باب ستون: شاهه لطيف جي رسالي ۾ وائيءَ جو اوج
’وائي‘ دادو ديال، بلهي شاهه ۽ ميران ٻائيءَ کان ٿيندي جڏهن سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿي ته ان صنف جو سنڌ ۾ پهريون شاعر ميون شاهه عنات رضوي، نصرپوري هو، پر ’وائيءَ‘ جي صنف کي شاعريءَ جي صنف ۾ اوج تي رسائڻ وارو شاهه لطيف ڀٽائي آهي.
شاهه لطيف جي رسالي جي ڪجهه مرتبن جي رسالن ۾ لڳ ڀڳ ٽي سؤ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي مستند رسالي ۾ ٻه سؤ نَو وايون درج ڪيل ملن ٿيون ۽ اهي سُر يا شاعري، جنهن کي بلوچ صاحب رسالي جو ڪلام ٿو سڏي، ان ۾ ٽيهه وايون آيل آهن. شاهه عنات رضويءَ جي رسالي ۾ ڪُل پنجيتاليهه وايون آهن. ٻنهي شاعرن جي وائي لکڻ يا چوڻ جو اهو طريقو آهي جو هنن هر سُر جي هر داستان جي آخر ۾ وايون رکيون آهن.
هتي اسان جو موضوع آهي شاهه لطيف جو وائيءَ کي اوج ڏيارڻ. ڳاڻاٽي جي لحاظ سان سنڌي اساسي شاعرن سڀ کان وڌيڪ موضوعن تي وايون شاهه لطيف ئي لکيون آهن. شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ جا جيڪي موضوع جوڙيا، تن ۾ تصوف، انساني بي وسي، سنڌ جي ثقافت، سنڌي ٻوليءَ، سنڌ ۾ رائج عشقيه داستان، جيڪي هن اُن وقت جي ڀٽن، ڀانن ۽ مڱڻهارن جي واتان ورجائبا ٻڌا، انهن کي هڪ نئين رنگ ۽ ڍنگ ۾ پيش ڪيائين. شاهه لطيف سنڌ جي عوام جي اهنجن، ايذائن کي، ڏکن ۽ سکن کي پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي هڪ علائقي کان ٻئي علائقي جي عوام کي روشناس ڪرايو. شاهه لطيف ان دؤر جي پٺتي پيل، ڌڪاريل، گهٽ درجي جي شهرين جي دانهن بڻجي، وقت جي حاڪم طبقن کي پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي سندن اهنجن ۽ ايذائن جي ازالي لاءِ وس آهر ڪوشش ڪئي. ڏسو شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ ساٽين ۽ مڇي ماري زندگيءَ جو گذران ڪندڙ ان دؤر جي ڏتڙيل انسان جي زندگيءَ گذارڻ جي ڍنگ ۽ ساڻن سنڌ جي عام ماڻهوءَ جي رويي کي ڪيئن ٿو چٽي.
کاريون، ڄاريون، ڇڄ ڇپريون، جن جي محبت مڇيءَ ساڻ،
رهن وهن سر ٻانڌيين، سڀئي بدبوءِ هاڻ،
لڌڙن جئن لطيف چئي، پاڻيءَ وجهن پاڻ،
تن ملاحن جو ماڻ، سمي سِر ڪئو پانهنجي.(2)
يا وري ساڳئي عوام جي رهڻي ڪهڻي، ويس ورن ۽ سندن وصف هيئن به بيان ٿو ڪري:
ڪاريون ڪوجهيون ڪُوڙيون، منهن نه موچاريو،
وٺي ويٺيون واٽ تي، ککيءَ جون کاريون،
انين جون آريون، سمي ريءَ ڪير سهي.
