئن ته هڪڙي ننڍڙي خسيس طبقي جي هٿان ٻي عظيم اڪثريت واري طبقي جو استحصال ڪرڻ تهذيب جو بنياد بنيو رهيو آهي، ان ڪري هي سموري ڪيل ترقي هڪ متواتر تضاد جي صورت وٺيو هلندي رهي آهي. پيداوار جي عمل ۾ هر ترقي پنهنجي دور ۾ مظلوم طبقي يعني معاشري جي غالب ترين اڪثريت جي تنزل ۽ برباديءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي رهي آهي. جنهن امر جو نتيجو وري اهوئي نڪتو آهي ته هر اها ڳالهه جيڪا هڪ طبقي لاءِ رحمت هوندي آهي اها ساڳئي ڳالهه ٻئي مخالف طبقي لاءِ هڪ زحمت بنجي پوندي آهي ۽ هڪ طبقي جي آزادي ٻئي طبقي لاءِ غلامي ۽ مصيبت جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي. انهيءَ امر جو وڏي ۾ وڏو ثبوت مشنري جو رواج آهي. انهيءَ رواج جي اثرن جي نتيجن جي هر شخص کي خبر آهي. اسان کي معلوم آهي ته وحشي دور واري معاشري ۾ حقن ۽ فرضن جي وچ ۾ ڪوبه فرق، تضاد، تفاوت ۽ امتياز موجود نه هوندو هو، پر تهذيب واري دور ۾ ڪُند ۾ ڪُند شخص کي به اهو فرق ۽ امتياز ڏينهن وانگر صاف ۽ چٽو نظر اچي ٿو ته رياست جي اداري طرفان گهڻو ڪري فقط هڪڙي طبقي يعني ذاتي ملڪيت جي مالڪ طبقي کي سمورا حق تفويض ڪيل هوندا آهن ۽ ٻئي طبقي يعني ذاتي ملڪيت نه رکندڙ پرولتاري طبقي کي فقط فرض تفويض ڪيل هوندا آهن.
پر انهيءَ عمل جو فيصلو ائين نه ٿي سگهيو آهي جيئن کيس ٿيڻ گهربو هو. يعني اها ڳالهه ڪنهن به انصاف وٽان هرگز نه آهي ته جيڪا ڳالهه اقتدار تي قابض طبقي جي لاءِ احسن هوندي آهي ۽ جنهن احسن شيءِ سان اهو اقتدار تي قابض طبقو، انهيءَ رياست جي اداري جي معرفت ۽ مدد سان پاڻ کي زوري زبردستيءَ وابسته رکيو ويٺو هوندو آهي. اها ساڳي ڳالهه ٻين باقي سمورن طبقن لاءِ احسن نه هجڻ گهرجي، اهوئي سبب هوندو آهي ته تهذيب جيتري قدر به ترقي ڪري ٿي، اوتري ئي قدر اهو اقتدار تي قابض طبقو پاڻ واري پيداڪيل خرافات ۽ ناانصافين تي پرده پوشي ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي مٿن ”انساني محبت جي پاڪ نالي جي خلاف“ چاڙهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو يا ته مورڳو انهن خرافات ۽ ناانصافين جي وجود کان ئي انڪار ڪري ڇڏي ٿو.
مطلب ته، اهو طبقو پنهنجي دستوري ۽ روايتي منافقي واري طرز عمل کان ڪم وٺندو رهي ٿو. سندس اهو منافقانه عمل معاشري جي قديم نمونن يا خود تهذيب جي اوائلي دورن ۾ ڪڏهن به موجود نه هوندو هو. پر تهذيب جا پيدا ڪيل منافقين حضرات هر وقت ۽ هر قدم تي هي اعلان ڪندا رهندا آهن ته: ”هي اسان جو نيڪ بخت استحصال ڪندڙ ڦورو ۽ کائو اقليتي طبقو، مظلوم ۽ ڪمائو اڪثريتي طبقي کي فقط سندس ئي ڀلائيءَ خاطر ڦري رهيو آهي. پر جيڪڏهن ناشڪر ڪمائو اڪثريتي طبقي کي، سندن انهيءَ نيڪي ۽چڱائي ڪرڻ جو تر جيترو به احساس نه آهي ۽ ان هوندي به موجوده مهذب معاشري کان بغاوت ڪري ٿو ته اهو طبقو انهيءَ بغاوت ڪرڻ وسيلي پنهنجي نيچ ۽ ڪميڻي ذهنيت ۽ پنهنجي محسن يعني ڦورو ۽ کائو اقليتي طبقي جي خلاف ناشڪريءَ جو اظهار ڪري ٿو.“
آخر ۾ اچو ته ڏسون ته، اسان وارو دوست عالم مارگن تهذيب بابت پنهنجو ڪهڙو فيصلو صادر ڪري ٿو؟ هو صاحب لکي ٿو ته: ”تهذيب جي آمد کان پوءِ، ذاتي ملڪيت وارو تصور ۽ عمل ايتري قدر ته پنهنجون حدون اورانگهي ويو آهي، سندس نمونا ۽ روپ ايتري قدر ته مختلف ٿي چڪا آهن،سندن استعمال ايتري قدر ته وڌي ويو آهي، جو مٿس ضابطي رکڻ ۽ سنڀالڻ جو طريقو پنهنجن مالڪن جي مفادن جي تحفظ ڪرڻ لاءِ ايتري قدر ته سياڻو ٿي پيو آهي جو اهو عام ماڻهن يعني اٻوجهه عوام جي لحاظ کان هڪ اجهل طاقت بنجي چڪو آهي ۽ اهو به ايتري قدر ته طاقتور جو انساني ذهن خود پنهنجي پيدا ڪيل اختراع جي سامهون بلڪل بيوس بنجي ويو آهي.