تنهن هوندي به ڄام تماچي، نوريءَ تي مورڇا هڻندي ٿو ڏيکاري، جنهن جي حرم ۾ اڳ ڪيتريون ئي ڏاڏي پوٽيون، سهڻيون، سيبتيون، هار سينگار ڪري، تماچيءَ جي مَن کي موهڻ جا جتن ٿيون ڪن، تنهن هوندي به تماچي، هن نوريءَ جي نوڙت، سندس نهٺائي، پاڻ کي گهٽ ڀائيندڙ، نه گيرب نه گاءُ جي هوڏ ڪندڙ کي پنهنجي ويجهو ٿو رکي، جڏهن ته نوري کيس بار بار اها ڳالهه هيئن ٿي ياد ڏياريندي رهي، ڏسو هن ’وائيءَ‘ ۾ نوريءَ پنهنجي گهٽ هئڻ جو اقرار هن ريت ٿي ڪري:
ٿلهه: تو در آيس سام، سما ڄام! سام تنهنجي.
بند: 1. نه سمي نه سومري، آهيان گندري غلام.
2. آهي منهنجي منهن ۾، مڇيءَ بوءِ مدام.
3. سمي بنان سرتيون، ڪينجهر ڀانيان قيام.
4. الله، عبداللطيف چئي، مون تان لاهه ملام.(3)
هن وائيءَ ۾ نوري پنهنجي اصليت جو اقرار ڪندي نظر ٿي اچي. پاڻ ئي ان ڳالهه ڏانهن اشارو پئي ڏئي ته منهنجي بدن مان مڇيءَ جي ڇَٽَ پئي اچي. مان نه سمي آهيان نه سومري آهيان، مان ته گندري غلام آهيان، تنهن جي محل ماڙين جو مَرڪ ئي نه آهيان ۽ الله تعاليٰ کي وينتي ٿي ڪري ته اها گندريءَ، مڇيءَ مارڻ، پاڻيءَ ۾ تڙڳندڙ، لڌڙن جيان پاڻيءَ ۾ پاڻ اڇلائيندڙ، ککيءَ جون کاريون کڻي، واٽن تي ويهندڙ واري ملامت لاهه، ان ڪري ته ڄام تماچي مهڻي هاب نه ٿئي.
شاهه لطيف جي وائيءَ جا موضوع دراصل سندس سُرن ۾ ڪتب آندل موضوعن جي مناسبت سان آهن، جڏهن ته ”شاهه جون وايون درد، سوز ۽ سلاست جي لحاظ کان بي مثل آهن.“(4)
شاهه جي وائي ڪيتري سليس آهي، ان جو مثال ته ان مان ثابت آهي ته شاهه لطيف جي شاعري هر عام ۽ خاص، گهڻ پڙهيو، ٿورو پڙهيل يا بنهه نه پڙهيل، جڏهن شاهه لطيف جي شاعري، بيت يا ’وائي‘ ٻڌي يا پڙهي ٿو، ڪيترائي شاهه لطيف کي ڳائڻ وارا ٺپ پڙهيل ئي ناهن، پر هن جي ڪن رس جي معرفت شاهه لطيف کي جيئن جو تئين سمجهن ٿا، حض حاصل ڪن ٿا، پوءِ ڀل کڻي کين ان ’وائيءَ‘ جو راڳ جنهن ۾ اها ڳائي وڃي ٿي، اِهو ٻڌندڙ کي سمجهه ۾ نه ايندو هجي. سندس ’وائي‘ رڳو لس پڙهي وڃڻ سان، پڙهندڙن کي نه صرف ڪاٿئين ڪا رنڊڪ ٿي محسوس ٿئي ۽ ان ۾ ڪتب آيل هر لفظ کي پوريءَ ريت سمجهي سگهي ٿو. اهڙي وائيءَ جو هي مثال ڏسو:
ٿلهه: وسارج مَ ويڻ، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا.
بند: 1. لوٺيون سهن لوڪ جا، وهاڻيءَ ٿيون ويڻ.
2. اصل اَسارين جا، ستي ويڙا سيڻ.
3. جيڏيون! جي مان وسهو، ننڊ نه هيريو نيڻ.
4. راتڙيون جاڳن جي، سي آئون ڪندڙي سيڻ.
5. آڌيءَ رات اٿي ڪري، جهل تون ننڊان نيڻ.(5)
هن وائيءَ ۾ ڪتب آيل هر لفظ کي جاچي ڏسو، سنڌي ٻولي ڄاڻندڙن لاءِ هڪڙو به لفظ ڏکيو ناهي سواءِ ’اَسارين‘ جيڪو عام طور استعمال نه ٿيندو آهي، پر اهو لفظ جنهن لفظ مان شاهه لطيف جوڙيو آهي، اهو آهي ’سارڻ‘ فعل مصدر ’سارَ‘ ۽ ’اسارين‘ جيڪي ساري نه ٿا سگهن يا ان جو متبادل لفظ آهي ’ويسارو‘ جيڪو ڪا ڳالهه ياد نه ٿو رکي سگهي. هن وائيءَ جو موضوع ته آهي پنهنجي پرينءَ جي ياد ۾ رهڻ. اُٿئي ويٺي سندس نانءَ کي ذهن ۾ رکڻ ۽ شاهه لطيف ته ان حد تائين ڏَس ۽ گس ٿو ٻڌائي ۽ چوي ٿو ته ’جيڏيون جي مان وسهو، ننڊ نه هيريو نيڻ‘ يعني پنهنجي پرينءَ جي ياد ۾ ايئن مَحو ٿي وڃو جو پنهنجي ننڊ به وساري ويهو. انهيءَ ڪري شاهه لطيف مارئيءَ کي صلاح ڏيندي چيو:
مَ ڪين روءُ، مَ رڙ ڪين، مَ ڪين ڪر دانهون،
ستي لوڪ لطيف چئي، ٻيئي کڻ ٻانهون،
لڌئي جت لائون، سو ماڳ پسندينءَ مارئي.(6)
شاهه لطيف، مارئيءَ کي اها صلاح ٿي ڏني ته ستي لوڪ ٻئي ٻانهون کڻج، ٻاڏاءِ ته تنهنجون اگهامن ۽ جنهن ڏيهه جي توکي تانگهه آهي، جنهن ماڳ پسڻ جي توکي خواهش آهي، اهو تڏهن ئي توکي پسڻ جي آس پوري ٿيندي.
هن ’وائيءَ‘ ۾ شاهه لطيف صوفين، سنتن ۽ سامين سان سفر تيرٿ ۽ تڪيا ڀيٽڻ کان پوءِ هن راءِ تي اچي بيٺو:
ٿلهه: مون ۾ تون موجود، آئون اڳاهين آهيان!
آئون اَسونهين آهيان!
بند: 1. اکيون اکڙين کي، سڪيو ڪن سجودُ.
2. تيلان رسيون بودَ کي، جيلان ٿيون نابود.
3. ماڻهن جي موٽڻ جو، صاحب هٿ سجود.