اهڙيءَ حالت جي موجودگيءَ ۾ به هڪ اهڙو ڏينهن ضرور اچڻو آهي جڏهن انساني ذهن ملڪيت جي تصور تي قابض ٿي سندس مالڪ بنجي ويندو ۽ اها رياست جيڪا ذاتي ملڪيت جي اداري کي تحفظ مهيا ڪري ٿي، ان جي تعلقاتن جي حدن کي مقرر ڪري سگهندو ۽ ان جي يعني ذاتي ملڪيت جي مالڪن جي ٻنهي حقن، توڙي فرضن جي حدبندي ڪري سگهندو. انصاف جي ڳالهه فقط اها آهي ته هڪ معاشري جا مفاد هميشه فرد جي فقط ذاتي مفادن کان وڌيڪ مقدم، وڌيڪ اعليٰ ۽ وڌيڪ بالادست هوندا آهن، ان ڪري معاشري ۽ فرد کي هڪ منصفانه ۽ دوستانه يعني محبت ڀرئي درجي تي آڻي بيهارڻ هڪ نهايت ضروري امر آهي. جيڪڏهن ڪرڻ جي عمل کي مستقبل لاءِ هڪ قانون طور ڪري وٺڻو آهي، جيئن قديم دورن کان وٺي هلندو آيو آهي ته انهيءَ صورت ۾ محض ملڪيت جي حصول لاءِ زندگي گهاري ڇڏڻ بني نوع انسان جي ڪا مقرر ٿيل تقدير هرگز نه آهي.
جيڪڏهن تهذيب جي شروعاتي دور کان وٺي سمورو گذري ويل زمانو يعني خود انسان جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي فقط هڪ لمحي کان وڌيڪ حيثيت نه ٿو رکي ته انهيءَ صورت ۾ سندس مستقبل پڻ ساڳي ريت سندس نظرن ۾ هڪ لمحي کان وڌيڪ حيثيت جو نه هجڻ گهرجي. انهيءَ امر جي موجودگيءَ جي ڪري انساني زندگي هڪ اهڙي آخري منزل مقصود بنجي پوي ٿي جنهن جي مراد ۽ مقصد محض ذاتي ملڪيت هجي ته اهڙو معاشرو پاڻ کي ضرور ختم ڪري ڇڏيندو. ڇاڪاڻ ته اهڙي ناقص قسم جي زندگيءَ جي وجود ۾ خود سندس ئي وجود جي فنا ٿي وڃڻ جا عنصر موجود هوندا آهن.
حڪومت ۾ جمهوريت، معاشري ۾ اخوت حقوق ۽ مراعات ۾ مساوات، عام تعليم جي حاصل ڪرڻ جا نعرا هڪ اهڙي اعليٰ معاشري جي پيش قدمي جي بشارت ڏين ٿا، جنهن ڏانهن انساني تجربو، ذهن ۽ علم درجي بدرجي قدم وڌائي رهيا آهن.
اهو امر قديم نيات واري آزاد، مساوات ۽ برابريءَ واري نموني جو هڪ اعليٰ ترين نمونو ۽ احيائ ثابت ٿيندو. مارگن An Ancient Society P-552.
____________________________
اينگلس مارچ کان جون 1884ع ۾ لکي پورو ڪيو، جنهن کي اصل مسودي جي صورت ۾ جدا اشاعت طور 1884ع ۾ زيورچ جرمني مان شايع ڪيو ويو.