4. ان دَرِ سيئي اگهيا، جن وڃايو وجود.(7)
هن ’وائيءَ‘ مان صاف ظاهر آهي ته شاهه لطيف کي جنهن جي ڳولا آهي، تلاش آهي، اهو ته ’مون‘ ۾ ئي موجود آهي. الله تعاليٰ قرآن شريف ۾ فرمائي ٿو ته، ”مان نه ٿو ماپان زمينن ۽ آسمانن ۾، پر ماپان ٿو هڪ مومن جي دل ۾.“ هن ’وائيءَ‘ ۾ ان فرمان جي تصديق ٿئي ٿي. ’مون ۾ تون موجود.‘ شاهه لطيف کي به جڏهن اهڙي پَڪ ٿي وڃي ٿي ته هُو سسئيءَ کي به اهڙي صلاح ٿو ڏئي ته:
هوت تنهن جي هنج ۾، پڇين ڪوهه پرياڻ،
وَ نحن اقرب اليہ من حبل الوريد، تنهنجو توهي ساڻ،
پنهنجو آهين پاڻ، آڏو عجيبن کي.(8)
هن بيت ۾ سسئيءَ کي پري وڃي، تڪليف سهي ڳولهڻ بدران، قرآن شريف جي آيت جو حوالو ڏيندي، ”۽ اسين ان کي ساهه جي رڳ کان به ويجها آهيون.“ هوشيار ۽ خبردار پيو ڪري ته هُو توکي ساهه جي رڳ کان به ويجهو آهي ۽ تون جهر، جنهگ، جبل پئي لتاڙين ۽ پنهونءَ جو يا انهن اٺن جو پيرو پئي ڳولهين جتي ته نک جو نشان به نه آهي. انسان ڪيڏا ڪشالا ٿو ڪري، پنهنجي مقصد، منزل، پرينءَ کي پسڻ جي، پر هو ته ان جو منجهه آهي. صوفين جو چوڻ آهي ته ’خالق منجهه خلق‘، تنهن ڪري ئي هو، سفر در خلق ڪري پوءِ سفر در خالق ڪندا آهن ۽ وري موٽي به کين سفر در خلق ئي ڪرڻو آهي، ڇاڪاڻ جو آدم کي پيدا ئي پاڻ سڃاڻڻ لاءِ ڪيو هئائين. هن مٿين ساري صوفين کي سمجهاڻي ڏيڻ کان پوءِ ان ڳالهه تي اچي بيٺو ٿو ڏسجي ته، ”ڪهڙي منجهه حساب ؟ هئڻ منهنجو هوت ري.“
هيءَ وائي 13 بندن جي آهي، تنهن ڪري هتي ڏيڻ مناسب نه پيو ڀانيان، باقي اوهين سُر سهڻي، داستان 1، مرتب ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي شاهه جي رسالي ۾ ڏسي سگهو ٿا.
هن وائيءَ ۾ ڏسو شاهه لطيف سسئيءَ کي ساٿ سان سلهاڙيل هجڻ طرف ڪيئن ٿو اشارو ڪري، اڪيلو ماڻهو ڪنهن پَر به نه ٿو سونهين، ڪوبه ڪم تڪميل تي رسائي نه ٿو سگهي.
ٿلهه: توڻي نين نه نين؛ الو ميان! آءٌ انين جي آهيان.
بند: 1. زورو هن ضعيف سين، ڪامل ڪوهه ڪرين؟
2. جت پنهنجي جوءِ ۾، جانب مانَ جٽين!
3. پِڪ پد منئان اڳري، سرڪي مان سڃين!
4. ٻانهي ٻاروچي پانهنجي، سڳر مانَ سڏين.
5. پيرين آئون نه پڄڻي، ڪرهل هوءِ نه جهلين.
6. اديون عبداللطيف چئي، نينهن نباهيو نين.(9)
هن ’وائيءَ‘ ۾ شاهه لطيف، سسئيءَ جي واتان اها ڳالهه ٿو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ته، منهنجي ساٿ جا سالار ڀل ته مون کي پنهنجو نه سمجهن، پر مان ته آهيان ئي انهن جي، هُو مون کي ڪيئن ۽ ڇوٿا ڇڏيو وڃن، ڇا مان ضعيف آهيان، تنهن ڪري اهڙي ڪار ڪئي اٿن، هنن کي مون تي ڪا ڪهل ئي نه ٿي اچي، پيرين مان پهچي نه ٿي سگهان نه ئي وري ڪو ڪرها ٿا بيهارين، مون تي ڪو ترس ئي ڪونه ٿا کائين.
مومل راڻي ۾ مرد جي شڪي مزاج جي شاهه لطيف ڪهڙي نه خوبصورت عڪاسي ڪئي آهي. مرد جو پنهنجي وَنيءَ جي مزاج ۽ طبعيت، سڪ ۽ سوز مان ڀليءَ ڀت واقف ناهي ته پوءِ هن کي وَنيءَ جي هر ورن، هر قدم ۽ ڪم ۾ ڪونه ڪو شڪ اڀرندو ۽ جيڪڏهن هو سَلي نه سگهندو ته مَن ئي مَن ۾ هن جي لاءِ هڪ ڌڪار، نفرت کي جاءِ جوڙڻ لاءِ ڏئي ڇڏيندو ۽ جڏهن اها جاءِ جُڙي راس ٿي ويندي ته ان جو برملا اظهار هن کان ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ٿي ويندو، پوءِ اهو اظهار شعوري يا لاشعوري ڇو نه هجي. اهڙي ئي ڪيفيت جو اظهار هن ’وائيءَ‘ ۾ شاهه لطيف، مومل جي واتان هيئن ٿو ڪرائي:
ٿلهه: ڪيئن ڪريان ڪاڏي وڃان؟
مون کي سوڍو سنجهه نه ڏئي.
بند: 1. راڻو رات رُسي ويو، ڪَرَ ٿي ڪُلَّ مٿي.
2. اچئو آتڻ واريون، تعنا ڏينم تي.
3. پٿر وار وڇائيان، ريجهي راڻي کي.
4. کارايان کيروليون، چاريان چانگي کي.
5. اديون عبداللطيف چئي، ايندم هوت هتي.(10)
مرد جو رُسامو ۽ عورت پاران ميڙيون منٿون، طعنن سهڻ، رستي ۾ وار وڇائڻ، سندس آجيان ڪرڻ، پاڻ کي قصور وار قرار ڏيڻ، ان ڏنڊ ۾ چانگي کي چندن ۽ کيس کيروليون کارائڻ جي آڇ ڪرڻ سان به جيڪڏهن نه ريجهي ته ويچاري عورت وٽ باقي ڇا ٿو بچي. سواءِ شيخ اياز چواڻي ته:
جي نه ريجهي رٺو، پاند ڳچيءَ پاءِ،
نينگري تو ڪيا گهڻيئي ناٽ.
راڻي جي رُسامي ۽ پنهنجي غلطيءَ جي احساس شدت مومل جي اندر ۾ فراق ڦٽ ڪري وڌا آهن. کيس منٿ ڪندي، توبهه تائب ٿيندي، هيئن ٿي نيزاري ڪري:
ڪيم توبهه تن کان، جڳت جن گواهه،
روز نهاريان نڪڻي، راڻا تنهن جو راهه،
پرچي لڳ الله، موٽ ميان تون مينڌرا.(11)
سنڌ جو هڪڙو حصو ٿر به آهي. چوندا آهن ته، ’وسي ته ٿر، نه ته برُ جو برُ‘. هن علائقي ۾ موجوده جديد دؤر ۾ به پاڻيءَ جي اڻاٺ آهي. هتي ماڻهو ۽ مال، جهنگ جا جانور، پکي پکڻ، اَبر جي آسري، وسڪاري لاءِ تاڙا به تنواريندا آهن، هتي بارش پوندي ته طرحين طرحين جا گل ٻوٽا پاڻ مرادو ڦٽي پوندا آهن. ڌرتي سائو ويس، رنگن جي ڦلڙين سان پهري، ڪنهن وَنيءَ جيان سورنهن سينگار ڪري بيهندي آهي ته مور ٽهوڪا ڪندا آهن ۽ ڊيل بود ۾ ڀرجي بيخود ٿي ويندي آهي. انهيءَ پڊ، انهيءَ ٿر جي گاهن جو ذڪر شاهه لطيف هن وائيءَ ۾ ڏسو ڪيئن ٿو ڪري. جيتوڻيڪ مارئي پنهنجي آس، عمر کي سليندي ٻڌائي ٿي.
ٿلهه: ويڙهيچن ڏي ويندي عمر! آئون ماروئڙن ڏي ويندي،
ڏيهه ڏاڏاڻين پکڙين.
بند: 1. سڱر ساهيڙين سين، ساڙيهه منجهه سٽندي.
2. اٺا مينهن ملير ۾، ڌاڳا، ڌٻر، ڌؤندي.
3. عمر انهيءَ ڏيهه جا، ڪوڏر قوت ڪريندي.
4. گولون گولاڙن جون، جهپي ساڻ جهٽيندي.
5. ڪوڪڙ ڪنڊيرن ۾، ڦوڪيون ڦڪ ڀريندي.
6. عيدن برادن تي، کِهه مانڌاڻو کيندي.
7. پُسي کائي پيٽ ۾، ڏؤنرا ڏن آن ڏيندي.(12)
هن وائيءَ ۾ شاهه لطيف ٿر ۾ پيدا ٿيندڙ ٻوٽن جو ذڪر ڪيو آهي. ڪوڏر (جهنگلي ان) گولون (گول داڻا) ڪوڪڙ (سڪل پيرون) مانڌاڻو، پُسي، ڏؤنرا، اهي ٻوٽا برسات پوڻ سان ڌرتيءَ مان پاڻ مرادو ڦٽي پوندا آهن، انهن تي ماڻهو، مال، جهنگلي جيوت، سڀ پلبا آهن. سنڌ جا ٻه علائقا اهڙا آهن، هڪڙو ٿر ٻيو ڪاڇو، انهن ٻنهي علائقن ۾ نهري پاڻي ناهي ۽ اڄ تائين اتي جي عوام جي اها آس پوري نه ٿي سگهي آهي ته انهن لاءِ ڪنهن به طرح پاڻي پهچائڻ جو ڪو جتن ڪجي.
ايئن شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي چپي چپي، ڪنڊڪڙڇ جي عڪاسي ڪئي آهي، جا هن صرف پنهنجي بيتاڻي شاعريءَ ۾ ڪئي آهي، تئين هن اهڙا منظر، ماڳ، ڪردار پنهنجي وائيءَ ۾ به امر بڻايا آهن. سندس وائي اهڙي اوج تي آهي، جنهن کي اڃا ڪو اورانگهي نه سگهيو آهي. جيتوڻيڪ شاهه لطيف کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين وائي جديد شاعرن جي مقبول صنف پئي رهندي آئي آهي.
هن باب کي اڃا اينگهائي سگهجي پيو، پر ڳالهه ور ور ڪري ساڳي ئي بيهي ها، تنهن ڪري اتي اڪتفا ڪئي سون.
[b]حوالا[/b]
1. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، جامع سنڌي لغات، جلد 3، ص: 1447.
2. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’شاهه جو رسالو مستند‘، سُر ڪاموڏ، بيت 10 ۽ 12، داستان 2، ثقافت کاتو، 2009ع، ص: 280.
3. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’شاهه جو رسالو مستند‘، سُر ڪاموڏ، بيت 10 ۽ 12، داستان 4، ثقافت کاتو، 2009ع، ص: 285.
4. آڏواڻي، ڪلياڻ، ’شاهه جون وايون مڪمل‘، بمبئي، 1988ع، ص: 14.
5. ساڳيو، سُر يمن ڪلياڻ، وائي 2، داستان 5، ص: 26.
6. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’شاهه جو رسالو‘، سُر مارئي، بيت 19، داستان 7، ص: 366.
7. آڏواڻي، ڪلياڻ، ’شاهه جون وايون مڪمل‘، بمبئي، 1988ع، ص: 38.
8. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’شاهه جو رسالو‘، سُر آبري، بيت 6، داستان 3، ص: 177.
9. آڏواڻي، ڪلياڻ، ’شاهه جون وايون مڪمل‘ سُر ڪوهياري، وائي 1، داستان 5، بمبئي، 1988ع، ص: 116.
10. آڏواڻي، ڪلياڻ، ’شاهه جون وايون مڪمل‘، سُر مومل راڻو، وائي 1، داستان 7، بمبئي، 1988ع، ص: 147.
11. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’شاهه جو رسالو‘، سُر راڻو، بيت 10، داستان 4، ص: 259.
12. آڏواڻي، ڪلياڻ، ’شاهه جون وايون مڪمل‘ سُر مارئي، وائي 1، داستان 9، بمبئي، 1988ع، ص: 158.